سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :6

ڪڇ جي شاعري جا عنوان

ڪڇ جي شاعرن جا مدح، مزاحيه، عش رزم وغيره مکيه موضوع پئي رهيا آهن.انهن موضوعن تي هنن دل کولي شاعري ڪئي آهي، انهن موضوعن کي ڪڇي شاعرن سهڻي نموني نڀاهيو آهي.

(1)مدح:

مذهبي لحاظ کان ڪڇ جا ساعر اول اول ساراهه پيغمبرن، پيرن، فقيرن،درويشن جي ڪندا آهن. جيئن ته ڪڇ ملڪ عقيدي جو ملڪ آهي تنهن ڪري ”جڪڙيون“ وغيره انهي مدحيه شعر ۾ شامل آهن. مئين واعظ جي مدح ”مدحيه ڪلام“ جو ڄڻڪر مهاڳ آهي:

اسان جو حال تو داني، پازي کي لاهي پشيماني،

آنجو آهي مريداني، مدد يا شاهه گيلاني.

----------

آهيان مدحي آءُ آنهنجو، نسورو ٻانهون آءُ آنهنجو،

گول درگاهه آءُ آنهنجو، مدد يا شاهه گيلاني!

ڪڇ جي سومرين وري پنهنجي بزرگ دودي جي شان ۾ ”جڪڙيون“ جوڙي پنهنجي عقيدي جي ورکا ڪئي آهي.

”ڏاڏو دودو هوندو مڪي ملتان آنکي کمان،

آنکي جشن لکيو هو، جمعي جي رات آنکي کمان.

ابڙي اونس ڪيا ٻاري ٻار ڪپا.

ميان الهڏني به بتن جي ندا ۽ اسلام ۽ پيرن جي ساراهه ۾ عاليشان نظم جوڙيو هو جنهن جون ڪي مثالي سٽون پيش ڪن ٿيون، جنهن ۾ ميان جيمنري کي بچاءُ جو آڌار اولياء سمجهيو آهي.

مولي رکيو منري(1) کي اوليا جي آڌار،

برڪت نبي ڪريم جي، سڀ اڪري پئا پار.

مدحي شاعرن مان محمد يوسف سائل به هڪ هو. هن صاحب حضور اڪرم ﷺ جن جي ساراهه ۾ ڪافي مولود چيا هئا. جنهن مان هڪ مولود سندس احوال ۾ ڏنو ويو آهي، نه صرف ايترو پر جيئرن بزرگن جي پڻ ساراهه ۾ ڪيترن شاعرن ڍڪ ڀريا آهن. ڪڇ ۾ باقر شاهه کي چڱو درجو حاصل هو. هن جي ساراهه ۾ ڪيترن شاعرن شعر چيا هئا. جنهن مان سندس ٻالڪي ”ميران“ جا ڀڄن خاص مشهور آهن:

ٻائو،[1] باقر شاهه ني[2] سرگاپوري،[3] ني ڀڳمي[4] وارا،

نم نيا جانمرا، جين ۾، جنين ڀوتين جا پاڙا الخ.

ميران پنهنجي مرشد جي دل کولي ساراهه ڪئي آهي. جنهن لاءِ مٿيون ڀڄن ميران جي بيان ۾ ڏنو ويو آهي.

ميان صاحب آرکاڻي، راجا جو خاص درٻاري ڳائڻو هو. هن ڪڇ جي راجا جي سٺي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن:

ڏٺي پانچم جي هسواري، جنهن ۾ عجب رنگ اسراري،

منهن ڏٺو ماڌوبا جو سرتا وئي ساري.

 

هاٿي گوڙا[5] هلن مثلين مثلين، بيگل وڄي ٿي باري،

هيرا جوئر[6] ماڻڪ موتي، تخت ڏٺو مينا ڪاري.

نه فقط پيرن ۽ اميرن کي ڪڇي شاعرن ياد ڪيو آهي، جيئن ٿورا مثال ڏنا ويا آهن، پر پنهنجي دوستن کي به نه وساريو آهي. احمد جو الهڏنو هزاريو دوست هو. هن جي ياد قائم رکڻ لاءِ هن هڪ پرولي ٺاهي ته:

”ڇهين هزارين ورتو گهٽيو،

ڳالهه جي ڳالهه، کيٽي جو کيٽو“.

