سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :23

ڪڇي شاعر ۽ اديب

ڪاراڻي پاراڌي

جهڙي طرح هينئر اسان وٽ محترم شيخ اياز صاحب اعليٰ درجي جو شاعر آهي ۽ جهڙس سنڌ ۾ ٻيو ڪو شاعر نه آهي. اهڙيءَ طرح ڪڇ ۾ ڪاراڻي پاراڌي جهڙي اچي درجي جو شاعر شمار ڪيو وڃي ٿو، ۽ انهيءَ جهڙو ٻيو شاعر ڪڇ ۾ هن وقت ڪونه ٿو ملي.

هي ڀلارو ماڻهو بي اي. ايل ايل بي تائين پڙهيو. اعليٰ درجي جو وڪيل هو، پر وڪالت جي بدران تعليم کاتي ۾ ڏينهن صرف ڪيائين. ڪڇ ۾ تعليم کاتي جو وڏو آفيسر ٿي رهيو ۽ انهي کاتي مان رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ ڪڇي عل و ادب جي خدمت ڪرڻ ۾ ڏينهن گذاري رهيو آهي. ڪڇ جو مهاڪوي ”ڪاراڻي“ پنهنجي اعليٰ ڪلام سبب سڄي ڪڇ ۾ مشهور آهي. سندس هند، گجراتي ۽ ڪڇي ۾ ڪافي ڪتاب لکيل آهن جن مان ”ڪاراڻي ڪاويه“ خاص مشهور آهي.

موجوده ڪڇي ٻوليءَجي مطالعي لاءِ، سندس ڪلام کان وڌيڪ معتبر اسان وٽ ٻيو ڪوبه سهارو ڪونهي. سندس دوها ۽ بيت ڪڇي ٻولي جي ترجمان جي حيثيت سان هتي پيش ڪري رهيو آهيان.

دوهو

روئندي کٽي راتڙي، کٽا هئين جا هير،

سيڻن منهنجي سڙ کنيا، نئين کٽا نه نير.

بيت

آنسوڙا اکيئن کٽا، کٽي رات پرڀات،

تن مان تنهنجي تات، کٽي نيئن کٽا نه نير.

 

آنسوڙا اکيئن کٽا، تن جي کٽي تڻار،

پرين تو جا پار، ڪامل ڪٽين نه ڪين ڪنڌين.

هن ڀلاري بزرگ ”چانهه ۽ ڇانءَ“ (لسي) جو جهڳڙو به ڏاڍي دلچسپ پيرايي ۾ ڳايو آهي. پاڻ ٻنهي کي جهڳڙو ڪرايو اٿس، لسي کي چانهه جي هٿان هار کارائي ختم ڪرايو اٿس ۽پوءِ ٻڌايو اٿس ته ”لسي ويئي ته مُلڪ مان محبت ۽ قرب به لڏي ويو.“

حب ويا هيت ويا، ويا هنيئين جا هير،

چاءِ اچي چوسي ڳڙا، نر ويرين جا نير.

چانهه جي ڪري محبت ۽ سگهه ماڻهن وٽ نه رهي ۽ اُهي مريض ٿي پيا. اهو دلچسپ قصو پڙهڻ ۽ پروڙڻ جهڙو آهي.

چانهه ۽ ڇانء (لسي) جو جهيڙو

ڪڇ جي رڻ ڪنڌي تي، نيلي ٻني نئار(1)،

نيلا نيس(2) نواڻ ۽ گاهه نيلا گلزار،

ڳويون مينهون متاريون، گيهه ۽ کير اپار

پرهه ڦٽي پرڀات ٿئي، ڇانءِ(3) ڪري ڇمڪار،

پاسي ۾ رڻ پار، چانءِ چڙهي آهي چل تي.

 

ڇانءِ: چانهه چڙهي آهي چل مٿي، اڪري ٿو ڪاڙهو،

سڻي درسڪو(1) ڇانئي جو، سور ٿيس ڪارو،

چانئين(2) چئي ڇانئي کي ”کڻ تنهنجو پارو،

آءُ هئان تت تون نه هئين، اي منهنجو ڌارو،

ٽاڻي منهن ڪر ٽارو، ٽر هاڻي ڪڇڙي منجئان(3).“

 

ڇانءِ: ڪيئن وڃان ڪڇڙي منجهان، ڪڇڙو منهنجو گهر،

رسئين رڻ ڪنڌئين تي، موت پئي تون مر،

تون جنئن(4) پاسي چڙئين تنئن(5) کي رکين تر،

ڪيسريا ٿيا ڪانئر، جڏئن(6) پناري تنئجي(7) پئا.

