سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو : 13

 

لاڙڪاڻي تعلقي جون مقتدر شخصيتون

وڏيرو شير خان ڪهر مرحوم

نئين ديري کان لاڙڪاڻي ڏانهن روانو ٿبو ته رستي ۾ ڪهرن جو شهر ايندو- پراڻي گهاڙ واهه جي قريب، وڻراهه جي وچ ۾، وسيل ۽ متل. شهر جو وڏيرو ان زماني ۾ مرحوم شير خان ڪهر هوندو هو. بزرگانه صورت ۽ سيرت، سفيد سُنهاري چاپئين، جسم ۾ ڀريل. سواري ڇڪڙي جي پسند ڪندو هو، جنهن ۾ چڙهي ماهوٽن تائين ايندو هو، ۽ اتان ريل ۾ سوار ٿي لاڙڪاڻي ويندو هو. ان خاندان جو علم ۽ پيري - فقيريءَ سان گهڻو واسطو رهندو آيو.
خليفو محمد پناهه مرحوم پير صاحب پاڳارن جو هڪ نالي وارو خليفو ٿي گذريو هو، جنهن جي علم دوستيءَ جون پڻ گهڻيون روايتون پيون ٻڌبيون هيون. مرحوم شير خان، نئين زماني جون ضرورتون محسوس ڪندي، پنهنجي پٽ غلام رسول خان کي اعليٰ انگريزي تعليم ڏياري، سرڪاري ملازمت ۾ داخل ڪرايو. غلام رسول خان مختيارڪاريءَ مان ترقي ڪري ڪليڪٽر بڻيو. اتان رٽائرڊ ڪري سياست ۾ آيو، جتي مون ساڻ گڏ وزير ٿي رهيو. اهڙا بااخلاق، باوفا ۽ بااصول پٽ مرحوم شير خان جهڙن ديندار ۽ نيڪوڪار پيئن کي ئي قدرت طرفان عطا ٿي سگهيا ٿي.

وڏيرو صاحب خان جوڻيجو

ڌامراهن جو زميندار هوندو هو، ڄاڻندو فقط سنڌي هو، پر تدبر ۽ زماني شناسيءَ ۾ پنهنجن همعصرن جي حلقي اندر ممتاز هوندو هو، رنگ جو سانورو، ڀريل جسم، قداور، مٿي تي سفيد پڳ، جسم تي پيراهن، هيٺتي لنڊي شلوار پهريندو هو. جڏهن گفتگو شروع ڪندو، ته دل کي موهيندو ويندو. ابڙي قوم جو ممتاز اڳواڻ ليکيو ويندو هو. پنهنجي پاڙي اندر وڏو ڌاڪو هوندو هوس. مجال آهي ڪنهن ڪاٽڪوءَ ڪڙي کي، جو سندس ڪچهريءَ ۾ رَسڻ بعد ڪوڙ ڪري! اوطاق تي صبح کان شام تائين ماڻهن جا ميلا لڳا پيا هوندس. جيڏانهن ويندو، ڪمن ڪارين وارا پٺيان لڳا وتندس. وقت سارو، وڏي همت جو صاحب هو. سياسيءَ طرح خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي پارٽيءَ سان وابسته ٿيو. موت جي گهڙيءَ تائين ان تعلق ۾ ڦيرو اچڻ نه ڏنائين. جا صلاح ۽ راءِ ڏيندو هو، ان جو بنياد دُورانديشيءَ ۽ پختگيءَ تي هوندو. مقامي ننڍن عملدارن سان خاصي رس رسائي هوندي هيس، جنهنڪري وڏن آفيسرن جي محتاجيءَ کان بچيو پيو هوندو هو. سَوڙ کان ٻاهر پير ڪڏهن ڪونه ڊگهيڙيائين، جنهنڪري مالي پريشانين کان مستقلا= محفوظ رهندو آيو. تعلقي لوڪلبورڊ جي ميمبريءَ کان مٿي ڪنهن به جاءِ جي تمنا ڪانه رکيائين، جنهنڪري شخصي طرح ڪنهن به سياسي چڪر ۾ مبتلا ڪونه ٿيو. پنجهٺ يا ستر ورهين جي عمر ۾ سندس انتقال ٿيو. کانئس پوءِ، ان علائقي اندر، وري ٻيو ڪو اهڙو شخص پيدا ڪونه ٿيو، جو سندس خالي ڪيل جاءِ ڀري سگهي. عام ماڻهو ائين ئي چوندا رهجي ويا، ”صاحب خان، صاحب خان ٿي گذريو“!

مرحوم حاجي امام بخش خان ماهوٽو

وري اهڙا يار منٺار ڪٿان ملندا؟ هي اکيون ڀل ورهيه واجهائينديون وتن!

پڙهيل فقط سنڌي، ساريءَ عمر ۾ ”جان عالم“ جي قصي کان مٿي ڪنهن ڪتاب کي ويجهو اچڻ ڪونه ڏنائين. اخبار به واٽ ويندي، ڪا مفت جي اک چڙهي وينديس ته گهڙي - سوا ڏسي وٺندس، ورنه ٿيو ڀلو. مگر زندگيءَ جي اصلي عملي ۽ ٺوس معاملن اندر بيمثل اهل الراءِ هوندو هو. پارٽيبازيءَ ۾ هرگز حصو نه وٺندو، ڪنهن سان به پنهنجي وابستگي ايتريقدر نه وڌائيندو جو ان تي نازل ٿيندڙ مصيبتن جو ڪو حصو کيس به برداشت ڪرڻو پوي- هر واٽ جو وچ وٺيو پيو هلندو، ڪنهن به معاملي جي جيستائين سڄي ۽ صحيح تصوير کُلي پڌري پٽ نه پوندي، تيستائين حاجي صاحب جي پنهنجي راءِ محفوظ ۽ پاليسي غير معين رهندي ايندي. آخري وقت تي قدم ضرور کڻندو، مگر حدن اندر، سهڻو ۽ سيبائيندڙ. جنهن جي مخالف ويندو، ان کي به ڏانهنس گهڻي ڏک ڪرڻ جو سبب ڪونه ٿيندو. انهن ڏينهن اندر لاڙڪاڻي جا وڏا زميندار، سياسي معاملن جي سلسلي ۾ سانَنِ وانگر سِڱين لڳا پيا هوندا هئا: هڪ طرف هوندو هو سرشاهنواز خان، جنهن سان وابسته هوندا هئا - خانبهادر (بعد ۾ نواب) حاجي امير علي خان لاهوري، خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ، خانبهادر محمد پريل خان ڪلهوڙو، ۽ ٻيا ڪيترا ضلعي جا وڏا ننڍا وڏيرا، ٻئي طرف کان هوندو هو خانبهادر محمد ايوب خان کهڙو، جنهن سان ملحق هئا: خانبهادر علي حسن خان هَڪڙو، ڏوڪري تعلقي جا انڙ، ميرو خان جا چانڊيا، ڌامراهن جا جوڻيجا، لاڙڪاڻي تعلقي جا بقاپوري سيد ۽ ڦل زميندار. غرض، سڀ ڏاڍا مڙس، سڀ خانيءَ خان. منجهن رات ڏينهن جون رقاقّتون، وک وک ۾ ”وڙهسان، وڙهسان“...تعلقي لوڪلبورڊ کان بمبئي ڪائونسل ۽ وائسراءِ واريءَ اسيمبليءَ جي ميمبرين تائين، جا جاءِ خالي ٿيندي ته اُن تي مانڌاڻ مچي ويندو. سڄو ضلعو زلزلي ۾ هوندو. ٻنهي طرفن کان ڇِڪ، دڙڪا داٻ، لالچون لوڀ، ست ستاءُ، ميڙيون منٿون، مرشد سڳورن جا دعا ناما، عملدارن جا عتاب آميز اشارا - هڪ ڪٽڪ لهندو ته ٻيو پيو چڙهندو. ماڻهوءَ لاءِ مشڪل ٿي پوندو ته ڪنهن به طرف قدم کڻي سگهي! پر حاجي امام بخش مرحوم انهيءَ ساريءَ ڇڪتاڻ هلندي، ائين پيو نظر ايندو ڄڻ کير جي وَٽي تي گلاب جو گل پيو تَري. هرڪو ڏانهنس راضي، هر ڌر جي دل جو پيمانو اميدن سان لبريز، آخر گهڙيءَ تي وڃي ڪندو فيصلو، جنهن ڌر جي ڪامياب ٿيڻ جو 75 سيڪڙو امڪان نظر ايندس، ان کي 75 سيڪڙو ووٽ ڏيندو ۽ جنهن ڌر جي قسمت جو ٿرماميٽر، 25 سيڪڙي جي ڪڙيءَ تي بيهجي ويل هوندو، ته ان کي سندس امداد به 25 پرسينٽ ئي ميسر ٿيندي. چوندو هو ته ”سياسي ماڻهو فقط وقتي واقف ٿين ٿا، انهن کي انهن جي پنهنجي ليول تي ئي پيو هلائبو آهي. ڪا اصولن جي لڙائي هجي يا ڪا ذاتي ياري هجي، ته ماڻهو ويهي ڪري ڪو ٻيو ويچار- هت لڳي پئي آهي ڇڙي ٽه  - پتائي.“

مون سان مرحوم جي پريت هئي - قطعا= ذاتي، ۽ قطعا= غير سياسي! پر هميشه اهو ڪَنَ سِيءُ هوندو هوم ته وقت آئي، شايد حاجي صاحب مون کي به ساڳئي ئي اصول جو شڪار نه بڻائي.آخر امتحان جو وقت اچي ويو.

لاڙڪاڻي ضلعي جي اسڪولبورڊ ميمبريءَ لاءِ اتفاقا= آءٌ اميدوار ٿيس. حاجي صاحب ضلعي لوڪلبورڊ جو سرڪاري ٿاڦيل ميمبر هو. منهنجي ڪاميابيءَ جو مدار هو سندس ووٽ تي. منهنجي مخالفت ضلعي جي هندو ڪليڪٽر طرفان شدت سان ٿي رهي هئي. ان ڪليڪٽر سان ڪجهه وقت اڳ مان جهيڙو ڪري چڪو هوس. اهو زهر سندس دل مان خارج ٿيڻ جهڙو نه هو، جنهنڪري منهنجي اميدواري هينئر سندس لاءِ هڪ چئلنيج بڻجي پيئي.

