سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2001ع

 

صفحو :14

”هيءُ ڪتاب، پنهنجي سوانح حيات، اُنهيءَ عظيم هستيءَ ڏانهن منسوب ٿي ڪريان، جيڪا ننڍي هوندي ئي يتيم ٿي وئي ۽ وڏيءَ ڀيڻ جي هٿ هيٺ پرورش پاتائين. 14 سالن جي عمر ۾ هڪ اڌيڙ عمر جي مرد سان سندس شادي ڪرائي وئي... ۽ 24 سالن جي عمر ۾ بيوهه ٿي وئي. هن کي انهيءَ ڪچيءَ عمر ۾ اهو احساس هو ته نياڻين کي پڙهائڻ نهايت ضروري آهي. هوءَ پنهنجي خانداني خواه سماجي مخالفت جي باوجود پنهنجيءَ ڳالهه تي قائم رهي. اُنهيءَ وقت هوءَ جيڪڏهن ايتري همت نه ڪري ها ته شايد سنڌ جي نياڻين جي تعليم اڃا به پٺتي هجي ها.“

آپا شمس پنهجيءَ محنت سان اِهو ثابت ڪيو آهي ته عورت مرد کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي. هوءِ لکي ٿي ته:

”مون اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪابه عورت جيڪڏهن چاهي ته مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ محنت ڪري ڪوبه ڪم نهايت خوش اسلوبيءَ سان ڪري سگهي ٿي.“

آپا شمس، هڪ بيباڪ ۽ بهادر عورت آهي، تقرير، تحرير توڙي گفتگوءَ ۾ رک رکاءُ ڄاڻي ڪانه. جيڪو من ۾ هوندس، سوئي زبان تي آڻيندي آهي. هن کي پنهنجين خامين جي ڀليءَ ڀت پروڙ آهي، ۽ کيس پاڻ تي ڀروسو آهي. هوءَ ڪڏهن به، ڪٿي به مونجهه ۽ مايوسيءَ جو شڪار نه رهي. سچيءَ، صاف گو، ۽ بي انصافيءَ سان سخت ٽڪر کائڻ واري آهي.

آپا شمس جي هيءَ آتم ڪهاڻي، نهايت خلوص دل، سجاڳ دليءَ ۽ دل جي تونگريءَ سان لکيل آهي. آتم ڪهاڻي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته آپا شمس جيڪي ڪشالا ڪڍيا آهن، قدم کنيا آهن لڪ لنگهيا ۽ ڏونگر ڏوريا آهن، ۽ جنهن ساڃاهه، چڱي ۽ مٺي جي پرک، ڪوشش ۽ عمل سان، پنهنجي جيون جو سفر طئي ڪيو آهي، اُن تي پاڻ مطمئن آهي. آپا جهڙا نيڪ ۽ نرالا انسان، اعليٰ عمل ۽ اصولن وارا فرد، واقعي سڀني لاءِ ماڊل ۽ مثال آهن.

اسان وٽ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ماڻهو رٽائرمينٽ کان پوءِ ڄڻ ته زندگيءَ تان ئي رٽائر ٿي ويندا آهن، بلڪ رٽائرمينٽ جي ويجهو ايندي ئي مرڻ شروع ڪندا آهن. پر پوپٽي ۽ شمس عباسي، اُهي عالم ۽ اُستاد رهيون آهن، جن آخري وقت تائين علم جي پچار نه ڇڏي. آپا شمس، رٽائرمينٽ کي ويجهو پهتي ته سنڌ يونيورسٽيءَ مان پنهنجي چاچي، مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي شخصيت تي پي. ايڇ. ڊي ڪري ورتائين ۽ جڏهن رٽائر ٿي ته لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ عقيل برائيٽ ڪِڊس اڪيڊميءَ نالي سان ٻه اسڪول قائم ڪري ورتائين ۽ آتم ڪٿا لکيائين.

پوپٽي هيراننداڻي ته بنيادي طرح ليکڪا آهي ۽ هن پنجيتاليهن کان به مٿي ڪتاب لکيا آهن، هن هڪ هنڌ لکيو آهي ته:

”ليکڪ لاءِ ضروري آهي زندگيءَ جي ڄاڻ. انسان جڏهن زندگيءَ کي تمام گهڻي قريبيءَ سان ٿو ڏسي، ۽ زندگيءَ جي لاهين ۽ چاڙهين تي لهي چڙهي ٿو، تڏهن کيس جيون جو راز سمجهه ۾ اچي ٿو.“

آپا شمس جي آتم ڪٿا جو مطالعو ڪجي ٿو ته واقعي معلوم ٿئي ٿو ته کيس زندگيءَ جي ڄاڻ آهي. هن زندگيءَ کي تمام ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي، اُن ڪري کيس زندگيءَ جو راز سمجهه ۾ اچي ويو آهي. اُهو راز يقيناً ان ماڻهوءَ کي معلوم ٿي سگهي ٿو، جيڪو آپا شمس جي هيءَ آتم ڪهاڻي پڙهندو، ۽ نه رڳو پڙهندو، پر پڙهي ڪڙهندو به.“

آپا شمس عباسيءَ، جنهن دور ۾ تعليم حاصل ڪئي، اُن زماني ۾ ڇوڪرين جي تعليم جو رواج گهٽ هو، خاص ڪري سنڌي مسلمانن وٽ ته نياڻين جو پڙهائڻ معيوب عمل هو، پر اها سندس ماءُ جي سجاڳ ذهني ۽ دورانديشي هئي، جنهن ڦوهه جوانيءَ ۾ بيوهه ٿيندي به، خانداني روايتن ۽ سماجي مخالفت جي پرواهه نه ڪري، نياڻين کي پڙهايو.

