سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :20

ڏاڙهي ڏي ڏاتار، ته چارڻ ڪرين(1) چوٽيا.

اي عمر لوهار! ڏاتار ٿي، ڏاڙهي خيرات ڪر ته چارڻ ڪي رسا وڃي وٽين.“ اهو ٻڌي عمر چيو ته:

ٻائڙي(2) ڏي ٻاروٽ، ته گهر وٽائين گهونٽيا(3).

چارڻ سان ان وقت زال به هئي جنهن کيس منع به ڪئي هئي ته ’عمر لوهار سان چرچو متان ڪرين.‘ پر هي نه رهيو، تنهن تي عمر کيس اهڙي گار جهڙو لفظ چئي ڏنو. اهو سڀ ڏاڙهي جو توهين ڏسي عمر چيو ۽ هيئن پڻ چارڻ کي چيائين ته:

ڏاڙهي آهي ڏات خدا جي، چارڻ ايئن مَ چئو،

ڪارئين جهڙي ڪاترين سين(4)، ڪينڪر(5) جهليو روءِ.

عمر مٿلائي چيو ته ”کيس هڪ پٽ آهي، جو پڻ جواڻ مڙس آهي.“ سندس ڪلام بطور نموني پيش ڪريان ٿو:

ڏور

آدم ڪنان(6) اڳي هو، جڳت ۾ جار،

تين ڪنا پٽ پيدا ٿيو، ات ڪرڻ کان ٻار(7)،

سرور اپايو سوڻيون(8)، سي چوکيون هيون چار،

ٻين کي سرف(9) ڏنئين هي آگي جي اختيار،

سوڻي(10) ۾ سوڻو(11) هو، ڪنڊو منجه(12) ڪپار،

تين منجئان ٻه ٻلوان ٿيا، سي سگل(13) ساڙجي(14) يار،

هوس هنس ڳچيءَ ۾، سو در ڪنين ڪنادار،

هوس مگٽ مٿي ۾، ائڙي(1) انگ آچار،

ساڙ جو سينگار، ڪن ڪيو ۽ ڪي ڪندا.

هن بيت ۾ شاعر حضور ﷺ، چئن پاڪ عورتن جو بيان ڪيو آهي، ۽ ٻه پهلوان حسن حسين کي سڏيو آهي. پاڻ امام حسين جو فدائي هو. ڏک ۾ اچي چئي ٿو ته:

ڏاڙهي ٻچي اک ڪلي، جينئن جي ني هئين نه هڪڙو وار،

حسڻ حسيڻ سئيدي(2) ۾ هئا تڏئن وائين(3) تراڙ،

ان ڪافر جي عمر لوهار چئي نرمل ڪجا نيار(4)،

ڪسڻ جو قرار، حسڻ مير حسين سين.(5)

حيدر شاهه موکاڻي

هن بزرگ ورهاڱي کان ٻه سال اڳ 1945ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، پاڻ موکاڻ جو رهندڙ هو. حاجي ٻاوا سان ڏاڍيون روح رهاڻيو ڪيل هيس ۽ ميان صاحب آرکاڻي کان به فيض نصيب ٿيو هوس. انکان سواءِ پاڻ سٺو راڳيندڙ هو. ڪافيون، بيت، اڪيلي سر ۽ مولود گڏجي ڳائيندو هو. ڪنجهي وانگر ٻرندو هو. ڪنهن به سڳوري ڏينهن پاڻ موکاڻين جي مولودين سان شريڪ نه ٿيو ته ڪچهري ۾ ويٺل سامعين کي ڪوبه رس نه ايندو هو. سندس پٽ گلاب شاهه ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ لڏي آيو. جيتوڻيڪ منجهس پڻس واري خاص ڏات، شاعري واري ته نه آهي، پر تنهن هوندي به ڳائڻ ۾ هي به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. گلاب شاهه حيدرآباد ۾ ڪنڀارن جي پاڙي ۾ باقي ڏينهن گذاري رهيو آهي.“(1)

قاضي ابراهيم

قاضي صاحب ڏاڏور ۽ نيرونو جي لڳ رهندو هو. پاڻ انهيءَ ڀر واري ڳوٺن ۾ شهرن جو قاضي هوندو هو ۽ شريعت موجب فيصلا (نيا) ڪندو هو. علم جو اڪابر ليکبو هو، پر ’معمائي ادب‘ ۾ وڏو فنڪار ليکبو هو. وڏن وڏن عالمن ۽ بزرگن کي سندس پروليون، اهکيون ۽ اهنجيون لڳنديون هيون.

هن صاحب احمد سومري جو نالو ٻڌو ته کيس هڪ پرولي پرک وٺڻ لاءِ ڏياري موڪلي. ڪڇ ۾ ڪنهن جو به ادب ۾ نالو ظاهر ٿيو ته پهرين پرک، وڏا وينجهار ضرور وٺندس، جي ڪامياب ٿيو ته، پوءِ ڀلي پيو موجون ڪري، پر جي ناڪامياب ٿيو ته به همتائي اڳتي وڌائڻ لاءِ کيس سڌي راهه ڏيکاريندا آهن.

