سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :12

پاڻ هڪ اعلى درجي جو حڪيم هو. ويتر ڏاڏنگ ۽ ناننگ کان هي مشغلو ورثي ۾ ملڻ سان، وڏي پايي جو طبيب بڻجي پيو. طب تي لکيل سندس ڏاڏي جو ڪتاب ”سديدي“ سندس وڏي رهنمائي ڪئي. ناياب ۽ مجّرب نسخا هن ڪتاب ۾ شامل هئا، جن جو مخدوم صاحب پوريءَ ريت اڀياس ڪيو. ازانسواءِ طب بابت ٻيا به ڪافي ڪتاب ورثي ۾ مليس، جن ۾ علاج معالج ۽ مجّرب نسخن جو چڱو ذخيرو موجود هو. ملازمت جي زماني کان وٺي مخدوم صاحب مريضن جو تسلي بخش علاج ڪندو رهيو. خاص ڪري گوشه نشينيءَ واري ڪيفيت ۾ ڪيترن مايوس مريضن جو دوا دارون ڪري، کين آجو ڪيائين.

مخدوم صاحب کي طب سان فطري لڳاءُ هو. ڪن حالتن ۾ سندس علاج ڪرامت جهڙا ڪرشما به ڏيکاريا. ”زمرد اخضر، طلب اڪبر“ ۽ ”مفردات سودي“ جهڙا ناياب ۽ ڪامياب نسخا وٽس موجود هئا، جنهن جي وسيلي لاعلاج مريض به وٽانئس شفاياب ٿيندا رهيا. انهيءَ نيڪيءَ مخدوم صاحب جو نالو ڏيهان ڏيهه پڌرو ڪيو.

ڪوڙهه، بَگ ۽ گُردي جي سور جو ته وٽس بي مثال علاج هو. عام طرح ”گردي جو سورُ“ موذي مرض سمجهيو ويندو آهي. مخدوم صاحب وٽ هن بيماريءَ جو علاج مختصر، سادو ۽ خاطر خواهه نموني ۾ ٿيندو رهيو.

منهنجي چاچي ۽ سهري، حاجي محمد عثمان ميمڻ (حال عمر 82 ورهيه) کي جوانيءَ ۾ گُردي جو سورُ پوندو هو. سوين سعيا ڪيائين ۽ هڙ حيلا هلايائين، مگر ڪٿان به خاطر خواهه فائدو نه ڏٺائين. لاچار ٿي (1929ع ۾)، ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ آپريشن لاءِ داخلا ورتائين. اڃا آپريشن وارو سج سامهون مَس آيس، ته ڀئو کان ڪنهن بهاهي لِڪي اچي لاڙڪاڻي پهتو.

چوندا آهن ته ”جڏهن ڪا ڀلائي ٿيڻي هوندي آهي، ته اڻائي به سَڻائي ٿي پوندي آهي.“ مَڄاڻ ڪو انهن ڏينهن ۾ مخدوم صاحب لاڙڪاڻي آيل هو. چاچي سائينءَ کي به سندس زيارت نصيب ٿي. گفتگو دوران، اندر جي اوناهين وچان پنهنجو مرض بيان ڪيائينس. مخدوم صاحب مشڪي چيس: ”ميان! چڱو ٿيو جو ڊاڪٽرن جي وَر نه چڙهين، ورنه پيٽ ڦاڙي ڇڏني ها!! فائدو ته فائدي جي ماڳ، ويتر سِر به سَهائين ها! پوءِ پاڻ هڪ ڪاغذ جي ٽڪر تي ٽن معمولي شين (سَنا، سُنڍِ ۽ وڏف) جي فهرست لکي، فوراً ڦڪي استعمال ڪرڻ جو امر ڪيائين(1).

چاچي سائينءَ کي پهرينءَ ڦڪيءَ ۾ ئي ايترو فرق پئجي ويو، جو اڄ تائين هي مرض نه سنبريو آهي. ڦڪي ته خير معمولي هئي، مگر درويش جي دعا، ڪرشمو ڪري ڏيکاريو، سندس دعا سان اڄ به جيڪڏهن هي مجرب نسخو واپرائجي ٿو، ته اوترو ئي فائدو ڏيندو. مخدوم صاحب جي هدايت موجب هزارين جيءَ هن مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪا آهن.

مطالعي مان وڌيڪ معلوم ٿئي ٿو ته کيس تاريخ ۽ سياست جي به ڀَليءَ ڀَت ڄاڻ هئي. بحث مباحثي دوران مبلغ ۽ مدعي به مات ڪري ويندا هئا. وٽس روحانيت به ججهي هئي. ان کان سواءِ علم جفر، رمل، سيميا، ڪيميا، فلسفو ۽ نجوم وغيره تي به وڏي دستر رکندو هو. عربي زبان ۾ سندس لکيل ڪتاب وڏي پايه جا آهن. حيرت ٿي لڳي، ته ڪيڏو نه سندس سينو ڪشادو هوندو، جيڪو باوجود دنيا جي لڳ لاڳاپن کان پَري رهي ڪري به علم جو هڪ اٿاهه سمنڊ هو! سچ پچ اها خدا تعالى جي طرفان ڏات ڏنل هئي.

سندس حافظو تيز هو. پڇاڙيءَ تائين به ڪتابن جا نالا ته ٺهيو، صفحا به برزبان ياد هيس. انهيءَ لکڻ ۾ شايد وڌاءُ نه ٿئي ته مخدوم بصرالدين رحه، هن پوئين زماني ۾ جُنيد بغدادي رحه (وفات 297هه-909ع)، امام غزالي رحه(1059-1111ع)، ابن رُشد اندلسي رحه (1126ع-1198ع) ۽ شاهه ولي الله دهلوي رحه (1703ع- 1762ع) جهڙن جيد عالمن، بزرگن ۽ ڪماليت جي صاحبن جيان فضيلت ۽ ڪماليت جو ڌڻي هو.

افسوس، سنڌ جي هن نامور بزرگ، درويش، عارف ڪامل ۽ مُخير، قلبي ذڪر ڪندڙ سان گهڻو وقت حياتي وفا نه ڪئي؛ جنهنڪري 72+ ورهين جي عمر ۾، اڱاري جي آڌيءَ رات، تاريخ 8 ذيقعد سنه 1356ع- مطابق 11 جنوري 1938ع تي، سيوهڻ شريف ۾ راهه رباني ورتي.

