سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: وٺا پٽ پراڻ جا

 

صفحو :4

 

گجڻيءَ جي دانهن

 

جڏهن سامڀر ڀٽيءَ، مائي گجڻيءَ جي ”وڏهر“ نالي پٽ کي بي گناهه مارايو، ته گجڻي دانهن کڻي، سلطان محمود غزنويءَ وٽ ويئي، جيڪو ”پراڻ جي پٽ“ ۾ لٿل هو. گجڻيءَ جي دانهن ٻڌي، سلطان محمود ڪجهه لشڪر موڪلي ”ظالم سامڀر ڀٽيءَ“ جو انت آندو، ته گجڻيءَ جي دانهن، وڏي اهميت واري ۽ اثردار ليکجڻ ۾ آئي ۽ چوڻيءَ طور استعمال ٿيڻ لڳي.

 

سيد عباس علي شاه ”عباس“

 

سيد عباس علي شاه ولد سيد روشن علي شاه رضوي، روشن آباد اسٽيشن لڳ، پنهنجي ڳوٺ ۾ 27 – 8 – 1929ع ڌاري ڄائو، کيس تعليم فقط چار درجا آهي. جيئن ته سندس خاندان ۾ ڪئين شاعر ٿي گذريا آهن، ان ڪري شاعري کيس ورثي ۾ ملي ۽ پاڻ 1948ع کان شعر چوندو پيو اچي. سندس ڪلام جو هڪ مجموعو ”خيال – دل“ شايع ٿيل آهي ۽ سندس ڪلام جا ڪافي گرامو فون رڪارڊ پڻ ڀريل آهن ۽ سندس ڪلام ريڊئي تان به نشر ٿيندو رهي ٿو.

شاهه صاحب پنهنجي تَر جو سٺو زميندار ۽ سکر شخص آهي. سندس هڪ ڪافي عرض رکجي ٿي.

 

ڪافي

 

اوڙانگيءَ جاءِ تي اکيون،

وڃيو اٽڪن ته ڇا ڪريان،

نهارڻ سان ندوريون هي،

لڙيو لٽڪن ته ڇا ڪريان.

 

مٺي محبوب کي ڏسندي،

وڃن مدهوش ٿيو مانديون،

جهليندي ڪين ٿيون جهلجن،

ڦٽيون ڦٽڪن ته ڇا ڪريان.

 

عجب عادت اکين اهڙين،

پسڻ خاطر پرائي آ،

ڀلا جي تاب ڀرپاسي،

ڀڻيون ڀٽڪن ته ڇا ڪريان.

 

نه سمجهائڻ سان سمجهن ٿيون،

سڄو ڏينهن سوز ۽ سڪ ۾،

ڏسي سامهون سڄڻ سائين،

سڙيو سٽڪن ته ڇا ڪريان.

 

آهي عباس علي اوڳين،

ڪيو اهڙو عجب آرو،

وندر ڪارڻ وڃيو ويجهو،

وريو وڙڪن ته ڇا ڪريان.

 

”سوجيو ڀڳت“

سوجيو ولد اميدو ذات ڀيل، رهندڙ ڳوٺ قيصر خان لغاري تعلقو ڊگهڙي، سال 1928ع ۾ ڄائو ۽ ڇهه درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ، غربت جي ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو ۽ مجبور ٿي هارپ جو ڌنڌو اختيار ڪيائين، جيڪو اڃا تائين ڪندو پيو اچي.

سوجيو ڀڳت طبيعت جو نهٺو، رحمدل ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي. ڀڳتن ۽ فقيرن جي صحبت ڪري، 1950ع ڌاري سندس اندر ۾ جيڪي لڪل جذبا هئا، اهي شاعريءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيا ۽ اڃا تائين روان دوان آهن.

ڀڳت صاحب سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي، جيڪا ڪيترين ئي صنفن ۾ وٽس موجود آهي؛ جنهن ۾ بيت، ڪافيون، غزل، ڀڄن ۽ وائيون وغيره شامل آهن.

مضموني صنفن ۾ سندس چيل مناظري ۾ مقابلي جا بيت سٺي ڪوشش آهن.

سندس ڪلام مان هڪ ڪافي ۽ هڪ بيت ڏجن ٿا.