ضلعي جي ٻنهي ڊويزنن جا ڊپٽي ڪليڪٽر مسلمان هئا، قطعا= چمچي قسم جا- حڪم صادر ٿين ته ”امام بخش کي ياد ڏيارين ته هو سرڪاري ٿاڦيل ميمبر آهي ۽ سرڪار جو حڪم اهو آهي ته علي محمد کي هرگز ووٽ نه ڏنو وڃي“. حڪم رسڻ شرط امام بخش مرحوم جي ڪڍ ڪوٽوار ڪاهي پيا- آڻي ڪيائونس حاضر حضور ۾. چونڊ سخت زورائتي هئي، ضلعي جون اکيون هيون کتل امام بخش تي. هر ڪنهن ڀانيو ائين پئي ته امام بخش ضلعي جي آفيسرن کي انڪار ڪري ڪونه سگهندو، تنهنڪري منهنجي اميدواري جو معاملو اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندو. آفيسرن کي پاڻ به اهڙي ئي خاطري هئي. ڪهڙي مجال هئي هڪ ننڍڙي زميندار ۽ ٿاڦيل سرڪاري ميمبر کي، جو خود سرڪار جي حڪم جي انحرافي ڪري سگهي؟ پر امام بخش مرحوم بنهه تريءَ تيل ئي لائڻ ڪونه ڏنن! ٺڙٺپ جواب. چيائين ته ”صاحب! جناب ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ صاحب بهادر جو حڪم اکين تي، پر ووٽ ڏيندس علي محمد کي، ۽ نه وري اها ڳالهه مخفي ئي رکندس، ڇو ته انڪري ٻين ووٽرن تي خراب اثر پوڻ جو امڪان آهي.“

اتانهون نڪري سڌو مون وٽ آيو ۽ اچي مون سان گڏ رهڻ لڳو. جيترا ڏينهن اليڪشن هلي، مون کان ڌار نه ٿيو. سندس مثال ڏسي ٻين وڏيرن کي به همت ٿي. مون کي ڪافي کان زياده ووٽ مليا ۽ آءٌ ڪامياب ٿيس.

ماڻهن پڇيس ته ”اها همت ڪٿان آندءِ؟“

چيائين، ”همت جو هٿيار هر وقت پاڻ وٽ موجود رهي ٿو، پر ڪتب آڻبو آهي وقت سر، ماڻهوءَ ماڻهوءَ کي ڏِسي. “ڪونجن وارا ڪانَ ڪٻرين تي ته ڪونه وڃائبا آهن!“

پوئين زماني ۾ بيمار رهڻ لڳو. مون کي گهرائي لاڙڪاڻي ۾ پاڻ سان رهايائين. اوستي عبدالله واريءَ اوطاق ۾ رهندا هئاسين. پوريءَ طرح ياد نه اٿم ته سال 1932ع هو يا 1933ع. انهن ڏينهن ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلي رهي هئي. ان تحريڪ جو اڳواڻ هو خانبهادر محمد ايوب خان کهڙو. آءٌ سندس سيڪريٽريءَ طرح پيو تحريڪ لاءِ لٽريچر وغيره لکندو هوس. اوچتو اطلاع آيو ته برٽش پارليامينٽ جي جائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽيءَ اڳيان کهڙي صاحب کي لنڊن ۾ پيش ٿي، سنڌ جي جدائيءَ بنسبت بيان ڏيڻو آهي. کهڙي صاحب جي لنڊن رواني ٿيڻ ۾ وقت بچيو هو ڪنهن ڏينهن - اڌ جو، تنهنڪري هڪڙيءَ رات جي پيٽ اندر ئي مون کي سندس بيان لکي تيار ڪرڻو پيو. امام بخش مرحوم کي بيماريءَ جي حالت ۾ آءٌ ڇڏي ڪونه ٿي سگهيس. ساڳئي وقت جنهن اوطاق ۾ اسان جي اقامت هئي، اتي بجليءَ جو بندوبست به ڪونه هو. آخر اوطاق ٻاهران رستي تي، ميونسپل جي بجلي بتيءَ جي روشني هئي، ان هيٺان ويهي، آءٌ لکڻ جو ڪم ڪري سگهيس ٿي، ساري رات نه مون ننڊ ڪئي نه مرحوم امام بخش. صبح جو ٻانگ آئي ته بيان به لکجي وڃي پورو ٿيو. بعد ۾ وڃي ظاهر ٿيو ته سنڌ جي علحدگيءَ آڻڻ ۾ ان بيان ”حرف آخر“ جو ڪم ڪيو.

بهرحال، اُها رات وسرڻ جي نه هئي. مرحوم امام بخش جي سياست سان ڪا دلچسپي ڪانه هئي، ۽ نه وري سنڌ جي جدائيءَ واري سوال جو ئي ڪڏهن ڪو مطالعو ڪيو هئائين. ان هوندي به ڳالهين ٻڌندي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي راءِ ڏيندو ٿي ويو. مثلا= چيائين:

”سنڌ کي ڀل جدا ڪرايو، اسان ته اوستائين جيئرا ڪونه هونداسين جو ويهي ان جا نفعا نقصان ڏسون، پر ايترو معلوم آهي ته ٺهيل جاءِ کي ڊهرائي پنهنجي ڏاڙهي اُستن جي هٿن ۾ ڏيڻي آهي.“

سنڌ جدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مرحوم جو انتقال ٿي ويو.

ميان نور محمد شاهه بقاپوري

بذله سنج، سخن فهم، خوددار ۽ “ بطور دوست قابل اعتماد. سيد ميان نور محمد شاهه بقاپوري، وڏيءَ عزت ۽ اثر سان زندگيءَ جو سفر طئه ڪيو. اهڙو شخص هو جنهن جي گفتگو ٻڌندي ماڻهو ڪڏهن ڪونه ڍائبو هو. رنگ جو البت سانورو هوندو هو. هڪ ڀيري پاڙي جي هڪ مقتدر شخصيت مٿس چٿر ڪئي: چي، ”شاهه صاحب، اوهان جو رنگ اهڙو سانورو ڇو ٿي پيو آهي؟“ -- شاهه صاحب جواب ڏنس: ”خانصاحب! انڪري جو الحمدالله بابي سائينءَ جو رنگ به اهڙو ئي هو، سائينجن دعا ڪن فورڊ صاحب کي، جيڪو اوهان صاحبن کي رڱي ويو.“ (عام افواهه هوندا هئا ته هڪ انگريز انجنيئر فورڊ، جنهن ان نالي سان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هڪ واهه به کڻايو هو، اُن جو هِن خاندان جي هڪ خاتون سان مجاز هوندو هو.)

اليڪشن جي نقشي ٺاهڻ، ۽ ماڻهوءَ جي منهن مان سندس دل جي مطلب پروڙڻ جو وڏو ماهر هوندو هو. دوستن جو هڪ خاص حلقو هوندو هوس، جنهن اندر اٿندو ويهندو رهيو. مثلا=، خانبهادر محمد ايوب خان کهڙو ۽ قنبر وارو خانبهادر حاجي علي حسن خان هَڪڙو. اهي صاحب شاهه صاحب مرحوم جا مکيه دوست هوندا هئا. سياست کان هميشه ڪناره ڪش رهيو. دوستن جي حال سارُو مدد ڪندو رهيو، پر پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به ميدان ۾ پيش نه ڪيائين.

لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو

جنهن زماني جي مون کي سانڀر آهي، لاڙڪاڻو شهر پنهنجي جوڀن ۽ جوانيءَ جي منزلن مان گذري رهيو هو. پراڻي شڪارپور، ضلعي کان جدا ٿي، پنهنجي مٿي ضلعي بڻئي، کي اڃا ڏهه سال کن مس ٿيا هئس، ته سندس هر شي نئين ۽ هر مقام من کي وڻندڙ لڳو. انهن ڏينهن ۾ اڃا تائين ٻي دنيا به ڏٺل ڪانه هئي، جنهنڪري تصور کي لاڙڪاڻي جي دلفريبين ۽ هلچل کي شهري زندگيءَ جو انتها نُڪتو قبول ڪندي، ڪا به جهَجهڪ ڪانه ٿي ٿِي.

ريلوي اسٽيشن تان لهندي ڪليڪٽريءَ جي بلڊنگ ٿي اکين اڳيان آئي. اها عمارت انگريزي حڪومت پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ تعمير ڪرائي هئي (1904 ۾) اڃا تائين نه پهرين عالمي جنگ لڳي هئي ۽ نه خود ملڪ اندر آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي هئي. انگريزن ائين پئي سمجهيو ته کين قيامت تائين هن ملڪ تي راڄ ڪرڻو پوندو. لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽريءَ واري اها عمارت انهن ئي اميدن جي بنياد تي کڙي ڪئي هئائون. ساريءَ سنڌ اندر ٻئي ڪنهن به ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر لاءِ اڃا تائين اهڙي بلڊنگ تعمير ڪرايل ڪانه هئي. ڪليڪٽريءَ جي پريان ٻيا ٽي سرڪاري بنگلا هوندا هئا. هڪ سيشن جج جي رهائش لاءِ، ٻيو ڪليڪٽر جو، ۽ ٽيون سپرنٽينڊنٽ پوليس واسطي. اهي بنگلا وسيع باغن جي وچ ۾ ٺهرايل هئا، جن جي سنڀالڻ ۽ وڌائڻ تي بنگلن اندر رهندڙ انگريز، دل کولي خرچ ڪندا ٿي رهيا. لاهورين جي ڳوٺ ۽ هاڻوڪيءَ لوڪلبورڊ بلڊنگ جي وچ ۾، انهن ٽن بنگلن، ڪليڪٽريءَ ۽ آرمڊ فورس هيڊ ڪوارٽر کان سواءِ، ٻي ڪا به عمارت ڪانه هوندي هئي-  ڀٽو ڪالوني، هاءِ اسڪول ۽ خود لوڪلبورڊ بلڊنگ گهڻو بعد ۾ ٺهيون.

