سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل نومبر، ڊسمبر 1980ع

باب: --

صفحو :5

امتحان به اچي سبز تي پهتا هئا جرام پڙهڻ ۾ لڳو پيو هو مان به پيءُ جي خوف کان اسڪولي ڪتابن ۾ ٽارزن، عمر عيار، داور جا ڪتاب ۾ ٽارزن، عمر عيار، داور جا ڪتاب لکائي پڙهندو هوس منهنجو پيءُ خوش هو ته آءٌ محنت ڪري پڙهي رهيو آهيان منهنجي ڀاءُ کي به شرط هارائڻ جو فڪر هيو هو مون کي پڙهندو ڏسي اڳي کان اڳري محنت ڪرڻ لڳو.

امتحان گذريا رزلٽ آئي، هر ڪنهن کي پنهنجي محنت جو ڦل اهو مليو، جو آءٌ ٻن سڀجيڪٽن ۾ فيل ٿي پيس ۽ منهنجو ڀاءُ سڀني ڪمن ۾ پاس ٿيو ۽ سٺيون مارڪون کنيون.

وئڪيشن ۾ جڏهن جئرام کي بابا لاهور وٺي وڃڻ لڳو تڏهن منهنجي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ دل ۾ وڍ پوڻ لڳا ته مون شرط ڇو نه کٽي.

بابا ۽ جئرام هليا ويا مان اداس مايوس گهر ۾ رهجي ويس.

هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو ۽ منهنجو چهرو خوشي وچان ٽڙي پيو. اهو خيال هو آئينده سال نمبر کڻڻ جو ۽ شرط کٽڻ جو ان وقت ئي آءٌ ڊوڙيس ۽ وڃي ڪتاب کنيم ۽ پڙهڻ ويهي رهيس نه معلوم ڪيستائين ويٺو رهيس هن ڀيري مون کي يقين آهي ته آءٌ ادي کان وڌيڪ مارڪون کڻندس ۽ شرط کٽي بابا سان گهمڻ ويندس. اوهان جي ڇا راءِ آهي.

راج ڪمار گل، ڪنڌ ڪوٽ.

ڀولڙا ۽ چنڊ

ڪهاڻي پبليڪيشن طرفان سنڌي زبان ۾ پهريون ڀيرو ٻارڙن لاءِ دلچسپ ۽ وندرائيندڙ باتصور ڪهاڻين جي ڪتابن ڇاپڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

ڀولڙا ۽ چنڊ ڪهاڻي پبليڪيشن جو پهريون ڪتاب آهي. ڪتاب جا 36 صفحا آهن ۽ شاندار ٻه رنگو ٽائيٽل اٿس. ڪتاب جي قيمت ڏيڍ رپيو آهي. سنڌ جي سمورن بوڪ اسٽالن تان ملي سگهي ٿو. سڀني سنڌي ٻارڙن کي گهرجي ته اهو ڪتاب خريد ڪري اداري جي همت افزائي ڪن.

ڪهاڻي پبليڪيشن دينوءَ جو پڙ، حيدرآباد سنڌ.

سَلام ۽ سَنيهَا

 

محمد يونس ميهڙ کان لکي ٿو. گل ڦل ۾ ٻارن جي صحت بابت ڪالم شروع ڪريو ڇاڪاڻ ته صحت هڪ اهم مسئلو آهي. آئون ميهڙ ۾ گل ڦل جا خريدار  وڌايان پيو. اميد آهي ته اوهان جي توقع ضروري پوري ڪبي.

[صحت بابت اوهان جي صلاح وڻي جلد ان لاءِ ڪو بندوبست ڪبو. خريدارن وڌائڻ لاءِ مهرباني اوهان جو پنهنجو رسالو جو ٿيو.]

مهتاب احمد کوکر فهيم حيدرآباد کان لکي ٿو:

گل ڦل جو خاص پرچو، ”چوڏهين صدي هجري نمبر“ پڙهي دل کي خوشي حاصل ٿي. اهڙي تاريخي نمبر ڪڍڻ تي مبارڪون هجن. خوبصورت ٽائيٽل رنگين صفحا، مقدس تصويرون نظمن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي نعت نثر ۾ امداد علي راهي جي تاريخ وار سوانح ۽ ٻين مضمونن واقعي گل ڦل کي حقيقي ”گل ڦل“ بڻائي ڇڏيو آهي. اوهان هر خاص موقعي تي ٻارن جي رهنمائي لاءِ خاص نمبر ڪڍو ٿا. خداشال اوهان کي ڪامياب ۽ ڪامران ڪري.

ڳوٺ رمضان ڪالرو کان عبدالغني ڪنڀار لکي ٿو.

گل ڦل ۾ ”آڏ اکري ڳجهارت“ سٺو ڪالم آهي. پر گذريل ٻن سالن کان گهڻا ڪالم ڪٽجي چڪا آهن. مثال طور، کل ته سهي، روح رهاڻ، عام معلومات، تصوير ڪهاڻي ۽ ٻارن جا فوٽا وغيره ان کان سواءِ آڏاکري ڳجهارت ۾ اوهين بچت سچت وارن ڪتابن ڏيڻ بدران روڪ انعام ڏيو ته بهتر.

[ڀاءُ، آڏ اکري ڳجهارت ۾ ڪتاب ڏيڻ، سنڌي ادبي بورڊ جي پاليسي آهي جنهن تي عمل ڪرڻ منهنجو فرض آهي. ڪٽيل ڪالمن جي جاءِ تي جيڪي نوان ڪالم شروع ڪيا ويا آهن. انهن جو ته اوهان ذڪر ئي ڪونه ڪيو آهي. هن ننڍڙي رسالي ۾ آخر ڇاڇا ڏيئي ٿو سگهجي ٻارن جا فوٽا آفسٽ تي ڇپائڻ ڏنا اٿئون ۽ نئين سال کان اهو سلسلو وري شروع ڪنداسين]

فوزيه ۽ غزاله لاڙڪ نواب شاهه کان لکن ٿيون:

مهرباني ڪري لکندڙن کي هدايت ڪندا ته نقل ٿيل شعر ۽ ڪهاڻيون گل ڦل کي نه موڪلين ڇاڪاڻ ته ان طرح سان، اسان جو پنهنجو رسالو متاثر ٿيندو. هن ۾ لطيفا ضرور شايع ڪريو.

