سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: نماز جنت جي ڪنجي

باب: --

صفحو :2

 

سورة رحمــٰن

 

٣٠٣٠٦

٣٠٣۰۹

٣٠٣٧٦

٣٠٣٠٢

٣٠٣٠٧

٣٠٣٠٤

٣٠٣٩٧

٣٠٣٠٣

٣٠٣٠١

٣٠٣٠٤

٣٠٣۱۱

٣٠٣٠٨

٣٠٣١٠

٣٠٣٩٩

٣٠٣٠٠

٣٠٣٠٥

حديث ۾ آهي ته جيڪو سورة رحمــٰن پڙهندڙ آهي اهو الله تعاليٰ جي تمام نعمتن جو شڪر ادا ڪندو آهي. اکين جي سور واري کي پڙهي دم ڪري ته الله تعاليٰ بيمار کي شفا بخشي ۽ ٻرهل واري بيمار کي پڙهي دم ڪري ته تندرست ٿئي ٿو. ڪو 11 دفعا هيءَ سورت پڙهي ته پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي. تسخير عام لاءِ هن سورت کي اهڙي طرح پڙهي جو سج هڪ نيزو مٿي اچي ته ان وقت سج جي طرف آڱر سان اشارو ڪري ۽ منهن سج جي طرف ڪري فباي آلاءِ ربکما تکذبان تي سج ڏانهن اشارو ڪري. پهريائين 40 ڏينهن زڪوات جي نيت سان پڙهي ۽ پوءِ روزانو هڪ دفعو پڙهي. پڙهي نه سگهي ته ٽي دفعا  فباي آلاءِ ربکما تکذبان پڙهي. مٿي ڏنل نقش کي لکي ڳچيءَ ۾ پائڻ سان هر حاجت پوري ٿيندي. (انشاءَ الله)

Text Box:  اآياتها٧٨                سُوْرَةُ الرَّحمنِ مَدَنِِيَّةٌ          ركوعها٣

 

 

 


 

شروع الله ٻاجهاري گهڻي رحم واري جي نالي سان

 

ألرَّحمنُ [1]عَلَّمَ الْقُرْا×نَ [2]خَلَقَ الإنسَانَ [3]عَلَّمَهُ الْبَيَانَ [4]الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بمحُسْبَانٍ [5]

ترجمو: رحمــٰن. قرآن سيکاريو. پيدا ڪيائين انسان کي. سيکاريو کيس ڳالهائڻ. سج ۽ چنڊ حساب سان هلن ٿا.

 

وَالنَّجْمُ وَالشَّجَرُ يَسْجُدَانِ [6]وَالسَّمَآءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ الْمِيزَانَ [7] ألاَّ تَطْغَوْا فِي الْمِيْزَانِ [8]وَأقِيْمُوا الْوَزْنَ بمالْقِسْطِ وَلاَ تُخْسِرُوا الْمِيْزَانَ [9]وَالأرْضَ وَضَعَهَا لِلأنَامِ[10]فِيْهَا فَاكِهَةٌ وَالنَّخْلُ ذَاتُ الأكْمَامِ[11] وَالْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَالرَّيْحَانُ [12]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [13]خَلَقَ الإنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ[14] وَخَلَقَ الْجَآنَّ مِنْ مَّار( ج) مِّنْ نَّارٍ[15] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [16] رَبُّ الْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَيْنِ [17] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [18] مَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيَانِ [19]بَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لاَّ يَبْغِيَانِ [20]

وليون ۽ وڻ سجدو ٿا ڪن. ۽ آسمان کي انهيءَ بلند ڪيو ۽ رکيائين ترازي. ته نه حد کان لنگهو ترازيءَ ۾. ۽ تور پوري ڪريو انصاف سان ۽ کوٽ نه ڪريو تور ۾. ۽ زمين کي پکيڙيائين ماڻهن لاءِ. انهيءَ ۾ ميوا ۽ کجيون چپڙين واريون آهن. ۽ اَنُ تهن وارو ۽ خوشبودار گل آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ پيدا ڪيائين انسان کي ٺڪري وانگر وڄندڙ مٽيءَ مان.  ۽ پيدا ڪيائين جنن کي باه جي ڄڀي مان. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ٻنهي اوڀرن جو رب آهي ۽ ٻنهي مغربن جو رب آهي. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟  ڇڏيائين ٻن سمنڊن کي ته ٻئي پاڻ ۾ گڏجن. ٻنهي ۾ پردو آهي هڪ ٻئي تي زيادتي نٿا ڪن.