 

چانءِ: پناري منهنجي پئا، سو خلق ملڪ جا خان،

ترڪيءَ کي توري ڳڙيم، هيريم هندستان،

چرڻ ڪمل منهنجا چمن، ايران عربستان،

مونکي ٿو جهڪي جهان، ڪير ويچارو آهين ڪڇڙو؟

 

ڇانءِ: ڪڇ ويچارو اڄ ٿيو، جو ڪئين تنهنجو ڪسنگ(1)،

ڪيسريا ڪڇي هئا، سي هن اوني تي اٽنگ،

ڦلاڻي پتيو، ٻئا ابڙاڻي اڙٻنگ،

روپا رڻ ويرين، جت جاري جهڙو جنگ،

تنهنجو پيو سنگ، تڏهن ڪمام(2) ڪئي ڪڇ جا.

 

چانءِ: ڪمام نه ٿيا ڪڇ جا، ٿي ويو سڌارو،

تنئنجو هن ڌرتيءَ مٿان، وٽائي ويو وارو،

منئنجي آڻ مڙني مٿي، منهن تنهنجو ڪارو،

منهنجو ستارو، ڪئڙو چڙهئو ڪل جڳ ۾!.

 

ڇانءِ: ڪل جڳ جي تون ڪالڪا(3)، ڦير تنهن ۾ نه جرا،

ڪوپ رڪابيون ڪيٽليون، اي کيٽ تنهنجا کرا،

سينئن(4) جئڙا سوسي ڪري، ونگڙا ڪئي ورا،

برکي راڻو رت، ۽ مڙسئين کي ڪئي مڙها،

ڌٻي هلي ڌرا، ڏاڪڻ تنهنجي ڏپ(5) سان.

 

چانءِ: ڏاڪڻ جؤ مَ ڏڪري، ڏاڪڻ تنهنجي ماءُ،

آهيئن ڇٽاري ڇانءِ تون، آءُ اميري چانءَ،

ڪافي منهنجي ڀيڻ، ۽ ڪائو اسان جو ڀاءُ،

آهي ڪسونبو اسان جو، سڳو وڏو ٻاپا،

ايءَ ته نو کنڊي راهه، وڏا اسان جي وس ۾.

 

ڇانءِ: واکاڻ تنهنجي وس جا، بنائي تون ڀاري،

سڄڻا(1) ٿي تنهنجي سڄي، پيڊي(2) پڊ ٻاري،

آفيڻ ڪارو نانگ، ۽ نانگڻ تون ڪاري،

ڪاوو ڪوڏڙئي وارو، ڪافي گجاري،

سونئي(3) بني(4) ساري ته به ويلوئي(5) وڻيٺل(6) سڄو.

 

چانءِ: وڻٺل واري ويٺي هوءِ، ڳلي نه ڪر تون ڳال،

ڪُڇئون نٿا تيئن ڪُڏين ٿي، ڇائي رن ڇينال،

لکين ۾ ليکي نڪو، تيڙهو تنهنجو تال،

مرندي به مرسائيءَ ۾، ڪڇين ويٺي ڪنگال،

ههڙا ٿي ويا حال، ته به تراڙيئن پئي اچين.

 

ڇانءِ: تراڙيئن ته تون ٿي اچين ڪڏيل ڪجياري،

ڪوهه ڄاڻان تون ڪٿ هيين، ڪاري منهن واري،

مَٺو(1) ڏني تو ملڪ کي مڙسين جي ماري،

ڪنڀار هن ڪڇ جا بنائي بيکاري،

ڀڄ تون بک ماري، ڪپاتر(2) ڪڇڙي منجهان.

 

چانءِ: ڪپاتر سو ڪيئن آئيان، آئيان جڳت آڌار،

مون ڌاران ماڻهو سڃا، سڃو سڄو سنسار،

ڏيڻ مَ ڏي ڏيکار، جگمر جي تون جوڳڻي.

 

ڇانءِ: جوراڻي تون جوڳڻي، تنهنجي ٻلياري،

ڀل ڀلا ڀوپار، تنهنجا پوڄاري،

اميد تنهنجي آسري، تو وس واپاري،

ڀنگي ڍيڍ چمار، پئا ڀلين نه بيکاير،

ٽڪ ويٺا ٽاري، ڪي ڪي تنهنجي ڪوپ تي.

 

چانءِ: ٽڪ ٽارين ٿا ڪوپ تي، سو آهن ڪي ٽڪ ٽار،

گهر واريون گهر ۾ وجهن تنهنجي نان اوڇنگار،

چڪ وجهين چهٽي رهين، غافل ڏسي گمار،

سجهندا هئا سنڌ ۾ جيڪي جوڙا(3) وجهندا(4) هجار،

ڦٽ تنهنجو اوتار، پاڙ ڪڍئي ٿي پريان.

 

ڇانءِ: پاڙ ڪڍي سا ڪيئن آهيان، آهيان ڳڻن جي کاڻ،

پير منهنجا پئا، تڏهين بچي پيو سيراڻ(1)،

کاڌو پڻ ٿورو کپي، پيلو(2) اي پرياڻ(3)،

هاڻي هڪڙي ڊينگلي(4) منجهه، مان مڱئي ماڻ،

ميڙائي ۾ مان، منهنجا ڳڻ ڳچن نٿا.