يعني الهڏني هزارئي ڇهن روپين ۾ گهيٽو ورتو آهي. جا ڳالهه جي ڳالهه چرچي جو چرچو به آهي.

(2)مزاحيه:

ڪڇ ۾ مزاحيه شاعري به عام آهي. ڪنهن به سکر تان شاعر مور ڪونه ٽرن. جيڪڏهن شاعر سچ نه چيو ته اهو جيڪڏهن شاعر سچ نه چيو ته اهو شاعر ئي ڪهڙو! ڪڇ جو مزاحيه شاعرن مان پهريون نالو عمرلوهار جو اچي ٿو. جنهن سان ڪنهن ٻاروٽ چرچو ڪيو هو ته:

ڏاڙئي ڏي ڏاتار ته، چارڻ ڪرين چوٽيا

جواب ۾ عمر وراڻيو:

ٻائڙي ڏي ٻاروٽ ته: گهوٽ وٽائين گهوٽيا.

يعني؛ اي عمر تون وڏي ڏاڙهي کڻي ڏي ته چارڻ ڪي رسا وٽين. ”تنهن تي عمر جويب ڏنو ته، ”تون به کڻي پنهنجي زال ڏي ته ڪي وانڍا گهوٽ وڃي ٿين.“اهو ڏينهن دنگ وري چارڻ هن يار سان مذاق نه ڪيو.

عمر کان پوءِ، مزاج ۾ قاسم ٻائي جو نالو اچي ٿو.هن بزرگ پنهنجي پٽن جي شادي ڪرائي هئي ۽ هرن مان ڏاڍو تنگ ٿيو  هو. سندس نهرن جي گهڻي ستائڻ تي ڪافي ٻڌائين ته؛

جندر[7] ڦيريو جان سين،ڪ واري ٻڌو چوٽا،

اٿو ٻايون[8] اٽا پيهو، جندر فيريو.

ڪڪڙ ڪڇيا مور ٻوليا،ڪول[9] ڪيا ڪڻڪارا،

جالر[10] وڳو جولر وڳي، صبح ٿيا سوارا.

هيڪري ٻئار[11] جي ٻئي سئاجي، ترئي[12] پاڻيءَ جي پچارا،

ڇورا رنا ڇوريون رنيون، لاڏين ڏنا لوڏا.

 

قاسم ٻائي[13] چئي ڪل جڳ ۾ سڻن پٽئين جا سئرا[14]

ڀڄڻو هجي ته ڀڄي وڃ نڪا[15] نورئين[16] کنيا ٽوڙا.[17]

اها ڪافي ٻڌي، کيس نهرن وري نه ستايو. مزاح ۾ رڻ مل ٻاروٽ به ڪو گهٽ ڪونه هو. ڪنهن کي به سچ چوڻ کان اصل نه رهندو هو. هڪ دفعي مائيءَ حليمان کيس چيو ته ”منهنجي پٽ ڇنڀو جي واکاڻ ۾ ڪو شعر ٺاهي ڏي.“ هن ڳالهه ٽاري ڇڏي. پر مائيءَ ٻه ڏينهن رکي، وري کيس اچي چيو. آخر جڏهن مائي کيس تنگ ڪيو ته هن چيو ته، ”چڱوحليمان سڻ تونجي پتر جي ساراهه:“

نه گهڙو نه گهڙي، نه پاڻي جو ٿانو،

واه حليمان واه ڙي، جو ڇنڀو رکيس نانوُ.[18]

حليمان سندس منهن ڏسندي رهي گهوڙي تي چڙهي هليو ويو ۽ چارڻن لاءِ اهو مثل مشهور آهي ته ”هوجهڙو ڏسن اهڙو چون ۽ ڪنهنجو ڪونه رکن.“

ميان حاجي حسن سهتي جو ڪتي سان جهڳڙو ۽ ڪاراڻي صاحب جي ”چان ۽ ڇانءِ“ جو جهيڙو به ڄڻڪه مزاح سان ڀريل ڀنڊار آهي.

ميان حاجي حسن جي سري ۾ ڪا ڪتي اچي هري هئي، ان رات ميان جي کاڌي لاءِڪا ڳڙ ڳنڍي آندي هئي، سا ڪتي اچي کائي وئي. اتفاق سان ميان جي کي به سار ٿي پئي ۽ پوءِ ته ان کي پڪڙي ڏاڍي مار ڪڍيائين ۽ ڪيائين ساڻس سوال جواب. ميان ڪتي کي چيو ته:

کاڌي ڳنڍي ڳڙ جي، سا ڳڙڪي ڪين ڳلي[19]

جاڳو هوسين ته جهڙي[20] رکيونم بوڇي[21] رن  ڀلي،

هاڻ ماڻهو چار ملي، پرڻائيندوسين ڀڳت پتوءَ سين.

