سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: نماز جنت جي ڪنجي

باب: --

صفحو :4

 

جنازي جي نماز

 

اول نيت ڪري، نيت هيءَ آهي:

نَوَيْتُ أنْ اُؤَدِّيَ ؛ تَعَالى مَعَ أرْبَعَ تَكْبِيْرَاتٍ صَلاَةَ الْجَنَازَةِ الثَّنَآءُ ؛ تَعَالى وَالصَّلاَةُ لِلنَّبِتر الْكَرِيْمِ وَالدَّعَآءُ لِهذ"َا الْمَيِّتِ إقْتَدَيْتُ بمهذ"َا الإمَامِ مُتَوَجِّهًا إلَي الْكَعْبَةِ الشَّرِيْفَةِ

ترجمو: آئون نيت ڪريان ٿو الله تعاليٰ لاءِ چئن تڪبيرن جي نماز جنازي جي تعريف الله تعاليٰ جي ۽ درود نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم لاءِ دعا هن ميت لاءِ تابعداري ڪئي مون هن امام جي منهن طرف ڪعبي شريف جي

 

پوءِ الله اڪبر چئي ٻئي هٿ ڪنن تائين کڻي ۽ دن جي هيٺان ٻڌي ۽ ثنا پڙهي.

 

سُبْحَانَكَ اتجُمَّ وَبمحَمْدِكَ وَتَبَارَكَ اسْمُكَ وَتَعَالى جَدُّكَ وَجَلَّ ثَنَآءُكَ وَلآ إلخهَ غَيْرُكَ

اي الله! تنهنجي پاڪائي تنهنجي تعريف سان گڏ بيان ڪريان ٿو ۽ تنهنجو نالو برڪت وارو آهي ۽ تنهنجو رتبو بلند آهي ۽ تنهنجي تعريف وڏي آهي ۽ نه آهي ڪو معبود سواءِ تنهنجي.

 

پوءِ زبان سان الله اڪبر چوي ۽ هٿ نه کولي ۽ درود پڙهي.

 

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  مُحَمَّدٍ وَعَلي×آ ا×لِ مُحَمَّدٍ كَمَا صَلَّيْتَ وَسَلَّمْتَ وَبَارَكْتَ وَرَحِمْتَ وَتَرْحَمْتَ عَلي×آ إبْرَاهِيْمَ وَعَلي×آ ا×لِ إبْرَاهِيْمَ إنَّكَ حَمِيْدٌ مَّجِيْدٌ

اي الله! تون محمد ۽ محمد جي آل تي رحمت نازل ڪر جيئن تو ابراهيم تي ۽ ابراهيم جي آل تي رحمت نازل ڪئي. بيشڪ تون تعريف جو حقدار ۽ بزرگي وارو آهين. اي الله! تون محمد ۽ محمد جي آل تي برڪت نازل ڪر جيئن تو ابراهيم تي ۽ ابراهيم جي آل تي برڪت نازل ڪئي. بيشڪ تون تعريف جو حقدار ۽ بزرگي وارو آهين.

 

پوءِ زبان سان الله اڪبر چئي هٿ نه کڻي ۽ پڙهي:

 

أتجُمَّ اغْفِرْ لِحَيـّنَا وَمَيـّتِنَا وَشَاهِدِنَا وَغَآئِبـنَا وَصَغِيْرِنَا وَكَبـيْرِنَا وَذَكَرِنَا وَاُنْثَانَا  أتجُمَّ مَنْ أحْيَيْتَه, مِنَّا فَأحْيـه* عَلَي الإسْلاَمِ وَمَنْ تَوَفَّيْتَه, مِنَّا فَتَوَفَّه, عَلَي الإيْمَانِ

اي الله! اسان جي جيئرن ۽ اسان جي مئلن ۽ اسان جي حاضرن ۽ اسان جي غائبن ۽ اسان جي ننڍن ۽ اسان جي وڏن ۽ اسان جي مردن ۽ اسان جي عورتن کي بخش. اي الله! اسان مان جنهن کي جيئرو رکين پوءِ ان کي دين اسلام تي قائم رک ۽ اسان مان جنهن کي مارين ته ان کي ايمان تي مار.

