سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل نومبر، ڊسمبر 1980ع

باب: --

صفحو :3

محمد امين بلوچ              انڊونيشيا جي ڪهاڻي

ڏاڏي لاءِ سوکڙي

هڪ ننڍڙو ڇوڪرو جنهن جو نالو باقري هو، جيڪو تمام پري جبلن ۾ هڪ اڪيلي ڳوٺ ۾ رهندو هو. اهو هڪ اڪيلو ڳوٺ ته هو، پر بلڪل سانتيڪو ۽ امن وارو ڳوٺ هو.  هڪ تيز وهندڙ ندي جبلن تان ڄڻ ته قلابازيون کائيندي هيٺ اُن ڳوٺ وٽان وهندي هئي. ڳوٺاڻا تيزيءَ سان وهندڙ اُن صاف، شفاف ۽ بلور جهڙي پاڻي جو آواز رات جو سمهڻ وقت ٻڌندا  هئا.ان بعد روزانو  پرهه ڦٽيءَ  مهل صبح جو هو هڪ ٻيو آواز رات  جو سمهڻ وقت ٻڌندا هئا. ان بعد روزانو پرهه ڦٽيءَ مهل صبح جو هو هڪ ٻيو آواز ٻڌندا هئا جيڪو هنن جي روزمرهه جي زندگي جو معمول بنجي چڪو هو. ۽ جنهن سان هو روزمرهه جي زندگي جي شروعات ڪندا هئا. اهو هڪ وڏو آواز هو، جو نديءَ جي ٻئي ڀرواري مسجد مان ايندو هو. مسجد جي مينار مان ٻانگ جي آواز جو پڙاڏو ڳوٺاڻن کي صبح جي نماز لاءِ سڏيندو هو. اهو باقري جو ڏاڏو هو جيڪو روزانو صبح جو ڳوٺ وارن کي ٻانگ ڏيئي نماز لاءِ سڏيندو هو. هن جو آواز تمام  ڳرو ۽ وڏو هو جيڪو پري پري تائين ويندو هو. هو پنهنجي ڊيوٽيءَ جو تمام پابند هو ۽ ڪڏهن به نه گسائيندو هو پر خاص طور هن صبح جو، هن جو آواز مسجد مان ٻڌڻ ۾ نه آيو.

باقري عجب ۽ فڪر ۾ پئجي ويو ته ڪا اهڙي ڳالهه ته نه ٿي آهي، ڇا ڏاڏو بيمار آهي ياڪا ٻي ڳالهه آهي ۽ پهرين باقري سوچيو ته نماز پڙهڻ لاءِ مسجد وڃڻ کان اڳ هن کي ڏاڏي جي گهرو جي خيريت پڇڻ گهرجي پر ڪنهن ڳالهه جي ڪري هن صبح جي نماز پڙهڻ کان سواءِ ڏينهن جي شروعات ڪرڻ نٿي چاهيو. ٿي سگهي ٿو ته مسجد ۾ ڪنهن ماڻهو کي ڏاڏي بابت خبر هجي.

ڇا هو گهر ۾ بيمار ته نه آهي؟ ڇوڪري سوچيو. جڏهن نماز شروع ٿي ته باقري پنهنجي سوچ، ڳڻتي، فڪر ۽ ٻين خيالاتن کي دل مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن هو سچي ۽ صاف دل سان عبادت ڪري سگهي پر تنهن هوندي  به اڃان تائين هو فڪر مند هو.

نماز کان پوءِ هو ڏاڏي جي جاءِ ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پر هو بيهي ڪجهه سوچڻ لڳو. ڇو نه ڏاڏي لاءِ ڪا سوکڙي کڻي وڃي؟ ۽ ڇا هي منڪانگ، (اکروٽن جو هڪ قسم، جي تمام سوادي لذيذ ۽ وڻندڙ هوندا آهن) گڏ ڪرڻ جي ضد نه آهي، جن کي ڏاڏو تمام گهڻو پسند ڪندو هو؟ ها،  هن کي پهرين ڏاڏي لاءِ اکروٽ گڏ ڪرڻ گهرجي.

پوءِ هي تڪڙو تڪڙو صبح سويري ماڪ ۽ ڪوهيڙي مان پنهنجو رستو ڳوليندو پري، پري اکروٽن جي ٽڪري ڏانهن ويو جتي منڪانگ جا وڻ هئا ۽ انهن ۾ بهترين منڪانگ هئا.

