سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل نومبر، ڊسمبر 1980ع

باب: --

صفحو :4

جڏهن به پنٽو کي ڪنهن ڪم کان روڪيو ويندو هو، هُو اهو ڪم ضرور ڪندو هو، ماڻس کيس هٿ ڌوئڻ لاءِ چوندي، وڃي ٻانهون به ٿڦي ايندو ڪپڙا هميشہ ميرا، وار وکريل هوءِ ويچاري رڙيون ڪري ڪري ٿڪجي پوندي هئي، روز منجهند جو روڪيندي هئس.

”اڙي او ٻڌ، ابا منجهند جو الله جا ساهه وڻن ۾ آرامي هوندا آهن، اڙي وڻن ۾ نه وڃ، اچ، اچي اندر ڪمري ۾ ويهه، هتي ڀلي ويهي راند ڪر.“ پر هو مجال جو ٻڌي، هميشہ هڪ ڪن کان ٻڌي، ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندو هو.

پر هاڻي ڪجهه ڏينهن کان هن کي ڪوئي روڪڻ وارو ڪونه هو. ماڻس جي طبيعت ڪجهه ڏينهن کان خراب هئي، کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو هئائون. ٻار هڪ نه ٻئي ڏينهن ماءُ کي ڏسڻ ويندا هئا،پر ڪجهه ڏينهن کان کين روڪي ڇڏيو هئائون. هاڻي، صرف وڏي امان، بابا وڏو ۽ سندن پيءُ اسپتال ويندا هئا. پنٽو کي ته هونئن به پرواهه ڪانه هئي رڳو ويچارا جاني مُنو ۽ شيبا ويڳاڻا ڦرندا هئا.

اڄ پنٽوءَ جي دل به نه پئي لڳي کيس رکي رکي ڪجهه ڏينهن پهرين ٿيل ڳالهيون پئي ياد آيون.

وڏي بابا ۽ وڏي امان پاڻ ۾ ڳالهائيندي چيو هو“ الله ويچاريءَ جو سر پنهنجي اولاد تي سلامت رکي، ننڍا ننڍا ٻچا اٿس. الله ڪا ان مرض مان جان ڇڏائيس.“

۽ تڏهن کان پنٽو کي سک نه پئي آيو. هو به هاڻي ويڳاڻو پئي ڦريو کيس ياد آيو. ان ڏينهن ماڻس بيزار ٿي چيو هو.

”پنٽو، مان نه جي مري وڃان پوءِ ڪنهن کي تنگ ڪندين.“

”ڪنهن کي ڪندس“ هن شرارت مان ڪن ٺيها ڪيا هئا.“ مان پوءِ تنگ ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندس.“

”ته ڇا، تون صرف مون کي ستائڻ لاءِ اهي حرڪتون ڪندو آهين“ ماڻس هن کان پڇيو هو ۽ هو ٺينگ ڏئي ٻاهر هليوويو ڪوبه جواب نٿه ڏئي سگهيو هو. ۽ اڄ اهائي ڳالهه ياد پئي آيس، هوءَ به وئي هلي ته پوءِ، مان ڇا ڪندس، رات جو سمهڻ مهل وڃڻو ڪير هڻندو ڪپڙا ڪير ڌوئي ڏيندم ۽.... هو هڪدم صندل ڏانهن هليو آيو.

”وڏي امان، وڏي امان، امان کي ڇا ٿيو آ.“ هن بيتابيءَ مان پڇيو.

”ڇو تنهنجو ان ۾ ڪهڙي ڪم، تون ته وڃي شيبا کي مار منوءَ کي ڪُٽ.

”نه امان گهڻو ڪجهه سمجهي وئي. هن ڏانهن ڏسندي چيائين“.

