سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :6

چيو وڃي ٿو ته حضرت قلندر شهباز جو قلندري مسلڪ، سيد جمال مجرد جي سلسلي سان ملي ٿو. تاريخن ۽ تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو، ته حضرت قلندر شهباز جي درگاهه کي روحانيت جي مرڪز جي حيثيت رهي آهي، ۽ ڪيترائي بزرگ هتي ايندا رهيا آهن، انهن مان مخدوم بلال رح، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ حضرت قادر بخش بيدل جا نالا اچي وڃن ٿا. سنڌ جا عالم، فاضل جيتوڻيڪ مختلف سلسلن سان وابسته هئا، ۽ انهن مان گهڻي قدر قلندري طريقي جا نه هئا، تڏهن روحاني فيوضات ۽ مستيءَ واري ڪيفيت حاصل ڪرڻ حضرت قلندر شهباز جي درگاهه تي حاضري ڀريندا رهيا.

صوفيانه سکيا: حضرت قلندر شهباز جي تجليات جو تفصيل اسان کي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪونه ٿو ملي. البت انهن بزرگن جي سکيا جو ڪجهه وچور ملي ٿو، جن سان حضرت قلندر شهباز جي محبت ۽ دوستي هئي، يعني حضرت غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتاني ۽ حضرت فريدالدين گنج شڪر. جيئن ته انهن هڪ مقصد هيٺ گڏجي سير و سياحت ڪئي، انهيءَ ڪري حضرت قلندر شهباز جي پيغام جو روح به اهو ئي سمجهڻ گهرجي.

حضرت غوث بهاءُ الدين زڪريا فرمايو آهي:

· معرفت الاهي جي سلسلي ۾ پهريون قدم دنيا ترڪ ڪرڻ آهي. جڏهن انسان دنيا جي ڪمن ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو، تڏهن هو ان مقصد کان دور ٿي وڃي ٿو، جنهن مقصد لاءِ هو پيدا ڪيو ويو آهي، يعني الله تعالى جي عبادت.

· انسان جي اصل شيءِ دل آهي. دل جي اصلاح ٿي وڃي ته پوءِ بدن جي اصلاح به خودبخود ٿي ويندي... دل کي پليدين کان پاڪ رکڻ گهرجي. جيڪي شيون دل کي تباهه ڪن ٿيون، انهن جو اصل هڪ آهي ۽ اهو آهي ”دنيا جي محبت“.

· مريد لاءِ لازم آهي، ته هو شريعت جو عالم هجي، جيئن علم سان عمل ڪري. علم سندس رهبر ٿيندو، ته شيطان ساڻس هٿ چراند ڪري نه سگهندو.

·”مراقبي ۾ جيڪڏهن نفس غالب اچڻ جي ڪري، ته سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو عالم جي ننڊ به الله تعالى جي عبادت آهي.“ حضرت شاهه ڪريم بلڙي واري چيو آهي:

جو جاڳندي من ۾، ستي پڻ سيئي،

من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري.

شاهه لطيف چيو آهي:

سي ستا ئي سونهن، ننڊ عبادت تن جي.

· قرآن مجيد جي تلاوت جي دوران قرآن حڪيم جي معنى ۽ مطلب سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ ان تي غور ۽ فڪر ڪجي. اها سوچ ۽ ويچار الله تعالى جي تخليق تي ڪجي ۽ نه خالق تي، يعني الله تعالى جي بخششن ۽ نعمتن، آسمان ۽ زمين، بهشت ۽ دوزخ تي غور ۽ فڪر ڪيو وڃي.

شاهه لطيف فرمايو آهي:

پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾.

حضرت بابا فريدالدين گنج شڪر فرمايو آهي:

· جيڪو درويش دنياوي مان ۽ مرتبي جو خواهان آهي ۽ دنيوي ماڻهن جي مهربانين جو طالبو آهي، اهو درويش نه آهي.

· درويشن جو زهد  ٽن شين ۾ آهي: (1) دنيا کي سڃاڻي وڃڻ ۽ ان تان هٿ کڻي وڃڻ (2) الله تعالى جي عبادت ۽ اطاعت ڪرڻ (3) آخرت جي آرزو ۽ ان جي طلب.