درياءَ دکيو باهه لڳي، ڪئي مڇين ڪاهو ڪاء(1)

ٻئا سڀ مري ويا، جيڪي ان جا ڀاءُ،

تين مان تونجو ساهه، ڪيئن بچيو آهي براهيم.(2)

پرولي واقعي ڏکي هئي پر ابراهيم ڳولي وڃي لڌس. پرولي ٺهيل ته ڪڇ جي قاضي جي هئي، پر هئي چانورن ڪري سنڌ جي سوکڙي. هن پروليءَ کي گهمائي ورتو. مطلب پرولي جو هو ته ”چانورن لاءِ ڪوسو پاڻي ٿيو ۽ سڀ چانور رڌجي ويا، پر انهيءَ ۾ پيل ڪارو ڪورڙئي جو ڪڻو(مڱ جو داڻو) نه رڌيو ۽ سلامت رهيو.“

اها پرولي ڀڃڻ کان پوءِ قاضيءَ ابراهيم احمد کي مڃيو. قاضي صاحب احمد سومري سان پوءِ ڪافي روح رهاڻيون ڪيون هيون پاڻ 1947ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ادب جو سٺو پارکو هو. قاضي صاحب عمر جو وڏو هو، پر تنهن هوندي به احمد کي وڏي عزت ڏيندو هو ۽ هي ٻئي دوست هڪ ٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا هئا، روبرو رهاڻيون به ڪندا هئا.(1)

سيد قاسم شاهه (قاسم ٻائو)

قاسم ٻائي جي باري ۾ مٺو فقير ٻڌايو ته؛ ” مون ڏٺو ڪونه هو، پر هي بزرگ منري جو هو.“ ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ حاجي ٻاوا آرکاڻي حال رهندڙ ڪراچي واري سا مکا ميلو ٿيو، هن ٻڌايو ته مون قاسم ٻائو اکين سان ڏٺو هو. ڏاڍو ڀلارو بزرگ هو. عثمان نهڙيو وٽانئس گهڻو حاصل ڪندو هو. پاڻ دنيا کان پري هڪ مڪان ۾، خدا جي ياد ۾ گهاريندوهو. پاڻ ڪانٺري جو هو. اتي ئي زندگي جا ڏينهن گهاري پورا ڪيائين. ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو هو. ورهاڱي کان مڙئي پوءِ وفات ڪئي اٿس، سندس ڪافيون مشهور عام آهن. بابا جو گهرو دوست هو. هڪ ٻئي سان اڪثر دوستاڻي نموني ۾ ملندا هئا.“ مٺو فقير ڪچهري ڪندي اهو به ٻڌايو ته اسان ٻڌو هو ته کيس شاهه جو رسالو پورو ياد هو. ڳائڻ ڪري به اهو ڀلارو ڏاڍو مشهور هو. سندس ننهن کيس ڏاڍو تنگ ڪيو تڏهن پاڻ انهن تان مزاحيه ڪافي ٻڌايائين، اها ڪافي جڏهن سندس نهرن ٻڌي، تڏهن مٿانئن ڄڻڪر ڪا رپ ڪري پئي هجي! اهو ڏينهن دنگ، وري هن ڀلاري بزرگ کي سندس نهرن نه ستايو:

جندر ڦيريون جان سين،

ڪَ واري ٻڌو چوٽا،

اٿو بايون اٽا پيهو، جندر ڦيريو.

 

ڪڪڙ ڪُڇيا مور ٻوليا،

ڪول ڪيا ڪڻڪارا،

جالر وڳو جولر وڳي،

صبح ٿيا سوارا، اُٿو ٻايون.

 

هڪڙي ٻئارجي، ٻئي سئارجي،

ٽرئي پاڻي جي پچارا

ڇورا رنا ڇوريون رنيون،

لاڏيين ڏنا لوڏا، اٿو ٻايون.

 

قاسم ٻائو چئي ڪل جڳ ۾،

سڻج پٽئين جا سورا،

ڀڄڻو هجي ته بڄي وڃ،

نڪا نورين کنيا ٽوڙا، اُٿو ٻايون.(1)

ميان جي حاجي حسن سهتو جمارائي

ميان جي حسن ولد عبدالله سهتو، جمارا لڳ نريو: لکپت جو رهاڪو هو. پاڻ اٽڪل روءِ 1905ع ۾ ڄائو ۽ نپيو ۽ وڏو ٿيو. ديني تعليم نرئي ۾ ورتائين. قرآن شريف ۽ سنڌي پڙهيل هو. سندس پيءَ خليفو عبدالله درويش صفت ماڻهو هو. پاڻ ۽ سندس وڏا ملتان خليفا سڏبا آهن، ۽ ملتان واري پيرن سان سندن خاندان جي دلي عقيدت آهي. پاڻ وڏن وانگر مارو ماڻهو هو. پاڻ ڪاري گوڏ، اڇو پٽڪو ۽ اڇو پهراڻ پهريندو هو. 1950ع ۾ پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ وفات ڪري ويو.

