سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2001ع

 

صفحو :12

جڳ مشهور فاضل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته:

”ٺِٽي ٺٽ ۽ ٺٽو“، اُن بستيءَ کي چوندا آهن، جيڪا درياءَ جي ڪنڌيءَ يا ڪناري تي آباد ڪئي ويندي آهي“(6).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ مرزا قليچ بيگ صاحب جي راءِ ۾ هڪجهڙائي آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن راءِ جو به آهي ته:

”فارسي زبان ۾ لکيل ڪتابن ۾ ٺٽي جو مفهوم ’تهه تهه‘ ڪڍن ٿا، جنهن جي معنيٰ آهي هڪ تهه مٿان ٻيو تهه، يعني هڪ شهر جي قديم آثارن مٿان ٻيو شهر اڏيل آهي“(7).

 

1-    ٺٽو شهر ڪڏهن تعمير ٿيو؟

(الف) ٺٽي شهر جو بنياد ڪڏهن پيو ۽ اُن جو بنياد ڪنهن وڌو، اُن لاءِ به ماهرن جي راءِ ۾ گهڻو اختلاف آهي. تاريخن ۾ عام طور ائين لکيل آهي ته ٺٽي جو بنياد، سما گهراڻي جي حاڪم، ڄام نظام الدين (ڄام نندي) پندرهين عيسويءَ ۾ وڌو. هن حاڪم (ڄام نندي) جي حڪومت جو زمانو 1490ع کان 1508ع تائين ڄاڻايل آهي(8). ڄام نندو هڪ عالم، فاضل ۽ ديندار حاڪم هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڄام نندي کي سنڌ جو ’هارون الرشيد‘ سڏيو آهي(9). هن حاڪم جي زماني ۾ سياحن، واپارين، عالمن ۽ فاضلن کي هر طرح جون سهوليتون مليون(10). رعيت جي آرام ۽ آسائش لاءِ، ڄام نندي، پراڻي شهر جي آثارن مٿان نئين شهر جو بنياد وڌو(11)، جيڪو ساموئي يا ’سماننگر‘(12)، کان فقط ٽي ميل پري، هڪ ڪشادي ميدان ۾ واقع هو(13). انهيءَ شهر ۾ 1494ع/900هه ۾، ڄام نندي پنهنجو تخت گاهه قائم ڪيو(14).

ٺٽي شهر جي قائم ٿيڻ جي سلسلي ۾، ميجر راورٽيءَ جو خيال آهي ته: ”ٺٽي جو بنياد، سما گهراڻي جي ٽئين حاڪم ’ڄام بابيني‘ (ڄام ٻانهن ٻيڻي) وڌو هو(15). ميجر راورٽي، ’ڄام بابيني‘ (ٻانهن ٻيڻي) جي تخت نشينيءَ جو سال 50-1349ع ڏنو آهي(16). هن (ميجر راورٽي) جي خيال موجب جڏهن سما لاڙ ۾ طاقتور بڻجي چڪا هئا، تڏهن هن ئي حاڪم (ڄام بابيني/ ٻانهن ٻيڻي)، ’ساموئيءَ‘ جي ويجهو، پنهنجي تخت گاهه لاءِ نئون شهر ٻَڌايو، جنهن تي ’ٺٽو‘ نالو رکيو ويو(17).

(ب) ليڪن مختلف تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته ٺٽي جو بنياد، سما دور کان گهڻو اڳ پيو هو، ۽ هي شهر سومرن جي دور ۾ به قائم هو. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر احمد حسن داني لکي ٿو ته:

”ٺٽي کي سومرن جي حڪومت جي آخري دور سان به ملائي سگهجي ٿو. هي شهر اُن وقت به چڱيءَ طرح آباد هو. تيرهين صدي عيسويءَ ۾، ٺٽي جو شهر پنهنجي جاه و جلال ۽ عظمت جي ڪري ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو هو. تاريخي حوالن مان معلوم ٿو ٿئي ته جڏهن علاؤالدين خلجيءَ (1296ع کان 1316ع)، سومرن تي حملو ڪيو ۽ سندن تخت گاهه محمد طور کي تباهه ڪيو، تڏهن هُن جي دهلي واپس وڃڻ کان پوءِ، سومرن ٺٽي تي قبضو ڪيو“(18).

سيد حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو ته:

”هڪ روايت آهي ته سنڌ جي سومرن سلطانن جو تخت گاهه ’محمد طور‘ جڏهن تباهه ٿيو ته ڪجهه عرصي لاءِ هنن ڪلان ڪوٽ کي دارالحڪومت بڻايو“(19).

(ت) ڊاڪٽر داني صاحب پنهنجي ساڳئي ڪتاب ۾، ساڳئي صفحي تي لکي ٿو ته:

”ٺٽي شهر، سومرن جي دور ۾ گهڻي ترقي ڪئي. ابن بطوطه، جيڪو 34-1333ع ۾ سنڌ ۾ سير لاءِ آيو هو، ۽ سيوهڻ کان ٻيڙيءَ ذريعي لاهري بندر پهتو هو، تنهن ٺٽي شهر جي وجود ۾ هجڻ جي باري ۾ ڪوبه ذڪر ڪونه ڪيو آهي، جنهن مان ائين ٿو لڳي ته ٺٽي جو شهر اُن زماني ۾ آباد ڪونه هو“(20).

ڊاڪٽر داني صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”ابن بطوطه جو اهو منفي رويو مناسب نٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته هن (ابن بطوطه) کي تغلق حاڪمن جي ڀيٽ ۾، سمان خاندان جي بانيءَ، ڄام اُنڙ جي باري ۾ پوري ڄاڻ هئي“(21).

(ث) ڊاڪٽر داني صاحب جو رايو آهي ته:

”ابن بطوطه جي سنڌ ۾ اچڻ واري زماني ۾، ٺٽي جو شهر قائم هو ۽ ڪافي حد تائين مشهور به هو. هن سلسلي ۾ سيد حسام الدين شاهه راشديءَ، امير خسرو دهلويءَ (1253-1324ع/651-725هه) جي ديوان ’تحفة الصفر‘ (671هه) مان هڪ شعر هٿ ڪيو هو، جنهن ۾ ٺٽي جو ذڪر ملي ٿو. اهو شعر هي آهي؛

سروِ چو تو اُچہ و در تتہ نباشد

گل مثلِ رُخ خوبِ تو، البتہ نباشد

يعني: تو جهڙو قد و قامت ۾ نه ڪو اُچ ۾ آهي نه ئي وري ڪو ٺٽي ۾، گلن مثل تنهنجن ڳاڙهن ڳٽن جهڙو تنهنجو خوبصورت چهرو به اُتي نظر نه آيو(22).

ڊاڪٽر داني لکي ٿو ته:

”امير خسرو (1253-1324ع/651-725هه)، دهليءَ جي سلطان غياث الدين بلبن جي پٽ سلطان خان شهيد سان گڏ 1279ع/678هه کان 1284ع/683هه تائين، يعني پنج سال ملتان ۾ رهيو. امير خسروءَ جي مذڪوره تشبيهه مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته تيرهين صدي عيسويءَ ۾ هو ٺٽي به آيو هو، ۽ اُن زماني ۾ ٺٽي جو شهر، پنهنجي جاه و جلال ۽ عظمت جي ڪري ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو هو. لهاذا هن شهر (ٺٽي) جي قائم ٿيڻ ۽ اُن جي موجود هجڻ کي، ابن بطوطه جي سنڌ ۾ اچڻ واري زماني (34-1333ع) کان گهڻو اڳ تلاش ڪرڻ گهرجي“(23).

امير خسروءَ، مذڪوره شعر، 1279ع/678هه کان 1324ع/725هه واري عرصي جي وچ ۾، ڪنهن سال ۾ جوڙيو هوندو، ۽ هن شعر مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته ٺٽو شهر ۽ اُتي جا ماڻهو، امير خسروءَ جي ٺٽي ۾ آمد وقت به پنهنجيءَ سونهن ۽ سوڀيا ۾، اُن زماني ۾ به وڏي شهرت رکندا هئا.

