سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: نماز جنت جي ڪنجي

باب: --

صفحو :7

دعاءِ حاجات

يَآ أللهُ يَآ أحَدُ يَا وَاحِدُ يَا مَوْجُوْدُ يَا جَوَّادُ يَا بَاسِطُ يَا كَرِيْمُ يَا وَهَّابُ يَا ذَالطَّوْلِ يَا غَنِني يَا مُغْنِيْ يَا فَتَّاحُ يَا رَزَّاقُ يَا عَلِيْمُ يَا حَكِيْمُ يَا حَني يَا قَيُّوْمُ يَا رَحمنُ يَا رَحِيْمُ يَا بَدِيْعُ السَّمو"ِ×تِ وَالأرْضِ يَا ذَالْجَلالِ وَالإكْرَامِ يَا حَنَّانُ يَا مَنَّانُ نَفِّحْنِيْ  مِنْكَ بمنَفْحَةِ خَيْرٍ تُغْنِيْ بمهَا عَمَّنْ سِوَاكَ إنْ تَسْتَفْتِحُوْا فَقَدْ جَآءَكُمُ الْفَتْحُ إنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُّبِيْنًا نَصْرٌ مِّنَ اللهِ وَفَتْحٌ قَرِيْبٌ أتجُّمْ يَا غَنِني يَا حَمِيْدُ يَا مُبْدِئُ يَا مُعِيْدُ يَا وَدُوْدُ يَا ذُوالْعَرْشِ الْمَجِيْدِ يَا فَعَّالٌ لِّمَا يُرِيْدُ أكْفِيْ بمحَلاَلِكَ عَنْ حَرَامِكَ وَأغْنِيْ بمفَضْلِكَ عَمَّنْ سِوَاكَ وَاحْفَظْنِيْ بممَا حَفِظْتَ بمهِ الذِّكْرَ وَانْصُرْنِيْ بممَا نَصَرْتَ بمهِ الرُّسُلَ إنَّكَ عَلي×  كُلِّ شَيْ/ قَدِيْرٌ

جيڪو شخص هر نماز کان پوءِ هن دعا کي پڙهندو يا خصوصًا جمعي جي نماز کان پوءِ پڙهندو ته الله تعاليٰ هر طوف کان پري رکندو ۽ ان جي حفاظت ڪندو.

 

66 الله جو نالو

جيڪو شخص روزانو هڪ هزار دفعا يا الله پڙهندو، انشاء الله ان جي دل مان سڀئي شڪ ۽ شبها ختم ٿي ويندا ۽ عزم ۽ يقين جي قوت نصيب ٿيندي. جيڪو لاعلاج مريض ڪثرت سان يا الله جو ورد ڪري ۽ ان کان پوءِ شفا جي دعا گهري ته ان کي شفا نصيب ٿيندي.

 

298 وڏو مهربان

298 روزانو هر نماز کان پوءِ 115 دفعا يا رحمــٰن پڙهڻ واري جي دل مان هر قسم جي سختي ۽ غفلت انشاءَ الله ختم ٿي ويندي.

 

258 رحم وارو

جيڪو شخص روزانو هر نماز کان پوءِ 100 دفعا ”يارحيم“ پڙهندو، سڀني دنيا جي آفتن کان محفوظ رهندو ۽ تمام مخلوق ان تي مهربان ٿيندي، انشاءَ الله.

 

90 حقيقي بادشاهه

روزانو صبح جي نماز کان پوءِ ڪثرت سان ”يا الملک“ پڙهڻ واري کي الله تعاليٰ غني يعني مالدار ڪري ڇڏيندو، انشاءَ الله.

 

170 نهايت پاڪ

جيڪو شخص روزانو زوال جي وقت کان پوءِ ان نالي مبارڪ کي ڪثرت سان پڙهندو، انشاءَ الله ان جي دل روحاني مرضن کان پاڪ ٿي ويندي.

 

131 سلامتي ڏيڻ وارو

جيڪو شخص ڪثرت سان هن اسم کي پڙهندو رهندو، انشاءَ الله سڀني آفتن کان محفوظ رهندو. جيڪو شخص 115 دفعا پڙهي بيمار تي دم ڪندو، الله تعاليٰ ان کي صحت وشفا عطا فرمائيندو

.

136 امان بخشڻ وارو

جيڪو شخص ڪنهن خوف جي وقت هن اسم کي 630 دفعا پڙهندو، انشاءَ الله هر طرح جي خوف ۽ نقصان کان محفوظ رهندو. جيڪو شخص هن اسم کي پڙهي يا لکي پاڻ وٽ رکي ان جو ظاهر وباطن الله تعاليٰ جي امان ۾ رهندو.

 

145 حفاظت فرمائڻ وارو

جيڪو شخص غسل ڪري ٻه رڪعت نماز پڙهي ۽ صدق دل سان 100 دفعا هي اسم پڙهي الله تعاليٰ ان جو ظاهر وباطن پاڪ فرمائيندو ۽ جيڪو شخص 115 دفعا پڙهندو ته انشاءَ الله پوشيده شين تي مطلع ٿيندو.

 

94 عزت وارو

جيڪو شخص 40 ڏينهن تائين 40 دفعا هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله، الله تعاليٰ ان کي معزز ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪو شخص فجر جي نماز کان پوءِ 41 دفعا پڙهندو رهندو ته انشاءَ الله ڪنهن جو محتاج نه هوندو ۽ ذلت کان پوءِ عزت ملندس.

