سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: نماز جنت جي ڪنجي

باب: --

صفحو :5

 

حج جو بيان

حج اسلام جو پنجون رڪن آهي. ضروري خرچن ڪڍڻ کان پوءِ جيڪڏهن ايتري رقم آهي، جيڪا حج سفر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته ان شخص تي حج ڪرڻ فرض آهي. پر شرط اهو آهي ته رستي ۾ امن ۽ امان هجي ۽ ڪنهن به طرح جو خطرو نه هجي. اهل عيال کي پورو خرچ ڏئي وڃي يا پاڻ سان وٺي وڃي ۽ تندرست هجي. جيڪو شخص حج کي فرض نه ڄاڻي ته اهو ڪافر آهي ۽ جنهن شخص تي حج فرض هجي ۽ نه وڃي ته وڏو گنهگار آهي. سڄي عمر ۾ هڪ ڀيرو حج ڪرڻ فرض آهي.

 

درود تنجينا

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ صَلاَةً تُنِجِّيْنَا بمهَا مِنْ جَمِيْع( الأهْوَالِ وَالم فَاتِ  وَتَقْضِيْ  لَنَا بمهَا مِنْ جَمِيْع( السَّيّـئَاتِ وَتَرْفَعُنَا بمهَا عِنْدَكَ أعْلَي الدَّرَجَاتِ وَتُبَلِّغُنَا بمهَآ أقْصَي الْغَايَاتِ مِنْ جَمِيْع( الْخَيْرَاتِ فِي الْحَيَاةِ وَبَعْدَ الْمَمَاتِ إنَّكَ عَلي×  كُلِّ شَيْ/ قَدِيْرٌ

پــــــاڻ بــــه پــــڙهــــو ۽ ٻــــيــــن کـــــي بــــه پــــڙهــــايــــو

 

بِسمِ اللهِ الرحمٰنِ الرحِيم 

لاَ إلخهَ إلاَّ اللهُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللهَ

 

 

درودن جو تحفو

٧٨٦

صَلُّوا عَلَي الْحَبُيْبِ

حبيب صلي الله عليہ وسلم تي درود پڙهو

3- جيڪو مون تي هڪ دفعو درود شريف پڙهي ٿو، الله ان لاءِ هڪ قيراط اجر لکي ٿو ۽ هڪ قيراط احد جبل جيترو آهي. (القول البديع)

 

ديدار مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم

أتجُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلي×  سَيِّدِنَا مَوْلاَنَا مُحَمَّدِ =لنَّبـتر ا،مِّتر الْحَبـيْبِ الْعَالِي الْقَدْرِ الْعَظِيْمِ الْجَاهِ وَعَلي× ا×لِه* وَصَحْبـه* وَسَلِّمْ

بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو ماڻهو هر جمعي جي رات هن درود شريف کي پابندي سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو پڙهندو، موت جي وقت سرڪار مدينه صلي الله عليہ وسلم جن جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به، ايستائين جو هو ڏسندو ته سرڪار دوعالم صلي الله عليہ وسلم ان کي پنهنجي رحمت ڀريل هٿن سان قبر ۾ لاهي رهيا آهن. (افضل الصلواة علي سيد السادات)

درود ابراهيمي

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  مُحَمَّدٍ وَعَلي× ا×لِ مُحَمَّدٍ كَمَا صَلَّيْتَ عَلي×  إبْرَاهِيْمَ وَعَلي× ا×لِ إبْرَاهِيْمَ إنَّكَ حَمِيْدٌ  مَجِيْدٌ اتجُمَّ بَارِكْ عَلي×  مُحَمَّدٍ وَ عَلي× ا×لِ مُحَمَّدٍ كَمَا بَارَكْتَ عَلي×  إبْرَاهِيْمَ وَعَلي× ا×لِ إبْرَاهِيْمَ إنَّكَ حَمِيْدٌ مَجـيْدٌ

 

زيارت رسول اڪرم ﷺ جي طلبگارن لاءِ تحفو

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  رُوْح( مُحَمَّدٍ فِي الأرْوَاح( وَ عَلي× جَسَدِه* فِي الأجْسَادِ وَعَلي× قَبْرِه* فِي الْقُبُوْرِ.