پاڻ جيئن جمارا لڳ جاري ڳوٺ ۾ ويٺل هو، انهي ڪري جمارائي به سڏبو هو. جارو جبل، جوجمارا ڳوٺ کي ويجهو آهي، ان سان تاريخي واقعا به وابسته آهن. چون ٿا ته جڏهن پونجو لوهاڻو ديوانيءَ تان راءِ لاهي ڇڏيو، تڏهن هن وير وٺڻ لاءِ غلام شاهه ڪلهوڙي کي ڪڇ اچڻ جي دعوت ڏني. ان تان جارا ۽ جمارا جي وچ ۾ سنڌين ۽ ڪڇين جي زبردست جنگ لڳي. انهيءَ جنگ جا نشان سنڌي ۽ ڪڇي ڪونڌرن جا هڏا اڄ به اتي اولڙ ٿيا پيا آهن.

هن جمارائي بزرگ کي شاعري جي سهڻي ڏات ڏاتر عطا ڪئي هئي. مزاحيه نظم جو ته خاص شائق هو، ”ملين ۽ ڪتي جو جهيڙو“ سندس مشهور نظم آهي، جنهن جا ڪي ضروري ٽڪرا پيش ڪجن ٿا.

”ڇاڏورا“ جي ڪتي، ميان جي حسن جو سرو ڏسي، اچي انهي سان شامل ٿي، ميان جي گهر نياڻي ڄائي هئي، سو ڪو ڳڙ ورهايو هئائين، ڪتي به نوس نوس ڪندي اهو کائي وئي. ايتري ۾ ميان جي کي سار ٿي پئي ۽ ڪتي کي ڦري آيو. پوءِ هليا هنن جا سوال جواب. ميان يج ڀڳت پتوءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪتي کي چيو ته ڪتي به ڪاوڙجي پئي. ميان جي ڪتي کي ڏاڍا ڊپ ڏياريا پر ڪتي به ڪا ڏاهي هئي، تنهن ميان جي کي منجهائي وڌو، آخر ميان جي هار کاڌيءَ ۽ ڪتي کٽيو.

انهي دلچسپ قصي کي هتي پيش ڪجي ٿو:

ميان جي: ڪتي تون ڪهڙي ڪم گهڙي آئين گهر ۾؟

ڪتي:  گهڙي آيس گهر ۾، سڻ تينجا سماچار.

    رُڙي(1) پيم راتڙي، ويهي ڪيم ويچار،

    پئا گهر س گهميس ته پوريا ڪهڙي پار،

    آيم ترسي طعام جي من ايٺو(2) هوءِ اوبار،

   پرور ني تکي پيري ۾ جنهن تي پورو هو پيار،

   جان هوندو کيرج کير پڙو، يا مٺائي مُنٺار،

   يا لڏون ليٽي رڌل هوندا، يا کيرڻي کيڏدار،

  تان ڳوليندي ذري گڙ جي، مون کي نظر چڙهي نروار،

  کائي ۽ کسڪئيس، ڀريم ٻه ٽي پير ٻار،

  هاڻ خليفا مارين خار، ته به کاڌم ڳنڍي ڳڙ جي.

ميان جي: کاڌي ڳنڍي ڳڙ جي سا ڳڙڪي ڪيئن ڳلي،

    مون ڌتو آندم ڌيءَ لاءِ سو کائي وئين کلي،

    ڦڪي تو فقير سان، وڌو وير ولي(3)،

   جاڳيو هوسين ته جڙي رکيومين، ٻوچي رهن ٻلي،

   موڳي تنهنجو مان رکيو، تئين ڇپر پيئن ڇلي،

  هاڻ ماڻهو چار ملي، پرڻائيندو سان ڀڳت پتوءَ سان.

 

ڪتي:   پرڻائيندين ڀڳت پتو سان، سو ڀڳت آهي مون ڀيڙو،

  ڌرميءَ سندي در تان، مون دوست ڪيم ديرو،

   ڪڏهن ته رٻ ڪڻڪ جي، ڪڏهن ٻوٽو ۽ ٻيرو،

  آنجي لڏ لڏي ويئي، مون پٺيان کنيم پيرو،

  ڏسي وانڍيون وڏيرو، مون ڇڏيم(4) ڇاڏورا کي.

 

ميان جي: ڇڏي ڇڏورا کي سو سنگت جي سري،

     ارڏي لڏ اسان جي، جنهن آيس اڪيري،

    جو بڇ ڪندوسين ڀٽوءَ کي، ته چم وجهندي چيري،

   جي تپي هنئين مين تلڙ، تان به وجهندئين تيري،

   تون جا کيٽ چڙهيا کيري، تون وري وڃ وطن کي.

 

ڪتي:   وري وڃا ڪيئن وطن کي ڪهڙا سڳا مون سيڻ،

   نڪو ماءُ پيءُ منهنجو، نڪو ڀاءُ ۽ ڀيڻ،

   آن جو سدر سرو ڏسي، منهنجي ٺريا نيڻ،

   هاڻ وڏا ڪڍندين ويڻ، ته به منهنجو موٽڻ مشڪل ٿئي.