 

260 عظمت وارو

جيڪو شخص صبح ۽ شام 226 دفعا هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله ظالمن جي ظلم ۽ قهر کان محفوظ رهندو ۽ جيڪو شخص چاندي جي منڊي تي هي اسم نقش ڪرائي پائيندو، ان جي هيبت ۽ شوڪت ماڻهن جي دلين ۾ انشاءَ الله پيدا ٿيندي.

 

662 تڪبر وارو

جيڪو شخص ڪثرت سان هن اسم جو ورد ڪندو، الله تعاليٰ ان کي عزت ۽ وڏائي عطا فرمائيندو ۽ اگر هر ڪم جي ابتدا ۾ هي اسم بڪثرت پڙهي ته انشاءَ الله ان ۾ هو ڪامياب ٿيندو.

 

731 ٺاهڻ وارو

جيڪو شخص 7 ڏينهن تائين مسلسل 15 دفعا هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله سڀني آفتن کان محفوظ رهندو. جيڪو شخص هميشه هي اسم پڙهندو رهندو ته الله تعاليٰ هڪ فرشتو پيدا ڪندو آهي، جيڪو ان جي طرف کان هميشه عبادت ڪندو ۽ ان سان ان جو چهرو منور رهندو.

 

213 پيدا ڪرڻ وارو

اگر بي اولاد عورت ست ڏينهن روزا رکي ۽ پاڻي سان روزو کولڻ بعد 21 دفعا ”يا باري يا مصور“ پڙهي ته انشاءَ الله اولاد نرينه نصيب ٿيندي.

 

336 هر هڪ کي صورت ڏيڻ وارو

بي اولاد عورت هن اسم مبارڪ کي هن طرح عمل ڪري ته 7 روزا رکي ۽ هر روز افطار جي وقت هنن ٽن نالن کي ”يا خالق يا باري يا مصور“ 21 دفعا پڙهي هڪ گلاس پاڻي تي دم ڪري ۽ انهيءَ پاڻي سان افطار ڪري ته ان کي اولاد حاصل ٿيندي.

 

1281 وڏو بخشڻ وارو

جيڪو شخص جمعي جي نماز کان پوءِ 100 دفعا هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله ان تي مغفرت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳندا ۽ جيڪو شخص نماز عصر کان پوءِ روزانو يا غفار اغفرلي پڙهندو، الله تعاليٰ ان کي بخشيل ماڻهن ۾ داخل ڪندو، انشاءَ الله.

 

306 غلبي وارو

جيڪو شخص دنيا جي محبت ۾ گرفتار ٿيل هجي ۽ اهو ڪثرت سان هن اسم کي پڙهي ته دنيا جي محبت ان جي دل مان انشاءَ الله ختم ٿي ويندي ۽ خدا جي محبت پيدا ٿيندي.

 

14 گهڻو ڏيڻ وارو

جيڪو شخص فقر ۽ فاقن ۾ گرفتار هجي ۽ اهو ڪثرت سان هن اسم کي پڙهي يا لکي پاڻ وٽ رکي يا چاشت جي نماز جي آخري سجدي ۾ 40 دفعا هي اسم پڙهي ته الله تعاليٰ فڪر ۽ فاقن کان انشاءَ الله ان کي حيرت انگيز طريقي سان نجات ڏيندو ۽ اگر ڪا خاص حاجت درپيش هجي ته گهر يا مسجد جي اڱڻ ۾ 3 دفعا سجدو ڪري هٿ کڻي ۽ 15 دفعا هي اسم پڙهي انشاءَ الله حاجت پوري ٿيندي.

 

308 روزي پهچائڻ وارو

جيڪو شخص صبح جي نماز کان پهرين پنهنجي گهر جي چئني ڪنڊن ۾ ڏهه ڏهه دفعا هي اسم پڙهي دم ڪري، الله تعاليٰ ان تي رزق جا دروازا کولي ڇڏيندو ۽ بيماري ۽ مفلسي ان جي گهر ۾ هرگز نه ايندي. ساڄي ڪنڊ کان شروع ڪري ۽ منهن ڪعبي جي طرف رکي.

 

489 کولڻ وارو

جيڪو شخص فجر جي نماز کان پوءِ ٻئي هٿ سيني تي ٻڌي 70 دفعا پڙهندو، انشاءَ الله ان جي دل نور ايمان سان منور ٿيندي.

 

150 ڄاڻڻ وارو

جيڪو شخص ڪثرت سان يا عليم جو ورد ڪندو، الله تعاليٰ ان تي انشاءَ الله علم ۽ مغفرت جا دروازا کولي ڇڏيندو.

 

903 تنگي ڪرڻ وارو

جيڪو شخص ماني جي چئن گرهن تي هن اسم کي لکي چاليهن ڏينهن تائين کائيندو، بک، اڃ، زخم ۽ سور وغيره جي تڪليف کان انشاءَ الله محفوظ رهندو.

 

720 ڪشادگي پيدا ڪرڻ وارو

جيڪو شخص چاشت جي نماز کان پوءِ آسمان جي طرف هٿ کڻي روزانو 10 دفعا هن اسم کي پڙهندو ۽ منهن تي هٿ ڦيرائيندو الله تعاليٰ ان کي انشاءَ الله غني ڪري ڇڏيندو ۽ ڪڏهن ڪنهن جو محتاج نه ٿيندو

.

