سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2001ع

 

صفحو :6

نياز ملاح

وائي

توکي ساريون ٿا،

روز نهاريون ٿا،

تنهنجي راهن ۾.

ساجن ٿيندو سوجهرو، ڏيئو ٻاريون ٿا،

تنهنجي راهن ۾.

ايندين انهيءَ آس ۾، جيءُ جيئاريون ٿا،

تنهنجي راهن ۾.

وکريل وکريل زندگي، يار گذاريون ٿا،

تنهنجي راهن ۾.

هيل به هيکل سانورا، جيون گهاريون ٿا،

تنهنجي راهن ۾.

 

حُبدار سولنگي

وائي

 

چانڊوڪيءَ وانگيان،

پيار اسان جو اُجرو آهي.

وقت ڪڏهن به نه ڌنڌلائيندو، سرتي! سچ سمان،

پيار اسان جو اُجرو آهي.

تنهنجي نيڻن جيئن نيارو، تنهنجي سونهن جيان،

پيار اسان جو اُجرو آهي.

جرڪن ٿا احساس اڃان ڀي، پنهنجي جيءَ مٿان،

پيار اسان جو اُجرو آهي.

جيون جي هر لمحي تي ٿو مُرڪي موهه اڃان،

پيار اسان جو اُجرو آهي.

جيئن هجي آزادي اُجري، بلڪل ائين ميان!

پيار اسان جو اُجرو آهي.

نور مري

غزل

 

سونهن وارن جي مون پئي عبادت ڪئي،

هن جي چاهت رکندڙن سان چاهت ڪئي.

سون کي لوهه ڪيئن، مان سڏي ٿو سگهان،

ڪوڙ کان مون هميشه ڪراهت ڪئي.

جيڪي رستن تي ماڻهو لٽيندا رهيا،

تن جي ڪردار تي مون حقارت ڪئي.

مون کي ڪهڙي خبر، مون کي لوڙهي ويندين،

مون ته صورت ڏسي پئي زيارت ڪئي.

مئڪدي ۾ ذرو جام ناهي بچيو،

هاڻ ويٺي نگاهن شرارت ڪئي.

هوش ۾ نور ڪيئن هاڻ سگهبو اچي،

اڄ ته ٿي دل سان جهومي راحت ڪئي.

 

ڪوثر ٻرڙو

غزل

 

آ تو جهڙو مون کي جو پيارو ملي ويو،

ته جيئڻ جو ڄڻ ڪو سهارو ملي ويو.

 

ڀلا ڀاڳ منهنجا، ڀلي آهي قسمت،

آ ٻڏندڙ کي ڄڻ ڪو ڪنارو ملي ويو.

 

اندر مان اونداهي وئي موڪلائي،

آ نيڻن کي نرمل نظارو ملي ويو.

 

اڻانگهي سفر اڻ ڏٺل پيچرن تي،

آ ڀٽڪيل مسافر کي چارو ملي ويو.

 

نه ڪنهن جي تمنا، نه هاڻي ضرورت.

مون کي تون ملين، جڳ آ سارو ملي ويو!

 

انجم قاضي

غزل

 

ڀرجي لڙڪ قطارون آيون،

تنهنجون جانان سارون آيون.

 

ڪينجهر ڪپ تي تيز هوائون،

تنهنجون کڻي مهڪارون آيون.

 

احساس سمورا ڀورا ٿيا،

سامهون جئن اخبارون آيون.

 

جئن جئن پير وڌيا پئي اڳتي،

پويان درد پڪارون آيون.

 

تون نه اڃا ڀي آئينءَ هتڙي،

موٽي ميگهه ملهارون آيون.

 

ڪو ته پُڇائي پار وڃي هن،

سک جون ڇونه سنڀارون آيون؟

 

تنهنجي منهنجي وچ ۾ سرتي!

لوڪ اَڏيون ديوارون آيون.

 

گل بهار باغائي

غزل

 

مرڪ تنهنجيءَ ۾ پرين احساس آهي زندگيءَ جو،

ڀروسو ئي پيار جو وشواس آهي زندگيءَ جو.

 

روح هو بي چين، رهندو مان هيس رولاڪ اڳ ۾،

سنگ تنهنجي مون، پَسيو هي واس آهي زندگيءَ جو.

 

نااُميدن ۽ سرابن جي ٿڪاوٽ ڏور ٿي وئي،

تنهنجي نيڻن ۾ مليو آهي زندگيءَ جو.

 

مون ڏکن جا ڏنگ سهندي درد کي ڄاڻي ورتو آ،

شاعري منهنجي پرين، اتهاس آهي زندگيءَ جو.