 

ڪافي

مؤلا مخفي مام دي نال،

درد والا داستان ڪيتا،

 

خود آپ ڪون آپ عاشق سڏايس،

محمّد(صه) ڪون محبوب بنايس،

منور ڪون معراج ڪرايس،

جٿان صدق صدق سبحان ڪيتا.

 

مؤلا مخقي مام دي نال......!!!

 

ليلان ڪون جڏهن لنئون لڳايس،

قيس اپڻا ديس ڇوڙايس،

عاشق ڪون ول زهر پلايس،

جٿان مجني ڪون مستان ڪيتا.

 

مؤلا مخقي مام دي نال......!!!

 

سسئي دا ڪيوين ليک لکايس،

درس دريا وچ لهر لوڙهايس،

آري ڪون ڪٿان آڻ اڙايس،

جنهن دا ڪيڇ ملڪ مڪران ڪيتا.

 

مؤلا مخقي مام دي نال......!!!

 

شاهه رانجهن ڪون تخت ڇوڙايس،

جهنگ سيال دا، جوڳي بنايس،

محبت خاطر منجهيان چرايس،

جنهن ڪون در مٿي دربان ڪيتا.

 

مؤلا مخقي مام دي نال......!!!

 

شاهه حسين حبدار سڏايس،

ڪربل دي وچ قتل ڪرايس،

عاشق دا امتحان وکايس،

جنهن دا مؤلا شاهي شان ڪيتا.

 

مؤلا مخقي مام دي نال......!!!

 

سهڻي ڪون سُرڪي پلايس،

ميهر والي تار لڳايس،

ٻانهياري ڪون ٻوڏ ٻوڙايس،

سهڻي سر قربان ڪيتا.

 

مؤلا مخقي مام دي نال......!!!

 

’سوجئي‘ ڪون سِڪ دا سبق سڻايس،

پرتان والا پنڙا پڙهايس،

نيهن دا جنهن ڪون نوڪر بنايس،

تڏهان ’ڀيل‘ برهه دا بيان ڪيتا،

 

مؤلا مخقي مام دي نال......!!!

 

بيت

 

ويو داد دنيا مان، اڄڪلهه ٿيو انڌير،

نور، ڪوئا نرا کنيو، سامهان ٿين شير.

تور نه جن جي تر جيتري، سي سڏائين سير،

اُهاڙون ڏين اڳ جون، پنهنجو نه سڃاڻن پير.

’سوجيا‘ سچ چوڻ سان، واريون وجهن وير،

جيڪو داناءُ درس دلير، سو ڪو آهي ڪروڙ مان.

 

ساموئي

 

ساموئي يا سماننگر جو شهر، نئين ڪوٽ جي ويجهو؛ مهراڻي جي ايراضي ۾، اٺين صدي عيسوي جي شروع ڌاري، مشهور سمي سردار، لاکي گڙراهو يا لاکي ڳهڙراء ٻڌايو، جتي سندس اولاد ڪافي وقت حڪومت ڪئي.

 

 

مجرم لغاري

محمد هوت ”مجرم“ ولد لعل بخش لغاري، رهندڙ ڳوٺ قيصر خان لغاري، تعلقو ڊگهڙي، پنهنجي ڳوٺ ۾ 1 – 1 – 1930ع تي ڄائو. قرآن شريف ۽ سنڌي فائينل امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ٽريننگ جا ٻه سال به پاس ڪري آيو ۽ چند سالن بعد آفيسرن کي سچ چوڻ ڪري، سندن اک جو ڪٽر بنجي پيو ۽ آخر کيس نوڪري مان نڪرڻو پيو ۽ هن وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي ٿو؛ جتي پنهنجي زمينداري ڪاروبار سان گڏ ادب جي خدمت به پيو ڪري ۽ صحافت سان به نباهيندو پيو اچي.

مجرم صاحب جو شاعريءَ سان ننڍپڻ کان نينهن آهي، جنهن کان کيس ڪجهه سهڻو به پيو آهي ۽ سهندو به پيو اچي. هونءَ ته مجرم صاحب ڪافي موضوعن تي شعر چيو آهي؛ پر سندس پسنديده مضمون طنز، مزاح ۽ انقلاب آهي، ان ڪري سندس شعر جو وڏو حصو انهن مضمونن ۾ رتل آهي.

هوت صاحب جي شاعريءَ مان سندس هڪ مناظرو ”گڏهه ۽ ڪنڀار“ ۽ هڪ ڪافين جو مجموعو ”گلشن ڪافيون“ ۽ هڪ انقلابي شعرن جو مجموعو ”سچ ۽ مچ“ شايع ٿيل آهن، جن مان ”سچ ۾ مچ“ ضبط ٿيل آهي.

