سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :23

ڪهاڻين کان علاوه  هن ڳٽڪي جي ٻي خوبصورتي آهي، امر جليل جو لکيل مهاڳ، ”خاموشيءَ جو آواز“. اهو خاموشيءَ جو آواز جيڪو امر جليل جو پڙهندڙ محسوس ڪري ٿو ۽ ڪن حالتن ۾ ورنائي به ٿو؛ پر ليکڪ جو واسطو رڳو سندس پڙهندڙ سان ڪونه آهي، پر ان سموري معاشري سان آهي، جنهن ۾ سندس تخليق اُسري ٿي، ان ڪري ان ”خاموشيءَ جي آواز“ کي محسوس ڪرائڻ جي بدران مانائتي ليکڪ کي گهرجي ته ڳالهائي، جلاوطنيءَ جي دور مان نڪري اچي، ادب جي هر سطح تي جنگ جي ميدان ۾ شامل ٿئي ۽ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري، جيڪو سندس تارخي ۽ مثالي صلاحيتن ۾، اسان کي بخوبي خبر آهي، ته موجود آهي ۽ پڙهندڙن کي بجا طور تي اميد رکڻ کپي ته جليل پنهنجي پڙهندڙن کي مايوس ڪونه ڪندو.

- قاسم ٻگهيو

مهراڻو-1

مهراڻو اڪيڊمي، لطيف ننگر، صوفي فقير ضلعي ٿرپارڪر پنهنجي اشاعتي سلسلي جو پهريون ڪتاب ”مهراڻو“ شايع ڪيو آهي. ان سلسلي جو مرتب محترم معمور يوسفاڻي آهي ۽ ٻانهن ٻيلي آهي لياقت جوڻيجو ۽ نورحسن هوت. ڪتابت حافظ سخي محمد مهراڻ ريگستاني جي آهي.

مهراڻو-1 ڪتابي سلسلي ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي اديبن ۽ شاعرن جون نگارشات شامل آهن: سيد گل حسن شاهه مجذوب عمرڪوٽي، رانا محمد حنيف عاطر، اصغر حسين ٽالپر، دوست محمد فدا، خدا بخش مجاهد چانڊيو، تاج هاليپوٽو، سيد پناهه شاهه ڏاڏاهي، غلام حيدر غمدل، مخلص مهراڻوي، عبدالواحد عاصي، محمد حسن زاهد، سيف الله خالد پلي، سيد غلام حيدر شاهه، سدورو سڪايل، علي محمد عاجز پلي، سومر فقير خاصخيلي، نورمحمد نورل ڪنڀار، علي ڪنڀار، دين محمد سجاڳ پلي، منظور علي شاهد، منٺار علي هوت، محمد ايوب اداسي، رياض احمد راهي، سيد عنايت بخاري، سيد قمرالحسن شاهه، بشير بيوس اوٺو، بيوس بلوچ، پرڪاشراءِ بيوس، رمضان خان شاهاڻي ۽ احمد خان ڪيريو.

ڪتاب ۾ نورحسن هوت جي ڪهاڻي ”تنهنجي تند تنوار“ ۽ علي ڪنڀار جي ”هوڪا“ شامل آهن.

ٿرپارڪر جي هڪ روحاني شخصيت حڪيم فقير علي بخش هاليپوٽي تي نورمحمد نورل ڪنڀار جو تحقيقي مضمون ”مهراڻو-1“ جي جان آهي.

محترم معمور يوسفاڻي ۽ سندس ساٿين کي آفرين هجي، جو ضلعي جي علم ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ مهراڻو-1 ڪتابي سلسلو جاري ڪيو اٿن.

پرچي جي قيمت پنج رپيا آهي ۽ مهراڻو اڪيڊمي، لطيف ننگر، صوفي فقيرن وٽان ملي سگهي ٿو.

- ن.ا. ش.

لطيف جو پيغام

محترم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي تمغهء امتياز جو تازو لکيل ڪتاب ”لطيف جو پيغام“ شايع ٿي چڪو آهي. هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي ڪراچي، الائيڊ پرنٽنگ ڪارپوريشن حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

هي ڪتاب پلاسٽڪ ڪوٽيڊ ڪورَ سان آفيسٽ ڪاغذ تي ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ ڇپيو آهي، نه فقط ايترو پر ڪتاب جي ٽائيپ پڻ صاف ۽ جاذبِ نظر آهي. ڊيمي سائيز ۾ هي ڪتاب هر لحاظ کان تعريف جي لائق آهي.