1481 هيٺ ڪرڻ وارو

جيڪو شخص روزانو 500 دفعا يا خافض پڙهندو، الله تعاليٰ ان جون حاجتون انشاءَ الله پوريون ڪندو. جيڪو شخص 3 روزا رکي ۽ چوٿين ڏينهن هڪ جاءِ تي ويهي 70 دفعا ”الخافض“ پڙهي ته انشاءَ الله دشمن تي فتحياب ٿيندو.

 

351 بلند ڪرڻ وارو

جيڪو شخص هر مهيني جي چوڏهين رات تي اڌ رات ۾ 100 دفعا ”الرافع“ پڙهندو الله تعاليٰ ان کي مخلوق کان بي نياز ڪري ڇڏيندو.

 

117 عزت ڏيڻ وارو

جيڪو شخص سومر يا جمع جي ڏينهن مغرب جي نماز کان پوءِ 40 دفعا يا معز پڙهندو، الله تعاليٰ ان کي ماڻهن ۾ باعزت ۽ باوقات ڪندو.

 

880 ذلت ڏيڻ وارو

جيڪو شخص 75 دفعا يا مذل پڙهي دعا ڪري، الله تعاليٰ ان کي انشاءَ الله حاسدن، ظالمن ۽ دشمنن جي شر کان محفوظ رکندو. اگر ڪو خاص دشمن هجي ته سجدي ۾ ان جو نالو وٺي چوي ”اي الله! فلاڻي ظالم يا دشمن جي شر کان محفوظ رک.“ دعا ڪري انشاءَ الله قبول ٿيندي.

 

180 ٻڌڻ وارو

جيڪو شخص خميس جي ڏينهن چاشت جي نماز کان پوءِ 500 يا 50 دفعا ”يا سميع“ پڙهندو، انشاءَ الله ان جون دعائون قبول ٿينديون، ليڪن عمل جي دوران وچ ۾ ڪنهن سان به نه ڳالهائي ۽ جيڪو شخص خميس جي ڏينهن فجر جي سنتن ۽ فرضن جي وچ ۾ 15 دفعا پڙهندو، الله تعاليٰ ان کي نظر خاص سان نوازيندو.

 

302 ڏسڻ وارو

جيڪو شخص جمع جي نماز کان پوءِ 100 دفعا يا بصير پڙهي ته الله تعاليٰ ان جي نظر ۾ انشاءَ الله روشني ۽ دل ۾ نور پيدا فرمائيندو.

 

 

68 فيصلو ڪرڻ وارو

جيڪو شخص رات جي آخري حصي ۾ 99 دفعا باوضو هي اسم پڙهندو ته الله تعاليٰ ان جي دل کي انشاءَ الله منور ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪو شخص جمع جي رات ۾ هي اسم ايترو پڙهي جو بي حال ۽ بي خود ٿي وڃي ته الله تعاليٰ ان جي قلب کي انشاءَ الله ڪشف ۽ الهام کان نوازيندو.

 

 

104 انصاف ڪرڻ وارو

جيڪو شخص جمع جي ڏينهن يا جمع جي رات مانيءَ جي 20 ٽڪرن تي العدل لکي کائيندو، الله تعاليٰ مخلوق کي ان جي لاءِ مسخر فرمائيندو.

 

 

129 وڏو باريڪ بين

جيڪو شخص 133 دفعا يا لطيف پڙهي انشاءَ الله ان جي رزق ۾ برڪت ٿيندي ۽ ان جا سڀ ڪم بخوبي پورا ٿيندا، جيڪو شخص فقرفاقي، ڏک، بيماري، اڪيلائپ يا ڪنهن بي مصيبت ۾ گرفتار هجي، اهو چڱي طرح وضو ڪري 2 رڪعت نماز پڙهي ۽ پنهنجي مقصد ۽ مطلب کي دل ۾ رکي 15 دفعا هي اسم پڙهي، انشاءَ الله مقصد پورو ٿيندو.

 

 

812 خبر رکڻ وارو

جيڪو شخص ستن ڏينهن تائين هي اسم بڪثرت پڙهندو، انشاءَ الله تعاليٰ ان تي پوشيده راز ظاهر ٿيڻ لڳندا. جيڪو شخص خواهشات نفساني ۾ گرفتار هجي، اهو بڪثرت هن اسم جو ورد ڪري انشاءَ الله ان کي رهائي نصيب ٿيندي.

 

 

88 بردبار

جيڪو شخص هن اسم کي ڪاغذ تي لکي ۽ پاڻي سان ڌوئي جنهن شيءِ تي پاڻي ڇڙڪيندو يا مکيندو، انشاءَ الله ان ۾ خير برڪت ٿيندي ۽ آفتن سان اها شيءِ محفوظ رهندي.

 

1020 بزرگ

جيڪو شخص هن اسم جو بڪثرت ورد رکندو، انشاءَ الله ان کي عزت وعظمت نصيب ٿيندي.