جنهن ماءُ جو اوالاد نافرمان ۽ تو جهڙو هجي ته ان کي سائي ٿي پوندي آ پٽ، ۽ تنهنجي ماءُ کي به سائي ٿي پئي  اهو سڀ تنهنجي ڪري ٿيو آ، تون نه هن کي تنگ ڪرين. ته هو بيمار ئي نه ٿئي.“

پنٽوءَ جو ڪنڌ جهڪي ويو ڏاڏيءَ کان پڇيائين.“ سائي ڇا اهڙي خطرناڪ بيمار هوندي آ، امان.“

”ها، پٽ، ڏاڍي خطرناڪ ٿيندي آ.“ ”ماڻهو ان ۾ مرندو ته ڪونهي“

وڏي امان جي منهن تي مرڪ تري آئي، هوءَ سڄي ڳالهه سمجهي وئي. منهن ڦيري چيائين.

”ها ابا، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو مري  به ويندو آ.“

پنٽو سڄو ڏڪي ويو، هن وڏي امان جي ڪڇ ۾ مٿو رکندي چيو ”اهو سڀ جيڪڏهن منهنجي ڪري ٿيو آ نه امان، ته مان قسم ٿو کڻان هاڻي ڪڏهن به نه. تون رڳو الله سائين کي دعا ۾ ٻڌاءِ ته مان هاڻي ٺيڪ ٿي ويو آهيان. امي کي به ٺيڪ ڪري گهر موڪلي.“

هن جو آواز ڀرجي آيو هو. وڏي امان هن کي ڪڇ ۾ پنهنجي رئي ۾ لڪايو ۽ دعا لاءِ هٿ کنيا.

کيس ڏاڍي کل پئي آئي، پهرين سوچيائين ته هن کي ڇا ٻڌايان، ته ماڻس کي سائي جي چَٽ اچي وئي هئي، پنٽو به دعائون گهرڻ لڳو ”الله سائين، مان آئيندي ڪڏهن به امي کي تنگ نه ڪندس، تون رڳو کيس گهر موڪل الله سائين مان..................“

وڏي امان کي ڏاڍي کل پئي آئي اهو سوچي ته سندس ننهن هاڻي بلڪل ٺيڪ هئي ۽ هلڪي سائي جي چَٽ اچي وئي هئي.ڍ

وڏي امان وري ويچاري پريشان هئي. پنٽو اڄ به غائب هو، سڀيئي جڳهيون ڳولي چڪا هئا. وڏو بابا، پنٽوءَ جو پيءُ، هو ڪافي دير کان غائب هو، ”پاڙي اوڙي ۾ هو نه وري چونڪ تي.“

اوچتو وڏي امان کي خيال اچي ويو. پنٽو جي پيءُ، کي چيائين.

”مان اچان ٿي سرفراز. ڪجهه ڪم اٿم“ هو ويچارو پاڻ پنٽو لاءِ پريشان هو، سوچيائين متان ڪو پاڙي جو گهر بچيل هجي جتي امان کيس ڳولڻ ويندي هجي. وڏي امان هڪدم اسپتال هلي آئي. سندن گهر اسپتال کان ٿورو ئي پري هو، ڪجهه گهٽيون لتاڙي، اسپتال اچي، هن جيئن ئي ننهن جي ڪمري جو در کوليو سندس خدشو درست نڪتو، پنٽو ماءُ جي هنج ۾ سڏڪا ڀري رهيو هو.

”امي ....امي، مون توبهه ڪئي، هاڻي ڪڏهن به توکي تنگ نه ڪندس. سچي... مان نه ..... مان....مان الله  جو قسم هاڻي.....“

ان مهل وڏي امان کيس هلڪڙي تڦڙ هڻي چيو ”قسم نه کاءُ گوريلا. ماءُ کي تنگ ڪرڻ کان ڪڏهن مڙندين. چريا توکي ڳولي ڳولي اسان ته اڌ مئا ٿياسين. هاڻي منهن ڌوئي اچ ته گهر هلون، ڪجهه ڏينهن ۾ ماڻهين به گهر اچي ويندي.“

پنٽوءَ ماءُ جي ڪڇ سان مٿو کڻي وڏي امان ڏانهن ڏٺو، ڏسندئي کلي ڏنائين ۽ ڳل اگهي، ٺينگ ڏئي ٻاهر نڪري ويو.