 

جيڪڏهن ميت ڇوڪرو هجي ته بجاءِ ان دعا جي هيءَ دعا پڙهي:

 

أتجُمَّ اجْعَلْهُ لَنَا فَرْطًا وَاجْعَلْهُ لَنَآ أجْرًا وَذُخُرًا وَاجْعَلْهُ لَنَا شَافِعًا وَمُشَفِّعًا

اي الله! ڪر ان ڇوڪر کي اسان جي لاءِ مير منزل ۽ ڪر ان کي اسان جي لاءِ اجر ۽ ذخيرو ڪر ان کي اسان لاءِ شفاعت ڪندڙ ۽ شفاعت قبول ڪيل.

 

جيڪڏهن ميت ڇوڪري جي هجي ته هيءَ دعا پڙهي:

 

أتجُمَّ اجْعَلْهَالَنَا فَرْطًا وَاجْعَلْهَالَنَآ أجْرًا وَّذُخُرًا وَاجْعَلْهَالَنَا شَافِعَةً وَمُشَفِّعَةً

اي الله! ڪر تون انهيءَ ڇوڪري کي اسان لاءِ مير منزل ۽ ڪر ان کي اسان لاءِ اجر ۽ ذخيرو ۽ ڪر ان کي اسان لاءِ شفاعت ڪندڙ ۽ شفاعت قبول ڪيل.

 

پوءِ الله اڪبر چئي ٻنهين طرفن سلام ورائي ۽ پوءِ چار قل پڙهي سڄي جماعت سڳوري هن ميت لاءِ دعا گهري. جنازي کي قبر ۾ رکڻ وقت هيءَ دعا پڙهي:

 

بمسْمِ اللهِ وَعَلي× مِلَّةِ رَسُوْلِ اللهِ

رکيو اسان ساڻ نالي الله جي ۽ دين رسول الله تي

 

جڏهن مٽي وجهي، تڏهن ٽي لپون ڀري وجهي ۽ پهرين لپ تي پڙهي:

 

مِنْهَا خَلَقْنَاكُمْ

ان مان پيدا ڪيوسون اوهان کي

 

ٻي تي پڙهي:                     وَفِيْهَا نُعِيْدُكُمْ

۽ انهيءَ ۾ اوهان کي موٽائينداسون.

 

ٽينءَ تي پڙهي:      وَمِنْهَا نَخْرِجُكُمْ تَارَةً اُخْر×ي

۽ انهيءَ مان اوهان کي ٻيو ڀيرو ڪڍنداسون.

 

قبر تي مٽي وجهڻ ۽ پاڻي ڇٽڪارڻ کان بعد سورة الحمد شريف هڪ ڀيرو ۽ قل هو الله احد 3 ڀيرا پڙهي ميت لاءِ دعا بخشش جي گهري.

 

 

روزي رکڻ جي نيت

 

وَبمصَوْمِ غَدٍ نَّوَيْتُ  مِنْ شَهَرِ رَمَضَانَ

مون سڀاڻي رمضان جي روزي جي نيت ڪئي

 

روزي کولڻ جي نيت

 

أتجُمَّ إنِّيْ لَكَ صُمْتُ وَبمكَ ا×مَنْتُ وَعَلَيْكَ تَوَكَّلْتُ وَعَلي× رِزْقِكَ أفْطَرْتُ

اي الله! مون تولاءِ روزو رکيو ۽ توتي ايمان آندو ۽ توتي ڀروسو ڪيم ۽ تنهنجي رزق تي روزو کوليم.