[ اديون، اوهان جي راءِ ڀائرن ۽ ڀينرن تائين پهچائي ويئي آهي. اميد آهي ته هاڻي نقل ٿيل ڪهاڻين کان پرهيز ڪندا. لطيفن لاءِ في الحال گنجائش ڪانهي]

مرتضيٰ شيخ لاڙڪاڻي کان لکي ٿو:

جيڪڏهين هر مهيني  پرڏيهي ادب مان هڪ ڪهاڻي پڻ ڏيو ان کان سواءِ هڪ سلسليوار ڪهاڻي پڻ ڏيو ته بهتر. روح رهاڻ ۽ روشن تارا ڇو بند ڪيا اٿو؟ ٽائيٽل اڄ ڪلهه سٺا  ڏيئي رهيا آهيو. اوهان جنهن محنت سان رسالو ڪڍي رهيا آهيو. اميد ته ان کي نڀائيندا ايندا. رسالي جي دير سان نڪرڻ جو علاج ڳوليو. ان کان سواءِ خريدارن کي رسالو دير سان ملي ٿو، ان جو به تدارڪ ڪريو.

[ادا، هر مهيني ته نه پر اڪثر پرڏيهي ادب مان ڪهاڻيون ڏيندا رهندا آهيون. سلسليوار ڪهاڻين جو سلسلو آفسيٽ کان پوءِ شروع ڪنداسون. روح رهاڻ ۾ ته ٻار رڳو نالو ڇپرائڻ ٿا گهرن نه ته پڇيل سوالن جو جواب کين ايندا آهن. روشن تارا لاءِ ڪوبه موڪلي ٿو ته اسين ضرور شايع ڪريون ٿا. اوهان جهڙن ساٿين هوندي واعدو آهي ته اسين رسالي کي سينگارڻ ۾ وسان ڪونه گهٽائينداسون. دير جو علاج ڳوليون پيا ضرور هٿ ايندو. خريدار  ۽ ايجنٽن کي هڪ ئي ڏينهن رسالو موڪلجي ٿو. دير مدار ۾ پوسٽ وارن جو ئي ڏوهه آهي. اوهان جي ساٿ لاءِ مهرباني.]  

 

هنن سان ملو

- 1950 نالو: وزير علي ”ناز“ چنه. پڙهندڙ: ستون ڪلاس. عمر: 12 سال. وندر: علم سان دلچسپي رکڻ ۽ غير ملڪي ٻارن جون تصويرون گڏ ڪرڻ. ائڊريس مڊل اسڪول فريد آباد تعلقو ميهڙ ضلع دادو سنڌ.

- 1951 نالو: شر وڻ ڪمار نند لعل ڪيلا. پڙهندڙ: اٺون عمر: 14 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: گورنمٽ هاءِ اسڪول ڊگهڙي ضلع ٿرپارڪر.

- 1952 نالو: ذوالفقار علي چنه. پڙهندڙ: چوٿون درجو عمر: 10 سال. وندر: شاعري سان دلچسپي. ائڊريس: ضمير ڪلاٿ مرچنٽ شاهي بازار فريد آباد (سنڌ).

- 1953 نالو: حسن علي فقير محمد سالڪ ڏاهري. پڙهندڙ: اٺون عمر: 13 سال. وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ ۽ اسڪول جا ڪم ياد ڪرڻ اخبار ۽ گل ڦل پابنديءَ سان پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول ڄام صاحب ضلع نواب شاه.

-1954 نالو: ظفر الله ظفر ميمڻ: پڙهندڙ: ڏهون. عمر: 16 سال. وندر: ڪورس جا ڪتاب ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ. ائڊريس: گورنمنٽ هاءِ اسڪول کهڙا، وايه گمبٽ ضلع خيرپور ميرس سنڌ.

- 1955 نالو: بيبي نسرين ”ناز“ ڌي محمد قاسم ميمڻ: پڙهندڙ: درجو ٽيون. عمر: 9 سال. وندر: ڪتابن سان دلچسپي ۽ گڏين سان راند ڪرڻ. ائڊريس: معرفت محمد قاسم ميمڻ بدين.

- 1956 نالو: محمد انور محمد قاسم. پڙهندڙ: درجو ٽيون. عمر: 10 سال. وندر: ڪتابن سان دلچسپي ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس بدين.

- 1957 نالو: مختيار علي نظاماڻي. پڙهندڙ: نائون. عمر: 15 سال. ائڊريس: پوسٽ آفيس باقرخان نظاماڻي وايه شهداد پور ضلع سانگهڙ معرفت عرض محمد نظاماڻي.

- 1958 نالو: نورالدين نظاماڻي. پڙهندڙ: نائون. عمر: 16 سال وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: معرفت عرض محمد نظاماڻي. وايا شهدادپور ضلع سانگهڙ.

- 1959 نالو: علي بخش نظاماڻي. پڙهندڙ: نائون. عمر: 15 سال. وندر: رسالا پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ راند. ائڊريس: معرفت عرض محمد نظاماڻي پوسٽ آفيس باقر خان نظاماڻي وايه شهدادپور ضلع سانگهڙ.

- 1960 نالو: محمد اسلم نظاماڻي. پڙهندڙ: ستون. وندر: ڪورس جو ڪم ياد ڪرڻ. ائڊريس: معرفت: عرض محمد نظاماڻي وايه شهدادپور ضلع سانگهڙ.

