سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: وٺا پٽ پراڻ جا

 

صفحو :6

 

غزل

 

ناز پرور ناز مان، نازڪ نهاريندا وڃن،

واٽ ويندي ڪئين مسافر، مفت ماريندا وڃن.

 

1-

هڪ ته آهن سونهن جا سردار،

ٻيو سينگار ڪن،

حسن ۾ حورن پرين کي،

ڏنڀ ڏياريندا وڃن.

2-

مفت مارڻ مرڪ سان،

محبوب جو آ مشغلو،

تير نيڻن جا نوان،

نت نت، الاريندا وڃن.

3 -

ڊيل جيئن ڊوڙي ڊڪي،

ٿا نياز سان گڏ ناز ڪن،

هنج هن جي همسريءَ کان،

هار هاريندا وڃن.

4-

ڪلهه هنيو جو گلبدن،

”غازي“ کي ’گل‘ هڪ گهور جو،

هر مهل ان جا اثر،

اڌما اٿاريندا وڃن.

 

غزل

 

ملي ڪو دان دلبر کان،

وري آهيون وڃڻ وارا،

وڄايون بين در در تي،

آهيون جوڳي هلڻ وارا.

 

(1)

رهون ڪا رات قسمت سان،

ڪڏهن ڪنهن شهر يا گهر ۾،

کٽون بستر کڻون ڪهڙا؟

آهيون پٽ تي سمهڻ وارا.

(2)

ڏکويون ڇو ڀلا ڪنهن کي؟

بنان ڪنهن ڳالهه ۽ ڳت جي،

اسان پنهنجا ٽپڙ پاڻهين،

کلي آهيون کڻڻ وارا.

(3)

نڪي ڪاوڙ خصومت ڪا،

نڪي ڪو رنج نه ڏوراپا،

رسي ڪو ڀل رسي هردم،

اسين ناهيون رسڻ وارا.

(4)

پيو گذري غمن ۾ وقت،

”غازي“ ته به شڪر آهي،

لٽياسون صبر ۾ ليڪن،

نه آهيون اُف ڪرڻ وارا.

 

بيت

 

قسمت ڪهڙو ڏِس ڪيو، مون سان آهه ڪلور،

هليس ته هلڻ نه ٿئي، چلڻ ڪيم چور،

سورن، ڏکن، ڏاکڙن، ماري ڪيو مجبور،

”غازي شاهه“ غمن سان، ڀاڳ ٿيو ڀرپور،

ڪنهنجو ناهه قصور، اهو لکيو لوح قلم ۾.

 

0

 

گجڻيءَ جو ڀڙو

 

نئين ڪوٽ جي شهر لڳ؛ اوڀر طرف هڪ پراڻي وهڪري جي ڪناري تي ننڍو ڀڙو آهي، جنهن کي ”گجڻيءَ جو ڀڙو“ سڏين ٿا؛ جنهن جو پُٽ، اتي جي حاڪم سامڀر ڀٽيءَ مارايو هو ۽ گجڻي سلطان محمود وٽ دانهن کڻي ويئي هئي ۽ اتان لشڪر وٺي آئي هئي؛ جنهن سامڀر ڀٽيءَ کي ماري، ان جو شهر گجڻيءَ جي حوالي ڪيو هو.

 


 

 

خالد لغاري

 

حافظ خالد حسين ولد محمد هوت ”مجرم لغاري“ تخلص ”خالد“ ۽ ”خاڪسار“ ڳوٺ قيصر خان لغاري، تعلقي ڊگهڙي ۾ 9 – 6 – 1952ع تي تولد ٿيو. هفتي کن اندر ماتا جي مرض سبب ٻنهي اکين کان وڏو ٿي ويو. مگر قدرت سندس اندر جون اکيون روشن ڪري ڇڏيون. پاڻ قرآن شريف جو حافظ آهي. اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ ريڊيو ٻڌڻ سبب، ادبي ۽ سماجي معلومات تمام گهڻي اٿس. تعليم ڳوٺ پير ابراهيم جان سرهندي ۽ سنڌ جي ٻين مدرسن ۾ ورتائين. قرآن شريف جي قرئت سکڻ لاءِ ٽوبه ٽيڪ سنگ، پنجاب تائين به ويل آهي. هن وقت تائين ٻه سؤ کن ڪافيون، غزل ۽ بيت وغيره چيا اٿس. هتي سندس هڪ غزل ۽ هڪ ڪافي حاضر آهن.