 

فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [21] يَخْرُجُ مِنْهُمَا اللُّؤْلُؤُ وَالْمَرْجَانُ [22]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [23] وَلَهُ الْجَوَار(ي الْمُنْشَا×تُ فِي الْبَحْرِ كَالأعْلاَمِ[24]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [25] كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ [26] وَّيَبْقبر وَجْهُ رَبمّكَ ذُو الْجَلاَلِ وَالإكْرَامِ[27] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [28]يَسْألُه, مَنْ فِي السَّمو "×تِ  وَالأرْضِ كُلَّ يَوْمٍ هُوَ في شَاْنٍ [29] فَبـأيِّ ا×لآ÷رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [30]سَنَفْرُغُ لَكُمْ أيُّهَا الثَّقَلاَنِ [31] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [32] يَامَعْشَرَ الْجـنِّ وَالإنْسِ إنِ اسْتَطَعْتُمْ أنْ تَنْفُذُوْا مِنْ أقْطَارِ السَّمو "×تِ  وَالأرْضِ فَانْفُذُوْا لاَ تَنْفُذُوْنَ إلاَّ بمسُلْطَانٍ [33]

پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ نڪرن ٿا انهن ٻنهي مان موتي ۽ مرجان. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ۽ سندس ئي آهن سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز پهاڙن جيان. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ جيڪو به ڪائنات ۾ آهي سو فاني آهي ۽ باقي رهندو چهرو تنهنجي عزت وعظمت واري رب جو. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ گهرن ٿا ان کان جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، هر روز اهو ڪنهن ڪم ۾ آهي. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ اسان ستت ئي واندا ٿينداسين توهان لاءِ اي انسانؤ ۽ جنؤ! پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ اي گروهء جن ۽ انسانو! جيڪڏهن ٿي سگهيوَ ته توهان نڪرو آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ته نڪرو، توهان نه نڪري سگهندوَ طاقت کان سواءِ.

 

فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [34]يُرْسَلُ عَلَيْكُمَا شُوَاظٌ مِنْ نَّارٍ وَّنُحَاسٌ فَلاَ تَنْتَصِرَانِ [35] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [36] فَإذَا انْشَقَّتِ السَّمَاءُ فَكَانَتْ وَرْدَةً كَالدِّهَانِ [37] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [38]فَيَوْمَئِذٍ لاَّ يُسْألُ عَنْ ذَنْبـه* إنْسٌ  وَّلاَ جَآنٌّ [39] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [40]يُعْرَفُ الْمُجْرِمُوْنَ بمسِيْمَاهُمْ فَيُؤْخَذُ بمالنَّوَاصِيْ وَالأقْدَامِ[41] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [42]لهذِه* جَهَنَّمُ الَّتِيْ يُكَذِّبُ بمهَا الْمُجْرِمُوْنَ [43] يَطُوْفُوْنَ بَيْنَهَا وَبَيْنَ حَمِيْمٍ ا×نٍ [44] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [45]

پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ڇڏي ويندي توهان تي باهه جي ڄڀي ۽ دونهون پوءِ نه بچي سگهندوَ توهان ٻئي. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ پوءِ جڏهن ڦاٽندو آسمان ته ٿي پوندو ڳاڙهو ڳاڙهي چم وانگر. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ پوءِ ان ڏينهن پنهنجي گناهه بابت ڪنهن انسان ۽ جن کان پڇيو نه ويندو. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ مجرمَ پنهنجي شڪلين سان سڃاتا ويندا ته کين پڪڙيو ويندو پيشاني جي وارن ۽ ٽنگن کان. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ هي اٿوَ اهو جهنم، جنهن کي مجرمَ ڪوڙو ڪندا هئا. ايندا ويندا انهيءَ جي وچ ۾ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ جي وچ ۾. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟

 

وَلِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبمّه* جَنَّتَانِ [46] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [47] ذَوَاتبر أفْنَانٍ [48] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [49]فِيْهـمَا عَيْنَانِ تَجْرِيَانِ [50]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [51] فِيْهـمَا مِنْ كُلِّ فَاكِهَةٍ زَوْجَانِ [52]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [53] مُتَّكِئِين عَلي×  فُرُشٍ بَطَائِنُهَا مِنْ إسْتَبْرَقٍ وَجَنَا الْجَنَّتَيْنِ دَانٍ [54] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [55] فِيْهـنَّ قَاصِرَاتُ الطَّرْفِ لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إنْسٌ قَبْلَهُمْ وَلاَ جَآنٌّ [56] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [57] كَأنَّهُنَّ الْيَاقُوْتُ وَالْمَرْجَانُ [58]

۽ جيڪو ڊنو پنهنجي رب جي اڳيان بيهڻ کان تنهن لاءِ ٻه باغ آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ اهي ٻئي گهاٽا آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما جاري آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ انهن ٻنهي ۾ هر ميوي جا ٻه قسم آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ٽيڪ لڳايل ويهاڻن تي جن جو استر ٿلهي ريشم جو هوندو ۽ ميوو ٻنهي باغن جو ويجهو هوندو. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ منجهن هيٺ نگاهه ڪرڻ واريون زالون هونديون جن کي کانئن اڳ نه ڪنهن انسان هٿ لاٿو هوندو ۽ نه ڪنهن جن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ڄڻ ته اهي لعل ۽ موتي آهن.

 

فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [59]هَلْ جَزَاآءُ الإحْسَانِ إلاَّ الإحْسَانُ [60]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [61] وَمِنْ دُوْنِهـمَا جَنَّتَانِ [62]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [63]مُدْهَآمَّتَانِ [64]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [65] فِيْهـمَا عَيْنَانِ نَضَّاخَتَانِ [66]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [67]فِيْهِمَا فَاكِهَةٌ وَّنَخْلٌ وَّرُمَّانٌ [68]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [69]فِيْهـنَّ خَيْرَاتٌ حِسَانٌ [70] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [71]حُوْرٌ مَّقْصُوْرَاتٌ فِي الْخِيَامِ[72] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [73] لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إنْسٌ قَبْلَهُمْ وَلاَ جَآنٌّ [74]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [75]

پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ناهي بدلو احسان جو مگر احسان. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ۽ انهن ٻنهي کان سواءِ ٻه ٻيا باغ آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ اهي ٻئي ساوا آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ انهن ٻنهي ۾ ڦوهارا هڻندڙ ٻه چشما آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ انهن ٻنهي ۾ ميوا ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ منجهن خوبصورت عورتون آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ اهي حورون تنبن ۾ بند آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟

 

مُتَّكِئِين عَلي×  رَفْرَفٍ خُضْرٍ وَّعَبْقَرِيٍّ حِسَان ٍ[76] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [77]تَبَارَكَ اسْمُ رَبمّكَ ذِي الْجَلاَلِ وَالإكْرَامِ[78]

نه هٿ لاٿو هوندو کين ڪنهن انسان کانئن پهريائين ۽ نه ڪنهن جن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ٽيڪ لڳائي ساون وهاڻن تي ۽ سٺين چاندين تي ويٺا هوندا. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ تنهنجي عزت ۽ عظمت واري رب جو نالو تمام بابرڪت آهي.

 

 

سورة ملک

 

٣٣٢١٠

٣٣١٩٤

٢٣١٩٩

٣٣١٩٦

٣٣١٩٨

٣٣٢٠٠

٣٣١٩٧

٣٣٢٠١

٣٣١٩٥

حضرت ابوهريره رضي الله تعاليٰ عنہ کان روايت آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته قرآن مجيد ۾ 30 آيتن جي هڪ سورت آهي، جنهن پنهنجي پڙهندڙن لاءِ الله تعاليٰ وٽ ايتري تائين سفارش ڪئي جو انهيءَ کي بخشرايائين. اها سورة ملڪ يعني تبارڪ الذي آهي.

حضرت ابوهريره رضي الله عنہ کان پڻ روايت آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو آهي ته آءٌ ان ماڻهو کي دوست رکان ٿو، جنهن جي دل ۾ سورة مُلڪ هجي ۽ حضرت ابن عباس رضي الله عنهما جا الفاظ آهن ته سورة مُلڪ سورة منجيہ آهي، يعني نجات ڏيارڻ واري. آءٌ گهران ٿو ته هر مؤمن جي دل ۾ هجي جيڪو شخص هن کي 41 دفعا پڙهي ۽ هن جو نقش پاڻ وٽ رکي ته سندس سمورا مطلب پورا ٿين. ان کان سواءِ به هن سورة جا گهڻا ئي فضائل آهن، جن کي هتي بيان نٿو ڪري سگهجي.