-1961 نالو: عثمان علي مصري پڙهندڙ: اٺون. عمر: 15 سال. وندر: ڳائڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس باقر خان نظاماڻي وايه  شهدادپور ضلع سانگهڙ.

-1962 نالو: شاهنواز انجم. پڙهندڙ: ستون. عمر: 14 سال. وندر: ٻارن سان وڙهڻ ۽ بلورن راند ڪرڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس باقر خان نظاماڻي وايه شهدادپور.

- 1963 نالو: محمد آچر عمراڻي. پڙهندڙ: ڇهون. عمر 11 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ گانا ٻڌڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس باقر خان نظاماڻي وايه شهدادپور ضلع سانگهڙ

- 1964 نالو: سلمان عرض نظاماڻي. پڙهندڙ: اٺون. عمر: 14 سال. وندر: ڀينرن کي خطن جا جواب ڏيڻ ۽ ريڊيو ۾ فرمائشون لکڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس باقرخان نظاماڻي وايه شهدادپور ضلع سانگهڙ.

- 1965 نالو: حاجن نظاماڻي. پڙهندڙ: ڇهون. عمر: 11 سال. وندر: ڪتاب پڙهڻ ۽ اسڪول جو ڪم ياد ڪرڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس باقر خان نظاماڻي، وايه شهدادپور ضلع سانگهر.

-1966 نالو: ميرمحمد خاصخيلي . پڙهندڙ: اٺون. عمر: 14 سال. وندر: دوستن کي خطن جا جواب ڏيڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس باقر خان نظاماڻي وايه شهدادپور ضلع سانگهڙ.

-1967 نالو: امير بخش نظاماڻي. پڙهندڙ: اٺون. عمر: 13 سال. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس باقرخان نظاماڻي وايه شهدادپور ضلع سانگهڙ.

1968 نالو: ناشاد نظاماڻي. پڙهندڙ: نائون. عمر 14 سال. وندر: ادب جو مطالعو ۽ علم سان چاهه. ائڊريس: پوسٽ آفيس باقرخان نظاماڻي. وايه شهدادپور ضلع سانگهڙ.

- 1969 نالو: مسڪين ٿهيم. پڙهندڙ: ڇهون. عمر: 12 سال. وندر: والي بال ڏسڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: معرفت لڇمڻ داس مينگهواڙ مٽياري تعلقه هالا ضلع حيدرآباد سنڌ.

- 1970 نالو: شبير احمد چنه. پڙهندڙ: ڇهون. عمر 10 سال. وندر: سنڌي ادب سان دلچسپي . ائڊريس: خان محمد سوز ميڪر شاهي بازار فريدآباد تعلقه ميهڙ ضلع دادو سنڌ.

- 1971 نالو: فاروق احمد جعفراڻي. پڙهندڙ: ستون. عمر: 12 سال. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس: محمد بن قاسم لائبريري سجاول ضلع ٺٽه سنڌ.

-1972 نالو: ڪنور. پڙهندڙ: ڇهون. عمر: 14 سال. وندر: سنڌي جو مطالعو ڪهاڻيون لکڻ، گل ڦل پڙهڻ اخبار ۽ ريڊيو ۾ حصو وٺڻ. معرفت گرڌاري لال ايڇ کتري کاهي وايه پٿورو ضلع ٿرپارڪر.

- 1973 نالو: رميش ڪمار ايڇ کتري. پڙهندڙ: ڇهون. عمر: 12 سال. وندر: سنڌ، سنڌو ديس سان چاهه، دنيا جو ادب، دنيا جي متعلق معلومات اهم شخصيتن کي پڙهڻ ۽ ڪهاڻيون لکڻ. معرفت گرڌاري لال ايڇ صدر لطيف ادبي ڪلب برانچ کاهي ويا پٿورو ضلع ٿرپارڪر .

- 1974 نالو: سرفراز احمد قاضي. پڙهندڙ: ستون. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري.

- 1975 نالو: اعزاز الدين قاضي. پڙهندڙ: ستون. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري.

- 1976 نالو: عبدالظهور پنهور. پڙهندڙ: اٺون. عمر: 14 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. خطن جا جواب جلد ڏيڻ. ائڊريس: گورنمنٽ هاءِ اسڪول کاهي وايه پٿورو.

- 1977 نالو: اڪرم احمد قاضي. پڙهندڙ: ستون. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري.

-1978 نالو: اطهر علي صبح پوٽو. پڙهندڙ: اٺون. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: گورنمنٽ هاءِ اسڪول مٽياري.

- 1979 نالو: مشتاق احمد تونيه، پڙهندڙ: اٺون. عمر: 15 سال. وندر: راند روند ڪرڻ، ڀلائي جا ڪم ڪرڻ. نماز پڙهڻ ائڊريس: پوسٽ آفيس نصيرآباد تعلقه وارهه ضلع لاڙڪاڻو.

-1980 نالو: ڪنعيولعل هندو کتري. پڙهندڙ: اٺون. عمر: 16 سال. وندر: اسڪول جا ڪم پڪا ڪرڻ ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد، ضلع لاڙڪاڻه، سنڌ.

- 1981 نالو: سڪندر علي جوڻيجو. پڙهندڙ: اٺون. عمر: 14 سال. وندر: اخبارون پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصرآباد تعلقه وارهه ضلع لاڙڪاڻه.

- 1982 نالو: محمد اشرف ميربحر. پڙهندڙ: اٺون وندر: ادب لکڻ ۽ پڙهڻ. عمر13 سال. ائڊريس: پوسٽ آفيس راڄو خاناڻي تعلقه ٽنڊوباگو ضلع بدين.

اوهان جو امتحان

امتحان نمبر- 62

2205 کي اهڙن چئن حصن ۾ ورهايو، جيئن هڪ حصي کي 20 سان ونڊ ڪجي، ٻئي حصي، کي 20 سان ضرب ڪجي، ٽئين حصي مان 20 ڪٽ ڪجن ۽ چوٿين حصي ۾ 20 جوڙ ڪجن  ته جواب هر حالت ۾ ساڳيو ٿئي.