”ڇا پيو چوئي“ وڏي امان ننهن کان پڇيو.

”معافي پئي ورتائين چاچي، چيائين پئي، آئيندي ڪونه ڪنڊ ۾. هوءَ ويچاري پاڻ کلي پئي.

وڏي امان کي کل اچي وئي، ننهن کي چيائين“ زينب علاج ته تنهنجي بيماريءَ جو ڪرڻ اسپتال آياسين، ڪهڙي خبر هئي ته هن گوريلي جي مشين جو علاج به ٿي ويندو.“

 

ننڍڙا اديب

هڪڙو ننڍڙو ٻارڙو،

والدين جو آ لاڏلو.

هڪ وارو پڇيو ماءُ کان،

جميل وانگيان سبق سکان،

وڏو ٿي بنجان توهان جو سهارو.

هڪ ڀيرو ٿيو اسڪول ڏي گذر،

استاد صاحب ڪئي نظر،

ٻڌ علم جي خوشخبر،

عزت ڪري ٿو جڳ سارو،

هڪڙو ننڍڙو ٻارڙو.

دنيا ۾ اهو انسان خوار.

ملي نه ڪنهن پر ان کي قرار،

ناهي جنهن کي علم، سان پيار،

هڪڙو ننڍڙو ٻارڙو.

منهنجو عزم پڪو آهي،

پڙهندس امڙ محنت ڪري،

نالو منهنجو روشن رهي،

مور نه ڇڏيو علم کي ٻارو،

هڪڙو ننڍڙو ٻارڙو،

والدين جو آ لاڏلو.

- گل افشان سيد، شڪارپور

علم پرايو

هڪ ڳوٺ ۾ ارشد ۽ حنيف ٻه دوست رهندا هئا، هنن جي پاڻ ۾ ڏاڍي دوستي هئي، ارشد شاهوڪار پيءُ جو اڪيلو پٽ هو ۽ حنيف هڪ غريب هاريءَ جو پٽ هو. حنيف سدائين ٻيون نمبر ايندو هو، هن سال حنيف ارادو ڪيو ته ايتري محنت ڪريان جو سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر اچان ۽ امتحان به ويجها هئا. حنيف ڏينهن رات ڪري پڙهندو هو ۽ هوڏانهن ارشد سڄو ڏينهن آوراه گردي ڪندو هو. حنيف هن کي سمجهائيندو هو ته ”ادا! رلڻ مان ڪجهه نه ٿيندو، علم پراءِ.“ ارشد مرڪي چوندو هو ته ”مون کي پڙهڻ سان واسطو مون وٽ ايتري دولت آهي جو سڄي عمر ويهي کاوان ته به نه کٽندي. حنيف ماٺ ڪري ويندو هو ۽ هاڻي امتحان ۾ اچي ويا، جڏهن امتحان گذري ويا ته حنيف کي پنهنجي امتحان جي نتيجي جو انتظار هو، اهو ڏينهن به آيو جڏهن نتيجو نڪتو ۽ خبر پئي ته حنيف سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر آيو آهي ۽ ارشد ناپاس ٿيو. حنيف کي اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، سڀ حنيف جي ساراهه پيا ڪن. جڏهن ارشد کي خبر پئي ته حنيف پهريون نمبر آيو آهي ۽ پاڻ ناپاس ٿيو آهي ته حنيف سان نفرت ٿي ويس. جڏهن به حنيف ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ان تي ٽوڪون ڪري چوندو هو ته هل ڙي تون ڇا پڙهندين. حنيف کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. ارشد جون دانهون سڄو ڳوٺ ڪندو هو. ارشد هڪ ڏينهن ڪنهن ڇوڪري سان وڙهيو ۽ ان کي ايترو ماريائين جو هو بيهوش ٿي ويو. هن جي پيءُ روزانو شڪايتون ٻڌي تنگ ٿيو هو ۽ ارشد کي گهر مان نڪري وڃڻ جو چيائينس. ارشد نڪري ويو. ٻه – ٽي ڏينهن ته دوستن کارايس، نيٺ هڪ هڪ ٿي سڀ ڇڏي ويس. هڪ ڏينهن هن کي ڪنهن دوست ڪجهه نه کارايو بک به ڏاڍي لڳيس، ڳوٺ ڏانهن وڌيو. هي وڃڻ سان ئي حنيف ڏي ويو ۽ ٻاهر در کڙڪايو، حنيف جو پيءُ نڪتو، حنيف ان وقت پڙهي رهيو هو، حنيف جي پيءُ هن کي نه سڃاتو ۽ حنيف کي چيائين ابا هڪڙو ڇوڪر توسان ملڻ ٿو چاهي حنيف ٻاهر نڪتو ۽ ارشد کي سڃاتائين چيائين ارشد تون مون غريب وٽ ڪيئن آيو آهين، تون ته امير ماڻهو آهين. ارشد چيو دوست! مان غلط راهه تي هيس، دوست مون کي معاف ڪر. ارشد مان ڇا معاف ڪيائين معاف ته اها هستي ڪريئي، جنهن جي تو دل ڏکائي آهي، تنهنجو پنهنجو پيءُ. پوءِ حنيف سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. ارشد کي پيءُ معاف ڪيو. ٻارو پوءِ ارشد دل لڳائي پڙهندو هو. امتحان ۾ هر ڀيري حنيف سان ڪلهو ڪلهي سان ملائيندو رهيو.