آپا شمس، ننڍپڻ ۾ پڙهڻ کان وڌيڪ راند روند ۽ شرارتن ۾ حصو وٺندي هئي؛ ليڪن هن هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم دوران ماءُ ۽ عزيزن جو اعتماد برقرار رکيو. هوءَ 1944ع ۾ مدرسة البنات هاءِ اسڪول ۾ 50 روپين تي ماسترياڻي مقرر ٿي. 1947ع ۾ ڪراچيءَ مان بي. ٽي جو امتحان پاس ڪيائين. اُنهيءَ دور ۾، هيءَ اڪيلي سنڌي، پرده نشين ۽ حيدرآباد جي ماحول مان آيل مسلمان ڇوڪري هئي، جنهن ڪراچيءَ ۾ وڃي بي. ٽي ڪرڻ جي همت ساري، هِن اُتي وڃي برقعو لاهي ساڙهي پاتي ته آخر وقت تائين ساڙهي پائيندي اچي. بي. ٽي ڪرڻ بعد پهرين مدرسة البنات ۾ ۽ پوءِ تولارام گرلس هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماسترياڻي ٿي. هيءُ اسڪول اُن وقت شهر کان پري يعني پڪي قلعي حيدرآباد جي پٺئين پاسي هو، انهيءَ ڪري اُتي اُستادن ۽ شاگردياڻين کي پهچڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿيندي هئي. جڏهن ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊي. پي. آءِ ٿيو ته هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول کي تولارام گرلس هاءِ اسڪول واري عمارت مان کڻي، ميران گرلس هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ هلائڻ جو حڪم ڪڍيو. جيئن ته اُن زماني ۾ ڇوڪرين لاءِ ڌار ڪاليج ڪونه هو ۽ گورنمينٽ ڪاليج ۾ مخلوط تعليم هلندڙ هئي. اُن ڪري 1953ع ۾ سنڌ سرڪار ڇوڪرين لاءِ الڳ ڪاليج کولڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان لاءِ ميران ڪاليج ۾ شام جا ڪلاس شروع ڪيا ويا. آپا شمس عباسيءَ کي گرلس ڪاليج جي هيڊ ماسترياڻيءَ سان گڏ شام جي ڪاليج جي جزوي پرنسپال جي جوابداري پڻ ڏني وئي. هوءَ ٽين بجي تائين هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماسترياڻيءَ طور ۽ 3 کان 6 بجي تائين ڪاليج ۾ پرنسپال طور ڊيوٽي ڏئي، ڇهين بجي کان سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ ايم. اي جا ڪلاس اٽينڊ ڪندي هئي، ڇاڪاڻ ته اُن وقت پرنسپال لاءِ لياقت ايم. اي مقرر هئي، جيڪا هِن اِن نموني محنت ڪري حاصل ڪئي. اڳتي هلي جڏهن زبيده گرلس ڪاليج قائم ٿيو ته آپا شمس عباسي، 1968ع تائين لڳاتار 15 سال هن ڪاليج جي پرنسپال رهي. هن ڪاليج جو بنياد، سنڌ جي گورنر. سر حبيب ابراهيم رحمت الله جي بيگم زبيده رکيو هو، ان ڪري ڪاليج تي زبيده گرلس ڪاليج نالو پيو. هن ڪاليج جي عمارت 1954ع ۾ مڪمل ٿي. آپا شمس نه رڳو همت سان ڪاليج هلايو، ڇوڪرين لاءِ هاسٽل ٺهرايائين، پر B.A (Hons), B.Sc B.Sc, Home Economics جا ڪلاس به شروع ڪرايائين. اُن لاءِ هن سرڪاري قاعدن قانون جون پابنديون اورانگهي، ٻين لفظن ۾ بيقاعدگيون ڪري، ڪيترا ڪم مڪمل ڪرايا. انهن بيقاعدگين ۾، هيٺيان اهم، ڪم سندس کاتي ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا:

(1)              هاسٽلر ڇوڪرين کان بجليءَ ۽ ڪمري جي مسواڙ نه وٺندي هئي.

(2)             ڪاليج جو فرنيچر، خاص واڍو ويهاري ٺهرايائين.

(3)     ڪاليج لاءِ ڪئنٽين ۽ بورچيخانو منظور ڪرائي، اُنهن ۾ B.Sc جون لئبارٽريون قائم ڪيائين ۽ هوم اڪنامڪس جا ڪلاس هلايائين.

مٿين ڪمن جي ڪري آپا شمس عباسيءَ خلاف آڊٽ وارن اعتراض ڪيا، انڪوائريون ٿيون، پر هيءَ بهادر عورت، ايماندار هئڻ سبب هر لڪ ڪاميابيءَ سان لنگهي پار پيئي.

حيدرآباد جي ڪجهه متعصب ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن، سندس ڊگهي عرصي تائين پرنسپال رهڻ جي مخالفت ڪئي، نتيجي طور کيس لاهور بدلي ڪيو ويو ۽ سندس ساٿياڻين آپا مريم سلطانه نوحاڻيءَ ۽ مسز امينه هاليپوٽيءَ کي لاڙڪاڻي بدلي ڪيو ويو. آپا شمس بعد ۾ مختصر عرصو ڊپٽي ڊئريڪٽر ڪاليجز به رهي. هن جي مقابلي ۾ ڪيترن جونيئر آفيسرن کي ترقي ڏني ويئي، جنهن تي هن پنهنجي حق لاءِ وڏي ويڙهه ڪئي. هڪ دفعي وقت جي هڪ ڪرڙي ڊائريڪٽر ڪاليجز کي بيباڪيءَ سان منهن تي چئي ڏنائين ته ”جونيئر مرد آفيسرن کي شايد اُن ڪري ترقي ڏني ويئي آهي، جو هنن کي ’ڏاڙهي‘ آهي ۽ مون کي اُن ڪري ترقي نٿي ڏني وڃي، جو مون کي ’ساڙهي‘ آهي.“

آپا شمس 1972ع کان مسلسل 13 سال بيورو آف ڪريڪيولم جي ڊائريڪٽر رهي. هيءَ سڄي پاڪستان مان پهرين عورت هئي. جيڪا ڊائريڪٽر جي عهدي تي پهتي هئي. هن بيورو جي ڊائريڪٽري چئلينج سمجهي هلائي ۽ بهادريءَ ۽ همت سان هيٺيون اهم ڪاميابيون حاصل ڪيائين:

(1)  ٽريننگ اسڪولن ۽ ڪاليجن کي بيورو جي ماتحت ڪرايائين؛

(2)اسڪولن ۾ عورتن لاءِ هنري تعليم جو نفاد عمل ۾ آندائين؛

(3)             معذور ٻارن جي تعليم جو انتظام ڪيائين؛

(4)   اسڪولن ۾ لائبرريون کولرايائين؛

(5)   بهبود آباديءَ جي تعليم، بيورو جي ماتحت ڪرايائين؛

(6)             معذور ٻارن لاءِ سکر ۾ اسڪول جي بلڊنگ ٺهرايائين؛

(7)             ٽريننگ ڪاليجن جي استادن جو ليڪچرارن جي برابر درجو منظور ڪرايائين؛

(8)             عورتن جي تعليم لاءِ ٻه اسڪيمون، عالمي ادارن کان منظور ڪرايائين؛

(الف) عورت استادن کي کڻي اچڻ ۽ واپس ڇڏڻ لاءِ گاڏيون.

(ب) عورتن جي تربيت.

(9) لطيف آباد، حيدرآباد ۾ عورتن جي فني تربيت لاءِ ادارو قائم ڪرايائين؛

(10) 9 جنوري 1984ع تي رٽائرمينٽ واري ڏينهن به بيورو جي ملازمن جي ڀرتيءَ ۽ ترقيءَ جا قاعدا منظور ڪرايائين.

اِن مان آپا شمس عباسيءَ جي ائڊمنسٽريشن، فرض شناسيءَ، لگن ۽ همت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

آپا شمس سڄي عمر اصول پرست عورت رهي. وقت جي پابندي سندس بنيادي اصول هوندو هو. هوءَ ڪڏهن به ۽ ڪنهن به ڏينهن، اسڪول، ڪاليج، يا آفيس ۾ دير سان نه وئي، ۽ پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان ادا ڪيائين.

آپا جي آتم ڪٿا مان معلوم ٿئي ٿو ته هن 1965ع ۾ NIPA (نيپا) جي چار مهينا ٽريننگ ورتي؛ ملازمت واري  عرصي دوران لاتعداد تعليمي رٿائن کي مڪمل ڪرايائين؛ اَپوا ۽ عورتن جي ڀلائيءَ وارين تنظيمن جي رهبري ڪيائين؛ عورتن جي ڪيترين ڪانفرنسن ۾، پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين، ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن جهڙوڪ: بنگلاديش، آسٽريليا، ماسڪو (رشيا)، ايران، ترڪي، انگلنڊ، فلپائن، ڀارت، چين، برلن، بروسيلز، لڪسمبرگ، نيروبي وغيره ۾ مختلف تعليمي، سماجي، عورتن جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ وارن سيمينارن، ڪانفرنسن ۽ اجلاسن ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

آپا شمس عباسي، سڄي ڄمار خوددار، پاڻ تي ڀاڙيندڙ ۽ باهمت عورت رهي. سندس شادي 1949ع ۾ پنهنجي سؤٽ محسن عباسيءَ سان ٿي، ۽ شاديءَ جو خرچ ٻنهي پنهنجي پنهنجي پگهار مان ڪيو. اهڙا مثال، اسان جي سماج ۾ تمام گهٽ ملندا. اهڙيءَ طرح ٻنهي ڄڻن گهر پڻ پنهنجي پگهار جي پئسن مان ڪوءَ سوءَ ڪري، خريد ڪيو.