حديث: جيڪو ماڻهو هي درود شريف پڙهندو، ان کي خواب ۾ منهنجي زيارت ٿيندي ۽ جنهن خواب ۾ منهنجي زيارت ڪئي، اهو مون کي قيامت جي ڏينهن ڏسندو ۽ جيڪو مون کي قيامت جي ڏينهن ڏسندو، ان جي آءٌ شفاعت ڪندس ۽ آءٌ جنهن جي شفاعت ڪندس، اهو حوض ڪوثر مان پاڻي پيئندو ۽ ان جي جسم کي الله عزوجل دوزخ تي حرام ڪندو. (ڪشف الغمہ – القول البديع)

 

نسيان (ڀُل) جو علاج

أتجُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ =لنَّبـتر الْكَامِلِ وَعَلي× ا×لِه* كَمَا لاَ نِهَايَةَ لِكَمَالِكَ وَعَدَدَ كَمَالِه*

اگر ڪنهن شخص کي نسيان (ڀُل) جي بيماري هجي ته اهو مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ ان درود شريف کي ڪثرت سان پڙهي. انشاءَ الله ان جو حافظو قوي ٿي ويندو. (افضل الصلواة)

 

 

ڇهه لک درود شريف جو ثواب

أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا وَمَوْلاَنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِي عِلْمِ اللهِ صَلاَةً دَائِمَةً بمدَوَامِ مُلْكِ اللهِ

شيخ الدلائل بن يوسف مدني رحمة الله عليہ حضرت جلال الدين سيوطي رحمة الله عليہ کان روايت ڪئي ته هن درود شريف کي هڪ دفعو پڙهڻ سان ڇهه لک درودن جو ثواب ملندو ۽ هڪ روايت هيءَ به آهي ته جيڪو شخص هن درود شريف کي روزانو هزار ڀيرا پڙهندو، اهو ٻنهي جهانن ۾ سعادتمند ٿيندو. هن درود شريف کي ”صلواة السعادت“ به چوندا آهن. (دلائل الخيرات)

 

قرب مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  مُحَمَّدٍ كَمَا تُحِبُّ وَتَرْضبر

 

آب ڪوثر جو ڀريل پيالو

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَعَلي× ا×لِه* وَأصْحَابمه* وَأوْلاَدِه* وَأزْوَاجِه* وَذُرِّيَّتِه* وَأهْلِ بَيْتِه* وَأصْهَارِه* وَأنْصَارِه* وَأشْيَاعِه* وَمُحِبِّيْه* وَاُمَّتِه* وَعَلَيْنَا مَعَهُمْ أجْمَعِين يَا أرْحَمَ الرَّاحِمِين

حضرت حسن بصري رحمة الله فرمايو آهي ته جيڪو شخص حوض ڪوثر سان ڀريل پيالو پيئڻ چاهي، اهو هن درود شريف کي پڙهي.

 

گناهن جي بيماريءَ کان شفا

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ أفْضَلِ أنْبِيَائِكَ وَأكْرَمِ أصْفِيَائِكَ مَنْ فَاضَتْ مِنْ نُّوْرِه* جَمِيْعُ الأنْوَارِ وَصَاحِبِ الْمَعْجِزَاتِ وَصَاحِبِ الْمَقَامِ الْمَحْمُوْدِ سَيِّدِ الأوَّلِين وَالم خِرِيْنَ

جيڪو شخص هن درود شريف کي ڪثرت سان پڙهندو، انشاءَ الله هر برائي ان کان ڇڏائجي ويندي، عبادت ۾ لطف ايندو ۽ ماڻهو عابد – پرهيزگار بنجي ويندو.