Text Box:  اآياتها٣٠                سُوْرَةُ الْمُلْكِ  مَكِيَّةٌ               ركوعها٢

 

 

 


 

الله ٻاجهاري نهايت رحم واري جي نالي سان

 

تَبَارَكَ الَّذِيْ بميَدِهِ الْمُلْكُ وَهُوَ عَلي×  كُلِّ شَيْ/ قَدِيْرُ[1]=لَّذِيْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَالْحَيَاةَ لِيَبْلُوَكُمْ أيُّكُمْ أحْسَنُ عَمَلاً وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفُوْرُ[2]الَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمو"×تٍ طِبَاقًا مَا تَر×ي في خَلْقِ الرَّحمنِ مِنْ تَفَاوُتٍ فَارْجـع( الْبَصَرَ هَلْ تَر×ي مِنْ فُطُوْرٍ[3]ثُمَّ ارْجـع( الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنقَلِبْ إلَيْكَ الْبَصَرُ خَاسِئًا وَّهُوَ حَسِيْرٌ[4]وَلَقَدْ زَيَّنَّا السَّمَآءَ الدُّنْيَا بممَصَابميْحَ وَجَعَلْنَاهَا رُجُوْمًا لِّلشَّيَاطِيْنِ وَأعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ السَّعِيْرِ[5]

ترجمو: اهو الله وڏي برڪت وارو آهي، جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ هو هر شيءِ تي قادر آهي. جنهن پيدا ڪيو موت ۽ زندگيءَ کي هن لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان ڪير سٺو آهي عمل جي لحاظ کان، ۽ اهو زبردست بخشڻ وارو آهي. جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو، (اي ڏسندڙ!) تون رحمــٰن جي بناوت ۾ ڪو فرق نه ڏسندين، پوءِ تون ورائي نظر ڪر ته ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير ڏسين ٿو؟ وري به کڻي بار بار نظر کي گهماءِ ڦراءِ ته اها (نظر) توڏي جهڪي ٿي واپس ايندي جڏهن ته اها ٿڪل هوندي. ۽ بيشڪ اسان پهرين آسمان کي سينگاريو ڏيئن سان ۽ بنايو اسان انهن کي شيطان جي چٽڻ لاءِ هٿيار ۽ سندن لاءِ تيار ڪيو باهه جو عذاب.

 

وَلِلَّذِيْنَ كَفَرُوْا بمرَبمّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَبمئْسَ الْمَصِيْرُ[6] إذَا اُلْقُوْا فِيْهَا سَمِعُوْا لَهَا شَهـيْقًا وَّهِيَ تَفُوْرُ[7]تَكَادُ تَمَيَّزُ مِنَ الْغَيْظِ كُلَّمَا اُلْقِيَ فِيْهَا فَوْجٌ سَألَهُمْ خَزَنَتُهَآ ألَمْ يَاْتِكُمْ نَذِيْرٌ [8]قَالُوْا بَلبر قَدْ جَآءَنَا نَذِيْرٌ فَكَذَّبْنَا وَقُلْنَا مَا نَزَّلَ اللهُ مِنْ شَيْ/ إنْ أنْتُمْ إلاَّ في ضَلاَلٍ كَبـيْرٍ[9] وَقَالُوْا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ أوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا في أصْحَابِ السَّعِيْرِ[10] فَاعْتَرَفُوْا بمذَنْبـهـمْ فَسُحْقًا +صْحَابِ السَّعِيْرِ[11] إنَّ الَّذِيْنَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بمالْغَيْبِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّأجْرٌ كَبـيْرٌ[12] وَأسِرُّوْا قَوْلَكُمْ أوِ اجْهَرُوْا بمه* إنَّه, عَلِيْمٌ بمذَاتِ الصُّدُوْرِ[13]