ڪتي جواب ڏنو ته:

پرڻائيندي ڀڳت پتوءَ سين، سو ڀڳت آهي مون ڀيڙو،

آنجي[22] لڏ لڏي وئي، مون پٺيان کنيو پيرو،

ڏسي وانڍيون وڏيرو، مون ڇڏيو ڇاڏو راءِ کي.

ميان جي ڪاوڙجي چيو ته:

ڇڏي ڇاڏو راءِ کي، سو سنگت جي سري،

ارڏي لڏ اسان جي، جنهن جي آئين اڪري،

جي تپي هنيومين[23] تلڙ، تان به وجهندئين تيري،

تونجا کيٽ چڙئيا کيري، وري وڃ وطن کي.

ڪتي به ڪا سڄاڻ هئي، تنهن جواب ڏنو ته؛

وري وڃا ڪيئن وطن کي، ڪهڙا سڳا مون سيڻ

آنجو صدر سرو ڏسي، مونجا ٺريا نيڻ،

هاڻ وڌا ڪڍين ويڻ، ته به منهنجو موٽڻ مس تئي.

اهو ٻڌي ميان جيءَ کي سخت ڪاوڙ اچي ويئي:

تنهنجو موٽڻ مس ٿئي، ڪين خاطو گهرين تي خط،

ڪين[24] جا مڙس ماٺيڻا، ڪنهن جي گهپيءَ واري گت،

هاڻي ڏيئي لڪيءَ[25] تي لت، سوگهو ڪندوسين سنگهر ۾.

پرڪتي به ڪا ڏاهي هئي، تنهن چيو ته:

سوگهو ڪري سنگر ۾ ڪنين[26] ڪڄاڙو؟

ڪتا نه پيئن قيد ۾،نه وهٽن جيئن واڙو،

نه نيئرتنهن کي اٺن جيئن،نه ترم[27] نه تاڙو،

جي موڪليندين ملڪ کي  ته مٿي پوندءِ ڀاڙو،

تنهن کي معاف ڪر تون مون کي سهي وڃ ساڙو.

تنهنجي کاڌي ڳنڍ جي ڳڙ جي، نه دوست هنيم داڙو،[28]

تو ڪيو آهي ميان جي، مون کي جڳ ۾ اگهاڙو،

جڳ ۾ جهاٻاڙو[29] ڪيو ڪنهن نه ڪتن سان.

ميان جي ڦڪو ته ٿيو، پر جواب ڏيڻ لاءِ لازم هو ۽ چيائين ته:

ڪيو ڪنهن نه ڪتن سان، پرمون کي مت آئي،

ڇڏ لڳر لچائي، پاسو وٽ پنوهار جو.

پر ڪتي سڪوجواب ڏنو:

پاسو وٽان نه پنوهار جو، هنن سکن مان هاڻ

پئا آهن منهنجي پيٽ ۾ خاشا[30] کير کٽياڻ،

تکر طبيعت تنهنجي کان اڳي هيس اڄاڻ،

هاڻ ميان جي مون ساڻ، پرچي ڇڏ تون پانپرو[31]

هاڻ ميان جي کي به مت آئي، سو به راضي ٿيو ۽ چيائين ته:

پرچي ڇڏيندس پانپرو، جي مڙي آندي ميڙ،

هلندئين تون ”حسين“ سين، ته کونٽين ۾ پئي کيڙ[32]

هاڻ ويئي اجهامي ويڙهه، مون معاف ڪيو، تون مان ڪر.

ميان جي حسن جي مزاحيه مدح پڻ سندس بيان ۾ ڏنل آهي. جنهن ۾ عورتن جي سينگار جو ذڪر مزاحيه انداز سان ڪيو اٿس.

ڪاراڻي جي چانهه ۽ ڇانءِ جو جهڳڙو به لک لهندڙ آهي. ڪي بيت مثال طور پيش ڪجن ٿا:

وڻٺيل[33] واري ويٺي هئي، ڳلي نه ڪر تو ڳال

ڪڇئون نٿا تيئن ڪڏين ٿي، ڇائي رن ڇينال،

لکين ۾ ليکي نڪو، تيڙهو تنهنجو تال،

ههڙا ٿي ويا حال، ته به تراڙئين پئي اچين.