 

اسي (80) سالن جا گناهه معاف

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ =لنَّبـتر ا،مِّتر وَعَلي× اِ×لِه* وَسَلِّمْ

سهيل بن عبدالله رضي الله عنہ کان روايت آهي ته حضور صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو: جيڪو شخص جمع جي ڏيهن عصر کان بعد اسي دفعا هي درود شريف پڙهندو، الله جل شانہ ان جا اسي سال جا گناه معاف فرمائيندو. (القول البديع)

 

سڄو ڏينهن درود شريف پڙهڻ جو ثواب

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ في أوَّلِ كَلاَمِنَا أتجَّمُ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ في أوْسَطِ كَلاَمِنَا أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ في ا×خِرِ كَلاَمِنَا

بزرگن فرمايو آهي ته جو شخص هن درود شريف کي ٽي دفعا ڏينهن ۾ ۽ ٽي دفعا رات ۾ پڙهندو ته ڄڻ هن ڏينهن رات درود شريف پڙهيو.

 

دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي لاءِ

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَاِ×لِه* وَصَحْبـه* وَسَلِّمْ بمعَدَدِ مَا في جَمِيْع( الْقُرْاِ×نِ حَرْفًا حَرْفًا وَبمعَدَدِ كُلِّ حَرْفٍ ألْفًا ألْفًا

قرآن شريف جي تلاوت بعد جيڪو شخص هن درود شريف کي پڙهندو، اهو دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب رهندو. (روح البيان – سورة الاحزاب)

 

ايمان سان خاتمو

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ مُّنْطَلِقِ عِنَانِ جَوَادِ الإيْمَانِ في مَيْدَانِ الإحْسَانِ مُرْسَلاً مُرْشِدًا إلى رِيَاح( الْكَرَمِ في رَوْضِ الْجَنَّانِ وَعَلي× ا×لِ مُحَمَّدٍ وَسَلِّمْ

شيخ سعد الدين حموي کان نقل آهي ته هن درود شريف جي ورد سان ماڻهو جو هن دنيا مان ايمان سان لاڏاڻو ٿيندو.

 

مال ۾ خير ۽ برڪت لاءِ

أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَبْدِكَ وَرَسُوْلِكَ وَعَلَي الْمُؤْمِنين وَالْمُؤْمِنَاتِ وَالْمُسْلِمِين وَالْمُسْلِمَاتِ

صاحب روح البيان فرمائن ٿا ته جيڪو شخص هن درود شريف کي پڙهندو، ان جي مال ۽ دولت ۾ خير ۽ برڪت پوندي.

 

هڪ لک درود شريف جو ثواب

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ =لنُّوْرِ الذَّاتِي السَّارِيْ في جَمِيْع( الم ثَارِ وَالأسْمَآ÷ وَالصِّفَاتِ  وَعَلي× ا×لِه* وَصَحْبـه* وَسَلِّمْ.

هن درود شريف کي هڪ دفعو پڙهڻ سان هڪ لک درود شريف پڙهڻ جو ثواب ملندو. ان کان علاوه ڪنهن کي حاجت درپيش هجي ته هي درود شريف پنج سؤ دفعا پڙهندو ته انشاءَ الله حاجت پوري ٿيندي. (احسن الڪلام فضائل الصلواة)

 

دلين کي نوراني بڻايو

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ نُّوْرِ الأنْوَارِ وَسِرِّ الأسْرَارِ وَسَيِّدِ الأبْرَارِ

هن درود شريف کي پڙهڻ سان دل ۾ نور پيدا ٿيندو.

 

دين ۽ دنيا جون نعمتون حاصل ڪريو

أتجُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَعَلي× ا×لِه* عَدَدَ إنْعَامِ اللهِ وَأفْضَالِه*

هن درود شريف کي پڙهڻ سان دين ۽ دنيا جون بيشمار نعمتون حاصل ٿينديون.