مخدوم صاحب طبيعت جو ماٺيڻو، پرهيزگار، خليق، خوش مزاج، سخي، سچار، نيڪ نيت، خدا ترس ۽ دين جي سمجهه ٻوجهه رکندو هو. اَڪيلائي گهڻي پسند هيس، انهيءَ ڪري ميل جول کان گهڻو لهرائيندو هو. اڪثر ڪري عبادت، ذڪر ۽ فڪر ۾ وقت گذاريندو هو. دوا سان گڏ دعا ۽ ڦيڻو ڇنڊو به ڪندو هو. هميشـﮧ جهيڻي آواز ۾ ڳالهائيندو هو؛ ۽ ڪڏهن به غصو نه ڪيائين. گهڻو ڪري اَٺين پهر کائيندو هو. پوشاڪ سادي ۽ گهڻي ڀاڱي سفيد هوندي هيس. مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌندو هو. هٿ ۾ ڊگهي لٺ پڻ کڻندو هو. وچولو قد، مُنهن ٻهڪندڙ، رنگ ڪڻڪائو، ڏاڙهي مُٺ برابر ڪاري ۽ اڇي هوندي هيس. پوئين وقت ۾ مجذوبانه ڪيفيت طاري ٿيڻ سان عجيب غريب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون زبان تي آڻڻ لڳو.

هڪ دفعي حاضرين کي مخاطب ٿي چيائين ته ”خواب ۾ مون بهشت ڏٺو آهي، اُتي ڏاڙهون پٽي کاڌم. اَهڙو لذيذ لڳو، جو ورهين تائين منهنجي اُڃ اُجهي وئي.“

مجّرب نسخا وٽس موجود هوندا ئي هئا، هڪ ڏينهن مجذوبانه انداز ۾ ڳالهه ڪندي چيائين: ”مون هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي آهي، جنهن جي کائڻ سان حياتي ڊگهي ٿي وڃي ٿي، پر اهو انومان اٿم، ته ائين ڪرڻ سان موت جو ڊپ ماڻهن کان موڪلائي ويندو ۽ گهڻو وقت زندهه رهڻ ڪري ڏک ڏاکڙا به وڌيڪ ڏسڻا پوندس. بس، مون اُها دوا درياهه ۾ اُڇلائي ڇڏي ۽ نسخو به نشانيءَ لاءِ نه ڇڏيم. آخر خدا جو خوف به ته سِرَ تي سوار هيو!“

ايماندار هو، انهيءَ ڪري سدائين پرائي حق کان پاسيرو رهيو. هڪ لڱا لعل سائينءَ جي زيارت لاءِ درگاهه شريف ڏانهن پئي ويو. واٽ ويندي هڪ سونو زيور هٿ چڙهي ويس. پهريائين ته هَڪو ٻَڪو ٿيو، پر پوءِ پنهنجي ضرورت سمجهي، گهر کڻي آيو. ٿوري ئي وقت ۾ سندس طبيعت ڦيرو کاڌو. چيائين ته شايد ڪنهن يتيم جو حق تلف ڪري رهيو آهيان. هڪدم انهيءَ جاءِ تي اهو زيور اڇلائي، سُک جو ساهه کنيائين.

چون ٿا ته سندس دعا مُستجاب هئي. پري پري کان سائل وٽس دعا وٺڻ لاءِ ايندا هئا. شريعت جي پابندي ۽ اتباع سنت جي پڇاڙيءَ تائين پيروي ڪندو رهيو. عام طرح کيس ”وقت جو غوث“ به سڏيندا هئا. سندس فيض چوطرف چانڊاڻ لاتي ۽ هميشـﮧ هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڏيئو بڻيو رهيو. انهيءَ لاءِ سندس حق جي واٽ ڪيترن ڀٽڪيل انسانن کي دڳ لاتو.

ميان فخرالدين نالي پٽ هيس. سندس عقيدتمندن جو حلقو به نهايت وسيع هو. عمدة العلماءُ مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح (1844ع-1918ع) ۽ مولانا تاج محمود امروٽي رحه (1844ع-1929ع) به سندس سڪ ۾ سوگها هئا، مفتي غلام عمر جتوئي رح (1833ع-1920ع) ۽ محمد عثمان چاڪي لاڙڪاڻائي (1875ع-1918ع) وغيره راسخ العقيدت مسلمانن کان علاوه ڪافي هندو به سندس معتقد هئا. انهيءَ کان علاوه ميان جان محمد ”فدا“ عباسي ٻورڙائي (1885ع-1921ع) ۽ سائين جي ايم سيد جهڙن مدبرن به وٽانئس دعا ورتي. جڏهن به لاڙڪاڻي اچڻ ٿيندو هوس، ته ميان غلام صديق ميڪڻ (1844ع-1905ع) جي زيارت لاءِ شهدادڪوٽ ضرور ويندو هو. کيس ٻنهي جهانن جي سردار سان حد درجي جي محبت هئي. ڪجهه نعتيه ڪلام به سنڌي ۾ چيائين. منجهانئس نمونو هيٺ ملاحظه فرمايو:

مٺو محمّد مُرسل، معراج ٿيس مانُ؛

ربّ مليس روبرو، ٻيو نه ڪنهن جو شان؛

کيڪاريو خوشيءَ مان، کيس مالڪ مهربانُ؛

ٿيون ڳجهه اندر ڳالهڙيون، ڪلَ ڪان پئي ڪنهن ڪان؛

دانُ گهُران ٿو تو دانُ، ڏي دانُ تون ئي دانُ؛

ٿيو اَحمد تي احسانُ؛ ڪري ڪهڙو ”بصرالدين“ بيان.

مخدوم بصرالدين رح ڪرامتن جو صاحب هو. والد بزرگوار حاجي رحيم بخش ميمڻ (عمر تقريباً 77 ورهيه) کان معلوم ٿيو، ته سال 1924ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ سخت ڏڪار پيو. پاڻي نه هجڻ ڪري خريف جو فصل به سوڪ ٿيڻ لڳو. آخر ’باران نماز‘ لاءِ تياريون مڪمل ٿيون. نيرن جي وقت ڳوٺن ۽ شهرن کان هزارين ماڻهو اچي منزل گاهه (موجوده چانڊڪا اسپتال) ۾ گڏ ٿيا، ڪنهن به ڪونه کاڌو هو، ايتري قدر جو گهرن ۾ عورتن به پنهجن ٻارڙن کي ٿڃ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ڀَل ته هو ٻاڪارين، جيئن سندن دانهن عرش وڃي. ڀاڳين پنهنجن ڍورن کي به چارو نه ڏنو.