 

1286 گناهه مٽائڻ وارو

جيڪو شخص هن اسم جو بڪثرت ورد ڪندو، انشاءَ الله ان جون تمام تڪليفون ۽ رنج وغم ختم ٿي ويندا ۽ مال ۽ اولاد ۾ برڪت ٿيندي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته جيڪو شخص سجدي ۾ ”يا رب اغفرلي“ 3 دفعا چوندو، الله تعاليٰ ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ڪندو.

 

5260 صلو ڏيڻ وارو

جيڪو شخص معاشي تنگي ۽ ڪنهن ٻئي ڏک ۽ تڪليف ۾ مبتلا هجي ته اهو هن اسم کي 61 دفعا روزانو پڙهي، انشاءَ الله ان کي رهائي نصيب ٿيندي

.

110 اونچو

جيڪو شخص هن اسم کي هميشه پڙهندو رهي ۽ لکي پاڻ وٽ رکي ته ان کي رتبي جي بلندي ۽ خوشحالي ۽ مقصد ۾ ڪامراني نصيب ٿيندي

 

.

232 وڏو

جيڪو شخص پنهنجي عهدي کان معزول ٿي ويو هجي، اهو ست روزا رکي ۽ روزانو 100 دفعا ”يا ڪبير“ پڙهي، اهو انشاءَ الله پنهنجي عهدي تي بحال ٿي ويندو ۽ ان کي بزرگي ۽ برتري نصيب ٿيندي.

 

998 نگهبان

جيڪو شخص بڪثرت ياحفيظ جو ورد رکندو ۽ لکي پاڻ وٽ رکي، اهو انشاءَ الله هر طرح جي خوف ۽ خطري ۽ نقصان کان محفوظ رهندو.

 

550 روزي ڏيڻ وارو

جيڪو شخص خالي پاڻيءَ جي ٿانءَ ۾ 7 دفعا هي اسم پڙهي دم ڪري ۽ ان مان پاڻ پاڻي پيئي يا ڪنهن ٻئي کي پياري ته انشاءَ الله ان جو مقصد پورو ٿيندو.

 

80 ڪفايت ڪرڻ وارو

جيڪو شخص ڪنهن به ماڻهو يا ڪنهن شيءِ کان ڊڄندو هجي ته اهو جمعرات کان شروع ڪري 8 ڏينهن تائين صبح ۽ شام 70 دفعا ”حسبي الله الحسيب“ پڙهي ته انشاءَ الله هر شيءِ ۽ هر شر کان محفوظ رهندو.

 

73 بزرگي وارو

جيڪو شخص مشڪ وزعفران سان هن اسم کي لکي پاڻ وٽ رکي ۽ بڪثرت ”يا جليل“ جو ورد ڪندو، الله تعاليٰ ان کي عزت ۽ عزمت ۽ قدر ومنزلت عطا فرمائيندو.

 

270 ڪرم ڪرڻ وارو

جيڪو شخص روزانو سمهڻ وقت ”يا ڪريم“ پڙهندي پڙهندي سمهي پئي ته الله تعالـى ان کي علماء وصلحاء ۾ عزت نصيب فرمائيندو.

 

312 نگهبان

جيڪو شخص پنهنجي خاندان ۽ مال تي 7 دفعا هن اسم کي پڙهي روزانو دم ڪري ۽ ”يارقيب“ جو ورد ڪري انشاءَ الله اهو سڀني آفتن کان محفوظ رهندو.

 

137 وسعت ڏيڻ وارو

جيڪو شخص بڪثرت ”يا واسع“ جو ورد ڪري انشاءَ الله ان کي ظاهري ۽ باطني غنا الله تعاليٰ عطا فرمائيندو.

55 قبول ڪرڻ وارو

جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا مجيب“ پڙهندو، انشاءَ الله ان جون دعائون بارگاهه خداوندي ۾ قبول ٿينديون.

178 حڪمت وارو

جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا حکيم“ پڙهندو، الله تعاليٰ ان تي انشاءَ الله علم ۽ حڪمت جو دروازو کوليندو. جنهن شخص جو ڪوئي ڪم پورو نه ٿيندو هجي ته اهو پابندي سان هن اسم کي پڙهي انشاءَ الله ڪم پورو ٿيندو.

 

20 دوستي ڪرڻ وارو

جيڪو شخص هڪ هزار دفعا يا ودود پڙهي کاڌي تي دم ڪري ۽ زال سان گڏ ويهي اها ماني کائي ته انشاءَ الله زال مڙس جو جهڳڙو ختم ٿي ويندو ۽ باهمي محبت پيدا ٿي ويندي.

57 عزت وارو

جيڪو شخص ڪنهن ڏکوئيندڙ مرض آتشڪ، جزام وغيره ۾ مبتلا هجي ته اهو 13، 14، 15 تاريخ جا روزا رکي ۽ روزو کولڻ کان پوءِ بڪثرت هن اسم کي پڙهي ۽ پاڻي تي دم ڪري پيئي، انشاءَ الله مرض ختم ٿي ويندو.

573 قبر مان کڻڻ وارو

جيڪو شخص روزانو سمهڻ وقت سيني تي هٿ رکي 101 دفعا ”يا باعث“ پڙهي ته انشاءَ الله ان جو دل علم ۽ حڪمت سان زنده ٿي ويندو.

319 موجود

جنهن شخص جي زال يا اولاد نافرمان هجي، اهو صبح جي وقت ان جي پيشاني تي هٿ رکي 21 دفعا ”يا شهيد“ پڙهي دم ڪري ته فرمانبردار ٿي ويندو.