(ج) ٺٽي شهر جا سڀ کان آڳاٽا اُهڃاڻ ۽ نشان، جنرل هيگ جي ڪتاب ۾ ملن ٿا. جنرل هيگ، ڪننگهام جي حوالي سان ٺٽي کي ’ميناننگرا‘ ٿو سڏي(24). هن (جنرل هيگ) جي لکت مان ظاهر آهي ته: ”سڪندر اعظم (328ق.م) پٽالا جي فتح کان پوءِ، ميناننگرا جي حاڪم کي شڪست ڏيئي، ڪجهه لشڪر خشڪيءَ رستي روانو ڪيو“(25). جنرل هيگ جي اِن بيان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته ٺٽي جو شهر سڪندراعظم جي حملي وقت به موجود هو.

ٺٽي شهر جي بنياد پوڻ جي باري ۾ جنرل هيگ جي راءِ ۾ به يڪسانيت ڪانهي. هڪ طرف هُو ٺٽي کي ’ميناننگرا‘ ٿو ڪوٺي، جيڪو سڪندراعظم جي حملي وقت به موجود هو، ته ٻئي طرف لکي ٿو ته ٺٽي جو بنياد 1340ع ۾ پيو (26) هو. (جنرل هيگ) البت ڄام نندي (حڪومت 1490ع کان 1508ع) کي ٺٽي شهر جو باني تسليم نه ٿو ڪري، پر سندس اها راءِ به صحيح نٿي لڳي ته ڪو ٺٽي جو بنياد 1340ع ۾ پيو هوندو، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر دانيءَ جي مٿي ڏنل راءِ مان ثابت ٿو ٿئي ته علاؤالدين خلجيءَ (1296-1316ع) طرفان جڏهن حملو ڪري سومرن جي تخت گاهه محمد طور کي ختم ڪيو ويو، تڏهن سومرن ٺٽي تي قبضو ڪري اتي پنهنجو تخت گاهه قائم ڪيو(27). لهٰذا، سلطان علاؤالدين خلجيءَ جي حملي وقت به ٺٽو هڪ مشهور ۽ مضبوط شهر هو. اهوئي سبب هو جو سومرن اُن تي قبضو ڪري، اُن کي پنهنجو تخت گاهه بنايو، ۽ هن شهر کي وڌيڪ ترقي وٺارايائون.

مٿي ڊاڪٽر داني صاحب، امير خسرو دهلويءَ جي جنهن شعر جو حوالو ڏنو ويو آهي، جيڪو هن مڪلي نامه جي صفحي 20 ۽ 21 تان کنيو آهي ۽ جيڪو دارصل سيد حسام الدين شاهه راشديءَ، ’ديوان تحفة الصفر‘ تان ورتو آهي، جنهن جو راشدي صاحب حوالو پڻ ڏنو آهي. راشدي صاحب جي راءِ موجب امير خسرو دهلويءَ سندس مذڪوره ديوان، 16 يا 19 ورهين جي عمر تائين چيل غزلن کي مرتب ڪري، تيار ڪيو هو. اُن ديوان ۾ هڪ غزل اُهو به آهي، جنهن جي مطلع ۾ امير خسروءَ ’تته‘ جو قافيو ڪم آندو هو(28). هن غزل جي حوالي سان راشدي صاحب اها دعويٰ ٿو ڪري ته:

”مٿي ڏنل شعر مان ظاهر آهي ته ٺٽو، سال 1268ع- 1272ع/667-671هه ۾ نه فقط آباد هو ۽ معروف هو، بلڪ ايترو بارونق ۽ متمدن شهر هو، جو شاعر اُتان جي خوبصورت گلن ۽ سروقد سهڻن جي تشبيهه، پنهنجي محبوب جي تعريف ۾ ڪتب آندي آهي“(29).

بهرحال، ٺٽي جو اهو سمورو احوال، سومرن جي دور ۾، هن شهر جي وجود ۾ هجڻ ۽ جاهه و جلال لاءِ وڏو ثبوت آهي.

(ح) اڳتي هلي، 1270ع/669هه ۾ ٺٽو، سلطان غياث الدين بلبن (1265-1287ع/664-686هه) جي حڪومت جي حدن ۾ شامل هو. ’مڪاتيب رشيدي‘ (از خواجه رشيد الدين فضل الله طبيب) ۾، خواجه رشيد الدين، پنهنجي پٽ، عزيزالدين ابراهيم، شيراز جي حاڪم، ڏانهن لکيل هڪ خط ۾، لاهور ۽ سنڌ تي مغلن جي حملي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي ڪمان سندس ٻيو پٽ جلال الدين خواجه (اصفهان جو حاڪم) ڪري رهيو هو. انهيءَ خط ۾ به ٺٽي جو ذڪر ڪيو ويو آهي(30).

(خ) محمد شاهه تغلق جي حڪومت جي زماني ۾، دهليءَ ۾ بدامنيءَ شروع ٿي وئي هئي. انهيءَ جو وجهه وٺي، سمي سردار، ڄام ٻانهن ٻيڻي (بابيني) جي فرزند. ڄام اُنڙ 1335ع ۾، تغلقن جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ ٺٽي ۾ سما گهراڻي جي حڪومت جو اعلان ڪيائين. سلطان محمد شاهه تغلق، 1351ع ۾ ٺٽي تي حملو ڪيو. اُن وقت ٺٽي تي سما خاندان جو ٽيون حاڪم، ڄام تماچي اول بن ڄام اُنڙ سنڌ جو حاڪم هو.محمد شاهه تغلق، ڄام تماچي اول بن ڄام اُنڙ کي عيال سميت قيد ڪري دهليءَ وٺي ويو(31)، جتي هن کي فرزند ڄاوا(32).

اُن کان پوءِ 1363ع/765هه سلطان محمد شاهه تغلق جي فرزند، سلطان فيروز شاهه تغلق سنڌ تي حملو ڪيو. تاريخ فيروز شاهيءَ جي مصنف (هي فيروز شاهه تغلق جو درٻاري هو، ۽ سنڌ تي حملي واري زماني ۾ سلطان فيروز شاهه سان گڏجي آيو هو) لکي ٿو ته: ”فيروز شاهه جي حملي وقت، ڄام تماچي اول جو فرزند، ڄام خيرالدين (1382ع/785هه) ٺٽي جو حاڪم هو. هُو (ڄام خيرالدين) فيروز شاهه جي پيش پيو. فيروز شاهه، هن کي پٽ سميت قيد ڪري دهلي وٺي ويو. ڄام خيرالدين جي پٽ جو نالو ڄام تماچي (ثاني) هو(33). هي ئي حاڪم (ڄام تماچي ثاني) هو، جيڪو شيخ حماد درويش جي دعا سان وري بادشاهه ٿيو(34).“ نوري ۽ ڄام تماچيءَ واري داستان جو سورمو به هي ئي حاڪم هو.

(د) سيد حسام الدين شاهه راشديءَ ’قصائد مطهر ڪڙهه‘ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو ’مطهر‘ نالي شاعر 1363ع/765هه لکيو هو. هي صاحب ڪڙي جو ويٺل هو ۽ سلطان فيروز شاهه جو مدح خوان هو. راشدي صاحب جي لکڻ موجب انهيءَ زماني ۾ ملڪ الشرف عين الملڪ ماهرو، جيڪو ملتان جو صوبه دار هو، اُن جي مدح ۾ پڻ سندس قصيدا چيل آهن.مطهر شاعر، سلطان فيروزشاهه تغلق جي مدح ۾ ٻه قصيدا چيا آهن، جن ۾ ٺٽي جو به ذڪر موجود آهي(35). انهن قصيدن ۾ ٺٽي جي اهميت، مدنيت ۽ حسنِ انتظام وغيره جي تعريف ڪندي هن هيئن چيو آهي:

     وز جملهء فتوح، گُل فتح تهتہ بود،

     کز استماع ان همه خلق انتشار بود. (الخ) (36)

 

تاريخ فيروز شاهيءَ مان اهو به معلوم ٿو ٿئي ته فيروز شاهه جي حملي وقت ٺٽو هڪ عظيم شهر هو. هن شهر جو قلعو ايترو ته مضبوط هو جو اُن کي فتح ڪرڻ مشڪل ڪم هو. پهريون دفعو فيروزشاهه مايوس ٿي موٽي ويو، جيتوڻيڪ سلطان فيروز شاهه جي لشڪر ۾ نوي هزار سوار، چار سو اسي هاٿي، پنج هزار ٻيڙيون ۽ بي انداز پيادا هئا. ڄام وٽ ويهه هزار سوار ۽ چار لک پيادا هئا. ڄام جو اهو لشڪر ٺٽي ۾ قلعي اندر موجود هو(37).