مواد جي لحاظ کان لائق ليکڪ هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون ۽ مقالا ڏنا آهن، سي سمورا ڀٽائي گهوٽ جي املهه شعرن جي اهم نقطن تي مشتمل آهن ۽ اهي قسمين قسمين نقطا مختلف انساني جبلتن ۽ لاڙن متعلق شاهه سائينءَ پيش ڪيا آهن، جن جي اپٽار ۽ وضاحت اسان جي هن سنڌي علم ادب جي ڄاڻو ۽ ڀٽائي گهوٽ جي شارح ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ ڪئي آهي.

محترم ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ ڪل سورهن مقالا ۽ مضمون پيش ڪيا آهن، جن مان گهڻا اڻ ڇپيل آهن. سندس لکيل مقالن کي ڏسي وڏي وثوق سان اهو چئي سگهجي ٿو ته لائق ليکڪ، هن ڪم ۾ وڏي محنت، تحقيق ۽ جاکوڙ ڪئي آهي. جيئن ته ڊاڪٽر صاحب عالم ۽ محقق هجڻ سان گڏ، بنيادي طور استاد به آهي، تنهنڪري هن صاحب مذڪوره ڪتاب ۾ اهم نقطن جي فلسفي کي سمجهائڻ سان گڏ اهو به واضح ڪيو آهي، ته علم ادب ڇا آهي؟ ان تي پڻ سندس بحث جو طريقو عالمانه ۽ محققانه آهي؛ ان ڪري هيءُ ڪتاب نه فقط عالمن، اديبن ۽ باذوق حضرات لاءِ ڪشش رکندڙ آهي، پر سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ پڻ وڏي وقعت رکي ٿو، ۽ سنڌي ادب جي ڄاڻ لاءِ پڻ خوب رهنمائي ڪري ٿو.

ڊاڪٽر ميمڻ ”مقدمي“ جي ادب جي وصف ۽ ان جي ڪارج تي مير حاصل بحث ڪيو آهي، جنهن ۾ ادب جي تعريف ۽ ڪارج متعلق مختلف عالمن جا نظريا پيش ڪري ثابت ڪيو آهي، ته ادب ڇا آهي، سندس ڪارج ڪهڙو آهي، وغيره.

ان کان سواءِ هن لائق عالم، ادب ۾ حقيقت پسنديءَ واري اهم موضوع جي پڻ عالمانه انداز ۾ وضاحت ڪئي آهي، ته ساڳئي وقت نسل، ماحول ۽ عصري رجحان کان سواءِ روايت ۽ انفراديت جي اهميت تي پڻ بهترين بحث ڪيو آهي. نه فقط ايترو، پر ڊاڪٽر صاحب ادب جي قدرن تي پڻ مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن جا رايا پيش ڪري انهن جي اهميت کان آگاهه ڪيو آهي. ان کان پوءِ هن صاحب، مقصد جي وضاحت ڪندي ثابت ڪيو آهي، ته سٺي ادب جي تخليق لاءِ صداقت ۽ حقيقت پسنديءَ جوهجڻ لازمي امر آهي، نه ته بقادار ۽ قدر وارو فن پارو تخليق ٿي نه سگهندو. آخر ۾ هن شاهه صاحب جي ڪلام سان انهن مڙني خوبين کي ثابت ڪيو آهي، جيڪي سچي ۽ لافاني ادب لاءِ بيحد ضروري آهن. مطلب ته ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي شعر جي انيڪ ۽ طرحين طرحين خوبين جي احاطي ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان عمل ۾ ڪابه ڪمي يا ڪوتاهي ڪانه ڪئي اٿس.