سردي جي موسم هئي، مگر هي گرم چوغو پائي مسجد شريف ڏانهن ويو هو، ۽ جبلن ڏانهن وڃڻ وقت هن اُن چوغي کي ڇڪي پاڻ سان ٻڌي ڇڏيو. جڏهن هي وڃڻ لڳو ته هن سوچيو ته ڏاڏي لاءِ اها ڪهڙي نه عجيب ۽ وڻندڙ ڳالهه ٿيندي جيڪڏهن هو گهڻي ۾ گهڻا اکروٽ، اکروٽن جي ٽڪريءَ مان گڏ ڪندو.

اکروٽن جا کوپا ۽ ڇلڪا تمام سخت هئا، ۽ جڏهن هي اندران اکروٽ کائيندو ته پوءِ ڏاڏو انهن کوپن ۽ڇلڪن مان اهڙي طرح ته گهڙي نقش ڪڍي پياريون پياريون ۽ سهڻيون منڊيون ٺاهيندو، جيڪي هو تمام سٺيون ٺاهيندو آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي ڏاڏي جون ٺاهيل منڊيون ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ مشهور هيون. هڪ منڊي سولائي سان پنجاهه روپين ۾ وڪرو ٿي سگهندي. جيڪڏهن هو وڌيڪ اکروٽ گڏ ڪري جنهن مان هڪ سو منڊيون ٺهي وڃن ته پوءِ ٿورو سوچيو ته هو ڪيترا نه پئسا ڪمائي سگهندو هو خاطري سان ايترو ته خوش ٿيندو جو وري ڪڏهن به بيمار نه ٿيندو اچو ته ڏسون باقري پنهنجو پاڻ کي چيو. جيڪڏهن آءٌ پنجاهه روپيه هڪ منڊي جي حساب سان هڪ سؤ منڊين جي قيمت لڳايان ته اُهي ڪيترا پئسا ٿيندا؟ هن پنهنجي آڱرين تي ڳڻڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ڪنهن ڳالهه جي ڪري هن کي جواب نه ملي سگهيو هي اُن وقت اسڪول ۾ ٽئين درجي ۾ پڙهندو هو، اوهان ويچار ڪريو. بهرحال هن کي خاطر هئي ته هن جو ڏاڏو ڪنهن به صورت ۾ خوش ٿيندو.

باقري سينڊ ۾ خوشي جو ڪو سر آلاپي رهيو هو، پر پوءِ هي يڪدم رڪجي ويو. فرض ڪريو ته متان ڳوٺ جا ڪي ٻيا ڇوڪرا هن کي اکروٽ گڏ ڪندا ڏسن؟ ۽ ان ڪري هو تمام تکو هلڻ لڳو.

هي صبح جو سوير اکروٽن جي ٽڪريءَ وٽ پهتو، جڏهين سج اُفق مان ظاهر ٿيو ۽ ان وقت آسمان ڄڻ ته ڳاڙهي رنگ ۾ رنڱيل خوبصورت لڳي رهيو هو. هو ڊوڙندو ڊوڙندو مٿي چڙهندو رهيو ۽ ساڳئي وقت، اڏامندڙ لومڙن کان پڻ ڊڄي رهيو هو جيڪي پنهنجي آکيرن ۽ ماڳ ڏانهن ڏينهن جي ٽائيم تي سمهڻ لاءِ واپس اچي رهيا هئا، ٽڪري جي چوٽيءَ تي پهچندي هو ساهه کڻڻ لاءِ رڪيو. هي اهو ڏسي ڏاڍو خوش  ٿيو ته هي پهريون ئي ٻار هو جو پهرين اُتي پهتو ۽ اُتي ڪنهن ٻئي جي اڳ پهچڻ جي ڪابه نشاني ته هئي.

اکروٽن جي وڻن جي جهڳٽي هيٺيان زمين سڄي اکروٽن سان ڍڪيل هئي رات جو تيز هوا لڳڻ ڪري اُتي اڳ جي بنسبت گهڻي انداز ۾ اکروٽ ڪريل هئا.