ان نموني آپا ڊاڪٽر شمس عباسيءَ، پاڻ تي ڀاڙي، سڄي زندگي بسر ڪئي، ۽ هن وقت به لطيف آباد ۽ قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٻه اسڪول هلائي، اسڪولن جو خرچ ۽ پنهنجو گهرو خرچ پورو ڪري ٿي، آپا جهڙن فردن تي هيٺيون شعر ڪيترو نه ٺهڪي اچي ٿو.

اسين پاڻ امير، دل جي ولايت جا،

تارن جي تدبير، اُتي هلي ڪانه ڪا!

 

محبوب اختر پٺاڻ

 

 

شاهه عبداللطيف-

(پيدائش ۽ وفات جو صحيح عيسوي سن)

 

”سنڌي ادب“ ۾ محترم غلام محمد لاکي جو مقالو ”شاهه لطيف جي سوانح ۽ عيسوي ڪئلينڊر“ (1) پڙهڻ جو موقعو مليو، سندس محنت قابلِ قدر آهي.[1]

محترم غلام محمد لاکي جو شمار هن وقت سنڌ جي برک محققن ۾ ٿئي ٿو. سنڌ تي سندس وسيع اڀياس فخر جي قابل آهي. سندس تحقيق جو دائرو پڻ گوناگون موضوعن تائين پکڙيل آهي. هن حقير، لاکي صاحب جا ڪجهه مقالا پڙهيا آهن، جن ۾ معلومات جا ڀاري ڀنڊار نظر اچن ٿا ۽ جن جي پڙهڻ سان مصنف جي علمي عظمت جو اندازو پڻ لڳائي سگهجي ٿو.

مٿي بيان ڪيل مقالي ۾، لاکي صاحب سنڌ جي اديبن ۽ عالمن کي اپيل ڪئي آهي ته هو سنڌ جي سدا بهار شاعر، لطيف سائينءَ تي تحقيق ڪرڻ دوران عيسوي ۽ هجري ڪئلينڊر جي درست مطالعي ڏانهن توجه ڏين. سائين لاکي صاحب جي اپيل تي لبيڪ چوندي، مون ناچيز، هِت آمريڪا ۾ هِن مقالي ذريعي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيدائش ۽ وفات جي تاريخن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اميد اٿم ته ”مهراڻ“ وسيلي سنڌ جي علمي حلقن وٽ دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو.

مان لاکي صاحب سان متفق آهيان ته جيئن ملڪ جي ٻين ادبي شخصيتن جي پيدائش ۽ وفات جي تاريخن تعين ڪرڻ لاءِ جيڪا سرڪاري سطح تي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ساڳي ڪوشش سنڌ جي هن باڪمال شاعر لاءِ به ڪئي وڃي، ته جيئن پيدائش ۽ وفات جي تاريخن جو مسئلو حل ڪري سگهجي. ساڳيءَ طرح، سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ عالمن کي به اهڙي ڪوشش وٺڻ گهرجي ته جيئن شاهه عبداللطيف جي ولادت ۽ وفات متعلق صحيح تاريخون معلوم ڪري سگهجن، ۽ جنهن تي اسان جا سمورا عالم ۽ اديب هڪ راءِ سان متفق هجن.

هن ترقي يافته دور ۾ اِهو ڪم ايترو ڏکيو به ناهي. تازو ”اِنٽرنيٽ“ تي ڪجهه اهڙا پروگرام نظر مان گذريا، جن جي مدد سان هجري ۽ عيسوي تاريخون معلوم ڪري سگهجن ٿيون. اهڙي هڪ پروگرام جي ڪاپي مون پنهنجي ذاتي ڪمپيوٽر لاءِ محفوظ ڪئي آهي. هاڻ سوال اِهو هو ته اِهو پروگرام ڪيتري حد تائين درست تاريخون ڏيئي سگهي ٿو ۽ اُهي تاريخون ڀروسي جوڳيون به هجن ته جيئن شڪ جي گنجائش نه رهي.

هيٺ ڪجهه مثال ڏجن ٿا، جن جي آڌار تي خاطري ٿي ته اِهو پروگرام مڪمل طرح ڀروسي جوڳو آهي. غلطي جي بهرحال هر جڳهه تي ٿوري گهڻي گنجائش هوندي آهي. ڪو به پروگرام، خاص طرح هجري ۽ عيسوي سنه کي تبديل ڪرڻ ۾ سؤ فيصد دُرست ٿي نٿو سگهجي. اِهو اڳتي جي تحقيق ڪندڙن تي ڇڏيل آهي ته هو وڌيڪ تحقيق ڪن ۽ صحيح حقيقتون پيش ڪن.

مثال: 1- سال 1987ع ۾ مون ڪجهه پراڻيون اخبارون سنڌالاجي جي لائبريريءَ مان فوٽو اسٽيٽ ڪرايون هيون، جنهن ۾ هڪ پرچو الوحيد اخبار جو به آهي. هي اخبار آچر 27 آگسٽ 1939ع، مطابق 11 رجب المرجب 1358هه تي شايع ٿي. جڏهن اِها تاريخ پروگرام ۾ داخل ڪيم ته هجري ۽ عيسوي تاريخون ٻيئي صحيح نڪتيون.

مثال: 2- مولوي دين محمد وفائي، ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد 1، ص 11، تي ميان محمد اشرف (ڪاماري شريف واري بزرگ) جي وفات جي تاريخ 14 ربيع الاول، آچر، سنه 1277هه) لکي آهي. جڏهن اِها تاريخ پروگرام ۾ داخل ڪيم ته عيسوي سنه جي تاريخ (آچر) 30 سيپٽمبر 1860ع نِڪتي: ٻيا به ڪجهه مثال مٿئين ڪتاب مان ڏٺم، جيڪي سمورا صحيح نِڪتا. (1-الف)

 

شاهه جي ولادت:

شاهه عبداللطيف جي ولادت جي سَن متعلق مختلف رايا آهن. سر رچرڊ برٽن، شاهه جي پيدائش جو سال 1680ع ٻڌايو آهي. (2). ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به ساڳيو سال قرار ڏنو آهي(3). راج رشي ڏيارام گدومل شاهه جي ولادت جو سال 1097هه ٻڌايو آهي(4). سنڌ جي نامياري عالم مرزا قليچ بيگ شاهه جي ولادت جو سال 1688ع- 1689ع قرار ڏنو آهي(5). ليلارام وطڻ مل ”خاڪي“ شاهه جي ولادت جو سال 1688ع ٻڌايو آهي(6). ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي لکيو آهي ته شاهه جي پيدائش 1680ع کان 1690ع جي وچ ۾ ڪنهن هڪ سال ۾ ٿي سگهي ٿي(7). بهرحال سنڌ جا بيشتر عالم اِن ڳالهه تي متفق آهن ته شاهه لطيف جي ولادت هجري سنه 1102هه ۾ ٿي آهي. هاڻ اچو ته ولادت جي ڏنل هِن سال تي ڪجهه روشني وجهون ته جيئن صحيح عيسوي سال جي خبر پوي. هيٺ هڪ چارٽ ڏجي ٿو، جيڪو عيسوي ۽ هجري سال صحيح تعين ڪري ٿو.

