سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: وٺا پٽ پراڻ جا

 

صفحو :3

 

پاڻ کان پاسي ٿيڻ

 

پاڻ چاڙهيم، پاڻ لاٿم، پاڻ ۾ ئي پاڻ هوس،

پاڻ کان پاسي ٿيس، حق ۾ ويس هڪ آئون بڻي،

باهه جنهن شيءِ کي ٿي ٻاري، سا جياري باهه کي،

ٿي ضعيفي ضرب کائي، پوءِ رسي قوت گهڻي.

1965ع

 

غزل

 

رس ڀري تيڏي جواني، چوس پيوڻ هي ثواب،

رقص تيڏي هر قدم وچ، ڄڻ تجّلي وچ تراب.

 

ٿيا مطلع هي نوان قرآن تيڏي قرب دا،

پڙهه نه پورا مين ڪيتا، جو نينهن تيڏي دا نصاب.

 

ٿيون خدائي قلم دي تحرير تون ڪا پرڪشش،

ٿي تلاوت فرض مين تي، جو مقدّس تون ڪتاب.

 

وڌ حضوري دا قلم، يا وڌ محّمد دا ڪلام،

شيخ ڪر تون فيصله، ڪوڙا نه ڏي مين تي عتاب.

 

پار ٿيا پارا جواني دا، نه روڪيا ڪنهن حفيظ

ٽوڙ ڳيا ٽوئي ڪئي مذهب دي سڀ موٽي نقاب

 

ٿي نه بي قدرا، جواني ڪون نه ڏي، ڪنهن پرشڪست،

ول نه آوسي ٻي دفعي، مهمان هي تيڏا شباب.

 

موهه مايا نال رک تون، ڪونه ٿي ڪانئر گناهه،

هي دنيا تحفا ملي تيڪون انهي دي وچ حساب.

 

10 – 6 – 1968ع

 

بيت

 

باهه برهه دي ٻال مٿي مچ، ميڪون ڪيون پيا ساڙين،

چلهه تي چاڙهين

ڏاڙهه ڏينهن تون ڏنگ هڻ ڏک دي، ڪونه پڙهين ول جهاڙين،

ڪاڙهي ڪاڙهين.

چور چشم دي چال چلي، تون گهاءُ گهوريندي گهاڙين،

نيزي ناڙين.

ناز نوين ڪر نخري نٽ ڪي، ڪا ڪل ڪنڌ تي لاڙين،

چهبڪ چاڙهين.

تيز اکئين دا آب گڏاڪر، دل دي ڳڙ تي ڳاڙين،

ڦٽ پيا ڦاڙين.

ديد دناليان مين تي تڪ تي، ڌار ڪتيان تين ڌاڙين،

ماريا جاڙين.

ڪون ڪتي ڀي ميڏي تيڏيان، ڪين لٿيان ڪي ٻاڙين،

ٻي پيا تاڙين.

 

5 – 4 – 1965ع

 

بيت

 

عشق عقل هي ميڏا نيتا، باه بره دي ٻالي-

ڪا ڏک والي.

غم گهڙيالي گهت ڳيا گهر وچ، آپ مٿو سڀ ٽالي-

مين تي ٻالي.

ڪونه سڄڻ ول ڦيرا ڪيتا، ميڏا عشق اٿالي-

ٿي دل دالي.

ڪونه مڪا ڪو قاصد نياپا، ناول محب مقالي-

ٿي بدحالي.

رو رو جاري راهه ڪتي، هي دل وچ خوف دنالي-

ٿي ڳثي خالي.

شام ڪنون دل دڙڪا ڪيتا، دڪ دڪ نال ڌمالي-

هي متوالي.

ڏور ڏٺم پر ڪونه مليا سو، گهر گهتيم سڀ خالي-

ٿي جٺ جالي.

ڪانه ڳنڍيندي هڻ ڪا قابو، ڦاڪان ٿي جا ڦالي-

ڏوکي ڏالي.

وقت نه گذري واقف ڪر ڳيا، ميڪون ڏک ڏکالي-

ٿي اک آلي.

ڏک وچ عمر گذاريم ساري، ڪونه ڪيتا وڙ والي-

ڏي ڪا مالي.