 

ڪيئن تنهن کي خودڪشيءَ جي ڀيٽ ارپي مان وڃايان،

آ ڏنو تحفو خدا هي خاص آهي زندگيءَ جو.

 

سوجهرو ساجهر صبح جو ڄڻ چمي ٿو نيڻ منهنجا،

ڪيترو پٺتي رهيو بنواس آهي زندگيءَ جو.

 

ضمير کرل

غزل

 

سڀئي راه رستا اسان جي اکين ۾،

تنهنجي گهر جا نقشا اسان جي اکين ۾.

 

صرف هڪڙي چهري متاثر ڪيو آ،

سوين هونئن چهرا اسان جي اکين ۾.

 

هي اوسيئڙا ۽ خوابن جا منظر،

رکي ڪيو ويو آ، اسان جي اکين ۾.

 

رُنو ايترو آ، هلي ڀي سگهن ٿا،

هي ڪاغذ جا ٻيڙا اسان جي اکين ۾.

 

نه هو خود ئي آيو نه قاصد مُڪائين،

لڙي لڙڪ آيا، اسان جي اکين ۾.

 

لڌيون ڪين تعبيرون گم ٿي ويا هِن،

سڀئي خواب ڪنوارا اسان جي اکين ۾.

 

مون ٻارڻ ٿي چاهيا، نه ضمير ٻريا،

اميدن جا ڏيئا اسان جي اکين ۾.

 

عبدالحميد آس ٻٻر

 

غزل

 

ناهين ته ڏنگ سار جا هروار ٿا لڳن،

لمحا سمورا زندگيءَ جا دار ٿا لڳن.

 

مون کي ڏسي جهڪائي ڇڏيو ٿا اکيون پرين!

انداز اهڙا پيار جا اظهار ٿا لڳن.

هرهڪ سوال منهنجي تي هي نهڪرون عجيب،

انڪار بار بار ڀي اقرار ٿا لڳن.

 

سُنسان راهه؛ ماڻهو اڪيلو سفر ڪري،

ان ساڻ حوصلن جا به انبار ٿا لڳن.

 

ڀر ۾ رکن يا دور، ڪُهائي ڇڏن کڻي،

جيڪي وڻين خوب هو مکيار ٿا لڳن.

 

مرڪن ته رُت گلاب جي ڀر ۾ پسي وٺان،

خنجر هيانءُ اندر انڪار ٿا لڳن.

 

گلشن ٽڙي پوي ۽ چندرما کڙي پوي،

اهڙا ئي روپ ’آس‘ هُو سرڪار ٿا لڳن.

 

جاني اسحاق ملاح

 

غزل

 

ابتدا ٿي رکي، انتها ٿي رکي،

هوءَ پنهنجي اکين ۾ خدا ٿي رکي.

 

هن جي هڪ شيءِ سان ڀيٽا ڏئي ڇا ڪبو،

رنگ فطرت سندا ڪيترا ٿي رکي.

منهنجي احساس تي جا رچيل آ سدا،

دل جي ڌڙڪن تي قبضو به سا ٿي رکي.

 

مان رديفن جي ڳولا ۾ هوندو آهيان،

منهنجي شعرن جا سڀ قافيا ٿي رکي.

 

منهنجي اندر ٿي ڌڙڪي، مگر تنهنجي آ،

منهنجي دل مون سان ڪيڏي دغا ٿي رکي!

 

تنهنجي دوري جا بخشي آ تنهائي سا،

پل سارا ڪنڊا، ٻاٻرا ٿي رکي.

 

بي رخي جنهن جي من ۾ وجهي جهير ٿي،

سار تنهن جي ڦٽن تي پها ٿي رکي!

 

گل ٽکڙائي

غزل

 

لاک جي لالاڻ ۾ ڇو زندگي روئي پئي،

باک جي سرهاڻ ۾ ڇو زندگي روئي پئي.

 

پيار جا رابيل راهن ۾ ڏسون ڪومل پيا،

مرڪ جي آلاڻ ۾ ڇو زندگي روئي پئي.

بلب جي بيمار پيلي روشني ٿي زهر آ،

پيار جي ڇڪتاڻ ۾ ڇو زندگي روئي وئي.

 

رقص راهن ۾ ٽڙي خوشبو وکيري پر وري،

چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ڇو زندگي روئي پئي.

 

لهر لهرن سان ملي خاموش ٿي موٽي اچي،

سانت ٿي مهراڻ ۾ ڇو زندگي روئي پئي.

 

ڪيترو جهيڙو ٿيو هابيل ۽ قابيل ۾،

هئي ڪمي ڪاراڻ ۾ ڇو زندگي روئي پئي.

 

درد سان ڪهڙي سندءِ ’گل‘ ٿي وئي آ دوستي،

ٻيئي ڄاڻن پاڻ ۾ ڇو زندگي روئي پئي.