· تصوف الله تعالى جي دوستيءَ جو نالو آهي. تصوف وارو اهو آهي، جيڪو هر وقت خاموش ۽ عالم تحير ۾ مستغرق رهي ٿو. صوفي دنيا وارن کان بي نياز ۽ مستغني ضرور رهندو آهي، پر هو ڪڏهن به دنيا جي مذمت نه ڪندو آهي.

ماخذ:

(1) ابوالعباس شمس الدين احمد بن محمد بن ابوبڪر بن فلڪان. و فيات الاعيان وانباء ابناء الزمان، الطبعــﮧ  الثانه، الطبعة امير قم (عربي)

(2) مولانا عبدالرحمان جامي: نفحات الانس، اردو ترجمه، ڪراچي 1982ع)

(3)خواجه عبدالله انصاري هروي: طبقات الصوفيه، ڪابل 1962ع.

(4) بهاءُ الدين زڪريا ملتاني: الاوراد، مرڪز تحقيقات ايران- پاڪستان، اسلاملڪ بوڪ فائونڊيشن لاهور.

(5) حامد بن فضل الله جمالي: سير العارفين، اردو ترجمه: ڊاڪٽر محمد ايوب قادري مرڪزي اردو بورڊ لاهور (1976ع.

(6) معين الحق جهونسوي: منبع الالساب.

(7) مير علي شير قانع: تحفة الڪرام، سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ.

(8) شريف الدين احمد شرافت نوشاهي: شريف التواريخ، ساهن پال گجرات؛ 1979ع.

(9) عبدالحئي بريلوي لکنوي: نزهته الخواطر، اردو ترجمه، مقبول اڪيڊمي لاهور 1985ع، جلد اول.

(10) روئداد معارف اسلاميه، لاهور 1938ع.

(11) مولانا نوراحمد خان فريدي: بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، قصرالادب ملتان.

(12) شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي: عوارف المعارف، اردو ترجمه، مدينه پبلشنگ هائوس ڪراچي، 1977ع.

(13) هشت بهشت اردو، الله والي کي قومي دوڪان لاهور.

(14) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: تذڪره شهباز، سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻه، 1929ع.

(15) شيخ عبدالرحمان چشتي: مرات الاسرار، اردو ترجمه، ڪپتان واحد بخش سيال، صوفي فائونڊيشن لاهور، 1982ع.

(16) سيد محمد مبارڪ علوي ڪرماني، المعروف به امير خورد: سيرالاولياء، اردو ترجمه، مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1980ع.

(17) روزنامه انجام، 5- مارچ 1965ع.

(18) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ميين شاهه عنات جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع.

(19) مير محمد معصوم بکري: تاريخ معصومي، سنڌي ترجمه، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع.

(20) رساله ششماهي ”سنڌي ادب“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، سال 1982ع، نمبر 1 ۽ 2، مقالو ”ٺٽي جا رضوي سيد“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.

(21) رسالو ”مهراڻ“، سال 1983ع، نمبر 2 ۽ 3، سال 1984ع، نمبر 4؛ سال 1986 نمبر 4.

(22) مسلمان علماء جي بين الاقوامي ڪانفرنس، عنوان ”انساني تهذيب ۽ تمدن جي ارتقا ۾ اسلام جو حصو ۽ مستقبل ۾ ان جي امڪانات جو جائزو“ (7 کان 10 مارچ 1981ع تائين) مقالات ڪانفرنس، جلد 8، نمبر 1، مقالو ”ملفوظات“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پاڪستان قومي هجري ڪميٽي، اسلام آباد.

(23) ڊاڪٽر مير ولي الدين: قرآن اور حقوق، مدينه پبلشنگ ڪمپني ڪراچي.