 

ميان جي: تنهنجو موٽڻ مشڪل ٿئي، ڪين خاطر گهري ٿي خط،

   نڪو ڇڏئين گيهه ڪني ۾، نه ڀڙوي ڇڏين ٿي ڀت،

   ڪنهن جا ته مڙس ماٺيڻا ڪنهن جي گهپي واري گت،

   تنهن قرب وارن ۾ ڪتي، وجين تي ڪلفت،

   هاڻ ڏيئي لُڪيءَ(1) تي لت، سوگهو ڪندوسين سنگهر ۾.

 

ڪتي:  سوگهو ڪري سنگهر ۾ ڪنين(2) ڪڄاڙو،

    ڪتا نه پئين(3) قيدن م، نه وهٽن جيئن واڙو،

   نه نيئر تنهن کي اُٺن جيئن، نه ترم نه تاڙو،

  جي موڪليندين ملڪ کيته مٿي پوندي ڀاڙو،

   تنهن کان معاف ڪر تون مونکي ۽ سهي وڃ ساڙو،

  نو ڏينهن نوتيارين ۾ مون ڪيو ڪيڏو ڪٽاڙو(4)،

  ته به انهن ويچارن مان ڪڇ ڪين ٻوليو نه ٻاڙو(5)،

  تنهنجي کاڌم ڳنڍي ڳڙ جي، نه دوست هنيم ڌاڙو،

   ته در در پيون دانهو ڏيئن، ’ڪيو ڪتيءَ ڪٽارو‘،

  تو ڪيو آهي ميان جي مون کي جڳ ۾ اگهاڙو،

  جڳ ۾ جهاٻاڙو ڪيو ڪنهن نه ڪتن سان.

 

ميان جي: ڪيو ڪنهن نه ڪتن سان پر مون کي مت آئي،

   آءُ ڳني(1) آيس ڳوٺ مان کريل وئين کائي،

  ٻاجهه نه پئي توکي ٻار جي، ڪئي ڏاڍي ڏاڍائي،

  ڇڏ لُڳر لچائي، پاسو وٺ پنوهارن جو.

 

ڪتي:   پاسو وٺان پنوهارن جو، هنن سکن مان هاڻ،

     پئا آهن منهنجي پيٽ، خاشا کير کٽاڻ

    ڏينهن جو ڏسان ڪين، پئي وڙڪان منجهه وٿاڻ،

   رڙهيو اچي رات جو، پاسو وٺاڻ پاڻ،

  تکر طبيعت تنهنجيءَ کان اڳي هئس اڄاڻ،

  هاڻ ميان جي مون ساڻ، پرچي ڇڏ پانپرو.

 

ميان جي: پرچي ڇڏينم پانپرو، جي مڙي آندي ميڙ،

   هلندين تون ”حسين“ سين، ته کوٽين ۾ پئي کيڙ،

   پر گڏجي ڌڻي گيهه جا، ته مٿي ڪند ئي ميڙ،

   ڪُڙ لڄائج ڪيمڪي(2)، تون ڪتي پنهنجو ڪيڙ،

       هاڻ ويئي اُجهامي ويڙهه، مون معاف ڪيو تون ماٺ ڪر.

ميان جي حسن سهتي جي هڪ مدح عثمان راڄي (هاڻ رهندڙ پير ملوڪ شاهه جو ڪوٽ بدين واري) ٻڌائي هئي. جنهن ۾ ڪيتريون ڪميون پيشيون آهن، پر دلچسپ هئڻ ڪري اها مدح هتي پيش ڪجي ٿي:

 

آخري زماني جي زال

آخر زمانو اڄ آيو، تنهنجي ڪريان باب بيان(1)،

سالڪ گفتگو سڻ سراسر، ظاهر ڪريان ساڻ زبان،

سڻ عورتن سندا ارڪان، ملڪ هچارين ڪيو حيران.

 

ريت رسم ڏٺم تازي، اهڙا آهن بلڪل بازي،

ڌيءَ ساماڻي ٿئي دل راضي، اهڙا آهن غفلت ۾ غازي

نڪاح نٿا پڙهائين نادان.

جانسين ڪنوار ته ڪاڻ نه ڪائي، پرڻيو تان ڪر پيس ڦاهي،

ٿيو وڏيرو گهر جو واهي، ايندي جوءِ جنگ مچائي

جاڳائين سڀ جهان.

ڪيئن ڪئي شرم منجهانران شادي، گهر ۾ عورت صاحبزادي،

مڙس غلام ڏنس گادي، تيئن سهري سين ڪيئن بغدادي،

مائٽ جهلي ويٺا مڪان.

محب مٺا هل (تون) بازار، اڳ ۾ گهوٽ پٺ ۾ ڪنوار،

آهه ڪيڙي لا ءِڪوٺيدار،(ات به طبل هو ڪجهه تار)

چئي ’وٺي ڏيئي سڀ سامان.‘

سڻ تون چڱا شاهوڪار پئسا کپن پنج هزار،

آهيم شهر ۾ ڪو ڪم ڪار، مٿان ايندو شاهي سومار،

سڀي ڪريان سڀ سامان.