 

چانءِ: تنهنجا ڳڻ تون وٽ هئين، نکڻي تون ناري،

اڱ(5) جهرين آرس اچي، ٻيو مٿو ٿئي ڀاري،

اوٻاڪيءَ آسو(6) اچين، ٻي نرم ٿئي ناڙي(8)،

سوري(7) سا اوري پئي لڳي، کري پئي لڳي کاري،

ڀونڊڻ ڀراڙي، چوڪو واري چئين ڏسئين.

 

ڇانءِ: چوڪو واريان چئين ڏسئين، پر ڪريان توکي چٽ،

هاڻي تنهنجو گهڙيءَ، ويرڻ لاهيان ٿي وٽ،

منهنجا مئا ڪئين مئا، ڪئين کرجيا پيا آهن کٽ،

ڪنهن کي ته ڪم ڪار ڪنان، نهارا ڪيائين نپٽ،

ڇڪيل تنهنجي ڇٽ، ڪڍائي ڇڏيا ڪڇڙي منجهان.

 

رتي جوڙ ٿيءَ چانهه جي، انڱ جهري اڱار،

ٻايون(1) ٻه ٻروپيون(2)، سو تپي ٿيون تيار،

تڏهن سڻي تڪرار، ماڻهو ڀيرا ٿيا مڙيئي(3).

 

ماڻهن کي چانهه چيو ته هاڻ هت نه رهان،

مينهڻا اوٺا چاءِ جا، سي آءُ ڪُري(4) لاءِ سهان،

منهنجي من جي، سا چوکي(5) آنکي چان،

وڃي وائي(6) ۾ پئان، ته پاڇي نه ورندس پوءِ تي.

 

چاءِ هلئي تڏهين نرين جي هٿ ۾ رهي ناڙي،

وجهي ڦاهو ڳچي ۾، نميا نر ۽ ناري،

معاف ڪر ماڙي(7) ڀل ٿئي ڀاري، چئون نه اڄ کان ڇانءِ کي،

’ڇئون نه اڄ کئون ڇانءِ کي، ته ڪڍو ڇاءِ جي ڇٽ،

ڪنهن کي پاهڻا هٿ ۾، ڪنهن اپاڙي(1) لٺ،

ٻر(2)سي پٿر پائي، مٽڪا جهوريائون ڇاءِ جا ڦڙاڪ ڏيئي ڦٽ،

نامي(3) نه رهي نپٽ، اٿي ڇيلو هليو ڇاءِ جو،

ڇيلو هليو ڇاءِ جو تڏهين هليا گيهه ۽ کير،

حب ويا هيت ويا، ويا هينئين جا هير،

ڇاءِ اچي چوسي ڳڙا، نر ويرين جا نير،

ٿي ساڻيهه ۾ سڌير، ”ڪاراڻي“ چئي ڪڇ ۾.

ڪاراڻي گوندياري جو رهاڪو آهي. ويڌانتي وڻڪار جو پانڌي ليکجي ٿو، انهيءَ ڪري اهو ڪڇ جو مهاڪوي گيڙو رتا ڪپڙا پائي ميران وانگر ويراڳي ٿيو پيو گهمندو آهي.(4)


(1) نيهار

(2) نيش

(3) ڇانءِ- لسي، جهڻ

(1) ڊڙڪو، آواز

(2) چانهه

(3) منجهان

(4) جنهن

(5) تنهن

(6) جڏهن

(7) تنهنجي

(1) ڪسنگ- خراب دوستي

(2) ڪمام- خراب دوستي

(3) ڪالڪا- خراب گڻن واري ديوي

(4) شينهن

(5)  خوف

(1) سڄڻا- سڄاڻا

(2) پيڊي- جڳهه

(3) سونهي

(4) بني- ٿي، زال

(5) ويلوئي- وقت، ڪٽنب

(6) وڻيٺل- کريل، خراب

(1) نقصان

(2) بڇڙي

(3) جوڙا- موچڙا

(4) هجار- هزار

(1) سيراڻ- کاڌو

(2) پيلو- پهريون

(3) پرياڻ- اهڃاڻ

(4) ڊينگلو- پئسو

(5) اڱ- عضوا

(6) آسو- آنسو، لڙڪ

(8) ناڙي- نبض

(7) سوري- سولي

(1) سکر زالون

(2) ڪاوڙيون

(3) سڀ

(4) ڇا

(5) چٽي

(6) کوهه

(7) ماءُ

(1) کنئي

(2) سگهه

(3) نالي

(4) هن مقالي لاءِ(الف) ڪتاب ۽ (ب) راوي سهارو ٿيم:

الف ڪتاب:

(1)       ڪاراڻي ڪاويه- ڪاراڻي پاراڌي،

(2)       رسالو مهراڻ (اونهارو) 1955ع

(ب) راوي:

(1) مٺو نهڙيو ڳوئيلائي،

(2)حاجي ٻاوا آرکاڻي، ڪراچي،

(3) محمد عثمان(عرب بولو) نهڙيو، ڳوئيلائي

(4)هوندل رام ”دکايل“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org