 

تراڙئين ته تون ٿي اچين، ڪڏيل ڪجياري،

ڪوهه ڄاڻان تون ڪٿ هئين، ڪاري منهن واري،

مٺو ڏني ملڪ کي مڙسين جي ماري

ڪنڀار هن ڪڇ جا بنائي بيکاري

ڀڄ تون بک ماري ڪپاتر[34] ڪڇڙي[35] منجهان.

 

رتي جوڙ ٿي چانهن جي، انڱ، جهري اڱار،

ٻايون[36] ٻه ٻروپيون[37] سو تپي ٿيو تيار،

تڏهن سڻي سو تڪرار، ماڻهو ڀيڙا ٿيا مڙيئي.

 

ماڻهن کي چانهه چيو، هاڻي هت نه رهان.

ميهڻا اوٺا[38] ڇانءِ[39] جا سي آءُ ڪُري[40] لاءِ سهان

منهنجي من جا سا، چوکي[41] آنکي ڇان،

وڃي وائي ۾ پئان، ته پاڇي نه ورندس پوئتي.

 

چاءِ هلئي تڏهن نرين جي، هٿ ۾ رهي ناڙي،

وجهي ڦاهو ڳچي ۾، نميا نر ۽ ناري،

معاف ڪر ماڙي[42] ڀل ٿي ڀاري، ڇهون نه اڄ کان ڇان کي.

 

ڇوهئون نه اڄ کئون ڇانءِ کي، ڪڍون ڇانءِ جي ڇٽ،

ڪنهن کي پاهڻا هٿ ۾، ڪنهن اپاڙي[43] لٺ،

ٻرسين پٿر پائي، مٽڪا جهوريئون ڇانءِ جا ڦڙاڪ ڏيئي ڦٽ،

نامي[44] نه رهي نپٽ، اتي ڇيلو[45] هليو ڇانءِ جو.

 

ڇيلو هليو ڇانءِ جو تڏهن هليا گيهه ۽ کير،

حب ويا هيت ويا، ويا هينئن جا هير،

چانءِ اچي چوسي ڳڙا[46] نرويرئين جا نير،

ٿي ساڻيهه  ۾ سڌير، ”ڪاراڻي“ چئي ڪڇ ۾.

ورهاڱي وقت مولوي احمد جت به مال وٺي هت سنڌ ۾ آيو هو، پر سندس مال کلي ڪنهن به پنهنجي ٻني ۾ نه ڇڏيو. پوءِ هو وڏيرن رئيسن، ميرن، پيرن، اميرن وزيرن ۽ گورنرن جي نلائي سان هڪ لنبو چوڙو نظم چوندو پئي ويو. جنهن ۾ هن جي ٿلهه جي مصرع هئي ته :”پر من ڪو وري وارو وري.“ ”پوءِ ڏک روئيندي وري به وڃي ڪڇ ۾ آرامي ٿيو.

(3)   عشق:

عشق جي سنهري نالي سان ئي دنيا ۾ مٺ محبت ۽ پيار جون ڳالهيون هلي سگهن ٿيون. عشق نه هجي ته دنيا کوکلي ۽ پوري ٿي وڃي ها.

عشق ۾ لوڪ ڪٿائون پهريون درجو رکن ٿيون. جنهن ۾ لڪ ڪري شاعر پنهنجي درد ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. عشق جو عنوان هر ڪنهن ملڪ جي شاعرن اڳيان رهيو آهي. انهي ۾ قربائتي ڪڇ جا بزرگ بهڪو پانهون ڪونه پيل آهن:

چڱو جت، ماروئيجي واتان پنهنجي ڳوٺ جو عشق ظاهر ٿو ڪري ۽ فرمائي ٿو ته:

چري چري چت پئا، مون کي ونهيان ويڙهيچا،

الله اوٺي آڻئين، منهنجا پانڌي پانور جا،

هڪڙا پيد پيرن ۾، ٻانهن ۾ منجهه ٻئا،

او! مارو ٿر ٿيا، آءُ ڏيان ڏوراپا ڪن کي.

جهڙي طرح ماروي کي وطن لاءِ عشق هو اهڙي طرح ”چڱي“ کي به وطن لاءِ حب هئي، جنهن لاءِ مٿيون بيت شاهد آهي.