تفصيل نماز

فجر

ظهر

عصر

مغرب

عشاء

جمعه

عيدين

رڪعتون فرض جون

٢

٤

٤

٣

٤

٢

-

رڪعتون واجب جون

-

-

-

-

-

وتر ٣

ٻئي ملائي4 مؤڪده

رڪعتون سنت جون فرض کان اول

مؤڪده ٢

مؤڪده ٤

غير مؤڪده ٤

-

غير مؤڪده ٤

مؤڪده٤

-

رڪعتون سنت جون فرض کان بعد

-

مؤڪده ٢

-

مؤڪده ٢

مؤڪده ٢

مؤڪده 6

-

رڪعتون نفل جو

-

-

-

٢

٤

٢

-

تعداد رڪعتن هر نماز جو

٤

١٢

٨

٧

١٧

١٤

٢

 

نماز جمعہ

سڀ ڪنهن مسلمان مرد عاقل تندرست، مقيم تي جو شهر ۾ هجي، ان تي نماز جمعه فرض آهي. جمع نماز جو وقت اهو ئي آهي جيڪو ظهر جو آهي. جمعه نماز پڙهڻ سان ظهر جي نماز هلي ويندي آهي. جمعه نماز تي خطبه پڙهڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ماڻهن جي جماعت جو هجڻ ضروري آهي. سواءِ ان ٻن ڳالهين جي جمعه نه ٿيندو. جمعه جون ٻه رڪعتون آهن. انهن جي پڙهڻ جو اهو ئي طريقو آهي، جيڪو مٿي بيان ڪيل آهي، مگر نماز کان اول خطبه پڙهڻ ۽ ماٺ ڪري ٻڌڻ ضروري آهي.

 

نماز تراويح

رمضان المبارڪ ۾ عشاء جي فرض، سنت ۽ نفل پڙهڻ کان پوءِ وتر کان اڳ ٻه ٻه رڪعتن جي نيت سان ويهه رڪعتون پڙهڻ سنت آهي. افضل هي آهي ته جماعت سان پڙهي ۽ قرآن شريف پورو ڪري. تراويح نماز جو وقت عشاء کان وٺي صبح صادق تائين آهي. امام کي اجرت ڏيڻ مڪروه آهي، ۽ امام جي نيت ڪرڻ کان بعد مقتدين جو سستي سان ويهڻ مڪروه آهي. فرض هڪڙي امام جي ۽ تراويح ٻئي امام جي پٺيان پڙهڻ جائز آهي.

 

تراويح جي دعاء

سُبْحَانَ ذِي الْمُلْكِ وَالْمَلَكُوْتِ سُبْحَانَ ذِي الْعِزَّةِ وَالْعَظْمَةِ وَالْهَيْبَةِ وَالْقُدْرَةِ وَالْكِبْرِيَآ÷ وَالْجَبَرُوْتِ سُبْحَانَ الْمَلِكِ الْحَتر الَّذِيْ لاَ يَنَامُ وَلاَ يَمُوْتُ سُبُّوْحٌ قُدُّوْسٌ رَبُّنَا وَرَبُّ الْمَلآئِكَةِ وَالرُّوْح( أتجُمَّ أجِرْنَا مِنَ النَّارِ يَا مُجِيْرُ يَا مُجِيْرُ يَا مُجِيْرُ

بادشاهي ۽ ملڪن جو مالڪ پاڪ آهي، پاڪ آهي صاحب عزت ۽ عظمت ۽ هيبت ذاتي ۽ قدرت ۽ وڏائي ۽ غلبي وارو پاڪ آهي بادشاه جبروت  جو نه ڪڏهن ننڊ ڪري ۽ نه ڪڏهن مرندو گهڻو پاڪ آهي، نهايت پاڪ آهي اسان جو رب ۽ ملائڪن جو رب ۽ جبرئيل جو رب آهي. اي الله! بچاءُ اسان کي باه کان اي بچائڻ وارا اي بچائڻ وارا اي بچائڻ وارا

صَلاَةَ بَرْمُحَمَّدْ

محمد مصطفيٰ (صلي الله عليہ وسلم) تي درود هجي.

 

 

بيان ڇهن ڪلمن جو

 

پهريون ڪلمو طيب:

لآ إلخهَ إلاَّ اللهُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللهِ لخ

نه آهه ڪو عبادت جو لائق الله کان سواءِ محمد الله جو پيغام پهچائيندڙ آهي.