زاهده گوپانگ، قمبر

کٽيل آڳ

ماستر ڪيترو به روڪيندو هئن ته اهڙي راند نه ڪريو جنهن مان ڪو نقصان پوي. پر هو اڪثر ڪري ماستر جو ابتو چوڻ ڪندا هئا. ڪڏهن بلور ڪڏهن ملهه ۽ ڪٻڊي جهڙيون حرڪتي رانديون ڪندا هئا. جي ڪير چوندو هئن ته فلاڻي جو عضوو لڳو آهي ته چوندا هئا ته روز روز ته عضوا ڪونه ڀڄندا آهن. اهو جواب ٻڌي سڀيئي خاموشي اختيار ڪندا هئا.

اڄ جڏهن شام جا ڪرڻا وڌڻ لڳا ڏينهن جي تپش گهٽجي ويئي ته هڪ نئين راند جنم وٺي رهي هئي. ان جا ايجاد ڪندڙ شفو ۽ جمعو هئا.

هونئن به انهن ٻنهي کي پڙهڻ جو شوق بلڪل ڪونه هوندو هئو. صبح جو گهران اسڪول لاءِ تيار ٿي نڪرندا هئا پر وتندا هئا رلندا. گهر اچي پڙهڻ جو نڪاءُ ملائي ڇڏيندا هئا. روز راندين جون نيون اسڪيمون پيا سوچيندا هئا. ڪٿي به ڪا نئين راند ڏسندا هئا ته ڳوٺ اچي اها راند شروع ڪندا هئا. راندين جي لحاظ کان ٻئي ڪئپيٽن جي لائق هئا. هونئن به ڪا راند ٿيندي به انهن وٽان هئي ۽ بند اهي ڪندا هئا.

اڄ جيئن ئي هي ٻئي ڀر واري ڳوٺ ۾ ٻيرن تي اسڪول کان گسائي ويا ته اتي هن هڪ نئين راند جو جائزو ورتو. هونئن به هي ٻئي راند جا ماهر هئا. اڄ هي ڏاڍو خوش هئا، هن اڄ هڪ نئين کوجنا ڪئي هئي. جڏهن اسڪول بند ٿيو ته هي ٻئي پاسو وٺي ڇوڪرن ۾ شامل ٿي ويا ۽ انهن کي ٻڌايو ويو ته شام تي هڪ نئين راند کيڏي ويندي. سڀ ڪنهن کي اچڻ گهرجي اها راند هئي ”اٽي ڏڪر“