۽ جن ماڻهن پنهنجي رب جو ڪفر ڪيو، تن لاءِ جهنم جو عذاب (تيار) آهي ۽ (جهنم) بڇڙو ٺڪاڻو آهي. جڏهن به کين ان ۾ اڇلايو ويندو ته ٻڌندا ان جون هينگون ۽ اهو پيو ٽهڪندو. (ڄڻ) اجهو ٿي ڦاٽو ڪاوڙ سببان، جڏهن به منجهس اڇلايو ويندو ڪو ٽولو پڇندو کانئن سندس داروغو ڇا توهان ڏي ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو هو؟ چوندا هائو بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو هو پر اسان (کيس) ڪوڙو ڪيو  ۽ چيو الله تعاليٰ ڪا شيءِ نازل نه ڪئي آهي، ناهيو توهان مگر وڏي گمراهي ۾ (گرفتار). ۽ چوندا ڪاش! اسان ٻڌون ها ۽ عقل رکون ها ته نه ٿيون ها دوزخ وارا. تڏهن پنهنجن گناهن جو اقرار ڪندا، پوءِ پري ٿين دوزخ وارا. بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا، تن لاءِ مغفرت ۽ وڏو اجر آهي. ۽ توهان پنهنجي ڳالهه لڪايو يا ان کي ظاهر ڪريو، بيشڪ اهو (خدا) ته دلين جي رازن کي ڄاڻندڙ آهي.

 

ألاَ يَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ وَهُوَ اللَّطِيْفُ الْخَبـيْرُ [14] هُوَ الَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الأرْضَ ذَلُوْلاً فَامْشُوْا في مَنَاكِبـهَا وَكُلُوْا مِنْ رِّزْقِه* وَإلَيْهِ النُّشُوْرُ[15] ءَأمِنْتُمْ مَنْ فِي السَّمَآ÷ أنْ يَّخْسِفَ بمكُمُ الأرْضَ فَإذَا هِيَ تَمُوْرُ [16] أمْ أمِنْتُمْ مَنْ فِي السَّمَآ÷ أنْ يُّرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًا فَسَتَعْلَمُوْنَ كَيْفَ نَذِيْرِ[17] وَلَقَدْ كَذَّبَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهـمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيْرِ[18] أوَلَمْ يَرَوْا إلَي الطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صَآفَّاتٍ وَّ يَقْبـضْنَ مَا يُمْسِكُهُنَّ إلاَّ الرَّحمنُ إنَّه, بمكُلِّ شَيْ/ بَصِيْرٌ[19] أمَّنْ لهذَا الَّذِيْ هُوَ جُندٌ لَّكُمْ يَنْصُرُكُمْ مِّنْ دُوْنِ الرَّحمنِ إنِ الْكَافِرُوْنَ إلاَّ في غُرُوْرٍ[20]

 ڀلا اهو نٿو ڄاڻي سگهي جنهن خلقيو جڏهن ته اهو اونهي نظر رکندڙِ پوري ڄاڻ وارو آهي. اهو الله ئي آهي جنهن زمين کي توهان لاءِ نرم ڪيو ته پوءِ ان جي پاسن ۾ هلو ۽ ان جي رزق مان کائو ۽ ان ڏي ئي جيئرو ٿي اٿڻو آهي. ڇا توهان ان کان محفوظ آهيو جيڪو آسمان ۾ آهي ته اهو توهان کي ڳهائي ڇڏي زمين ۾ پوءِ اها ڌڏڻ لڳي، يا توهان بي خوف آهيو ان کان جيڪو آسمان ۾ آهي ته توهان تي ڪو پٿر وسائيندڙ موڪلي پوءِ توهان ستت ڄاڻي وٺندؤ ته ڊيڄارڻ ڪيئن آهي ۽ تحقيق انهن ماڻهن به ڪوڙو ڪيو هو جيڪي هنن کان اڳ هئا ته پوءِ ڪيئن هو عذاب؟ ڇا نه ڏٺائون ته سندن مٿان پکي پر پکيڙيندڙ ۽ بند ڪندڙ آهن، کين نٿو روڪي رکي مگر خدا تعاليٰ، بيشڪ اهو هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي.  ڀلا ڪير اهڙو آهي جو توهان جو لشڪر هجي مدد ڪري توهان جي خدا کان سواءِ؟ نه آهن ڪافر مگر ڌوڪي ۾ (مبتلا)

 