اُنهن ۾ ڪيترا عالم سڳورا به هئا، جڏهن نماز پڙهائڻ لاءِ مولانا تاج محمود امروٽي رح کي عرض ڪيو ويو، ته هُن سامهون دڙي تي ويٺل اگهاڙي پُٺي سان هڪ درويش ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ”نماز اُهو درويش پڙهائيندو!“ اُهو مخدوم بصرالدين هو. ماڻهو وائڙا ٿي ويا. نيٺ مخدوم صاحب کي راضي ڪري نماز لاءِ آندائون.

مخدوم صاحب مُصلي تي بيهي، جان کڻي پُٺ ورائي ڏسي ته وڏا وڏا امير، ڪامورا ۽ زميندار پهرينءَ صف ۾ بيٺا آهن. آڱر جي اشاري سان سندن تعارف پڇيو. انهن ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙو (وفات 1980ع)، خانبهادر حاجي امير خان لاهوري (جنهن کي اڃا نوابيءَ جو لقب نه مليو هو- وفات 1966ع)، نواب غيبي خان چانڊيو (وفات 1961ع)، خانبهادر يارمحمد جوڻيجو (وفات 1979ع) ۽ ٻيا به ڪيترائي وڏا وڏا ماڻهو ٻُڌي، مُصلو ڇڏي وڃڻ لڳو. چئي: ”توهان انهن کي بالڪل پٺيان بيهاريو ۽ غريب، مسڪين ۽ يتيم آڏو آڻيو- خداتعالى اُنهن جي دانهن جلد ٻڌندو!“

سندس چوڻ تي مجبوراً وڏيرا پٺ تي هليا ويا. مخدوم صاحب ٻه رڪعتون نماز پڙهائي، اڃا دعا مس گهُري ته مينهن تيزيءَ سان اچي لٿو. ساندهه چار ڏينهن برسات بند نه ٿي(1).

مخدوم صاحب جهڙو سادو هو، اهڙو لباس به سادو پهريندو هو. اڇي پوشاڪ پسند هيس، جنهن ۾ سُٿڻ پِنين کان مٿي رکندو هو. بدن تي سدائين ڦَٽ هوندا هئس، جنهنڪري مجبوراً پُٺيءَ اگهاڙو گهمندو هو ۽ ڪڏهن پهراڻ پائيندو هو، نه ته ڪُلهي تي رکي هلندو هو.

مخدوم بصرالدين رح کي ’شاهه جو رسالو‘ گهڻي ڀاڱي ياد هوندو هو. ازانسواءِ ’شيڪسپيئر جي شاعري‘ به ڪافي برزبان رکيائين. جوانيءَ ۾ بمبئي گهمڻ جو موقعو به مليس. فلسفي ۽ معقولات ۾ خاص مهارت رکندو هو. شروعات ۾ زود مزاج هو، ايتري قدر جو پيرين پوڻ تي لٺ کڻي ڊڪائيندو هو. آخر ماڻهن جي ميل ميلاپ سندس طبيعت ۾ ڪافي فرق آندو، جنهنڪري نرميءَ سان برتاءُ ڪيائين. ڪيترن ديني خواهه دنيوي مسئلن تي نظريا پڻ قائم ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ ”بصائر“ نالي ڪتاب به تيار ڪري پڌرو ڪيائين، جنهن ۾ اصول نهايت عمدي انداز ۾ وضع ڪيل آهن. اڪثر ڪري چوندو هو ته ”نبي سڳورن جي اتباع کانسواءِ حياتيءَ جو حقيقي مقصد ماڻي نٿو سگهجي.“ ”سيدنا امام عالي مقام حسين عليـﮧ السلام جن کي جهاد ڪندي، ڪافرن جي لڙائيءَ ۾ شهادت نصيب ٿي.“

هي قطب الزمان ۽ باعمل فاضل بزرگ، اسان وٽ ”سَلف الصالحين“ جو هڪ نمونو هو. زندگيءَ جو وڏو حصو ياد الاهيءَ ۾ گذاريائين. سنڌ جي فاضلن ۾ غالباً معمر شخصيت هو. سنڌ ته ٺهيو، پر هندستان ۾ به شايد جهڙس ڪو شازو نادر هوندو. جيتوڻيڪ انگريزيدان به هو، مگر انگريزيءَ کان سخت نفرت جو اظهار ڪندو هو ۽ چوندو هو: ”انگريزي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ سان طبيعت ۾ تنگي اچي ٿي، جنهنڪري بصيرت قلبيءَ کي سخت صدمو رسي ٿو.“ قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رح بابت سندس چوڻ هو ته ’عثمان ميوندي‘  آهي ۽ نه ’مروندي‘- سوچ سالم هجڻ گهرجي!“

مولانا عبدالڪريم ڪورائيءَ سان به سِڪ جو سودو ڪيو هئائين، جنهنڪري هفتن جا هفتا وٽس مهمان ٿي رهيو. خبر ظاهر ٿيڻ سان عالمن جو هجوم وٽس ملڻ لاءِ ايندو هو. بس، پوءِ ته بحث تي بحث قائم رهيا، ۽ وقت بوقت هڪٻئي کان مستفيض به ٿيندا رهيا. سندس ڏوهٽو قاضي محمد حسن ولد قاضي نصيرالدين صديقي (وفات 1956ع) به سندس پيارن شاگردن مان هو. هڪ مڃيل حڪيم جي حيثيت سان محبت خان گولو، مخدوم صاحب کي علاج معالج لاءِ گهر نيندو رهيو. وٽس مهينن جا مهينا به ترسي پوندو هو. سندس فرزند، ميان فخرالدين به حاذق حڪيم ٿيو.

ماخذات

(1) جنب گذاريم جن سين (جلد 1)، جي. ايم. سيد، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، حيدري پرنٽنگ پريس حيدرآباد 1967ع.

(2) سنڌ جي طبي تاريخ (جلد 2)، حڪيم نياز حسن همايوني، سنڌ سائنس سوسائٽي ڄامشورو، حيدري پرنٽنگ پريس حيدرآباد 1976ع.

(3) شريعت (سوانح حيات نمبر)، مرتب: مولوي عبدالوهاب چاچڙ، مدرسه عربيه دارالعلوم الشرعيه، روهڙي (سکر)، جلد 9، نمبر 1-4، سال 1401هه (1981ع)

(4) صناديدِ سندهه (اردو)- مولوي ڊاڪٽر شفيع محمد لاهوري، اداره ڪتابت چوڪ دال گران، لاهور.

