سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل نومبر، ڊسمبر 1980ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل نومبر، ڊسمبر 1980ع

ايڊيٽر: انور هالائي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارؤ:

چوڏهين صدي هجري پوري ٿي ۽ پنڌرهين صدي هجري شروع ٿي چڪي آهي. اوهان سڀني کي ان جون لک لک مبارڪون هجن. گل ڦل به هن پرچي کان، چوڏهين صدي هجريءَ کي پورو ڪري پنڌرهين صدي هجري ۾ پير وجهي رهيو آهي. گذريل چوڏهن سؤ سالن جي تاريخ ڪيترن ئي داستان سان ڀري پيئي آهي پرانهي تاريخ جو سر موڙ واقعو اهو آهي ته مڪي شريف ۾ حضرت محمد ڪريم ﷺ جن جو نور اڀريو، جنهن جي روشنيءَ سڄيءَ دنيا کي نه رڳو خالق حقيقيءَ اڳيان جهڪايو پر اُن جيڪو اخوت، محبت ۽ مساوات جو سبق ڏنو انهيءَ جي ڪري اڄ دنيا جا ڪروڙين مسلمان ڳاٽ اوچو ڪرڻ جي لائق ٿيا آهن. اسان کي گهرجي ته ان دين برحق تي ثابت قدم رهون ۽ پنهنجي مذهب، ملڪ، قوم ۽ خدا جا وفادار ٿي رهون.

هن پرچي کان پوءِ نئون عيسوي سال به شروع ٿي ويندو، جنوري 1981ع جي پرچي کان اسان اوهان جي پرچي ۾ ڪجهه نواڻ به آندي آهي، جيئن اوهان جي امنگن جي اسين پوئواري ڪري سگهون. خدا گهريو آهي ته گل ڦل اوهان جي ساٿ سان ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهندو.

بنا عنوان

هن پرچي ۾ بنا عنوان ڪهاڻي محمود جي ڏني ويئي آهي جنهن جو عنوان موڪلڻ جي آخري تاريخ 10- ڊسمبر 1980ع آهي جيڪا هاڻي ڦيرائي 10- جنوري 1981ع ڪئي ويئي آهي، جئن پڙهندڙن کي شڪايت نه رهي ته هو وقت اندر پنهنجو عنوان موڪلي نه سگهيا.

اوهان جو ڀاءُ

انور هالائي

لطيفي لات

رءَ مَصِلحَت مُڱڻا، قَصَرِ ڪينَ اَچَن،

نورُ تَجَلَوّ نوُرَ سين، نِميو نيڻَ پَسَنِ،

خيِمي ۾ کَنگهارَ جي ، چانڊوُڻِا چِمِڪَنِ،

لَڌائِين لَطِيف چئي، سَندا ڏاڻ ڏِسِيَنِ،

تيلان مُلڪَ ڌَڻِين، مَڃِيو مَڱڻهارَ کي.

(شاهه) ڪلياڻ آڏواڻي وارو نسخو.

هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ سر سورٺ جي داستان چوٿين جو پهريون بيت آهي.

سمجهاڻي: مڱڻهار پينو يا مگتا بنا ڪنهن فيض جي، محلات ۾ ڪونه ٿا اچن (پهتل بزرگ ضرور ڪنهن مصلحت سان ڪنهن سخيءَ جي درگاهه تي وڃن ٿا) طالب جانيڻ، مرشد جي رهنمائي ۾ خدائي نور جا تجلا ٿا ڏسن. راءِ ڏياچ جي گهر ۾ به چنڊ جهڙي روشني نور (درويش) جي اچڻ سان پکڙي ويئي آهي. ان روشنيءَ ۾ راءِ ڏياچ ساري ڪائنات جو فيض حاصل ڪيو، انڪري ان، ٻيجل جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ جهڪايو ۽ سر جي ڀيٽا ڏني.

