سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :12

رحم ٻانهن مٿي ڪريان آءُ تهڙو،

نه ڪن مادر برادر ٿا مون جهڙو،

خبر آءُ لهان نت ٿو رزق جي،

پڇان آءُ مرض ۾ ان کي ٿو تڪڙو،

 

ڏٺان ڪٿ هيڪلو، ڪو پاڪ برتر،

سواءِ منهنجي نه ٻيو ڪو ڏي ٿو اڪثر،

عظيم آهيان، وڏي ملڪن جو والي،

عدوءَ کي آءُ رکان، ڪريان عالم ابتر.

 

ڏٺان ڪٿ ڪو سڻي آنهنجو ڪو فرياد،

جڏهن آنتي ڪري ڪو ظلم بيداد،

ڪريان مظلوم جي آءُ دستگيري،

اُڏائي ڏيان دولت ظالم کي، برباد.

 

آهي راحم سوا منهنجي ڊرڪي(4) جو،

ڏسئو وائسو سدائين جو بندي جو

گنه ٻنهون ڪري ٿو، منهنجو غافل،

جهل سين جو ڪري، ڊرڪيان(1) بند جو.

 

ڏسان سو جو اُڀو ٿيو رات ساري،

ڪري درگه اندر منهنجي ٿو زاري،

ڏيان ذاتيون انهين کي آءُ ٿو وافر،

ڏيان جنت انهيءَ کي هوءِ جي ناري.

 

ڏٺان ڪو مهربان پڻ ڪوءِ راحم،

ڪري رحم اوان تي، مون ري دائم،

سوا آءُ آهيان رحمت ڪرڻ هار،

جو بخشيان آن سندا ڏسيو جرائم.

 

ڏٺان مون سواءِ ڏي جو خلاصو،

گهڻو ڏي رزق ۽ بخشي جوعاصي،

سو آءُ رزق ۽ پيدا ڪرڻ هار،

هتي هت آءُ ڏيان ڏيهه کي خلاصي.

 

سڻيان(2) سو جو ڪري سجدي ۾ دانهون

سڏي مون کي بندو، گڻئون(3) جو ٻانهون

رسان ان کي اڃا نه مس کنيو ڪنڌ،

ورايان ڪونه سائل آءُ ڪو پانهون.

 

جڏهن غمگين سڏي مون کي ٿيو مضطر،

چوان لبيڪ ٿو ان کي آءُ حاضر،

ڏيان ان کي گهڻا ان دم دلاسا،

طالب مون کي ڏسي، هر وقت ناظر،

 

جڏهن دردي اچي مون وٽ ڏکويو،

ڪري فرياد جو غمگين رويو،

ڪريان ان تي نگهه لطف ۽ ڪرم جي،

ڪڍان بنياد کي ظالم جي کوٽيو.

 

آهي ٻئو ڪو سندان فرياد سڻندڙ،

سوا منهنجي مدد ٻيو ٿي ڪو رسندڙ،

سگهو جو دفع ظالم کي ڪري ٿو،

سو آءُ آهيان رسان ان کي آءُ پڄندڙ.

 

سڃاڻي(1) مون سوا ڪو تون اهڙو،

پري توکان ڪري جو، درد جهڳڙڳ،

هلاڪيءَ کان بچايان آءُ اوهان کي،

رسان ان کي اچيو ٿو آءُ تڪڙو.

 

آهي ڪو مون سوا ٻيو دم جو ماري،

لفظ هڪڙي سين، عالم کي سنواري،

سو او(2) آهيان، ڪريان هڪ دم هويدا(3)،

ڪريان سڀ کي فنا ڏس تان نهاري.

 

آهي اهڙو ڊرڪي جو عيب سڀ جا،

اهڙو آءُ ڪريان ڪم ٿو عجب جا،

نه مون ري آهي ٻيو عيبن ڍڪيندڙ،

آءُ بخشيان اها(1) ٿورا مون رب جا.

