سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: وٺا پٽ پراڻ جا

 

صفحو :7

 

عبدالڪريم ”آفتاب“

 

عبدالڪريم ولد حاجي خان محمد ذات ڪلوئي رهندڙ ڳوٺ حاجي خان محمد ڪلوئي لڳ جهڏو، تعلقو ڊگهڙي 15 – 10 – 1975ع تي پنهنجي ڳوٺ ۾ ڄائو.  سندس تعليم مئٽرڪ آهي، جيڪو امتحان، هن بدين هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو آهي.

هن شاعريءَ جي ابتدا تعليم دوران 1969ع ڌاري ڪئي ۽ هن وقت تائين فقط انقلابي ۽ مزاحيه شاعري ڪندو آيو آهي. سندس شمار تعلقي جي اڀرندڙ شاعرن ۾ آهي ۽ سندس شعر مان هڪ وائي ۽ هڪ نظم پيش ڪجن ٿا.

 

وائي

 

سهڻي ڌرتي سنڌ جي توکي،

سينگاري، سينگاريان،

توتي تن من واريان.

(1)

سندر سندر سونهن کي تنهن جي،

سمجهي نينهن نکاريان،

توتي تن من واريان.

(2)

جوڳي بنجي واهڻ، واهڻ،

تنهنجو پيار پچاريان،

توتي تن من واريان.

(3)

مادر! تنهنجي محبت جا،

اڄ قول پراڻا پاريان،

توتي تن من واريان.

(4)

ماتا تنهنجي مٽيءَ خاطر،

پنهنجو رت هي هاريان،

توتي تن من واريان.

(5)

تنهنجي ٻولي ٻارڻ وارن،

کي مان ٻاري، ٻاريان،

توتي تن من واريان.

(6)

توتي قهرين قهر ڪيا،

مان تن تي هٿڙا ٺاريان،

توتي تن من واريان.

(7)

نڪري ٿي نروار امڙ پيو،

”نيپئر“ کي للڪاريان،

توتي تن من واريان.

 

نظم

 

مان ويڳاڻو، مان ويڳاڻو،

وتان هر ويل ويڳاڻو،

جلان ٿو ۽ پچان ٿو مان،

سنگهارن کي ڏسي ساڻو.

 

(1)

ڏسان ٿو ڏسڪندي ڏينهن رات،

ڏوٿين کي ڏکن کان ڙي،

پچن پنهوار پورن ۾،

پيا پينار منجهه پاڙي،

ٿيا ساوا سڪا سائين،

جسم ستمن ڇڏيا ساڙي،

ويئي وڪجي سندم وسندي،

ٿيو مايوس مهراڻو،

مان ويڳاڻو، مان ويڳاڻو.

(2)

اڃان تائين عمر ساڳيو،

اڃان پئي مارئي روئي،

اڃان سسئي پئي سڏڪي،

۽ سورن جا سڳا پوئي،

اڃان ميهار لئه سهڻي،

ڪري پئي هاءِ ۽ هوئي،

اڃان وڪجن پيا وانگي،

اڃان ٿئي پيو ڪٺو ناڻو،

مان ويڳاڻو، مان ويڳاڻو.

(3)

عجب اسرار ٿيو اهڙو،

روئن راڻا، کلن کوٽا،

گهمن ڪوڙا قطارن ۾،

مگر سانگين تي سؤ سوٽا،

ڦرن پيا ڦڻ ڪڍيو ڦورو،

اڃان ويران اڱڻ اوٽا،

گهڻا ئي گهوٽ ٿيا گهايل،

گهڻن تي اڄ گهميو گهاڻو،

مان ويڳاڻو، مان ويڳاڻو.

(4)

هتي هر وقت هيڻن کي،

سوين صدما ملن سائين،

وڃن وڌندا ادا هر جا،

ڪڙا ۽ ڪوٽ اڃان تائين،

جي کوليان ٿو زبان پنهنجي،

ته چوندا چور تون آهين،

رهان خاموش مان ڪيسين،

لٽيو هي ڏيہ ڏاڏاڻو،

مان ويڳاڻو، مان ويڳاڻو.

 

(5)

اڙي يارو ڇو آهيو چپ،

زبان مان ڪجهه ته ڳالهايو،

ستم سنسار جي کان اڄ،

هراسان ڇو ٿيا آهيو؟

انهيءَ نقلي نظارن کان،

الائي ڇو ٿا گهٻرايو؟

اچو؟ ڀائر ٿيو ڀيڙا،

اڏيون خيمون ڪو شاهاڻو،

مان ويڳاڻو، مان ويڳاڻو.