باقري خوشي وچان جهومندي ۽ ڳائيندي اکروٽ گڏ ڪرڻ لڳو، هن پنهنجي گرم چوغي کي اکروٽن وجهڻ لاءِ ڳوٿريءَ طور استعمال ڪيو، هن جو چوغو بهترين هڳو مگر هن پنهنجو پاڻ کي چيو ته گهر پهچڻ تي هو اُن کي چڱي طرح سان ڌوئي ڇڏيندو. هن کي يڪدم ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. ڪو مٿي ٽڪريءَ تي اچي رهيو هو. اِهي ضرور ڳوٺ جا ڪي ٻيا ڇوڪرا هوندا، هن پنهنجي دل ۾ چيو. جڏهن هو مون کي هتي ڏسندا ته آءٌ کين هيڏانهن اچڻ جي صلاح ڪرڻ کان سواءِ سڀني کان اڳ هتي پهتو آهيان ۽ هنن کان اڳ سڀ زمين تي ڪريل اکروٽ گڏ ڪري ورتا آهن. ته ظاهر آهي ته هو مون کان ناراض ٿيندا ۽ البت ٿي سگهي ٿو ته هو مون کان سڀ اکروٽ کسي به وٺن. جيڪڏهين ايتري قدر لالچي ٿيڻ جي ڪري هنن جي مار کان بچي ويس ته آءٌ ڀاڳن وارو هوندس. هن جي لاءِ آخري موقعو اهو ئي هو ته ان کان اڳ جو ٻيا ڇوڪرا هن کي ڏسي وٺن هي پاڻ لڪي وڃي.

وڻن جي جهڳٽي جي هڪ طرف ڊوڙندي، هو ريڙهيون پائي ٻوٽن جي جهڳٽي ۾ هن پنهنجو پاڻ کي بلڪل لڪائي ڇڏيو.

هي اتي ٻوٽن جي جهڳٽي ۾ دعائون گهرڻ لڳو ته شڪل هو ڏسي نه وٺن.

هو ايترو ته چپ ۽ خاموش هو جو ڄڻ ته ساهه نه کڻي رهيو هو. جلدي هن پنجن ڇوڪرن کي ٽڪريءَ جي چوٽي تان ايندو ڏٺو جيڪي سڀيئي هن کان وڏا هئا.

ڇوڪرا وڻڻ جي جهڳٽي جي ڪناري تي رهيا ۽ هيڏانهن هوڏانهن زمين تي نهاريندي منجهي پيا. ”اسان تمام دير سان آيا آهيون.“ هنن مان هڪ ڇوڪري نا اُميديءَ مان رڙ ڪندي چيو.

”هڪ به اکروٽ زمين تي بچيل نه آهي“ ٻئي ڇوڪري چيو.

”ڪهڙي نه بدبختي ٿي آهي“! ٽئين ڇوڪري چيو. ”هيڏانهن اچڻ سان.“

”ڪو تمام سويري هت پهتو آهي“ سڀني کان ڊگهي ڇوڪري چيو. گهڻو ڪري سڀني ڇوڪرن يڪمشت ٿي رڙ ڪندي چيو ”باقري! اهو ضرور هتي آيو هوندو.“ هڪ ڇوڪري وڌيڪ چيو ”هو هر حالت ۾ هميشہ پرهه ڦٽيءَ کان اڳ اٿي مسجد شريف ڏانهن ويندو آهي.“

باقري جيڪو ٻوٽن جي جهڳٽي ۾ لڪل هو، اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو، هو تمام گهڻي ڊپ ۾  پئجي ويو هو ۽ الله کي ٻاڏائڻ لڳو.

”هوڏانهن ڏسو!“ هڪ ڇوڪري وڻ جي هيٺان ماڪ ۾ ڀنل زمين جي ٽڪري ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

”هتي هن جي پيرن جا نشان ڏسڻ ۾ پيا اچن هي ضرور هتان هاڻي اکروٽ پاڻ سان گڏ کڻي نڪتو آهي.“

”جلدي ڪريو“ ٻئي چيو جيڪڏهن اسين تکا وينداسين ته اسان هن کي جهلي سگهنداسين ۽ هن جا گڏ ڪيل اکروٽ هن کان ڦري وٺنداسين.