فيروز شاهه ٻيو دفعو ٺٽي تي حملو ڪيو. هن دفعي هو مڪمل تياري ڪري آيو هو. تاريخ فيروزشاهيءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ”ٺٽي جي حاڪم مجبور ٿي سيد جلال الدين جهانيان جهان گشت کي اُچ مان گهرائي، وچ ۾ وجهي، سلطان فيروز شاهه سان صلح ڪري پيش پيو“(38).

(ر) اڳ ۾ چيو ويو آهي ته محمد شاهه تغلق 1351ع ۾ ٺٽي تي حملو ڪيو. اُن وقت ٺٽو وڏي اوج تي پهتل هو. هاڻ، جيڪڏهن ميجر راورٽيءَ واريءَ راءِ درست ڪري قبول ڪجي، ۽ ٺٽي شهر جي تعمير ٿيڻ جو سن 50-1349ع قبول ڪجي ته پوءِ هي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته ٺٽي جو شهر هڪ ئي سال اندر ايڏي اوج تي پهتو هوندو؟ تاريخن ۾ ڄاڻايل آهي ته محمد شاهه تغلق کي ٺٽي شهر کي فتح ڪرڻ جو ايترو ته شوق هو جو هُو چوندو هو ته: ’خدا ڪري منهنجي هيءَ بيماري صحت ۾ بدلجي وڃي ته جيئن آءٌ ٺٽي جي ماڻهن کي زير ڪريان؛ پر جي خدا جي مرضي آهي ته مون کي پاڻ وٽ گهرائي وٺي ته هيءَ تمنا هميشہ ۽ هميشہ جي لاءِ منهنجيءَ دل ۾ رهجي ويندي“(39). هن مان اهو ٿو ثابت ٿئي ته ٺٽو شهر، سومرن جي حڪومت جي زماني ۾ به اوج تي هو. هن سلسلي ۾ اڪثر تواريخون، ٺٽي شهر کي محمد شاهه تغلق جي سنڌ ۾ اچڻ واري زماني، يعني ٺٽي تي سندس حملي کان اڳ آباد ٿيل ۽ جاهه و جلال وارو شهر ثابت ڪن ٿيون، ۽ انهن بادشاهن جا نالا به ڏين ٿيون، جن ٺٽي تي حملي ڪيو هو. بدايونيءَ جو رايو آهي ته سلطان غياث الدين بلبن جي پٽ 1266ع کان 1268ع ڌاري ٺٽي ۽ دامريلا کي فتح ڪيو هو (40).

مير علي شير قانع جو حوالو ڏيندي، ڊاڪٽر ڇٻلاڻيءَ لکيو آهي ته: 1295ع/695هه ۾، سلطان علاؤالدين پنهنجي ڀاءُ ’الخ خان‘ کي ’ارڪلي خان‘ کان ٺٽي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ روانو ڪيو، ۽ نصرت خان کي ڏهن هزارن جي فوج سان ملتان، اُچ، بکر، سيوستان ۽ ٺٽي تي مقرر ڪيائين (41). انهن حوالن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته ٺٽي جو شهر سمن جي حڪومت کان گهڻو اڳ، سومرن جي حڪومت جي زماني ۾ به مشهور شهر هو.

(س) ٺٽي جي شيرازي اَنجوي ساداتن جا وڏا، سيد محمد ۽ سندس پٽ سيد احمد، فيروز شاهه تغلق جي ٻئي حملي جي وقت (1382ع/785هه)، شيراز ڇڏي، قنڌار، سيوهڻ ۽ ساموئيءَ کان ٿيندا، قاضي نعمت الله عباسيءَ سان رشتيداريءَ سبب، ٺٽي ۾ قاضين جي محلي ۽ جاين ۾ اچي آباد ٿيا (42). سيد حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو ته:

”صاحبِ رساله معارف الانوار، ’ديبل ٺٽو‘ نالا گڏي، ’عازم بلاد تهته يعني ديبل شدند‘ لکيو آهي، ليڪن اِن مان اُن جو مقصد ٺٽو آهي.“

صاحب رساله معارف الانوار ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:

”بجانب بلده طيبه تهته تشريف آوردند“

سيد محمد جي وفات (10- محرم 800هه/1397ع) کان پوءِ سيد احمد، سيدپور مان لڏي مستقل طور اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو (43).

(ش) انهيءَ ساريءَ وضاحت مان هيءُ ٿو ثابت ٿئي ته ٺٽو ڄام نظام الدين جي دور حڪومت کان ٻه سو ورهيه اڳ نه فقط موجود هو، بلڪ جاهه و جلال وارو شهر ۽ سنڌ جو تخت گاهه به هو. ديبل جو نالو تاريخ جي صفحن تان 1259ع/658هه کان پوءِ گم ٿي ويو، ۽ 1272ه/671هه کان اڳ، ٺٽو اُن (ديبل) جو قائم مقام بڻيو هو. وچ ۾ فقط 9 يا 13 سالن جو وقفو رهيو. امير خسروءَ جو جيڪو شعر مٿي ڏنو ويو آهي، سو هن 16 يا 19 سالن تائين جي عمر ۾، يعني 1268-1272ع/667-671هه جي وچ ۾ چيو هو. مذڪوره شعر مان اهو معلوم ٿو ٿئي ته جنهن زماني ۾ اهو شعر جوڙيو ويو هو، اُن زماني ۾، هندوستان جي پايه تخت  دهليءَ ۾، ٺٽي شهر ۽ اُتي جي ماڻهن جي خوبصورتيءَ جي عام واکاڻ ۽ شهرت هوندي هئي. انهيءَ ڪري مٿين نقطن جي آڌار تي اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته:

(1) ٺٽو ۽ ديبل يعني اهي ٻئي شهر هڪ ئي وقت موجود هئا.

(2) ٺٽو 1253ع/651هه ۾، امير خسرو دهلويءَ جي ولادت کان به اڳ هڪ آباد شهر هو، نه ته اهو ناممڪن هو ته تعمير ٿيڻ کان 9 يا 13 سالن جي مختصر عرصي اندر، اهو شهر (ٺٽو) ايتري قدر ايڏيءَ وڏيءَ شهرت کي پهتو، جو 16 يا 19 سالن جو نوجوان، اُن کان متاثر ٿي، اُن جي ماڻهن جي سونهن ۽ سوڀيا کي، پنهنجي محبوبه لاءِ تشبيهه طور ڪم آڻي.

(3) ٺٽو شهر ته موجود هو پر اُن کي اهميت، ديبل شهر جي زوال کان پوءِ تمام جلد ملي. اهوئي سبب هو جو ماڻهن جي ذهنن تان ديبل جو نالو اڃا لٿو ئي نه هو، ته ٺٽي جي شهرت شروع ٿي وئي، جنهن ڪري ماڻهن جي زبان تي ’ديبل- ٺٽو‘ گڏجي استعمال ٿيڻ لڳو(44).

تاريخ نويسن جو خيال آهي ته ڄام نندي جي دور (1490-1508ع/896-914هه) ۾ سنڌو درياءَ جي ڪلري شاخ، جنهن جي اوڀر طرف ٺٽي جو شهر آباد هو، سڪي وئي؛ تڏهن اهڙي حالت. ڏسي ڄام نندي، موجوده ٺٽي شهر جي اُتر- اوڀر طرف نئون شهر اڏايو. جيتوڻيڪ انهيءَ شهر جي آثارن جو هاڻ ڪوبه وجود ڪونهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ درياءَ جي شاخ، ڄام نندي واري ٻڌايل شهر کان به هٽي، پري وهڻ لڳي، انهيءَ ڪري، ڄام نندي واري اڏايل شهر جا ماڻهو، ڏکڻ- اوڀر طرف لڏي ويا.