*           * *

ريلوي لائين جي ٻئي طرف کان، شهر ڏانهن هلندي، تجر باغ مان گذرڻو ٿي پيو. وڏو باغ هوندو هو، جنهن جي وچ ۾ پراڻي تجر نموني جي ٺهيل عمارت هوندي هئي، جنهن ۾ لائبرري کوليل هئي. لائبرري، هڪ اڳوڻي ڪليڪٽر مسٽر جائلس جي نالي سان منسوب ٿيل هئي، ۽ منجهس انگريزي ڪتابن جو قيمتي ذخيرو موجود ٿي رهيو. اخبارون به جام گهرايون وينديون هيون، جن جي مطالعي لاءِ صبح - شام ماڻهن جي ڀيڙ لڳي پيئي هوندي هئي. آءٌ سڀ کان اول ان لائبرريءَ جو ميمبر بڻيس. مون کان سواءِ ٻيو ڪو به مسلمان اڃا تائين ان لائبرريءَ  جي رُولن تي ميمبر طور داخل ڪونه ٿيو هو. ديوان لالچند نولراءِ وڪيل، جيڪو بعد ۾ وائسراءِ جي اسيمبليءَ جو ميمبر به منتخب ٿيو، لائبرريءَ جو سيڪريٽري هوندو هو. جيتريقدر مون کي ياد آهي، لائبرريءَ جو مستقل پريزيڊنٽ ضلعي جو ڪليڪٽر ئي هوندو هو. لاڙڪاڻي جي هندن اندر سياسي ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ ۾، ان لائبرريءَ ۽ ريڊنگ روم وڏو ڪم ڪيو. اخبارن پڙهڻ بعد شهر جا ديوان لائبرريءَ ٻاهران، يا باغ جي بينچن تي ويهي، ملڪي حالتن تي تبادله خيالات ڪندا هئا ۽ مقامي معاملات متعلق پنهنجون پاليسيون ٺاهيندا هئا. جن اخبارن ۽ رسالن کي ان حلقي  اندر خاص اثر حاصل هوندو هو ۽ جن جي پڙهڻ لاءِ شوقين سخت آتا هوندا هئا، سي هي هئا: (1) ڪلڪتي جو ”ماڊرن ريويو“، جنهن جو ايڊيٽر هوندو هو رامانند چئٽرجي، هندستان جي آزاديءَ جي متعلق انتهائي جذبي جاڳائيندڙ مضمون پيا منجهس شايع ٿيندا هئا، (2) لاهور جي روزانه ”ٽربيون“، جنهن جو ايڊيٽر هندستان جو مشهور اخبار نويس، ڪاليناٿ ري، هوندو هو. ان جي پاليسي به ساڳي ”ماڊرن ريويو“ واري هوندي هئي، (3) ڪراچيءَ جي روزانه ”نيو ٽائيمس“، جنهن جو ايڊيٽر هوندو هو. ٽي. ڪي. جيسواڻي، مگر ان جو اصلي روح روان هوندو هو ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي، جنهن ”تحريڪ آزادي“ متعلق ڪيترا رسالا شايع ڪيا ۽ اڳتي هلي حيدرآباد ۾ ”ميران ٻائي گرلس اسڪول“ جو بنياد وڌو. لائبرريءَ اندر، هر روز اهي اخبارون ٽپال ۾ اچن ان کان اڳ ۾ ئي شوقينن جو انبوهه لائبررينِ جي ارد گرد جمع ٿي ويندو هو.

خود تجرباغ جي رونق ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هر قسم جا ميويدار وڻ ۽ گل ٻوٽا منجهس پوکيل هوندا هئا. ”تجر جا زيتون“ ته خاص طرح سان مشهور هوندا هئا، جن جا هوڪا، گهورڙين واتان شهر جي هر حصي مان پيا ٻڌبا هئا.

ساڳئي رستي تي ”لاڙڪاڻي مدرسي ۽ بورڊنگ هائوس“، جون عمارتون هونديون هيون. وسيع، شاندار، ۽ پختيون. مدرسي جي حاطي کان ٿوري پنڌ تي، شهر جي وچ ۾ پاڻيءَ جو وڏو تلاءُ هوندو هو، جيڪو پوءِ ميونسپل وارن هٽائي، ختم ڪري ڇڏيو.

*      *      *

شهر جون مکيه بازاريون هونديون هيون: سيئو بازار، ۽ ڍڪيل بازار. وڏيون وڏيون ”شاپون“ سيئو بازار ۾ هونديون هيون، پر گهڻي ۾ گهڻو ۽ عام واپار هلندو هو ڍڪيل بازار ۾. سيئو بازار جا ٽي - چار دڪان خاص طرح سان مشهور هوندا هئا. پهلاجراءِ شيوڪرام جي دڪان تي جديد زندگيءَ جي ضرورتن جو سمورو سامان موجود هوندو هو. وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور هو. ضلعي جا انگريز عملدار ۽ وڏا وڏا زميندار اڪثر ان اسٽور جا گراهڪ هوندا هئا- اڳتي هلندي، هڪ ئي بلڊنگ اندر پاسي سان قائم ڪيل ٻه ٻيا اسٽور ايندا هئا، جن جا مالڪ ٻه ڀائر، نانڪرام ۽ دوارڪاداس هئا. عام مڃار کان سواءِ، انهن دڪانن تان انگريزي دوائون، بندوقون ۽ ڪارتوس به ملندا هئا. جنهنڪري وڏيرن ۽ شڪار جي شوقينن جو مٿن ميلو لڳو پيو هوندو هو. ساري ضلعي اندر بندوقن ۽ ڪارتوسن جو ٻيو ڪو دڪان ڪونه هوندو هو.

سيئو بازارلتاڙيندي، ڍڪيل بازار ڏانهن وڌبو هو، ته کٻي پاسي کان مولانا محمد عاقل، عاقليءَ، جي ڪتابن جو دڪان ايندو هو. دڪان ننڍو هوندو هو، پر گهڻو ڪري فارسي عربيءَ جا سمورا درسي ڪتاب موجود رکيل هوندا هئا. مولانا پاڻ به اڪثر دڪان تي ويٺل نظر ايندو هو. اڳئين زماني جو بزرگ هو- سادو، ڏاڙهي مٺ کان ٿورو وڏي، جنهن تي مينديءَ جو رڱ ڏنل هوندو هو، ڊگهو پيراهن، سٿڻ ٻه - تختي مُرين کان مٿي، مٿي تي پڳ، ڪپڙا سڀ بافتي جا. فارسيءَ جو وڏو شاعر هوندو هو. پير صاحب پاڳاري سائين حزب الله شاهه رحمة الله عليہ، جو درٻاري شاعر رهي چڪو هو. جنهن زماني ۾ مون کيس ڏٺو، سندس رفيق شاعر سڀ گذري چڪا هئا ۽ انهن اڳوڻين محفلن جو باقي بچيل اهو ڏِيئو پاڻ به آخري گهڙين تي هو! چوندا هئا، هڪ موقعي تي پير صاحب حزب الله شاهه رحمة الله عليہ، پنهنجي مصاحبن جي وچ ۾ ويٺي هيءَ مصرع  جهونگاري:

صحرا چه خوش است ڪه در ندارد

سندن صاحبزادي، ميان علي اصغر شاهه مرحوم، برمحل ٻي مصرع ٻَڌي:

عاشق چه خوش است ڪه سر ندا رد

سندن محفل  جي هڪ بذله سنج شاعر، جيڪو ”چڻگي“ تخلص ڪندو هو، عرض ڪيو:

”چڻگي“ چه خوش است ڪه گهرندارد

محفل جو اهو خاص رنگ ڏسي، مولانا عاقل به پنهنجو ”پرابلئم“ پيش ڪري ڏنو، فرمايائين:

مفلس چه خوش است ڪه زر ندارد

پير صاحب ”چڻگيءَ“ کي گهر ٺهرائي ڏنو ۽ مولانا محمد عاقل کي مالي مشڪلات مان آجو ڪري ڇڏيو.

مولانا محمد عاقل جي دڪان لڳ وري ڪَمن درزيءَ جي ٽيلرنگ شاپ هوندي هئي. ڪَمن درزي نه فقط وقت جو بهترين ٽيلر ماسٽر هوندو هو، پر ڪامورن ۽ زميندارن جو به يار غار هوندو هو. خاص طرح سان پوليس صوبيدارن سان سنگت هوندي هيس. ان وقت جا صوبيدار به ”راجائون“ هوندا هئا. حلال جو پگهار فقط پنجاهه - سٺ رپيا در ماهو ملندو هون، پر مٿا پيا ڌوئندا هئا هزارن تي. انگريز ضلعي عملدارن جو حاصل هوندو هون اعتبار، انگريز ڪماني ڪنهن به صوبيدار خلاف ڪنهن به پبلڪ جي ماڻهوءَ واتان شڪايت ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هوندا هئا، جنهنڪري ساري ٻَڌي ڇوڙي، نيڪي ۽ بدي حوالي هوندي هئي سب انسپيڪٽرن جي. مٿي تي زريءَ جا ڪُلاه، ان مٿان مشهدي لونگي، جسم تي اعليٰ ڪپڙا، هٿ ۾ سيم چڙهيل بيد جو لڪڻ، پٺيان اردلي بغل ٿيلهي ۽ بندوق کنيو پيو هلندو، وڏي شان سان پيا شهر ۾ هلندا. جنهن دڪان تي اچي ٻه گهڙيون ساهه پٽيائون، ان دڪاندار جي عيد ٿي ويئي، هرڪو وڏيرو سڏيرو پيو اچي ساڻس منهن رکندو، جيئن وقت آئي ٻه اکر سفارش جا صوبيدار جي سامهون چئي وڃي. انهيءَ لحاظ کان ڪَمن جي هاڪ ساري ضلعي ۾ هوندي هئي. ان دؤر جو سڀ کان زياده مٿي ڦريل صوبيدار هوندو هو، عبدالله خان پٺاڻ. جنهن جو نالو ٻڌي وڏن زميندارن ۽ سردارن کي ڪنبڻي وٺي ويندي هئي -- ان عبدالله خان جو يار غار هوندو هو ڪَمن، پوءِ ڇو نه ماڻهو ڪَمن کان ڪَؤ کائين ها؟

جيستائين زندهه رهيو ڪَمن لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪاروبار اندر مشاهير جو درجو ماڻيو.

*      *      *

ڍڪيل بازار ۾ داخل ٿيندي، سيد سڪندر علي شاهه ۽ محمد شاهه جو مڃارڪو دڪان سامهون ايندو هو. شاهي دڪان هو، هر قسم جي شي ملندي هئي، خاص طرح سان سندن دڪان جي هڪ شي مون کي اڄ تائين ياد آهي، اهو هو مٿي ۽ منهن کي مکڻ جو تيل، جيڪو خالص مٺيءَ سرنهن جو هوندو هو، ۽ منجهس عجيب قسم جي خوشبوءِ مليل هوندي هئي. اهڙو تيل مون ساري هندستان - پاڪستان بلڪ دنيا جي ٻئي به ڪنهن ملڪ اندر ڪونه ڏٺو! سندن دڪان ختم ٿيڻ سان گڏ، تيل جو اهو نسخو به شايد گم ٿي ويو.

ان کان پوءِ ايندا هئا صرافن، سرازن ۽ ٺاٺارن جا دڪان. لاڙڪاڻي جا سراز ڪاريگر ڏاڍا مشهور هوندا هئا، گهوڙن ۽ اُٺن جا ساز اهڙا ٺاهيندا هئا، جن جو مثال ٻئي هنڌان دستياب ٿيڻ ناممڪن هو. اوستي عبدالنبي سراز جو دڪان خاص طرح سان مشهور هو. ان گهر جا اسان سان دوستانه تعلقات هوندا هئا. سندس سس، مائي لعل ماءُ مرحومه، بطور مريدڻ جي پئي هلندي هئي. جيستائين جيئري رهي ڀيرو نه ڀڳائين، هر ڀيري منهنجي لاءِ کيڏوڻا، مٺايون، ۽ تحفا ورتيون ايندي هئي.