پير غوث محمد شاهه هونئن  ته هڪ وڏو بزرگ هو ۽ سندس بزرگي جي هاڪ هئي پر محبوبن اڳيان سندس حالت لاچاري تي وڃيو ٿي بيهي. جڏهن مهر ڪري پرين پڌارين ٿا، تڏهن خوشي ۾ اچي چئي ٿو ته:

ڀلي آيا سيڻ اسان جي گهر ري،

هيرا جواهر، ان جي جتيئن جڙايان،

ٻيو گهوريان ان تان گهرڙي، ڀلي آيا:

غوث محمد شاهه چئي کسيءَ[47] منجانرا،[48]

ديکيان ان جو در ڙي، ڀلي آيا.

مجازي عشق ۾ ڪڇ جا شاعر پورا هئا، پر روحاني عشق جا ڪوڏيا هئا. منٺار شاهه ۽ باقر شاهه جو ڪلام ڏسبو ته منجهس جوڳين جي محبت ۽ پيار جون ڪيئي تصويرون نظر اينديون. منٺار شاهه ماءُ کي چئي ٿو ته:

لڳو مون کي ماءُ جوڳيڙن جو ٻاڻ،

لڳو ڙي مون کي ما ‎ءَ ساميئڙن جو ٻاڻ.

 

جوڳي هئڙا جوءِ الا، راتو ڏينهن هئي رهاڻ،

سامي سنڀوڙا سفر کي، ڪوئي نه ڪيائون پرياڻ،

مڙيون[49] ڏسي ميون منٺار چئي، سک نه اچي ٿو هاڻ

لڳو مون کي ماءُ جوڳيئڙن جو ٻاڻ.

پرجوڳيئڙا ڪهل سکيا ئي ڪٿان آهن! هو ته سدائين سفر لاءِ پئا سنڀرن هنن کي حاصل ڪرڻلاءِ ته ننگو ٿي نڪرڻ جي ضرورت آهي. سيد باقر علي جوڳين پويان ننگو ٿي نڪري ٿو:

سامي مونجا[50] سيڻ، توني لنئون لايو

توني لنئون لايو، تونجي ريتن ريجهايو،

ننڍو تي ني[51] نانگو نڳيو[52] تڏهن سامي وڃي سک پايو.

سامي مرلي سون جي، واڄا وڄائينديو آيو.

باقر شاهه چئي بيک جو، هت پرو ڪنهن نه پايو.

ميون ملوڪ کوڙ به عشقيه شاعري ۾ ڪو گهٽ نه آهي. سسئي جي ويس ۾ اچي هن طرح ٿو دانهون ڪري:

هاڙهي پوءِپچار ڪميني جي ڪيچ ۾

ڪميني جو ڪيچ ري، ڪونهي ڌڻيان ڌار،

مين جي ملوڪ چئي ڪاڏي ويئي قطار،

ڪندو ڏمر ڏيٺ سڀان ساڻ سڀڪنهن.“

۽ سهڻي جي ويس ۾ اچي هن طرح سمنڊ ٿو جهاڳي:

سچ وڃي سهڻي پرندي، ساريون راتيون سمونڊ ۾.

پي نيپيالو پر ٿي، چڪي مان چاندي.

لهرين لوڏي ڇڏئي، ڪن به ٿيا هس ڪاندي[53]

ساڳئي سهڻي جو درياهه مان اڪرڻ جو نظارو ميان صاحب پيو ڏيکاري، ڄڻڪر اجهو سامهون سهڻي وڃي رهي آهي. اهي سڀ عشق جا آثار آهن، نه ته ڇا سهڻي نٻل ۽ نست زال ۽ ڇا درياهه جا دم:

وچ درياهه ٿو ڌڌڪي وڃي گهڙندي،

ڪين ورندي لهرين سانپئي لڙندي

شال ڏسان ڪو ميهار....

هي درياهه جي دنشٽ،[54] سيرپاڻي ۾ ناهي گهٽ،

وڄي تان دهل ڪري دم دم، تهڙو ڪنين جو ڪوڪٽ،

ڀاگوئڙا مڇ مڇيون ڪرين[55] تا[56] جت آگهٽ،

مرڻ حق لاٿم شڪ، جيئڻ لاءِ پئي جلندي..