سومرن جي دور جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تجزيو

عبدالله منگسي

تاريخي طور تي عجم جي قومن ۽ ملڪن ۾ سنڌ ۽ هند کي هڪٻئي کان ڌار تهذيبون ۽ ملڪ ڏيکاريو ويو آهي. جاگرافيائي طور تي هتان وهندڙ ”درياهه سنڌ“ دنيا جو ستون نمبر وڏو درياهه آهي. ان کان سواءِ هن ملڪ جون سرحدون ٽن اهم سمنڊن سان لاڳاپيل آهن، جنهنڪري زراعتي ۽ تجارتي طور تي دنيا جي بحري توڙي بري شاهراهن جو چوسول پئي رهيو آهي، ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي جاگرافيائي شاهوڪاري دنيا جي هر فاتح لاءِ ڪشش ۽ ڇڪ جو  سامان پئي مهيا ڪيو آهي. ان ڪري هن ديس تاريخ جي تيز وهڪرن ۾ گهڻائي لاها چاڙها پئي ڏٺا آهن، ۽ ان سان گڏ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تبديلين ۽ حالتن هتي ڪڏهن خوشحالي ته ڪڏهن قحط واري صورتحال کي پئي جنم ڏنو آهي. هتان جو معاشرو تهذيب جي جن مختلف مرحلن مان گذريو آهي، تن ۾ سومرا دور کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته عرب راڄ کان پوءِ سڀ کان پهريون ڀيرو سومرن ئي سياسي سگهه حاصل ڪري ڌرتي ۽ راڄ تي پنهنجي حڪمران قائم ڪئي هئي، ۽ قومي رياست جو پايو وڌو هو. سنڌ اندر عرب آبادڪارن ۽ افغان قبضي جي خلاف جيڪا عوامي جدوجهد هلي رهي هئي، تنهن جي قيادت سومرا ڪري رهيا هئا. هن جدوجهد جا ٻه رخ آهن. هڪ ته ڌارين جي قبضي خلاف قومي آزادي حاصل ڪرڻ ۽ ٻيو نظرياتي طور تي قومي ثقافتي بنيادن تي تنگ نظريءَ کان پاڪ رياست قائم ڪرڻ. تاريخ ۾ هميشـﮧ ائين ٿيو آهي ته جيستائين مظلوم قوم يا طبقي پاڻ کي ظالم قوم يا طبقي کان نظرياتي يا ٿقافتي طرح سان علحده نه ڪيو آهي، تيستائين ظالم جي خلاف ڪامياب سياسي جنگ نه لڙي سگهيو آهي. جنگ جيڪڏهن کٽي به آهي ته ان جا نتيجا صحيح ڪونه نڪتا آهن. سومرن انهيءَ ڪري نظرياتي طرح پاڻ کي عربن ۽ افغانن کان الڳ رکي پنهنجي قومي جدوجهد هلائي ۽ آخرڪار ڪاميابي حاصل ڪئي. اهوئي سبب آهي جو سومرا دور تاريخي ڄاڻ جي بليڪ هول هوندي به سنڌ جي تاريخ جو اهم ترين ٻنڀو پئي رهيو آهي، ان ڪري سنڌ جي اڪثر رومانوي داستانن، ڪوپائي ڪٿائن ۽ شاعريءَ جو تمام گهڻو واسطو به هن ئي دور سان لاڳاپيل نظر اچي ٿو.

سومرن جي حسب نسب بابت ڪيترائي رايا آهن. هڪڙن جو چوڻ آهي ته هي مشرق وسطى جي سامي نسل جا ماڻهو آهن. ڪن جو چوڻ آهي، ته هي قبيلو ايران جي شهر سرمن راءِ (ساموه) مان لڏي ايندڙ اهڙو انساني گروهه آهي، جن پاڻ کي پنهنجي اصلوڪي وطن سرمن راءِ جي نالي سان سومرا سڏايو. خود سومرن جي ڪن بزرگن جو چوڻ آهي ته هو عربي نسل جو هڪ قبيلو آهي، جنهن وقت جي طوفانن سان گڏ هجرت ڪري سنڌ اندر مستقل سڪونت اختيار ڪئي. پر اڄ جي جديد تحقيق ڪندڙ مؤرخن علم انسانيات (Anthropology)  ۽ عمرانيات جي ماهرن سندن جسماني ساخت، سماجي زندگيءَ جي طور طريقن، احساسن ۽ جذبن جو تجزيو ڪندي ثابت ڪيو آهي، ته سنڌ جو هي تاريخي قبيلو در حقيقت راجپوت نسل مان آهي، جنهن چوٿين صديءَ جي آخر ۾ سياسي اهميت حاصل ڪئي، ۽ پنهنجي هڪ سردار ”سومره“ جي قيادت ۾ ملتان کان وٺي ڪڇ تائين پنهنجو اقتدار مڃائي ورتو. آئين اڪبري مطابق هن قبيلي جا ڇٽيهه حاڪم ٿي گذريا آهن، جن پنج سؤ پنج سال حڪومت ڪئي. (1)