ساڳيءَ طرح لاڙڪاڻي ۾ ٺهندڙ ڪُٽ جو سامان به ساريءَ سنڌ ۾ ويندو هو. ان زماني ۾ چينيءَ جي ٿانوَن جو رواج اڃا ڪونه پيو هو، بلڪ چينيءَ جي رڪابين ۾ مهمانن کي ماني ڏيڻ پاڻ گهٽتائيءَ جو سبب ليکيو ويندو هو. ڪُٽ جا ٿانوَ به قسما قسم جا هوندا هئا: ڪٽورا، وٽا، وٽيون، ٿالهيون، ڍاڪون وغيره، وغيره. چانهه پيئڻ جو رواج پيو ته به ماڻهو اڃا ڪُٽ جي وٽن کي استعمال ڪندا رهيا.

شهر جي ٻاهران پراڻي قافلي سراءِ هوندي هئي، جنهن ۾ اڳوڻي زماني ۾، افغانستان ۽ ايران کان ايندڙ واپارين جا قافلا اچي رهندا هئا. جنهن وقت جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان وقت لاڙڪاڻي جي قافله سراءِ اُجڙيل حالت ۾ هئي، ۽ اُن جي چوڌاري ضلعي جي زميندارن ۽ ٻين ماڻهن پَٽ خريد ڪري، اوطاقون ۽ مستقل رهائش جون جايون ٺهرائڻ شروع ڪيون هيون.

*      *      *

قافلي سراءِ کان ٿوري فاصلي تي، ٻن پاسن کان چڪلا هوندا هئا: هڪ کي نئون ۽ ٻئي کي پراڻو چڪلو سڏيندا هئا. رستن تان گذرندي ڏسبو هو ته ڪڃريون کٽون ۽ آرام ڪرسيون وجهيو، گهرن ٻاهران وڻن جي ڇانوَ هيٺان پيون آنند ڪنديون هيون. گهڻو ڪري ڪُراڙيون هونديون هيون ۽ عملا= رٽائرڊ. نوجوان ۽ عملي قدم کڻندڙ اندر گهرن ۾ رهنديون هيون. ان مناسبت سان شوقينن، لاڙڪاڻي تي شعر چيا ۽ چوڻيون گهڙيائون - مثلا=:

لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، معشوقن جو مڪان آهي.
-----

هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.

شادين، ميلن ۽ ملاکڙن جي موقعن تي کليو کلايو ڪڃريون گهرايون وينديون هيون. ميلا پِيرن جي مزارن تي لڳندا هئا. مون پنهنجيءَ ساري عمر اندر سنڌ جو فقط هڪ ميلو ڏٺو، ۽ اهو ان زماني ۾ ۽ خود لاڙڪاڻي ٻاهران، پير شير رحمة الله جي درگاهه تي.

آءٌ بلڪل ننڍو هوس، شايد ڏهن ورهين جي عمر هئي. صوبيدار عبدالله خان پٺاڻ لاڙڪاڻي شهر جو صوبيدار هوندو هو، سندس دوستي منهنجن بزرگن سان هوندي هئي. کانئن اجازت وٺي. لاڙڪاڻو شهر ڏيکارڻ لاءِ مون کي پاڻ سان وٺي ويو. پير شير جي سالياني ميلي جو موقعو هو. دستور موجب ٻين آفيسرن سان گڏ کيس به دعوت ملي. شام جو راڳ جي محفل ٿيڻي هئي، ان محفل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڻ هليو ته مون کي به وٺي ويو.

شام جو وقت هو، گئس - گولن جي روشنيءَ ۾ پير صاحب نالي چڱي، جو ان وقت درگاهه جو سجادهه نشين هو، پنهنجي بنگلي جي صحن ۾ غاليچا وڇارائي، طول وهاڻا لڳائي معززين جي محفل منعقد ڪرائي: ٽن پاسن کان معزز مهمان اچي ويٺا، چوٿون پاسو عام پبلڪ لاءِ کليل ڇڏيو ويو. وچ ۾ اچي ويٺيون ڳائڻيون ڪڃريون، جن جي پٺيان سارنگين ۽ طبلن وارا حلقو ڪري ويهي رهيا. راڳ شروع ٿيو - ٺمريون، دادرا، غزل ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ڪافيون پڻ. حاضرين تعريفون ڪرڻ، ڪنڌ ڌوڻڻ، ۽ رپيا ۽ گينيون ڏيڻ لڳا. شوقينن پري کان رپيا، گينيون ۽ نوٽ کيسي مان ڪڍي پنهنجي هٿ ۾ ٿي جهليا، ۽ ڪڃرين اٿي اچي ٿي اُهي کانئن ورتا ۽ وٺڻ بعد پٺيان ويٺل سارنگيباز جي سارنگيءَ جي سوراخ ۾ اڇلائي ٿي ڇڏيا.

مير محفل پير صاحب “نالو چڱو“ پاڻ هو، جنهن محفل ۾ ويٺي ويٺي ٻاهرئين ميلي جو پڻ انتظام ٿي هلايو. سندس مکيه ڪم ڪار ڪندڙ ماڻهو، خليفو عارب هو، جنهن کي هر پنجن منٽن کان پوءِ وڏي آواز سان پڪاريندو ٿي رهيو. اوطاق ۽ بنگلي جي چوڌاري دڪاندارن اچي دڪان کوليا هئا ۽ ان جي ٻاهران عام سَستي ڪلاس وارين ڪڃرين جون ڀونگيون هيون.

*      *      *

لاڙڪاڻي جا ٻيا به ڪيترا ادارا وسارئي نٿا وسرن.

ميان پير محمد فوٽو گرافر، لاڙڪاڻي جو اوائلي فوٽو گرافر هوندو هو. سيئو بازار ۾ دڪان هوندو هوس. جتي به ڪا پارٽي يا محفل ٿيندي هئي ته ميان پير محمد پنهنجو ڪاٺ جو ٺهيل بيلوز ڪئميرا کڻي اچي موجود ٿيندو هو. ڪئميرا مٿان ڪاري لَٽي جو پردو وجهي، ان مان منهن لنگهائي فوڪسنگ گلاس تي فوڪس صاف ڪندو هو. ان کان پوءِ منهن ٻاهر ڪڍي، هڪل ڪندو هو – ”خبردار“، ۽ ائين چئي هٿ سان لينس جي ٽوپي لاهي، ٻه - چار ساعتون ترسي، وري ٽوپي لينس تي چاڙهيندو هو. سندس دڪان ٻاهران هر وقت پرنٽنگ جا فريم اُس ۾ رکيل نظر ايندا هئا. انهن ڏينهن ۾ پي. او. پي. پيپر. هوندو هو، جنهن کي سج جو تؤ ڏيکاربو هو ته تصوير نيگيٽو يعني شيشي تان لهي اچي مٿانئس چڙهندي هئي. پير محمد اصل درٻيلي ضلعي نوابشاهه جو هو، پر عمر ساري لاڙڪاڻي ۾ فوٽا ڪڍندي بسر ڪيائين. ان دؤر جي تصويرن جو وڏو ذخيرو وٽس جمع ٿي ويل هو. بدقسمتيءَ سان مون کي ان ذخيري مان فقط ٻه - چار تاريخي تصويرون هٿ لڳي سگهيون، جيڪي دڪان بند ٿيڻ بعد خود ميان پير محمد اچي تحفتا= ڏنيون.

*      *      *

لاڙڪاڻي مان اخبارون نڪرڻ به شروع ٿيون هيون. سڀ کان پهرين اخبار، جيتريقدر مون کي ياد آهي، ”خير خواهه“ جي نالي سان هڪ هندو صاحب جاري ڪئي. خوشامدي پرچو هوندو هو، زياده تر ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ جون تعريفون شايع ٿينديون رهنديون هيس، جنهنڪري قومي تحريڪ شروع ٿيڻ بعد ان اخبار جو وقار قطعا= ختم ٿي ويو. مهيني ۾ ٻه - ٽي دفعا ان کان پوءِ به نڪرندي رهندي هئي، مگر گهڻو ڪري سرڪاري اشتهارن سان ڀرپور هوندي هئي.

”خير خواهه“ جي مقابلي ۾، ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪن شروع ٿيڻ شرط، مسٽر ٽهلرام مولچند ”لارڪاڻه گزيٽ“ جاري ڪئي. زوردار مضمون ڇپبا هئس. ”تحريڪ آزاديءَ“ کي سندس ذريعي، گهٽ ۾ گهٽ مقامي طرح گهڻي هٿي آئي. ٽهلرام پاڻ سنجيدي قسم جو ايڊيٽر هوندو هو. قد جو بندرو، بت جو ڀريل، پيٽ ٿورو ٻاهر نڪتل، ۽ لباس شڌ کاڌيءَ جو. رستي تي گهمڻ نڪرندو هو ته سندس پاجامو پيٽ تان هيٺ ترڪندو رهندو هو، جنهن کي جهلڻ لاءِ سندس هٿ هميشه اُبداڻي ۾ پيل هوندو هو. قميص ڊگهي پائيندو هو، جنهن جو مٿيون کيسو ڪاغذن ۽ پينسلن سان ٽمٽار رهندو هو. پنهنجي پريس هوندي هيس، گهاڙ جي ڀر تي، سيئو بازار جي پڄاڻيءَ وٽ.