 

هجري سال

 

ڏينهن

تاريخ

مهينو

سال (هه)

12- سومر

1

ذوالحج

1101هه

1- اربع

1

محرم

1102هه

2- خميس

1

صفر

1102هه

3- ڇنڇر

1

ربيع الاول

1102هه

4- سومر

1

ربيع الثاني

1102هه

5- اربع

1

جمادي الاول

1102هه

6- جمع

1

جمادي الثاني

1102هه

7- ڇنڇر

1

رجب المرجب

1102هه

8- سومر

1

شعبان

1102هه

9- اڱارو

1

رمضان

1102هه

10- اربع

1

شوال

1102هه

11- جمع

1

ذوالقعد

1102هه

12- ڇنڇر

1

ذوالحج

1102هه

1- آچر

1

محرم

1103هه

 

عيسوي سال

ڏينهن

تاريخ

مهينو

سال (ع)

سومر

4

سيپٽمبر

1690ع

اربع

4

آڪٽوبر

1690ع

خميس

2

نومبر

1690ع

ڇنڇر

2

ڊسمبر

1690ع

سومر

1

جنوري

1691ع

اربع

31

جنوري

1691ع

جمع

2

مارچ

1691ع

ڇنڇر

31

مارچ

1691ع

سومر

30

اپريل

1691ع

اڱارو

29

مئي

1691ع

اربع

27

جون

1691ع

جمع

27

جولاءِ

1691ع

ڇنڇر

25

آگسٽ

1691ع

آچر

23

سيپٽمبر

1691ع

سنڌ جي عالمن جي متفقه راءِ موجب، شاهه صاحب جي ولادت جو هجري سال 1102هه آهي. پر هاڻ سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته عيسوي سال ڪهڙو آهي؟ مٿي ڏنل چارٽ تي نظر وجهڻ سان اِها خبر پوي ٿي ته اِهو سال يا ته 1690ع آهي يا 1691ع اهي. اگر اسان کي اِها خبر هجي ته شاهه عبداللطيف 1102هه جي ڪهڙي مهيني ۾ جنم ورتو آهي ته اسين آسانيءَ سان عيسوي سن جو تعين ڪري سگهون ٿا، پر جيئن ته اسان کي مهيني جي خبر ڪانه آهي، انڪري شاهه عبداللطيف جي ڄم جو سال عيسوي ڪئلينڊر مطابق 1690ع يا 1691ع ٿيندو. ان چارٽ کي ڏسڻ کان پوءِ اِها خاطري ٿي ويندي ته شاهه عبداللطيف جي ولادت جو عيسوي سال 90/1691ع آهي. اُميد اٿم ته پڙهندڙ پڻ ان سال سان اتفاق ڪندا. هڪ اڌ تاريخ جو فرق ٿي سگهي ٿو، پر سالن جو فرق نٿو ٿي سگهي.

 

شاهه جي وفات:

شاهه عبداللطيف جي وفات جو سال سڀ کان پهرين سنڌ جي عظيم مورخ مير علي شير قانع ٻڌايو آهي. اُن جي لکڻ موجب شاهه صاحب جي وفات سنه 1165هه ۾ ٿي آهي. سر رچرڊ برٽن شاهه جي وفات جو سال 1161هه لکيو آهي(8). ڊاڪٽر ٽرمپ پڻ شاهه جي وفات جو ساڳيو سال لکيو آهي(9). ڏيارام گدومل سال 1160هه ڄاڻايو آهي(10). مرزا قليچ بيگ، شاهه عبداللطيف جي وفات جي تاريخ 14- صفر 1165هه ٻڌائي آهي(11). ان تاريخ تي پوين عالمن انحصار ڪيو آهي ۽ اِها ئي تاريخ دُرست قبول ڪئي ويئي آهي، جنهن تي موجوده دور جا سڀ محقق متفق آهن.

مرزا قليچ بيگ شاهه لطيف جي وفات جو عيسوي سال 1751ع ۽ 1752ع لکيو آهي(12).

مير عبدالحسين خان ”سانگي“، شاهه جي وفات جو عيسوي سنه 1751ع ڄاڻايو آهي(13).

ليلارام وطڻ مل ”خاڪي“، شاهه جي وفات جو سال 1751ع لکيو آهي(14). غلام محمد لاکي جي تحقيق موجب اِهو سال 1751ع ۽ تاريخ 22- ڊسمبر آهي(15). پروفيسر سنتداس جهانگياڻي پنهنجي ٿيسز ۾ وفات جو سال 1751ع ۽ تاريخ 22- ڊسمبر ڄاڻائي آهي، جيڪا لاکي صاحب جي تاريخ سان ملي ٿي(16).

اسين هيٺ چارٽ ڏيون ٿا، جنهن مان شاهه عبداللطيف جي وفات جو صحيح سال (۽ تاريخ پڻ) عيسوي ڪئلينڊر موجب آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿو. آءٌ ائين نٿو چوان ته ڪو لاکو صاحب غلط آهي، يا آنجهاني جهانگياڻي صاحب غلط هو. ٻنهي صاحبن جي تحقيق پنهنجيءَ جاءِ تي قائم آهي. منهنجي تحقيق موجب عيسوي سنه جي تاريخ هيٺين چارٽ مان آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿي. پوءِ اِهو محققن تي ڇڏيل آهي ته هو ڪهڙي تاريخ کي ٿا صحيح قرار ڏين.

 

هجري سال

ڏينهن

تاريخ

مهينو

سال

1- سومر

1

محرم

1164هه

2- اربع

1

صفر

1164هه

3- جمع

1

ربيع الاول

1164هه

4- ڇنڇر

1

ربيع الثاني

1164هه

5- سومر

1

جمادي الاول

1164هه

6- اڱارو

1

جمادي الثاني

1164هه

7- اربع

1

رجب المرجب

1164هه

8- جمع

1

شعبان

1164هه

9- ڇنڇر

1

رمضان

1164هه

10- آچر

1

شوال

1164هه

11- اڱارو

12- خميس

1

1

ذوالقعد

ذوالج

1164هه

1164 هه

1- جمع

1

محرم

1165هه

2- آچر

1

صفر

1165هه

3- اڱارو

1

ربيع الاول

1165هه

4- خميس

1

ربيع الثاني

1165هه

5- جمع

1

جمادي الاول

1165هه

6- آچر

1

جمادي الثاني

1165هه

7- سومر

1

رجب المرجب

1165هه

8- اڱارو

1

شعبان

1165هه

9- خميس

1

رمضان

1165هه

10- جمع

1

شوال

1165هه

11- ڇنڇر

1

ذوالقعد

1165هه

12- سومر

1

ذوالحج

1165هه

1- اڱارو

1

محرم

1166هه

 