سائين عبدالمجيد صاحب مذڪوره ڪتاب ۾ مقدمي کانپوءِ شاهه لطيف سائينءَ کان اڳ ۽ سندس وقت جا سنڌ تي حملا، سندن ڪاميابيون ۽ ناڪاميون به ڏيکاريون اٿس ۽ اهو پڻ ڄاڻايو اٿس، ته ساڻن ڪهڙن حاڪمن، قبيلن ۽ قومن بي جگريءَ سان بهادرن وانگر مقابلو ڪيو آهي. مطلب ته سندس پيش ڪيل سمورو سياسي جائزو مڪمل طور محققانه انداز ۾ آهي، جنهن ۾ مستند تاريخي حوالا پڻ ڏنا ويا آهن، جنهن ڪري هن مواد جي اهميت اڃان به وڌي ويئي آهي. ڊاڪٽر صاحب جو ڪيل سمورو سياسي ۽ اقتصادي بحث بلڪل جامع آهي ۽ هن سنڌ جي حاڪمن جي گهرو تڪرارن ۽ تلخين کي به هٿان ڪين ڇڏيو آهي، ته ان وقت جي علمي ادبي اوسر ۽ ارتقا جا لاها چاڙها به مختصر پر مڪمل انداز ۾ بيان ڪيا آهن، ايستائين جو هي عالم مختلف حاڪمن جي ذاتي عملن ۽ عادتن کي به معلوم ڪري پيش ڪندو آيو آهي. مطلب ته ٻن صدين (10 کان 12 صديءَ تائين) جي سياسي، اقتصادي حالتن ۽ ادبي اوسر کان پوريءَ ريت آگاهه ڪيو اٿس.

ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب شاهه سائينءَ جي انهن مختلف موضوعن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي شاعر ملڪي حالتن کان متاثر ٿي پنهنجي ڪلام لاءِ منتخب ڪيا آهن. اهي عنوان جن تي سائين ڊاڪٽر سنڌي صاحب قلم کنيو آهي، سي هي آهن، جهڙوڪ: توحيد، رسالت، شريعت جي پابندي، پرخلوص عمل، عشق الاهي، احسان و اخلاق، پاڻ سڃاڻڻ، دنيا کان بي رغبتي، عجز ۽ انڪساري، موت جي يادگيري ۽ ان جو تصور وغيره.

انهيءَ عملي بحث کان پوءِ مصنف وحدت الوجود واري صوفيانه نظريي جي پڻ وضاحت ڪئي آهي، جنهن ۾ تصوف جي مختصر تاريخ به پيش ڪئي اٿس، ته طريقت جي ابتدا تي به عالمانه انداز ۾ مختصر بحث ڪيو اٿس. ان کان پوءِ هن تحقيقي انداز ۾ فنا جا درجا پيش ڪيا آهن ۽ ان جي ثابتيءَ ۾ شاهه سائينءَ جا بيت به آندا اٿس، تنهن کان پوءِ اهو پڻ سمجهايو اٿائين، ته وحدت الوجود ڇا آهي؟ وحدت ۽ ڪثرت جي حقيقت ڪهڙي آهي، وغيره. انهن حقيقتن کان آگاهه ڪندي هن سڄاڻ عالم ٻين صوفي بزرگن ۽ عالمن جي راين سان گڏ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا اهي شعر به پيش ڪيا آهن، جن جي وسيلي انهن اهم تصوف جي نقطن جي آسانيءَ سان اپٽار ٿي سگهي ٿي. پڇاڙيءَ ۾ ڪيل انهيءَ عالمانه بحث مان نتيجا اخذ ڪري اُهي به پيش ڪيا اٿس؛ جن مان پڻ انهن لفظن تي چٽيءَ ريت روشني پوي ٿي.

ان کان پوءِ ”خودشناسيءَ“ تي شاهه سائينءَ جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ سير حاصل بحث ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پڻ هن تخليق ڪار تحقيقي انداز کي هٿان ڪين ڇڏيو آهي ۽ ان لاءِ مختلف مسلم ۽ غير مسلم عالمن جا رايا به شاهه صاحب جي ڪلام سان گڏ پيش ڪيا اٿس، جنهنڪري انهيءَ مواد جي اهميت اڃان به سرس ٿي ويئي آهي.

موت جي تصور تي بحث ڪندي  جزا ۽ سزا واري تصور جي اهميت اجاگر ڪندي، ڊاڪٽر صاحب قديم انسانيت سوز ۽ وحشيانه رسمن جو به ذڪر ڪيو آهي، ته ان حقيقت جو اسلامي تصور به پيش ڪيو آهي. وري ساڳئي نقطي جي وضاحت ۾ شاهه صاحب جو ڪلام به آندو اٿس، جيئن ان جي اپٽار ۾ ڪابه ڪوتاهي نه رهي. ان موضوع کي وڌيڪ کولي سمجهائڻ لاءِ قرآن پاڪ جي حوالي سان به بحث ڪيو اٿس، ته فنا ۽ بقا تي مسلمان صوفين جا رايا پيش ڪري انهيءَ اهم نقطي جي اڃان به وڌيڪ وضاحت ڪئي اٿس. مطلب ته هن موضوع تي ڏاڍي پيرائتي ۽ جامع انداز ۾ بحث ڪيل آهي.