 

خليل عارف سومرو

غزل

 

حُسن جو تون حوالو پرين،

باک جو ڄڻ اُجالو پرين.

 

رنگ ۾ روپ تنهنجو مِٺا،

ساري جڳ کان نرالو پرين.

خوبصورت گهڻا نانءُ پر،

ٿو وڻي تنهنجو نالو پرين.

 

جنهن گهڙي ديد تنهنجي ٿي ٿئي،

دل ٿي ڳائي جمالو پرين.

 

سُرت حاصل ڪرڻ جي گهرين،

شاهه جو پڙهه رسالو پرين.

 

هلڪي رم جهم ۾ ’عارف‘ ڀِڄون،

آ ملهايون جهڙالو پرين.

 

دليپ ڪوٺاري

سُر موهن ڀڳت

’موهن!‘ ڪٿي آن؟

وايون ڀٽ ڌنيءَ جون

پُڇا ڪن مون کان!

او ’موهن!‘ پيارا

ماڻهو ملڪ ملير جا

تو بن تسيارا!

ٿر ٿڌيون هوائون

اچن ’گَڍي‘ اوٽ مان

تنهنجون صدائون.

پنهنجو پاڻ سُڃاڻ

ڀڳت تنهنجي ڀڳتي

روحن منجهه رهاڻ!

سُريلو ”سروپ“

ڪلهه هو تنهنجي ساٿ ۾

اڄ اُهو اَلوپ!

مارو جمالي

غزل

 

تون ساڻ نه آن ساٿي، ساگر جو ڪنارو آ،

هر شام اڪيلو مان، ساغر ئي سهارو آ!

ڪو دُور ويو سڏڪي، موسم به ڏنگي ٿي پئي،

جو دل کي ڏئي ويو آ سو درد نيارو آ!

هر ناو نٿي پهچي، هر واٽ نه آ سولي،

ٿو پوءِ به پوي هلڻو، ٻيو ڪونه جي چارو آ!

هي نيل گگن تي ڏس پيو چنڊ کِڙي آهي،

جي تون به اچين سمجهان اڄ ڀاڳ ڀلارو آ!

چوٽيءَ ۾ چنبيلي هڻ، مارو ته پُڄي ويندو،

هڪ رات انڌاري آ، ٻيو پوهه جو پارو آ!

 

وهاب جروار

غزل

 

زندگيءَ ۾ زندگي ناهي رهي،

ڪا خوشي ڪا بندگي ناهي رهي.

پاڻ کي مون کان پلي سگهندين ڪٿي،

گل کان خوشبو ڇڄي ناهي رهي.

تنهنجي هيٺان ڪو مسافر ڪيئن اچي،

تو ۾ اي وڻ ڇانو ڀي ناهي رهي.

جنهن ۾ آئون پاڻ کي ڏسندو رهيس،

سا اکين جا آرسي ناهي رهي.

منهنجو جيڪا چين چورائي وئي،

پاڻ ڀي ڪڏهين سُکي ناهي رهي.

تون جڏهن کان دور آن گهارڻ لڳين،

ڄڻ اکين ۾ روشني ناهي رهي.

پاڻ کان زياده جا چاهيندي هئي،

هاڻي ساڳي سا سَکي ناهي رهي.

دشمنن جي لاءِ ٿو سوچين ’وهاب‘!

دوستن ۾ دوستي ناهي رهي.

 

مير صاحب علي ٽالپر

غزل

 

توکي ڪهڙي ڪل آ جانان، تو ۾ چنڊ لڪل آ جانان؟

جنهن دم چاهين هلي آ مون ڏي، تو لئه در به کليل آ جانان.

توتي صديون گيت مان لکندس، هيءُ ته صرف غزل آ جانان

تنهنجي پيار ۾ ڪوئي ماڻهو، پڪ هتي پاڳل آ جانان

منهنجي لئه تون ائين آن ڄڻ، راڻي لئه مومل آ جانان

منهنجي نيڻن منجهه سدائين، تنهنجو عڪس ٻڏل آ جانان.

منهنجو تنهنجو، تنهنجو منهنجو، ٿورئي ليکو ٿيل آ جانان؟

ڪنهن ته ستايو آهي توکي، تنهنجي اک ڀنل آ جانان.

شايد تون ڀي جاڳين ٿي جو، منهنجي ننڊ ڦٽل آ جانان.

تو لئه سر به ڏيڻ آ سستو، منهنجو عزم اٽل آ جانان.

تنهنجو ’صاحب‘ تنهنجي ڌاران، ائين سمجهه مئل آ جانان.

 

ڪوثر هالائي

وائي

 

راڻل تنهنجي ڪاڻ!