11 – 4 – 1965ع


 

 

بيت

 

مست چشم محبوب ميڏي دي، ڪين ڪهڻ دي عادي

ٿي بربادي.

شوق شڪارؤن ڦردي وتدي، دل دي هن آبادي.

ڄڻ ڪا وادي.

تير هڻن ڪي ترڪش چوڪي، جان جنهين جند کاڌي،

ٿي ڪا تعدي.

ڪانه قبولن ڪائي هدايت، حڪم هووي جي هادي،

هن ڄڻ گادي.

مار گهتيو ني مفت چ ميڪون، ڏيکڻ دي ڏي واڌي،

هي دل سادي.

10 – 6 – 1968ع


 

بيت

 

ساهه سڄڻ ٿيا ساڻا ميڏا، ڪونه ڪيتئي ول ڦيرا-

ڏي ڳيون ڇير.

آپ اٿالي – عشق اساڏا، باهه برهه ڏي اڄير

جل گيا جيرا.

رات رقيبن نال گذاري، گهر دي وچ ڏي گهيرا-

چاتم پيرا.

نال اسان کل ڪونه الايئي، نال ٻنهان گهر ديرا-

ول ول ڦيرا.

کام انهي وچ کپ کپ ميڏا، جان جسم ٿيا کيرا-

ڏر ڳيا ڏيرا.

10 – 6 – 1968ع

 

شهيد – ناز

جو شهيد – ناز آهي، ڪونه گهرجي، تنهن ڪفن،

نازنينون ناز سان، لاشو کڻن، قاتل ڪلهن،

چشم چنچل اشڪ آڻي، غسل – غم ڏيو گهوٽ کي،

محب جي در جي مٽيءَ ۾ پوءِ ڪريو هن کي دفن.

10 – 1 – 1947ع

 

محمد ڪامل ڀٽي ”ڪامل“

 

محمد ڪامل ولد حاجي منون ذات ڀٽيءَ جي ولادت ڇهين فيبروري 1911ع تي ڳوٺ ڪاڇيلي ۾ ٿي، 1923ع ڌاري ڪاڇيلي کان، ڳوٺ فضل بنڀري ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي اڃا تائين سڪونت پذير آهي.

ڀٽي صاحب سنڌي فائينل امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان، ٽريننگ جا ٽي سال به پاس ڪيائين ۽ خانگي طرح بوستان تائين فارسي به پڙهيو. ماستريءَ جي دوران مولوي محمد زمان وٽ 1934ع کان 1936ع تائين قرآن پاڪ جي پنڌرهن سيپارن جو تفسير به پڙهيو هئائين.

ڪامل صاحب جي  شاعريءَ جي ابتدا 1931ع کان ٿي ۽ سندس شعر ان وقت جي رسالن ”ملان اسڪول مخزن“ ۽ ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيندا هئا. سندس شاعريءَ ۾ حمد، نعت، بيت، رباعي، غزل، ڪافي ۽ نظم وغيره اچي وڃن ٿا.

شاعريءَ واري زماني ۾ مرحوم مير خان محمد ”صائم“ سان سندن منظوم خط و ڪتابت هلندي هئي، جا ڏاڍي دلچسپ ۽ مزيدار هئي.

سندن شاعريءَ جا جيڪي خاص مضمون ۽ موضوع آهن، تن ۾ حمد، نعت، اسلامي اخلاق، اسلاف جا ڪارناما، غازي محمد بن قاسم ۽ قوم جي اصلاح اچي وڃن ٿا.

پراڻي دور ۾ سندن شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”گلزار ڪامل“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي، جيڪو هن وقت بلڪل ناپيد آهي.

ڀٽي صاحب کي ٻه پٽ عبدالمنان ۽ عبدالحنان پيدا ٿيا، جن مان ٻه ٽي سال اڳ عبدالمنان گذاري ويو، جنهن جو صدمو نه سهي، پاڻ روئي روئي بيحال ٿي ويو  آهي ۽ هن وقت بلڪل نابين آهي ۽ قرآن پاڪ حفظ ڪري رهيو آهي.

پاڻ 1942ع ۾ جيئن سروس کي ڇڏيائين ۽ ٻئي ڪاروبار ۾ مشغول ٿيو ته شاعري به ڇڏي ڏنائين ۽ جيڪر ڪڏهن ڪو شعر چيائين ته اهو حمديه ۽ نعتيه آهي.