ان کانپوءِ هو ”شاهه جي عظمت“ جي اپٽار ڪندي، کيس مڙني شاعرن کان مٿانهون ثابت ڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب ويو آهي. ان سلسلي ۾ هن شاهه سائينءَ جي نازڪ خيالي، پيشڪش جي انداز ۽ سندس شغر جي جڙاوت تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ اهو به ثابت ڪيو آهي، ته شاهه صاحب ڇا جي ڪري ٻين کان مٿانهون ۽ عظيم آهي.

ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب شاهه سائينءَ جي ڪلام مان اُهي نقطا اخذ ڪيا آهن، جن مان انساني مزاج ۽ فطرت جي عڪاسي ٿئي ٿي. ڏٺو وڃي ته انساني مزاج ۽ فطرت جو مطالعو هڪ اونهو ۽ محنت طلب موضوع آهي، جنهن جي جاکوڙ ۽ جاچ لاءِ اعلى صلاحيتون درڪار آهن، پر هن لائق ليکڪ ان ڏس ۾ پڻ عالمانه اندازِ فڪر کان ڪم وٺي، ڀٽائي گهوٽ جي بيتن مان هڪ قابل غواص وانگر موتي ميڙي، اسان آڏو پيش ڪيا آهن.

ان کان سواءِ سنڌي صاحب، شاهه سائينءَ جي آفاقي ڪلام مان اُهي شعر چونڊي پيش ڪيا آهن، جن ۾ اسان جي نوجوان طبقي لاءِ پڻ ڪارائتو پيغام آهي. نه فقط ايترو، پر هن عالم انهن شعرن مان اهو ثابت ڪيو آهي، ته علمي زندگيءَ جي ابتدا ۾ نوجوانن جو عزم ۽ ارادو ڪهڙو هوندو آهي ۽ سندن ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟ يا کيس منڍ ۾ ڪيئن غلط ۽ گندا نظريا وڪوڙين ٿا ۽ انهن کان جند ڇڏائڻ لاءِ شاهه جو ڪلام ڪهڙيءَ ريت سندن رهنمائي ڪري ٿو ۽ اهو ڪلام ڪيئن کين اسلامي تعليم جي حوالي سان محبت ۽ پيار، سرت ۽ ساڃاهه جو سبق ڏئي ٿو.

ڊاڪٽر صاحب مذڪوره ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي ۾ آندل تمثيلي آکاڻين جو فني ۽ فڪري جائزو پيش ڪيو آهي.

هن کان پوءِ هو سر ڪلياڻ جي مضمون ۽ فلسفي تي بحث ڪري ٿو، جنهن ۾ هن ڪلياڻ لفظ جي لغوي معنى، موسيقيءَ موجب سندس مقصد، مضمون ۽ فلسفو اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. نه فقط ايترو پر انهن لفظن جي وضاحت ڪندي هو اسلام جي تعليم ۽ شاهه صاحب جي راءِ سان توحيد، رسالت، شريعت ۽ فنائيت جهڙن اهم ۽ بنيادي نقطن کان پڻ آگاهه ڪري ٿو.

انهيءَ سُر کان سواءِ هن ٻين سرن، جهڙوڪ: سر مارئي، سر سامونڊي، سر معذوري، سر ڏهر، سر ڪاموڏ ۽ سر سهڻيءَ جو ادبي ۽ فڪري جائزو پڻ پيش ڪيو آهي ۽ انهن مٿي ذڪر ڪيل سمورن سُرن ۾ جيڪي به اهم نقطا پيش ڪيا ويا آهن، تن جي اثرائتي انداز ۾ اپٽار ڪري، سندن اهميت اجاگر ڪئي ويئي آهي.

مطلب ته هيءُ ڪتاب ”لطيف جو پيغام“ سمورين علمي، ادبي، تحقيقي ۽ فڪري خوبين سان سينگاريل ۽ سنواريل آهي، جنهن ڪري هن مان هر مڪتبهء فڪر جو ماڻهو حَظ حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ان کان سواءِ مذڪوره ڪتاب ۾ ادب جي شاگردن جي پڻ رهنمائي موجود آهي.