سومرن جي دؤر تي تحقيق ڪندڙ محققن، مؤرخن ۽ تاريخدانن اڪثر ڪري هيءَ غلطي پئي دهرائي آهي ته سومرن جي حڪومت ۽ اقتدار فقط سنڌ ۽ لاڙ واري حصي تي قائم هو. پر اسان کي تاريخ مان اهڙيون تمام گهڻيون شاهديون ملن ٿيون ته سومرن جي سونهري دور ۾ سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ جاگرافيائي طور تي ملتان ۽ اُچ وارو علائقو به سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ شامل هو. انهن ٻنهي شهرن کي سومرا دور ۾ سياسي ۽ مرڪزي حيثيت پڻ حاصل هئي. سومره (سومار) ۽ سندس پٽ راجا پال اهڙا طاقتور سومرا حاڪم هئا، جن جي حڪومت ملتان کان وٺي ڪڇ تائين قائم هئي ۽ ٻنهي يا سندن اولاد جي ڪن حاڪمن ايڏي وڏي ملڪ تي حڪومت ڪئي.

اتر سنڌ جي انهيءَ سياسي ۽ ثقافتي سرحدن اندر شامل علائقن تي سومرن جي حاڪمن لاءِ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو:

”ملتان جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ يعني موجوده بهاولپور ڊويزن واري ايراضيءَ ۾ مقامي طور سومرا حاڪم خودمختيار حيثيت ۾ گهڻي وقت تائين حڪومت ڪندا رهيا. هاڪڙي درياهه جي اڀرندي ناري پتڻ شهر وٽ هڪ شهر آباد هو، جيڪو پتڻ مناري جي نالي سان مشهور ٿيو، سو هڪ روايت موجب سومرن جو مکيه شهر هو. بلڪه ڪنهن وقت سندن تختگاهه هو. شايد ويندي چوڏهين صدي عيسويءَ تائين اهو شهر آباد هو. انهيءَ علائقي ۾ مروت جو قلعو پڻ سومرن جي هٿ ۾ هو، ۽ اتي ويندي 1494ع تائين مَلڪ ڄام سومرو حڪمران هو. انهيءَ قلعي جي تعمير لاءِ قلعي جي مٿئين دروازي مٿان راجستاني ٻوليءَ ۾ هيٺيون ڪتبو لڳل هو:

”سنبت 1548 برکي پرهه سدي مروٽ ڀٽا

ملڪ ڄام سومرا ڪوٽ پاڪي کيل ڦرائي.“

انهن اهڃاڻن مان ظاهر آهي ته ملتان جي سڄي رياست سندن (سومرن) اوائلي حڪومت ختم ٿيڻ کان گهڻو پوءِ تائين سنڌ ۽ ملتان جي وچ واري ڀاڱي تي سومرن حاڪمن جو قبضو رهندو آيو. (2)

ملتان ۽ بهاولپور جي علائقي تان سومرن جي اقتدار جو خاتمو ڪڏهن ٿيو، ان لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”اتر طرفان غزنوي ۽ غوري سلطانن جي سياسي طاقت سببان ملتان جي رياست سومرن جي هٿ مان نڪري وئي ۽ غالباً ڇهين صدي هجري ۾ هن جو خاتمو ٿي ويو.“ (3).

ڊاڪٽر بلوچ جي چوڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته سومرن جو اقتدار ملتان ۽ اُچ تي سومري سلطان خيري تائين قائم رهيو.

هتي سومرن جي رياست جي سرحدن ۽ خاص ڪري اتر سنڌ ۾ سندن اقتدار جي حدن بابت هڪ ٻيو مثال پيش ڪجي ٿو ته جيئن اها ڳالهه واضح ٿي سگهي ته ملتان کان وٺي موجوده سنڌ جي سرحدن تائين سڄو علائقو سومرن جي بالادستي هيٺ هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب لکي ٿو.