عيسوي سال

سومر

30

نومبر

1750ع

اربع

30

ڊسمبر

1750ع

جمع

29

جنوري

1751ع

ڇنڇر

27

فيبروري

1751ع

سومر

29

مارچ

1751ع

اڱارو

27

اپريل

1751ع

اربع

26

مئي

1751ع

جمع

25

جون

1751ع

ڇنڇر

24

جولاءِ

1751ع

آچر

22

آگسٽ

1751ع

اڱارو

21

سيپٽمبر

1751ع

خميس

21

آڪٽوبر

1751ع

جمع

19

نومبر

1751ع

آچر

19

ڊسمبر

1751ع

اڱارو

18

جنوري

1752ع

خميس

17

فيبروري

1752ع

جمع

17

مارچ

1752ع

آچر

16

اپريل

1752ع

سومر

15

مئي

1752ع

اڱارو

13

جون

1752ع

خميس

13

جولاءِ

1752ع

جمع

11

آگسٽ

1752ع

ڇنڇر

9

سيپٽمبر

1752ع

سومر

9

آڪٽوبر

1752ع

اڱارو

7

نومبر

1752ع

 

مٿئين چارٽ جي عيسوي ڪئلينڊر مطابق شاهه صاحب جي وفات جي تاريخ هيٺ ڏجي ٿي:

(14- سفر سنه 1165هه مطابق ڇنڇر، 1- جنوري سنه 1752ع)

مان ائين نٿو چوان ته ڪو لاکي صاحب جو ڏنل سال ۽ تاريخ صحيح ڪونهي، پر اِن چارٽ موجب اُها تاريخ ڪجهه صحيح نٿي لڳي. منهنجي حساب موجب شاهه عبداللطيف جي وفات جو صحيح عيسوي سال ۽ تاريخ، 14- صفر 1165هه جي حوالي ۽ مطابقت سان ”ڇنڇر 1- جنوري سنه 1752ع“ بيهي ٿو.

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ پنهنجي ڪتاب ”يادِ رفتگان“ ۾ ص 3 تي شاهه جي وصال جي تاريخ (2- جنوري، 1752ع) لکي آهي (17)، جيڪا بلڪل ٺهڪندڙ آهي. منهنجي خيال ۾ شاهه صاحب جو انتقال 1 يا 2 جنوري سنه 1752ع ۾ ٿيو آهي. هاڻي اِهو اڳتي جي کوجنا ڪندڙن تي ڇڏيل آهي ته هو وڌيڪ کوجنا ڪن. شاهه عبداللطيف جي عُمر هجري سال مطابق 63 سال ٿئي ٿي، يعني (1165-1102هه)= 63 سال.

عيسوي سال مطابق اگر شاهه صاحب جي ولادت آڪٽوبر يا نومبر يا ڊسمبر 1690ع يعني 1102هه ۾ ٿي آهي ته پوءِ سندس عمر 60 سال ۽ ڪجهه مهينا ٿيندي. عيسوي سال مطابق اگر شاهه صاحب جي ولادت 1691ع ۾ ٿي آهي ۽ وفات جنوري 1752ع ۾ ته پوءِ شاهه صاحب جي عمر تقريباً 60 سال ٿيندي. ان جو سبب اِهو آهي ته عيسوي سال وڏا ٿين ٿا ۽ هجري سال اُن جي ڀيٽ ۾ ننڍا آهن.

لاکي صاحب پنهنجي مضمون ۾ مرزا مغل بيگ ارغون جي وفات جي تاريخ 24- صفر جمع جو ڏينهن سنه 1129هه لکي آهي. اها تاريخ مرزا جي مزار جي ڪتبي تي لکيل آهي. لاکو صاحب اڳتي لکي ٿو ته ”عيسوي ڪئلينڊر موجب هي واقعو 22 مارچ 1712ع تي بيهي ٿو، پر ان صورت ۾ جمعي بجاءِ ڏينهن ڇنڇر جو ملي:“

منهنجي حساب موجب جمع 24- صفر 1124هه، عيسوي ڪئلينڊر موجب جمع جو ڏينهن، 1- اپريل 1712ع ٿيندو. انڪري چئي سگهجي ٿو ته جمع جو ڏينهن صحيح آهي. البته اِهو واقعو 22- مارچ جي بجاءِ پهرين اپريل 1712ع جو آهي. لاکي صاحب جو ڏنل سال بلڪل صحيح آهي، جنهن سان مان متفق آهيان.

اُميد آهي ته سنڌ جا محقق هن مقالي تي توجه ڏيندا ۽ ڪوشش ڪري پنهنجا رايا ڏيندا ته جيئن ان مسئلي کي جلد از جلد مڪمل طرح حل ڪيو وڃي، ۽ شاهه صاحب جي ولادت ۽ وفات جي دُرست سالن جو تعين ڪري سگهجي.

حوالا

1.  غلام محمد لاکو، ”شاهه لطيف جي سوانح ۽ عيسوي ڪئلينڊر“، ”سنڌي ادب“، جلد: 11، نمبر1، سال: 1989ع، ص 151-159.

2.     (الف) مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“: جلد اول، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1958ع.

3.     ايضاً: ص 152

4.     ايضاً: ص 152

5.     ايضاً: ص 152

6.     ايضاً: ص 152

7.     ايضاً: ص 152

8.     ايضاً: ص 152

9.     ايضاً: ص 155

10. ايضاً: ص 155

11.  ايضاً: ص 155

12. ايضاً: ص 155

13. ايضاً: ص 155

14. ايضاً: ص 155

15. ايضاً: ص 156

16. ايضاً: ص 156

17. ايضاً: ص 156

18. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: ”يادِرفتگان“. سنڌي ادبي بورڊ، سال 1999ع.

19. ايضاً: ص 153.

 

مهربان لکندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون

 

1.  پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ”مهراڻ“ جي معيار ۽ روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اِهو ڄاڻائڻ لازمي آهي ته اُهي اڻڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ لاءِ ڪنهن به رسالي يا اخبار کي نه موڪليل آهن.

2.  مواد ۾ پيش ڪيل راين، تجويزن، نتيجن ۽ علمي فڪري زاوين جي سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي هوندي. سندن راين کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي راءِ نه سمجهڻ کپي.

3.  ترجمي جي صورت ۾، جتان مواد ترجمو ڪيو وڃي، اُن جي اصل جي صاف فوٽو ڪاپي ساڻ موڪلڻ بيحد ضروري آهي. ان طرح حوالا پڻ چٽائيءَ سان ڄاڻائڻ لازم آهن، جي آخر ۾ آڻجن.

4.  اهو ضروري ڪونهي ته ڪوبه مواد بروقت شايع ٿي وڃي يا ضرور ڇپجي. اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري سمجهيو ويندو. نه ڇپجڻ جي حالت ۾، سبب ڄاڻائڻ لاءِ ايڊيٽر ٻڌل نه رهندو.

5.  ايڊيٽر کي مواد ۾ درستين ۽ ڦيرڦار ڪرڻ جو اختيار آهي. البت ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته جيئن مواد جو اصل مفهوم قائم رهي.

6.  فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ مواد ڪنهن به صورت قبول ڪونه ڪيو ويندو. ان طرح ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکت پسند ڪانه ڪئي ويندي.

7.  مواد، صاف سُٺن اکرن ۾، مس سان، فل اسڪيپ ڪاغذ تي لکيل هئڻ گهرجي. آخر ۾ پنهنجي ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي، فون نمبر هجي ته اُهو به لکجي.

8.     پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ کپي. ادارو آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻَڌل نه رهندو.