 

غزل

 

شڪر الحمدلله، اڄ اڱڻ منهنجي عجيب آيا،

ڪيا مون تي ڪرم قادر، ڪني وٽ اڄ قريب آيا.

 

اهي احسان عجيبن جا، وساري ڪين ڪي سگهبا،

هيون حيران هو جن لئي، هلي سي اڄ حبيب آيا.

 

صدين کان جن کي ساريم ٿي، هنجون جن لاءِ هاريم ٿي،

جنين لئي من هيو ماندو، اهي مشفق مجيب آيا.

 

خداوند، خاص ’خالد‘ کي، پسايا اڄ پرين پنهنجا،

نهاريو جن لئي نيڻن ٿي، سي نوري اڄ نجيب آيا.

 

ڪافي

 

ڪجهه گذري، ڪجهه گذري ويندي،

منهنجي هيءَ حياتي،

ڪو ته دلاسو دل کي ڏين ها،

ساهه منهنجي جا ساٿي.

 

(1)

توکي پنهنجو ڪجهه سمجهيم،

پر ٿئين نيٺ پرايو،

توسان لڳائي دلڙي دلبر،

مون آهه درد پرايو،

ڪجهه نه ڪڇيو تو ويل وڃڻ جي،

اٿم اهو ڏک ذاتي.

(2)

ڏسڪي ڏسڪي ڏينهن لنگهن ٿا،

روئندي گذاريان راتيون،

توکي پسڻ لئي او پرديسي،

اکڙيون آهن آتيون،

آهي خبر هي منهنجي خدا کي،

توسان ڪيئن دل ڦاٿي؟

(3)

حسن وارن کان هردم يارو،

رهجو پاڻ پري،

جنهن کي ڏنگن هي نانگ زهريلا،

پاڻي سو نه گهري،

پاڻ ڏاڍن سان پيار ڪري،

مان جيئري ٿيس مماتي.

(4)

ڪهڙيون خطائون ’خالد‘ کان ٿيون،

ٻولي تون ته ٻڌاءِ،

ڪهڙي جرم جي آخر ان کي،

سهڻا ڏني تو سزا،

شام سويري سڄڻن مون ڏي،

سور مڪا سوغاتي.

 


 

 

محمد عرص ”عاصي“

 

محمد عرس ”عاصي“ ولد غلام حسين ذات مياڻو رهندڙ ٽنڊو جان محمد شهر، تعلقو ڊگهڙي 12 – 2 – 1956ع تي تولد ٿيو. پڙهڻ لائق ٿيندي ئي تعليم سان وابسته ٿي ويو ۽ هن وقت ائگريڪلچر يونيورسٽي، ٽنڊي ڄام ۾ بي – ايس – سي آنرس جو شاگرد آهي.

”عاصي“ صاحب جي شاعري 1977ع کان شروع ٿي ۽ هن وقت تائين اٽڪل سؤ کن ڪلام چئي چڪو آهي. سندس شاعريءَ ۾ غزلن جو غلبو آهي، ان ڪري هتي به سندس ٻه غزل ڏجن ٿا.

 

غزل

 

نه ٿي غمگين اي دلڙي،

سندئي درمان آيو آهه،

شڪر الحمد، ٿي مون وٽ،

سڄڻ مهمان آيو آهه.