ڪڍي ڏي وڳا واپاري، سر تي ريٽي ريشم واري،

ڀرت ٽڪن سين، ڪنجري ڪاري، ڦوڳ ڦلن سين هوئي ڦلڪاري(2)،

ڏسيو محب ٿين مستان.

جيڪي زيور زريون زال، ڪنگڻ ڪڙيون ۽ ڪٺمال،

نٿ نموري نورا نال، جانئي ججهي هئي تنهن ۾ شال،

سڻي آواز اچن انسان.

سڻ تون ادا صراف سڄاڻ، هار گهرجي گلن ساڻ،

مينڍا ڳتل مڻين ساڻ، نٿ ڪنڍي ۾ ڏاڍو ڏاڻ.

متان ڪري نڪ کي نقصان.

ادا موچي ڪر موچاري، جتي گهڙي ڏي چيچٽ واري،

ٽونر گهرجن منجهس هزاري (هلڻ چلڻ مون ٿئي بيهاري)

چيچٽ ڪري جا منجهه چوگان.

ڏاڙهي ڪاري، پنهل پيارو، اڇي ڏاڙهي جيئي پاڳارو،

(جواڻي ويئي گذريو وارو، مڙس مرڻ لاءِ پٽ جو نارو(3)،)

’ڪڏهن مرندو هي مروان.‘

ايڏي قرض ڪٿي ڪيئن لهندو، واڻيو وياج گهڻو ئي وٺندو،

خط کري ۾ کوليندو، ملڪيت ويندي، روهه روليندو،

تون چاهين ٿي آءُ ٿيان مروان.

’حسين سهتو‘ آنجي درگاهه، تين(1) کي ميڙيو يا الله،

حرمت حسن حسين شاهه، ويندي ويرم مون کي واهه،

ڏيجو ڪلمي جي تان (آنئين) تان.

ميان جي عثمان راڄي ٻڌايو ته ” حسين سهتو ڪجهه عربي ۽ سنڌي پڙهيل هو، درويش به هو، سندس ڪلام اثر رکندڙ هو. پاڻ مولود اهڙو سوز سان پڙهندو هو، جو ’بلي بلي‘ ٿيو ويندي هئي. ڏارهي گهاٽي هيس. قد جو ڪجهه بندرو هو، ڪپڙا امامن جي ماتامي هئڻ ڪري هميشه ڪارا ڪندو هو. مارو ماڻهو هئڻ ڪري، مال کي ڏاڍو کجندو هو. مال کي ڏاڍي پاٻوهه سان چاريندو هو. مال به سندس سڏ تي چرندو ۽ ورندو هو.

مولودن ڳائڻ ڪري هند- سنڌ ۾ مشهور هو. احمد کوسو سنڌ جو مشهور ڳائڻو سندس ٽوليءَ جو هڪ فرد هو. احمد شاهه سنڌ وارو پڻ سندس ئي جوڙيوال هو. هي سڀ يار سنڌ ۾ گڏجي درگاهن، ميڙن ملاکڙن تي ڳائيندا هئا. سندس ساٿارين مان هينئر ڪوبه زندهه نه رهيو آهي.“

عثمان سمي اصل پلڙو لڳ لکپت حال رهندڙ بدين ٻڌايو ته” پاڻ اڇا ڪپڙا پائيندو هو. گوڏ جي گندي ڪاري هوندي هئي. سنت جماعت موجب هلندو چلندو هو. سندس دوست مولودي آدم نري وارو مشهور هو. انهي سان روح رهاڻيون ڪندو هو.

ابراهيم فقير، جو سندس دل گهريو دوست هو. سو دنبورو هٿ ۾ کنيو راڳ ڪندو گهمندو هو. پاڻ فقير سهڻو شاعر به هو ۽ سندس ڪلام مشهور عام آهي.“ حاجي ٻاوا چيو ته ”ابراهيم سهتو روڻي وارو مشهور بيت ڏيندڙ هو.“ ”ابراهيم سهتو ۽ حسين سهتو به حاجي ٻاوا جا ڏٺل هئا.“

حسن سهتي جي زندگيءَ جي مکيه اها جهلڪ آهي ته، هو هر فن مولا هو. جاهلن سان جاهل ۽ عالمن سان عالم، مولودين سان مولودي وينجهارن سان وينجهار ڏاهن سان ڏاهو، ڀورن سان ڀورو هوندو هو. انهيءَ ڪري هر ڪنهن کيس پنهنجي نموني سان ڏٺو. پاڻ پرولين جو ماهر هو.. سندس پروليون وينجهارن وٽ وڏي شان شوڪت سان ڏنيون وينديون هيون.