(5) عظيم سنڌي انسان- پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ماڊرن بوڪ اسٽور لاڙڪاڻو، نواز پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو، 1981ع.

سنڌ جي تاريخ جو حصو

ابتدائي تعليم جي موجوده نظام جو تاريخي

 جائزو ۽ ان متعلق چند تجويزون

از: حبيب الله صديقي پاٽائي

هر انسان پيدائشي طور تي هڪ طالب العلم آهي. هو ڄمڻ سان سکڻ شروع ڪري ٿو ۽ اهو سلسلو لاشڪ مرڻ تائين جاري رکيو ٿو اچي. حديث شريف ۾ آهي ته ”پينگهي کان وٺي قبر تائين علم جي طلب ڪريو.“ اها حديث شريف خود انساني فطرت جي آئينه دار آهي. هر ڪو ماڻهو ڪم و بيش ائين ڪندو رهي ٿو. تاهم قصداً ڪجهه ڪرڻ ۽ سڀاويڪ طور تي غير ارادتاً ڪجهه ڪندو رهڻ ۾ فرق آهي. تنهنڪري مبلغن ۽ معلمن انساني تاريخ جي هر دور ۾ رسمي تعليم جي انتظامن تي زور پئي ڏنو آهي ۽ مهذب دنيا جي هر ملڪ ۾ وقت جون حڪومتون ان طرف متوجهه رهيون آهن.

برصغير پاڪ و هند، برما ۽ سري لنڪا ۾ دستوري تعليم (Formal Education) جو سلسلو برهمڻن جي دور کان وٺي اڄ تائين ملي ٿو. ان تي نظر ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته برهمڻن، ٻڌ ۽ مسلم تعليم جي مختلف نظامن هيٺ، مهذب دنيا جي هن ڀاڱي ۾، ڄاتل تاريخ جي قديم ترين دور کان تعليم جو چرچو عام رهيو آهي ۽ هن ڏس ۾ تجرباتي ڄاڻ جو ذخيرو جهجهو آهي. اوائلي دور کان تعليم ۽ مذهب جو پاڻ ۾ چولي دامن وارو ساٿ رهيو آهي.

ڌرم جي اعتبار کان هندو معاشرو چئن ذاتين ۽ زندگيءَ جي چئن وَرقَن يا دورن ۾ ورهايل هو، يعني برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر. انهن ذاتين مان پوئين ذات کان سواءِ باقي ذاتين وارا برهمڻن وٽ ”ويدن“ جي تعليم حاصل ڪندا هئا. تعليم حاصل ڪرڻ جي ڄمار، زندگيءَ جي چئن دورن مان هڪ دور هو، جنهن کي هو آشرم يا برهمچاري چوندا هئا. برهمڻن جي سموري زندگي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ٿيل هوندي هئي. تاهم برهمڻ نظامِ تعليم ۾ عام تعليم جو نظريو شامل نه هو. ويدانتي اسڪولن ۾ شاهي خاندانن، برهمڻن، کترين ۽ وئشين جا ٻار ويدن جو علم حاصل ڪندا هئا. نصابِ تعليم ۾ ويدن جا شبد برزبان ياد ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي باقي ٽن دورن ۾ طالب العلم کي جيڪي فرض بجا آڻڻا پوندا هئا، تن ببات ڄاڻ حاصل ڪرڻ شامل هئا. رفته رفته نصاب تعليم چيلن جي دلچسپي ۽ مختلف گُرؤئن جي اثر جي لحاظ کان گهٽجي وڃي انهن مضمونن پڙهائڻ تي پهتو، جنهن جو ايندڙ زندگيءَ جي ضرورتن ۽ ڌنڌن ڌاڙن سان سڌو سنئون واسطو هو. يعني عملي تعليم (Formal Education) جو هڪ نمونو ڪارفرما رهيو. کترين لاءِ لازمي مضمون هئا: فوجي سکيا، مختلف هٿيارن جو استعمال، حڪومت ڪرڻ جو ڏانؤ يا ڊول. وئشن لاءِ لازمي مضمون طور، وڻج واپار، جانورن پالڻ ۽ زراعت کي شامل ڪيو ويندو هو. انهن مضمونن پڙهائڻ لاءِ برهمڻن جي ويدانتي اسڪولن کان علاوه ڪيترا عام آشرم وجود ۾ آيا جيڪي مٿي ڄاڻايل مضمون وڌيڪ مهارت ۽ ڪاميابيءَ سان پڙهائي ٿي سگهيا. شودرن کي پوءِ به انهن اسڪولن ۾ داخلا ملي نه پئي سگهي. برهمڻن جي سنسڪرت ميڊيم وارا اسڪول ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هلي رهيا هئا، پر انهن سان گڏوگڏ هڪڙا اهڙا اسڪول به برپا ٿيڻ لڳا جن کي”پاٺشلا“ ڪري ڪوٺيندا هئا. انهن اسڪولن ۾ مادري زبان ذريعي تعليم بڻائي واپاري ۽ زراعت پيشه ماڻهن جي ٻارن کي ابتدائي لکڻ پڙهڻ ۽ حساب (3 R’S) ڪتاب جي تعليم ڏني ويندي هئي. اهي ان دور جا ابتدائي اسڪول هئا، جن برهمڻن جي ’تول‘ اسڪولن جي ڀيٽ ۾ ان دور جي ماڻهن جي صحيح گهرجن ۽ انهن جي پورائي لاءِ صحيح تعليم جو انتظام ڪيو هو. برهمڻن دور جي نظام تعليم جا ٻه خاص نُڪتا اڄ به اسان جو توجهه ڇڪائين ٿا. اهي آهن: (1) استاد ۽ شاگرد جو ناتو، جيڪو هڪ پيءُ ۽ پٽ يا هڪ گُرو ۽ چيلي وارو هو (2) اسڪولن کي ٻيلن ۾، ۽ قدرتي ماحول وارن هنڌن تي هلايو ويندو هو. اهي ٻئي اصول اڄ به اسان جي ابتدائي تعليم جي بنيادي ضرورتن جي پورائي لاءِ بيحد مفيد ثابت ٿيندا. برهمڻن دؤر تعليم بعد هن علائقي ۾ ٻڌ تعليم جو دؤر آيو، جنهن ۾ ”عام تعليم“ جو نظريو پهريون دفعو تجويز ڪيو ويو ۽ عمل پذير ٿيو. ٻڌمت ۾ نه هئي ذات پات ۽ نه وري ڪا ڇُوت ڇات، تنهنڪري سڀني ماڻهن جا ٻار اسڪول ۾ داخلا وٺي ٿي سگهيا. آسوڪا جو زمانو، ماريه شهنشاهيت جو اؤج ۽ امن امان ۽ وڻج واپار جون شهادتون ٻڌائين ٿيون ته ماڻهن کي لکڻ پڙهڻ ۽ حساب ڪتاب جي تعليم جو ڪيترو نه شوق هوندو هو ۽ ان حساب سان ضرور ابتدائي تعليم جو جوڳو انتظام ڪيل هوندو. سنڌ اندر ٻُڌ حڪومت جي خاتمي ۽ برهمڻن حاڪميت جي وري موٽي اچڻ بعد به ٻڌ مڙهين ۾ تعليم جو سلسلو جاري رهيو. برما ۽ سري لنڪا ۾ پوءِ به ٻڌ ڌرم جي بالادستي قائم رهي. برما ۾ ٻڌ تعليم جو انتظام وڌيڪ واضح صورت ۾ ملي ٿو، ٻڌ مڙهين ۾ ٻار اوائلي سالن ۾ وڃي داخل ٿيو ٿي ۽ سال جي ڪجهه عرصي لاءِ انهن اندر رهائش اختيار ڪيائين ٿي. انهيءَ دوران هن کي عام زندگي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ مذهبي تعليم سان گڏ لکڻ پڙهڻ ۽ رياضيءَ جا ابتدائي اصول پڻ سيکاريا ويندا هئا. انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته ٻڌ مڙهين ۾ رهائشي ابتدائي اسڪولن جو انتظام هوندو هو.

