سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

 

صفحو :1

آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

علي بخش ميمڻ

 

ڇپائيندڙ پاران

”آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون“ آمريڪي فوڪ لور جي ڪتاب “American Folk & Fairy Tales” تان مسٽر علي بخش ميمڻ سنڌي ادبي بورڊ جي آڇ تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون، جيڪي سنه 1958ع ۾ بورڊ طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيون ويون. اهي ڪهاڻيون آمريڪا جي جڳ مشهور افسانا نويس ”مسٽر رئشيل فيلڊ“ مرتب ڪيون آهن، جيڪي ”مسٽر چارلس اسڪربنرس سنز نيويارڪ“ مان ڇپائي پڌريون ڪيون. هن ڪتاب جي پڙهڻ کان پوءِ مترجم جي ڪيل پورهئي کي داد ڏيڻ کان رهجي نه ٿو سگهجي، ڇو ته موصوف مذڪور ڪهاڻين کي ٺيٺ سنڌيءَ جو اهڙو ته وڻندڙ ويس ڍڪايو آهي، جو اهي ڄڻ ته سنڌي ثقافت جو هڪ شاهڪار نمونو ٿيون لڳن. رڳو ڪردارن جي نالن کي پڙهڻ سان ماڻهو هنن ڪهاڻين کي پرڏيهي سمجهندو، نه ته اهي کيس سنڌ جي ماحول جو عڪس لڳنديون. ترجمو به اهڙو سليس ۽ عام فهم ۾ ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ ڪٿي به ڪنهن لفظ يا جملي جي معنيٰ ۾ اٽڪي نٿو بيهي.

فني لحاظ کان جائزو وٺندي لڳندو ته ڪتاب ۾ شامل مواد اصل ۾ ڪهاڻيون نه، پر افسانا آهن. افساني ۽ ڪهاڻيءَ ۾ فني حوالي سان ٿورو فرق آهي. ڪهاڻي انساني سماج جي روزمره وارين وارتائن جي پيداوار آهي ۽ ان جا موضوع ۽ ڪردار به انساني سماج مان ئي کنيا وڃن ٿا، پر افسانو انهن لوازمات کان وانجهيل آهي. افسانو غير حقيقي ۽ غير عقلي انومانن، وهمن ۽ وسوسن جي پيداوار آهي. هيءَ هڪ اڻوڻندڙ پر حقيقت آهي، ته سنڌيءَ ۾ افسانا نه جي برابر لکيا ويا آهن. سنڌيءَ ۾ افساني جي سري هيٺ اڪثر جو ڪجهه مواد لکيو ويو آهي، سو به اصل ڪهاڻيءَ جي ذمري ۾ اچي ٿو. بهرحال اسان کي انهيءَ بحث ۾ پوڻ نه گهرجي، ته آيا هي ڪهاڻيون آهن يا افسانا، پر هڪ پبلشر جي ناتي اسان کي هن ڪتاب جو نئون ڇاپو شايع ڪندي خوشي ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ڪهاڻيون ٻارڙن جي لاءِ خاصي دلچسپيءَ جو سامان بڻجي سگهن ٿيون. اسان کي اُميد نه پر پڪ آهي، ته سنڌ ديس جا ٻارڙا ته هنن ڪهاڻين کي پڙهي ضرور لطف اندوز ٿيندا، پر وڏن لاءِ به هي ڪهاڻيون دلچسپيءَ کان خالي نه آهن.

 

        ڄام شورو،                                        سنڌ  انعام الله شيخ

ڇنڇر 9- ربيع الاول 1427هه                                 سيڪريٽري

   بمطابق 8- اپريل 2006ع                                 سنڌي ادبي بورڊ

 

 

عرض احوال

هر ملڪ ملڪ ۽ هر ديس ۾، هر قوم ۽ هر ڪٽنب ۾، اهڙن قصن ۽ ڪهاڻين جي اڪيچار چتين لڳل هڪ پاکر ضرورآهي، جا بزرگن جي هٿان معصوم ٻارن جي ذهني پوشاڪ ٿئي ٿي.

سچ ته اهو آهي، ته ان پاکر ۾ ايڏن ته ايامن کان وٺي اڻ کٽ چتيون ڳـِـنڍبيون رهيون آهن، جو ڪوبه وثوق سان چئي نه سگهندو، ته ان پاکر ۾ پهرين چتي ڪنهن ۽ ڪهڙي هنڌ هئين. انهن ڪهاڻين تي ڪنهن جي به ڪا مالڪيءَ جي مهر لڳل نه آهي، ۽ اهي تصنيف ۽ اشاعت جي سمورن ادبي حقن حقوقن کان بي نياز آهن.