 

سمن صالحن

 

آمريءَ جي قبرستان ۾ هڪ اهڙي جاءِ آهي، جتي حضرت غوث بهاءُ الحق ذڪريا رح اچي چلو ڪڍيو هو، جنهن کان پوءِ اها جاءِ برڪت ڀري ليکجڻ ۾ آئي ۽ الله وارن جي روح رهاڻ لاءِ مرڪزي حيثيت  اختيار ڪري وئي ۽ پوءِ اها جاءِ ”سمن صالحن“ جي نالي سان مشهور ٿي وئي.

 

سيد منظور علي ”پياسي“

سيد منظور علي شاهه ”پياسي“ ولد سيد جمن شاه لڪياري، سال 1958ع ڌاري ڳوٺ ”دونهائي شريف“ ۾ ڄائو. هن وقت ٽنڊي جان محمد جي شهر جو مستقل رهاڪو آهي ۽ سندس تعليم انٽر آرٽس تائين آهي.

شاعريءَ جي دنيا ۾ ننڍپڻ يعني 1965ع کان ئي پير پاتائين ۽ هن وقت تائين ڪافي شعر چيا اٿس، جن ۾ دوها، بيت، ڪافيون، غزل وغيره شامل آهن.

”پياسي“ صاحب کي موسيقيءَ سان به لڳاءُ آهي، ان ڪري محفلن ۽ مشاعرن ۾ پاڻ پنهنجو شعر ترنم سان پڙهندو آهي.

سندس شاعريءَ مان نموني طور ٻه بيت ۽ هڪ غزل عرض رکجي ٿو.

 

بيت

سڄڻ تنهنجي سڪ ۾، لونءِ لونءِ آهه لاچار،

ڀڙڪي برهه باهڙي، بدن ٿيو بيمار،

سهي نه سختيءَ ۾ سگهان، اهڙو انتظار،

 

هجر حال وڃائيا، ٿو روئان زارو زار،

پلپل مڪم پار تو، قاصد لک هزار،

آئين ڪين عجيب تون، بدن ٿيو نه بهار،

سورن ۾ سينگار، قريب چئو ڪهڙو ڪريان.

 

سڄڻ تنهنجي سڪ ۾، ڇا خوشي، ڇا کلڻ؟

مرڪي ماڻهوئڙن سان، محبت منجهه ملڻ،

حيرانيءَ ۾ ڪو ڏسي، منهنجو هينئن هلڻ،

پورن ۾ پياسي چئي، جيئري آهه جلڻ،

سڄڻ سور سلڻ، ايندين ڪڏهن عجيب تون.

 

غزل

تون درد مان نه ڄاڻين، مان دردمند آهيان!

تنهنجي زلف تي فدا ٿي، ٿيو ’زلف بند‘ آهيان!

 

تون ناز جو نپايل، مان سور جو ستايل،

تنهنجي سڪ ۾ اي سائين! مان پائبند آهيان.

 

تنهنجي تات ۽ طلب جو طوفان آهه طاري،

واڄن جيان وڄي مان، ٿيو تند تند آهيان.

 

تنهنجي در تي مون جهڪايو، سهڻا اچي آسرڙو،

تون پاڪ صاف هستي، مان مثل گند آهيان.

 

گهايل تي غور ڪريو، آهيم حال هيڻو،

تنهنجو پرين پراڻو، مان نيازمند آهيان.

 

”پياسيءَ“ جي اي پرين اڄ، هي التجا قبوليو!

جلدي ڪريو ملڻ جي، مان ڏينهن چند آهيان.

 

 

خاڪي پير

”خاڪي پير“ پراڻ جي تمام آڳاٽن بزرگن مان آهي، جنهن جو ذڪر مير علي شير قانع، ’تحفته الڪرام‘ ۾ به ڪيو آهي.

خاڪي پير جي مزار ”اسٽيشن روشن آباد“ جي لڳ، ريلوي لائين جي اوڀر طرف آهي.


 

 

محمد حسن ”زاهد“

محمد حسن ”زاهد“ ولد گل محمد ذات ڪنڀار سال 1958ع ڌاري، ٽنڊي جان محمد ۾ ڄائو. غربت ۽ غريبي ماحول جي ڪري، تعليم کان بلڪل محروم رهيو، جنهن جو کيس ڏاڍو ڏک آهي.

ڪنهن جذبي جي تحت مجبور ٿي، هن 1977ع ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ اڃا تائين چوندو پيو اچي. هي پنهنجا اشعار ياد ڪري، پوءِ دوستن کان لکائي رکندو آهي ۽ هن وقت تائين اٽڪل سؤ کن ڪلام چئي چڪو آهي. سندس ڪلام ۾ سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ڪلام شامل آهن، جن مان ٻه بيت ۽ هڪ غزل حاضر آهن.