پهرين عالمگير جنگ بعد، ستت ئي گڏيل ڪانگرس ۽ خلافت تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي. لاڙڪاڻي ضلعي انهن تحريڪن ۾ ڪافي دلچسپي ٿي ورتي. پير تراب علي شاهه رحمة الله عليہ، قمبر وارو، پير علي انور شاهه راشدي، ۽ مرحوم مغفور رئيس جان محمد جوڻيجو، ان تحريڪ جا اڳواڻ ٿي بيٺا هئا. پراونشل خلافت ڪانفرنس جو هڪ زوردار اجلاس خود لاڙڪاڻي شهر اندر منعقد ڪرايو ويو هو، جنهن جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمن پير تراب علي شاهه رحمة الله عليہ ۽ صدر حضرت پير رشد الله شاهه صاحب، جهنڊي وارو هو. ان تحريڪ کي ضلعي جي ليول تي ناڪامياب بنائڻ لاءِ سرڪار طرفان به ڪوشش ٿيندي ٿي رهي. ضلعي جو ڪليڪٽر ته هميشه انگريز هوندو هو (پهرين بولس صاحب ۽ بعد ۾ اين. ايڇ. هي صاحب)پر بطور دفتردار جي، هڪ مسلمان ڊپٽي ڪليڪٽر (خانبهادر عبدالقادر صاحب) کي مقرر ڪيو ويو هو، جنهن جي زير نگرانيءَ زميندارن جي هڪ گروپ کي ميدان ۾ آندو ويو. ان گروپ ۾ هئا: سر شاهنواز خان ڀُٽو مرحوم، خانبهادر غلام محمد خان اِسراڻ مرحوم، ۽ خانبهادر حاجي امير علي خان لاهوري. انهن صاحبن ”الحقيقت“ جي نالي سان، هڪ هفتيوار پرچو جاري ڪرايو. بطور ايڊيٽر جي نالو ڪنهن جو به هو، مگر اخبار جو ايڊيٽوريل هميشه مرحوم مغفور غلام سرور صاحب قادري لکندو هو. پاڻ سرڪاري ملازمت ۾ هوندو هو، جنهنڪري پنهنجي نالي ۾ مضمون ڪونه لکي ٿي سگهيو. مضمون پختا هوندا هئا، مگر طويل، زبان شاعرانه، بلڪ عاشقانه، اشارا ڪنايا، خفيف نوڪ جهوڪ، ۽ ”علم مجلسيءَ“ مان ڪڍيل اردو فارسي مثالي بيت، حتاڪ تقريبا= هر جملي جي ابتدا خواهه انتها ڪنهن نه ڪنهن شعر سان پئي ٿيندي. ڪي شعر ته ايتري قدر مقبولِ خاطرِ محرر هوندا هئا، جو انهن جو هر مضمون ۾ درج ٿيڻ لازمي ۽ ابدي قرار ڏنل هو، مثلا=:

من از بيگانگان هرگز نه نالم،
ڪه با من هرچه ڪرد آن آشنا ڪرد.

 

يا

خط بڙهي، ڪاڪل بڙهي، گيسو بڙهي،
حسن ڪي سرڪار مين جتني بڙهي، هندو بڙهي.

 

هر مضمون لکندي، اصلي مطلب هوندو هو هن ڳالهه ڏيکارڻ جو ته انگريز جي دؤر ۾ جيتريون نوازشون ٿيون ته هندن مٿان، مسلمان غريب ته محض يڪطرفيون وفاداريون ڏيکاريندا، خالي هٿين رهجي ويا، تنهنڪري هينئر انهن تشنه ڪام عشاقن ڏانهن به ڪجهه نگاهه لطف و ڪرم ٿيڻ گهرجي. پوءِ ٺڪ ايندو هيءُ شعر:

گل ڦينڪي هين اورون ڪي طرف بلڪ ثمر ڀي،
اي خانه برنداز چمن ڪُڇه تو اڌر ڀي!

 

هندن سان ايتريءَ ۽ اهڙيءَ ڪشمڪش هوندي به، تلخ کان تلخ مضمون ۾ به هندوءَ کي بطور ”هندوءَ“ جي صريحاً نه لکندا هئا. وضعداريءَ ۽ پاڙيچائيءَ جا خيال هردم دامنگير ٿي رهين، ۽ قدري هيءُ ويچار به، ته لاڙڪاڻي ميونسپل چونڊن ۾ هندن جا به ووٽ آهن، ۽ خانبهادر حاجي امير علي لاهوريءَ کي پريزيڊنٽ ٿي رهڻو آهي. تنهنڪري، مضمونن ۾ جت به ”هندو“ لکڻو هوندو هون، ات لکندا هئا ”برادرانِ وطن.“ معاملو وڏو ۽ غصو سخت هوندن، ته به وڌ ۾ وڌ ”برادران يوسفِي“ لکي ڇڏيندا ۽ نه ان کان وڌيڪ.

فقير ميان غلام سرور مرحوم سالن جا سال لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيو ۽ ان عرصي اندر ڪيترا مقابلا ٿيا- اخباري خواهه شاعرانه- مگر مون کي هڪڙو به اهڙو مثال ياد ڪونه آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ته مرحوم پنهنجي قلم يا زبان سان ڪنهن به شخص جي دل آزاري ڪئي هجي- حالانڪ زمانو ڦري چڪو هو، اخباري مضمونن خواهه شاعرانه مقابلن ۾ گارگند جي ڏي - وٺ جو رواج عام ٿي ويو هو.

ميان صاحب مرحوم سان مون کي به ڪيترا ڀيرا روبرو ملڻ جا موقعا ميسر ٿيا. قداور، چشم موزون، رنگ قدري ڳوڙهو، منهن تي سيبائيندڙ مڇون، ڏاڙهي شيو ٿيل، مٿي تي مشهدي لونگي يا ترڪي ٽوپي، انگريزي ڪٽ جي قميص، شلوار سفيد، ڊگهو فراڪ يا شارٽ ڪوٽ، قميص مٿان ڪالر ۽ ٽائي، پيرن ۾ جوراب ۽ شوز. هڪ يا ٻه دفعا مون کيس مڪمل انگريزي سوٽ ۾ به ڏٺو. بطور شاعر، نهايت پخته گو تسليم ڪيو ويندو هو. مزاحيه قصيدن ۽ اردو طرز جي فارسي آميز سنڌي غزلن لکڻ ۾ وڏو ملڪو حاصل هوندو هوس. ”مجلس جو مور“ هو، جت هوندو، سندس شخصيت هر طرح پئي محسوس ٿيندي.

ساڳئي قادريه خاندان جو پڳدار، مرحوم مغفور فقير ميان علي محمد صاحب قادري پڻ شعر شاعريءَ جو شغل ڪندو ٿي رهيو. نه فقط صورت ۾، بلڪ سيرت ۾ به بزرگ هو. سندس مٿي تي سنڌي طرز جي سفيد پڳ خاص طرح سان ڏاڍي سهڻي لڳندي هئي. فارسي خواهه سنڌي ڪلام گهڻو ڇڏيائين. سندس همعصر شاعر کيس استاد ڪري مڃيندا هئا.

لاڙڪاڻي جي اخبارن جو ذڪر ڪندي، بي اختيار هيتريون ٻيون ڳالهيون وچ ۾ اچي ويون. اصل غرض محض هن عرض ڪرڻ جو ته ”لاڙڪاڻه گزيٽ“ ۽ ٻاهرين هندو اخبارن جي اثر کي مقامي طور زائل ڪرڻ لاءِ ”الحقيقت“ اخبار وجود ۾ آئي، جنهن ڪيتري عرصي تائين ڪافي اهميت ماڻي.

اخبارن کان سواءِ، لاڙڪاڻي مان هڪ ماهوار ادبي رسالو، ”الڪاشف“ جي نالي سان به نڪتو، مگر گهڻو وقت هلي نه سگهيو. اهو رسالو پير ميان عبدالغفار شاهه راشدي، ريلڻن واري، ڪڍيو، جيڪو صاحب اهل قلم هجڻ سان گڏ طبيب به تسليم شده هو. رسالي ۾ قسما قسم مضمون شايع ٿيندا هئا. پنهنجي زماني اندر معياري مخزن ليکي ويندي هئي. ايڊيٽريءَ جا فرائض مولانا دين محمد ”وفائيءَ“ جي سپرد رهيا، جنهن صاحب جا اُهي اوائلي ڏينهن هئا.

*      *      *

لاڙڪاڻي جي مردم خير زمين، ذڪر ڪيل ٻين قادري حضرات کان سواءِ، ٻيا به ڪيترا اهلِ سخن پيدا ڪيا. شعر شاعريءَ جي معاملي ۾، ڪجهه وقت تائين ته لاڙڪاڻي ساريءَ سنڌ جي اڳواڻي ڪئي. مرحوم ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي، هو ته اصل پنجاب جو، مگر لاڙڪاڻي ۾ جانورن جي اسپتال جو ڊاڪٽر مقرر ٿي آيو. ان صاحب جي لاڙڪاڻي ۾ اچڻ بعد ادبي محفلون ۽ مشاعرا عام جام ٿيڻ لڳا. پاڻ ته شعر چوندو هو اردو زبان ۾، مگر پنهنجي سرپرستيءَ کان سنڌيءَ کي به محروم رهڻ نه ڏنائين.

ميان محمود ”خادم“ مرحوم، سنڌي شاعريءَ جي طرزِ جديد جو بعد ۾ وڏو استاد تسليم ٿيڻ لڳو، پر انهن ڏينهن ۾ اڃا سندس مشق سخن جي ابتدا هئي. هڪ پير کان لڱائي هلندو هو. قد ۽ بت ۾ موزون، رنگ قدري سانورو، شعر جي فن تي سڀ کان پهريون ڪتاب، سنڌي زبان ۾، پاڻ لکيائين، جيڪو گهڻو مقبول ٿيو.

سنڌي شاعرن جي ٻن حصن ۾ تقسيم ان وقت کان ئي شروع ٿيڻ لڳي هئي. هڪڙا شاعر اهي هئا، جن ڪافين، ڏوهيڙن، مناجاتن ۽ مداحن ذريعي اصلي سنڌي جذبات جي ترجماني ٺيٺ سنڌي ڳوٺاڻيءَ زبان ۾ ٿي ڪئي، پنهنجي سنڌي دل جي صدا سنڌي زبان ۾ پئي ادا ڪيائون. مقابلتا=، ٻئي ماحول جي شاعرن جي ڪوشش اها هئي ته اردو ۽ فارسي طرز تي غزل چئجن ۽ ٻاهرين استادن جي نقالي ڪجي. منهنجي پنهنجي دلچسپي شروع کان وٺي پهرين قسم جي ڪلام سان هئي. منهنجي خيال موجب، شعر محض ذريعو آهي دل اندر محسوس ٿيندڙ جذبات جي اظهار جو. هر ملڪ جي ماڻهن جي جذبات ۽ احساس ۾ فرق ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ جي ماڻهن جي دلي ڪيفيتن کي، سندن حقيقي ڳُوڙهائين ۽ مخصوص باريڪ پهلوئن سميت، مڪمل طرح ٻاهر آڻڻو آهي، ته پوءِ نه فقط زبان انهن ماڻهن جي هجڻ گهرجي، پر طرز ۽ طريقهِّ ادا به ان زبان جي عين بنيادي اصولن مطابق، ۽ ان زبان جي مخصوص صلاحيتن کي سامهون رکندي. مثلا=، جيڪڏهن شيڪسپيئر جي احساسات جي اظهار جو ذريعو سنڌي ڪافين کي بنايو وڃي ۽ سندس ڪلام جي ترجماني سنڌي ڏوهيڙن وسيلي ٿيڻ لڳي، ته پوءِ هوند شيڪسپيئر جي ڪهڙي حالت رهجي وڃي؟ ساڳيو قانون لاڳو آهي، سنڌي جذبات جي اظهار واري مسئلي سان. تنهنڪري اصل کان وٺي آءٌ غزلگو سنڌي شاعرن جي محفلن کان ڪناره ڪش رهندو آيس، ۽ حاجي محمود ”خادم“ ۽ ان قسم جي ٻين شاعرن جي قريب اچي نه سگهيس.