 

مون وٽ مقبول تائب جو آهي،

ڪريان ان جا تنه سڀ ڏور لاهي،

ڪرم منهنجا، خلائق ٿي گهڻيرا،

وجهان بنياد آءُ دشمن ڊراهي.(2)

 

آهي ڪٿهين مون جهڙو خدا ڪو،

نه ٿيو ٿيندو ڪڏهن هرگز جدا ڪو،

آهيان تنهان يگانو آءُ برتر،

شرڪ ڀاوي نڪين مون کي سدا ٿو.

 

اچو مون ڏانهن هلي، ٻي ڏانهن وڃو ڪيم،

ڏيان عزت اوهان کي آءُ تڪريم،

وينداهه ٻي جي آئين ڏسندا هلاڪي،

اچو مون ڏانهن ڏيان آءُ آڻکي تعظيم.

 

ذڪر منهنجو ڪري دل ۾ هميشه،

اُٿي ويٺي ستي جو ياد الله،

سڻيان سڀڪين انهي جو داد ۽ فرياد،

مدد بهتر ڪريان ان جو ٿي همراهه.

 

ڇڏائي ڪونه ٻئو مون ري اوهان کي،

اي ٻانا ڇا ٿيو آهي اوهان کي،

آءُ دوزخ ڪنان آنکي بچايان،

آهيم آسان، ٻنڌان(1) آب روان کي.

 

نه ڪو مون ري آ ڪنهن کي آه مقدور،

جو ڏي جنت اندر، غلمان ۽ حور،

اُهو آءُ آهيان بيشڪ عبادي،

ڏيان ان کي ڪريان جو آءُ منظور.

 

آهي ڪو مون سواءِ ڏي جو سٽائون،

غريبن تي ڪري جود ۽ عطائون

سواءِ منهنجي نه آهي، نڪو هوءِ،

ليکن بخشيان اوان جيون آئون خطائون.

 

ڏٺا نڪٿ ڪو مثل منهنجي ٻئو غفار،

گنه گولن سندا بخشي جو ڏاتار،

سو آءُ بخشيان ٿو مڙئي جٽ انسان،

پر بخشيان نه گنه شرڪ کي زنهار.

 

مثل منهنجي نه آهي ٻئو ڪو غافر،

نه ٻئو ڪو آهي جو آنکي ڏي وافر،

آهيم پرواهه نه ڪو، آءُلا اُبالي،

بخش آنکي ڪندس آءُ روز محشر.

 

آهي مون ري نه رب آنجو ٻئو ڪو،

اچو منهني طرف دل سين اي لوڪو،

ڏيان بيحد خزينا مال ڳڻئون،

آهيان ڏيندڙ اوين(2) مون ڏانهن ڊوڪو(3).

 

آهيان غالب سڀئي ٻئو ڄاڻن مغلوب

مثل منهنجي نه پوري ٻئو ڪو مطلوب،

سوا منهنجي ٻئو ڄاڻو نه صانع

آءُ خائف رکان ٿو خوب مرغوب

 

آءُ رب سو ڊرڄو منهنجي غضب کان

ڀڄو دائم ڪير ۽ پڻ عجب کان

ڪرهو توبه ڇڏهو حڪم عدولي،

ڪندس آنکي تبه آءُ هڪ ضرب سان.

 

آهيان الله عالم کان عالي،

سڀئي آهي سندم، آءُ لا اُبالي،

فقيرن ۽ بکين کي ڏيان گهڻيرو،

ملڪ ملڪوتي جو آءُ هيڪ والي.

 

ڏٺان ڪٿ مون جيهو نالو ڪو بهتر،

مون کي ڇاڄن ٿا سڀ اوصاف بهتر،

آهيان رحمان سڀ کي ڏيان ٿو روزي،

گدا کي نان ۽ شاهن کي افسر.