سندس ڪلام مان نموني طور هڪ نعت ۽ هڪ غزل عرض رکجن ٿا.

 

نعت

 

مديني ۾ مون کي گهراءِ يا محّمد ﷺ،

ذرا پنهنجو جلوو پساءِ يا محّمد ﷺ.

 

چوي لوڪ مون کي، ديوانو ٿو تنهنجو،

چوان ڇا اها ماجرا يا محّمد ﷺ.

 

وهن نير منهنجا، مٺا تو ڏسئڻ لي،

تصور به تنهنجو سدا يا محّمد ﷺ.

 

خدا تنهنجو عاشق، تون عاشق خدا جو،

ٻنهين تان مان آهيان، فدا يا محّمد ﷺ.

 

نه آ، بادشاهن جي، پرواهه مونکي،

تنهنجي در جو آهيان، گدا يا محّمد ﷺ.

 

توهان جي بدولت، خدا شال بخشي،

اها آرزو ۽ دعا، يا محّمد ﷺ.

 

ڪجان مصطفيٰ ﷺ ڀال، ”ڪامل“ مٿي تون!

حشر ۾ تون حامي ٿجان يا محّمد ﷺ.

 

غزل

 

اي صبا چئو يار کي هيءُ عجز جو احوال هڪ،

وڙ مٺا وريام ڪر، مون تي ڀلائي ڀال هڪ.

 

منهن مٽائج تون نه مون کان، دلربا دلبر پرين،

ڪر وڃي تون نياز سان، سهڻن اڳيان هي سوال هڪ.

 

نيڪ توڙي نحس چئجان، ته به اوهان جو آهيان،

جيڪڏهن ڪو نيڪ ناهي، نامئه – اعمال هڪ.

 

مون مڙئي رشتا اڳيئي، صاف سڀ ٽوڙي ڇڏيا،

ٿيو جدائيءَ ۾ هتي، هاڻي جيئڻ جنجال هڪ.

 

هن وڇوڙي جي ڪري ”ڪامل“ ڪفن لاءِ آه تيار،

دم نزع جي ديد تنهنجي، آ لکن جي لال هڪ.

 

 

مير علي خان ٽالپر

مير علي خان ولد عبدالله، ذات ٽالپر، پاڙو بهاراڻي، رهندڙ ڳوٺ مير يار محمد ٽالپر، تعلقو ڊگهڙي.

مير صاحب جي ولادت پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ 1912ع ڌاري ٿي ۽ پاڻ سنڌي فائينل (پرائمري اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ) امتحان پاس ڪري، انجنيئري کاتي ۾ ملازمت ڪيائين، جيڪا خيروخوبيءَ سان ختم ڪري، هن وقت سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي.

پاڻ شعر چوڻ جي شروعات 1933ع کان ڪيائون ۽ ڪافي وقت ان سان نباهيندا رهيا آهن.

سندس شاعريءَ مان ڪجهه واقعاتي بيت ڏجن ٿا.

 

ڪجهه حقيقت پنهنجي حال جي

 

وٺي نالو الله جو ڪريان ٿو بيان،

ته هلندو ڪونه هميشہ لئي، سارو هي جهان،

موليٰ سندي ملڪ ۾ ماڻهو آهه مهمان،

آگو ڪندو احسان، هيڻن تي هٿرادو ڌري.

 

ڪريان حقيقت حال جي، جيڪا آهي عام،

اصل کان احوال هي ته، ڪيم پڙهڻ جو ڪام،

پهريائين پڙهيم سو، جنهن جو سولو سنڌي نام،

اتي ٻڌم ”ٻروچ“ چئي ته ٻيو علم آهي جام،

تهان پوءِ تياري ڪري، تڪڙو هليس تمام،

مدرسي ميرپورخاص جو اچي ڪيم سلام،

ات ڏٺم ڇوڪرن جا گهڻائي گدام،

پوءِ ڏاڍا ڏک ڏٺام، اتي اول دور ۾.