9.  تڙ تڪڙ ۾ رَهڙي موڪليل مواد جي ڪري هڪ طرف غلطين جو امڪان رهي ٿو ته ٻئي طرف درستين لاءِ ڪافي وقت ڏيڻو پوي ٿو. جيتري قدر ٿي سگهي، اطمينان ڪجي ته مواد آخري طرح صاف ۽ واضح، مڪمل ۽ صحيح آهي. ـــ ادارو

 

”ڪهاڻيءَ جي معنيٰ هر ڪنهن پڙهندڙ لاءِ ڌار ڌار آهي. اها معنيٰ مڪمل طرح سان خود ڪهاڻيءَ ۾ به نه هوندي آهي. گهڻو ڪري فِڪشن جو ڪوبه ڪارنامو ٻن پڙهندڙن لاءِ بلڪل ساڳي ڪهاڻي نٿو هجي؛ هرڪو اُن ۾ ڪجهه مختلف ڏسي ٿو. هو منجهس اُهوئي ڏسندو، جيڪو هن خود ۾ ڏسڻ جي اهليت هوندي. پڙهندڙن جي اُنهن مختلف رد عملن ۾ ايترو ته وڏو فرق هوندو آهي، جو ڪهاڻي هڪ شخص لاءِ بي معنيٰ ۽ ٻئي لاءِ تمام بامعنيٰ هوندي آهي.“                       - لي آن سرميلين

 

 

هاڻي ڪير جي مون کان پڇي ته ميان سقراط، تون پنهنجي اُنهيءَ روش تي پشيمان نٿو ٿين، جنهن جي نتيجي ۾ توکي موت جي سزا جو خطرو درپيش ٿي سگهي ٿو؟ ته منهنجو سڌو سنئون جواب هي ٿيندو ته: دوستو! اوهين ڀُليا آهيو. جي اوهين سمجهو ٿا ته هڪ لائق ماڻهو موت ۽ زندگيءَ جي امڪانن جي تور تڪ ۾ پنهنجو وقت خرچ ڪندو هوندو ته  اوهين ڀُليا آهيو. اهڙا (لائق) ماڻهو زندگيءَ جي هر عمل ۽ معاملي ۾ فقط اِهو نقطو ڌيان ۾ رکندا آهن ته هو جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن، سو صحيح آهي يا غلط، نيڪ آهي يا بد. جيڪو ماڻهو هڪ ڀيرو پنهنجي (حق جي) موقف تي قائم ٿي ويندو آهي، سو ذلت جي ڀيٽ ۾ موت ۽ خطرن جي پرواهه نه ڪندو آهي (ذلت جي ڀيٽ ۾ موت ۽ خطرن کي قبول ڪندو آهي). ته صاحبو! اِنهيءَ ڪري ئي مون پنهنجي (قول ۽ فعل جي) هر موڙ تي موت ۽ خطرن کي منهن ڏنو آهي ۽ جڏهن ته آءٌ سمجهان ٿو ته خدا مون کي هڪ حڪيم ۽ فيلسوف جي زندگي گهارڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي- ته آءٌ پنهنجي ۽ ٻين جي تشخيص ۽ تجزيو ڪندو رهان- ته اُنهن مرحلن ۾ به آءٌ موت ۽ خطرن کي منهن ڏيندو ئي رهيو آهيان.               ـــــ سقراط

 

 

ابن الياس سومرو

 

ڳاڙهو وڏڦُڙو

 

جڏهن صديق جي لوڙهي کي اوچتو باهه لڳي ته ڳوٺ جي گهرن ۾ مرد ماڻهو سڀ موجود هئا. وٺ وٺان ٿي ويئي. عبدالله ۽ مُريد کوهه تي پهتا. پيرل، اميد علي، عرس ۽ جُڙيو پاڻي پهچائڻ ۾ لڳي ويا. مبارڪ ڳوٺ جو ڏاڍو جوان هو، ڊوڙي وڃي گهران ٻِيانو کڻي آيو ۽ وجهندي ٻرندڙن ڍنگرن کي ڇڪي پرتي ڪيائين، جيئن باهه پاسي وارن گهرن ۽ لوڙهي تي پهچي نه سگهي. صبح سوير مُجاورن واري هُڙيءَ مان ٻه پُورَ کڻي اچي صديق جي لوڙهي کي ڍڪيائين، جيئن اوگهڙ نه ٿئي. سڄو ڳوٺ ائين ڪم ڪري رهيو هو، ڄڻ هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي هجن. فقط وڏيري جي گهران ڪا پهر ڪانه نڪتي. وڏيرو حاجي قادر بخش پنهنجين چڱاين کان مشهور هو، پر هاڻ جڏهن کان فالج جي حملي ۾ کٽ پاٿاري ورتائين ۽ وائي بند ٿي ويس، تڏهن کان اڇي ڪاري ۽ ڇوڙڻ ٻڌڻ جو اختيار پٽس رئيس دُروءَ کي اچي ويو هو.

صبح جو يارهين وڳي رئيس دُرو نيرڻ ڪرڻ کان پوءِ ڇيت سان ڏندَ کوٽيندو، کاڌي جا ذرڙا ٿُوڪاريندو اوطاق تي پهتو. سڀ واندا سنگتي، جن کي ڳوٺ جو درويش فتح فقير ماءُ پيءُ جا پِٽيل سڏيندو هو، اٿي بيٺا. دُروءَ بچل ڏانهن مُنهن ڪري پڇيو: ”اي، ڪهن جا گهر سڙيا آهن؟“ سڀ هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لڳا، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو! ڀلا هن جي پڪين جاين ۽ ڪوٽن کي نڪي لهس نڪي لوڏو، سو ٻين جو ڪهڙو احساس! هي هميشہ ڳوٺ جي مصيبت تي خوش ٿيندو هو؛ ٻن ڌُرين کي ويڙهائڻ ۾ پنهنجي وڏ ماڻهپي ۽ ڪاميابي سمجهندو هو.

اسڪول جو نوجوان ماستر صاحب يونيورسٽيءَ مان تازو فارغ ٿيل، وڏي جذبي سان آيو هو ته قومي خدمت جي ابتدا ٻهراڙين کان ڪجي. پنهنجي شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي سڌار ڪاميٽيءَ جو صدر پڻ رهي چڪو هو، پر دُروءَ جي ڪرتوتن کان بيزار ٿي بدلي ڪرائي ويو هليو. دُرو پنهنجي مُنهن اسڪول کولرايو. شادين دعوتن ۽ محفلن جا ڀت کارائيندو هو. صبح جو ماستر صاحب ڇوڪرن کان ٻيڙين جا اڌڙَ، هڏا ۽ سُڪل چانور اچي ڪلاس مان ميڙائيندو هو. انهيءَ بابت ماستر کي دروءَ جيڪو جواب ڏنو هو سو به کِل جهڙو هو. چي: ڀتَ به ڇورن جي مائٽن کاڌا آهن، ميڙيندا ته ڇا ٿي پوندو!

مسجد سڳوريءَ جي پيش امام مولوي خدا بخش رڳو هڪ دفعو اها ڳالهه ڪنهن سان ڪئي ته مسجد جي ڀر ۾ ناچو گهرائي ٺٺري مچائڻ ۽ ڌمچر ڪرڻ مناسب نه آهي ته صبح جو سنگت جي اڳيان اُن جي مُنهن جو پاڻي وٺي ڇڏيائين. ”مُلان! تون اسان جون گلائون ڪندو وتين.... مسجد به اسان جي ۽ رکيو به اسان توکي... اهڙو آهين ته ٻڌ ٽپڙَ، ٿي راهي.“ مولوي صاحب نيڪ مرد هو، شام جو ئي جيڪب آباد روانو ٿي ويو.