آخرڪار سڀني کان وڏي ڇوڪري زمين ڏانهن گهوريندي ۽ سوچيندي چيو ”نه، اهو سٺو نه ٿيندو ڇا هو مسجد شريف ڏانهن وڃڻ لاءِ سوير ڪونه اٿيو ۽ هتي اسان کان اڳ نه پهتو، جڏهن ته اسين پنهنجي بسترن ۾ آرام سان ستا پيا هئاسين؟ چڱو ته پوءِ آءٌ چوان ٿو ته هو اکروٽن جو حقدار آهي ۽ اسان جو ڪوبه حق نه آهي. جيڪڏهن  اسان کي اکروٽن جي ضرورت آهي ته اسان کي سوير اٿڻ گهرجي ۽ نه هن کان اکروٽ ڦرڻ گهرجن ۽ اسان جي لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته پرهه ڦٽيءَ مهل مسجد شريف ڏانهن وڃڻ شروع ڪريون.“

ٻين ڇوڪرن رڍن وانگي هي ڏانهن نهاريو، هنن کي خبر هئي ته هي سچ چئي رهيو هو! جيڪڏهن هو ايتري قدر سست نه ٿين ها ته هنن کي پنهنجا اکروٽ ملي وڃن ها. پاڻ ۾ ڪجهه به نه ڳالهائيندي هنن ٽڪريءَ تان آهستي هيٺ لهي واپس وڃڻ شروع ڪيو.

ٻوٽن مان نهاريندي باقري چوڻ لڳو هو خوش ٿيو ۽ الله جو شڪر ادا ڪرڻ لڳو، جو هن جي دعا قبول پئي ۽ ڇوڪرن هن کي نه ڏٺو. هن کي ڇوڪرن جي نا اميدي ۽ نراسائي ۽ سندن اداس چهرن تي رحم اچڻ لڳو. هي يڪدم اٿي بيٺو ۽ زور سان رڙ ڪري، ڇوڪرن جي پويان ڀڄندو ويو.

ڇوڪرا بيهي رهيا ۽ باقري ڏانهن ورڻ لڳا. هو هن کي پاڻ ڏانهن ورڻ لڳا. هو هن کي پاڻ ڏانهن ڀڄندو ايندو ڏسي حيران ٿي ويا هئا.

جڏهن هي هنن ڏي پهتو، باقري چيو، ”مون کي افسوس آهي جو آءٌ سڀ اکروٽ کڻي آيو آهيان. هاڻي اوهان پنهنجو حصو کڻو. آخرڪار اسان سڀ پاڻ ۾ سٺا دوست آهيون ان ڪري سڀني جو حصو برابر هئڻ گهرجي.“

پنج ئي ڇوڪرا اتي بيٺا رهيا، هو پهرين باقري ڏانهن ۽ پوءِ هڪٻئي ڏانهن نهاري رهيا هئا. آخرڪار سڀني کان ڊگهي ڇوڪري چيو ”نه، نه، تنهنجي مهرباني، باقري. اهي سڀ تنهنجا اکروٽ آهن، ڇاڪاڻ ته تون سويرا اٿيو آهين ۽ اچي هتي اکروٽ گڏ ڪيا آهن.“

”بيوقوف نه ٿي“ باقري جواب ڏنو ۽ جهٽ ڏيئي هن ڇوڪري کي ٻانهن کان جهليو ”آءٌ سچ پچ چاهيان ٿو ته اوهان پنهنجو حصو کڻو. آءٌ اهي پنهنجي ڏاڏي لاءِ کڻي وڃي رهيو هوس ڇاڪاڻ ته هن اڄ صبح جو نماز لاءِ ٻانگ ڏيئي نه سڏيو هو ۽ مون سمجهيو ته هو بيمار ٿي پيو هوندو، پر هو ته صرف منهنجي حصي مان خوش ٿي ويندو.“

”هائو“ هڪڙي ڇوڪري جواب ڏنو ”مون هن کي اڄ صبح جو هڪ پاڙيسريءَ سان ڳالهائيندي ڏٺو ۽ اهو ٻڌو ته هن کي تمام گهڻي ٿڌ لڳي آهي پر هو چند ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي وري مسجد شريف ڏانهن وڃڻ جهڙو ٿي ويندو.“