معنيٰ: رءِ مصلحت=   ڪنهن ڳالهه، فيض يا ڀلائي کان سواءِ . قصر=   محلات.  نور تجلو=  خدائي نور، نور سين=  مرشد جي روشنيءَ سان. خيمي=  تنبو، محل، وجود. ڏسين=  چئني طرفن، سڄي ڪائنات. تيلان=  تنهنڪري .ملڪ ڌڻين=  راجائن، بادشاهن.

الهڏتو آرزو

عقيدت

منهنجا واجد سهڻا ڀاءُ،

الفت آه توسان سدا.

تنهنجي چوڻ تي محنت ڪريان ٿو،

پڙهڻ سان پڻ چاهه رکان ٿو،

روشن آهي منهنجي راهه،

منهنجا واجد سهڻا ڀاءُ.

هن مهانگائي سمي ۾،

محنت ڪريان ٿو مان هردم.

پوءِ به مون سان آهن غم،

مون کي ٻڌاءِ تون سڄڻ.

اندر ۾ ٻري بلڪل باهه،

منهنجا واجد سهڻا ڀاءُ.

تنهنجا گيت، غزل ۽ وايون،

منهنجي من کي ڇو ٿا ڀانئن،

تنهنجي ٻولن ۾ پيارا،

آهي سوز سمايل،

”آرزو“ سان آ ساڻي الله،

منهنجا واجد سهڻا ڀاءُ،

الفت آه توسان سدا.

امير بخاري

ٻه ٻار

ڪي ٻهه ننڍڙا ٻار هئا،

پاڻ ۾ گهاٽا يار هئا.

هڪڙي جو هئو علم سان شوق،

ٻئي جووري هئو راند سان ذوق.

پهريون پڙهندو وڌندو ويو،

ٻيو نالائق کرندو ويو.

پهريون ڀلئون ڀل ڪم ڪيا،

ٻئي ماڻهن جا حق ڦريا.

هڪڙو باهه وسائڻ تي،

۽ ٻيو مچ مچائڻ تي.

هڪ لئه دعا جا هٿ کڄن،

ٻئي کي ماڻهو پيا پٽن.

اوهين علم سان چاهه رکو،

راند روند کي باهه ڏيو.

علم پڙهو ۽ عالم ٿيو،

نيڪيءَ ۾ ڪو نانءُ ڪڍو.

علم سڌاري ٿو ٻارو!

جهل ته کاري ٿو ٻارو!!

غلام نبي ڪولاچي

ٻالڪ ڏانهن

علم سان رک چاهه ٻالڪ، علم آ دولت عظيم،

علم جهڙو هن دنيا ۾، دوست ناهي بهترين.

ڏينهن به پڙهه رات به پڙهه، علم کي هر وقت سار،

خوبتر کان خوبتر، محنت ڪري ٿي تيز ذهين.

ڪر اوجاڳا ننڊ ڇڏ، پي سجاڳيءَ جون ستيون،

سور سهه سڀ علم خاطر، علم آ ايمان دين.

لاءِ سيني سان  بوڪن کي، دوستي تن سان نڀاءِ،

علم واري ۾ حسن، ۽ علم وارو آ حسين.

هروقت تي هر دور ۾، هر جاءِ تي توکي يقين.

قوم کي زندهه رکڻ لئي، علم کي ڄاڻج هٿيار،

علم سان ظلمت ويندي زحمت ويندي روشن ٿيندي ساري زمين.

بي علم آ بيڪار قوم، ناهي جنهن جو ڪو وقار،

ڪيئين چوان مان خوبتر، سا قوم آهي بدترين.

سورسهندي درد ڏسندي، بي علم ٿي ويا تباهه،

بي علم بيڪار قومون، هڙ وڃايو ٿيون ڇڏين.

ياد ماضيءَ کي ڪري، وقت ايندڙ کي سڌار،

ڇا ڇا ٿيو تنهنجي مٿان، ڇا ڇا سٺو تنهنجي زمين.