هنن ٻنهي وڃي گهر اٽي ڏڪر ٺاهڻ شروع ڪيو. شام جو پاڇا گهرا ٿيندا پئي ويا. تڏهن هي ٻئي اٽي ڏڪر ٺڙڪائيندا ميدان ۾ پهچي ويا. ٻنهي جي دوستي ته ڏاڍي هوندي هئي سو ٻنهي صلاح ڪري ٻين ٻارن کي ڊوڙائڻ لاءِ سوچيو.

راند جو ٻڌي ڪيترائي ٻار جمع ٿي ويا هنن ٻنهي جي شرارت ۾ ڪيترا ئي معصوم ٻار ڦاسندا پئي ويا. راند شروع ٿي وئي. هڪ ٻار غني تي آڳ اچي وئي. هن ويچاري کي اچي ڊوڙاين آخر هن پنهنجي جان بچائڻ خاطر جهپ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. شفوءَ جي هڪ تيز اٽي غني طرف وڌي هن جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي. اٽي هٿ هن مان نڪري اک طرف وڌي راند بلڪل بند ٿي وئي. چؤطرف خاموشي. هنن ٻنهي جي منهن تي ڦڪي مرڪ. سڀ ڇوڪرا غني طرف وڌڻ لڳا. هو اک کي هٿ ڏئي روئي رهيو هو. اک سڄي چڪي هئي. پر هنن ٻنهي جي نيت ۾ ڪوبه فرق نه آيو ڇوڪر کي ڌڪ لڳڻ جي باوجود به هنن ٻنهي جا هٿ غني جي ٻارن ۾ هئا. هو چئي رهيا هئا. ته ”اسان جي آڳ کٽل آهي. توکي آڳ ڏيڻي پوندي. هن ڇوڪر جان ڇڏائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته ٻئي ڇوڪرا وڙهيس پئي اسان توکي منٿ ڪئي ته ته کيڏ، توکي آڳ ڏيڻي پوندي. سعيد جيڪو اسڪول ۾ بهترين ڇوڪر هو. گوڙ ٻڌي گهران ٻاهر نڪري آيو. جڏهن حقيقت جي خبر پيس ته هن غنيءَ جي بدران آڳ ڏني. ۽ ٻارن کي صلاح ڏيندي چيائين ته آئيندي لاءِ اهڙن ٻارن سان اهڙيون شرارتي رانديون نه ڪندا ڪريو. اچو ته سڀ لڪ ڇپ راند ڪريون. راند شروع ٿي ويئي. شفوء ۽ جمعي سعيد کي چيو اسان کي به کيڏايو. آئيندي لاءِ اسان به سٺا ٻار ٿي وينداسين. ۽ سڀ گڏجي کيڏڻ. لڳا. چؤطرف ٻار لڪي ويا هڪ ڪوڪ ٿي. سعيد انهن کي ڳولينهندو رهيو. گهڙي بعد آواز آيو ”لڪي پڪي جاءِ ڪجو، نوريئڙو ٿو جاڳي.

۽ سڀني ٻارن ۾ اٿاهه خاموشي ڇانئجي ويئي.

- سيف الله سهتو بهلاڻي

ها مان خوش آهيان

هڪ ڀيري راجا جي درٻار ۾ هڪڙو بازيگر آيو. بازيگر راجا کي ڪيترا کيل ڏيکاري خوش ڪيو. راجا خوش ٿي بازيگر کي چيو، ”گهر، ڇا ٿو گهرين.“ بازيگر چالاڪ هيو، تڏهن هن چالاڪيءَ مان چيو، ”مهاراج، توهين سڀ ڪجهه ڏئي سگهو ٿا. اهو ڪجهه ڏيوم جيئن خوش ٿي وڃان.“