صحيح جواب موڪليندڙن جانالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويند.ا جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 15- جنوري 1981ع آهي. جواب سان گڏ هن رسالي ۾ ڌار ڏنل ڪوپن نمبر 62 موڪلڻ ضروري آهي. صحيح جواب موڪليندڙن مان 5 نالا پکن ذريعي ڪڍي، انهن ۾ 25 روپين جا ڪتاب انعام طور ورهايا ويندا.

انعام

امتحان نمبر 60 ۾ هيٺين ٻارن جا ڪڻا نڪتا آهن:

1- محمد اشرف ميربحر راڄو خاناڻي تعلقو ٽنڊو باگو. 2- نثار حميد شيخ قمبر ضلع لاڙڪاڻو. 3- گوبندراءِ تارواڻي جهمپير ضلع ٺٽو. 4- محمد صالح خاصخيلي ڳوٺ بنو تعلقه ٽنڊوالهيار. 5- محب علي ڌڻي بخش سومرو ڳوٺ بهادر ملان تعلقه ڪنڊيارو ضلع نواب شاهه.

سڀني ٻارن کي پنجن پنجن روپين جا ڪتاب ڏنا ويندا. کين گهرجي ته پنهنجون ائڊريسون موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.

هن ڀيري 3 سوال ڏجن ٿا: 1- سنڌ جو هڪ غريب ڇوڪرو، جيڪو اڳتي هلي عالم ۽ ڊاڪٽر بڻيو. 2- موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪنهن ڪرائي. 3- ڪاهوءَ جو دڙو ڪهڙي ضلعي ۾ آهي.

جواب

1- علامه ڊاڪٽر عمربن محمد دائود پوٽو. 2- سرجان مارشل. 3- ٿرپارڪر.

جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن، انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