ساعتون سهڻيون ٿين ٿيون، زندگيءَ جون علم سان،

علم سان جيون ٺهي ٿو، آدمي ٿئي ٿو حسين.

فيض محمد مهيسر

ننڍڙا نينگر

او ننڍڙا نينگر! سوليءَ تي منصور چڙهيو سو تو نه ڏٺو ڇا؟

هاها سائين مون ڏٺو پر ڏکايل!

او ننڍڙا نينگر! ڪارونجهر تي گل ٽڙيو سو تو نه ڏٺو ڇا؟

ها ها سائين مون ڏٺو پر ڪومايل!

او ننڍڙا نينگر! ڀونگيءَ ۾ پي ٻار رڙيو سو تو نه ڏٺو ڇا؟

ها ها سائين مون ته ڏٺو پر بکايل!

او ننڍڙا نينگر! اُڀ ۾ تارو رات کڙيو سو تو نه ڏٺو ڇا؟

ها ها سائين مون ته ڏٺو پر دونهاٽيل!

او ننڍڙا نينگر! ڇولين ۾ ڪو ساز ڇڙيو سو تو نه ٻڌو ڇا؟

ها ها سائين مون ته ٻڌو پر سڪايل!

او ننڍڙا نينگر! ڪالهه ڪپر تي ميڙ مڙيو سو تو نه ڏٺو ڇا؟

ها ها سائين مون ته ڏٺو پر ويڳاڻيل!

او ننڍڙا نينگر! ٽڪن سان جنهن ٽوپ جڙيو سا تو نه ڏٺي ڇا؟

ها ها سائين مون ته ڏٺي پر ستايل!

او ننڍڙا نينگر! مائيءَ ويٺي ان ڇڙيو سا تو نه ڏٺي ڇا؟

هاها سائين مون ته ڏٺي هي هئي آيل!

اختر درگاهي

عيد مبارڪ.......

سينو سيني ساڻ ملايون،

آءٌ ٻالڪ توکي سيني لايون،

عيد مبارڪ ! عيد مبارڪ!!

سرهو سرهو سڀڪو آهي،

غم ۾ ادڙا ڪوئي ناهي،

گڏجي گيت خوشيءَ جاڳايون،

عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!!

چوڏيلن جو وه وه کيل،

رڇ  ڪتن جو ڏس تون ميل،

توکي اچ بازار گهمايون.

عيد مبارڪ! عيد مبارڪ !!

دشمن کي به لايون سيني،

وڌو ويڇو آ ڪوڙ ۽ ڪيني،

سڀ سان پيچ پرت جو پايون.

عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!!

عبيدالله اوڍو

صبح جو تارو

تون اُڀ کي چمڪائڻ وارو،

آهين صبح جو سهائو تارو.

اکيون تنهنجون پيشنگويون،

راز نرالا پاڻ رکن ٿيون.

صبح جو سج توتان اُڀرندو،

روشن سارو جهلن ٿي ويندو.

ڏات جو ڏيهه به ظاهر ٿيندو.

هر هنڌ تنهنجو چرچو هوندو.

تنهنجا گيت ڳائيندي ڪوئل،

تنهنجي لات لنودي بلبل.

ڏهڪار تنهنجي ۾ ڏرندا ڏرندا،

اونداهيءَ جا ڪوٽ سي ڪرندا.

ماڪ گلن تي چمڪي پوندي،

خوشبو خوشبو خوشبو هوندي.

واجد

مان ويچارو

مان به ڏاڍو عجيب ڇوڪرو آهيان، اُهي اُهي ڳالهيون پيو سوچييندو آهيان جيڪي منهنجي عمر جا ڇوڪرا تمام گهٽ (بنهه نه جهڙو) سوچيندا آهن.