 

ٻيون ڪلمو شهادت:

أشْهَدُ أنْ لاَ إلخهَ إلاَّ اللهُ وَحْدَه, لاَ شَرِيْكَ  لَه, وَأشْهَدُ أنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُه, وَرَسُوْلُه,

آئون شاهدي ٿو ڏيان ته الله کان سواءِ ٻيو معبود نه آهي، هڪڙو آهي ان جو ڪوبه شريڪ نه آهي ۽ شاهدي ٿو ڏيان ته محمد صلي الله عليہ وسلم الله جو ٻانهو ۽ رسول آهي.

 

ٽيون ڪلمو تمجيد:

سُبْحَانَ اللهِ وَالْحَمْدُ ؛ وَلاَ إلخهَ إلاَّ اللهُ وَاللهُ أكْبَرُ وَلاَ حَوْلَ وَلاَ قُوَّةَ إلاَّ بماللهِ الْعَلـيِ الْعِظِيْمِ

پاڪ آهي الله ۽ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن ۽ نه آهي ڪوبه معبود سواءِ الله جي ۽ الله وڏو آهي ۽ نه آهي بچڻ گناهن کان ۽ نه آهي قوت نيڪين جي سواءِ الله مٿاهين وڏي جي.

 

چوٿون ڪلمون توحيد:

لآ إلخهَ إلاَّ اللهُ وَحْدَه, لاَ شَرِيْكَ لَه, لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ يُحْيـيْ وَيُمِيْتُ  وَهُوَ حَتي لاَّ يَمُوْتُ  أبَدًا أبَدًا ذُوالْجَلاَلِ وَالإكْرَامِ بميَدِهِ الْخَيْرُ  وَهُوَ عَلي×  كُلِّ شَيْ/ قَدِيْرٌ

نه آهي ڪوبه معبود سواءِ الله جي اهو هڪڙو آهي نه آهي ڪوبه شريڪ ان جو، ان جي بادشاهي آهي ۽ انهيءَ لاءِ تعريف آهي، اهو جياري ۽ ماري ٿو ۽ اهو هميشه لاءِ جيئرو آهي جو نه مرندو، صاحب آهي عظمت ۽ بزرگي جو ۽ اهو زنده آهي ان کي هرگز موت نه ايندو. ڀلائي انهيءَ جي هٿ ۾ آهي ۽ هو سڀ شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.

 

پنجون ڪلمون استغفار:

أسْتَغْفِرُ اللهُ رَبِّيْ مِنْ كُلِّ ذَنْبٍ أذْنَبْتَه, عَمَدًا أوْ خَطَاً سِرًّا أوْ عَلاَنِيَةً وَأتُوْبُ إلَيْهِ مِنَ الذَّنْبِ الَّذِيْ أعْلَمُ وَمِنَ الذَّنْبِ الَّذِيْ لآ أعْلَمُ إنَّكَ أنْتَ عَلاَّمُ الْغُيُوْبِ وَسَتَّارُ الْعُيُوْبِ وَغَفَّارُ الذَّنُوْبِ وَلاَ حَوْلَ وَلاَ قُوَّةَ إلاَّ بماللهِ الْعَلـتر الْعَظِيْمِ

آئون الله کان معافي گهران ٿو جيڪو منهنجو رب آهي سڀ ڪنهن گناه کان جو مون ڪيو ڄاڻي واڻي يا ڀلجي لڪ ۾ يا ظاهر ۾ آئون توبه ٿو ڪريان ان جي حضور ۾ ان گناه کان جو مون کي معلوم آهي ۽ ان گناه کان جيڪو مون کي معلوم نه آهي. بيشڪ تون ئي غيبن جو ڄاڻندڙ آهين ۽ ڍڪيندڙ آهين عيبن جو ۽ معاف ڪندڙ آهين گناهن جو ۽ نه آهي ڦرڻ گناهن کان ۽ نه آهي قوت نيڪي جي مگر ساڻ الله مٿانهين ۽ وڏي جي.