108 ثابت ڪرڻ وارو

جيڪو شخص چوڪور ڪاغذ جي چئني ڪنڊن تي ”الحق“ لکي اسر جي وقت ڪاغذ تي هٿ رکي آسمان جي طرف بلند ڪري دعا گهري، انشاءَ الله گم شده شخص يا سامان ملي ويندو ۽ نقصان کان محفوظ رهندو.

66 ڪارساز

جيڪو شخص ڪنهن به آسماني آفت جي وقت بڪثرت ”يا وڪيل“ جو ورد ڪندو ۽ ان اسم کي پنهنجو وڪيل ٺاهيندو، اهو انشاءَ الله هر آفت کان محفوظ رهندو.

116 طاقتور

جيڪو شخص واقعي مظلوم ۽ ڪمزور ۽ مغلوب هجي، اهو هن ظالم ۽ طاقتور دشمن کي دفع ڪرڻ جي نيت سان بڪثرت هن اسم کي پڙهي، انشاءَ الله هن سان محفوظ رهندو. (بي محل ۽ ناحق هي عمل هرگز نه ڪري)

500 گهڻو مضبوط

جنهن عورت کي کير نه هجي ته ”المتين“ ڪاغذ تي لکي ڌوئي پيئي، انشاءَ الله کير گهڻو ٿيندو.

46 دوست

جيڪو شخص پنهنجي زال جي عادتن ۽ خصلتن کان خوش نه هجي ته اهو جڏهن به ان جي سامهون وڃي، هن اسم کي پڙهي ته انشاءَ الله نيڪ خصلت ٿي ويندي.

 

62 تعريف ٿيل

جيڪو شخص 45 ڏينهن تائين مسلسل 93 دفعا اڪيلائي ۾ ”يا حميد“ پڙهندو ته ان جون سڀئي خراب عادتون ختم ٿي وينديون.

 

148 گهيرڻ وارو

جيڪو شخص ماني جي 20 ٽڪرن تي روزانو 20 دفعا هي اسم پڙهي دم ڪري کائي، انشاءَ الله مخلوق ان جي لاءِ مسخر ٿي ويندي.

 

56 پيدائش جي ابتدا ڪرڻ وارو

جيڪو شخص اسر جي وقت حامله عورت جي پيٽ تي هٿ رکي 99 دفعا ”يا مبدي“ پڙهندو، انشاءَ الله نه ان جو حمل ڪرندو ۽ نه ئي وقت کان پهرين ان جو ٻار پيدا ٿيندو.

 

124 ٻيهر پيدا ڪرڻ وارو

گمشده شخص کي واپس گهرائڻ لاءِ هي عمل ڏاڍو اثر وارو آهي. جڏهن گهر جا سڀئي ڀاتي سمهي پون ته گهر جي چئني ڪنڊن ۾ ستر ستر دفعا ”يا معيد“ پڙهي، انشاءَ الله 7 ڏينهن ۾ يا ته اهو واپس ايندو يا ان جو پتو لڳي ويندو.

 

68 زنده ڪرڻ وارو

جيڪو شخص بيمار هجي، بڪثرت ”المحيي“ جو ورد ڪري يا ڪنهن ٻئي بيمار تي دم ڪري، انشاءَ الله صحتياب ٿي ويندو. جيڪو شخص 89 دفعا ”المحيي“ پڙهي پاڻي تي دم ڪري، اهو هر طرح جي قيد ۽ بند کان انشاءَ الله محفوظ رهندو.

 

490 مارڻ وارو

جنهن شخص جو نفس ان جي قابو ۾ نه هجي، اهو سمهڻ وقت سيني تي هٿ رکي المميت پڙهندي پڙهندي سمهي پئي ته انشاءَ الله ان جو نفس مطيع ٿي ويندو.

 

18 زنده

جيڪو شخص روزانو 3 هزار دفعا ”الحيّ“ جو ورد ڪري ته انشاءَ الله ڪڏهن بيمار نه ٿيندو. جيڪو شخص هن اسم کي چيني جي ٿانو ۾ مشڪ ۽ گلاب سان لکي مٺي پاڻي سان ڌوئي پيئي يا ڪنهن ٻئي بيمار کي پياري، انشاءَ الله شفا ڪامل نصيب ٿيندي.

 

156 پاڻ زنده، ٻين کي زنده ڪرڻ وارو

جيڪو شخص ڪثرت سان اسم ”القيوم“ جو ورد ڪندو، انشاءَ الله ماڻهن ۾ ان جي عزت ۽ ساک وڌندي ۽ اڪيلائيءَ ۾ ويهي ورد ڪري ته انشاءَ الله خوشحال ٿي ويندو. جيڪو شخص صبح جو نماز کان پوءِ سج نڪرڻ تائين ”يا حيّ يا قيوم“ جو ورد ڪري، ان جي سستي ڪاهلي ختم ٿي ويندي.

 

14 حاصل ڪرڻ وارو

جيڪو شخص ماني کائڻ وقت ”يا واحد“ جو ورد ڪري ته اها غذا ان جي قلب جي لاءِ انشاءَ الله طاقت قوت ۽ نورانيت جو باعث ٿيندي.