لاڙڪاڻي جي شاعرن مان، منهنجي دلچسپي هوندي هئي مرحوم مغفور ميان نواز علي خان ”نياز“ سان. اُهي ڏينهن به هئا سندس جوانيءَ بلڪ مستيءَ جا. ان کان سواءِ، پاڻ شاعر به هوندو هو باعمل. پهرين پيدا ڪندو هو اهڙو ماحول، جنهن ۾ احساس تيز ٿين ۽ جذبات جوش ۾ اچن. ان کان پوءِ سليس سنڌي زبان ۾، ۽ ڪافين جي وسيلي، ويهي ڪندو هو بيان ۽ اظهار انهن ذاتي ۽ قلبي وارداتن جو.

ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي مرحوم، حاجي محمود ”خادم“ ۽ ان قسم جي ٻين استادن ۽ نواز علي خان ”نياز“ مرحوم جي وچ ۾ هي بنيادي فرق هوندو هو: پهرئين قسم جا صاحب ساري عمر پاڻ عشق ڪرڻ کي غير سنجيده فعل، بلڪ اوباشيءَ جو هڪ قسم تصور فرمائيندا رهيا. نه ڪڏهن عاشق بڻيا، نه هجر ۽ فراق جون تلخيون برداشت ڪيائون. محض ٻڌين ئي ٻڌين ڳالهين جي آڌار تي اُٿي خيالي طوفان کڙا ڪيائون، ۽ شعرن جا طومار ٻڌائون. مثلا=، رات ڏينهن همدردي ڪندا ته هئا بلبل سان، پر اهو ڪڏهين به ويچار ڪونه فرمايائون ته سنڌ بلڪ ساري هند اندر بلبل جو بنهه بنياد ئي ڪونه آهي! مقابلتا=، ميان نواز علي خان مرحوم محض اُهو ۽ اوترو بيان ڪيو، جيترو پاڻ محسوس ڪيائين. اهو ئي سبب هو، جنهنڪري سندس ڪلام ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو- ڪڏهن ڪڏهن نئون رواج نظر ۾ رکي، ۽ همعصر شاعرن جي هنگامن کان متاثر ٿي، غزل جي ميدان ۾ به طبع آزمائي ڪندو رهيو. اڪثر مشاعرن ۾ ايندو رهيو، ۽ طرحي مصرعن تي غزل ٻڌندو ۽ ٻڌائيندو رهيو. پر اهو ڪو سندس اصلي ڪلام ڪونه هو.

مرحوم کي مون گهڻو ويجهو ٿِي ڏٺو. عجيب طبيعت جو صاحب هو. وڻندڙ ۽ وندرائيندڙ دوست، پخته مزاج ڪامورو، حسن کان سخت ۽ فوري متاثر ٿيندڙ دل جو مالڪ، خوش گلو، خوش پوش، تصنع کان قطعا= آزاد، ۽ ڪم سوال ماڻهو هو، ساري حياتي پنهنجي پيدا ڪيل هڪ خاص دل جي دنيا اندر گذاري ڇڏيائين.

هڪ دفعي هڪ مشاعري جي سلسلي ۾ سکر آيو. مان کيس سج لٿي بعد، بئراج جي پل وٽ، درياهه ڀر تي وٺي ويس، کيس عرض ڪيم ته پنهنجي چيل ڪا خاص مرغوب ڪافي ٻڌائي. انتهائي خوش الحاميءَ سان هيءَ ڪافي ٻڌايائين:

دل منهنجي دوست ڌتاري، ڙي اديون،
باهه ته ٻاروچل ٻاري، ڙي اديون،

 

جيرو منهنجو جوشن آ ته جلايو.

 

جن کان جانب ٿئي جدا،
تن کي ڏجي ڪا دلداري، ڙي اديون،

 

اوهين ويٺيون طعنن ساڻ تپايو.

 

ڏينديس ”نياز“ لحاظ سان،
سورن جي سڌ ساري، ڙي اديون،

 

هوت پنهل جڏهن اڱڻ منهنجي آيو.

 

ورهيه گذري ويا آهن، پر اڄ تائين سندس آواز پيو ڪنن ۾ گونجي - چانڊوڪي رات، درياهه جو ڪنارو، خاموشيءَ جو عالم، ڏکڻ جي هير، ۽ اها هير معطر ڀر وارن باغن ۾ بيٺل گلن ٻوٽن جي خوشبوءِ سان، ۽ وچ ۾ ”نياز“ سو به پيو چوي:

جن کان جانب ٿئي جدا،
تن کي ڏجي ڪا دلداري، ڙي اديون،

 

اوهين ويتر طعنن سان پيون تپايو!

 

ملازمت جي سلسلي ۾، بطور ماستر جي زندگي شروع ڪئي هئائين، ڪجهه عرصي بعد روينيو کاتي ۾ ويو، ورهين جا ورهيه ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جو سرشتيدار ۽ لاڙڪاڻي سب جيل جو جيلر ٿي رهيو، آخر مختيارڪار ٿي رٽائر ڪيائين. منهنجي ساڻس آخري ملاقات 1953ع ۾ ٿي. جسماني طور نحيف حالت ۾ هو، پر طبيعت ۾ زور اڃا تائين ساڳيو ئي هوس. هن ڪتاب لکڻ وقت ڏانهنس خط موڪليم ته پنهنجي اها ڪافي (جنهن جو ذڪر هينئر ڪري چڪو آهيان) ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ خاص پنهنجي هٿ سان لکي موڪلي. وٽانئس آيل جواب مناسب هنڌ تي درج ڪيل آهي.

مولوي غلام رسول جتوئيءَ جي ڪلام جو پڻ انهن ڏينهن ۾ ڪافي شهرو هوندو هو. پاڻ ويٺل ڏوڪري تعلقي جو هو، پر لاڙڪاڻي گهڻو ايندو رهندو هو. مشاعرن ۽ غزلن سان سندس ڪو تعلق ڪونه ٿي رهيو، محض سنڌي ڪافيون، مداحون ۽ مناجاتون چوندو رهيو، ڪلام ۾ خاصو اثر هوس. وڏي خوبي سندس ڪلام جي اها هئي جو ان ۾ تصنع بلڪل ڪونه هوندو هو. ڏاڍو سادو انسان هو، بنهه ڳوٺاڻي رهڻي ڪرڻي، قد ۾ ڊگهو، جسم ۾ سنهو، ڏاڙهي مُٺ جيتري، مٿي تي پٽڪو، هيٺ پيراهن ۽ هلڪي شلوار، ۽ پيرن ۾ سنڌي جُتي. مون جڏهن ڏٺو ته عمر ۾ سٺ ورهين کان مٿي ٿي لڳو.

*      *      *

لاڙڪاڻي جا وڪيل به ساريءَ اپر سنڌ ۾ مشهور هوندا هئا.

ميان غلام محمد غلام علي، جنهن کي عام طرح ماڻهو ”رئيس غلام محمد شيدي“ سڏيندا هئا، وڏي دماغ ۽ شخصيت جو صاحب هو، قد ۾ بندرو، صورت ۾ قطعا= حبشي، وار گهنڊيدار، منهن تي ڏاڙهي، لباس جي معاملي ۾ قطعا= بيپرواهه. مٿي تي سنڌي لونگي ٻڌندو هو. جسم تي ڪوٽ - پتلون، پيرن ۾ ٺيٺ سنڌي جُتي. ڪورٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سرائڪي ٽوپي پڻ پهري ويندو هو. پرواهه ڪنهن جي ڪانه ڪڍندو هو. انگريزن کان ٽيڏو رهندو هو. جنهن به ڪيس ۾ عملدارن خاص دلچسپي ڏيکاري، ۽ عام وڪيلن ان ڪيس ۾ وڪالت ڪرڻ کان ڊڄي پاسو ڪيو، ته رئيس غلام محمد بغير ڪنهن به سوچ ويچار، خوف يا خطري جي اٿي کڙو ٿيندو. پنهنجن خيالن ۽ شوقن ۾ هردم مست رهندو هو. ڪتابن، علم نجوم ۽ فوٽو گرافيءَ سان شوق هوندو هوس. سارو وقت انهن ”هابين“ جي حوالي هوس. اصيل اچي وڪيل ڪندس. پئسا ڏيئي ويندس، پر حاضريءَ جي تاريخ تي موٽي ايندا ته سڀ کان پهرين رئيس صاحب ڇڙٻ ڏيئي پڇندن، ”ڪير آهيو؟  ڇو آيا آهيو؟ اڄ مون کي وقت ڪونه آهي!“ موڊ ٿيس ته ڪورٽ ۾ ويندو، ٻيءَ صورت ۾ منشي موڪلي حاضري رکارائي ڇڏيندو- اصيل ڀل رڙندا رنڀندا واپس هليا وڃن! قانوندان تمام وڏو هو، پر طبيعت جو سير، ۽ لاابالي. گهري ها ته لکَ ڪمائي ها، پر پئسن جي پرواهه مطلق ڪانه ڪيائين، حتاڪ فوت ٿيو ته سندس ڪفن دفن جو خرچ به سندس ڪتاب وڪڻي ڪيائون. ذاتي دوستيءَ جي معاملي ۾ سخت پختو هوندو هو، دوست جي هر تڪليف کي پنهنجي تڪليف تصور ڪيائين.

ڪجهه وقت تائين ڪبوتر بازي به سندس مشغلن ۾ شامل رهي. هڪ دفعي رياست خيرپور جو چيف سيڪريٽري مقرر ٿيو پنهنجا ڪبوتر ساڻ کڻي وڃي ات رسيو. اتفاقا=خيرپور جي واليءَ مير امام بخش خان، کي وڃي ڪنهن شخص ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري وٽ ڪبوتر تمام سٺا آهن. مير صاحب ڏانهنس ماڻهو موڪليو ته اهي ڪبوتر اسان ڏانهن موڪلي ڏيو. رئيس صاحب ڪبوترن موڪلڻ بدران پنهنجي استعفا ڏانهنس رواني ڪئي، ۽ ساڳيءَ شام جو پاڻ ٽپڙ ٻڌي، موٽي اچي لاڙڪاڻي پهتو. چيائين، ”پرائي نوڪريءَ جي مقابلي ۾ ڪبوتر وڌيڪ قيمتي آهن“.

آخري ڀيري مون کيس سندس اوطاق جي صحن ۾ اهڙيءَ حالت ۾ ڏٺو جو پاڻ گوڏ ٻڌيو، صندليءَ تي پلٿي ماريو ويٺو هو. غسل جي غرض سان، جسم تي ميٽ ۽ ڀر ۾ پاڻيءَ جا دلا رکيل هئس، جن مان لوٽا ڀريندو جسم تي وجهندو ٿي ويو. ان وچ ۾ ملاقاتي به ايندا ويندا ٿي رهيا. گفتگو جاري رهندي آئي، بلڪ هڪ معاملي جي سلسلي ۾ ته منشيءَ کي سڏي درخواست به ”ڊڪٽيٽ“ ڪرائي ڇڏيائين. اندر دفتر واري ڪمري ۾ هر طرف ڪتابن جا انبار، ميز تي رکيل سامان انتهائي بي ترتيبيءَ سان پکڙيل، مس ڪپڙيءَ مان مس سڪل، قلمن جون نبون ڀڳل يا مورڳو غائب!