2-  (الف) ارغونن ۽ ترخانن جي زماني (1521-1555ع/926-962هه) ۾ به ٺٽي کي وڏي شهرت حاصل هئي.مغلن جي زماني ۾ ٺٽو وڏي اوج تي رسيل هو. شهنشاهه اڪبر جي حڪومت واري زماني ۾، مرزا جاني بيگ (حڪومت 1585-1600ع/993-1008هه) سنڌ جو حاڪم هو. شهنشاهه اڪبر، عبدالرحيم خان خانان کي، سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو. هو (خان خانان) 1592ع/1000هه ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو (45). ڪيترن ئي هنڌن تي لڙايون لڳيون. نيٺ ساڳئي سال (1552ع/1000هه)، مرزا جاني بيگ هارايو ۽ پاڻ ڪلان ڪوٽ ۾ وڃي لڪو (46). جاني بيگ، سڄيءَ سنڌ ۾ خاص ڪري ٺٽي جو شهر مغلن جي حوالي ڪرڻ نٿي چاهيو، تنهنڪري پنهنجي پٽ مرزا غازي بيگ کي لکي موڪليائين ته ٺٽي جي شهر کي جلائي ڀسم ڪري ڇڏي(47). مرزا جاني بيگ نيٺ پيش پيو. خان خانان کيس عزت ۽ احترام سان اڪبري درٻار ۾ پهچايو، جتي شهنشاهه اڪبر مٿس مهرباني ڪري، سيوستان ۽ لاهري بندر کان سواءِ باقي سڄو ملڪ کيس موٽائي ڏنو(48)، ۽ کيس 3000 گهوڙيسوارن جو منصبدار ۽ ٺٽي جو گورنر به مقرر ڪيو؛ پر نيٺ هن کي ٺٽي ۾ رهڻ نه ڏنو ويو. سندس پٽ مرزا غازي بيگ کي سندس سورهن سالن جي عمر ۾ گورنر مقرر ڪيو ويو(49). مرزا غازي بيگ، 1612ع/1020هه يعني مرڻ گهڙيءَ تائين، انهيءَ منصب تي رهيو(50).

مرزا غازي بيگ علم ادب، فنونِ لطيفه ۽ خاص ڪري تعميرات جي فن جو شوقين هو. ٺٽي ۽ مڪليءَ تي هن جا تعمير ڪرايل ڪيترائي يادگار موجود آهن. مرزا غازي بيگ 1612ع/1020هه ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ، مغلن جا هڪ ٻئي پٺيان 1612/1020هه کان 1700ع/1113هه تائين جدا جدا 38 نواب مقرر ٿيا، جن نادر شاهه جي حملي 1739ع/1152هه) تائين، مغل حاڪمن جي طرفان، سنڌ تي حڪومت ڪئي. مغلن جو آخري نواب ميان يار محمد ڪلهوڙو هو، جنهن اورنگزيب جي وفات کان پوءِ 1700ع ۾، خودمختيار حاڪم هجڻ جو اعلان ڪيو، ۽ ڪلهوڙا گهراڻي جي حڪومت قائم ڪيائين.

(ٻ) ٺٽي جو ذڪر ختم ڪندي، سيد حسام الدين شاهه راشديءَ، مڪلي نامه ۾ عثمان نالي هڪ شاعر جي تصنيف ’مثنوي چتراوليءَ‘ مان ’دکني ٻوليءَ‘ ۾ منظوم هڪ شعر ڏنو آهي، جنهن ۾ شاعر جهانگيري دور جو بيان ٿو ڪري. هن شعر ۾، هن شاعر ٺٽي جي جيڪا تعريف ڪئي آهي، تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُن زماني ۾ ’دکن ولايت‘ اندر به، ٺٽي ننگر جي وڏي شهرت هوندي هئي. اهو شعر هن ريت آهي:

هيري سي ڻهڻهه نگر سوهاوا،

بيهين هرن سو بن گنجاوا.

(يعني ٺٽو ننگر هيري جهڙو خوبصورت آهي. منجهس سارين جون سايون سايون پوکون، هرڻ، ۽ ڪشادا ۽ سهڻا ٻيلا موجود آهن) (51).

(ت) ميان يار محمد ڪلهوڙي، سنڌ جو تخت گاهه ٺٽي مان تبديل ڪري خدا آباد مقرر ڪيو، جنهن ڪري ٺٽي جو جاهه و جلال آهستي آهستي ختم ٿي ويو.

(ث) سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ ٺٽي ۽ مڪليءَ تي ڪيترائي مقبرا ۽ مسجدون تعمير ٿيون. ساموئي ننگر ۾ شيخ حماد جو مقبرو، ڄام نندي جو مقبرو، دوله دريا خان جو مقبرو، ميرزا عيسيٰ اول جو مقبرو؛ ترخان دور ۾ دابگيرن جي مسجد تعمير ٿي. تاريخ نويس اهو به لکن ٿا ته ترخان دور ۾، دابگيرن جي مسجد، ٺٽي شهر جي وچ ۾ هوندي هئي. مغلن جي دور ۾، هي شهر، اُتر طرف وڌڻ لڳو. جامع مسجد، شهر جي انهيءَ حصي جي مرڪز ۾ هوندي هئي. مکيه شاهي بازار، هن حصي جي اولهه طرف ۽ مغل باغ جي اوڀر طرف هوندي هئي.

4- (الف) ٺٽي شهر جي اڏجڻ، يعني هن شهر جي قائم ٿيڻ ۽ ويران ٿيڻ جو دارومدار سنڌو درياءَ جي وهڪري، ۽ اُن جي تبديل ٿيڻ تي رهيو آهي. جاگرافيدانن جو خيال آهي ته مهراڻ درياءَ جي مکيه شاخ جڏهن هيلاين وٽ پهچندي هئي، تڏهن اُها شاخ وري ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندي هئي، جن مان هڪ ’ڪلري شاخ‘ هئي(52)، جنهن جي اولهه ڪناري تي ’ساموئي‘ يعني سمن جي آبادي هئي. ڪلرِي شاخ، ساموئي ۽ مڪلي ٽڪريءَ جي ڀر وٺي ڪلان ڪوٽ کان ڦرندي، گجي ۽ گهاري وٽان لنگهي، ڀنڀور ڏانهن وَهي، گهارو کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڀنڀور جي ويجهو، هيءَ شاخ، ٻن نهرن ۾ ورهائجي ويندي هئي. هڪ نهر، ڀنڀور جو ڏاکڻيون طرف وٺي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن نهر کي ’سسئي وارو درياءَ‘ به چوندا هئا. ٻي شاخ اولهه طرف وٺي ڪورنگيءَ وٽ ’جهوڙي کاريءَ‘ ۾ ڪرندي هئي.

مهراڻ جي ٻي شاخ، جا هيلاين وٽان ڌار ٿيندي هئي، تنهن کي ’بگهاڙ شاخ‘ چوندا هئا(53). هيءَ شاخ (بگهاڙ)، ٺٽي جي اوڀر طرف کان ٿيندي، ’پِير پٺي‘ جي درگاهه واريءَ ٽڪريءَ جي اوڀر وٽان ڦيرو کائيندي، موجوده شهر ’غلام الله‘ جو اُڀرنديون ڪنارو ڏيندي، ’ورَ شهر‘ وٽان وڪڙ کائيندي، ميرپورساڪري ڏانهن رخ رکندي هئي. اُتان لاهري بندر وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن شاخ مان ’حجامڙو‘، ’ستاهه‘ ۽ ٻيون نهرون نڪرنديون هيون.

مؤرخن جو خيال آهي ته هي شهر (ٺٽو)، سنڌو درياءَ جي هڪ شاخ جي ڪناري تي آباد هوندو هو. درياءَ جي انهيءَ وهڪري جي اوڀر طرف ’مهاڻن جي ٺٺ‘ نالي هڪ بستي آباد هوندي هئي. ممڪن آهي ته اها ٺٺ ’ننگر مهاڻي‘ واري هجي، جنهن جو حوالو ڪاڪي ڀيرو مل، ’سنڌ جو سيلاني‘ ڪتاب ۾ ڏنو آهي ۽ جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي ته ”سما قبيلن، انهيءَ ٺٺ کي آمدرفت، رسل و رسائل ۽ تمدن لاءِ مناسب بستي سمجهي، ’سمڪيءَ مان لڏي، هن (انهيءَ ٺٺ) کي اچي آباد ڪيو، جا پوءِ ’ننگر ٺٽو‘ سڏجڻ ۾ آئي. اهائي بستي پوءِ سمن جي حڪومت جي زماني، خاص ڪري ڄام نندي جي حڪومت واري زماني (1490-1508ع/886هه-914هه) ۾ نئين سر آباد ڪئي ويئي، ۽ جاهه و جلال کي پهتي (54).

(ب) سمن جي حڪومت واري زماني ۾، ماموئي فقيرن (55) جو چيل هيءُ بيت به هن بستيءَ يعني ننگر ٺٽي جي باري ۾ اُهڃاڻ ٿو ڏئي، جنهن ۾ فقيرن اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته ننگر واري هيءَ بستي وري ڦٽندي، تنهن ڪري هنن فقيرن ٻڌايو هو ته ننگر شهر جي سدائين آباد هجڻ واري آسري تي، اوڏانهن لڏي وڃي نه ويهجو، ڇاڪاڻ جو هي شهر وري ڦٽندو. انهن فقيرن اهو مشورو پڻ ڏنو هو ته پراڻ درياءَ جي به ٻيءَ ڀر وڃي، پنهنجا گهرڙا نه اَڏجو، ۽ اُتي به هميشه لاءِ آباد ٿي نه ويهجو.