ٻڌ دورِ تعليم بعد، برصغير هند و پاڪ ۾ اسلامي دورِ تعليم آيو. سن 712 عيسوي ۾ غازي محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪري نه فقط دين اسلام جا ديس واسين تي دروازا کوليا، پر هُن هڪ اها اسلامي حڪومت پڻ قائم ڪئي، جنهن جا اڄ اسين وارث آهيون. هن هڪ سڌريل ۽ هر طرح مڪمل نظامِ تعليم هن خطي ۾ آندو، جيڪو انگريز اقتدار جي دؤر ۾ اسان کان هيٺ مٿي ٿي ويو آهي. اهو نظامِ تعليم ڇا هو؟ انهيءَ سوال جو جواب هن حقيقت مان معلوم ٿيندو ته مسلمان جتي به وڃي رهندا هئا ۽ اُتي ڪو ڳوٺ ٻَڌندا هئا يا ڪو محلو آباد ڪندا هئا ته پهريائين هڪ مسجد ضرور جوڙيندا هئا. مسجد سان گڏ هڪ مڪتب جو انتظام به لازمي طور ڪندا هئا، جيڪو اسلامي تعليم جي بنياد يا ابتدائي اسڪول طور ڪم ڪندو هو. هن اسڪول ۾ ڳوٺ يا محلي جي سڀني ٻارن کي مقرر وقت تي تعليم ڏني ويندي هئي، جنهن ۾ مُلان يا آخوند پڙهائيندو هو، جنهن جي تعليم معمولي هوندي هئي. هو نه ڪنهن جو پگهاردار نوڪر هو ۽ نه وري هن کي ڪو بدلي ڪرڻ وارو هوندو هو. هن جو گذر سفر شاگردن ۽ انهن جي والدين طرفان ملندڙ مٺاين جنهن ۾ روڪڙ، ختمي جي مانين، مرڻي پرڻي ۾ اسقات ۽ نڪاح پڙهائڻ جي مٺائيءَ جي صورت ۾ ملندڙ پيسن مان ٿيندو هو. هن جي گهر جو خرچ پکو محلي وارن تي هو، ۽ هن جو فرض هو پنج وقت نماز پڙهائڻ، محلي جي ٻارن کي قرآن شريف ۽ ابتدائي تعليم جا سبق ڏيڻ ۽ ماڻهن جي مذهبي رسمن ۾ رهنمائي ۽ اڳواڻي ڪرڻ. هڪ مسلمان ٻار جي تعليم گهر کان شروع ٿيندي هئي، جتي کيس ڳالهائڻ لائق ٿيڻ شرط پهريائين ڪلمو لاالـﮧ الاالله محّمد الرسول الله حفظ ڪرايو ويندو هو. اڳتي هلي السّلام عليڪم، وعليڪم السّلام،﷡۽ جتي حضرت محمدﷺ جو نالو اچي، اتي ان جي پويان (ﷺ) پاڻ به چوڻ جو عملي درس ڏنو ويندو هو. ستن سالن جي ڄمار ۾ جڏهن ٻار نماز پڙهڻ لائق ٿيندو هو، تڏهن کيس ملان يا آخوند وٽ مڪتب ۾ داخل ڪرايو ويندو هو. ٻار پهريائين ’الف بي‘ جو باب پڙهندو هو. جيڪي ’ٻار- کري‘ کان شروع ٿيندا هئا ۽ قرآن شريف جي ڪن خاص خاص لفظن ۽ فقرن تي مشتمل هوندا هئا. ڪاٺ جي پٽين تي هن کان لکڻ جي مشق ڪرائبي هئي. ان کانپوءِ کيس قرآن شريف جي آخري پاره ’عمّ‘ کان ناظره قرآن شريف پڙهڻ سيکاريو ويندو هو، جنهن جون ڪجهه اهي سورتون حفظ ڪرايون وينديون هيون، جيڪي نماز پڙهڻ ۾ ضروري آهن ۽ ازانسواءِ ڪن ٻين مذهبي فرضن جي ادا ڪرڻ وقت پڻ پڙهيون وينديون آهن. قرآن شريف ناظره پڙهي پڄائڻ کانسواءِ طالب يا خطابيءَ (کٿابي) کي ٻيا مذهبي ۽ دنيوي ڪتاب پڻ پڙهايا ويندا هئا. مثلاً نور نامون، قصص الانبيا وغيره.