”خلافت تحريڪ“ سان دلي همدردي هيس، پر ان تحريڪ جي زير سايي ليڊري ڪرڻ يا پنهنجي لاءِ ڪنهن سياسي ميدان تيار ڪرڻ جي به ڪوشش ڪانه ڪيائين.

جيتريقدر رئيس صاحب مرحوم پاڻ رهڻي ڪرڻيءَ ۾ بيپرواهه هو، اوتريقدر ئي انهيءَ معاملي ۾ خوش ذوق ۽ نازڪ مزاج هو سندس ڀاءُ، خانبهادر نانا نورالدين، جو صاحب بحمدالله اڄ تائين حيات آهي، ۽ ساڳئي ذوق شوق سان پنهنجي رٽائرمينٽ جو زمانو پيو ڪراچيءَ ۾ بسر ڪري. قداور، وجيهه، ۽ رعبدار شهپر.

ملازمت تعليم کاتي ۾ ڪيائين، اهڙيءَ نرم مزاجيءَ سان، جو نه ڏنائين ۽ نه ڏکويائين. پهريائين اسڪولن جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو، ان کان پوءِ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ۽ حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج جو پرنسيپال. سندس تعليمي خدمتن ۽ ديانتمنديءَ جي صلي ۾ انگريز حڪومت کيس خانبهادر جو لقب به ڏنو. نيپولين اعظم جي سوانح حيات سان ڏاڍي دلچسپي رکيائين. جيڪو ڪتاب ان مضمون تي مليس سو خريد ڪيائين، حتاڪ نيپولين ۽ ان جي خاندان متعلق ڪتابن جو ايڏو ذخيرو وٽس موجود ٿي ويو جو ان جو مثال ٻيءَ ڪنهن به خانگي يا پبلڪ لائبرريءَ ۾ مون کي اڄ تائين نظر ڪونه آيو آهي.

لاڙڪاڻي جي وڪيلن ۾ ديوان لالچند نولراءِ (ڪارنا) به وڏو نالو پيدا ڪيو. پر ان شهرت جو اصل ڪارڻ ڪهڙو هو، سو مون کي ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيو. انگريزي ڳالهائيندو هو ته هر جملي ۾ ٻه - چار گرامر جون ۽ لفظن جون غلطيون ڪري ويندو هو! مون کيس آڏي پڇا ۽ تقرير ڪندي به ڏٺو ۽ ٻڌو، مگر ڪا به خاص ڳالهه مون کي نظر ۾ ڪانه آئي. ان هوندي به سنڌ جي چوٽيءَ جي وڪيلن ۾ شمار ٿيندو رهيو. پڇاڙيءَ جو سياست ۾ به حصو ورتائين، ۽ سنڌ جي هندن پاران هندستان جي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ سالن جا سال اها ميمبري ماڻيندو رهيو. ساري هندستان جي طول ۽ عرض ۾ ڪو به ۽ ڪهڙي قسم جو واقعو يا معاملو ٿيندو، ته ديوان صاحب ان متعلق اسيمبليءَ ۾ سوال ضرور پڇندو. زير بحث مسئلو ڪهڙو به ايندو، ديوان صاحب جي هڪ عدد تقرير ان تي لازما= ٿي ويندي. ڪاميٽيءَ ڪهڙيءَ جي به ميمبري خالي ٿيندي، ديوان لالچند جي اميدواريءَ جو فارم يقينا= داخل ٿي ويندو. اهو زمانو سندس عمر جي پڇاڙيءَ جو هو، ۽ عام طرح سندس طبيعت کي ان وقت تائين ٿڌو ٿي وڃڻ کپندو هو، مگر ديوان صاحب فيصلو ڪري چڪو هو ته زبان جيستائين هلندي رهي، اوستائين ان کي مصروف رکيو اچبو. اسيمبليءَ کان ٻاهر به، هندو - مسلم ڇڪتاڻ جي سلسلي ۾ (جنهن ڇڪتاڻ جي سنڌ اندر ابتدا لاڙڪاڻي مان ٿي)، ديوان لالچند هندن پاران گهڻو ڪم ڪيو. 1947ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندو - مسلم فساد ٿيا. سنڌ جي تاريخ اندر ان قسم جو اهو پهريون واقعو هو. ڳيريلي جي ڳوٺ مان هڪ هندو عورت ڪنهن مسلمان سان بدپيشه ٿي ڀڄي ويئي. معاملي فرقيوارانه نوعيت اختيار ڪئي. مقدمو لاڙڪاڻي جي مسلمان حضور ڊپٽي ڪليڪٽر (محمد هاشم) وٽ هليو، جنهن عورت ۽ ان جي ٻارن جو قبضو هندن کي ڏياريو. هندن پنهنجي ڪاميابيءَ جو اظهار اهڙي طريقي سان ڪيو، جو ”مسلماني“ جوش وچان لاڙڪاڻي شهر جا مسلمان به اٿي کڙا ٿيا. مقابلا ۽ فساد ٿي پيا، ۽ ان کان پوءِ مسلمان اڳواڻن خلاف مقدميبازيءَ جو سلسلو شروع ٿي ويو. جيڪو به مسلمان اڳواڻ هندن کي چُرندو ڦِرندو نظر آيو، تنهن تي هڪ عدد فوجداري مقدمو داخل ڪري ڇڏيائون. مقصد اهو ڪونه هون ته انصاف ٿئي، يا جن مسلمانن واقعي جرم ڪيا آهن تن کي سزا اچي: حقيقي مطلب اهو هون ته لاڙڪاڻي جي مسلمان قومي ورڪرن کي، موقعي جو فائدو وٺي، فوجداري مقدمن ذريعي ايتريقدر پيڙهي ڇڏجي جو وري منجهانئن ڪنهن کي به هندن جي مقابلي ۾ ڪنهن به سلسلي ۾ آواز اٿارڻ جي جرئت ڪانه ٿئي، ۽ لاڙڪاڻي شهر تي عملي طرح هندن جو راڄ قائم ٿي وڃي. اها هڪ اهڙي افسوسناڪ ذهنيت هئي، جنهن جا نتيجا اڳتي هلي بيحد خطرناڪ نڪرڻا هئا. خود هندن کي ان باري ۾ دورانديشيءَ کان ڪم وٺڻ کپندو هو، مگر انهن صاحبن، ديوان لالچند جي اڳواڻيءَ هيٺ فوري ۽ محدود فائدن کي مستقبل جي مجموعي قومي ۽ ملڪي مفاد ۽ مصلحتن تي ترجيح ڏيڻ پسند ڪئي. ان طرح، هڪ اهڙي ”چين ري ائڪشن“ (Chain reaction) جو بنياد وڌائون، جنهن اڳتي هلي نه فقط هندن کي سنڌ منجهان گهات ڪري ڇڏيو، بلڪ سنڌ جي قسمت کي به لوڏن ۽ لهرن ۾ وجهي ڇڏيو.

ان چين ري ائڪشن جون مختلف ڪڙيون، جي وقت گذرندي جدا جدا صورتن ۾ نمودار ٿينديون ويون، ملاحظي ۽ غور جي قابل آهن:

1 - لاڙڪاڻي جي فسادن ۽ مقدمن بعد ساريءَ سنڌ اندر هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ تلخي وَڌي ويئي.

2 - طرفين جي اخبارن ان تلخيءَ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي.

3 - سنڌ ۾ ٻين جاين تي به ساڳئي قسم جا فساد ٿيڻ لڳا.

4 - مسلمانن کي ڀؤ لڳو ته هندو کين برباد ڪري، ساريءَ سنڌ مٿان پنهنجو سياسي ۽ اقتصادي قبضو قائم ڪرڻ گهرن ٿا.

5 - مسلمانن اهو به ڏٺو ته سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان وابسته هجڻ سبب، پريزيڊنسيءَ جي هندو اڪثريت جو فائدو سنڌ جا هندو به وٺي رهيا آهن، ۽ ان وابستگيءَ ڪري توڙي جو سنڌ اندر مسلمان ميجارٽي ۾ آهن، مگر عملي طرح ان ميجارٽيءَ جو کين ڪو به فائدو پهچي ڪونه ٿو سگهي.

6 - تنهنڪري، سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ لاءِ مسلمانن طرفان تحريڪ شروع ٿي ويئي، جنهن جي هندن شدت سان مخالفت ڪئي، ۽ جنهن تناسب سان هُنن سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت ڪئي، انهيءَ تناسب سان مسلمانن کي يقين ٿي ويو ته بمبئيءَ وارو تعلق سندن حق ۾ واقعي نقصانڪار آهي ۽ سندن نجات جو راز ان ۾ ئي مضمر آهي ته سنڌ کي بمبئيءَ کان ڇني، پنهنجي مٿي جدا صوبو بڻايو وڃي. ان تحريڪ جي اڳواڻي خانبهادر محمد ايوب کهڙي ڪئي. جيڪو پاڻ لاڙڪاڻي جو ويٺل هو، ۽ جنهن کي لاڙڪاڻي جي فسادن دوران ڪوڙن فوجداري مقدمن ۾ ڦاسائڻ لاءِ هندن طرفان سخت ڪوشش ٿي چڪي هئي.

7 - اڳتي هلي نيٺ سنڌ جدا ٿي.

8 - سنڌ جي جدا ٿي وڃڻ بعد به هندن طرفان اها ئي ڪوشش جاري رهي ته مسلمان اڪثريت کي ان علحدگيءَ جي فائدي ماڻڻ کان روڪيو وڃي.

9 - ان مقصد سان هندن، اسيمبلي اندر مسلمان اڪثريت کي ٽوڙڻ خاطر، متحد ٿي هيءَ ڪوشش شروع ڪئي ته مسلمان گروپن کي ڪڏهن به پاڻ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو وڃي ۽ منجهانئن هميشه اهڙي گروپ کي پاور ۾ رکبو اچجي، جنهن جو مقدار زياده تر مسلمان ووٽن تي نه، پر سندن (يعني هندن جي) ووٽن تي هجي.