 

بيت

سسئي توکي سڃ ۾، پوندي ڪاري رات،

بگهڙ، بلائون برن ۾، مرون وجهندئي وات،

ڀانهين ٿي ان پنڌ کان، جو ناهي تنهنجي بات،

”زاهد“ زوراورن جي، آهه زوراور ذات،

جتن سندي ذات، موٽي ايندئي ڪين ڪي.

 

بيت

سوران وچ سهڻا تون، ڳيون ميڪون سٽ،

آسرا ڏي اکيان ڪون، تون ڳيون منهڙا مٽ،

مار تون مسڪين ڪون، ڳيون بازي کٽ،

ڦيرا ڏي فقير دي، تون ڳيون دلڙي ڦٽ،

’لوڙهه‘ ميڏي پيار دا، ”زاهد“ آکي لٽ،

لاهه سڄڻ گونگهٽ، ڏٺي ميڪون ڏينهن ٿئي.

 

غزل

ڪري سينگار اي سهڻا،

مٺا مون کي وئين ماري،

ڀلا هاڻي اچي مون وٽ،

ٻٽي ڏينهڙا ته وڃ گهاري.

 

روئن هر وقت ٿيون تولئي،

نهاريو واٽ، جي اکڙيون،

سگهو موٽج مٺا جاني،

سدا توکي ٿي دل ساري.

 

 

ڇني وئين تون مٺا مون کان،

سڀئي دل جا سڄڻ سکڙا،

ڇڏي دنيا مٺا ساري،

لڳس مان تنهنجي ئي لاري.

 

هئي ”زاهد“ حقيقت جا،

ٻڌايم يار سا توکي،

مٺا مرضي سندئي،

ٻوڙي وڃين، يا تار مان تاري.

 

منڌرن جو ڀڙو

ڳوٺ ’راڻي رمداڻ‘ کان اتر طرف ۽ ڳوٺ ’فقير غلام علي لغاريءَ‘ کان اتر اوڀر طرف، ميل کن پنڌ تي، پراڻ جي ڪناري سان هڪ تمام وڏو ”ڀڙو“ آهي، جنهن کي ”منڌرن جو ڀڙو“ سڏيو وڃي ٿو، جنهن تي ’جنڊين جا ٽڪر‘ ايتري ته تعداد ۾ موجود آهن، جو انهن کي ڏسي، اهو چوڻو ٿو پوي، ته قديم دؤر ۾ اهو شهر، چانورن جي واپار جو وڏو مرڪز هو.

 

علي محمد ”عاصي“

علي محمد ولد محمد خان ذات شيدي، رهندڙ شيدي پاڙو، ٽنڊو جان محمد، سنڌ جي مشهور اديب، مرحوم محمد صديق ”مسافر“ جو پڙپوٽو آهي.

علي محمد جي ولادت 4 – 2 – 1964ع تي ٽندي جان محمد ۾ ٿي ۽ هو هن وقت ميٽرڪ جي امتحان ۾ ڪامياب ٿي، اڳتي لاءِ سوچي رهيو آهي.

کيس شاعري وڏن کان ورسي ۾ ملي آهي ۽ هو 1977ع کان باقاعدي شعر چوندو پيو اچي، جنهن ۾ بيت، گيت، غزل، نظم ۽ ڪافيون شامل آهن.

هتي سندس شاعريءَ مان هڪ ڪافي ۽ هڪ نظم پيش ڪجن ٿا.

 

ڪافي

 

لهن ڪين دل تان ٿا هرگز اباڻا!

سدورا، سٻاجها، سَکر ۽ سياڻا.

 

ٺڳيءَ ٺاهه مان سي اصل ڪين ڄاڻن،

اڳتي ڀي اياڻا ته اڄ ڀي اياڻا.

 

ڏهاڙي ٿا آڻين چاڙهين ڏٿڙا،

پپون، ڦوڳ، ڦريون، للر، لنب، لاڻا.

 

رهن پيٽ بکيا، سدا انگ اگهاڙا،

ڪمائن هميشہ ٻين ڪاڻ ناڻا.

 

وسايل، وساڻل، ستايل سڀيئي،

اٻوجها، اياڻا، ندورا، نماڻا.

 

نڪا رات تن جي، نڪو ڏينهن تن جو،

سوين سور سانگي، سهيو ٿين ساڻا.

 

اباڻن جو ”عاصيءَ“ کي اوسيئڙو هر دم،

ڪڏهن ڏينهن ڦرندا انهن جا نه ڄاڻا؟

 

صبح جو وقت

 

صبح وقت ڏسجن عجب ٿا نظارا،

وڃن گم ٿيو آسمان تان ستارا.