ان ڪري سڀني ادب ۽ شائقينن ۽ شاگردن لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو ضروري آهي.

- سيد لعل شاهه بخاري

ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون

سنڌي ادب جي تاريخ کي ڪنهن شيخ اياز جي تلاش هئي ۽ اُهو ان کي ملي ويو آهي. اڄ اسان وٽ نثر توڻي نظم جي ڏس ۾ حوالو ڏيڻ لاءِ، شيخ اياز ايڏو ته وڏو نالو آهي، جو پوري تاريخ تي پکڙيل نظر ايندو آهي. اڄ هن جي ڏات اهڙو خيمو تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ نثر ۽ نظم، ٻنهي پناهه اچي ورتي آهي ۽ هو ڏات جي ان خيمي ۾ ويهي ايڏو ڪجهه سِرجي پيو ۽ لکڻ ۾ ايترو ته مگن آهي، جو بقول سندس: ”لکندي پتو نه پوندو آهي، ته سج ڪڏهن ٿو اڀري- ۽ ڪڏهن ٿو لهي.“

پنهنجي تازي ڇپيل ۽ ڪراچيءَ جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ذريعي اياز صاحب اڳ ڇپيل پنهنجي نثري مجموعي ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ کان پوءِ، هڪ دفعو وري اعلى، شاندار ۽ خوبصورت نثر جي چوٽي سر ڪئي آهي. هن ڪتابن جون يادگيريون، بظاهر ته 28 جولاءِ کان شروع ٿيو 5 آگسٽ تي اچو دنگ ٿيون ڪن، پر انهن جي پويان ڪيئي زمانا، ڪيئي زمينون، ايترا حوالا، ايترا ريفرنس ۽ ايتريون يادگيريون ڄاڻايل آهن، جو پڙهيو، تپرس وٺيو وڃي.

اياز صاحب، جولاءِ آگسٽ جي مهينن ۾، ڪراچيءَ منجهه رهي، هي ڪتاب روزنامچي جي انداز ۾ تحرير ڪيو آهي ۽ ان وچ ۾، هن وٽ جيڪي به ڄاتل، اَڄاتل چهرا ۽ ماڻهو ملڻ لاءِ ويا آهن، هُن لاءِ اتساهه جو سبب بڻيا آهن ۽ پوءِ اهي ئي ڊائريءَ جا موضوع به بنجندا ويا آهن. مثال طور بيدل مسرور، شاهد ڀٽو، تاجل بيوس، ادي ماهتاب محبوب، فقير محمد لاشاري (۽ اسين انهن مڙني ماڻهن جا ٿورائتا آهيون، جن اياز صاحب لاءِ اتساهه پيدا ڪيو ۽ ان حوالي سان هن سنڌي ادب لاءِ نثر جو ۽ پنهنجي يادگيرين جو هڪ اهم ڪتاب لکي ورتو.) اياز صاحب جي فن، فڪر ۽ شخصيت کي سمجهڻ لاءِ هي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ هڪ گائيڊ بڪ آهي. هن ڪتاب پڙهڻ سان به هڪ عظيم شاعر ۽ مفڪر کي وڌيڪ ويجهو ٿي وڃجي ٿو. ڄاڻڻ گهرجي ته روزنامچي جي انداز ۾ لکيل اهي يادگيريون محض  اياز صاحب جون شخصي يادگيريون ڪونه آهن، پر اهي سڀ تاريخ جو حصو آهن ۽ هن اهي لکي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي. اهڙي تاريخ، جنهن لاءِ سورس هن وٽ فقط يادن آهن. انهن يادن مان ئي پتو پوي ٿو ته اسان جو شاعر شيخ اياز زندگي ۽ زندگيءَ جي مسئلن جو ڪيڏو نه عميق شعور رکي ٿو. اها به هنن يادگيرين مان ئي خبر پوي ٿي ته هو ڪيڏي نه وڏي ۽ گهري مطالعي جو مالڪ آهي. ڪيئي دروازا آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ اياز صاحب کوليا آهن. ڪنهن دروازي مان هن جا دوست ۽ محسن چِٽا پِٽا نظر اچن ٿا. اجهو اياز صاحب جي ئي لفظن ۾ انهن جي جهلڪ ڏسو: ”ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍي عمر ۾ تربيت ڪئي آهي ۽ جي مان انهن سان نه ملان ها ته مان نه هجان ها ۽ اُهي آهن- حشو، سوڀو ۽ ابراهيم جويو. انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي، جيئن روميءَ جي شمس تبريز سان رهي آهي. اهي ئي ٽي ماڻهو آهن، جي مون کان جيون جي ليکي چوکي وٺڻ جا حقدار آهن.“ ۽ هاڻي يادون جي ٻئي دروازي ۾ خود اياز صاحب، مهان ليکڪ جو روپ وٺيو بيٺو آهي: ”منهنجي ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪمنٽمينٽ نه آهي. پر مان پنهنجي جاءِ تي هڪ سياسي پارٽي آهيان. هڪ حڪومت آهيان... ۽ مان ڀائيندو آهيان ته مان سنڌ آهيان. مون ۾ ئي ڏاهر ماريو ويو آهي. مون ۾ ئي دولهه دريا خان جنگيون ڪيون آهن. مان ئي اروڙ جي ٽَڪر وانگر ٻه اڌ آهيان ۽ اهڙو اڌ ڪڏهن نه ٿيو آهيان، جهڙو اڄ آهيان...“