 

گهڻو گذريو غمن ۾ هو،

ڪٽيندي وقت فرقت جو،

مٺو محبوب اڄ ماه – لقا،

ذي شان آيو آهه.

هيون جنهن راهه ۾ روڪون،

نه پهچڻ هو پرينءَ تائين،

مٺو محبوب، سا منزل،

ڪرڻ آسان آيو آهه.

 

سندم سورن ۽ دردن کي،

جڏهن سمجهيو سڄڻ سهڻي،

اڱڻ تي عرس ’عاصيءَ‘ جي،

ڪري احسان آيو آهه.

 

سوين ٿورا، لکين لائق،

ڪري محبوب موچارو،

پراهين پنڌ تان پنهنجو،

ڏسڻ دربان آيو آهه.

 

ٻڌي ٻانهون، جهڪائي سر،

ڪيو اعلان هي ”عاصي“،

”دکين کي پنهنجي درسن جو،

ڏيڻ اڄ ڏان آيو آهه“.

 

غزل

 

حياتي وئي تنهنجون راهون تڪڻ ۾،

مگر تون نه آئين ڪٿي ڀي ڏسڻ ۾.

 

ڏکيا ڏينهڙا ٿا وجهن ڏيل ڏاريو،

نه لائج مٺا دير هاڻي اچڻ ۾.

 

ستائن سنديئي ٿيون يادون سدائين،

مٺا مشڪلات آيا ڪهڙي ملڻ ۾؟

 

گذاريان ٿو روئندي، ڪريان پيو دعائون،

سڄي عمر شل تون گذارين کلڻ ۾!

 

ڪڏهن ڪين سهڻا ڪو درسن ڪرايئه!

گذاريئه پيارا سدائين لڪڻ ۾.

 

پسند ڪين آيئي ڇا ”عاصيءَ“ جي الفت؟

سڻائج سگهو، آهيان دم ڏيڻ ۾!

 


 

 

مير محفوظ علي ”محفوظ“

 

مير محفوظ علي ”محفوظ“ ولد مير محمد حسن ٽالپر پاڙو خاناڻي، رهندڙ ڳوٺ ’گهل پور‘ لڳ ٽنڊو جان محمد، تعلقو ڊگهڙي.

مير محفوظ جي ولادت 4 – 4 – 1956ع ڌاري ٿي. هو سمجهه لائق ٿيندي ئي اسڪول سان وابسته ٿي ويو ۽ هن وقت بي – اي کي اورانگهي ايم – اي تائين پهچي ويو آهي. اهڙيءَ طرح مير صاحب جو مشغلو، تعليم سان گڏ زمينداري به آهي ۽ پاڻ سڌريل زميندارن مان آهن.

مير صاحب جيتوڻيڪ 1978ع کان شعر چوڻ شروع ڪيو آهي. تاهم سندن شعرن جو ذخيرو سؤ ڪلامن کان مٿي ٿيندو، جنهن ۾ بيت، غزل، ڪافيون ۽ نظم وغيره شامل آهن.

هتي سندس هڪ غزل ۽ چند بيت ڏجن ٿا.

 


 

بيت

 

توکي ڏٺي ڏينهن ٿيا، سڪندي ڪئين صديون،

وهن ڪريو وهڪرا، ٿيون نيڻن مان نديون،

’ميريون‘ ۽ ’مديون‘، تون معاف ڪر ’محفوظ‘ جون.

 

ساڪن تو لئي سپرين، روئان ٿو راڻا،

ڇڏ تون ريت رسڻ جي، محب نه ڪر ماڻا،

گهوٽ نه وجهه گهاڻا، راڻل روسامي سندا.

 

راحت ناهي روح ۾، اکين انڌارو،

حياتي حرام ٿي، چيلو نه چارو،

عجيب ڇڏ آرو، اچي محب مل ”محفوظ“ سان.

 

الفت رکي اسهيا، کڻي گلا جو گهانگهو،

کوريا کامي نڪتا، لنگهي ويا لانگهو،

ڪهڙو تن سانگو، جن سر سوري چاڙهيا.