 

لاعلاج مرض جو علاج

أتجُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلي×  رُوْح( سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ فِي الأرْوَاح( وَصَلِّ وَسَلِّمْ عَلي×  قَلْبِ سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ فِي الْقُلُوْبِ وَصَلِّ وَسَلِّمْ عَلي×  جَسَدِ مُحَمَّدٍ فِي الأجْسَادِ وَصَلِّ وَسَلِّمْ عَلي×  قَبْرِ سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ فِي الْقُبُوْرِ

حضرت شيخ شهاب ارسلان کان بعض صلحاء خواب ۾ ڏسي پنهنجي مرض جي شڪايت ڪئي ته انهن فرمايو، ترياق مجرب کان ڇو غافل آهيو. هي درود شريف پڙهندا ڪريو.

 

درود شفاعت

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  مُحَمَّدٍ وَّأنْزِلْهُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَكَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ

رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم فرمايو ته جيڪو شخص هن درود شريف کي پڙهندو، ان لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي. (الترغيب والترهيب)

 

هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَي اللهُ عَنَّا [سَيِّدِنَا وَمُوْلاَنَا] مُحَمَّدًا [لخ] بممَا هُوَ أهْلُه,

هي درود شريف پڙهڻ واري لاءِ ستر ملائڪ هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکن ٿا. (طبراني)

 

يارهن هزار درود شريف جو ثواب

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَعَلي× ا×لِه* صَلاَةً أنْتَ لَهَا أهْلٌ وَهُوَ لَهَا أهْلٌ

حافظ سيوطي رحمة الله عليہ فرمايو ته هن درود شريف جو هڪ دفعو پڙهڻ يارهن هزار درود شريف جي پڙهڻ برابر آهي.

 

درود شفا

أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا وَمَوْلاَنَا مُحَمَّدٍ طَبـيْبِّ الْقُلُوْبِ وَدَوَاآئِهَا وَعَافِيَةِ الأبْدَانِ وَشِفَائِهَا وَنُوْرِ الأبْصَارِ وَضِيَائِهَا وَعَلي×  ا×لِه* وَصَحْبـه* وَسَلِّمْ

ڪنهن به مرض کان شفا لاءِ هن درود شريف جو ورد مجرب (آزمودو) آهي.

 

دعاءِ خاتمو بالخير

أتجُمَّ يَا أللهُ يَا إلخهَ الْبَشَرِ وَيَا عَظِيْمَ الْخَطَرِ وَيَا سَرِيْعَ الْظَفَرِ وَيَا مَعْرُوْفَ الأثَرِ وَيَا وَاسِعَ الْمَغْفِرَةِ وَيَا عَزِيْزَ الْمَنَ وَيَا مَالِكَ يَوْمِ الدِّيْنِ بمحَقِّ إيَّاكَ نَعْبُدُ وَإيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ أعُوْذُ بماللهِ مِنَ الشَّيْطَانِ الرَّجِيْمِ بمرَحْمَتِكَ يَا أرْحَمَ الرَّاحِمِين

هڪ دفعي شيطان، حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي دربار ۾ حاضر ٿيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته خبيث شيطان! ڇو آيو آهين؟ شيطان عرض ڪيو ته اوهين مون کي خبيث نه چئو. مون کي هڪ دعا ياد آهي، جيڪا آئون روزانو پڙهندو آهيان، ان ڪري منهنجو خاتمو بالخير ٿيندو ۽ مان جنت ۾ ويندس. پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم جن تعجب ۾ پئجي ويا ۽ وحي جو انتظار ڪرڻ لڳا. الله تعاليٰ جي طرفان حڪم آيو ته شيطان صحيح ٿو چوي. اها دعا اهڙي آهي، جنهن کي جيڪو پڙهندو، اهو جنت ۾ ويندو. پر اسين شيطان جي مرڻ کان چاليهه سال اڳ اها دعا کيس وسارائي ڇڏينداسون. ان ڪري شيطان جو خاتمو نه ٿيندو ۽ هو جنت ۾ داخل ٿي نه سگهندو. اسان کي جڳائي ته مٿي ڏنل دعا هڪ دفعو صبح جو ۽ هڪ دفعو رات جو پڙهون. اسي سالن جا گناهه معاف.