راجا بازيگر کي سوني جون سؤ مهرون ڏنيون. مگر بازيگر خوش نه ٿيو. تڏهن راجا هن کي ٻه سؤ مهرون ڏنيون ته به لالچي بازيگر خوش نه ٿيو. راجا پنهنجي ڳچيءَ مان موتين  جو هار لاهي بازيگر کي ڏنو، تڏهن به هي خوش نه ٿيو. راجا ڏاڍو پريشان ٿيو ته هاڻي ڇا ڏيڻ کپي. راجا جو هڪ وزير هيو جيڪو ڏاڍو سياڻو هو. اهو وزير به درٻار ۾ ويٺل هو ۽ سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو. وزير راجا کي صلاح ڏني ته بازيگر کي رات مهمان خاني ۾ رهايو ۽ هن کي سڀاڻي خوش ڪنداسون.

وزير سڀني کي سيکاري ڇڏيو ته جڏهن به توهان درٻار ۾ اچو ته راجا کي چئجو ته، ”مان راجڪمار جي ڄمڻ تي ڏاڍو خوش آهيان.“

ٻئي ڏينهن درٻار لڳي. راجا پنهنجي تخت تي ويٺل ڳڻتيءَ ۾ ٻڏل هو ته بازيگر ۽ ٻيا درٻاري پنهنجن پنهنجن جڳهين تي ويٺل هئا. تڏهن هڪ درٻاري اٿيو ۽ راجا جي سامهون وڃي جهڪي چيائين ته مهاراج مان راجڪمار جي ڄمڻ تي خوش آهيان“ ٻئي درٻارين ساڳيو عمل وري وري دهرايو. راجا عجب ۾ پئجي ويو ته هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي. تڏهن هو سمجهي ويو ته ضرور وزير ڪوئي نئين چال چلي آهي.

آخر ۾ وزير اٿيو ۽ راجا جي سامهون وڃي جهڪي ادب سان چيائين، ”مهاراج مان اوهان جي پٽ جي ڄمڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان.“ هاڻي بازيگر ئي وڃي رهيو هو، جنهن نه پنهنجي جاءِ ڇڏي ۽ نه راجا کي ڪجهه چيائين. وزير بازيگر کي چيو ته، ”تون راجا کي مبارڪ نه ڏيندين؟ ڇا تون راجا جي پٽ جي ڄمڻ تي خوش نه آهين؟“ نيٺ لاچار ٿي بازيگر کي اٿڻو پيو ۽ راجا جي سامهون پهچي جهڪي ادب سان چيائين، ”مهاراج مان خوش آهيان.“

راجا جي ڳڻتي لهي ويئي. ڪجهه ڏيڻو به نه پيس ۽ پريشاني به ختم ٿي ويس. لالچي بازيگر هٿين خالي رمندو رهيو.

- سنڌيڪار: اشوڪ ڪمار نهالچنداڻي، ميرپور ماٿيلو

ضمير سان جنگ

اڄ سڄي ڳوٺ ۾ چئه ٻول مچي ويوهو، ڄڻ ته زلزلو اچي ويو هجي. ڇو ته اڄ هاريءَ جي پٽ يوسف انگريزي پڙهڻ جي خواهش ڪئي هئي. هو تمام گهڻو ذهين هو. جڏهن هن پنج درجا پرائمري جا پاس ڪيا ته هيءُ سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر آيو. جڏهن وڏيري جي ڪن تي اها ڳالهه پهتي ته هڪ گهٽ درجي جو هاري پنهنجي پٽ کي انگريزي پڙهائي ٿو ته هن جي پڳ لهندي نظر آئي. هن جي ابن ڏاڏن ڪهڙي وڏي ڊگري پاس ڪئي هئي، جو اڄ هيءُ ڇورو انگريزي پڙهي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن کي ڊپ هو ته هو وڏو ماڻهو ٿي هن سان مقابلو ڪندو.