(4)   جنگ نامو يا رزميه شاعري:

هر ڪنهن قوم ۾ ڪي نه ڪي سورهيه ٿي گذريا آهن، جن جو ڪو، وقت جي شاعرن وقت به وقت ذڪر پئي ڪيو آهي. اهڙي ذڪر ۾ ڪيڏاري جا بيت هوبهو جنگ جو نظارو اکين اڳيان آڻيو پيش ڪن.ڪڇ جي ميدان تي ڪيئن سپتو وطن تان صدقي ٿيا، جن جي بهادري جا ڪارناما رزميه شاعري مان ملن ٿا.

سومرن جي وقت ۾ جڏهن دودي ۽ چنيسر جي ذاتي جهڳڙن جي ڪري ڪڇ به بچي نه سگهي ۽ سومريون ابڙي سمي جي سام لاءِ ويون هيون، تڏهن علاؤالدين جون فوجون به پٺيان ڌوڪينديون ٿي ويون. جن جي مقابلي لاءِ ابڙو فوج وٺي ميدان جنگ ۾ آيو هو. نيٺ مغلن کي ماري پاڻ ملهايائين ۽ آخر پاڻ به مري هميشه سورهين ۾ پنهنجو نالو ڇڏي ويو. پٺيان سندس عزيز پڻ جنگ ۾ ڪاهي پيا سپڙ۽ سالار جنگ ۾ مغلن ۾ گهڻو مارو ڪيو هو. ان سلسلي ۾ ڪڇ انهي قصي جي ياد لاءِ سومرين جون جڪڙيون گهڻيون مشهور آهن، انهن ۾ سومرين پنهنجا ڏک رنان آهن. مثلاً:

اُڀريو آس ڪري ماڻي مٿان سج،

ابڙا ڄام تو ڪي ٿي ڪلام.

 سپڙ سالار ابڙو ٽيئي جود جوان،

سمن جي ڏينهن ۾ جيڪو پڳ تان تڪرار هو، تنهن کي به ڪڇي شاعرن نه وساريو ۽ چئي ڏنو اٿن ته:

سما جڏهن هئا ساموئي ۾، تڏهن ڄام نندي تي هئي،

تينهان پوءِ پئي، ڀاڳ تراڙين وچ ۾.

پوءِ جيڪو تراڙ جو ڏاڍو هو ۽ پهلوان هو، سمن جو سوئي سردار ٿي ٿيو.

راجا انيراء(1)ڪڏهن ڪڇ جي گڊ تي ڪاهه ڪئي هئي ۽ ناريون  ڀري اچي ڇوڙيون هئائين. پر گڊ کي ناريون ڪجهه به ڪري نه سگهيون ۽ ڪڇ جي ڪنهن شاعر تنهن تان هڪ بيت (دوهو) ٺاهيو:

آڻي آنيراء اڇليون ڀيريون ڀيم ڀري،

لڳي گلولو گرنار کي، جوکو ڪيم ڪري.

ڪڇ جا گڊ اڪثر ٺاهڻ وقت خاص خيال رکلي ٺهرائبا هئا ته جيئن جنگ وقت سٺو ڪم ڏيئي سگهن اهڙن مان مٿيون گڊ به هڪڙو هو. ان طرح اتي ڦلاڻي به لکل رپيا خرچي ڪيهري ڪوٽ اڏايو هو. ان وقت جو لک وڏي اهميت رکندڙهو. تنهن کان سواءِ گهڻا ماڻهو ته ائين ئي ڇيڙ ۾ وهيا هوندا.

تڏهن به ڪيهري ڪوٽ لک رپيا کائي ويو:

لاکي ڏيئي لک، ڪيهري ڪوٽ اڏايو.

ڪڇ جي پراڻين لوڪ ڪهاڻين ۾ هڪ ٻيو به رزميه قصو ملي ٿو جو وزير ويرچند ۽ بادشاهه سارچند نالي سان منسوب آهي. اهو بادشاهه ۽ سندس وزير گڏجي شڪار تي ويا هئا، وزير ۽ بادشاهه کي هلندي هلندي لشڪر کان ڇڄي وڃڻو پيو ۽ هو رڻ واهي ٿي ويا. پوءِ هلندي هلندي وڻڪار ۾ آيا جتي بادشاهه ساڻو ٿي ڪري پيو ۽ وزير پاڻي جي ڳولا ۾ نڪري پيو. کيس هڪ ويئر نظر آئي، جا ڏاڪڻ تي هئي، وزير اندر گهڙي ويو ۽ وڃي ساندارو ڀريائين پر جان کڻي ڏسي ته ويئر هڪ سر تي لکيو پيو آهي:

سارچند صحيح مرندو، ويرچند هٿان،

سسي ڌڙ مٿان، وڃي ڪرندي وائيءَ ۾.