مڪتب مخلوظ تعليم فراهم ڪندو هو. مٿي ذڪر ڪيل تعليم بعد اڪثر ڇوڪرين لاءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ کي ضروري نه ڄاتو ويندو هو، تنهنڪري ابتدائي تعليم جو هيءُ ڪورس قرآن شريف پڄائڻ ۽ مٿي ذڪر ڪيل چند ڪتابن پڙهڻ، لکڻ ۽ رواجي حساب ڪتاب ڪرڻ بعد ڇوڪرن خواه ڇوڪرين لاءِ ختم ٿي ويندو هو، جنهن بعد خواهشمند ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪنهن مدرسي ۾ داخلا وٺي سگهندا هئا، جتي عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ اُتان مولوي، عالم ۽ فاضل جون سندون حاصل ڪيون وينديون هيون. ڪن حالتن ۾ مدرسا، رياضي يا حساب ڪتاب رکڻ جي تعليم پڻ ڏيندا هئا. مدرسي جي تعليم چار يا پنج سال جاري رهندي هئي، ان دوران طالب العلم جا اخلاقي بنياد مضبوط ڪيا ويندا هئا، جنهن تي هو پنهنجي زندگيءَ جي تعمير ڪري سگهيو ٿي. ڏسبو ته نصابِ تعليم جو سمورو زور اخلاقيات، تاريخ، ادب ۽ فلسفي تي هو، باقي مضمون هنري سکيا، پيشيوارانه ترتيب ۽ سائنس سکيا، وغيره مڃيل استادن جي معرفت ڪن مخصوص مرڪزن ۾ الڳ سيکاريا ويندا هئا. ازانسواءِ مدرسي جي تعليم بعد جامع واري تعليم هر قسم جي اعلى تعليم فراهم ڪندي هئي. مڪتب ۽ مدرسي جي تعليم جو مقصد شاگرد کي اخلاقي ۽ بنيادي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ هو، جنهن جي مضبوط بنيادن تي زندگي جي ديوار کڙي ڪئي ويندي هئي.

مسلمانن جي نظام تعليم سان گڏ ٻُڌ ۽ برهمڻ قسم جي اسڪولن کي پڻ جاري رکيو ويو ۽ جڏهن انهيءَ نظام جي جاءِ تي انگريزي سامراج پنهنجو وضح ڪيل بيٺڪي نظام تعليم رائج ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن پڻ برهمڻ ۽ ٻڌ اسڪولن کان وڌيڪ اسلامي مڪتب ۽ مدرسه برصغير جي عوام لاءِ ابتدائي تعليم جو اعلى نظام هلائي رهيا هئا. مڪتب پرائمري ۽ مدرسا سيڪنڊري اسڪولن طور ڪم ڪندا هئا ۽ سندن اڪثريت انهن ڳوٺن ۾ هئي، جتي ماڻهن جي اڪثريت آباد هئي. هر ڪو ڳوٺ پنهنجو مڪتب يا مدرسي جو انتظام پاڻ هلائيندو هو. حڪومت تي ان جي خرچ پکي ۽ انتظام جو ڪوبه بوجهه ڪونه هو. نصاب عام مروج هوندا هئا. مثلاً درس نظامي وغيره. ڏٺو وڃي ته مڪتب ۽ مدرسي جي اجتماعي تعليم هڪ ابتدائي تعليم هئي، جنهن جون ضرورتون مختصر ۽ ڪارج نهايت وسيع هو، پر عام ماڻهو، جن جو اڪثر تعليم مان مقصد اهو ئي پئي رهيو آهي ته ٻار وڏو ٿي آمدنيءَ وارو ۽ عام ماڻهن کان مٿانهون ٿئي، تن دنيا ڪارڻ دين وڃائي ولها ٿيڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪئي. ڪيترائي مڪتب ۽ خاص طور مدرسا ڦٽي ويا. جيڪڏهن اڃان به ڪي مڪتب ۽ مدرسا شاگردن کان خالي نه رهيا ته سرڪار طرفان انهن کي امداد (Grant-in-aid) طور رقمون ڏئي، بيٺڪي نظام تعليم جي اثر هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻن سؤ سالن جي انگريزي غلامي جي دؤر ۾ سنڌ سميت سڄي برصغير جي تعليمي نظام ۾ وڏو انقلاب آيو، جنهن جا مضر ۽ مفيد ٻنهي قسمن جا آثار ۽ اثرات اسان جي نظام تعليم ۽ بالخصوص ابتدائي تعليم جي نظام تي گهرا نقش ٿيل آهن ۽ ابتدائي تعليم جي موجوده صورتحال کي سمجهڻ ۾ انهن اثرات جو ڳوڙهو مطالعو ۽ حل معلوم ڪرڻ اشد ضروري آهي.

انگريز حڪمرانن پهريائين ته رعيت جي تعليمي ضرورتن طرف ڪوبه توجهه ڪونه ڏنو، پر پوءِ محڪوم قوم جي اخلاقي تربيت ذريعي وفاداري ۽ فرمانبرداري حاصل ڪرڻ خاطر پاٺشالائن، مڪتبن ۽ مدرسن جي مالي مدد ۽ همت افزائي ڪرڻ لڳا. سن 1780ع ۾ وارن هيٽنگس ڪلڪتي ۾ عربي مدرسي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏني. سن 1791ع ۾ بنارس جي برٽش ريزيڊنٽ بنارس ڪاليج برپا ڪرايو، جتي سنسڪرت جي اعلى تعليم جو انتظام ڪيو ويو. سن 1792ع کان وٺي وليم ولبر فورس برطانيه جي هائوس آف ڪامنس ۾ هڪ تحريڪ شروع ڪئي، جنهن جو مقصد اهو مڃرائڻ هو ته هندستانين جي اخلاقي ۽ مذهبي تعليم تي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ضرور خرچ ڪرڻ گهرجي. انهيءَ تحريڪ جي نتيجي ۾ سن 1813ع ۾ ڪورٽ آف ڊاريڪٽرس هڪ لک رپين جي رقم رعيت جي تعليم ۽ ادب لاءِ بجيٽ ۾ مخصوص ڪئي. انهيءَ پاليسيءَ هيٺ سن 1821ع ۾ سنسڪرت ڪاليج برپا ڪيو، جنهن تي راجا رام موهن راءِ گورنر جنرل کي هڪ سخت خط لکيو ۽ انهيءَ کي هڪ پوئتي قدم قرار ڏنو. اتان کان هڪ نئين تحريڪ جنم ورتو، جنهن جو مقصد اهو باور ڪرائڻ هو ته ڏيهي تعليم- جيڪا اسلامي، هندو ۽ ٻڌ نظامِ تعليم تي منحصر هئي- سراسر زيان ۽ اونداهيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ هئي. جديد تعليم انگريزي زبان جي ذريعي ڏني وڃي، جيڪا سامراجي حڪومت جي نظام هلائڻ لاءِ ڪلارڪ ۽ معمولي ڪارڪن پيدا ڪري ۽ مٿن مغربي تهذيب جو رنگ چاڙهي. انگريزي تعليم جي انهيءَ تحريڪ هيٺ سن 1816ع ۾ اڳ ئي ڪلڪتي ۾ هڪ ڪاليج برپا ڪيو ويو هو، جتان انگلش ميڊيم اسڪولن جو رواج پيو ۽ اڄ سوڌو اسان جي ذهنن تي ڇانيل آهي. ٻار داخل ڪرائڻو آهي ته ڪنهن نرسري، ڪي.جي. اسڪول ۾، ۽ ابتدائي تعليم انگلش ميڊيم اسڪول ۾ ضرور ڏيارڻي آهي. ورنه وقت جو زيان ۽ اونداهيءَ طرف وڃڻو آهي!