10 - 1937ع ۾ ”جدا يا آزاد سنڌ“ جون پهريون چونڊون ٿيون. ڪامياب مسلمان ميمبرن جي اڪثريت توڙي جو يونائيٽيڊ پارٽيءَ ۾ هئي، ۽ سر غلام حسين جي مسلم پارٽيءَ کي فقط ڇهن ميمبرن جي پٺڀرائي حاصل هئي، مگر ان هوندي به جڏهن گورنر، سر لانسلاٽ گراهم، وزارت عظميٰ تي سر غلام حسين کي ويهاريو ته هندن پٺڀرائي انهن ڇهن ميمبرن واري گروپ جي اڳواڻ يعني سر غلام حسين جي ئي ڪئي. مقصد اهو هون ته جنهن صورت ۾ سر غلام حسين کي مسلمان ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت حاصل نه آهي، تنهنڪري کيس بطور وزيراعظم جي هر وقت هندن اڳيان ئي محتاج رهڻو پوندو.

11 - ايندڙ سال، يعني 1938ع ۾، سر غلام حسين کان به ناراض ٿي پيا، تنهنڪري کيس ڪيرائي خانبهادر الله بخش جي وزارت قائم ڪرايائون. ڪجهه مهينن بعد، خانبهادر الله بخش ۽ سندس مسلمان حمايتين جي وچ ۾ ڍلن جي معاملي تي اختلاف پيدا ٿي پيو ۽ مسلمان ميمبرن جي اڪثريت خانبهادر الله بخش کان جدا ٿي ويئي.

12 - مسلمان ميمبرن جي اڪثريت، الله بخش مرحوم کان جدا ٿيڻ بعد، هندن کان تقاضا ڪئي ته جنهن صورت ۾ الله بخش وزارت قائم ڪرڻ وقت سندن (يعني هندن جي) ائگريمينٽ ان ساريءَ پارٽيءَ سان ٿيل هئي ۽ نه ذاتي طرح خانبهادر الله بخش سان، ۽ هينئر جنهن صورت ۾ اها پارٽي خانبهادر الله بخش کان جدا ٿي ويئي آهي، تنهن صورت ۾ هندو ميمبرن کي پڻ الله بخش کي ڇڏي، اڪثريت واري پارٽيءَ سان پنهنجي اصلوڪي وابستگيءَ کي قائم رکڻ گهرجي. پر هندن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. الله بخش کي اقليت، ڪمزوريءَ ۽ محتاجيءَ جي حالت ۾ ڏسي، کيس هڪدم پنهنجي سرپرستيءَ هيٺ ورتائون، بلڪه کانئس ڪي اهڙا ڪم ڪرايائون، جنهنڪري مسلمانن کي اڳ کان به وڌيڪ يقين ٿي ويو ته هندن جي نيت محض اها آهي ته سنڌ مٿان وزارت هميشه اهڙي قائم رکبي اچجي، جنهن جي زندگيءَ جو مدار سندن ووٽن تي هجي.

13- ان اسٽيج تي سمورا هندو ميمبر، ڪانگريسي خواهه غير ڪانگريسي، پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي، خانبهادر الله بخش جي زور سان پٺڀرائي ۽ حوصله افزائي ڪرڻ لڳا. آل انڊيا ڪانگريس کي اپيلون ٿيون: سردار پٽيل، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ آچاريه ڪرپالاڻي، دهليءَ مان ڪاهي اچي ڪراچيءَ پهتا. طرفين جون ڳالهيون ٻڌائون، مگر فيصلو اهو ئي قائم رهيو ته مسلم اڪثريت جي مخالفت هوندي به الله بخش کي قائم رکجي.

14 - هندن ۽ ڪانگريسين مان آخري طرح نااميد ٿي، واسطيدار مسلمان ڪم ڪندڙن، جن جو اڳواڻ جي. ايم. سيد صاحب هو، پهريون دفعو مسلم ليگ ڏانهن رخ رکيو. هيلتائين سنڌ اندر مسلم ليگ جو ڪو به نانءُ نشان ڪونه هو، حالانڪ هندستان جي ٻين حصن ۾، اڳ ۾ ئي، 1935ع کان وٺي، ان تحريڪ جو نئون ۽ آخري دؤر شروع ٿي چڪو هو.

15 - 1938ع جي پڇاڙيءَ ۾، پهريون دفعو، سنڌ جي سرزمين تي، ڪراچي شهر اندر، قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ، مسلم ليگ جي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جي سلسلي ۾ هندستان جي مختلف صوبن جا مسلم ليگي اڳواڻ ڪَهي اچي سنڌ ۾ پهتا. ڪانفرنس سڏائڻ جو فوري مقصد محض اهو هو ته الله بخش جي وزارت خلاف آواز پيدا ڪيو وڃي، مگر هڪ سياسي سيلاب کي بند ڀڃي پنهنجي طرف رخ وٺائڻ بعد ڪير ٿي روڪي سگهيو! ڪانفرنس هلندي، هندن اڳ کان به وڌيڪ الله بخش مرحوم جي پُٺي ٺپري، ۽ ڪانگريس جي نالي ۾ خود پاڻ به اڳئين کان اڳرا ٿي بيهي رهيا.

16 - اها ڪانفرنس اهڙي عظيم پيماني تي ٿي رهي هئي، جو ڪانفرنس ڏسندي، هندن کي هڪدم هوا جو رخ پروڙي، محسوس ڪرڻ کپندو هو ته سندن شروع ڪيل پاليسي هندو اقليت ۽ مسلم اڪثريت کي مستقلا= هڪٻئي کان جدا ڪري رهي آهي ۽ صوبي جي سياست کي هميشه لاءِ فرقيوارانه رنگ وٺائي رهي آهي، جنهن جو نتيجو اڳي پوءِ اقليت لاءِ ئي نقصانڪار ثابت ٿيڻو آهي، مگر هندن تدبر ۽ دورانديشي ڏيکارڻ بدران پاڻ وڌيڪ شوخي ۽ ضد جو رستو اختيار ڪيو.

17 - آخر انهيءَ ئي ڪانفرنس ۾، سنڌ جي هندن مان نااميد ٿيل مسلمان ورڪرن جي تجويز تي، پاڪستان متعلق پهريون دفعو ٺهراءُ پاس ٿيو. خاص سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس، آل انڊيا ليگ کي استدعا ڪئي ته جنهن صورت ۾ هندو اهو فيصلو ڪري چڪا آهن ته مسلمانن جي اڪثريت وارن صوبن اندر به مسلمانن کي ڪنهن به فائدي وٺڻ جو موقعو نه ڏنو وڃي، تنهن صورت ۾ هينئر آل انڊيا ليگ کي ڪا اهڙي اسڪيم تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن هيٺ مسلم اڪثريت وارا صوبا هندستان کان جدا ٿي، پنهنجي مٿي ملي، هڪ علحده فيڊريشن قائم ڪري سگهن. اها آهي پهرين لڪير، جنهن جي بنياد تي اڳتي هلي پاڪستان جو سارو نقشو تيار ٿيو.

18 - ان بعد به هندن کي مت ڪانه آئي. سکر جي مسلمانن، سرڪار کان تقاضا ڪئي ته بندر تي ويران حالت ۾ پيل منزلگاهه واريون عمارتون جنهن صورت ۾ اولا= مسجد طور تعمير ٿي ۽ ڪتب اچي چڪيون هيون، تنهن صورت ۾ انهن جو قبضو هاڻي ورائي مسلمانن جي حوالي ڪيو وڃي. هندن، حسب دستور ان مطالبي کي به هڪ سياسي اِشُو بڻائي، ان جي بنياد تي مخالفت شروع ڪري ڏني. الله بخش تي زور آندائون ته ڪنهن به طرح مسلمانن جي خواهش پوري ٿيڻ نه ڏئي. چنانچ الله بخش انڪار ڪيو، ۽ مسلمانن ستياگرهه شروع ڪئي. الله بخش سختي ڏيکاري، ته ستياگرهه خونريزيءَ جي صورت ورتي. سوين هندو مارجي ويا، هزارين مسلمان گرفتار ٿيا، آخر ۾ مجبور ٿي، هندن کي الله بخش وزارت کي ختم ڪري، خود پنهنجن هٿن سان مسلم ليگين کي وزارت جي مسند تي ويهارڻو پيو. ان دوران ۾ سرڳواسي ڀڳت ڪنور رام پڻ، ريل ۾ ويٺي، رڪ اسٽيشن تي خواهه مخواهه خون ٿي ويو.

19 - پر جيئن منزلگاهه جو مسئلو ختم ٿيو ۽ صوبي اندر ٺاپر ايندي ويئي، تيئن هندن کي وري الله بخش مرحوم جي ياد ستائڻ لڳي. ستت ئي ليگ وزارت کي ڪيرائي، وري الله بخش کي پاور ۾ آندائون.

20 - سنڌ جا مسلمان اڳ کان به وڌيڪ زور سان پاڪستان تحريڪ ۾ ڪاهي پيا. نه فقط سنڌ بلڪ ساري هندستان اندر، پنهنجي صوبي جو مثال سامهون رکي، پاڪستان جي فائدي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون. ساري هندستان اندر، سنڌ جي اسيمبلي پهرين ئي قانون ساز جماعت هئي، جنهن پاڪستان جي فائدي ۾ باقاعدي ٺهراءُ پاس ڪي و.

21 - 1947ع ۾ آخر پاڪستان قائم ٿيو، ۽ سنڌ جي هندن کي پنهنجي وطن مان لڏي هندستان وڃڻو پيو.

22 - 1948ع ۾ ڪراچي سنڌ کان جدا ڪئي ويئي.

23 - 1955ع ۾ سنڌ بطور هڪ علحده صوبي جي ختم ٿي، مغربي پاڪستان جو حصو بڻي.

غور فرمايو: شروع ڳالهه ٿي لاڙڪاڻي مان، ڳيريلي جي رن تان، ۽ ديوان بلوچ جي ڪٽرپائيءَ سان، ۽ پوءِ؟ مختلف منزلن مان گذرندي گذرندي، آخر وڃي پهتي ڪٿي! اڄ سنڌ جا هندو صاحب، بي گهر ۽ بي وطن، مستقل شرنارٿي آهن، ۽ سنڌ جا مسلمان ۽ ڀٽائي عليہ الرحمت جا بيت:

وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دهلين دمامين نفرين، پر ۾ پڇياس،
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾!

 

لاڙڪاڻي، ساهه سيباڻي، معشوقن جي مڪان جي امڪانات ۽ قوتن جو اهو فقط هڪ معمولي مظاهرو هو، جنهن حقيقي طرح ساريءَ تاريخ ۽ قومن ۽ ملڪن جي قسمت کي چڪر ۾ آڻي ڇڏيو.

جن هندن کي پاڪستان ٺهڻ بعد پهرئين ئي پهر وطن ڇڏڻو پيو، تن مان هڪ ديوان لالچند به هو. هندستان پهچڻ کان پوءِ، سندس پرلاءُ وري ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو- شايد ستت ئي سرڳواسي ٿي ويو.

*              *               *

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org