اهو ڏسي هن يڪدم مٽي ڪڍي انهي تي لڳائي ڇڏي ۽ پاڻ نڪرڻ لڳو. پر بادشاهه به اچي نڪتو کانئس دير جو سبب پڇائين جنهن انڪار ڪيو آخر قصو جهڳڙي تي پهتو. جنهن تي وزير ڪاوڙجي بادشاهه کي سامهون ٿيو. تلوارون نڪري آيون ۽ وزير غالب پئجي ويو ۽ بيت سچو ثابت ٿيو ۽ بادشاهه جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿي وڃي وائي ۾ ڪري.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ جيڪا جاري وٽ جنگ لڳي هئي سا به ڪڇي ڪونڌرن جي هڪ نشاني آهي. جاري ۽ جمارا جي وچ ۾ اڄ به سنڌي سورهين ۽ ڪڇي ڪونڌرن جا ڪرنگهل پٽ ۾ اوليا پيا آهن ۽ پراڻي جنگ جي ياد ڏياري رهيا آهن چون ٿا ته انهيءَ جنگ ۾ هڪ ٻه کونڌ ٿيا هئا.

محمد اسماعيل جو ساٿاري جمال صاحب مولودن جي مصرعن ۾ ڪٿ ڪٿ رزميه شعر چوندو پئي ويو آهي. هڪ مولود جي هڪ مصرع هئين نقشو چٽيو اٿس:

رمي ويٺو رڪاب تي گوهر ڏيئي گوڏو

الا، محمد ملحد ماريندو، اوکي ۾ اڄ ايندو.

امام حسين جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ ڪيئن شاعر مرثيا چوندا آيا آهن جن ۾ رزميه نقش چٽيندا ويا آهن. ميون ملوڪ کوڙ، عمر لوهار ۽ الهڏنو پڇمي تن مان خاص آهن. ملوڪ کوڙ فرمائي ٿو ته:

اڄ امامن تي اوکي آئي، آگي ان جا نام وڌائي

دين تني جا درست رکائي، مٿي رڪ رئي.          

نام موليٰ جي سر لٽايو.

خوشي مان اچي کيما کوڙيائون

جونش[57] مان تن جنگ جوڙيائين.

مصيبت کان منهن نه موڙيائين،

[هيبت مان اُٿي هاڪ هنيائين]

دهشت مان ان جا ڌڙ دٻايو.

ڏوهه[58] ڏينهن (ڏهه راتيون) سختيون ڏٺائون،

ويل وچين جي امر مڃيائون،

کوڙ ملوڪ چئي، رب رضائون،

سوين ملائڪين سيج کنيايون،

جنت ۾ ان جا هنڌ جوڙيائون.

عمر حسين لوهار هن ريت نقشو جوڙي ٿو:

حسن حسيڻ سئيدي[59] ۾ هئا، تڏهن وائين[60] ترار،

ان ڪافرجي عمر لوهار چئي، نرمل ڪجا نيار[61]

ڪسڻ جو قرار، حسڻ مير حسين سين.

الهڏنو شاهه ڪربلا جي قضئي کي هن ريت دهرائي ٿو:

ڪربلا ۾ ڪالهه لڏيا لال، ڪريان ڪهڙي تن ڪيهي،

شيرن شا، ڇا بيان، ڪريان هاڻ هت ويهي،

اڃيا آب، بي حساب، وڍيا وير ڪربلا ۾،

آيا ميدان منجهه بيبان، ساري خيمان بيٺا سو،

سامئا شمر ٻڌي ڪمر، جني جوان بيٺا سو،

جهليئون جان تي نيشان، تفنگ تير ڪربلا ۾.

الهڏنه شاهه بي پرواهه احد الله آهي،

عجب انسان اعليٰ شان، ڇڏئين ڪربلا ڪهائي،

وهي رت جا  هليا ريلا، نديون جيئن نير ڪربلا ۾.