 

ڇهون ڪلمو رد ڪفر:

أتجُمَّ إنِّيْ أعُوْذُبمكَ مِنْ أنْ اُشْرِكَ بمكَ شَيْئًا وَأنَا أعْلَمُ بمه* وَأسْتَغْفِرُكَ لِمَا لآ أعْلَمُ بمه* تُبْتُ عَنْهُ وَتَبَرَّاْتُ مِنَ الْكُفْرِ وَالشِّرْكِ وَالْكِذْبِ وَالْغِيْبَةِ وَالْبـدْعَةِ وَالنَّمِيْمَةِ وَالْفَوَاحِشِ وَالْبُهْتَانِ وَالْمَعَاصِيْ كُلِّهَا وَأسْلَمْتُ وَأقُوْلُ لآ إلخهَ إلاَّ اللهُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللهِ

اي الله! آئون پناهه گهران ٿو توسان هن ڳالهه کان جو آئون ڪوبه شريڪ توسان ڪريان ۽ مون کي ان جو علم هجي ۽ معافي گهران ٿو توکان ان گناهه جي جيڪو نٿو ڄاڻان مون ان کان توبه ڪئي ۽ بيزار ٿيس ڪفر کان ۽ شرڪ کان ۽ ڪوڙ کان ۽ گلا کان ۽ بدعت کان ۽ چغلي کان ۽ بڇڙن ڪمن کان ۽ سڀني گناهن کان ۽ مون ايمان آندو ۽ چوان ٿو ته نه آهي ڪو معبود الله کان سواءِ ۽ محمد صلي الله عليہ وسلم الله جو رسول آهي.

 

هر هڪ مسلمان تي لازم آهي ته اهي ڇهه ڪلما ياد ڪري.

 

 

ايمان مفصل

 

ا×مَنْتُ بماللهِ وَمَلآئِكَتِه* وَكُتُبِه* وَرُسُلِه* وَالْيَوْمِ الم خِرِ وَالْقَدْرِ وَخَيْرِه* وَشَرِّه* مِنَ اللهَ تَعَالى وَالْبَعْثِ بَعْدَ الْمَوْتِ

ايمان آندو مون الله تي ۽ ان جي ملائڪن تي ۽ ان جي ڪتابن تي ۽ ان جي رسولن تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ هن تي ته نيڪي ۽ بديءَ جي تقدير الله جي طرف کان آهي ۽ مرڻ کان بعد اٿڻ تي.

 

ايمان مجمل

 

ا×مَنْتُ بماللهِ كَمَا هُوَ بمأسْمَائِه* وَصِفَاتِه* وَقَبـلْتُ جَمِيْع( أحْكَامِه*

ايمان آندو مون الله تي جيئن هو پنهنجن نالن ۽ صفتن سان آهي ۽ قبول ڪيا مون سڀ احڪام ان جا.

 

درود شريف

 

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  مُحَمَّدٍ وَّعَلي× ا×لِ مُحَمَّدٍ مَعْدَنِ الْجُوْدِ وَالْكَرَمِ مَنْبَع( الْعِلْمِ وَالْحِلْمِ وَالْحِكْمِ وَبَارِكْ عَلَيْهِ وَعَلي× أصْحَابمه* وَسَلِّمْ

اي الله! رحمت نازل ڪر محمد ۽ محمد جي آل تي جيڪي خزانا آهن سخا ۽ ڪرم جا، چشما آهن علم ۽ بردباري ۽ حڪمت جا ۽ برڪت نازل ڪر ان تي ۽ سندس اصحابن تي ۽ انهن سڀني تي سلامتي موڪل.

 

عيدن جي نماز

 

عيد الفطر ۽ عيد الضحيٰ ٻنهي عيدن جي نماز واجب آهي. ان ۾ جماعت جو هجڻ ضروري آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ خطبه پڙهڻ سنت آهي.