هن هاري جي گهر چورائي موڪليو ته جيڪڏهن اوهين پنهنجي پٽ کي پڙهائڻ جي خواهش رکو ٿا ته پوءِ هن ڳوٺ مان جيترو جلد ٿي سگهي نڪري وڃو نه ته اوهان جو خير نه آهي. پوڙهو هاري پريشان ٿي ويو. هن پنهنجي پٽ کي چيو ته تون انهي ڳالهه تان لهي وڃ. نه ته هي وڏيرو پاڻ کي مارائي ڇڏيندو. پر يوسف دل ۾ پڪو پهه ڪري چڪو هو ته هو ضرور تعليم پرائي هن دقيانوسي سوچ رکندڙ وڏيري کي ٻڌائيندو ته تعليم هڪ اهڙي روشني آهي. جيڪا اونداهيءَ کي ختم ڪري سڌي واٽ ڏسي ٿي هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته بابا اسين هي ڳوٺ نه ڇڏينداسين بلڪ اسين وڏيري جو مقابلو ڪنداسين.

يوسف انگريزيءَ ۾ داخلا ورتي. هو محنت ۽ لگن سان پڙهندو رهيو. جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ته هاريءَ کي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي، هاڻ هي فيصلو ڪري چڪو هو ته هو پٽ کي ضرور ڊاڪٽر ڪندو، هي هڪ ڀيرو وري وڏيري وٽ آيو. ڇو ته هن کي پنج سؤ روپين جي تمام گهڻي ضرورت هئي، هن کي يوسف لاءِ فين ۽ ڪتابن لاءِ پئسن جي ضرورت پئي. هن وڏيري کي چيو ته سائين مون کي پنجن سون جي تمام گهڻي ضرورت آهي وڏيري چيس ڇا ڪندين پنجن سون کي؟ سائين آئون پنهنجي پٽ کي ڊاڪٽري پڙهائڻ چاهيان ٿو، سو......اڃان هن جملو ختم ئي نه ڪيو ته وڏيرو ڪاوڙ ۾ تپي لال ٿي ويو ”ڪرمون“ ڇا تون اڃا به انهي ڳالهه تان نه هٽندين؟ توکي وقت ڏيان ٿو، سوچي وٺ پر جيڪڏهن انهي ڳالهه تان باز نه ايندي ته تنهنجو تمام برو حشر ڪيو ويندو. ڪرمون وري واپس موٽي آيو. پر هي پنهنجي دل ۾ پڪو عهد ڪري چڪو هو ته وڏيري جي ڌمڪين ۾ نه ايندو ۽ پنهنجي پٽ کي ڊاڪٽر ڪندو هن پنهنجو پيارو ڏاند جنهن تي هر رکي ٻنيءَ تي ويندو هو، اهو وڪڻي پنهنجي پٽ کي داخلا وٺي ڏني.

شهر ۾ يوسف محنت ۽ لگن سان پڙهندو رهيو هڪ ڏينهن هن کي اوچتو هڪ تار ملي، جلدي کولي پڙهيائين ته لکيل هو ته ”تنهنجي پيءُ کي وڏيري مارائي ڇڏيو آهي. ان ڪري جلدي ڳوٺ ۾ پهچي وڃ.“ تار پڙهڻ سان يوسف کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. هو جلدي ڳوٺ روانو ٿيو. هي جڏهن گهر پهتو ته هن جي نظر سندس مظلوم پيءُ جي لاش تي پيئي هن جي اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي. جڏهن هن کي سندس پيءُ جي ويجهو آندو ويو تڏهن هن جي نظر پنهنجي پيءَ جي چهري تي پيئي. جيڪو ڄڻ ائين چئي رهيو هو ته ”پٽ مون کي ظالم وڏيري مارايو آهي، تون منهنجو انتقام هن کان ضرور وٺجانءِ“. ها آئون ان کان ضرور پنهنجي پيءُ جو بدلو وٺندس. هن پنهنجي دل ۾ پڪو عهد ڪيو.