مٿين نظم ۾ بهادرن جوهيبت سان ڪاهي اچڻ،جنگ جي ميدان ۾ سختيون سهڻ، سجدي ۾ ڪسڻ، جنگ جي ميدان ۾ معصومن جو اڃ مري به جنگ جاري رکڻ، جان تي تفنگ ۽ تير سهڻ ۽ رت جا ريلا وهي هلڻ وغيره نظارا چٽيل آهن. ڪڇ وارا رزميه نظم کي ڪيڏاري جي نالي سان به ياد ڪن ۽ سهندڙي جينالي سان به دهرائين. لا ۾ پڻ سهندڙي (ڪيڏاري) کي ڳايو ويندو آهي. الهه بخش لهڻائي شيخاڻي گهاڙي وارو، سهندڙي جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، انهي تي به ڪڇي شاعري جو ٿورو گهڻو اثر پيو آهي.


(1) منرو ڪڇ جو مشهور قديم شهر آهي

 ٻائو = سيد.

[2]  ني = ۽.

[3]  سرگاپوري= سرگ واسي، بهشت وارو.

[4]  ڀڳمو = ٻڪاني.

[5]  گوڙا = گهوڙا.

[6]  جوئر = جوهر.

[7]  جندر = جند.

[8]  ٻايون = خانداني عورتون.

[9]  ڪول = ڪوئل.

[10]  جالر = جهالر.

[11]  ٻئار = ٻهار.

[12] ترئي = ٽي.

[13]  ٻائو = سيد.

[14]  سئرا = سهرا.

[15]  نڪا = نه ته.

[16]  نورئين = نهرين.

[17]  ٽوڙا = رسا.

[18]  نانوُ = نالو.

[19]  ڳلي = ڳهلي.

[20]  جهڙي رکڻ = مارڻ.

[21]  بوڇي = بڇڙي.

[22]  آنجي = اوهان جي.

[23]  هنيومين = مون هنيو.

[24]  ڪين = ڪنهن.

[25]  لڪي = نڙي.

[26]  ڪنين = ڪندين.

[27]  تُرم = قيد خانو

[28]  داڙو = ڌاڙو.

[29]  جهاٻاڙو ڪرڻ = انسان جو ڪتي جيئڻ وڙهڻ.

[30]  خاشا = خاصا.

[31]  پانپرو= ظلمي جنگ، پاپ جهڙي جنگ.

[32]  کونٽين ۾ کيڙڻ = پنهنجي مرضيءَ سان ڦڏي جا ڪم ڪرڻ.

[33]  وڻٺيل = واهيات.

[34]  ڪپاتر = نڀاڳي.

[35]  ڪڇڙي = ڪڇ.

[36]  ٻايون = سکر زالون.

[37]  ٻروپيون = ڪاوڙيون.

[38]  اوٺا = خراب.

[39]  ڇانءِ = جهڻ لسي.

[40]  ڪُري = ڇا.

[41]  چوکي = نج.

[42]  ماڙي = امان ڙي!

[43]  اپاڙي = کنئي

[44]  نامي = نالي کي.

[45]  ڇيلو = وهنوار.

[46]  ڳڙا = ورتا.

[47]  کسي = خوشي.

[48]  منجهانران = منخمانران.

[49]  مڙيون = مڙهيون.

[50]  مونجا = منهنجا.

[51]  ني = ۽.

[52]  نڳيو = نڱيو، نڪتو.

[53]  ڪاندي = ڪانڌي

[54]  دنشٽ = دهشت.

[55]  ڪرين = ڪن.

[56]  تا = ٿا.

(1)  ڪن جو چوڻ آهي ته انيراء انڙ سمي کي چيوويندو هو، جنهن سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو پايو وڌو. پاڻ ڪڇ ۾ پنهنجا پٽ وهاريا هئائين. گجرات جي ڪن حصن تي حملو ڪيوهئائين. سنڌ ۾ هميرجي وفات کانپوءِ 751هه ڌاري  سنڌ جو والي ٿيو. هن سومرن جي طرفداري جودڻ کي آڳڙي ۾ ماريو. ۽ پاڻ انڙ ڪوٽ(لڳ گولاڙچي بدين) ۾ ڪن دشمنن هٿان سر ڪٽائي زندگي جي جهڳڙي مان آجوٿيو هو.(س، ش)

[57]  جونش = جوش.

[58]  ڏوهه = ڏهه.

[59]  سئيدي = سجدي.

[60]  وائين = واهين.

[61]  نيار = نهار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org