طريقو: عيد نماز پڙهڻ جو طريقو هي آهي ته پهريائين ٻه رڪعتون واجب عيد نماز جي نيت ڪري ۽ عيد جي جيڪا نماز هجي ان جو نالو وٺي پوءِ امام سان گڏ تڪبير تحريمه (الله اڪبر) چئي هٿ ٻڌي ثنا پڙهي پوءِ الحمد شريف پڙهڻ کان پهرين ڪنن تائين هٿ کڻي ٽي ڀيرا تڪبير الله اڪبر چئي ٻه دفعا هٿ نه ٻڌي پر ٽئين تڪبير چئي پوءِ هٿ ٻڌي ۽ قرائت يعني الحمد ۽ سورت پڙهي رڪعت پوري ڪري. ٻي رڪعت ۾ اول الحمد ۽ سورت پڙهي، پوءِ ٽي تڪبيرون چئي هٿ ڪنن تائين آڻي ۽ هٿ نه ٻڌي چوٿين تڪبير بغير هٿ کڻڻ جي چئي رڪوع ڪري ۽ پوءِ نماز پوري ڪري نماز کان بعد خطبه ٻڌي.

 

عيدن جي باري ۾ مسئلا

(1)         عيد جي نماز جو خطبو ماٺ ڪري ٻڌڻ سنت آهي.

(2)         عيد نماز پڙهڻ کان اول سڀ ڪنهن جڳهه ۾ ۽ عيد نماز پڙهڻ کان بعد فقط عيدگاهه ۾ نفل پڙهڻ مڪروهه آهي.

(3)         جيڪو شخص عيد نماز شروع ٿي وڃڻ کان بعد اچي شامل ٿئي پوءِ اهو قيام ۾ يا رڪوع ۾ نيت ڪرڻ کان بعد ٽئي تڪبيرون چئي وٺي.

(4)         جيڪڏهن پهرين رڪعت رهجي وئي هجي ته پوءِ ان پهرين رڪعت کي امام جي سلام ورائڻ کان بعد پڙهي، مگر تڪبيرون الحمد ۽ ٻي سورة پڙهڻ کان اڳ چئي.

(5)         جيڪڏهن بالفرض ٻئي رڪعتون هن کان اڳ پڙهجي ويون ۽ هي صرف قعدي ۾ اچي شامل ٿيو هجي ته پوءِ ٻئي رڪعتون اٿي پڙهي باقي تڪبيرون قاعدي موجب چوي.

 

چنڊ ڏسڻ جي دعا

 

اُشْهِدُكَ يَا هِلاَلُ أنَّ رَبِّيْ وَرَبُّكَ اللهُ أتجُمَّ أهِلَّه, عَلَيْنَا بمالأمْنِ وَالأمَانِ وَالسَّلاَمَةِ وَالإسْلاَمِ وَالتَّوْفِيْقِ لِمَا تُحِبُّ وَتَرْضبر

آئون شاهدي ٿو ڏيان اي چنڊ! بيشڪ تنهنجو ۽ منهنجو رب الله آهي. اي الله! چنڊ ڏيکار تون اسان کي امن ۽ سلامتي ۽ حفاظت ۽ اسلام سان ۽ توفيق ان ڪم جي ڏي جنهن کي تون دوست رکين.

 

زڪوات جو بيان

زڪوات مذهب اسلام جو چوٿون رڪن آهي. جيڪو مسلمان نصاب جو صاحب آهي، ان تي زڪوات ادا ڪرڻ فرض آهي. جيڪو انڪار ڪندو، اهو ڪافر آهي، ڇو ته قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي: واقيموا الصلواة وآتوا الزکواة يعني نماز کي قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو.

انهيءَ آيت مان ثابت آهي ته نصاب جي مالڪ کي زڪوات ڪڍڻ فرض آهي. پوءِ جنهن ماڻهوءَ وٽ هڪ سؤ روپيا هوندا ته ان تي اڍائي روپيه ڏيڻ فرض آهي. هڪ سال گذرڻ کان بعد جيڪو نه ڏيندو، سو سخت گنهگار ٿيندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org