 

 

آهيان الله آءُ مثل ۽ پاڪ

ڪنهن کي ڪونهي جو منهنجي نه ادراڪ،

آهيان حاڪم هلايان حڪم سڀا تي،

ملڪ منهنجي سڀئي ارض افلاڪ.

 

وڏي بندا سندم آهي وڏائي،

نه سا ڇاڄي ٻي کي وڏائي

عرش ۽ فرش جو آهيان آءُ وائي(1)

آهيو منهنجا سڀئي آنئين گدائي.

 

آهيان حاڪم منهنجو حڪم ڦري ڪين

ڦٽايان ۽ بنايان ٿو آءُ به تمڪين(2)،

اول آخر آهيان آءُ خداوند،

ڪريان خوش وقت آنئين جي غمگين.

 

آهيان واهاب آءُ راحم ۽ اڪرم

ڪريان ڪم ان سندا هردم ٿو دائم

ولي آهيان زمين ۽ آءُ زمان جو،

ٽاريان مشڪل سڀن جي آءُ هردم.

 

آهيان واحد صمد ۽ فرد موليٰ،

سڀئي مخلوق بيشڪ منهنجا گولا،

عرش ۽ فرش تي، منهنجو حڪم آهه،

آهيان سرڪار مڙ تابع هي دولا.

 

آءُ رب سو جو آهيان، ڪين ظالم،

ڪرهو جيڪين آهيان ان سڀ جو عالم

ڏکويان ڪين نڪين آءُ ڪنهن بند کي

نڪين ڪنهن تي ڪيان ڪو زور حاڪم.

 

ڪيم محمد پيدا نور خالص

هدايت ڏانهن خلق جي آهه حارص

رکان ان جيون سدا آءُ رضائون

آهيم ان سين گهڻي محبت ۽ اخلاص

 

ڇڏائيندو اهو منجهه ڏينهن محشر

جتي ٿيندا گهڻو آئين خوار ابتر

اُتي ڏيندا سندان آڱرا گواهي

شرم رکندس سندا ان ڏينهه(1) اندر.

 

اهڙو آهي ڪري جو شي ڪا پيدا

سوا منهنجي چئي ”ڪُن“ هويدا

ڪريان ”ڪُن“ سين ٿو،سڀڪنهن آءُ ظاهر

کارايا کير آءُ سڀ کي مليدا.(2)

 

مون وٽ سائل سدائين آهي پيارو

۽ جو اٿيو گهري مون کان سوارو

ڏيان ان کي گهڻو آءُ مال نعمت

ڪريان ان کان نه هرگز آءُ ڪنارو.

 

ڪريان ان سين ڀلايون جو ڊرڄي ٿو

ڏيان عزت تهه(3) کي جو ڪڄي ٿو

آهيان آءُ جود ۽ بخشش جو صاحب

ڪريان سلطان سو مون وٽ اچي ٿو.

عمر جي لحاظ کان حاجي محمد سمون محمد اسماعيل کتري کان وڏو هو، انهي ڪري اسين کيس هتي پڻ اسماعيل کتري جو وڏو عمعصر ليکيون ٿا. سندس هڪ مناجات ۽ ڪجهه نثر پيش ڪري، ناظرين کي هن بزرگ جي سنڌيءَ کان واقف ڪرڻ گهرون ٿا:

يا الاهي بخش منهنجا سڀ قصور،

آءُ عاصي تو سندو، آهين غفور،

 

ري گناهه ٻيو ڪين نه ڪين آءُ ٿو رکان

پاپ ڏسئو پانهنجا ٿو نت سڪان.

 

پر ڀروسو آهي جو آهي رحيم

تون خفي اللطف ذوالفضل العظيم.

 

آهي رحمت تو سندي، واسع قديم

تون ڍڪيندڙ عيب آهين ۽ ڪريم

 

آءُ ٻانهون تو سندو آهيان ڍلو

ڪونه عاصي مون جهو ڪو ٻئو للو.