اسان کي پنهنجي يادگيرين جي ان ڪتاب ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ اياز صاحب اهو به ٻڌايو آهي ته ”عظيم فنڪار وٽ ٻيو ڪجهه نه هجي، پر ٻه شيون ضرور هئڻ گهرجن. حد درجه انڪساري ۽ حد درجه تڪبر.“ پنهنجي باري ۾ ٻڌايو اٿس ته ”مان شعر و ادب جي معاملي ۾ نهٺو آهيان، پر شاعرن ۽ اديبن ۾ نهايت مغرور سمجهيو ويندو آهيان.“ ادب ۾ هونءَ عام جام اهو ئي سمجهيو ويندو آهي ته اياز صاحب مغرور آهي ۽ ڪنهن همعصر کي واکاڻڻ کان لنوائيندو آهي. ڪافي عرصي کان پوءِ هن ڪتاب ۾ اياز صاحب ٻن شخصيتن کي نهايت فراخدليءَ سان ساراهيو آهي: ”مون سنڌيءَ ۾ ٻه شخص ڏٺا آهن، جي ڏاڍو چڱو ڳالهائيندا آهن ۽ انهن کي ٻڌندي ائين لڳندو آهي ته درياهه پلٽجي پيو آهي ۽ اهي آهن، رسول بخش پليجو ۽ عبدالواحد آريسر...“

هن ڪتاب جو سڀ کان اهم ۽ خوبصورت حصو اهو به آهي، جنهن ۾ اياز صاحب پنهنجن محبتن ۽ محبوبائن جو کليءَ دل سان ذڪر ڪيو آهي. اهڙو ذڪر ڪندي هن محبوبائن جي نالن بدلائڻ بابت اهو به اعتراف ڪيو آهي ته ”ڪنهن وقت مان سوچيندو آهيان ته مان حجاب لاهي ڇو نه ٿو لکان. محبوبائن جا نالا ڇو ٿو ڦيرايان...“ باوجود نالا ڦيرائڻ جي هن اهو بلڪل صحيح ٻڌايو آهي ته ”روشن منهنجو پهريون پيار هئي ۽ ائين چئجي ته روشن مون لاءِ ڄڻ شڪارپور هئي...“ (شڪارپور، جيڪا اياز صاحب جي جنم ڀومي آهي.)

اياز صاحب جي ان ڪتاب مان جتي اسان کي هڪ عظيم شاعر جي فڪر، نقطهء نظر ۽ آدرشن جو ڏس ملي ٿو، اتي موسيقي، فلم ۽ ناٽڪ جي ڏس ۾ به هڪ مهان شاعر جي پسند ۽ ناپسند جي پروڙ پوي ٿي. ڪتاب جي آخري حصي ۾ گورباچوف جي ڪتاب ’پيرسٽروئيڪا‘ (تشڪيل نو) کي اياز صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ اختصار سان سمجهايو آهي ۽ هيءُ مضمون به اياز صاحب جي سوچ کي سمجهڻ لاءِ وڏو سهارو مهيا ڪري ٿو. هن ڪتاب جي دروازي مان اسان کي اياز صاحب ايترو ته ڪليئر نظر پيو اچي، جو بقول ڊاڪٽر عبدالجبار صاحب جي:”هاڻي اياز صاحب جي پوري فن ۽ فڪر جو جائزو وٺڻ مشڪل نه آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com