”حاڪم همير سومري جي ڏينهن ۾ ڦل وڏا (موجوده رحيم يار خان) جي حاڪم لاکي ڦل  هڪ چارڻ کي ڪي ڀلا گهوڙا انعام ڏنا، جيڪي ڍوري راءِ سومري جي سازش سان چورائجي ويا. ان تي پاراتي طور هي بيت ڏنو:

ڍري ڍوري راءِ جنهن چارڻ سان کاهه،

پتڻ پتي جو ٿيو سيج وتايو ساهه،

هميرا پوراهه راڄ نه ڪندا سومرا (4).

پتڻ مناري جي مروت ڪوٽ تي لکيل بيت  ۽ مٿينءَ روايت مان ظاهر ٿئي ٿو ته همير سومري کان وٺي آخري همير تائين هن علائقي تي مختلف حيثيتن ۾ سومرن حڪومت پئي ڪئي آهي.

دنيا جي هر ملڪ جي سياسي، جاگرافي، اقتدار تي قابض ڌرين ۽ انهن جي سگهه جي مرڪزن جي تبديلين مطابق تبديل ٿيندي رهي آهي. انهيءَ اصول مطابق سنڌ جون سرحدون به حڪمرانن جي طاقت مطابق تبديل ٿينديون رهيون آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”سنڌ ۾ سومرن جي آباديءَ جو مکيه مرڪز غالباً ڏکڻ اولهه سنڌ جي ڪڇ واري ايراضي هئي. ڪڇ گجرات وارين سرحدي لڙاين اُڀرندي ناري واري قديم ڦاٽ ۾ پاڻي جي گهٽ وڌائي سبب سومرن جي حڪومت جا مرڪز پڻ مٽجڻ لڳا.“ (5).

تاريخي طور تي سومرن جي حڪومت ۾ ڪڇ ڪاٺياواڙ پڻ شامل هئا. سومرن جي چوٿين حاڪم سنگهار بن دودي جي ڏينهن ۾ ڪڇ سياسي طور سنڌ جي سرحدن اندر هو. انهي سلسلي ۾ تحفة الڪرام جو فاضل مصنف مير علي شير قانع لکي ٿو:

”سنگهار بالغ ٿيڻ تي حڪومت جو وارث ٿيو. هن ڪڇ جي پاسي ڪاهه ڪئي ۽ نانڪي تائين ملڪ قبضي ۾ آندو.“ (6)

ساڳي روايت جي تائيد ڪندي سنڌ جو مشهور تاريخدان محترم مولائي شيدائي لکي ٿو:

”مسٽر جي- ايليٽ پنهنجي ڪتاب مغلبيئن جي آکاڻي ۾ ڀيم الله لوڪ جي شهادت جي قصي مان ظاهر ڪري ٿو ته ان وقت ڪڇ، گجرات ۽ سورت تي اهڙو سومرو حاڪم حڪومت ڪندو هو، جنهن جي حڪومت ڪڇ، مڪران، ملتان ۽ بکر تائين هوندي هئي“ (7).

تاريخي طور تي گجرات ۽ سنڌ جا هڪ ٻئي سان تاريخي، ثقافتي، نسلي ۽ تهذيبي رشتا پئي رهيا آهن. ان متعلق محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو:

”جنهن زماني ۾ دهلي تي غلام گهراڻي جو راڄ هو ۽ سلطان ناصرالدين محمود بن التمش دهلي جو حڪمران هو، انهيءَ زماني ۾ ڪڇ (هي علائقو هن وقت ڀارت ۾ آهي) کان وٺي هالا ڪنڊي تائين سڄي علائقي تي سومرن جو قبضو هو. (8).

گجرات تاريخ جو هر دور ۾ سنڌ جي ساٿاري ۽ لاڳاپيل رياست پئي رهي آهي. سنڌ ۾ ايندڙ هر تبديلي جو اثر گجرات تي پئي رهيو آهي. ساڳئي طرح گجرات ۾ ايندڙ هر طوفان کي اهل سنڌ وارن پئي محسوس ڪيو. جاگرافيائي ويجهڙائي، تاريخي دٻائن، مادي ۽ ثقافتي لڳ لاڳاپن ٻنهي معاشرن کي متاثر پئي ڪيو آهي. پر ڪن روايتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪجهه وقت گجرات به سنڌ جي ماتحت رياست هئي. انهيءَ اتحاد جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب لکي ٿو.