 

ڪهل نادان آهيان تنهنجو بندو،

ڪين پردو فاش ڪج تون مون سندو.

 

مون وڃائي عمر سڀ عصيان ۾،

ٻئي هوا ۽ حرس ۽ نسيان ۾.

 

 وار منهنجي پاڻ ڏي مالڪ مهاڙ،

جرم منهنجا ڪيم ڪين صاحب اگهاڙ،

عفو عصيان ڪر سندم تو سربسر،

مهر جو پنهنجي رکج مون تي نظر.

 

رحم سين ڪر پنهنجي ئي غفور مون

ڪج مون کي قهر سين مقهور تون.

 

فضل تنهنجو پنان آءُ ٿو،

ڪيئن ته بخشين تون سڀن جا ڏوهه ٿو.

 

ويئي لغو ۽ لهو ۾ سڀ زندگي،

هيڪ لحظو پڻ نه ڪئي مون بندگي.

 

آهي عاصي مون سندو سڀ وار وار،

تنهن ڪري دائم وتان ٿو خوار زار،

جت وڃا سڀڪو ڪڻم لوڌيو ڪڍي،

مور پنهنجا مون ڪڍيا هٿين وڍي.

 

تو سواءِ ٻئي ڪانڪا منهنجي ڳري،

خير جي اُپٽي ڪڻم ڏيکارج دري.

 

عبد تنهنجو آهيان عيبن ڀريو

ڪيو گناهن تنگ ۽ مون کي چريو.

 

ڪر دعا مقبول منهنجي تون جليل،

ڪونهي تنهنجي فضل ري مون وٽ دليل.

 

ڪر شفيع منهنجو محمد مصطفيٰ،

ٿئي وسيلو مون سندو سو مجتبيٰ.

سمون صاحب ”حيرت الفقه“ ۾ باقاعدي ”ڪڇي سنڌي“ لکندو پئي ويو آهي.سڄو ڪتاب سوالن ۽ جوابن تي ٺهيل آهي. هڪ سوال جواب سميت ڏجي ٿو:

سوال: جڏهن عصا يعني لٺ، نانگ ٿي، موسيٰ عليه السلام جو ڊرڄڻ(1) جو ڪهڙو سبب، جنهن ڄيري پر نه ڊنو هو ۽ عصا سين ڊرنون.(2)

جواب: جي واسطي ڪهين جي، صفت الاهي سين لٺ جو نانگ ٿيو، پوءِ خوف ان جو حقيقت ۾ خوف خداءِ تعاليٰ جو هوءِ، پر ڄيرو روشن ڪرڻ، فعل انساني آهي. انهين واسطي جاءِ خوف جي نه آهي. (حيرت الفقه صف 112- 113)(3).

 


(4) ڊرڪي- ڊڪي

(1) ڊرڪيان- ڍڪيان

(2) سڻيان- سڻان

(3) گڻئنون- گهڻو

(1) سڃاڻي- سڃاڻين

(2) او- اهو

(3) هويدا- ظاهر- عيان

(1) اها- اهڙا

(2) ڊراهي- ڊاهي

(1) ٻنڌان- ٻڌان

(2) اوين- اوهين

(3) ڊوڪو- ڊڪو ڊوڙو

(1) وائي- واهي

(2) تمڪين- طاقت، مرتبو، عزت

(1) ڏينهه- ڏينهن

(2) مليدا- چوري، ڪُٽي

(3) تهه- تنهن

(1) ڊرڄڻ- ڊڄڻ

(2)  ڊرنون- ڊنون

(3)  سهارا (الف) ڪتاب ۽ (ب) راوي:

الف ڪتاب:

(1)       روضته الحسنات- محمد اسماعيل کتري

(2)       حيرت الفقه- حاجي احمد سمون

(3)       خلاصه الفقه حاجي احمد سمون

(4)       ضرورت المسلمين- حاجي احمد سمون

(ب) راوي:

(1) الهڏنو سونارو- بدين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org