پوءِ يوسف محنت سان پڙهندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن اهو به آيو جڏهن ڊاڪٽر بنجي چڪو هو. پنهنجي پيءُ وارو واقعو گهڻي قدر وساري چڪو هو، ته اوچتو هڪ ڏينهن هن جي اڳيان هڪ اهڙو مريض پيش ڪيو ويو . جنهن کي ڏسڻ سان يوسف کي ماضيءَ وارو واقعو ياد اچي ويو: هن جي جذبات ۾ هلچل مچي ويئي.ڇاڪاڻ جو وڏيرو سندس پيءُ جو قاتل هن جي سامهون پيل هو. اڄ يوسف کي پنهنجي پيءُ جو وير وٺڻ جو وقت اچي ويو هو. سندس اڳيان پنهنجي پيءُ جو چهرو تصور ۾ ڦرڻ  لڳو. مظلوم چهرو هن جي دماغ جي هڪ ڪنڊ کان آواز آيو.  يوسف هي موقعو اٿئي پنهنجي پيءُ جي انتقام وٺڻ جو ها آئون ضرور پنهنجي مظلوم پيءُ جو بدلو وٺندس، ”آئون هڪ ئي انجيڪشن لڳائڻ سان هن جي زندگيءَ جو خاتمو آڻيندس“. اڃا هي انجيڪشن ڀري رهيو هو ته اوچتو دماغ جي ٻيءَ ڪنڊ کان آواز آيو ته يوسف تون هي ڇا ڪري رهيو آهين؟ ڇا ڊاڪٽر جو مطلب آهي ته ڪنهن جي جان وٺجي؟ هيءَ سندس ضمير ڳالهائي رهيو هو تون هن کي مارڻ کان اڳ اهو سوچ ته ڇا توکي ڊاڪٽر ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته ڪنهن جي جان بچائڻ بدران ان کي ختم ڪرين؟ يا هن کي مارڻ سان تنهنجو پيءُ واپس موٽي ايندو؟ جيڪڏهن تون هن کي ماريندين ته دنيا هن مقدس پيشي تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيندي. ۽ آخر ضمير تي فتح ٿي. هن پنهنجو فرض نڀايو جڏهن وڏيري کي هوش آيو، تڏهن ڪرمون جي پٽ يوسف کي پنهنجي آڏو جهڪيل ڏٺائين. جلدي سمجهي ويو ته يوسف هن کي بچايو آهي. هو تمام گهڻو پشيمان ٿيو ۽ شرمندگيءَ جا لڙڪ هن جي اکين مان وهڻ لڳا هن يوسف جي مٿي تي پنهنجو ڪمزور هٿ رکي چيو ته ”پٽ تو کٽيو مون هارايو. مون کي معاف ڪر.“

هاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ تو جهڙا هزارين يوسف تعليم پرائيندا. هر هڪ ٻار آزاديءَ سان تعليم حاصل ڪري سگهندو.“

ناز مغل، مٽياري

شرط

امتحان ۾ اچي 15 ڏينهن بچيا هئا. هن ڀيري بابا چيو هو ته اوهان ٻنهين مان جيڪو امتحان ۾ پهريون نمبر کڻندو ان کي آئون وئڪيشن ۾ لاهور جو تاريخي قلعو گهمائيندس“.

مون حسب معمول ان طرف ڌيان ئي ڪونه ڏنو ته ڪا مون کي شرط کٽڻي آهي.

جئرام منهنجو ڀاءُ ۽ آءٌ نائين ڪلاس ۾ پڙهندا هياسين جئرام مون کان پڙهڻ ۾ زور هيو هجي به ڇو نه محنت جو ڪندو هو بس شرط جو هن ڀيري ٻڌي هن ان کي کٽڻ جو پڪو فيصلو ڪيو ۽ هو ڏينهن رات شرط کي کٽڻ جي ڌن پڙهڻ لڳو.

منهنجي دل به چاهيندي هئي ته آءٌ پڙهان ۽ مينار پاڪستان ڏسڻ جي شرط کٽان پر وري پڙهڻ کي خراب سمجهي ڪين پڙهندو هيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com