”همير سومري جي دور ۾ هڪ مقامي سردار ڄام ڀونئري جو گجرات جي گجرن سان جهيڙو ٿي پيو. انهيءَ معرڪي ۾ گجرن جي سرسي ٿي، جنهن جي ڪري همير پنهنجي سردار جي مدد لاءِ گجرن تي چڙهائي ڪئي ۽ همير پنهنجي سردارن جي مدد لاءِ گجرن تي حملو ڪيو، جنهن تي سندس شاعر هي بيت چيو:

”جين ڏونگر ٿين هاٿيا، جين کيرون ٿين ڇٽ،

هميراڻي فوج ڪر اُڳڀا اڀ نکٽ  (9)

سومرا دور جي اهڙن معرڪن کي جنگ نٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهي جهڙپون يا لڙايون وقتي معرڪا هئا، جن جو معاشري تي ڪوبه اثر نه پئي پيو.

قديم سماجن ۾ سياسي اتحاد ۽ دوستي سماجي لڳ لاڳاپن ۾ مٽي مائٽي ۽ باهمي شادين اهم ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. گجرات ۽ سنڌ جي رياستن جي پاڻ ۾ اتحاد لاءِ اهڙين شادين ۽ سنڱابندين بنياد پئي ڪيا. انهيءَ سنڱا بندي ۽ سياسي و سماجي اتحاد ڏانهن اشارو ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب لکي ٿو:

”گجرن سردارن ۽ حڪمران سومرن جي اوائلي دور ۾ ساڻن سنڱيڻا ٿيا ۽ سومرن حاڪمن کي سنڱ ڏنائون. سومرن جي اثر هيٺ ڪافي گجر سردار ۽ حڪمران اسلام قبول ڪري چڪا هئا. سندن ڪيترائي قبيلا سنڌ ۾ آباد هئا ۽ اهي سنڌ ۾ وسندڙ ڪن ٻين قبيلن وانگر سومرن حڪمرانن جا مک صلاحڪار ۽ مددگار هئا“ (10).

صدين کان وٺي گجرات، ڪڇ ڪاٺياواڙ سان هتان جي عوام جو اتحاد جاگرافيائي ڳانڍاپي، لساني ۽ ثقافتي رشتن جي بنياد تي قائم پئي رهيو آهي. سومرن جي دور ۾ سندن سياسي سرحدن ۾ سبي ۽ گنجابه وارو علائقو پڻ شامل هو. هي علائقو جنگي خواه تجارتي لحاظ کان اهم هو. ڇاڪاڻ ته اتان ئي بولان ۽ گومل لڪن کان تجارتي قافلا گذري سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا، ان ڪري سومرن حاڪمن هن علائقي جي سياسي، تجارتي ۽ جنگي اهميت کي محسوس ڪندي ان کي هميشـﮧ  پنهنجي ماتحت پئي رکيو. ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي محترم مولائي شيدائي لکي ٿو:

”سومرن جي رڳو سنڌ ۾ حڪومت ڪانه هئي، پر جهالاوان ۽ ڪڇي به سندن ماتحت هئا“ (11).

سومرن جي دور جي انهيءَ سياسي جاگرافيائي وحدت جي پس منظر ۾ ملڪي انتظام کي مختلف پرڳڻن ۽ حصن ۾ ورهايو ويو. هر پرڳڻي مٿان مختلف سردارن (گورنرن) وسيلي حڪومت هلائي ويندي هئي. انهيءَ سلسلي ۾ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو:

”سڄو ملڪ انتظامي لحاظ کان صوبن يعني انتظامي پرڳڻن ۾ ورهايل هو. هر صوبو شهرن ۾ ورهايل هو. گاديءَ جي مرڪزي شهر يا سڄي ملڪ ۽ حڪومت کي اصطلاحاً سڏيو ويندو هو (12).