 

نيٺ نمائي نصيب کي، پنهنجي ڪيم نيشان،

موليٰ مددگار ٿيو، جو سائين آهه سبحان،

ڏکن سندا ڏينهڙا، ويا گذري منجهه گذران،

البت ان طرح وڃي ٿي انگريزي آسان،

چوٿون درجو پاس ڪري، ڏيئي امتحان،

پهتاسين پنجين ۾، مڙئي جُنگ جوان،

اتي آبداريءَ جو ٻڌوسون اعلان،

ڪريان هاڻ بيان، ٿو قسمت سندي ڪم جو.

 

قسمت سنڌي ڪم جي ڪريان ڪهڙي بات،

هر هنڌ اهو هل اٿيو، وائي اها وات،

ته وڃون ٿا آبداريءَ ڏي لکون ٿا درخواست،

ٿوري وقت گذرڻ بعد سنڀريو سڄو ساٿ،

اسان به ان وچ ۾، تيار ڪئي درخواست،

کڻي هلياسين خوشيءَ مان، سڄي سنگت ساٿ،

ڏيئي سان درخواست، موٽي آيس ماڳ تي.

موٽي آيس ماڳ تي، ڪري اهو ويچار،

ته ڪڏهن ملندي آبداري، ٿيندس آئون به سوار،

ڪيم پئي سي ڪمڙا الله جي آڌار،

چونڊجي ويس چونڊ ۾، پڙهيس مهينا چار،

انهيءَ وقت جي وچ ۾ پڻ وڏو هو ويچار،

ڌڪي ڪيو سو ڌار، قادر پنهنجي ڪرم سان.

 

قادر پنهنجي ڪرم سان، ڪم ڪيا سڀ راس،

پورو ڪيم امتحان کي، پرور ڪيم پاس،

رکي الله ۾ آس، موٽيس پنهنجي ملڪ ڏي.

 

اچي پنهنجي ملڪ ۾، ڪيم خوب خيال،

اچي نڪتو اوچتو، ليٽر لازوال،

ليٽر پڙهي خوش ٿيس، پروڙيم احوال،

اگهاڻا عرض عاجز جا، سڀيئي سوال،

آهين آبدار بحال، لکيل هو ليٽر ۾.

 

ٻيو لکيل هو ليٽر ۾، ته جلدي ٿيءُ تيار،

اڳيان وڏي انجنيئر جي، وڃي ٿي نروار،

وٺي حڪم حد جو، ٿي اتي حڪومت دار،

آهه اهڙو رب ستار، جو ٻڏن سان ٻاجهون ڪري.


 

 

حاجي نهال لغاري

 

حاجي نهال ولد فقير مهراب خان لغاري، رهندڙ ڳوٺ پنهنجو، لڳ قيصر خان لغاري، تعلقي ڊگهڙيءَ ۾ پنهنجي تر جو ننڍو آبادگار آهي ۽ سندس ولادت اٽڪل 1914ع ڌاري ٿي.

جيئن ته حاجي نهال جو والد فقير مهراب خان عوامي شاعر هو، ان ڪري، انهيءَ ڇڪ تحت، حاجي نهال به ڪجهه وقت شاعري ڪئي، جيڪا بيتن ۽ ڪافين جي شڪل ۾ موجود آهي، جنهن مان سندس هڪ سرائڪي ڪافي پيش ڪجي ٿي.

 

ڪافي

 

ههءِ ههءِ ڏي ڳيان هوت هٿان وچ،

پنهل سوران دا پروانا،

سانڍيم صورت سهڻي دي،

جيڪو دلبر ڪر ڳيا ديوانا،

هل هل ويسان هوت ڏهون،

ههءِ جنهن دي منزل موچاري،

راهه تي ڪهڙي روڪ ڪريسي،

چوُنڪي والا چاري،

ڏيک جلوا جانب دا،

مين ٿيان سسئي سوڀاري،

ڏونگر ميڪون ڏسڙا ڏي وو!

لهي تئين تون بهانا،

هوءِ هوءِ ڏي ڳيان.....

 

ننڊ وچ ڇوڙ نماڻي ڪون،

هوت به ڪر ڳيا هائي،

پيرنهين اٿان پنهل دا،

جنهنڪون چانگي ويندن چائي،

ڏيکان مئين جي ڏيرا ڪون،

سهڻا ڪري صفائي،

ڀليا ته ڀاڳ برهمڻ دا،

جنهن دا خالي ٿيا به خزانا،

هوءِ هوءِ ڏي ڳيان.....