أمَّنْ لهذَا الَّذِيْ يَرْزُقُكُمْ إنْ أمْسَكَ رِزْقَه, بَلْ لَّجُّوْا في عُتُوٍّ وَّنُفُوْرٍ[21] أفَمَنْ يَّمْشِيْ مُكِبًّا عَلي×  وَجْهـه*آ أهْد×ي أمَّنْ يَّمْشِيْ سَوِيًّا عَلي×  صِرَاطٍ مُّسْتَقِيْمٍ[22] قُلْ هُوَ الَّذِيْ أنشَأكُمْ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالأبْصَارَ وَالأفْئِدَةَ قَلِيْلاً مَّا تَشْكُرُوْنَ [23] قُلْ هُوَ الَّذِيْ ذَرَأكُمْ فِي الأرْضِ وَإلَيْهِ تُحْشَرُوْنَ [24] وَيَقُوْلُوْنَ مَتبر لهذَا الْوَعْدُ إنْ كُنْتُمْ صَادِقِين[25] قُلْ إنَّمَا الْعِلْمُ عِنْدَ اللهِ وَإنَّمَآ أنَا نَذِيْرٌ مُّبـيْنٌ [26] فَلَمَّا رَأوْهُ زُلْفَةً سِيْئَتْ  وُجُوْهُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَقِيْلَ لهذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بمه* تَدَّعُوْنَ [27]

ڀلا اهو ڪير آهي جو توهان کي رزق ٿو ڏئي، جيڪڏهن الله پنهنجي رزق کي روڪي بلڪ اهي سرڪشي ۽ ڀڄڻ ۾ لڳا پيا آهن. ڇا ڀلا جيڪو پنهنجي منهن ڪرندو هلي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو شخص جو برابر سڌي راهه تي هلي؟ چؤ اهو الله ئي آهي، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ بنايائين توهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون، (تڏهن به) توهان گهٽ شڪر ڪريو ٿا. چئو الله ئي اهو آهي جنهن توهان کي زمين ۾ آباد ڪيو ۽ انهيءَ ڏي ئي توهان گڏ ڪيا ويندوَ ۽ چون ٿا ته ڪڏهن پورو ٿيندو هي وعدو جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟ چؤ ته (ان جو) علم رڳو خدا وٽ آهي ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. پوءِ جڏهن ان کي ويجهو ڏسندا ته ڪافرن جا منهن بڇڙا ٿي ويندا ۽ (کين) چيو ويندو ته هيءُ اٿو اهو (عذاب) جنهن جي توهان گهر ڪندا هئا.

 

قُلْ أرَأيْتُمْ إنْ أهْلَكَنِيَ اللهُ وَمَنْ مَّعِيَ أوْ رَحِمَنَا فَمَنْ يُّجِيْرُ الْكَافِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ ألِيْمٍ[28]قُلْ هُوَ الرَّحمنُ ا×مَنَّا بمه* وَعَلَيْهِ تَوَكَّلْنَا فَسَتَعْلَمُوْنَ مَنْ هُوَ في ضَلاَلٍ مُّبـيْنٍ [29] قُلْ أرَأيْتُمْ إنْ أصْبَحَ مَآؤُكُمْ غَوْرًا فَمَنْ يَّاْتِيْكُمْ بممَآ/ مَّعِيْنٍ [30]

چؤ ٻڌايو ته جيڪڏهن مون کي ۽ منهنجن ساٿين کي الله هلاڪ ڪري يا رحم ڪري اسان تي ته پوءِ ڪير ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو؟ چؤ الله وڏو مهربان آهي، جنهن تي اسان ايمان آندو ۽ ان تي ئي اسان ڀروسو ڪيو پوءِ سگهوئي ڄاڻندوَ ته ڪير آهي واضح گمراهي ۾؟ چؤ ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان جو پاڻي سڪي وڃي ته ڪير آهي جيڪو توهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟

 

سورة نوح جي فضيلت

دشمن سان سخت هنگامو ٿي پئي ۽ سندس دفاع ممڪن نه هجي ته هزار دفعا سورة نوح پڙهڻ سان دشمن نابود ٿي ويندو. هڪ ماڻهو پڙهي يا ڪيترا ئي جن جو تعداد اِڪي هجي، ويهي هڪ دفعو ختم ڪن. هن جو تعداد ٧٤٣١٤ آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org