پاڻ بدين ۾ حاجي سومار ابڙي (بدين) جي ڳوٺ ۾ پڻ اڪثر ايندو ويندو هو. اتي محمد قاسم ابڙي سان دوستي هيس. هڪ ٻئي کي خط پٽ لکندا هئا. ڪن مجبورين سبب محمد قاسم کيس پنج مهينن کان پوءِ خط پٽ ڪونه لکيو، انهي ڳالهه کي اڳيان رکي، ڏوراپي ڏيڻ لاءِ هڪ نظم ۾ خط لکي موڪليائين ته:

مس مهانگي ملڪ ۾ ڪَ ڪاغذ قلم،

ڪَ ارس اڱن ۾ اُٿاريو اٿئي.

 

نه خطڙو خلاصو نه خالي سلام،

نه مهينن پنجن ۾ پچاريو اٿئي.

ستت حال ’سهتي‘ کي ساري لکو،

رکي رنج دل ۾ رئاريو اٿئي.

اهو خط جڏهن ابڙي قاسم کي پهتو، تڏهن هن اهو خط پنهنجي يار مولوي احمد ملاح کي ڏيکاريو، مولوي صاحب به حسين سهتي جي دوستن مان هو. قاسم ابڙي کي مولوي احمد ملاح ڪڇ هلڻ لاءِ آمادهه ڪيو ۽ ٻئي گڏجي جمارا ويا. حسين وٽ وڃي رهيا ۽ پاڻ ۾ ادبي ڪچهريون ڪيائون. مولوي ملاح جي رٿا سان ٽيئي دوست گڏجي ”جهاري“ جبل تي ويا، اتي حسين سهتي لوهه جي ڪلي سان ٽنهي جا نالا لکيا، جي اڃا سوڌو اتي لکيل آهن(1).

حاجي هارون ”صباغ“ کٽي

حاجي هارون کٽي کاوڙي ۾ ڄائو هو. سندس سن ولادت 1296هه آهي. پاڻ باقاعدي ڪٿي به ڪونه پڙهيو پر ذاتي ڪوشش سان سنڌي، اردو، عربي، فارسي ۽ گجراتي ۾ چڱي مهارت حاصل ڪيائين. الهڏني سوناري سان هڪ ڏينهن رهاڻ ڪندي معلوم ٿيو ته، ”پاڻ ڪڏهن ڪڏهن خانگي طرح وڪالت به ڪندو هو.“

سندس ڪل چار ڪتاب لکيل هئا. پهريون ”توضيح التقليد السبيل الرشيد“ آهي، جو 1356هه ۾ ڪراچي مان شايع ڪرايو هئائين. ٻيو ”سبيل المومنين“ لکيو هئائين پر اهو شايع ڪونه ٿيو. ٽيون ڪتاب ”رساله البلاغت“ آهي، جو 1358هه ۾ ڪراچي کان شايع ڪرايائين. هي ڪتاب عربي ۽ فارسي لفظن سان ڀريل آهي. چوٿون اڙدو ۾ ”مناسڪ الحج“ ڪتاب لکيو هئائين جو ڪڇ جي سيٺ احمد 1370هه ۾ مفت ڇپرائي تقسيم ڪيو هو. اهو ڪتاب 1369هه ۾ ڪعبته الله شريف ۾ حج ڪرڻ وقت لکيو هئائين.

محمد طالب ولد عبدالرزاق ساڻم ڳالهه ڪئي ته: ”ڏاڏا مرحوم ۾ اها خاص خصلت هوندي هئي، جو ڪڏهن به اڪيلو نماز نه پڙهائين، هميشه وانگر باجماعت نماز پڙهندو هو، ڪو جماعتي کيس نه مليو ته، ساڻس نوڪر هوندا هئا. انهن کي پٺيان نماز پڙهڻ لاءِ مجبور ڪندو هو، جي گهڻو ڪري هندو هوندا هئا. پاڻ 1950ع/ 1370هه ۾ هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو.“

حاجي هارون جا شايع ڪرايل ٻه ڪتاب اسان جي اڳيان اهن، جن مان پهريون ’توضيح التقليد‘ آهي. هن سڄي ڪتاب کي ابوالحسن سنڌي تي جوڙيو اٿس ۽ ”آ“ جي قافيه سان لکي وڃي دنگ ڪيو اٿس، 104 صفحن تي پکڙيل آهي، ۽ لٿو ۾ ڇپيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ هارون بن ايوب کٽي وهابين کي جواب ڏنا آهن ۽ اسلامي عقيدن جي اپٽار ڪئي آهي. ڪتاب جو خلاصو پيش ڪجي ٿو:

ثنا سارا الله جي، جو بي مثل آهه بادشاهه،

عظمت ڪبريائي جهجي(1) جهيسين(2) جوڙنڪا.....

 

هونَ صلواته سلام تنهه سرور تي دائم مداما،

پڄاڻا حمد ۽ صلواته جي سڻهو سبئي مومنا...

 

لگيو آهي ڪتابن ۾ اهڙو مذڪورا،

ته ٿيندا آخر زماني ۾ فتنا فسادا....