ٻيلي واري ڳوٺ مان ٻانهن کڻي آيو ته هِتان جا ماڻهو راڄ مان ڀتين پوتين نڪري ويا. مرڳو دشمني ۾ هنن مقام ۾ مڙهه پوڙڻ ڇڏي ڏنا ۽ اوريان سخيءَ واري قبرستان ۾ جنازا پورڻ لڳا. انهن پرڪارن کان ڳوٺ راڄ وارا سڀ دُروءَ کان دل ئي دل ۾ نفرت ڪندا هئا. هن جي هاڻ صديق جي نياڻي ڀانان تي اک هئي. ڀڻڪو اِهو به ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته صديق جي لوڙهي کي چُوچڙي به دُروءَ جي اشاري تي لڳائي ويئي هئي، جيئن صديق هيسيل رهي. صديق ڳوٺ جو عزت وارو ماڻهو هو. هيءَ حالت ڏسي ڪئين گهمرا ڳوٺ ڇڏڻ جو ارادو ڪيائين، پر صديق ٻن باهين جي وچ ۾ هو: هڪ ته پنهنجا اباڻا ٻٽي جريب زمين کي دُرو ڦٻائڻ ۾ دير نه ڪندو. اڳيئي پنهنجن اڀرن مائٽن ۽ يتيمن جا کاتا بدلائي پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيا هئائين. ٻئي طرف ڀانان جو خيال. بس ايترو چوندو هو ته، ”ابا، خدا پڄندس.“

سانوڻ بيٺو ته غريبن پنهنجا جهوپڙا سنڀايا، مَنَه ۽ ڇپرا، وٿاڻ ۽ واڙا پختا ڪيا. متان وڏڦڙو واهي وڃي. هڪ رات آسمان تي ڪڪرن جي ڪاري چادر چڙهيل هئي. خاموشي ايڏي جو نمن جا وڻ به هڪ راڪاس وانگر پئي لڳا. اوچتو آڌي رات جو ڳوٺ مٿان گولين جا زرڙاٽ ٿي ويا. غريب پنهنجن ٻارن ٻچن سميت گهرن جي پاسي ڪنڊن ۾ وڃي پناهه ورتي. ڪوبه سمجهي نه سگهيو ته هي گولين جا وسڪارا  ڪٿان پيا ٿين. البت ڪجهه آواز ۽ دٻيل دٻيل چيخن مان سمجهي ويا ته وڏيري جي گهر تي هٿياربندن چڙهائي ڪئي آهي. ڪجهه دير کان پوءِ موت جهڙي چپ چاپ ٿي ويئي ته ڪوبه ٻاهر نڪرڻ جي همت نه پيو ساري سگهي. ٻه ٽي نوجوان گڏجي وڏيري جي گهر اندر گهڙي ويا ته وڏيرو ۽ وڏيري جي گهرواري ۽ ننڍي رئيس دُروءَ جا لاش رت ۾ ٻڏا پيا هئا. هٿياربند سهي سنبري آيا هئا. ٻي هر ڪا شيءِ پنهنجي جاءِ تي موجود هئي، فقط دُروءَ جي کنيل ٻانهن ۽ سندس نوجوان ڀيڻ موجود نه هيون.... همراهه پلاند ڪري ويا هئا.

 

ايوب عمراڻي

 

واپسي

 

ٽيهه سال جيل جي دوزخ ۾ سڙڻ سچ پچ ته تمام وڏو عذاب آهي، پر هن اهو عذاب سهي ورتو. گهڻا قيدي ايڏي وڏي سزا ڪٽيندي چريا ٿي ويندا آهن، يا ڪنهن خطرناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي سزا ڪٽڻ کان اڳ ۾ ئي مري ويندا آهن، پر هُو عجيب ماڻهو هو- ٽيهن سالن جو اجگر جيڏو وقت پل پل ڪري گذاري ڇڏيائين! سندس راهه ۾ نه جيل انتظاميه جي قهري ڪارندن جو ظلم رڪاوٽ بنيو ۽ نه ئي وري جيل جي گندي ڌُپاري ۽ گهٽيا ماني. فرق رڳو ايترو ٿيو جو هو جڏهن جيل ۾ واڙيو ويو هو، تڏهن ٽيهن سالن جو اڙٻنگ جوان هو. سندس هڪ به وار اڇو نه هو. اکين ۾ ڏَيا هئس ۽ ڳٽا تازي رت سان ٽماٽي جيان چمڪي رهيا هئس، پر اڄ جڏهن هو جيل مان آزاد پئي ٿيو تڏهن ڪوبه وار ڪارو نه رهيو هو. ڏيادار اکيون اجهامي ويون هيس. ڳٽن مان جوانيءَ جو رس چوسجي کڏون پئجي ويون هيس ۽ هڙٻاٽون ظاهر ٿي پيون هيس. جيتوڻيڪ چهري جي ضعيفي لڪائڻ لاءِ هن ڊگهي ڏاڙهي ڇڏي هئي، پر اُهائي ڊگهي ڏاڙهي سندس پوڙهپڻ جي ثابتي ڏيئي رهي هئي.

جڏهن جيل مان آزاد ٿيڻ جو حڪم مليس ته جيل ۾ ڪمايل رقم ضرورتمند قيدين ۾ ورهائي، پاڻ سان رڳو ڀاڙي جا پئسا کنيائين. جيل کان ٻاهر نڪتو ته کيس زمانو ڪافي بدليل نظر آيو. شهر، رستا، ماڻهو ۽ ماحول سڀ بدليل هئا. هو ڳوٺ واري بس ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي سڃاڻي نه سگهيو نه ئي وري ڪنهن کيس سڃاتو. سڀڪو پنهنجي هڻ هڻان ۾ هو. هن ڏانهن ڪنهن به توجهه نه ڏنو. جنهن سيٽ تي هو ويٺل هو، اُتي هڪ پنجويهه کن سالن جو نوجوان ويٺو هو. جواني سندس انگ انگ مان ڦُٽي رهي هئي. هن سوچيو ته هو جڏهن جيل ويو هو، تڏهن ان نوجوان جو هن دنيا ۾ ڪوبه وجود نه هوندو، پر وقت ڪيڏو تيزيءَ سان گذري ويو آهي، جو سندس جيل وڃڻ کان پوءِ ڄاول ٻار هڪ مرد جي روپ ۾ سندس ڀر ۾ بيٺو آهي! جيڪڏهن کيس به جيل وڃڻ کان اڳ پٽ ڄاول هجي ها ته اڄ اُهو ان نوجوان کان به وڏو هجي ها ۽ جيڪڏهن سندس پٽ شادي ڪري ها ته هو اڄ ٻن ٽن ٻارن جو ڏاڏو هجي ها. پر قسمت کي ڇا چئجي، جو شاديءَ کان صرف هڪ مهينو پوءِ هو جيل جي ديوارن پويان هليو ويو ۽ الهڙ جوان فاطمه کي ڄڻ جيئري ئي ڏهاڳ ڏيئي ويو. هن ٿڌو ساهه کڻي ڳوٺ جي رستي ڏانهن ڏٺو. رستي تان وڻ ۽ زمين تان فصل غائب هئا. فصل جي جاءِ تي ڪلر ۾ ورتل اگهاڙي ڌرتي چند لَيُنِ ۽ لاڻين ۾ ڄڻ ته پنهنجي اوگهڙ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هن کان ڇرڪ نڪري ويو. سندس ذهن ۾ خدشو جاڳيو ته زمين سان گڏ ڪٿي ماڻهن جا دماغ ۽ دليون به ڪلراٺيون نه ٿي ويون هجن!.....