هاڻي ڏسو نه جنهن گهر ۾ آءٌ رهان پيو، سو منهنجو پنهنجو گهر آهي (بنهين پنهنجو) ماءُ ، پيءُ، ڀينرون، ڀائر سڀئي سڳا. ڪوبه ويڳو ڪونه، پوءِ به الائجي ڇو لڳندو آهي، مان سڀني ڀاتين ۾ اڪيلو ۽ ويڳاڻو آهيان ۽ ڪجهه روپين جي عيوض هن وڏي گهر جو هڪ ننڍو نوڪر آهيان.

صبح جو ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿاريندا، ٿوري پس و پيش  ڪندس، ته ڄنڊن کان پڪڙي کڻي اُڀو ڪندا کٽ کي امڙ سڄي مڄي ويٺي هوندي، سخت چڙ ۾ چوندي ”اڙي سلو! اٿ کڻي الائي ڪڏهن کان ماڻهو ٿيو آهين! ڪڏهن لاڪون ٿا اٿاريئين ته پيو ٿو نخرا ناز ڏيکارين!“

پوءِ وڌيڪ ڪجهه ٻڌڻ بنا اٿي بيهندو آهيان- حرام جو ان وچ ۾ گرڙي ڪرڻ جي به اجازت ملي سگهي! هڪ ڀيري وات جي ڪس ڪڍڻ لاءِ گرڙيءَ جي جسارت ڪري ويٺس ته طعنو بندوق جي گولي جيان اچي دل ۾ کتو: ”مار! هاڻي اڳ ۾ سرؤضو ٿيندا، غسل ٿيندا، پوءِ کير آندو ويندو اسان لاءِ !“ ۽ پوءِ ان  ڏينهن ۾ ان گهڙيءَ کان پوءِ منهنجي سرؤضوءَ کي ڄڻ ته بابر جو اصلي تالو لڳي ويو هميشہ هميشہ لاءِ.

هاڻي مشن جيان اکيون مهٽي اٿڻ، اوٻاسيون ڏيندي لوٽو ڳولڻ، در کولي ٻاهر وڃڻ ۽ کير وارن جا در کڙڪائڻ، اهو سڀ منهنجو معمول ٿي ويو آهي (مجبوري جو ٿي وئي آهي!)

کير وٺي اڃا کٽ تي مس ويهندس ته رڙ ٿيندي: ”او سلو سڙيا هاڻي وري کٽ تي ڪرندي ڇا؟ گوشت پڻهين وٺي ايندو، يا منهنجو ماس پٽي کائيندو!جهڙو آدم خور.“

پوءِ ڇلي ڳولي در کولي پهرين ئي هڪل ۾ ڪنهن چاٻيءَ ڏنل رانديڪي جيان حرڪت ۾ اچي ويندس، ۽ هوش تڏهن ايندو جڏهن ڪاسائيءَ جي دڪان کان به ڪي ٻرانگون اڳيان نڪري ويندس. گوشت ايندو ته طرحين طرحين جون وڏون نڪرنديون ٻوٽي ٻوٽي کڻي تپاسي ويندي ۽ ساڻ ساڻ رايو به ڏيندي ويندي: هاڻ مائي ڪيڏو نه ڪونئرو آهي، موئي ماري پنهنجو پٽ ڪٺو آهي الائي ڇا؟ هيءُ ڦلڙو گوشت وڻي ئي نٿو.“ پرجي گوشت ڪجهه پڪو هوندو ته به مون لاءِ خير ڪونه، چوندي: او سلو ماريا، هي پنهنجي ڏاڏي ڪريموءَ جو ماس آندو اٿئي ڇا؟ اکيون ٿي يا بورينڊا ٿئي، ماريا گوشت وٺڻ جو ڏانءُ ڪونهئي، جهڙو ٿو هو سوئر جو پٽ کڻاوئي، سوئي کڻي ٿو  پيرن تي زور ڏين. او اِهي کُر ڀڄني ماريا جن سان وٺي ٿو ڀڄين. کڻ هي گوشت وجهه وڃي پيءُ شموءَ جي اڳيان اسان ڪتا ڪونهئون. ۽ پوءِ کڻڻي پوندي ٻيهر ڇلي ڪلهي تي ۽ ويندس رستي ۾  پاڻ کي ڪاسائي سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪندو. پهرين ته مون کان ڇلي کسي ڦٽي ڪندو پوءِ اصل ڦاٽي پوندو: ”اڙي! سڄو شهر ٿو گوشت وٺي پر حرام جو ڪوئي شڪايت کڻي اچي، پر تنهنجي ڇلي ضرور موٽي، وڏو ڪو نڀاڳو آهين! کڻي ڏي ڇلي ته ڏيانءُ ٻيو گوشت پر جي هاڻي آئين نه ته پوءَ ڇليءَ سان گڏ پيو هوندي گڏهه!“ موٽ تي ڀاڄيءَ واري ڇلي به منهنجي انتظار ۾ هوندي ۽ جڏهن ڀاڄي گهر پهچندي تڏهن مند جون ٻڌڻيون پونديون: ”اڙي هيءَ لوڻڪ آ، ماريا هچا پوئي، پري کان ئي ڌپ کنيون ٿي وڃي.“