سومرن جي حڪومت جو سياسي نظام قبائلي عصبيت تي ٻڌل هو، جنهن مطابق قبيلائي روايتن ۽ نسلي برتري کي خاص اهميت حاصل هئي. رياست جو سربراهه موروثي بنيادن تي چونڊيو ويندو هو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ان جو اهڙو اولاد، جيڪو ساڳئي نسل جي ماءُ پيءُ مان هجي، تنهن کي پڳ ٻڌائي ويندي هئي؛ يعني ملڪ جو سربراهه تسليم ڪيو ويندو هو. مختلف راڄن جا سردار ۽ چڱا مڙس سندس حاڪميت کي تسليم ڪندا هئا، جنهن کان پوءِ راڄ (عوام) سندن اطاعت ڪندو هو. حاڪمن جي چونڊ وقت جنسي امتياز نه ڪيو يوندو هو. ان ڪري همون ٻائي، تارا ٻائي ۽ ٻيون عورتون اقتدار حاصل ڪري وڏي شان شوڪت سان حڪومت ڪنديون رهيون ۽ اها ڳالهه ان وقت جي معاشري ۾ جديد ترقي پسند رجحانن جي علامت آهي.

قديم دور کان وٺي ملڪي جهنڊو رياستي اعلى اقتدار جي علامت (Symbol) سمجهيو ويندو هو، جيڪو ٻين قومن ۽ رياستن وٽ پنهنجي عوام ۽ رياستي سگهه، قومي اتحاد، مان ۽ مرتبي، شان ۽ شوڪت ۽ پوري معاشري طرفان حاڪم اعلى جي اطاعت جي نمائندگي (Representation) ڪندو آهي. سومرن جي دور ۾ سنڌ جي رياست کي پنهنجو هڪ مخصوص جهنڊو هوندو هو، جنهن جو رنگ اڇو هو. اهو بادشاهه جي محل مٿان چاڙهيو ويندو هو. جهنڊي جو اڇو رنگ نه فقط حاڪم طبقي جي امن پسندي ۽ قومي سگهه جي علامت هو، پر قومي شعور جي نمائندگي پڻ ڪري پيو ته سنڌي قوم امن پسند قوم آهي.جنهن هميشــﮧ اڳرائي ۽ تشدد کان نفرت پئي ڪئي آهي، جيڪا صدين کان وٺي پنهنجي وجود جي بقا واري جنگ وڏي بهادريءَ سان لڙندي آئي آهي، مگر هن ڪڏهن به جارحيت ۽ اڳرائي کان ڪم نه ورتو آهي.

سياسي عمل ۾ وقت جون مختلف تحريڪون ۽ سياسي جماعتون مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ ته عام راءِ کي منظم ڪرڻ، مختلف سرگرمين ذريعي عوام ۽ رياست جي وچ ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ، ان سان گڏ رياستي ۽حڪومتي ادارن ۽ نظامن لاءِ اهي بنياد فراهم ڪن ٿيون. قديم سماجن ۾ مذهب ۽ سياست هميشــﮧ هڪٻئي سان گڏ پئي رهيا آهن. انهيءَ لحاظ کان چئجي سگهجي ٿو ته سومرا دور جون جيڪي به مذهبي تحريڪون هيون، سي درحقيقت سياسي جماعتون هيون، جيڪي تنظيمي اصولن تي قائم هيون. هر هڪ کي الڳ الڳ پنهنجو نظريو ۽ مقصد هو. مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن ڪارڪنن خاص قيادت ۽ مرڪزي تنظيم جي رهنمائي ۾ جدوجهد پئي ڪئي آهي. سومرا دور جون جيڪي به سياسي ۽ مذهبي جماعتون موجود هيون، تن سڀني ۾ قرامطي (اسماعيلي) ۽ سهروردي جماعتون پيش پيش هيون. ٻنهي جماعتن جا جدا جدا فڪري لاڙا ۽ محرڪ هئا. ٻنهي جماعتن مختلف طريقن سان عوام ۾ روحاني ۽ مادي بنيادن تي مقبوليت حاصل پئي ڪئي. ڪڏهن هڪ ڌر اقتدار ۾ رهي ته ڪڏهن ٻي جماعت اقتدار تي قبضو پئي ڪيو. ان ڪري هتي سومرا دور جي سياسي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ انهن ٻنهي جماعتن جو جائزو وٺڻ به ضروري آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com