1835ع ۾ بدنام زمانه مڪالي جو منٽ (Macauley’s Minute) حڪمرانن طرفان منظور ڪيا ويا ۽ انگلسٽ ۽ اورينٽلسٽس جي وچ ۾ قائم ٿيل لفاظي جنگ ختم ٿي. 1840ع کان پوءِ حڪومت انگريزي تعليم جو نظام رائج ڪيو ۽ 1854ع جي وڊس ڊسپئچ هيٺ جيڪو نظام تعليم قائم ٿيو، اهو اسان جي موجوده نظامِ تعليم جو بنياد بڻيو، پر انهيءَ وچ ۾ هڪ ته ڏيهي ٻولين ۾ تعليم ڏيندڙ اسڪول بند ڪونه ڪيا ويا ۽ ٻيو ته ڏيهي ٻولين ۾ تعليم ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي. 1835ع ۾ فارسيءَ جي جاءِ تي ڏيهي ٻولين کي هيٺين ڪورٽن ۾ سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ سبب ڏيهي ٻولين جي تعليم ۽ توسيع جي ضرورت پيدا ٿي. پوئين قانون پاس ٿيڻ سبب مدرسن جي داخلا گهٽجڻ لڳي ۽ ماڻهو پنهنجا ٻار انگريزي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لڳا، جو نوڪري ملڻ جو آسرو انهن اسڪولن جي سرٽيفڪيٽن تي ٿيڻ لڳو. مدرسن جي ڦِٽي وڃڻ سبب هندستان جا مسلمان انگريزي تعليم ۽ انگريزي اسڪولن جي برخلاف ٿي پيا، ۽ باقي بچيل مدرسن کي خالص ديني بنيادن تي هلائڻ لڳا. اڪثر مسلمان انگريزي اسڪولن ۾ پنهنجا ٻار داخل ڪرائڻ کي غير ديني ڳالهه سمجهڻ لڳا ۽ اهڙيءَ طرح سر سيد احمد خان جي وقت تائين مسلمانن انگريزي نظامِ تعليم ۾ حصو نه ورتو ۽ ڪن ماڻهن جي خيال ۾ پوئتي رهجي ويا. جيتوڻيڪ 1854ع تائين ڪجهه مڪتبن ۽ مدرسن کي امداد ڏني وئي، تاهم ان وقت تائين انگريزن ڪو واضح نظامِ تعليم اختيار نه ڪيو هو. هنن جي خيال ۾ فلٽريشن (ڳاڙي) ذريعي تعليم جا اثرات خاص ماڻهن مان عوام الناس تائين پهچندا، پر اهو خيال خام نڪتو.

1854ع جي وڊس ڊسپئچ هيٺ هر صوبي ۾ تعليم جو هڪ کاتو کوليو ويو، جنهن جي تحت اسڪولن جي چڪاس ۽ ماسترن جي تربيت جا انتظامات ڪيا ويا. جديد دور جو پرائمري اسڪول انهيءَ نظامِ تعليم جي پيداوار آهي. هن نظام هيٺ حڪومت يا ته پاڻ اسڪول کولي ان ۾ تربيت يافته ماستر مقرر ڪري، جايون ٺهرائي، فرنيچر فراهم ڪري، نصاب مقرر ڪري ۽ هڪ مرڪزي ضابطي هيٺ پگهاردار عملي طرفان ابتدائي، ثانوي ۽ اعلى ثانوي تعليم جو انتظام ڪري يا خانگي طور اهڙو انتظام ڪندڙ فردن يا جماعتن کي امداد ڏئي. پويون طريقو پڻ 1972ع ۾ ختم ڪري تعليم کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو، جنهن بعد سمورا اسڪول حڪومت جي هرج خرچ تي پيا هلن ۽ بجيٽ تي هر سال وڌندڙ بار آهن. وڊس ڊسپئچ جي وضع ڪيل هن نظام تعليم ۾ ڏيهي ٻولين کي عام تعليم جو واحد ذريعو تسليم ڪيو ويو ۽ عورتن ۽ مسلمانن جي تعليم سان همدردي ظاهر ڪئي ويئي، تاهم ان جو مول مقصد سرڪاري نوڪرين لاءِ عملي جي فراهمي هو. جيئن 46 سالن بعد 1910ع ۾ H.R. James ايڇ. آر. جيمس پنهنجي ڪتاب 42. 1797-1910 P Education and statesmanship in India ۾ لکيو آهي ته ”وڊس ڊسپئچ جي ملڻ کان ڇائيتالهن سالن تائين حڪومت ۽ محڪمئه تعليم ۽ خانگي ادارن ڄاڻايل مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي آهي، تاهم ڪافي ڪاميابي جا اڃان ڪي آثار نظر نه ٿا اچن. ڪم از ڪم ڊسپئچ ۾ ڄاڻايل مقاصد تعليم مان هڪ مقصد يعني سرڪاري نوڪريءَ لاءِ ماڻهن جي چونڊ ڪرڻ مڪمل طور تي حاصل ٿي ويو آهي. دراصل سرڪاري نوڪرين جي ۽ وڪالت جي خواهشمندن سان مارڪيٽ ڀرجي ويو آهي. شروع ۾ شهرن ۾ رهندڙ اعلى خاندانن ۽ بعد ۾ وچولي طبقي جي ماڻهن تعليم کي هڪ ذريعو ڪري ورتو آهي، جنهن سان هو پنهنجي معاشرتي ۽ اقتصادي حيثيت بهتر بنائي سگهن ٿا. 1858ع جي ائڪٽ هيٺ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان حڪومت برطانيه ڏانهن هندستان جي حڪومت جي منتقلي بعد 1859ع جي هڪ ڊسپئچ ذريعي اختيار ڪيل تعليمي پاليسي جي توسيع ڪئي وئي ۽ ابتدائي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري تي زور ڀريو ويو ۽ ان واسطي تعليمي ٽيڪس (Educatin-Cess) رعيت تي مڙهي وئي. تاهم عملاً ابتدائي تعليم جي مقابلي ۾ ثانوي تعليم تي وڌيڪ خرچ ۽ توجهه صرف ڪيو ويو ۽ اهو گهٽ سوچيو ويو ته ثانوي اسڪولن جي ڀرتي به ته ابتدائي پرائمري اسڪولن مان ئي ٿيڻي هئي.