دنيا جا بهترين عالم ۽ اديب، مفڪر ۽ مقرر، سياسي رهنما ۽ سپهه سالار گهڻي قدر سڀ انهن قصن ۽ ڪهاڻين جا مرهون منت آهن. ننڍي هوندي جڏهن هو پنهنجيءَ مٺڙي ماءُ جي آغوش ۾ آرامي هوندا هئا، تڏهن ڪنهن نه ڪنهن نيلم پري جي پرن تي سوار ٿي، هو ڪنهن نه ڪنهن خوابي دنيا جو ضرور سير ڪندا هئا. اهي خواب، جي هنن ڪهاڻين جي بدولت هنن کي حاصل ٿيا هئا، سي وڏي هوندي، سندن زندگيءَ جا حقيقي رهبر ثابت ٿيا، ۽ انهن نقش ٿي ويل خيالن جي حاصلات لاءِ پوءِ هٿ وڌائي هنن آسمان جي تارن کي به هيٺ آڻڻ جون ڪوششون ڪيون.

هر ديس جي رهواسين جي زندگيءَ ۾ ڪن مخصوص وسوسن ۽ ڀرمن کي پڻ دخل حاصل آهي. اڪثر حالتن ۾، اهي ڀرم ۽ وسوسا آکاڻين جي صورت اختيار ڪري، هڪ مقدس امانت ٿي پيا آهن، ۽ هر نسل انهن کي ديانتداريءَ سان پنهنجي سيني سان سانڍيندو پئي آيو آهي. اها امانت اهڙي ته پائدار ۽ غير فاني آهي، جو وقت جي رفتار، سائنس جا ڪرشما، معاشي ۽ سماجي بدحالي ۽ افراتفري ۽ ٻيون هيٺ مٿانهيون، جن جي چڪر ۾ هوند ڪا به چيز ڳاٽ اوچو ڪري نه سگهي، هنن جي پائداريءَ کي تر جيترو به لوڏي نه سگهيون آهن. سچ ته اهو آهي ته انسان جي پنهنجي زندگي خود هڪ بي انت ڪهاڻي آهي،- هڪ ڀرم آهي، هڪ وسوسو آهي، جنهن کي اڃا پورو سمجهيو ئي ڪونه ويو آهي. انسان جڏهن پنهنجي زندگيءَ جي هن عجيب غريب الميه ڪهاڻيءَ جي صحيفي ۾ ڪن بابن جي ڪمي محسوس ڪري ٿو، تڏهن اهڙي ڪمي هو انهن عجيب غريب آکاڻين ۽ قصن ڪهاڻين جي بدولت ئي پوري ڪري ٿو. انسان جي زندگيءَ، ۽ هنن خوابن خيالن ۽ ڪهاڻين قصن جو هڪ ٻئي سان ساهه بدن جو ساٿ آهي، ۽ وقت جي ڪابه لهر هـِـنن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري نه ٿي سگهي.

هيءُ ڪتاب – ”آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون“- ان ملڪ جي باشندن جي ان موروثي پاکر جون جدا جدا چتيون آهن، جي وقت بوقت هو ان ۾ ڳنڍيندا رهيا آهن. حقيقت ۾، ان ايڏي ملڪ ۾ ايترين جدا جدا قومن جي هئڻ سبب، ڪهاڻين جو هيءُ مجموعو نامڪمل ۽ اڌورو آهي. بهرحال فاضل مرتب، رئشيل فيلڊ، انهن جي جمع ڪرڻ ۾ ڪوشش اها ڪئي آهي، ته جيئن اتان جي سڀني قومن جي قديم ذهني ورثي جي پوري پوري عڪاسي ٿئي. هن ڪتاب جي پڙهڻ کان پوءِ، اوهان کي هڪ ڳالهه چڱيءَ طرح ذهن نشين ٿي ويندي ته آمريڪا جي اصلوڪن رهاڪن - ڪارن ۽ ڳاڙهن حبشين ۽ هندن - جون لوڪ ڪهاڻيون، نون سفيد فام باشندن جي ڪهاڻين کان هر صورت ۾ بلند ۽ برتر آهن. ان جو فقط هڪڙو ئي سبب آهي ته اهي هڪ سؤ ٻه جلا وطن انگريز جڏهن ’مي فلاور‘ جهاز ۾ چڙهي، ڊسمبر، 1620ع ۾ آمريڪا جي ساحل تي لنگر انداز ٿيا، تڏهن اتي پنهنجيءَ ڪرت ۾، ”پال بنيان“ جيان، هڪدم اهڙا ته مشغول ٿي ويا، جو هنن کي قصن ۽ ڪهاڻين جي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ فرصت ئي ڪانه رهي، شايد اهو ئي سبب آهي، جو هنن جي حـصي جي ڪهاڻين ۾ مزاح، طرز بيان جي پختائي ۽ ناصحانه خوبيون ايتريون گهٽ آهن.