 

48 بزرگي وارو

جيڪو شخص اڪيلائيءَ ۾ هي اسم ايترو پڙهي جو بي خود ٿي وڃي ته انشاءَ الله ان جي قلب تي انوار الاهي يعني نور ظاهر ٿيڻ لڳندو.

 

19 اڪيلو

جيڪو شخص روزانو هڪ هزار دفعا ”يا واحد يا احد“ پڙهندو، انشاءَ الله مخلوق جي محبت ۽ خوف ختم ٿي ويندو. جنهن شخص جي اولاد نه ٿيندي هجي ته اهو هن اسم کي لکي پاڻ وٽ رکي. ان کي صالح اولاد نصيب ٿيندي.

13 اڪيلو

جيڪو شخص روزانو هڪ هزار دفعا ”يا واحد يا احد“ پڙهي، ان جي دل مان انشاءَ الله مخلوق جي محبت ۽ خوف ختم ٿي ويندو. جنهن شخص کي اولاد نه ٿيندي هجي ته اهو هن اسم کي لکي پاڻ وٽ رکي، انشاءَ الله ان کي صالح اولاد نصيب ٿيندي.

 

134 بي نياز

جيڪو شخص سحر جي وقت سجدي ۾ مٿو رکي 115 يا 125 دفعا هن اسم کي پڙهي، ان کي انشاءَ الله ظاهري وباطني سچائي نصيب ٿيندي ۽ جيڪو شخص باوضو هن اسم جو ورد جاري رکندو، اهو انشاءَ الله مخلوق کان بي نياز ٿي ويندو.

 

305 طاقت وارو

جيڪو شخص 2 رڪعت نماز پڙهي 15 دفعا ”يا قادر“ پڙهي، الله تعاليٰ ان جي دشمن کي ذليل ۽ رسوا فرمائيندو (اگر اهو حق تي هوندو) اگر ڪنهن کي ڪم ۾ دشواري اچي ته 61 دفعا ”يا قادر“ پڙهي ته انشاءَ الله دشواري ختم ٿي ويندي.

 

744 قدرت وارو

جيڪو شخص سمهي اٿڻ کان پوءِ ڪثرت سان ”يا مقتدر“ جو ورد ڪري يا گهٽ ۾ گهٽ 20 دفعا پڙهي، انشاءَ الله ان جا سڀ ڪم آسان ۽ صحيح ٿي ويندا.

 

184 وڌائڻ وارو

جيڪو شخص جنگ جي وقت ”يا مقدم“ ڪثرت سان پڙهندو رهي ته الله تعاليٰ ان کي (پيش قدمي) جي قوت انشاءَ الله عطا فرمائيندو ۽ دشمنن کان محفوظ رکندو ۽ جيڪو شخص هر وقت ”يا مقدم“ جو ورد رکندو، اهو انشاءَ الله، الله تعاليٰ جو مطيع وفرمانبردار ٿي ويندو.

 

846 پويان ڪرڻ وارو

جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا مؤخر“ جو ورد ڪندو، ان کي انشاءَ الله سچي توبہ نصيب ٿيندي ۽ جيڪو شخص روزانو 7 دفعا هن اسم کي پابندي سان پڙهي، انشاءَ الله اهڙو حق تعاليٰ جو قرب نصيب ٿيندو جو ان جي بغير چين نه ايندو.

 

47 پهريون

جنهن شخص کي پٽ نه ٿيندو هجي، اهو 40 ڏينهن تائين 40 دفعا روزانو ”يا اول“ پڙهي، انشاءَ الله ان جي مراد پوري ٿيندي. جيڪو شخص مسافر هجي اهو جمع جي ڏينهن 1000 هڪ هزار دفعا ”الاول“ پڙهي انشاءَ الله جلد بخيريت وطن واپس پهچندو.

 

801 سڀ کان آخر ۾ رهڻ وارو

جيڪو شخص روزانو هڪ هزار دفعا ”الاخر“ پڙهندو، ان جي دل مان غير الله جي محبت ختم ٿيندي ۽ انشاءَ الله سڄي عمر جي ڪوتاهين جو ڪفارو ٿي ويندو ۽ خاتمه بالخير ٿيندو.

1106 سڀ کان ظاهر

جيڪو شخص اشراق کان پوءِ 500 دفعا هن جو ورد ڪندو، الله تعاليٰ ان جي اکين ۾ روشني ۽ دل ۾ نور عطا فرمائيندو.

 

62 سڀ کان پوشيده

جيڪو شخص روزانو 33 دفعا ”يا باطن“ پڙهندو، انشاءَ الله ان تي باطني اثر ظاهر ٿيڻ لڳندا ۽ ان جي قلب ۾ الله جي محبت پيدا ٿيندي. جيڪو شخص 2 رڪعت نفل پڙهي ”هو الاول والاخر والظاهر والباطن وهو عليٰ کل شيء قدير“ پڙهي انشاءَ الله ان جون سڀ حاجتون پوريون ٿينديون.

47 ڪم ٺاهڻ وارو

جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا والي“ جو ورد ڪندو، اهو ناگهاني آفتن کان انشاءَ الله محفوظ رهندو. خالي ٿانءَ ۾ هي اسم لکي ان ۾ پاڻي ڀري گهر ۾ ڇڙڪي ته اهو گهر به سڀني آفتن کان محفوظ رهندو. اگر ڪنهن کي مسخر ڪرڻ چاهي ته 11 دفعا هي اسم پڙهي، انشاءَ الله اهو فرمانبردار ٿي ويندو.