مجرم صاحب، ضلعي جي ڪافي انجمنن ۽ ادارن سان لاڳاپيل پڻ آهي، جيئن ”گرهوڙي پبليڪيشن پٿورو“ ”بزم طالب الموليٰ شاخ پٿورو“، ”بزم طالب الموليٰ شاخ ميرپورخاص“، ”ٿرپارڪر ڪلچرل سوسائٽي“ ۽ ”ڪلچرل ڪائونسل جهڏو“.

مجرم صاحب طبع جو سادو، گهڻ سهو، سنگت جو وفادار، يارن جو يار ۽ ٻارن سان ٻار ٿي رهندو آهي. جتي به ۽ جڏهن به سنگت کيس سڏيو، ته اتي ڪيئن به ڪري حاضر اچي ٿيندو.

هي پڪو مسلمان، اسلام جو شيدائي ۽ خدا پرست انسان آهي، جنهن جو ثبوت سندس وڏو فرزند حافظ ’خالد حسين‘ آهي، جيڪو قرآن پاڪ جو ياد حافظ ۽ سٺو قاري پڻ آهي.

مجرم صاحب جي سادي، راست گو ۽ محنت ڪش شخصيت کي ڏسي، سياسي سانڊا کيس هميشہ پنهنجي طرف ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر مجرم صاحب اڃا تائين نانگن جي ورن ۽ ڪانگن جي ڪوٽن ۾ اچي نه سگهيو آهي ۽ نه وري ڪنهن ملحد ۽ مردار پسند جي مهماني به قبول ڪئي اٿس.

شال الله پاڪ کيس سياسي سانڊن جي وارن کان محفوظ رکي. (آمين)

هتي مجرم صاحب جي شاعريءَ مان ڪجهه نمونا پيش ڪجن ٿا، جيڪي سندس شاعريءَ جي گنج آڏو ڪروڙ مان ڪڻ برابر به نه آهن.

 

وائي

ڪانه هلي تدبير، ويٺي تنهنجا پنڌ پڇايان.

ڳالهيون تنهنجون ڳڻيو، ڳڻيو، نيڻين وهايان نير-

ويٺي تنهنجا.....

 

واءُ وريو ڪو تنهنجي وطن مان، هينئڙي لڳڙم هير-

ويٺي تنهنجا.....

تنهنجي جدائيءَ جا اي جانب، تکڙا لڳڙم تير-

ويٺي تنهنجا.....

راهه نهاري تنهنجي رانجهن، دلڙي ٿي دلگير-

ويٺي تنهنجا.....

ڪاوڙ مان ڪجهه ورڻو ڪونهي، آءُ ته ٿيون کنڊ کير-

ويٺي تنهنجا.....

”مجرم“ منهنجي من ۾ آهن، چهڪ اندر ڪي چير-

ويٺي تنهنجا.....

 

ڪافي

لب تي تنهنجو نام، سڄڻ تنهنجي نام تان صدقي!

 

اکڙيون اکين سان اڙجي وييون، دل کي پائي دام،

سڄڻ تنهنجي دام تان صدقي.

 

ٻيا در ڏيئي يار ٻين کي، آيس تنهنجي سام،

سڄڻ تنهنجي سام تان صدقي.

 

مخمور نگاهن سان مون کي مٺڙا، جاني پيارج جام،

سڄڻ تنهنجي جام تان صدقي.

 

ڪي پيا ڪاشي، مٿرا پڇائن، آئون ته پڇان تنهنجو گام،

سڄڻ تنهنجي گام تان صدقي.

 

ڪونه مڪائون مون ڏي ”مجرم“، پرت ڀريو پيغام،

سڄڻ تنهنجي پيغام تان صدقي،

 

گيت

وڇڙيل جا ورلاپ

روز نهاريان راهون، سڄڻ مان روز نهاريان راهون.

 

1 – سال ٿيا مون سڪندي سڪندي،

عمر ٿي پوري روئندي روئندي،

توکي ساريو اٿندي، ويهندي،

اندر مان نڪرن آهون.

 

2- موٽي اچ تون منهنجا راڻا،

ڪين وڻن ٿا هنڌ وڇاڻا،

پئي پئي ٿيا پلنگ پراڻا،

لڌيون مون جنهن سان لائون.