 

هل هل ويسان هوت ڏهون،

مين ننڊ ڪون نال نه نيسان،

ڏک ڏوراپي ڏيران دي،

سسئي سر تي چئيسان،

آکي نهال نيڻان نال،

بديان بخشيسان،

تار لڳائي يار هليا ڳيا،

راهه به گهن ٿيا روانا،

هوءِ هوءِ ڏي ڳيان....

 

آمريءَ جو قبرستان

ٽنڊي جان محمد جي لڳ، پراڻ جي کاٻي ڪپ تي، عرب دؤر جو مشهور تاريخي قبرستان آهي، جنهن ۾ لکين درويش، فقير، اولياء ۽ علماء آرامي آهن، جتي قديم دور ۾ هڪ وڏي آمري هئي، جنهن جي ڪري انهيءَ قبرستان تي اهو نالو مشهور ٿيو.

ميين شاه عنات رضو رحه آمريءَ بابت هڪ وڏي وائي چئي آهي، جنهن ۾ ڪافي اشارا ۽ اهڃاڻ آهن.

 

موليڏنو ”مسافر“

موليڏنو ”مسافر“ ولد محمد عرف چانڊيو لاڏواڻي، نئي ڪوٽ لڳ، ڳوٺ موليڏني چانڊيي ۾ سال 1918ع ڌاري ڄائو، معمولي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي زراعتي ڪاروبار سان وابسته ٿي ويو ۽ هن وقت به اهو ئي شغل اٿس.

مسافر صاحب 1966ع کان شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ اڃا تائين چوندو اچي. هن جي شاعري ۾ مولود، مداحون، بيت وايون ۽ ڪافيون وغيره اچي وڃن ٿيون، جن مان هڪ وائي نموني طور پيش ڪجي.

 

وائي

 

ملڪ مارن جي وڃان، گل ڦل رنگ رتل!

 

وٺڙا مينهن ملير تي، تڙ تڙ تاب طبل،

ملڪ مارن جي وڃان!

محل ماڙيون بنگلا، جيءَ ۾ ٿيا جنجل،

ملڪ مارن جي وڃان!

”مسافر“ جي ملڪ تي، ڀرجي آيا بادل،

ملڪ مارن جي وڃان!

 

غلام حيدر ”غمدل“

 

غلام حيدر ”غمدل“ ذات سيال رهندڙ جهڏو شهر. جنم جي تاريخ 19 فيبروري 1927ع ۽ تعليم سنڌي فائينل اٿس.

سيال صاحب ڪافي وقت کان تعليم کاتي ۾ سينيئر پرائمري ٽيچر آهي ۽ سٺي نموني پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪندو پيو اچي.

هيءُ اڃا جوان مس ٿيو ته مٿس غمن جي بارش شروع ٿي ويئي ۽ هن غريب غمن جي انهيءَ بار هيٺ دٻجي جيڪي آهون دانهون ڪيون، سي شاعريءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيون ۽ اڃا تائين جيئن جو تيئن جاري آهن.

’غمدل‘ صاحب جي شاعريءَ مان هڪ مناجات ۽ هڪ ڪافي عرض رکجي ٿي.

 

مناجات

 

خدايا تنهنجي رحمت جو، نه قادر ڪو ڪنارو آ،

الاهي تون امن ۾ رک، چمن ڪو مايو سارو آ.

 

سلامت رک سدا سائين، چمن منهنجي اميدن جو،

جگر جو خون جنهن کي، مون ڏنو هر بار سارو آ.

 

گهري گرداب ۾ ڪشتي، نه طاقت ڪا رهي تن ۾،

سلامت ساٿ پهچائج، پري مون کان ڪنارو آ.

 

مصيبت ۾ ڀڄي ڀائر ڇڏي، ساٿي ويا سارا،

وسيلو ٿي تون واهر ڪر، فقط تنهنجو سهارو آ.

 

چڱيءَ پر پرکي در سارا، ڏٺا مون ڏيهه جا ڏاتر،

سوا تنهنجي سچا سائين ٻيو ڪوئي نه چارو آ.