ماموئي فقيرن جو مذڪوره بيت هي آهي:

متان ويهجا ماڙهوئا، ننگر جي آڌار،

پراڻا پراڙ، نوان مَ اَڏجا نجهرا (56).

(ت) پر جيئن ته درياءَ جي شاخ جي وهڪري ۾ تبديلي اچڻ جي ڪري هن (ٺٽي) شهر جي جاءِ وقوع ۽ نالي ۾ تبديلي ٿيندي رهي آهي، تنهن ڪري هن وقت، هن شهر جي اُنهن پراڻن ماڳن ۽ آثارن جو ڪوبه پتو نٿو پوي. اهو به ممڪن آهي، ته سما قبيلن ’ساموئي‘ يا ’سمڪي‘ ڇڏي، هن بستيءَ کي نئين سر آباد ڪري هن جو نالو ’سما ننگر‘ رکيو هجي، ڇو ته مشهور مؤرخ ولبر فورس پنهنجي مشهور ڪتاب “The History of Kathiawar” ۾ لکي ٿو ته:

”ول راجپوت جي ’ويراول‘، ڪاٺي قوم جي هڪ حسين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. اڳتي هلي سؤ راشٽر (ڪاٺياواڙ) جو اُتر- اولهه وارو حصو، ڪڇ کان آيل جاڙيجن جي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو. هنن انهيءَ ايراضيءَ ۾ پنهنجون پاڙون پختيون پئي ڪيون. پهرين جاڙيجا، چوڙا سما (57)، جيسلمير جي ڀاٽين سان شامل ٿي ويا، ڇو ته اهي ٻئي گهراڻا، ٺٽي واري ’سماننگر‘ جي سردار، ’نرپٽ سمي‘ جي اولاد مان هئا. جڏهن چوڙا سما، سؤ راشٽر طرف نائين صديءَ جي پوئين حصي ۾ لڏي ويا، تڏهن سنڌ جي جاڙيجن، سؤ راشٽر طرف پنهنجا حملا شروع ڪيا.“(58)

ولبر فورس جي هن راءِ مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته سماننگر (ٺٽو)، نائين صدي عيسويءَ جي آخري حصي ۾ به آباد هو، جتان چوڙا سما لڏي ڪڇ طرف ويا.

(ث) سلطان محمد شاهه تغلق، سنڌ تي 1351ع ۾ حملو ڪيو؛ تنهن کان پوءِ سندس فرزند سلطان فيروز شاهه تغلق جي ٻن حملن (1363ع/765هه ۽ ٻيو حملو 1382ع/785هه) واري زماني ۾، اُن کان پوءِ شاهه بيگ ارغون جي ٺٽي تي حملي (1520ع/765هه ۽ ٻيو حملو 1382ع/785هه) واري زماني ۾، اُن کان پوءِ شاهه بيگ ارغون جي ٺٽي تي حملي (1520ع/926هه) واري زماني ۾ ٺٽو درياءَ جي ٻن شاخن (بگهاڙ ۽ ڪلري) جي وچ ۾، هڪ ٻيٽ- نما شهر هو. هن دعوا جي ثبوت لاءِ دهليءَ جي سلطان جي ساراهه ۾ تاريخ فيروز شاهيءَ ۾، ادراڪي بيگلاريءَ جي ’بيگلارنامه‘ مان، درٻار مان،

درٻار جي شاعر، مطهر شاهه جو هڪ شعر پيش ڪيو آهي، جو هن ريت آهي:

تهته کہ آن جزيره، بلاديست پر کيف،

درياش يک طرف شد و پنج آب يک طرف.

يعني: ٺٽو، جيڪو هڪ ٻيٽ جي صورت ۾ آهي. هي شهر نظارن سان ڀريل آهي. هن شهر جي هڪ پاسي درياءَ آهي ته ٻئي طرف پنج آب يعني سنڌو درياء(59).

هن شعر مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته درياءَ جي هڪ شاخ، ٺٽي ۽ مڪليءَ کي ڌار ٿي ڪيو ته ٻي شاخ ٺٽي جي اوڀر طرف کان ٿي وَهِي.

1-  ٺٽو شهر سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغل نوابن جي زماني تائين، يعني سؤ کن سال، سنڌ جو تخت گاهه رهيو. انهن حڪومتن جي زماني ۾ هي شهر علم ادب، فن ۽ ثقافت، صنعت ۽ هنر، تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهيو آهي. اهڙيءَ طرح اسلامي ادبيات، مذهبي تعليم ۽ تبليغ، اسلامي فن جي فروغ جي ڪري، ايران، افغانستان، شام، بغداد، بصري، سمرقند، بلخ، بخارا ۽ وچ ايشيا جي ٻين ملڪن ۽ شهرن تائين، هن شهر کي گهڻي شهرت حاصل هئي. انهن ملڪن ۽ شهرن جا عالم، فاضل، اولياء، اڪابر، فنڪار، صوفي بزرگ ۽ درويش، اُتان لڏي، هت اچي آباد ٿيا. اهوئي سبب آهي جو اسلامي دنيا ۾ هي شهر ’بغداد ثاني‘ سڏجڻ لڳو. هت بيشمار مڪتب، مدرسا، درويشن جون درگاهون، خانقاهون، آستان ۽ اوتارا قائم ٿيا، جتي پري پري کان شاگرد، علم جي پياس پوري ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. هي شهر علم ۽ هنر، مڪتبن، مسجدن، خانقاهن، محلن، ماڙين، باغن، باغيچن، گلن، ميون ۽ وڻج واپار جي ڪري دنيا ۾ مشهور ٿي ويو. سيد حسام الدين شاهه راشديءَ، مڪلي نامي ۾ هن شهر جو مڪمل نقشو ڏنو آهي. جنهن ۾ سما گهراڻي جي حڪومت واري زماني کان وٺي، مغلن جي نوابن جي راڄ تائين، ۽ اُن کان پوءِ واري دور ۾، هن شهر ۾ قائم ٿيل پاڙن، محل ماڙين، حويلين، بازارن، باغن، باغيچن، چؤڪن ۽ چؤرنگين جا نشان ۽ نالا ڏنا آهن، جيڪي مڪلي نامي ۾ ڏسي سگهجن ٿا.(60)

2- (الف) حاصل مطلب ته ٺٽو يارهين صديءَ کان ارڙهين صديءَ جي وچ واري عرصي تائين، سنڌ جو اهم ترين شهر هو(61). سڄي اُتر هندستان ۾ ڪوبه اهڙو شهر نه هو، جنهن ۾ ٺٽي کان وڌيڪ واپار هلندو هجي(62). سمن جي دور ۾، هن شهر جي عظمت ۽ شان، ايتري قدر ته ڪمال تي پهتل هئا، جو تاريخ طاهريءَ جو مصنف (هي صاحب سمن جي دور جو مؤرخ هو) لکي ٿو ته:

”حقيقت ۾ ٺٽي جو بنياد ڪنهن اهڙيءَ سڀاڳيءَ گهڙيءَ ۾ پيو هو، جو هتي جي رهواسين رنج ۽ تڪليف ڪڏهن به نه ڏٺي آهي؛ جيڪي ڪجهه وٽن آهي ان تي قناعت ڪندا آهن؛ جهڙو آرام ۽ خوشي هنن کي نصيب آهي، اهڙي ٻئي ڪنهن به هنڌ ورلي لڀندي“(63).

سترهين صديءَ جي هڪ مقامي مؤرخ، فريديءَ جو رايو آهي ته:

”ٺٽي کي ڌرتيءَ جي جنت سڏي سگهجي ٿو. هتي جي رهواسين ڪڏهن به ڏکن جي گهٽيءَ ۾ پير نه پاتو آهي. هنن جي دلين تي خوشي ۽ راحت آهي، ۽ ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ’ٺٽو عراق ثاني‘ آهي“(64).