 

هاڻي سڻهو(3) بيان تن جو، جي ٻاهتر فقرن وارا،

هڪڙا رافضي ٻئا خارجي، ٽئا جبريا،

ڇوٿا قدريه پنجا جهميه ڇها آهن مرجيا،

ڪياءُ تفسير تاويل قران جا پنا اندر پهجي راءِ،

حد نه رهي اختلاف جي جاسينئه وڃي ٿيا ٻاهتر فرقا.....

 

مخالف آهن پاڻ ۾ جنهن جي حد نه حسابا....

سڻي مسئلا دين جا، يارا ياد ڪجا،

ئي(1) آهي ڪلمون حق جو ڀلجامَ ٿي ڀورا....

جي مشتاق آهن مٿي مير مرسلان عربي احمدا،

هڏ نه سهن نالي نرمل نور جي ڪچو ڪو لفظا،

انها وڌيڪ جنهنکي ان بابت ۾ هوءِ تفصيل جي طلبا،

سو ڏسڻ لاءِ ڪتاب ’سبيل المومنين‘ جي ورڪري معقول تدبيرا،

جو تصنيف ڪيل آهي هن حقير جو جنهن کي پنج سال ٿيا،

هٿا خادم الخدوم هارو پٽ ايوب جي منح کاوڙي جي شهرا

جو کٽي آهيان ذات جو، خميساڻي لقبا،

رهان تو رياست ۾ ڪڇ بج جي، منج پڇم جي ملڪا،

شفاعت شفيع ڄام جي، مون کي مولي ڪج نصبا،

ڪلمون پاڙي(2) شهادسين جو، لڏائيجم لوڪ منجها.

هن سڄي ڪتاب ۾ مخالفن تي اهڙي نموني ڇوهه ڇنڊيندو پئي ويو آهي، جو ڪنهن کي به سندس اها تنقيد ڏکي نٿي لڳي؛ سندس اها خاص لياقت جي نشاني آهي. سندس نظم جون ڪي سٽون بنهه وڏيون ۽ ڪي ننڍيون پڻ ٿي ويون آهن، پر ابوالحسن جي قائ ڪيل نظم واري صنف ۾ اهو روا آهي. سندس ٻيو ڪتاب ”رساله البلاغت“ آهي، جو سڄو نثر ۾ آهي، جنهن مان به هڪ فقيرو مثالي طور پيش ڪجي ٿو:

شرڪ ۽ ڪفر

جيڪا صورت هن وقت جاهلن اٻوجهن ۽ بعضي اهل علم وارن ۾ عام هلي رهي آهي. اها بلڪل ڪفر ۽ شرڪ آهي. مثلا، بعضي جاهل پاڻ کي مسلمان سني سڏائي ۽ الله ذوالجلال فعل المختيار کي ڇڏي شرع شريف جي مخالفت ڪري، پنهنجن ڪمن جا پورا ڪرڻ وارا مختيار ۽ ڪارساز ولين کي سمجهي، انهن جي قبن ۽ قبرن کي سجدا ڪرئو پنهنجيون حاجتون ۽ مقصد انهن کان طلب ڪندا آهن، جا ڳالهه بلڪل مذموم- ناجائز بلڪل حرام آهي. اهڙو عقيدو شرڪ ۽ ڪفر آهي. نعوذ باالله منها.

اهڙي طرح جيڪي اهل علم جا پاڻ کي عالم بي مثال سڏايو علماء مجتهدن سڳورن ۽ اوليائن ڀلارن جي اتباع عزت ادب ۽ تعظيم جو انڪار ڪري مومنن کي گمراهه ٿا ڪن، اُهي گمراهه فرقن ۾ داخل آهن. جن ۾ بعضي پاڻ کي حڪيم سڏايو چوندا وتن ته، فلاڻي مريض کي فلاڻي دوا مان شفا ٿئي۽ فلاڻي شيءَ مان ضرر ۽ نقصان ٿئي. معاذالله! هي خفيه ڪفر آهي، جو الله ذوالجلال شافي مطلق کي ڇڏي پاڻ کي ۽ پنهنجن علاجن ۽ دوائن کي شافي مطلق ٿا سمجهن. (ص 35-36 تان ورتل).

”رساله البلاغت“ سڄو ڪتاب موجوده مذهبي گهرج موجب لکيل آهي، جنهن ۾ هن صاحب اوليائن کي ساراهيو آهي ۽ اجائي پوجا کي ڪفر سڏيو آهي ۽ وهابين کي، ننديو آهي: حق جو ڪلمو چوڻ کان پاڻ، ڪنهن جي دٻاء کان روڪجي نه ويو آهي. سڄي ڪتاب ۾ موضوع جي لحاظ کان عربي اهنجا لفظ به ڪم آڻيندو پئي ويو آهي. هن ڪتاب کي ڪنهن سنڌيءَ کان تصحيح ڪرايو ٿو ڏسجيس، ٻولي گهڻو ڪري چالو سنڌي استعمال ڪندو پي ويو آهي.