ٻن اصحابن سڳورن حضرت ابوهريره ۽ حضرت انس رضي الله تعاليٰ عنهما هڪ حديث شريف نقل ڪئي آهي ته جيڪو جمعي جي ڏينهن، نماز کان پوءِ، پنهنجي جاءِ تان اٿڻ کان اڳي اسي دفعا هيءُ درود شريف پڙهي ته ان جا اسي سالن جا گناه معاف ٿيندا.

 

أتجُمَّ صَلِّ عَلي×  سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ =لنَّبـتر ا،مِّتر وَعَلي× ا×لِه* وَسَلِّمْ تَسْلِيْمًا

حضرت سهل بن عبدالله رضي الله عنہ کان پڻ اهڙي قسم جي روايت آهي ته پاڻ سونهارن صلي الله عليہ وسلم جن ارشاد فرمايو ته جيڪو شخص جمعي جي ڏينهن عصر نماز کان پوءِ مٿي ڏنل درود شريف اسي دفعا پڙهندو ته ان جا اسي ورهين جا گناه معاف ٿي ويندا.

 

شرح صدر جي دعا

رَبِّ اشْرَحْ لِيْ صَدْرِيْ وَيَسّـرْلِيْ أمْرِيْ وَاحْلُلْ عُقْدَةً مِنْ لِّسَانِيْ يَفْقَهُوْا قُوْلِيْ رَبِّ زِدْنِيْ عِلْماً

 

بيشمار گناهن جي معافي لاءِ

 

هن استغفار لاءِ حضور اقدس صلي الله عليہ وسلم جن جو ارشاد آهي ته جيڪو ماڻهو (رات جو سمهڻ لاءِ) پنهنجي بستري تي اچي ۽ ٽي دفعا هي ڪلما پڙهي:

 

أسْتَغْفِرُ اللهَ الَّذِيْ لآ إلخهَ هُوَ الْحَني الْقَيُّوْمُ وَأتُوْبُ إلَيْهِ

الله تعاليٰ ان جا (سڀ صغيرا) گناهه معاف ڪندو، اگرچه اهي سمنڊ جي جهڳ (گج) برابر هجن يا مقام عالج جي واري جي ذرن برابر هجن يا وڻ جي پنن جي برابر هجن يا دنيا جي ڏينهن ۽ رات جي برابر هجن. (ترمذي)

 

رزق جي ڪشادگي لاءِ

يارهن دفعا فجر نماز کان پوءِ پڙهو:

فَأقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّيْنِ حَنِيْفًا فِطْرَةَ اللهِ الَّتِيْ فَطَرَ النَّاسَ عَلَيْهَا لاَ تَبْدِيْلَ لِخَلْقِ اللهِ ذِ×لِكَ الدِّيْنُ الْقَيِّمُ وَلخكِنَّ أكْثَرَ النَّاسِ لاَ يَعْلَمُونَ [سوره روم اآيت :30]

 

نماز جي پابندي لاءِ

جيڪو ماڻهو اها خواهش رکندو هجي ته نماز جي پابندي ڪريان ۽ هر برائي کان پري رهان ۽ اجر ملي، فائدو وٺڻ وارو هن دعا کي روزانو 3 دفعا پڙهي پنهنجي مٿان دم ڪري. انشاءَ الله ڪاميابي ٿيندي.

وَأقِمِ الصَّلاَةَ طَرَفَيِ النَّهَارِ وَزُلَفًا مِّنَ الَّيْلِ إنَّ الْحَسَنَاتِ يُذْهِبْنَ السَّيِّاِتِ ذ×لِكَ ذِكْر×ي لِلذَّاكِرِيْنَ وَاصْبـرْ فَإنَّ اللهَ لاَ يُضِيْعُ أجْرَ الْمُحْسِنِين [سورة هود اآيت :114-115]

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org