”اڙي هي پٽاٽا هِن: هٿ لائين ته بڙڪيو ٿا پون، اڙي مان تو، تنهنجي مت چوکسي آهي خدا پڄندءِ، شل ٽنگ ڀڄندءِ، سلو منهنجي ته جند تپائي ڇڏي ٿئي.“ ۽ پوءِ هٿ ۾ جيڪو ڌڪ ايندس وهائي ڪڍندي.

مان سوچيندو آهيان: امڙ ته ٿي گيس ٽربل جي بيمار چڙ ۽ بيزاري ته ٿيو سندس ڏاج. پر منهنجو پڙهيو لکيو تندرست پيءُ به حرام جو ڪڏهن پٽ ڪري ڏسي سٺن ڏينهن ۾ مڙئي ڇو ٽو موٽو نوڪر رکندو هيو. هاڻي ڏينهن ڦري ويا اٿس پر اڃا عادت ڪانه مٽي اٿس. مون کي حڪم ڏيندي اهو ماڳهين وساري ويهندو آهي، ته مان پرائو ٻار نه پر سندس سڳو پٽ آهيان امان جي چوڻ پٺيان ٿوري گهڻي تي پيو ڇڙٻيندو ۽ ماريندو رهندو.

هڪ وڏو ڀاءُ به اٿم. سو وري پنهنجي سينارٽي جهاڙائي، اڪثر پيو جهيڙيندو اٿم. هر ننڍو وڏو ڪم مون تي اڇليندو هر ننڍي وڏي نقصان جو الزام مون تي ڌريندو پاڻ ته وڙهندو: پر پاڙي جي ٻارن کان به پيو مارائيندو. اهڙي ڪيفيت ۾ رهي تعليم حاصل ڪرڻ جو تصور ڪيڏو نه حيرت ۾ وجهندڙ آهي! (آهي نه؟) پر سائين عجب نه کائجو. ڇاڪاڻ جو مان اٺين جماعت ۾ پڙهندو به آهيان ۽ گهر وارن کان ائين لڪي پڙهندو آهيان، جيئن ’تربيت‘ ۾ گورڪي مالڪياڻيءَ کان لڪي چوري ڇپي پڙهندو هو. امتحان ۾ ڪچائي اهڙن ئي مجبور ٻارن کان ٿيندي ۽ ساليانو نتيجو به ڪو چڱو ناهي نڪرندو. جيئن باقاعدگيءَ سان مون سان ٿيندو رهندو اهي. سدائين اسڪول ۾ دير سان پهچندو آهيان ۽ پوءِ دير سان پهچڻ ڪري ماستر صاحب کي مڙئي پيو منهنجي ڪن مهٽ ڪرڻ جو موقعو ملندو رهندو آهي. ڀلا هن کي ڪهڙي ڄاڻ ته مون سان ڪهڙي ويڌن آهي ٽاڪ منجهند جو اسڪول مان موڪل ملندي آهي، ته سڙندو پچندو گهر پهچي ڪتاب رکي برف جي ڳوٿري کڻي برف وٺڻ ويندس: برف وٺي ٿورو ترسندس، (ان ترسڻ وچ ۾ پيءُ جي مٿي تي هلڪي کانهر ڪندو آهيان) کيس ننڊ ايندي ته اُٿي ماني کائيندس ماني کائي پوءِ کير لاءِ گلاس کڻي ويندس. کير آيو ته