 

551 سڀ کان اونچو

جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا متعالي“ جو ورد ڪندو، انشاءَ الله ان جون سڀئي مشڪلاتون ختم ٿي وينديون ۽ جيڪا عورت حيض جي حالت ۾ هن اسم جو ڪثرت سان ورد ڪندي، ان جي تڪليف ختم ٿي ويندي.

 

202 نيڪوڪار

جيڪو شخص شراب نوشي، زناڪاري ۽ بدڪارين ۾ گرفتار هجي، روزانو 7 دفعا هي اسم پڙهي، ته انشاءَ الله ان جي گناهن ڏانهن رغبت ختم ٿي ويندي. جيڪو شخص دنيا جي حب ۾ مبتلا هجي، اهو هن اسم کي بڪثرت پڙهي دنيا جي حب ان جي دل مان ختم ٿي ويندي. جيڪو شخص پنهنجي ٻار جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ 7 دفعا هن اسم کي پڙهي دم ڪري ۽ الله جي سپرد ڪري اهو وڏي ٿيڻ تائين سڀني آفتن کان محفوظ رهندو.

 

405 توبه قبول ڪرڻ وارو

جيڪو شخص چاشت جي نماز کان پوءِ 360 دفعا هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله ان کي سچي توبه نصيب ٿيندي ۽ جيڪو شخص ڪثرت سان هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله ان جا سڀ ڪم آسان ٿيندا. ڪنهن ظالم تي 10 دفعا پڙهي دم ڪجي ته ان کان خلاصي نصيب ٿيندي.

403 بدلو وٺڻ وارو

جيڪو شخص حق تي هجي ۽ دشمن کان بدلو وٺڻ جي ان ۾ قدرت نه هجي ته اهو 3 جمعن تائين ڪثرت سان ”يا منتقم“ پڙهي، انشاءَ الله، الله تعاليٰ ان جو انتقام وٺندو.

 

156 معاف ڪرڻ وارو

جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا عفو“ پڙهندو، الله تعاليٰ ان جي گناهن کي معاف ڪندو.

 

286 مهربان

جيڪو شخص بڪثرت ”يا رؤف“ جو ورد ڪندو، انشاءَ الله مخلوق ان تي مهربان ٿيندي ۽ جيڪو شخص 10 دفعا درود شريف ۽ 10 دفعا هن اسم کي پڙهندو ته انشاءَ الله ان جو غصو ختم ٿي ويندو ۽ اگر اهو ڪنهن ٻئي غضبناڪ شخص تي دم ڪري ته ان جو غصو به ختم ٿي ويندو.

 

212 ملڪ جو مالڪ

جيڪو شخص ”يا مالک الملک“ کي هميشه پڙهندو رهندو، الله تعاليٰ ان کي انشاءَ الله غني ۽ ماڻهن کان بي نياز فرمائيندو ۽ اهو ڪنهن جو محتاج به نه رهندو.

 

108 عظمت ۽ بزرگي وارو

جيڪو شخص ڪثرت سان “يا ذوالجلال والاکرام“ پڙهندو ته الله تعاليٰ ان کي عزت، عظمت ۽ مخلوق کان استغفاء فرمائيندو.

 

209 انصاف ڪرڻ وارو

جيڪو شخص روزانو هن اسم کي پڙهي، اهو انشاءَ الله شيطاني وسوسن کان محفوظ رهندو ۽ اگر ڪنهن خاص ۽ جائز مقصد لاءِ 7 دفعا هن اسم کي پڙهي، انشاءَ الله مقصد حاصل ٿيندو.

 

114 جمع ڪرڻ وارو

جنهن شخص جا عضوا يا احباب منتشر ٿي ويا هجن، اهو چاشت جي وقت غسل ڪري آسمان جي طرف منهن ڪري 10 دفعا ”يا جامع“ پڙهي ۽ هڪ آڱر بند ڪري اهڙي طرح هر 10 دفعا تي هڪ آڱر بند ڪري، آخر ۾ ٻئي هٿ منهن تي ڦيرائي، انشاءَ الله جلد جمع ٿي ويندا ۽ اگر ڪا شيءِ گم ٿي وئي هجي، ”اللهم يا جامع الناس ليوم لا ريب فيہ اجمع ضالتي“ پڙهي، اها شيءِ انشاءَ الله ملي ويندي ۽ جائز محبت جي لاءِ به هيءَ دعا بي مثل آهي.

 

1060 بي پرواهه

جيڪو شخص روزانو 70 دفعا ”يا غني“ پڙهندو، الله تعاليٰ ان جي مال ۾ انشاءَ الله برڪت عطا فرمائيندو. اهو ڪنهن جو محتاج نه ٿيندو. جيڪو شخص ڪنهن ظاهري يا باطني مرض يا بلا ۾ گرفتار هجي ته اهو پنهنجي جسم جي سڀني عضون تي ”يا غني“ پڙهي دم ڪري، انشاءَ الله نجات ملندي.

 

1100 بي پرواهه ڪرڻ وارو

جيڪو شخص اول ۽ آخر 11 دفعا درود شريف پڙهي 1100 دفعا وظيفي وانگر هي اسم پڙهي ته الله تعاليٰ ان کي ظاهري وباطني غنا عطا فرمائيندو. صبح جي نماز کان پوءِ پڙهي يا عشاء جي نماز کان پوءِ ان سان گڏ سورة مزمل جي به تلاوت ڪريو.