 

3 – دردن دل تي ٺاهيو ديرو،

پنهل پڇايان تنهنجو پيرو،

ڪڏهن هتان وڃ ڪري ڦيرو،

ٻڌي دکيءَ جون دانهون.

 

4 – ”مجرم“ مون کي ماري وئڙا،

هوت منهنجا هاڙهي وئڙا،

 

ٻارڻ سي ئي ٻاري وئڙا،

ٻڌيون مون جن کي ٻانهون.

 

لعل بخش، علياڻي

لعل بخش ولد محب خان لغاري، پاڙو علياڻي، ويٺل ’ڳوٺ سائينداد خان علياڻيءَ‘ جي ولادت 1940ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ ’سائينداد علياڻي‘ ديهه 319 ڊگهڙيءَ ۾ ٿي. تعليم جي سلسلي ۾ هن قرآن پاڪ ناظره ۽ سنڌي فائينل (پرائمري اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ) جو امتحان پاس ڪيو.

لعل بخش خان 1960ع کان شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ اڃا تائين اهو سلسلو هلندڙ آهي. اصناف – سخن جي دائري ۾ هن غزل، وايون ۽ بيت وغيره چيا آهن، جن مان هتي چند بيت ۽ هڪ نظم (ترانو) عرض رکجن ٿا.

 

بيت

 

1- اول عليم الله تون صاحب ربّ ستار،

رحيم ۽ رحمان تون غفور ۽ غفار،

جاني جلشانہٌ موليٰ تون مختيار،

’قرب ڪجان ڪلتار‘ ”لالڻ“ مٿم لطف جو.

 

2- بندا پنهنجي بدن تي، هيڏي ڪر نه هوڏ،

ٻڌج سندرو سچ جو، ڪڍ ڪوڙ ڪپت جو ڪوڏ،

ڇڏي بار بخمل جو، ٻڌ غريباڻي گوڏ،

’لالڻ‘ ڪر نه لوڏ، آڪڙ سندي انڌ ۾.

 

3 – الله تنهنجي آسري، تُرهي کي تاڻي،

سختي ٻڌي صراط جي، هيڻون ٿيس هاڻي،

مداين ۾ مشغول ٿيس، سڀڪو ٿو ڄاڻي،

ڍولا ڍڪ ڍلايون، ڇڏ اڳتي اماڻي.

’علياڻي‘ کي آجو ڪر، کان گنہ جي گهاڻي،

عشق تنهنجي آڻي، ’لالڻ‘ کي آهه لوهه ڪيو.

 

4 – مديني جا مير، منهنجا سڏ سڻ سائين،

پاڙيسي پنهنجو ڪري، مونکي رهبر رهائين،

اميدون ’علياڻي‘ جون، تون پرور پڄائين،

محشر ڏينهن ماڻهن اڳيان، متان ’لالڻ‘ لڄائين،

سائين سدائين، پيو ڪجان ڪرم ڪوجهن تي.

 

5- نين نرالي نرمل دي هن،

جوش وچون جولان ڏونهين،

ننگ نسنگ نه نيڻين ڪون هي،

محو وتن مستان ڏونهين،

گهور وچون چڪ چور ڪرن،

نان قياس ڪرن ڪوڪان ڏونهين،

فضل ڪرم دا لطف ڪرو تي،

’علياڻي‘ احسان ڏونهين.

 

”پاڪستان زندهه باد“

”ترانو“

 

چمڪي پيو ڏس چنڊ ۽ تارو،

سهڻو صاف صفا آهه سارو،

من موهيندڙ محبت وارو،

آهيس بيحد بخت ڀلارو،

پاڪستان.

جاري جنهن ۾ آهي جر،

سبزيون سبزا ساوا سر،

ڪاڻ نه اٿس ڪنهن جي ڪر،

دشمن کي به ناهي ڌر،

پاڪستان

آهي منهنجو دلبر ديس،

وڻندڙ ان جو واه جو ويس،

پوندو ڪڏهن نه ڪنهن جي پيش،

دعا ڪري ٿو هر درويش،

پاڪستان

خوش آ جنهن ۾ خلقت ساري،

ٻار ٻڍو يا نر ۽ ناري،

هر هلائي هاري ناري،

ڪڙمين هٿ ۾ ڪوڏر ڪاري،

پاڪستان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org