(ب) ٺٽي شهر جي شاهوڪاريءَ ۽ مالداري، انهيءَ حقيقت مان ئي پڌري ٿي ٿئي ته جڏهن پورچوگيزن جي ڪمانڊر، پيڊرو، مرزا عيسيٰ ترخان جي چوڻ تي، سندس مدد لاءِ، 1555ع ۾، ٺٽي تي ڪاهيو، ۽ سلطان محمود سان پوءِ ٺاهه جي ڪري پيڊرو کي مرزا عيسيٰ وٽان ڪابه رقم ڪانه ملي، تڏهن هن (پيڊرو) سخت ڪاوڙ ۾ اچي، ٺٽي جي شهر کي باهه ڏياري ڇڏي. انهيءَ باهه ۾ ويهن لکن سونين مهرن جي ملڪيت سڙي ناس ٿي وئي(65). ٺٽي جي ڦرلٽ مان، پورچوگيزن کي ايترو ته مال غنيمت حاصل ٿيو، جو ايشيا ۾ شايد ئي ڪنهن کي مليو هجي(66).

(ت) اهڙيءَ طرح ’نڪولس وٿنگٽن‘ 14-1613ع ۾ پورچوگيز سياح ’مانرڪ‘ 1641ع ۾، ڊچ سياح، ’منوڪي‘ 1659ع ۾ ۽ انگريز سياح ’اليگزينڊر هئملٽن‘ 1699ع ۾ ٺٽي آيا هئا. انهن مان هرهڪ ٺٽي جي تعريف ڪئي آهي. انهن مان هئملٽن جو بيان هيٺ نقل ڪجي ٿو. هُو لکي ٿو ته:

”هي شهر، ملڪ جي وڏي مارڪيٽ آهي. هيءُ هڪ تمام وڏو آسودو شهر آهي. اٽڪل ٽي ميل ڊگهو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو آهي. لاهري بندر کان هي شهر چاليهه ميل پري آهي؛ منجهس اولهه طرف هڪ وڏو قلعو ۽ پناهه گاهه آهي، جنهن ۾ پنج هزار ماڻهو ۽ گهوڙا رهي سگهن ٿا، جن جي رهڻ لاءِ عاليشان محلات آهي. ٺٽو، سنڌونديءَ کان ٻه ميل پري آهي. درياءَ مان نهرون ڪڍي، شهر ۾ پاڻي پهچايو ويندو آهي. شهر جي چوڌاري، بادشاهه جا تمام عمدي طرز جا ۽ وڻندڙ باغ آهن، جن ۾ هر قسم جا گل ڦل ۽ ميوا ٿيندا آهن. انهن باغن ۾ ڏاڙهون ته خاص قسم جا ٿيندا آهن. اهي اهڙا ته لذيذ ٿيندا آهن، جن جهڙا مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن چکيا به نه آهن. هي شهر دينيات، فلسفي ۽ سياسيات جي علمن کان گهڻو مشهور آهي. هت چار سؤ مدرسا آهن، جن ۾ مٿي ڄاڻايل مضمونن کان سواءِ، ٻيا مضمون به پڙهايا ويندا آهن. انهن کان سواءِ هتي هندن جا گروڪل به آهن، جيڪي يونيورسٽين جهڙو درجو رکن ٿا.

        ٽي سال اڳ يعني 1696ع ۾ هن ملڪ ۾ پليگ جي وبا اهڙي ته اچي پيئي جو اُن ۾ صرف ٺٽي شهر ۾ اَسي هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿيا، ۽ اڌ کان وڌيڪ شهر خالي ٿي ويو.

هن شهر جي اوڀر طرف، پورچوگيزن جي هڪ ديول ٺهيل هئي، جنهن جي ٻاهرينءَ ڪوٺيءَ ۾ مقدس درويشن ۽ بزرگن جون پراڻيون تصويرون ٽنگيل هيون“(67).

(ث) مطلب ته سترهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ ٺٽي جو ستارو بدلجڻ لڳو ۽ اُن جو زوال شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته ميان يار محمد ڪلهوڙي (حڪومت 1700ع کان 1718ع)، پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪندي ئي پنهنجو تخت گاهه ٺٽي مان کڻي خدا آباد آندو. جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي، پوءِ هي شهر آهستي آهستي ڦٽندو ويو، ۽ ماڻهو هتان لڏي تخت گاهه طرف وڃڻ لڳا. ايتري قدر جو 1809ع ۾ (ميرن جي دور ۾) جڏهن ’هينري پاٽنجر‘ هت آيو، تڏهن هن هن شهر کي کنڊرن جي صورت ۾ ڏٺو. هو لکي ٿو ته:

”اسان تباهه ۽ ويران ٿيل کنڊرن مان تمام گهڻو مفاصلو پنڌ هلياسين، ۽ تنهن کان پوءِ شهر جي آباد علائقي ۾ پهتاسين“(68).

پاٽنجر اڳتي لکي ٿو ته:

”نادر شاهه جي حملي وقت (1739ع/1152هه) ٺٽي ۾ چاليهه هزار ڪوري هئا ۽ ويهه هزار ٻيا ڪاريگر هئا. اُن کان سواءِ صراف، اناج جا واپاري ۽ ٻين جدا جدا جنسن جا سٺ هزار تجر هئا“(69).

(ج) اهڙيءَ طرح مسٽر سمٿ، ڪراچي ضلعي جي گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ته:

”ٺٽي جو ريسمي ۽ سوٽي ڪپڙو، يورپ جي ملڪن ۾ مشهور هو. قلمي شورو وڏي مقدار ۾ ملندو هو. انهيءَ ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ، قلمي شوري صاف ڪرڻ جا هت ڪارخانا لڳايا“(71).

(ح) جنهن زماني ۾ اورنگزيب عالمگير ملتان جو گورنر هو، اُن زماني ۾ سنڌ جو ملڪ به سندس نظامت هيٺ هو. اُن زماني ۾، اورنگزيب پنهنجي والد شهنشاهه شاهجهان کي، سنڌ جي باري ۾ ڪيترائي خط لکيا هئا(71). انهن خطن مان معلوم ٿو ٿئي ته اورنگزيب وقت بوقت، ٺٽي جا تحفا شهنشاهه شاهه جهان جي خدمت ۾ موڪليندو رهندو هو. اُنهن تحفن ۾ ٺٽي جون لونگيون، ڇيٽون، ٺٽي جي ٻين ميون سان گڏ بيداڻا ڏاڙهون ۽ ڪپڙو خاص طور شهنشاهه شاهه جهان کي موڪليندو هو(72).

7- بهرحال موجوده وقت ته ٺٽي جي پراڻي جاهه و جلال، بادشاهن جي محلن ۽ ماڙين، نوابن جي قلعن ۽ ڪوٽن جو ڪوبه نشان هت موجود ڪونهي، البت مختلف خاندانن جي پراڻن پاڙن، محلن، بازارين، خاندانن جي حويلين، مسجدن جا نالا يا انهن مان ڪي مسجدون ۽ حويليون هن وقت به موجود آهن. اهڙيءَ طرح مڪليءَ تي سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ تعمير ٿيل مقبرن ۽ مسجدن کان سواءِ، ٺٽي شهر ۾ ڪي جايون، پاڙا ۽ بزارون اڄ به ٺٽي جي عظمت جي شاهدي ڏين ٿيون، اُنهن ۾ هي خاص آهن: مير احمد بيگ محلو، ملا محمد علي محلو، خواجه شڪر محلو، ساگر محلو، سُرهين جو محلو، محلو ڪِشمِشيان، محلو سنگتراش، محلو نقارچين، مغل واڙو، محلو غذا بازار، محلو مسگر، ساهيتا محلو، تُندسر محلو، محلو ٺٺ مولو، محلو قاضيان، محلو رضوي سادات، محلو ميرڪي سادات، امير خاني محلو، شڪرالاهي سادات محلو، محلو آنجوي سادات ۽ جمنا سر زمين، اسلام پوره محلو ۽ پلنگ پاڙو.

انهن محلن ۽ پاڙن کان سواءِ ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مندر به آهن، جيڪي پنهنجي سينن ۾ اڄ به مختلف دورن جا داستان سانڍيندا اچن. اُنهن ۾ مسجد ولي نعمت، جامع فرخ مسجد، امير خاني مسجد، شاهه جهاني مسجد، حفظ الله خاني مسجد، محلوتندسر مسجد، دابگير مسجد، مُلا ملوڪ شاهه واري مسجد، مسجد لڪي، مسجد اسلام پوره، مسجد ابوالقاسم نقشبندي ۽ مخدوم محمد معين مسجد.

اهڙيءَ طرح هيٺيون حويليون اڄ به مشهور آهن؛ خسرو خان حويلي، عارب ڪوڪي حويلي، خشتي حويلي، قاضي ابراهيم حويلي، مرزا فتح علي بيگ جو محلات ۽ مرزا عظيم الدين جو بنگلو.