 

گلن ۽ ڦلن ۾ وڌي سونهن ويتر،

آهن رنگ قدرت جا ڪيڏا نيارا!

 

ڪرم آهه قدرت جو ڪيڏو اسان تي،

خلا ۾ ٿا ڊوڙن، گهمندڙ سيارا.

 

پرهه جو پياريون اذانون اچن ٿيون،

وڻن واهه ٿا مسجدن جا منارا!

 

عجب کيل، ان ويل جو آهه ”عاصي“!

مٺي ڪن ٿا ٻولي، پکيئڙا پيارا.

 

 

درس راڄپار

گجڻيءَ جي ڀڙي لڳ، اولهه طرف، آڳاٽي دؤر جي بزرگ، راڄپار درس جي مزار آهي، جنهن جي مٿان پکو اڏيل آهي. جتي هر سال درس قوم جا ماڻهو تمام وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي، فقير راڄپار درس جو عرس ملهائيندا آهن، جنهن ۾ فقط قرآن خواني، مولود خواني ۽ خير خيرات ٿيندي آهي.

 

اصغر حسين ”اصغر“ ٽالپر

آءٌ اصغر حسين ولد مرحوم خان محمد ”صائم“ ٽالپر، 22 سيپٽمبر 1960ع تي جهڏي شهر ۾ ڄائس. چئن سالن جو هوس ته والدين جهڏي کي ڇڏي، مستقل طرح ٽنڊي جان محمد ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي مون پرائمري ۽ سيڪنڊري، تعليم مڪمل ڪئي. ۽ هن وقت جناح ميڊيڪل ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر، ايم. بي. بي. ايس جو شاگرد آهيان. جيئن ته منهنجو نانو ۽ منهنجو والد پنهنجي دؤر جا سٺا شاعر هئا ۽ منهنجو چاچو، ڊاڪٽر حيدر علي ’حيدر‘ پڻ مشهور شاعر آهي. انهيءَ لحاظ کان شاعري مون کي ورثي ۾ ملي ۽ ننڍي هوندي کان ئي ان سان وچڙندو پيو اچان. مگر باقاعدي شاعري 1976ع کان پوءِ شروع ڪئي اٿم، جنهن ۾ ڪافي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿم، جن جو ذخيرو سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ موجود آهي. تازو هن ئي سال، جناب محترم سائين ”معمور“ يوسفاڻي صاحب کان اصلاح وٺڻ شروع ڪئي اٿم.

آءٌ جيتوڻيڪ ميڊيڪل جو شاگرد آهيان، تنهن هوندي به، الائي ڪهڙي جذبي تحت، مجبور ٿي آرٽ طرف جهڪي ويندو آهيان ۽ اندر جا جذبا شاعريءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿي پوندا آهن، جيڪي جيتوڻيڪ اشاعت جي لائق نه آهن؛ مگر دوستن جي زور ڀرڻ تي، انهن جو نمونو هيٺ عرض رکان ٿو.

 

 

بيت

 

دور ڪنون هڪ راهي آيا،

بين وڃائي منگي،

دلبر تيڏي محبت منگي.

 

محبت هس مستان ڪيتا،

يار ڀوڳ صفا اڙٻنگي،

دلبر تيڏي محبت منگي.

 

کول پٽاري، نانگ جهلايس،

جو ڏاوڻ ڏي پيا ڏنگي،

دلبر تيڏي محبت منگي.

 

’جهنگ سيالان‘ گڙ ٻڙ مچ ڳئي،

پئي تخت هزاري دنگي،

دلبر تيڏي محبت منگي.

 

گهير ڳئي هن هير ڪون کيڙي،

حيرت دا اٿ دنگي،

دلبر تيڏي محبت منگي.

 

هير کڙي اکيان اٽڪاوي،

پاسي لوڪ پيا لنگهي،

دلبر تيڏي محبت منگي.

 

زور هير ڪون رانجها کس ڳيا،

ڄاڻيندا ڪي ٻنگي،

دلبر تيڏي محبت منگي.

 

ڏک، ڏنجهي سڀ ڏور ٿيسن،

تيڏا هير ڌڻي تي نگي،

دلبر تيڏي محبت منگي.

 

هير ڪون لوڏا ڪونهي ڪو هڻ،

جو ساٿي سانول سنگي،

دلبر تيڏي محبت منگي.

 

”اصغر“ هير دا موٽڻ مشڪل،

جو عشق چڙهايس انگهي،

دلبر تيڏي محبت منگي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org