1882ع جي انڊين ايڊيوڪيشن ڪميشن ابتدائي تعليم تي اڃان وڌيڪ زور ڀريو. ڊاڪٽر ڊبليو. ڊبليو. هنٽر جي سربراهيءَ ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته پرائمري تعليم کي جملي تعليمي نظام جو اهو حصو سمجهڻ گهرجي، جنهن کي سرڪاري خزاني تي نجو ۽ خصوصي حق حاصل آهي. 1884ع جي سرڪاري ٺهراءَ ”G.R“ ۾ چيو ويو ته پرائمري تعليم جو مقصد شاگردن کي زندگيءَ ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ لاءِ تيار ڪرڻ آهي ۽ ان کي صرف يونيورسٽي تعليم تائين پهچڻ جو هڪ حصو سمجهڻ نه گهرجي. سفارشات جو اهو حصو، جنهن ۾ ابتدائي تعليم جي توسيع ۽ ان کي لوڪل باڊيز جي تحويل ۾ ڏيڻ جو ذڪر ٿيل هو، سو انگريزن جي هندستاني تعليمي پاليسي جو اهم حصو آهي ۽ ان تي انهيءَ جا دوررس اثرات مرتب ٿيا. گرانٽ ان ايڊ جي سرشتي ذريعي خانگي تعليمي ادارن جي همت افزائي پڻ هن نئين نظام تعليم کي هڪ واضح شڪل ۾ مدد ڏني.

ويهين صديءَ جي پهرين سال انگريز وائسراءِ لارڊ ڪرزن هڪ تعليمي ڪانفرنس سڏائي، جنهن جي سفارشات تي مبني مارچ 1904ع ۾ هندوستاني تعليمي پاليسي تي هڪ ٺهراءُ جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ پرائمري تعليم تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ لوڪل باڊيز جي تعليمي بجيٽ ڊاريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن جي معرفت منظوريءَ لاءِ موڪلڻ جا احڪامات جاري ڪيا ويا ۽ اهو به چيو ويو ته ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۾ تعليم کي زراعت پيشه ماڻهن جي ضرورت مطابق بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي. هن ٺهراءَ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ وڏيون گرانٽون صوبائي حڪومت جي حوالي ڪيون ويون. آرٿرمي هيو (Arthur Mayhew) پنهنجي ڪتاب The Education of India ۾ لکي ٿو ته ”اسڪولن جون جايون ٺهيون ۽ تڪڙيون گم ٿيون، جيئن گند گاه! زيردستن نقشا ۽ رٿائون تيار ڪيون ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي اسڪول کولرائڻ جي قبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي منٿون ڪرڻ لڳا. گهڻو اثر رسوخ رکندڙ روينيو آفيسرن کي چيو ويو ته هو پنهنجو اثر استعمال ڪن ۽ جيڪي پاڻ تعليم جا مشتاق هئا، تن ته گهر گهر وڃي شاگردن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آڊٽ ڊپارٽمينٽ جي عجيب اصولن ۽ قاعدن هيٺ ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن کي مالي سال جي پڇاڙيءَ ۾ لکها روپيه اسڪولن جي جاين جوڙائڻ، فرنيچر خريد ڪرڻ ۽ ماسترن جي تربيت تي بي تحاشا خرچ ڪرڻا پيا. اهڙيءَ طرح سال 1907ع ۽ 1912ع جي وچ ۾ هيل تائين وڌ ۾ وڌ شاگردن جو تعداد انگريزي نظام تعليم هيٺ هلندڙ اسڪولن ۾ د اخل ڪيو ويو.

1910ع ۾ لارڊ منٽو ۽ لارڊ مورلي سلطنت برطانيه جي مفاد جي نقطه نگاهه کان تعليم جي اهميت کي محسوس ڪندي مرڪزي محڪمـﮧء تعليم قائم ڪيو، جيڪو هيل تائين هوم ڊپارٽمينٽ جي ماتحت هو ۽ تعليم جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ لوڪل سيلف گورنمينٽ جا معالا ان کاتي جي سپرد ڪيا ويا.


(1) ڦَڪيءَ جو مقدار: 3 تولا سَنا، 4 آنا (پائلي) سُنڍ ۽ هڪ تولو وڏف موجود ڪجي. هن آزمايل نسخي جي استعمال جو طريقو هن ريت آهي: مٿيون ٽئي شيون ڪُٽي، گڏي (پاڻ ۾ ملائي)، هڪ نه ٻئي ڏينهن رات جو (سمهڻ وقت) کير سان ڦڪي هڻجي. جيڪڏهن صبح جو پيٽ خلاصو اچي، ته ڀلائي ڀانيو؛ پر جيڪڏهن وڌيڪ (دستن جيان) اچي يا اڃا به قبضي رهي، ته ڦڪيءَ جو وزن گهٽائجي يا وڌائجي. نسخي جي ختم ٿيڻ تائين بنا ناغي ڦڪي وٺجي. پوءِ ڀل چار وزن ٿين يا ڇهه خوراڪون. انشاءَ الله گُردي جو سور هميشـﮧ هميشـﮧ لاءِ موڪلائي ويندو.

(1) محمد عمر ولد حافظ محمد اسماعيل ميمڻ (عمر اٽڪل ايڪاسي ورهيه) کان هڪ ٻي روايت ملي آهي، ته غالباً 1935ع ڌاري ساڳيءَ جاءِ تي ٻيو دفعو ”باران نماز“ ٿي. نماز لاءِ مخدوم صاحب کي سيوهڻ مان آندو ويو،جنهن مولوي احمد عرف مولوي ٺوڙهو کي نماز پڙهائڻ لاءِ تيار ڪيو، انهيءَ شرط تي ته دعا مان (بصرالدين) گهُرندس. دعا گهرڻ سان مينهن اچي لٿو، پاڻ انهن ڏينهن ۾ نواب غيبي خان چانڊيو جو مهمان هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com