هيٺيان چوئڪ ۽ بازارون اڄ به جهونن ماڻهن جي سينن تي سٿيل آهن. چؤنڪ عبدالغني، چوئڪ مَلڪ مان، جملي پير جو ميدان، غله بازار، مرزائي بازار، گُداري بازار، گدا بازار، پٽيهٽ بازار، امير بيگ بازار، بازار قصاب، گلن جي بازار ۽ مڇي بازار.

انهن کان سواءِ ٺٽي جا هيٺيان باغ اڄ به مشهور آهن: خواجه مير ابوتراب باغ، مير سيد علي (ثاني) شيرازي باغ، خورشيد باغ ۽ مُشڪين باغ.

ٺٽي جا ٻه قديم کوهه اڄ به مشهور آهن: علي جان جو کوهه ۽ نرڪي کوهه.

مطلب ته هن شهر تي وڏيءَ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ هن شهر جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن، وڻج واپار؛ هتي جي ماڻهن، اُنهن جي سماجي زندگي، اُنهن جون ريتون رسمون ۽ اُنهن جي نسبي ۽ نسلي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ کان سواءِ هتي هڪ اهڙي ميوزيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اُهي سڀ شيون گڏ ڪري رکجن، جيڪي هن شهر جي مطالعي جي سلسلي ۾ مددگار بڻجن.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

(1)    مرزا قليچ بيگ: قديم سنڌ، حيدرآباد سنڌ، 1921ع، ص 141

(2)   ايضاً

(3) Raverty, H.G., Mehran of Sind, Calcutta, Royal Asiatic Society, 1892, p.331

(4)   آڏواڻي، ڀيرو مل: سنڌ جو سيلاني، نئين سنڌ لائبرري، ڀارتواسي پريس، 1923ع، ص 63

(5)   ايضاً

(6) Baloach, N.A., Dr, Appendix given in the book, “Thatta Islamic Architecture” compiled by Dani, A.H., Islamabad, Institute of Islamic History, Culture and Civilization, 1982 A.D/1402 AH., p.199

(7) Ibid., p. 200

(8) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع ص 46-47

(9) Ref: 6, p. 200.

(10)         مير معصوم شاهه بکري: تاريخ معصومي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع، ص 112

(11)           مير علي شير قانع: تحفة الڪرام، حيدرآباد سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص 136

(12)   سما قبيلي جا ڪي ماڻهو مڪليءَ واري خطي جي اُتر طرف، درياءَ جي شاخ جي اُلهندي ڪناري تي اچي آباد ٿيا، ۽ اُن بستيءَ جو نالو ’ساموئي‘ پئجي ويو، جتي سما آهستي آهستي زور وٺڻ لڳا. سندن زمينون مڪلي ٽڪريءَ جي اولهه طرف وڌڻ لڳيون ۽ نيٺ اهو سڄو علائقو ’سَمَڪي‘ سڏجڻ لڳو. ’ساموئي‘ يا ’سماننگر‘ وارو خطو اهو آهي جتي هينئر ’ڄام نندي‘، ’شيخ حماد‘ ’دولهه دريا خان‘ ۽ سمن سردارن جا مقبرا تعمير ٿيل آهن.

(13)         حوالو نمبر 11، ص 136

(14)         حوالو نمبر 11، ص 136

(15) Raverty H.G., Mehran of Sind, Calcutta, Royal Asiatic Society, 1892, p. 358-29

(16)Ibid., pp. 328-29

(17)Ibid.,

(18)Dani, A.H., Dr. Thatta Islamic Architecture, Islamabad, Institute of Islamic History, Culture and Civilization, 1982

(19)   مير علي شير قانع: مڪلي نامہ، بتصحيح و حواشي، سيد حسام الدين شاهه راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص 678 ۽ 679

(20)        Ibid., p. 15

(21)Ibid.

(22)        Ibid.

(23)        Ibid.

(24)           Haig M. R., Indus Delta Country, London, 1894, p.13

(25)         Ibid.

(26)   Ibid.

(27)   See ref: 6 & 18

(28)        حوالو نمبر 19، ص 20

(29)        ايضاً، ص ص 20 ۽ 21

(30)        ايضاً، ص 23

(31)         حوالو نمبر 11، ص 125، ۽ پڻ ڏسو تاريخ معصومي، حوالو نمبر 10، ص 102

(32)        ايضاً

(33)        Elliot, H., History of India, Vol: III, Trubner & Co: London, 1871, p. 344.

(34)        ڏسو حوالو نمبر11، ص 128

(35)         ڏسو حوالو نمبر 19،

(36)        ايضاً

(37)        Elliot, H., op. Cit, pp. 24-25

(38)           Ibid.

(39)        Ibid., p. 320

(40)        Ibid

(41)   ڇٻلاڻي، ايس، پي. ڊاڪٽر: سنڌ جي اقتصادي تاريخ (ترجمو ٿيل)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 261

(42)        حوالو 19، ص 36

(43)        ايضاً

(44)        ايضاً

(45)         مير محمد بن جلال تتوي سيد: ترخان نامه، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص 70

(46)        ايضاً

(47)        ايضاً

(48)        ايضاً، ص 9

(49)        مرزا غازي بيگ به نالي ماتر گورنر هو. حڪومت جو سڄو ڪاروبار خسرو چرڪس هلائيندو هو

(50)         ڏسو تذڪره امير خاني، ص 30

(51)          ڏسو حوالو 19، ص 40.

(52)           Panhwar M. H, Ground Water, Hyderabad, Directorate of Agriculture, Hyderabad Region, 1964, p. 39

(53)         Ibid

(54)         ref: 6, p. 200

(55)         ماموئي فقير، موجوده ڊگهڙيءَ شهر ۽ پراڻ ڍوري جي وچ ۾ آمريءَ واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن.

(56)   ميمڻ محمد صديق، خانبهادر: سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو پهريون، حيدرآباد، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، 1937ع، ص 40.

(57)         ولبر فورس جو خيال آهي ته چوڙا سما اصل سنڌ ۾ سماننگر ۾ رهندا هئا. جتان لڌي اچي جهونا ڳڙهه ۾ ويٺا.

(58)         Wilberforce, H. Bell, The History of Kathiawar, London, William Heineman, 1961, pp. 48-49.

(59)         ڏسو حوالو 19،

(60)        ايضاً، ۽ پڻ ڏسو حوالو 6، ص 20

(61)Aitken, E.H. Gazetteer of Sindh, Bombay, Government of Sindh Press, 1907, p. 408

(62)  Hughes, A.W., Gazetteer of the Province of Sindh, 1874, p. 11

(63)        سيد طاهر محمد: تاريخ طاهري، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع، ص 53

(64)        ڏسو حوالو نمبر 41، ص 200.

Also see Sorley, H.T., Shah Abdul Latif of Bhit, Hamphrey Milford, London. 1940, p. 68

(65)         Ibid., p. 65

(66)        Ibid

(67)           Alexander Hamilton, New Account of the East-Indies in Pinkerton`s Travels, Vol: III, pp. 304-9.

(68)        Pottinger, H. Pottingers Travels, London, 1816, p.45

(69)        Ibid.

(70)        Smyth, T.W., Gazetter of Karachi District, Vol: B-1, Bombay, 1927, p. 81

(71)         ڏسو تذڪره اميرخاني. ص ص 118، 354 ۽ 356

(72)        ڏسو حوالو 19

Also see ref: 6, p. 40

 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

 

ديک ڪبيرا رويا

(هندي شاعري بابت هڪ جائزو)

 

ڊاڪٽر جعفر حسن، هندي زبان جي باري ۾ پنهنجي تاليف ”منتخبات هندي ڪلام“ جي تمهيد ۾ لکي ٿو: ”هندي هڪ مٺي زبان آهي، سچ پڇو ته جيئن يورپ ۾ فرانسيسي ۽ اسلامي ملڪن ۾ فارسي زبان شيرين زبان تسليم ٿيل آهي، ائين هندستان جي ڪيترين ئي زبانن ۽ ٻولين ۾ هندي سڀ کان دلنشين ۽ موثر ڀاشا آهي. (ص 9)“

هندي زبان جا ڪيترا قديم دفتر اهڙا آهن، جن ۾ هندي شعر جو خزانو محفوظ آهي. انهن مان ڪن جي تلخيص وقت بوقت شايع ٿي آهي. خاص طور اڄڪلهه جيڪو هندي شعر اسان وٽ پهتو آهي، سو اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن جي هيٺين ڪتابن وسيلي پهتو:

1-  ڀڳتي پرڪاش: هن جو ليکڪ آسنداس مهتاب راءِ آهي. ڪتاب 1891ع ۾ شايع ٿيو. هن ۾ ڀڄن، دوها، ڪبت ۽ چوپايون آهن. ديوناگري ۽ اردو رسم الخط ۾ لکيل آهي.