 

غمن ۾ ٿيو آهيان ’غمدل‘، سهي صدمن مٿي صدما،

نه راحت روح کي آهي، بدن بيچين سارو آ.

 

ڪافي

 

ٻڌل وقت آهي، هٽائي نه سگهبو،

ازل جي لکئي کي مٽائي نه سگهبو.

 

ويا شاهه پسجي سراسر پلڪ ۾،

نه جنبش ڪا آئي ذرا ڀي فلڪ ۾،

هلي جو ٿو چرخو، رڪائي نه سگهبو.

 

ڀلي زور شهه زور لائي ڏسي ڪو،

ڀلي ڀاڳ کي آزمائي ڏسي ڪو،

امر کان سواءِ ڪجهه پرائي نه سگهبو.

 

سڪون ساڻ ’غمدل‘ نباهي سدا تون،

لڳاتار ڪوشش ڪندو رهه ادا تون،

آيو وقت ڀرجي وڌائي نه سگهبو.

 

سرفراز واهه

 

ميان سرفراز ڪلهوڙي جو کڻايل واهه،

جيڪو حيدرآباد کان اوڀر طرف ڏانهن

وهندو هو، سو ٿرپارڪر ضلعي جي

ايراضيءَ ۾ داخل ٿيندي، ڊگهڙيءَ جي

اوڀر طرف کان وهندو، پراڻ ٽپندو هو،

جنهن جي وهڪري جا نشان، فقير

غلام علي لغاريءَ جي ڳوٺ لڳ،

اولهه ڏکڻ طرف موجود آهن.


 

 

فقير ميرڻ خان رند

 

فقير ميرڻ خان ولد سنجر خان، ذات رند پاڙو مريداڻي، ڊگهڙي تعلقي جي بزرگ شاعرن مان آهي. سندس ولادت 85 – 1884ع ڌاري ڳوٺ ’کرڇيلي‘ تعلقي ساماري ۾ ٿي، جتي سموري عمر مال چارڻ، محنت مزدوري ۽ هارپي ڪندي گذاريائين.

چند سال ٿيندا جو پاڻ ڊگهڙي تعلقي جي ڳوٺ محمد علي جروار ديهه 190 ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو آهي، جتي ساڻس گڏ، سندس ٻيو ڪڙم قبيلو به آباد آهي.

فقير صاحب جي شاعريءَ جي شروعات سال 41 – 1940ع ڌاري ٿي، جڏهن پاڻ هڪ وڻ هيٺ ستو پيو هو ۽ اتي عجيب خواب ڏٺائين، جنهن ۾ کيس هڪ بزرگ ڏيکائي ڏيئي، ڪنهن ڏوراهين ملڪ وٺي ويو، جتي هن ڪئين رنگ ڏٺا، جن ۾ آسمان جو سير، فرشتن جا ٽولا ۽ انهن جا ڪم، ڪڪرن جو پاڻيءَ جي سمنڊن مان ڀرجڻ، فرشتن جو ڪڪرن کي ڪاهڻ مينهن وسائڻ وغيره جا ڪئين منظر هئا.

فقير صاحب خواب مان جاڳيو ته سندس حالت اور هئي ۽ هن اتي پهريون بيت چيو، جنهن ۾ خواب واري منظرن جون ڪجهه جهلڪون پيش ڪيون اٿس، جيئن:

ياراني لڳي يار سان، جو پرين پهلوان

اڏريو آسمان ڏانهن، جت قدرت ڪمي ڪانه

وٺيو وڃي پيو پاڻ سان، ڇڏي نه ٿو هاڻ

عزيزن کي آسرو هوندو، ويندي ورهين ڪاڻ

وڙهي پوري نه پئون، جو هو نه آهي انسان

ويجهو ويٺل ناهه ڪو، هو رهي ستين آسمان

’ميرڻ‘ کي ڇڏيائين ان ملڪ ۾، جت ڪل پوي ٿي ڪان

اکين جي آس پاس ۾، مَلڪن ڪمي ڪان

شاعر ڀاڱو صبر جو، تنهن جي قرب ۾ تون آڻ

توسان ناتو جنهن جو، تنهن جي قرب تان قربان

اتر اڀرندي کان ڏٺم پئي، سمنڊ وهيو ساڻ

ستين تاريخ سانوڻ جي، ٻي ڪڪرن ڪمي ڪانه

اتي آيا مَلڪ الله جا، ڪئين پدمين پهلوان

ڀري ڪڪر، ڀرپور ڪري، اڏريا آسمان

’ميرڻ‘ چئي ملڪن سان، تندو مور نه تاڻ

شاعر ٿيءُ سڄاڻ، ته ونڊ ملئي ٻئي ملڪ جي.