 

141 روڪڻ وارو

اگر زال سان جهڳڙو يا ناچاقي هجي ته بستري تي ليٽڻ وقت 20 دفعا هي اسم پڙهي، انشاءَ الله جهڳڙو ۽ ناچاقي ختم ٿي ويندي ۽ محبت پيدا ٿي ويندي. جيڪو شخص ڪثرت سان هن اسم جو ورد ڪندو، انشاءَ الله هر شيءِ کان محفوظ رهندو. اگر ڪنهن خاص ۽ جائز مقصد لاءِ پڙهي ته انشاءَ الله حاصل ٿي ويندو.

 

1001 نقصان پهچائڻ وارو

جيڪو شخص جمعي جي رات 100 دفعا ”الضار“ پڙهي، اهو انشاءَ الله سڀني ظاهري وباطني آفتن کان محفوظ رهندو ۽ قرب خداوندي ان کي حاصل ٿيندو.

 

201 نفعو پهچائڻ وارو

جيڪو شخص ٻيڙي يا ڪنهن ٻي سواري ۾ سوار ٿيڻ کان پوءِ ”يا نافع“ ڪثرت سان پڙهندو رهي، انشاءَ الله هر آفت کان محفوظ رهندو. جيڪو شخص ڪنهن به ڪم جي شروع ڪرڻ وقت 41 دفعا ”يا نافع“ پڙهي، انشاءَ الله ڪم ضرور ٿيندو. جيڪو شخص زال سان ملڻ وقت پڙهي، ان کي انشاءَ الله اولاد صالح نصيب ٿيندي.

 

256 روشني ڪرڻ وارو

جيڪو شخص جمع جي رات ۾ 7 دفعا سورة نور ۽ هڪ هزار دفعو هن اسم کي پڙهي ته انشاءَ الله ان جي دل انوار الاهي يعني نور سان منور ٿي ويندي.

 

20 راهه ڏيکارڻ وارو

جيڪو شخص هٿ کڻي آسمان جي طرف منهن ڪري بڪثرت ”يا هادي“ پڙهي ۽ آخر ۾ چهري تي هٿ ڦيرائي، ان کي انشاءَ الله ڪامل هدايت نصيب ٿيندي ۽ اهل معرفت ۾ شامل ٿيندو.

86 بغير ذريعي جي پيدا ڪرڻ وارو

جنهن شخص کي ڪو غم يا مصيبت يا ڪا به مشڪل پيش اچي، اهو هڪ هزار دفعا ”يا بديع السموات والارض“ پڙهي، انشاءَ الله ڪشائش نصيب ٿيندي. جيڪو شخص هن اسم کي باوضو پڙهندي سمهي پئي ته جنهن ڪم جو ارادو هجي، اهو انشاءَ الله خواب ۾ نظر اچي ويندو. جيڪو شخص عشاء جي نماز کان پوءِ ”يا بديع العجائب بالخير يا بديع“ 1200 دفعا 11 ڏينهن پڙهي ته جنهن ڪم يا مقصد لاءِ پڙهي، انشاءَ الله اهو پورو عمل ختم ٿيڻ کان پهرين حاصل ٿي ويندو.

 

113 هميشه رهڻ وارو

جيڪو شخص هن اسم کي هڪ هزار دفعا جمع جي رات ۾ پڙهي، الله تعاليٰ ان کي هر طرح جي ضرر ۽ نقصان کان محفوظ رکندو ۽ انشاءَ الله ان جا سڀئي نيڪ عمل مقبول ٿيندا.

707 مالڪ

جيڪو شخص سج جي نڪرڻ وقت 100 دفعا ”يا وارث“ پڙهي، انشاءَ الله هر رنج ۽ غم، سختي ومصيبت کان محفوظ رهندو ۽ خاتمه بالخير ٿيندو ۽ جيڪو شخص مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ هڪ هزار دفعا پڙهي ته هر طرح جي حيراني وپريشاني کان انشاءَ الله محفوظ رهندو.

614 سڌي تدبير وارو

جنهن شخص کي پنهنجي ڪم يا مقصد جي ڪا تدبير سمجهه ۾ نه اچي ۽ اهو مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ هڪ هزار دفعا ”يا رشيد“ پڙهي ته انشاءَ الله يا ته خواب ۾ تدبير نظر اچي ويندي يا دل ۾ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ۽ اگر روزانو هن اسم جو ورد ڪري ته سڀئي مشڪلاتون انشاءَ الله ختم ٿي وينديون ۽ ڪاروبار ۾ ترقي ٿيندي.

 

صبر ۽ تحمل وارو

جيڪو شخص طلوع آفتاب کان پهرين 100 دفعا هن اسم کي پڙهي، ان ڏينهن هر مصيبت کان محفوظ رهندو ۽ دشمن ۽ حاسدن جون زبانون بند رهنديون. جيڪو شخص ڪنهن به طرح جي مصيبت ۾ گرفتار هجي، اهو هڪ هزار ويهه دفعا هن اسم کي پڙهي، انشاءَ الله ان کان نجات ملندي ۽ قلب کي اطمينان نصيب ٿيندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org