”ڪراچي“: عبدالوهاب لاکو، موهن لعل شاد لالواڻي. ”ٺٽو“: معين عالم کتري، محمد عارف سومرو، ساجن احمد ڪيهر، شفيق احمد ميمڻ. ”سجاول“: فاروق احمد جعفراڻي، خالد جاويد قريشي. ”دڙو“: يوسف سنڌي. ”تڙ خواجه“: نورالدين خواجه، انور علي خواجه، امحر علي خواجه. ”جهمپير“: گوبندراءِ تارواڻي، ويرو مل مولائي. ”ٻنون“: نظيراحمد سومرو. ”جهرڪ“: احمد علي ميمڻ. ”چوهڙ جمالي“: اسدالله کٽي. ”بدين“: محمد اشرف کوسو، عبدالقيوم، گل حسن ڪنڀار، عبدالرحيم ڪنڀار. ”ٽنڊو باگو“: علي محمد کتري، امتياز احمد ميمڻ، سريش ڪمار، آزاد ڪمار، اندرجيت لوهاڻو، نانڪرام پياسي، سريش ڪمار شرما، ڀيشم داس، سنيل ڪمار لوهاڻو، هريش ڪمار لوهاڻو، ڪرشن ڪمار ڀي، ڀونداس ڀي، دليپ ڪمار ڦلواڻي، علي اڪبر ڪڇي. ”پنگريو“: محمد اشرف ميمڻ. ”راڄو خاناڻي“: محمد اشرف ميربحر، ماوجي مل مينگهواڙ، گوورمل مينگهواڙ، ميٺارام. ”ڇتو مادراڻي“: ميرعطا محمد خان ٽالپر، محمد حسن ٽالپر، احمد خان ٽالپر، ”گل ملاح مانڌر“: انور علي ملاح. ”محمد صالح“: حسين بخش چانيهو ”خيرمحمد چانگ“: نورمحمد. ”عبدالرزاق ٽالپر“: عبدالخالق ٽالپر. ”گل ميرشاهه“: ضمير حسين شاهه. ”حاجي ميوو ٽالپر“ ممتاز علي ٽالپر. ”پهاڙمري“: دلدار علي خواجه. ”ٽنڊو محمد خان“: طهير احمد ميمڻ، شفيق احمد ميمڻ، رامچند صوفي، الهه بچايو سومرو، آصف علي دايو، خدابخش سومرو، محمد عاصم جان سرهندي، اشفاق احمد ميمڻ. ”ٽنڊو ڄام“: محمد حنيف ٽالپر، اشفاق احمد ڀٽي، عالم حسين صبح پوٽو، صفر علي محمد عثمان، شيراحمد. ”نصرپور“: شبير احمد، علي شيرمحمد ايوب اداسي گراڻو، اشفاق حسين ڀائو، قيصر خان پوڙهو، طفيل احمد، نظيراحمد مغل. ”چمبڙ“: فهميده ناطق، نارائڻداس ناشاد. ”مبارڪ جروار“: محمد صالح خاصخيلي. ”ڪامارو شريف“: علي اڪبر هاليپوٽو.”حاجي پيروز هڪڙو“: عبدالجليل هڪڙو ”جمع ميرجت“: حاجي سونو خان حبيب الله لاشاري. ”بٺو“: محمد صالح خاصخيلي . ”الهه بخش کور“: اقبال کور. ”راوت لغاري“ محمد اسماعيل گل بلوچ. ”عثمان شاهه جي هڙي“: محمد ابراهيم هالو. ”کيسانو موري“: علي محمد جمالي، نذير احمد جمالي. ميوو خان زرداري، نثار احمد جمالي. ”ٽنڊو الهيار“: اسرار علي مجيداڻو. ”چمبڙ“: زڪيه پروين چمبڙ. ”حيدرآباد“: فقير محمد ڀٽي، رشيد احمد زرداري، اعجاز علي بلوچ، ظفر الله آخوند، مخدوم فياض احمد، شفيق احمد قريشي. ”مٽياري“ غلام حسين ٻرڙو، تنوير حسن، عبدالرزاق ميمڻ، ”کيبر“: محمد بقا کيبر. ”هالا نوان“: شهزانه شوڪت ابڙو، اعجاز شوڪت ابڙو، عبدالغفار ميمڻ، علي ڏنو سولنگي. ”هالا پراڻا“ محمد ايوب ڀٽو، افتخار احمد ميمڻ، خالد حسين صدر، عبدالقيوم، شيرمحيد . ”ميرپور خاص“: عبدالواحد کٽياڻ، شميم کٽياڻ، ”ٽنڊو جان محمد“: گرڌاري لعل، ثناء الله جمعاڻي، سميع الله جعماڻي . ”ڏيپلو“: شير محمد جوڻيجو، عبدالغفار جوڻيجو، بلال مرتضيٰ عاقلاڻي، شوڪت محمود، لکا ڏنو بجير، جئه پرڪاش موراڻي، رفيق احمد کٽي، محمد عمر ڪلر، زيد جوڻيجو، آصف اقبال ميمڻ، نديم اختر ميمڻ، قمرلزمان ميمڻ، محمد خان. ”عمرڪوٽ“: مهيش ڪمار ڪرماڻي، دين محمد پلي. ”شادي پلي“: عبدالواحد کٽياڻ. ”سامارو“: مولا رام مالهي، ڪرشن لال مالهي. ”حاجي نبي بخش“: محمد اقبال يوسفاڻي. ”عبدالحميد پنهور“: جان محمد پنهور. ”مينڌري جو پار“: عبدالله سميجو. ”يتيم خاصخيلي“: عبدالعزيز خاصخيلي. ”جهرڪياري“: منٺار علي گجو. ”حاجي رمضان ڪالرو“: عبدالغني ڪنڀار. ”جهڏو“: سريش ڪمار، ”ٽنڊو آدم“ طارق عمراڻي، ڪرم الاهي چانڊيو، عبدالعزيز لاکو، محمد رمضان سمون، پسرام داس، منور جهان سومرو، مسعود احمد چنا. ”شهدادپور“: جان محمد ڪپري، دولترام راڄواڻي. ”ٽنڊو مٺا خان“: ايم بلوچ راڄڙ. ”پيرل ماڪوڙائي“: محمد رفيق ماڪوڙائي، نورالحسن. ”قيصر گهوٽ“: ميووخان ڳاهو، نور خان بلوچ. ”کپرو“: نواب علي ارباب، نياز احمد ميمڻ، غلام مصطفيٰ ميمڻ. ”کاڻي راڄڙ“: امام بخش مڱريو. ”برهان الدين“: محمد ساجن هنڱورجو. ”ڍليار“: ڀلو رام ڀيل. ”کاهي“: ڪنور لعل، عبدالغني پنهور، ”ڪنڀ داڙون“: غلام علي عمراڻي. ”باقر نظاماڻي“: بيبي شمس بلوچ، عرض محمد نظاماڻي. ”ڪوٽ نواب“: عبداللطف ٽالاڻي، محمد عثمان بگٽي. ”عرس ٻجورو“: خادم حسين ٻجورو. ”الهيار“: ولي محمد لوريڙ. ”ٻيڙو فقيرشورو“: منور علي ابڙو. ”ٻيڙاني“: امداد علي شاهه. ”محمد حاڪم