 

اهڙيءَ طرح هڪ دفعي، عيد نماز کان پوءِ رئيس جڙئي خان، جمال خان ۽ ٻين رئيسن، حيدرآباد کان گهرايل ڳائڻيون ڳارايون ۽ نچايون، جتي هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿيا، جن ۾ هندو، مسلمان، ڀيل، ڪولهي وغيره ڪئين قومون شامل هيون.

اهو ميڙ ڏسي، جڏهن فقير صاحب اتي ويو ته وڏي رئيس پڇيس ته: ”فقير صاحب! نماز تي ماڻهو گهٽ آيا ۽ ڳائڻ تي گهڻا، تنهن جو ڪهڙو سبب آهي؟“ تڏهن فقير صاحب جواب ڏنو ته : ”رئيس صاحب! هو خدائي بار هو ۽ هيءُ شيطاني تماشو آهي ۽ اڄڪلهه جا ماڻهو رحماني گهٽ ۽ شيطاني وڌيڪ آهن، ان ڪري ائين ٿيو آهي.“

انهيءَ تي رئيس چيس ته: ”فقير صاحب! ڪو اهڙو بيت ڏي، جيڪو نصيحت هجي.“ تنهن تي فقير صاحب بروقت هڪ بيت چيو، جيڪو هن طرح آهي:

 

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب سبحان

خاوند خلق خلقي، جنهن ۾ هندو، مسلمان

هنن ڀڄي باهه قبولي، ٿيا دوزخ جا دربان

هو چڙهيا راهه رسول جي، الله ڏنن ايمان

محشر ٿيندن مان، جو ڪن ٿا عبادت الله جي.

اهو بيت چئي هڪدم مٿان ٻيو بيت چيائين ته:

 

رکو نينهن نماز سان، جا اڳتي جي آڌار،

ٽيهئي روزا رمضان جا، بندا لاهيندئي بار

هن دنيا جي دؤر کان، جڏهن ڌڻي ڪندئي ڌار

هلندين هتان هيڪلو، مر حيلا ڪرين هزار

اڳتي ايندئي اوچتا، ٻه ڪاوڙجي قهار

دين، ربّ، رسول جا، پڇندئي اچي پار

ملڪن تي ”ميرڻ“ چئي، مورهون ناهه ميار

پوءِ ايندا مّلڪ الله جا، ٻيءَ منزل تي موچار

اچي ’پنا‘ پڙهندا پرت مان، چٽيل جي چوڌار

ڏوهن ۽ ثوابن جا، هوندا ان تي حرف هزار

سوڙهي گهٽي، سختي گهڻي، تانگهو ڏسبو تار

ان سختيءَ ۾ سيد سچو، مرسل آهه مدار

ڪڍندو اچي ’ڪاٺ‘ مان، ٿي نشانبر نروار

اسان جي حب حسنين سان، جي اڳتي جا آڌار

اسين انهي راهه تي آهيون، ساري سڀ ڄمار

ڪلمون اسان جي قلب ۾، قابو آهه قرار

سائين ربّ ستار، شل روضو پسائي رسول جو!

 

اهڙي طرح فقير صاحب ڪئين في البديهه ۽ واقعاتي بيت چيا آهن، جيڪي کيس ئي ياد آهن.

فقير صاحب جي خاندان ۾ سندس نالو شير خان ۽ نبي بخش خان سٺا عوامي شاعر ٿي گذريا آهن، جن ۾ نبي بخش خان، مهراڻي جي مير سيد راضي شاه لڪياري جو دوست ۽ صحبتي هو ۽ هن وقت سندس پونين ۾ سندس ڏوهٽو محمد بخش ”شمشير“ اسرندڙ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org