هنن لوڪ ڪهاڻين ۾ اوهان کي هر قسم جون ڪهاڻيون ملنديون، جي ننڍيءَ ٽهيءَ جي ذهن ۾ بهادريءَ، همدرديءَ، يقين ۽ اعتماد، محنت ۽ جفاڪشيءَ جي نشانن ڇڏڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. نه صرف ايترو، پر هن ڪتاب ۾ ڪيتريون اهڙيون ڪهاڻيون به آهن، جن جي پڙهڻ کان پوءِ، خود اسان وڏن کي به پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيئي روشن ستارا چمڪندڙ نظر ايندا. ڪيترا دفعا رات جو جڏهن ننڊ نيڻن مان غائب هوندي آهي ۽ هيءَ ستارن جي مٺي مٺي ٽمڪ به پنهنجي نرم ۽ نازڪ ٿڌڪار سان پريشان دل کي ڪو آرام پهچائي نه سگهندي آهي، تڏهن انهيءَ اميد تي اسان جون اکيون ننڊ جي ساغر ۾ ٻڏي وينديون آهن ته ڪڏهن نه ڪڏهن اسان کي به ضرور ”رپ وئن ونڪل“ جي مـَـٽَ مان چـُـڪڙي نصيب ٿيندي، جنهن کي پيئڻ کان پوءِ، هڪ ئي رات ۾ زندگيءَ جا ويهه ورهيه گذاري جڏهن صبح جو اٿنداسون، تڏهن دل ۽ دماغ ۾ ماضيءَ جو ڪوبه گهاءُ باقي نه هوندو!

ڪهاڻين جو اصل لطف ته سندن اصلوڪيءَ ٻوليءَ جي اڌورن اچارن، ۽ ننڍن ننڍن، اڻپورن فطري جملن ۾ هو، تڏهن به ترجمي ۾ ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ته اهائي سادگي ۽ عام فهم طرز قائم رهي. پنهنجي نقاد ڀائرن لاءِ صرف ايترو عرض آهي ته هيءُ ڪتاب سندن تنقيدي تير ونشتر جو تاب مشڪل آهي، جو برداشت ڪري سگهي. هيءُ ڪتاب انهن معصوم دلين لاءِ آهي، جي نه صرف پنهنجون اوڻايون جلد معاف ڪرائڻ لاءِ خواهان هونديون آهن، پر ٻين جون اوڻايون به ڏسندي ئي خوشيءَ سان معاف ڪري ڇڏينديون آهن.

آخر ۾ سڀني سنڌ جي ٻالڪن کي دعا آهي ته شال هو به ”پال بنيان“ جيان رات ڏينهن محنت ۽ پورهيو ڪري، پنهنجي وطن عزيز جي پاڪ مٽيءَ ۾ اها سرهاڻ پيدا ڪن، جو هنڌين ماڳين، ديس پرديس، ان جو ساهه سيبائيندڙ سـُـڳنڌ پکڙجي وڃي.

رهي منهنجي محنت، - سو جيڪڏهن ڪو هڪ به معصوم سڏڪو هن ڪتاب جي ڪنهن ڪهاڻي ٻڌندي يا پڙهندي معصوم مرڪ ۾ تبديل ٿي ويو، ته مان سمجهندس ته منهنجي محنت ساب پيئي، - انهيءَ کان وڌيڪ پورهيت کي گهرجي به ڇا!- سو به تڏهن جڏهن هن پنهنجي ان پورهئي مان اڳي ئي اڻمئي خوشي حاصل ڪري ورتي هجي!

اها احسان فراموشي ٿيندي، جيڪڏهن هت مان پنهنجي سڄڻ محترم محمد ابراهيم جويي، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ، جو شڪريو ادا نه ڪريان. هيءُ ڪتاب، جو اهڙيءَ بهترين حالت ۾ اوهان پنهنجن هٿن ۾ ڏسو ٿا، سو ان صاحب جي ئي قابل قدر ادبي اصلاح ۽ فـَـن ڪتاب سازيءَ جي حسنَ ذوق جوئي منت پذير آهي.

 

ڳڙهي ياسين

5- سيپٽمبر، 1958ع

- علي بخش ميمڻ


 

 

 

ڳاڙهن هندستانين

 

 جون

 

لوڪ ڪهاڻيون

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com