گجو“: جان محمد گجو. ”کنڀرو“: عاجز ابراهيم راڄڙ. ”حبيب درس“: محمد موسيٰ درس. ”فقير دين محمد ڪنڀار“: قاضي احمد سميجو. ”باکرچي“: رسول بخش. ”نواب شاهه“: فوزيه لاڙڪ. جاويد اقبال ڦرڙو، سيف الله قريشي، امجد احمد ميمڻ، غلام سرور خاصخيلي، شيرمحمد انصاري، غزاله شاهين قريشي. ”دولتپور، صفن“: خليل لاکو، ”ٺارو شاهه“: سريش ڪمار، ساجنداس جڳواڻي، نعيم الحسن تيوڻو، ”قاضي احمد“: تيجومل، نيوندرام، اشوڪ ڪمار شرما، رامون مل ڪوهستاني. ”نورمحمد عامر“: عبدالڪريم عامر، غلام حسين عامر، غلام قمبر عامر، رسول بخش عامر. ”سڪرنڊ“: عاجز جتوئي، شوڪت علي لغاري، عبدالحليم سومرو، ”صالح سهتو“: شاهنواز سهتو، ”ميرعثمان شاهه“: غلام حيدرشاهه، ”ساوڻ سهتو“: الهوڌايو سهتو. ”ڪنڊوخان ”علي محمد ڦرڙو“: احسان احمد ڦرڙو. ”ڳهيري“: رياض حسين. ”ٺوڙها شريف“: عبدالرشيد جتوئي. ”سڪرنڊ“: وحيد الزمان ميمڻ، شوڪت حسين ميمڻ، الهداد جتوئي، ذوالفقار علي کيڙو. ”چڪ نمبر 5“: عبدالسميع خالد، ذوالفقار علي شاهاڻي. ”حيات سهتو“: ذوالفقار علي سهتو،نثاراحمد سهتو، مسعود احمد سهتو، منور علي سهتو. ”دالي“: محمد يوسف عباسي. ”ڪوٽڙي ڪبير“: عاشق علي ڪمبوهو، فتح محمد ٿيٻو، محمد قاسم نانگراج، عبدالستار، آفتاب حسين شاهه. ”شيرخان“: ملڪ امداد حسين، مشتاق حسين لنڊ، الهوڌايو ورڙ. ”سکيو مناهيجو“: عبدالخالق گبول، گلاب جلباڻي محمد حسين چنا، حاجن سومرو، غلام قادر خاصخيلي. ”محرابپور“: الطاف حسين جوکيو، عمران علي سومرو، غضنفر علي سومرو. عبدالحفيظ سومرو، سرمد علي سومرو. ”مهالو سانگي“: دودو سولنگي. ”هوت جو واهڻ“: نورمحمد ڀٽي. ”ڏيون“: فداحسين شاه. ”بهارو ملان“: محب علي سومرو. ”مصرجي واءِ“: سليم رضا ڏاهري. ”عمر راهو“: انورالدين لاکو. ”شادي خان عالماڻي“: غلام رضاعالماڻي. ”پريل ٻرڙو“: محمد رمضان ٻرڙو، ”68 موري“: وڪيل راجپوت. ”محب ديرو جتوئي“: نرگس انجم آرا بيگم. ”دادو“: ڪامران آخوند، عبدالخالق ڀٽي، محمد علي ميمڻ، غلام رسول ميمڻ، امتياز احمد چارڻ، اشتياق احمد چارڻ. ”بوبڪ“: اعجاز حسين چنا، شبانه چنا، دين محمد عباسي، خالد احمد سهڙو. ”جوهي“: ڪيچي خان  ٻٻر، بشيرهه گنب، محمد حنيف سولنگي، غلام صغريٰ گنب، حبيب الرحمان گنب، محمد ابراهيم گنب، رفيق احمد پنهور، علي اڪبر سومرو، عبدالرزاق بلوچ، عبدالمنان رند. ”سيوهڻ“: شمس الدين سومرو، صاحبڏنه ڏيٿو، اجيت ڪمار چند ناڙي، مختيار حسين سيال، محمد جمن ميمڻ. مشتاق احمد سومرو، ”ٿرڙي محبت“: شاهه جهان ناريجو، سنتوش ڪمار، رفيق احمد منگي، علي گوهر منگي، ”راڌڻ“: محمدخان گلال، علي محمد کوسو، نريش راجو، وزيراحمد ڍلو، امتياز علي لغاري. خيرپورناٿن شاهه“: نظيراحمد منگي، غلام علي منگي، عبدالغفار شيخ، ”مانجهند“: نوراحمد خاصخيلي، مشتاق احمد ميمڻ، عاشق حسين ميمڻ، گداحسين ”سنڌيونيورسٽي“: محمد يوسف جمالي، غلام حيدر جمالي، آفتاب آخوند. ”ايل ايم سي ڪالوني“: رفيعه قريشي. ”ميهڙ“: اعجاز علي هالو، محمد يونس. ”پيٽارو“: اختر حسين گدارو. ”ٿاڻو بولاخان“: گوورمل پرديسي، احمد علي حجام، گوورڌن لکيماڻي. ”چاڪر خان لنڊ“: غلام علي بلوچ، امام بخش بلوچ. ”شاهه اويس قرني“: محمد ايوب عمراڻي. ”ڪڪڙ“: اعجاز حسن ساريه: ”اگهاماڻي“: مشتاق سرفرار عباسي. ”شاهه آباد“: علينواز سخيراڻي، نيرهه، محمد آصف جان پيرزادو، فياض احمد قريشي. ”منظور آباد“: منٺار علي ملاح. ”پاٽ شريف“: اظهار علي شاهه. ”سيتا وليج“: منور علي سومرو. ”ڪلري“: محمد بخش گائنچو. ”لاڙڪاڻو“: محمد ايوب شيخ، محمد نواز شيخ، ڪيلاش پربت آهوجا، ابرار علي جانوري، عبدالواحد سنڌي، حبيب الله شيخ، بخت علي خشڪ، مجيب الرحمان شيخ، حفيظ الرحمان شيخ، قربان علي شيخ، اسلم پرويز مبها، برڪت علي لاڙڪ، اظهار علي لاڙڪ قربان علي شيخ، نور الله شيخ، شفيق محمد ناز ڀٽي، موتي لعل روپچنداڻي، نانڪرام ماکيجا، عامر علي سولنگي، امام الدين شيخ، رسپي سومرو، سريش ڪمار هوتچنداڻي، محمد ايوب شيخ، مظهر علي شيخ، ديدار علي شيخ، اڪرم علي ميراڻي، خليل احمد شيخ، غلام رسول سنڌي،اختر حسين پنهور، ”قمبر“: امير علي ڪلال، نثار احمد شيخ، شاهينه پروين هڪڙو، غلام اڪبر منگي، محمد اسلم پٺاڻ، پهلاج دوتاڻي، عبدالمان، عبدالله شيخ. ”رتو ديرو“: عبدالعليم پپڙ، حاجن سيال، عاشق حسين ٻوسڻ، حاجي مدد علي