”ته پوءِ اسان کي به ائين ڪرڻو پوندو“ ڊگهي ڇوڪري چيو ”باقري اسان کي پنهنجي اکروٽن مان حصو ڏيندو ۽ پوءِ اسان سڀ اهي اکروٽ کڻي وڃي باقري جي ڏاڏي کي ڏينداسون، پوءِ هو ٺيڪ ٿيندو ۽ جلدي اڳ جهڙو صحتمند ٿيندو ۽ هڪ ڀيرو وري اسان هن جو وڏو ۽ طاقت ور آواز ڳوٺ جي چؤگرد ٻڌي سگهنداسين، جيئن هو ٻانگ ڏيئي نماز لاءِ سڏيندو آهي.“ ۽ اهڙيءَ طرح اهو فيصلو ٿيو. موسم تمام سٺي ۽ صاف هئي. ڇوڪرن پنهنجا هٿ هڪٻئي جي ڪلهن تي رکي سج جي روشنيءَ ۾ ٽڪريءَ کان هيٺ اچڻ لڳا. خوشيءَ وچان ڳائيندي هو سڀ باقري جي ڏاڏي جي گهر وڃي رهيا هئا.

محمود مغل

بنا عنوان جي .................

هن ڪهاڻيءَ جو عنوان اوهان پاڻ مقرر ڪري اهڙيءَ طرح ڏياري موڪليو جو اسان وٽ 10 ڊسمبر کان اڳ پهچي وڃي. جنهن به ٻار جو عنوان سٺو هوندو، ان کي ويهن روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا.

- ايڊيٽر

گهر ۾ عجب ماٺ جو عالم هو، هرڪو ٻار پنهنجي پنهنجي راند کي لڳو پيو هو، منو ڪاٺيون آلي واريءَ ۾ کوڙي گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، شيبا پريان پنهنجي گڏين کي زمين تي ويهاريو، ڪرسين صوفن کي سينگاري ڊرائنگ روم ٺاهي رهي هئي، جاني زمين تي ڪوئلن سان تصويرون ٺاهي رهيو هو ۽ هُو يعني پِنٽُو وڻ کي ٽيڪ لڳايو آلي زمين تي ليڪا ڪڍي رهيو هو. سڀ ٻار، هونئن ته گڏجي رانديون رهندا هئا، پر اڄ هرڪو الڳ الڳ هو.

ماحول ڏاڍو اداس هو، پريان وڏي امان صندل تي قرآن شريف پڙهي رهي هئي. هوءَ مٿي کي رئو ويڙهيو قرآن شريف پڙهندي، ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪنڌ ورائي ٻاهر پڌر ۾ کيڏندڙ ٻارن کي به ڏسي رهي هئي. پنٽو هميشہ وڏي امان جي ڊپ کان وڻ وٽ اچي ويهندو هو. نه ته هميشہ منجهند جو ٿورڙو سڀڪو آرام ڪرڻ لاءِ ڪمري ۾ گهڙي ۽ هو چپ چپ گهر کان ٻاهر . پوءِ رول ڪري ٺيڪ ان مهل موٽندو هو جڏهن پڪ هوندي هئس ته هاڻي وڏو بابا يا بابا ننڊ مان اٿڻ وارا هوندا.

هو چوڻ جو ضدي هو، گهر وارن ته نالو ئي گوريلو رکي ڇڏيو هئس هن کي ڌڪ، هن کي مار ۽ سڀ کان وڌيڪ ته ماءُ سان وڙهندو هو، عمر ته اهائي ڪجهه اٺن سالن جي ويجهو هئس، پر ذهني طور تي هو تمام مٿانهون هو الائي ڇاڇا سندس دماغ ۾ ايندو هو. گهر وارا هن مان ڏاڍا تنگ هئا خصوصا سندس ماءُ ڪڏهن شيبا جو فراڪ ڦاڙي ڇڏيائين ته ڪڏهن پاڻ کان وڏي مُني جون رنگين پينسلون گم ڪيائين ۽ ڪڏهن ته وري حد کان به ٽپي ويندو هو، ان مهل ماءُ کي به ٽپي ويندو هو، ان مهل ماءُ کي به ڌڪ هڻي ڪڍندو هو، هوءَ ويچاري به عجب عورت هئي، ٻي ڪا ماءُ هجي ها ته ماري ماري ٻه پڙ ڪري وجهي ها، پر هوءَ ڪجهه به نه ڪڇندي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com