روئان راتو ڏينهن.

تن تنبور کي ڇيڙي ويو آ تنهنجي نيڻن جو ڪلياڻ،

روئان راتو ڏينهن.

ريت رُسڻ جي ڇڏ پيارا، پنهنجو پاڻ سڃاڻ،

روئان راتو ڏينهن.

رم جهم جي رُت ڪوهه ڪبي، تون جي ساجن ناهين ساڻ،

روئان راتو ڏينهن.

تو ريءَ منهنجي ڪانه سري آ، آءُ ته ڪريون روح رهاڻ،

روئان راتو ڏينهن.

تون بدليو آهين خالي، ساڳيا آهن سڀ اُهڃاڻ،

رائان راتو ڏينهن.

”ڪوثر“ جن لئه مَن آ آتو، موٽي هوند اچن سي هاڻ،

روئان راتو ڏينهن.

 

سرور نواز ٻگهيو

غزل

 

هن سانوڻ ۾ تنهنجي ياد وري،

تصوير تنهنجي ڳوڙهن ۾ تري.

 

توکي ساريندي او سانولڙا!

چڻنگ محبت جي دل منجهه ٻري.

 

راڳن ۾ ڏنا ٿي درد نوان،

دل دردن هئي اڳ ۾ ئي ڀري.

مون راتيون جاڳي ڏينهن ڪيا،

تو بِن او پرين! ڪانهي ڪا سري.

 

مون خوابن ۾ توسان ڳالهيون ڪيون،

اڄ صبح جو هئي اک ڀي ته ڦري.

 

بي چين نگاهون ڪن ٿيون سلام،

دل ’سرور‘ جي تولاءِ چَري.

 

اختر درگاهي

غزل

سُڃ رستن ۾ ڀي شهر ٿو لڳين،

اي پرين، باک جو پهر ٿو لڳين.

زندگيءَ جي ڏکئي سفر ۾، بس،

تون ئي آهين جو همسفر ٿو لڳين.

ڪيڏو گُم سُم آهين خيالن ۾،

ميڻ آهين مگر پٿر ٿو لڳين.

ڪيئن توکان ڀلا ڊڄان آخر؟

آءٌ سقراط، تون زهر ٿو لڳين.

آءٌ پياسو ٿو رهان ٿر وانگي،

۽ تون سانوڻ جو ڄڻ ڪڪر ٿو لڳين.

نويد ناز ڀٽي

غزل

 

شام ويلي لڏي سج پيو،

ڇا ته منظر ڇڏي سج پيو.

 

ننڊ سپني ۾ گم آهيان،

۽ مٿان ٿو تپي سج پيو.

 

رات تنهنجي پرين ياد جو،

چنڊ مون کي لڳي سج پيو.

 

ڏس ته مزدور اڄ ٿڪ وچان،

ڪنڌ کڻي ٿو تڪي سج پيو.

 

ٻاٽ ويندي وٿاڻن منجهان،

دور کان ٿو اچي سج پيو.

 

مون ته جهولي جهلي چنڊ لئه،

ڇو اسان جي حصي سج پيو.

 

رات ڪاري ڪري ”ناز“ ڏس،

ٿو رسي اڄ وڃي سج پيو.

 

اياز امر شيخ

وائي

 

رات آڌيءَ جو اُٿي.

گيتَ جوڙي ٿو ڪوي.

چنڊ سان ڳالهيون ڪري، پيار پنهنجي جو پُڇي،

گيتَ جوڙي ٿو ڪوي.

مُفلسيءَ جي ڳوٺ ۾، ٻار ڪو ميرو ڏسي،

گيتَ جوڙي ٿو ڪوي.

ريشمي ڪنهن پير ۾، ڇير جو ڇمڪو ٻُڌي،

گيتَ جوڙي ٿو ڪوي.

واهري ڏي شام جو، ڪو پکي اُڏندو ڏسي،

گيتَ جوڙي ٿو ڪوي.

 

ابل اداس ٻٻر

غزل

نااميدي جا لڙڪ هاريون ٿا،

بس مڙئي زندگي گذاريون ٿا.

ڏينهن ۽ رات گڏئي گڏ هاسين،

اڄ وڇوڙن جا سال گهاريون ٿا.

هن جي آسيس ٿي اچي تو مان،

چنڊ تو ڏي تڏهن نهاريون ٿا.

وار اڻڀا، لباس ڦاٽل هي،

عشق! توکي ائين سنواريون ٿا.

ديس جا ماڻهو، ديس جي مٽي،

۽ امڙ سنڌ کي به ساريون ٿا.

چئو طرف ماٺ ۽ هي ويرانو،

پوءِ به ڪنهن کي ”ابلُ“ پڪاريون ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com