2- سارنگ ست سئي: دوهن جي هي انتخاب جوشي انندي لال ڪيو ۽ 1899ع ۾ منشي نولڪشور پريس ۾ ڇپيو. هن ۾ 600 دوها آهن، جن ۾ گهڻا بهاري لال جا آهن. دوهن جي تشريح فارسيءَ ۾ ڪيل آهن.

3- پدماوت باکا: هي ڪتاب ملڪ محمد جائسيءَ جي پدماوتي جو اردو ترجمو آهي، جو 1890ع ۾ مرزا عنايت علي بيگ لکنوي ڪيو ۽ مطبع اعظمي ڪانپور مان شايع ٿيو. ائين پدماوتي جو ٻيو مشهور اردو ترجمو محمد قاسم علي بريلوي ڪيو ۽ 1873ع ۾ نولڪشور ڪانپور ڇاپيو.

4- تلسي ڪرت رامائڻ: هي  اردو ترجمو پنڊت لڇمي دت ڪيو ۽ 1872ع ۾ گيان پرڪاش پريس ميرٺ مان ڇپيو. هن ۾ تلسي داس جي رامائڻ جا دوها ۽ چوپايون آهن.

ائين ٻين ڪجهه ڪتابن سان گڏ ويهين صديءَ ۾ نياز فتحپوريءَ جو ڪتاب جذبات ڀاشا ۽ نگار رسالي جو خاص هندي شاعري نمبر _ (1936ع) اهم آهن. انهن سڀني ڪتابن جي مدد ۽ پنهنجي ذوق سان ڊاڪٽر جعفر حسن پنهنجو ڪتاب ’منتخبات هندي ڪلام‘ مرتب ڪيو. هن اڪثر اهڙن دوهن کي ڇڏي ڏنو آهي، جن ۾ جنسيت جو شائبو هو.

ادبيات عاليه ۾ شاعريءَ جو مرتبو نهايت اعليٰ آهي. شاعريءَ ۾ ادب جي طالب علم کي زبان جي تخصيص کان مٿي ٿي سوچڻ کپي ۽ شعر کي بين الاقوامي تناظر ۾ وسيع نظر سان ڏسڻ کپي. انهيءَ لحاظ کان آءٌ هي مقالو پيش ڪري رهيو آهيان.

شاعريءَ جا خزانا علم ۽ دانش، عقل ۽ عشق توڙي دنيا جي دستور ۽ پند و نصيحت جي موتين سان ڀرپور آهن. ڪهڙي به زبان هجي، اُها شعر جي املهه ماڻڪن سان جرڪي رهي آهي. مون جن چند زبانن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ مون کي پنهنجي مادري زبان وانگر عزيز آهن. اُنهن ۾ سرائڪي، هندي ۽ فارسي به آهن. هن صحبت ۾ هندي شعر جي ڀنڊار مان ٿورو واس وٺون ٿا.

سنڌي زبان ۾ سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جي لاڳاپي بابت مون کي هڪ تفصيلي مقالو سُجهي ٿو. اُهو محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو آهي. هي مقالو سماهي ”مهراڻ“ ۾ ٽن قسطن ۾، ٽن شمارن ۾ (1، 2 ۽ 3، سال 1955ع) ۾ ڇپيل آهي. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جي لاڳاپي، سنڌيءَ تي هندي شعر جي اثر، هندي شعر جي حوالي سان عورتن جي قسمن ۽ سينگار شاعريءَ جي حوالي سان لکيو آهي. مقالي ۾ مثالن سان سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جي لاڳاپي جو بيان ڪيو ويو آهي.

”سنڌ ۾ هندي شاعري“ جي عنوان سان هڪ مقالو مون به لکيو هو، جيڪو سهڻي پبليڪيشن جي مجموعي ”موٽندڙ ڇوليون“ ۾ جولاءِ 1969ع ۾ ڇپيو هو. هن مقالي ۾ مختصر طور سنڌ جي شاعرن جي هندي ڪلام جو ذڪر ڪيو هئم. هونئن ته ڪافي هندي ڪلام سنڌ وارن به چيو آهي، پر مون پير صدرالدين، پير شمس، روحل، مراد فقير، دريا خان، عثمان فقير، خليفي نبي بخش، حمل، صورت سنگهه، مصري شاهه ۽ قطب شاهه جو ٿورو ذڪر ۽ ڪلام جو نمونو ڏنو هو.

هندي شعر جي هڪ طالب جي حيثيت سان آءٌ مطالعو ڪندو رهيس. ديوناگري خطه جو به اڀياس ڪيم. 1988 ۾ لنڊن ويس ۽ برٽش لئبرريءَ مان به ڪي هندي دوها اصل ديوناگريءَ ۾ مليا. هتي سنڌي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي سنڌي شعبي جي لئبرريءَ ۾ ڊاڪٽر جعفر حسن جو ڪتاب ”منتخبات هندي ڪلام“ لاڳيتو اڀياس هيٺ رهندو آيو هو. ڪن ٻين ذريعن سان به هندي دوها هٿ آيا. شاهه جي رسالي جو سُر بيراڳ هندي به مطالعي هيٺ رهيو. ائين هندي ڪلام جا ڪتاب هندستان مان گهرائڻ جي به ڪوشش ڪيم، پر ڪامياب نه ٿيس. منهنجو جپاني دوست ۽ شاگرد ڪِن ساڪو مامِيا دهليءَ ويو، ڪو ڪتاب آڻي نه سگهيو ته پروين سلطانه جو ڪيسٽ وٺي آيو.

بهرحال هن مطالعي ۾ وڌيڪ ڪشش ميران ٻائيءَ جي جيون ڪٿا ۽ ڀڄنن به پيدا ڪئي. هن سلسلي ۾ هڪ ننڍي چوپڙيءَ ۾ ميران بابت ڪجهه معلومات به مليم. هيءَ چوپڙي مون کي پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر انور فگار ڏني ۽ فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ورتم. اُن ۾ ميران جا ڪي ڀڄن آهن ۽ مختصر طور سندس جيون ڪٿا به آهي. ڪتاب تي پورو نالو ۽ ٻي معلومات لکيل نه هئي. شايد ڪي پنا ڦاٽل هئا.

هن هيٺ آءٌ جيڪا هندي دوهن جي ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو، اُن جي مهاڳ ۾ ٿورو ميران ٻائيءَ بابت مليل احوال آڻيان ٿو: ميران جو جنم راجپوتانا جي هڪڙي جابلو علائقي ۾ نيرٽ نالي ڳوٺ ۾ هڪڙي بيٺل ڪٽنب ۾ ٿيو. هوءَ نهايت خوبصورت هئي. جوان ٿي ته سندس شادي چتور جي راج ڪٽنب ۾ راج ڪمار ڪمڀا سنگ سان ٿي، جو پوءِ چتور جي گاديءَ تي ويٺو. ائين ميران مهاراڻي ٿي، پر هن جو من رام ڀڳتيءَ ۾ لڳل هو. بيراڳڻ ٿي پنڌ پڇندي نيٺ وڃي بندرابن پهتي. پويان ڪنهن سار به نه لڌي. جڏهن هوءَ گيان ۾ رچي ريٽو ٿي ته هڪ ڏينهن سندس ور به وٽس آيو. ميران به راضي ٿي راج محل ۾ واپس آئي پر هر سال ۾ ڇهه مهينا بندرابن ۾ رام ڀڳتيءَ ۾ مگن رهندي هئي. سندس ڀڄن هنڌين ماڳين ڳائجڻ لڳا. ٻه ڀڄن هيٺ ڏجن ٿا.

راڳ رام ڪلي:

مين تو شام ديواني، ميرا درد نه جاني ڪوءِ،

سولي اوپر سيج پيا ڪي، ڪس بڌ هلڻا هوءِ،

گهايل ڪي گت گهايل جاني، جس تن لاگي هوءِ،

ميران ڪي پرڀو گرڌر ناگر، وئد سانوريا هوءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com