 

غزل

 

مٺا مون سان ملندين ويا ويٺين وساري؟

هي تنهنجو سڪايل، سدا توکي ساري.

 

اڱڻ منهنجي ايندين، نه ايندين پيارا؟

ٿڪيون اکڙيون تنهنجون واٽون نهاري.

 

جدا ٿئي او جاني! ٿيو ڪيڏو عرصو!

سڄڻ سڪ تنهنجيءَ ڇڏيو مون کي ماري.

 

سوا تنهنجي سائين! رهان ڪيئن اڪيلو!

ڪٿي آهين؟ ”محفوظ“ پيو اڄ پڪاري.

 

اسحاق ڪارو

 

ڊگهڙي تعقلي جي گلوڪار محمد اسحاق جو رنگ ته ڪارو ضرور آهي، پر اندر اوجل ۽ اجرو اٿس، جنهن ڪري هو پنهنجي فن ۾ فنا کائي، سنڌ جو مشهور، مقبول عوامي ڳائڻو بنجي چڪو آهي.

سندس انهيءَ عوامي مقبوليت جي ڪري، ”لاڙ ادبي سوسائٽيءَ“ وارن کيس ”لاڙ جي لوئي“ لقب ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

محمد بخش ”شمشير“

 

محمد بخش “شمشير“ ولد دريا خان ذات رند بلوچ 2 – 6 – 1956ع تي ننڍي شهر جي لڳ ڳوٺ ميرڻ خان  رند ۾ ڄائو ۽ وڏو ٿيو. کيس تعليم ڪجهه به نه آهي ۽ سندس ڪاروبار هارپو آهي.

”شمشير“ صاحب ٽن چئن سالن کان، ٿرپارڪر جو رهواسي ٿي چڪو آهي ۽ هن وقت ٽنڊي جان محمد جي لڳ رهندڙ آهي ۽ سندس شاعريءَ جي شروعات به هتي ئي ٿي آهي ۽ پاڻ بيت، وائي، ڪافي، غزل ۽ نظم جي صنفن تي لکيو اٿس. ٻولين جي لحاظ کان هيءُ سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ بلوچي زبان جو شاعر آهي ۽ سندس ڪلام مان هڪ غزل ۽ هڪ ڪافي ڏجي ٿي.

 

غزل

 

ڇڏي محبوب تون ماڻا، اکين جا ٺار اوري آءُ،

ٻڌي آهون عشاقن جون، ڪري سينگار اوري آءُ.

 

سڄڻ توکي پڪاريندي پڪاريندي ۽ ساريندي،

سوين هت سال گذري ويا، هيين جا هار اوري آءُ.

 

سهي صدمو نه ٿو هاڻي سگهان، جانب جدائيءَ جو،

سزا ڏيندين، ته سهندس پيو، مگر هڪوار اوري آءُ.

حياتي سڀ ڪيا ”شمشير“ تي تو وار، پر هاڻي،

ڀري پيرا ڀلائيءَ سان، پرين پڳدار اوري آءُ.

 

ڪافي

 

کڻي خط هليو وڃ تون اوٺي اڳاهون!

ڪجان پيش پرين، ٻڌي ٻيئي ٻانهون.

(1)

خدا لڳ اي قاصد، هي پرزو پڄائج!

حقيقت سڄڻ کي سموري سڻائج!

چئج، ڇو رهين پيو پرين تون پراهون؟

(2)

تنهنجي ڪاڻ بيٺس، لاڳاپا مان لاهي!

ڇڏيو پنهنجي مجني کي توئي ڀلائي!

نه تو قياس ڪئڙو، ٻڌي آهون دانهون.

(3)

ڇڏي وئين تون ”شمشير“ کي بي سهاري!

ڪيم ياد توکي، پڪاري پڪاري،

ڏسن واٽ تنهنجي ٿيون هر هر نگاهون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org