پوءِ چانهه ڙي چانهه پئي پوندي ٻنهي زال مڙسن (ابي ۽ امان جي) ويهندس چلهه تي چانهه ٺاهڻ، ۽ ڏسندس گاسليٽ ڏي: ته بوتل اونڌي ٿيل ملندي پوءِ اها کڻي وري نيزي پاند ۾ نڪري پوندس ڪاڪي بصر جي دڪان ڏانهن گاسليٽ لاءِ. ڇاڪاڻ ته ان هلت تي چپ چورڻ، معنيٰ ته امڙ جا اوسارا ٻڌڻ، ۽ امڙ جا اوسارا ٻڌڻ، معنيٰ ته بابا هٿان لڪڻ سان ڪٽجڻ. جيڪو مونکي قطعي ناهي وڻندو. ان ڊپ کان مِٺي به ماٺ نه مُٺي به ماٺ. چپ ڪري چانهه ڪاڙهيندس ۽ پاڻ به پيو ڪڙهندس. اتفاق سان جي چانهه ڪڙڪ ٿي پئي، ته پهرين گاريون ۽ پوءِ پاراتا نشر ٿيڻ لڳندا، تمام ننڍن وڏن جي نالي، (مئن جيئرن جي نالي پڻ) ۽ پوءِ دورانديش بڻجي نڪري پوندس صبر جي مٺي ڦل جي ڳولا ۾، منجهند جي مٺي ننڊ ڇڏي وتندس ڇتيءَ اُس ۾ کل ساڙيندو. (جيتوڻيڪ کل ساڙڻ جو شوق به ڪونهيم، پر ڇا ڪجي مجبوري آهي گهر جو ڪم منهنجي بلي ئي جو ٿيو.)

شاباس آهي مون کي، منهنجن پيرن کي ۽ منهنجن گوڏن کي. ها جائي هڪ ڳالهه ياد آئي: وچ ۾ هڪ ڇوڪرو بيهاريو هئائون نوڪر طور پهرين ڏينهن ته همراه مُڙيو ئي اڙيو ٿڙيو ڪم ڪيو. پر ٻئي ڏينهن جڏهن ڪم اچي کل تپايس ۽ وري مٿان رُنگ ۾ امڙ قصيدا به ٻڌايس ته همراه پزل ٿي ويو، ايتري تائين جو پنهنجي ٻن ڏينهن جي پگهار به نه ورتائين ۽ پوءِ ان شارٽ ريسٽ کان پوءِ وري ساڳيو گڏهه ۽ ساڳيو پيچرو . هاڻي به پٺن تي اڌ گڏهه جيتريون ڪاٺيون سٿيل اٿم. گهر جو ڊگهو رستو آهي ۽ مان آهيان. هاڻي هي ڪاٺيون گهر لاهي پوءِ مشن تان اٽو کڻڻ ويندس. رستي تان وڏي ڀاءُ لاءِ ڀانڊارو به وٺڻو آهي. (جيڪو مون کان پنج سال سينيئر آهي ۽ ان لاءِ هو هرپريشانيءَ کان آجو آهي!) پوءِ جي امڙ پٽ لاءِ يا باجي کٽاڻ لاءِ نه موڪليو نه پوءِ ويهي پڙهندس. ڇو ته امتحانن ۾ باقي اٺ ڏينهن آهن ۽ مون ته تياري به ڪانه ڪئي آهي!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com