حاجي هارون کٽي کي ڪل ٽي پٽ ٿيا (الف) عبدالرزاق کٽي (ب) عبدالرحيم کٽي (ٻ) صاحب ڏنو کٽي انهن مان عبدالرزاق کٽي سٺو شاعر ٿيو. عبدالرزاق تي اهو اثر سڌو سنئون پنهنجي والد محترم جو هو. ”صباغ“ کٽي جا لکيل ڪتاب سنڌي ادب جي ديني حصي ۾ خال ڀرڻ ۾ واهرو ٿين ٿا. ”صباغ“ تي ڦل ڪوراڙ ۽ عبدالرحيم پڇمي جو اثر هو. پاڻ اوليائن مڃتائو، ڦل ڪوراڙ جي اثراتن جي ڪري هو ۽ اوليائن تي ٿيندڙ ڪن بدعتي ڳالهين جي خلاف، عبدالرحيم پڇمي جي اثراتن جي ڪري ٿيو هو. انهي ٻنهي بزرگن جي اثراتن جي ڪري پاڻ وچولو رستو ورتو اٿس، جو ئي حقيقتن صحيح رستو آهي(1).

عبدالرزاق کٽي ”رازق ڏنو“

”صباغ“ حاجي هارون کٽي جيڪي سنڌي ادب جا ڪڇ ۾ گهڙا ڀريا هئا. اهي وسارڻ جا نه آهن. ”صباغ“ جو اثر پنهنجي فرزند عبدالرزاق کٽي تي پڻ پيو، انهي پڻ ڪڇ ۾ سنڌي ادب جي سٺي خدمت ڪئي.

عبدالرزاق کٽي ولد حاجي هارون کٽي 1887ع ۾ کهاوڙي ۾ ڄائو. هن جا عبدالرحيم ۽ صاحبڏنو ٻه ڀائر پڻ هئا. انهن کي شاعريءَ جي ڏات ڪونه ملي، پر عبدالرزاق انهي ڏات سان نوازيل هو.


(1) ڪن

(2) زال

(3) گهوٽ

(4) ڪارن جهڙوين ڪاترون- مڇون

(5) ڪي ڪجهه

(6) کان

(7) ٻاهر

(8) سهڻيون

(9) شرف

(10) سهڻي

(11) سهڻو

(12) منجهه

(13) شڪل

(14) ساهڙ

(1) اهڙي

(2) سجدي

(3) واهين

(4) نهار

(5) به روايت:

1.       مٺو نهڙيو ڳوئيلائي

2.        محمد عمر مٿلائي

3.        بولو نهڙيو(عرف عثمان نهڙيو) ڳوئيلائي.

(1) به روايت:

1.       حاجي شاهه آرکاڻي، ڪراچي

2.        مٺو نهڙيو ڳوئيلائي

3.        محمد عثمان نهڙيو ڳوئيلائي

(1) ڪاهه

(2) ابراهيم

(1) به روايت:

1.       احمد سومرو- ڇاري ڦلاري وارو،

2.        مٺو نهڙيو ڳوئيلائي

(1) هن احوال لاءِ هيٺيان (الف) ڪتاب ۽ (ب) راوي سهارا ٿيا:

(الف ڪتاب):

مهراڻ جون موجود، مرتب سيد حسام الدين شاهه راشدي

(سنڌي ٻولي جون سرحدو ۽ ان ۾ ڪڇي محاورو- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)

(ب) راوي:

1.       حاجي ٻاوا آرکاڻي- ڪراچي

2.        مٺو نهڙيو ڳوئيلائي، بدين

3.        عثمان نهڙيو ڳوئيلائي، بدين

(1) دانهون ڪري

(2) پارٿو

(3) ولهي، ٿڙيل

(4) ڇڏيو

(1) لُڪي- نڙي

(2) ڪندين

(3) پون

(4) ڦر

(5) کارو ٻولڻ

(1) وٺي

(2) ڪينڪي

(1) اصل ۾: برابر

(2) مٺو نهڙئي جي پڙهڻي

(3) نعرو

(1)  تنهن

(1) به روايت:

1.       ميان جي عثمان راڄو ويٺل ڳوٺ پير ملوڪ شاهه بدين

2.        مٺو نهڙيو ڳوئيلائي

3.        محمد عثمان سمون ڦلڙو،

4.       حاجي ٻاوا آرکاڻي، ڪراچي

5.       مولوي احمد ملاح، غريب آباد بدين،

6.       عبدالله ”مسڪين“ ابڙو- ڳوٺ محمد قاسم ابڙو، بدين

(1) جنهنجي

(2) جنهن سين

(3) سڻو

(1) اي، اهو

(2) پاڙهي

(1)  هن احوال لاءِ (الف ڪتاب ۽ (ب) راوي سهارو ٿيا:

(الف) ڪتاب:

(1)       توضيح التقليد السبيل الرشيد- حاجي هارون کٽي

(2)       رساله البلاغت- حاجي هارون کٽي

(3)       مناسڪ الحج(اردو) حاجي هارون کٽي

(ب) راوي:

(1) سيٺ الهڏنو سونارو، بدين،

(2) محمد طالب کٽي، اصل کهاوڙو (حال بدين)

(3) محمد صادق کٽي اصل کهاوڙو( حال بدين)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org