رنگيجو، بشير احمد پتو، ”نئون ديرو“: غلام رسول گهمرو، ارشاد علي سپڙو نثار احمد سومرو، اياز علي ميمڻ، حيدرالدين ڪلر، محمد اسحاق کهڙو، عبدالفتاح سومرو، محمد ابراهيم کوکر، مسرور  انصاري، بشيراحمد ڪٽپر، غلام شبير انصاري. ”شهداد ڪوٽ“: ڪارونجهر ڪارڙا ڏاهر سنڌي، الطاف حسين ديناري، دلدار علي شيخ، عبدالغفور سومرو، شيخ شاهنواز سنڌي، ”باڊهه“: شاهنواز ڀنڊ، الطاف حسين ڏيرو، محمد علي ساريو، عبدالحفيظ منگي، ڪرشن ڪمار منوجا، صدرالدين جوڻيجا، آشا راڻي، ويرو مل، ذوالفقار علي ساريو، ارشاد علي شيخ. ”ڏوڪري“: ذوالفقار علي جلباڻي، بهادر حسين جلباڻي، منطور علي ميمڻ، محبوب علي شاهه، سنگت راءِ پرچاڻي، ”نصير آباد“: غلام نظير احمد چنا، ديدار علي شيخ، سليم اختر شيخ، غلام اصغر هيسباڻي، مادل سنڌي، راجا خالد حسين چنا، عاجز ديدار علي چنا. ”ميرو خان“: عبدارسول ابڙو، واحد بخش تنيو. ”ڇڄڙا“: مجيب الرحمان ميمڻ، شاهمراد چانڊيو، عجب الدين ٻٻر، انور علي لاشاري. ”حيدرآباد“: غلام حسين سومرو، اعجاز علي سومرو. ”ننڍا ٻوسڻ“: عابد حسين گهانگهرو، شفقت حسين گهانگهرو. ”پٺان“: الطاف علي سيال، شيخ الهداد. ”ويهڙ شريف“: ضياء الدين پيرزادو. ”وسايو جيسهو“: ڪريم بخش سومرو. ”ميرمحمد حسن“: علي نواز، حسين بخش ٻرڙو. فيض محمد کوکر“: غلام مصطفيٰ کوکر. ”لاشاري“: رياض حسين لاشاري. ”غلام قادر خشڪ“: الطاف حسين خشڪ. ”ڊکڻ واهڻ“: محمد شريف سومرو. ”کوهارو“: مظفر کوهارو. ”گاجي کهاوڙ“: اظهر حسين کهاوڙ. ”گل وڏا“: اظهر حسين ڦل. ”باقراڻو“: رحمت الله شيخ. ”آبڙي“: نثاراحمد عباسي. ”گل محمد هيسباڻي“: مشتاق حسين هيسباڻي. ”ڳيريلو“: عبدالرزاق ابڙو. ”آباد ڀٽو“: ضمير حسين ڀٽو. ”ميهڙ وليج“: غلام مصطفيٰ ڀٽي. ”خيرپور“: فيروزالدين شيخ، حفيظ الله شيخ، قطب علي لاڙڪ، طفيل رضا بلوچ. ”رسول آباد“: شمس الدين ميمڻ، غلام محمد، امان الله ميمڻ، محمد امين ميمڻ،لياقت علي آرائين. ”ڳاڙهي موري“: جاويد احمد انصاري. ”کهڙا“: مسعود احمد خواجه. ”هنڱورجا“: امداد علي نظاماڻي، عبدالغني پيراڻي، نذير احمد لاڙڪ. ”پنگو بهڻ“: زاهد حسين کنڊ سنڌي، مشتاق احمد کنڊ. ”صوڀو ديرو“: اختيار پروين خاصخيلي. ”ٽنڊو ميرعلي“: ديدار علي بلوچ. ”لقمان“: حفيظ الله ميمڻ. ”ٺري“: غلام اصغر منگي. ”قاضي ڀٽا“: محمد پريل دايو. ”فقير يوسف“ احمد سير. ”بنگله“: سيد الطاف حسين رضوي. ”سکر“: منيراحمد شيخ. شاهنواز شيخ. شمس النساءِ ميمڻ، غلام سرور ڊيهه، نديم احمد منگي، محمد موسيٰ مهر، گلزار احمد سومرو. ”گهوٽڪي“: اسد الله سومرو، نند لعل مهراج، چندر لعل بتراڻي لڄڻداس، ڪنيا لعل نانڪاڻي، مقصود احمد، لچنداس، ارجنداس نانڪاڻي، ستوان داس ليلواڻي، اشوڪ ڪمار تيلواني سنديو ڪمار ڪيولراماڻي، ڀيمچند لنڊ، دادو رام. ”ميرپور ماٿيلو“: غلام اڪبر دل، راڄ ڪمار. ”خانپور مهر“: ارجن داس. موتي رام، درشن لعل، علي اصغر بلوچ، ڪرشن لال پريمي، غلام اصغر مهر، سليم احمد ابڙو. ”ڏهرڪي“: دليپ ڪمار پلاني، نريش ڪمارگوئندياڻي، ڌرمويز، ديارام، ستيدان گل، ڀڄن لال، اجيت ڪمار ريجهڙا. ”قادرپور“: سروانند هندو، پريتم پورڻ داس. ”سرحد“: عبدالحميد سومرو، مهيش ڪمار هميراجاني. ”مولا داد شورو“: امتياز علي شورو. ”شڪاپور“: سنڌام چند جسيجا، آزاد علي مير، راجيندر ڪمار ڇاٻڙيا، ظفر علي مٺاڻي، عبدالقيوم ميمڻ. نعيم الله ميمڻ، راجپال خوبچند، شيرين سيد، فرح ديبا سومرو. ”نئون امروٽ“: عبدالغفار دل. منظور احمد دل. ”الهه بخش سومرو“: عبدالباري سومرو. ”مرزاپور“: قمرالدين سومرو. ”آرائين“ اصغر علي جوکيو.”چڪ“: خالد صبغت الله مهر. قمرالدين سومرو. ”آرائين“ اصغر علي جوکيو. ”چڪ“: خالد صبغت الله مهر. ”جيڪب آباد“: خليل راهي سومرو. ”ڪنڌ ڪوٽ“: يارمحمد، ڪرشن لعل، ڪشور ڪمار اترادي، راجڪمار گل، راجڪمار ڏاواڻي، جئرامداس ڏاواڻي، سريش ڪمار اترادي، راجڪمار گل، راجڪمار ڏاواڻي، جئرامداس ڏاواڻي، سريش لال ٿهراڻي، رامچند ٿهراڻي، فهيم احمد ٿانوري، پيشپال ڪمار، انيل ڪمار کيٽپال، پون ڪمار ٺڪر، ڪڏا سٺ ڪمار. ”ٺل“ فتح الدين نوناري، عبدالحميد دائود پوٽو، ”تنگواڻي“: عامر نبي سر. ”ميرپور ٻرڙو“: مفتي فيض محمد سومرو. ”غوثپور“: سترگن پيراڻي. ”پانڌي خان ڪلوڙ“: الهه بخش ڪلوڙ. ”گلاب ماڙي“: محمد اسلم ابڙو. ”تاجو ديرو اڍو“: رفيق بلوچ.

هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ

ٽن ٻارن جا جواب صحيح نڪتا

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 20 جو نتيجو ظاهر

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت -20 جو نتيجو عيد جي موڪلن ڪري 25- آڪٽوبر 1980ع صبح جو ڏهين وڳي حصو وٺندڙ ٻارن (جيڪي ان وقت موجود هئا) جي روبرو انور هالائي ايڊيٽر گل ڦل ظاهر ڪيو. نتيجو هن ريت آهي:

ساڄي کان کاٻي:

2- درس 3- مارئي4- اَن5- دم 6- مدي 7- جنم

مٿان کان هيٺ:

1- ٽري 2- درهم 4- اُدم 6- منجهه.

هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن:

1- محب علي سومرو پوسٽ بهارو ملان تعلقه ڪنڊيارو ضلع بدين.

2- حبيب الرحمان گنب، گنب محله جوهي ضلع دادو.

3- سريش ڪمار، لعلواڻي باڊه، لاڙڪاڻو.

انعام جي رقم ٻه روپيا وڌائي، هر ٻار کي چوٽيهن روپين جا هيٺان ڪتاب سندن ائڊريس تي موڪليا پيا وڃن.

1- نئين مصر جا پراڻا ورق 2- وحشي جيوت جا نشان 3- وامق عذرا، هن ڇٽاڀيٽيءَ ۾ 2190 ٻارن حصو ورتو جن سڀني کي چٽاڀيٽيءَ ۾ شامل ڪيو ويو.

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت-22

هڪ سؤ روپين جو انعام

پهچڻ جي آخري تاريخ: 15- جنوري 1981ع

نتيجو کلڻ جي تاريخ: 16- جنوري 1981ع

سامهون صفحي تي ڏنل خاڪي ۾، خالي خانن ۾ اکر اهڙيءَ طرح ڀريو جو هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ با مطلب ٿي وڃن. جملن ۾ جيئن ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا آهن، ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي اسان کي مٿئين تاريخ کان اڳ ڏياري موڪليو. لفافي تي گل ڦل آڏ آکري ڳجهارت-22 لکڻ ضروري آهي. ڪوپن ۽ خاڪو پوسٽ ڪارڊ تي به چمبڙائي موڪلي سگهو ٿا.

جيڪي خانا ڀريل آهن، انهن کي هٿ نه لايو، اهي لفظ دل ۾ سوچي ڇڏيو، رڳو خالي خانا ڀرڻا آهن.

صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جي گهڻن حصو وٺندڙن جا جواب صحيح هوندا ته انهن ۾ هڪ جيترن روپين جا ڪتاب ورهايا ويندا. جي صحيح ڪوبه نه آيو ته هڪ غلطي وارن ۾ انعام ورهايو ويندو. جيڪڏهن هڪ غلطيءَ ۾ به جواب نه هوندو ته اهو انعام ٻي مهيني سان گڏي ورهايو ويندو.

هن رسالي ۾ آخري صفحي تي ڏنل شرط ۽ هدايتون ضرور پڙهو ۽ انهن تي عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو.

 

ساڄي کان کاٻي

2- شاهه لطيف جا بيت، سلوڪ ۽ تصوف جي روشنيءَ ۾ روحانيت جو -------رستو ڏيکارين ٿا.

4- جيڪي ------ ساري وڇ سير ۾ ڪاهي پون ٿا تن جو الله ئي حامي ٿئي ٿو.

6- ايڪ قصر در -------- ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون.       (شاهه)

8- --------- ٻار جيڪي محنت کان نٿا ڪيٻائين. در حقيقت مظمت جي اوچاين کي وڃي ڇهن ٿا.

9- -------- شيءِ ڪنهن کي نه وڻندي هوندي؟

مٿان کان هيٺ

1- ڪتابن سان ٻارن جو رشتو--------- جو ئي ڪونهي.

3- شاهه جي داستانن جو هڪ اهم ڪردار--------- جنهن جا اکر اڳتي پوئتي  لکجي ويل آهن.

5- --------- گفتگو ڪرڻ وارو ٻار هر هنڌ مان پائي ٿو.

7- ماٺيڻي ۽ ڪمزور ٻار کي مار ڏيڻ کان پوءِ هڪ برو ٻار ٻين جي اڳيان ائين اچي ڳالهه ڪندو آهي ڄڻ ته هو ---------- کٽي آيو آهي.

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت _ 22

 

ڪوپن _ 22

آئون سڀني شرطن ۽ هدايتن کي مڃي خاڪو ڀري موڪليان ٿو / ٿي.

نالو:

پوري ائڊريس:

 

هدايتون ۽ شرط

1- پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي ۾ خال ڀري کٽل اکر لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري، ٻئي گڏ رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي يا ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.

2- مقرر تاريخ کان پوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.

3- ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ وارن لفافن ۾ ڳجهارتن جي جوابن سان گڏ جيڪو به مواد هوندو، اهو قبول ڪيو ويندو.

4- هڪ نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا. پر هر خاڪي سان گڏ ڪوپن هجڻ ضروري آهي، ۽ اُهي گل ڦل مان ڪٽيل هجن. جدا جدا نالن سان هڪ ئي لفافي ۾ ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهن ٿا.

5- لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري آهي ۽ پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ کپي.

6-صحيح نتيجو، کلڻ واري تاريخ جي ٻئي ڏينهن روزنامه هلال پاڪستان، عبرت، سنڌنيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.

7- صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري. سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو مقرر تاريخ تي کوليو ويندو.

8- صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح هوندا ته انهن سڀني ۾ هڪ جيترو انعام ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪو به نه آيو ته اهو انعام ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾ وڌائي ڏنو ويندو.

9- ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.

10- هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ اُن کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com