هو اُن ئي سوچ ۾ ٻڏل هو ته اوچتو ڀر ۾ ويٺل نوجوان جي آواز تي ڇرڪي ڄڻ ته جاڳي پيو. ”چاچا، توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“ نوجوان جي سڏ تي هو حيران ۽ ککو وکو رهجي ويو. کيس اِها توقع به نه هئي ته جڏهن ٽيهن سالن جي سزا ڪاٽي ڳوٺ واپس ورندو، تڏهن کانئس اهو سوال ڪيو ويندو ته: ”توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“ پر پوءِ کيس خيال آيو ته ان ۾ ڀلا هن نوجوان جو ڪهڙو ڏوهه؟ وقت جي وڇوٽي هر ماڻهوءَ کان سندس سڃاڻپ کسي ٿي وٺي. هن ٿڌو ساهه کڻي نوجوان کي ٻڌايو: ”پٽ! مان آخري اسٽاپ واري ڳوٺ لهندس.“

”يعني توهان شاهه آباد پيا وڃو!“

”ها،“ هن مختصر جواب ڏنو.

”شاهه آباد ڪنهن سان ملڻ ٿا وڃو؟“

”خبر ناهي ته ڪنهن سان ملڻ وڃي رهيو آهيان؟... ڪير مون سان ملندو به يا نه!“

نوجوان حيران ٿيندي کيس ڏسندو رهجي ويو.

”پٽ! تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ هن نوجوان کان سوال ڪيو.

”چاچا! مان به شاهه آباد پيو وڃان، منهنجو اُتي گهر آهي!“

نوجوان جو جملو کيس تير جيان کپي ويو. کيس محسوس ٿيو ڄڻ نوجوان کيس چيڙائيندي چوندو هجي ته شاهه آباد ۾ منهنجو ته گهر آهي، پر تنهنجو ڪوبه گهر ناهي، تون بي گهر آهين!

هو ڏکارو ٿي چپ ٿي ويو. سوچيائين ته ڳوٺ ۾ ڪنهن وٽ به نه ويندس. ڪنهن تي به بار نه پوندس، فاطمه ڏانهن به نه. ڳوٺ جي سمورن ماڻهن جيان فاطمه به ته مون کي وساري ڇڏيو آهي. ٻئي پل کيس خيال آيو ته فاطمه کيس ڪيئن ٿي وساري سگهي، ٽيهن سالن تائين انتظار ڪرڻ جو وعدو ڪيئن ٿي وساري سگهي! پر پوءِ سندس اندر واري آواز ڏنس ته ٿي سگهي ٿو ته فاطمه کيس ڏسڻ سان سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏي. وقت جي وڇوٽي ڏاڍي گهري آهي. بهتر آهي ته هُو فاطمه کي ڪنهن امتحان ۾ نه وجهي. ”... ها مان فاطمه ڏي نه ويندس. ٻه ڏينهن درگاهه تي گذاري، ڳوٺ ۾ گذريل ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جي ڏينهن جي ياد تازي ڪري، ڪنهن ڏورانهين هنڌ هليو ويندس ۽ وقت جي هٿان ٿيل سموري ايذاءُ کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندس...“

هو ڳوٺ بابت سوچيندو رهيو ۽ ڳوٺ ڏانهن ڊوڙندڙ بس ڳوٺ کي وڌيڪ ويجهي ٿيندي ويئي. بس پڪو رستو ڇڏي، ڪچي لنڪ روڊ تي هلڻ لڳي ته کيس عجيب احساس وڪوڙي ويا. هو شاهه آباد ۾ پهچي رهيو هو. اها شاهه آباد، جتان جون گهٽيون، گهر ۽ ٻنيون سندس جيءَ سان جڙيل هئا. جن جو وجود سندس روح ۾ رليل هو. جنهن کان ٽيهه سال پري رهڻ جو عذاب ڪٽيندي هو زندگيءَ جي شام کي ويجهو پهچي چڪو هو ۽ اڄ اهو ڳوٺ ٽيهن سالن جي ڪٺن اوسيئڙي کان پوءِ سندس آڏو هو....

”چاچا! توهان ڪڏهن اڳ شاهه آباد آيا آهيو؟“

نوجوان جي سوال تي سندس خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. چيائينس:

”ها پٽ، اڄ کان ٽيهه سال اڳ شاهه آباد آيو هوس، ان وقت تون اڃا ڄائو به نه هوندين!“

”سائين ناگي شاهه جي زيارت تي آيا هوندا،“ نوجوان يڪدم پڇيو.

”زيارت تي؟“ هن حيرانگيءَ سان چيو، پر وري چيائين: ”ها ها، سائين ناگي شاهه جي زيارت تي!“

”چاچا، خبر اٿئي اڄ سائين ناگي شاهه جي ميلي جي پهرين ڌمال آهي!“

”هان! پوءِ ته ڏاڍي سٺي زيارت ٿيندي!“

”چاچا، توهان ڪهڙي باس باسڻ آيا آهيو؟“

”مان...؟“ ڪجهه سوچيندي چيائين: ”... مان پنهنجن کان وڇڙي ويو آهيان... ٽيهه سال اڳ هڪ طوفان آيو هو، ان ۾ مان پنهنجن کان وڇڙي ويس... مان ٽيهن سالن کان کين ڳولي رهيو آهيان. اڄ درگاهه تي ’وڇڙيا ملڻ‘ جي باس باسيندس!“

نوجوان سندس ڳالهه ٻڌي گنڀير ٿي ويو. چيائين: ”توهان جي ڪهاڻي ته ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي، پر همت نه هاريو، ناگو شاهه توهان کي پنهنجن سان ضرور ملائيندو!“

نوجوان جي دلداريءَ تي سندس اندر ۾ اوندهه لهي ويئي، پر سندس دل رکڻ لاءِ چيائين: ”آءٌ به ائين ئي ٿو سمجهان!“

نوجوان کيس پنهنجائپ مان چيو: ”چاچا! تون پرديسي آهين. ڳوٺ ۾ منهنجي غريباڻي اوطاق آهي، مانيءَ ٽڪر به حال سارو حاضر ڪندس. مناسب سمجهين ته مون وٽ هلي ترس!“

هن نوجوان ڏانهن شڪر گذاريءَ سان ڏٺو. چيائين: ”پٽ! تنهنجي مهرباني، مان رات درگاهه تي جاڳي گذاريندس. پيٽ ڀرڻ لاءِ درگاهه جو نياز ننگر هوندو. تو تي بار نٿو پوان، درگاهه تان ورندي ملي ته رات جو ئي هليو ويندس.“

نوجوان هن ڏانهن عجب ڀرين نظرن سان ڏٺو. عين ان وقت بس بيهي رهي. هن بس مان ٻاهر ڏٺو ته بس سندس ئي ڳوٺ جي ٻاهران بيٺل هئي. اُهي ئي ڪچيون جايون ۽ لوڙهن وارا گهر. اُهي ئي وڻ، اُهائي زمين- رڳو ماڻهو اوپرا ۽ بدليل نظر اچي رهيا هئا. پنهنجي ڳوٺ کي ٽيهن سالن کان پوءِ ڏسي سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي. هن سوچيو ته بس مان لهي ڳوٺ جي مقدس ڌرتيءَ کي ڀاڪر پائي چنبڙي پوي، بلڪل ائين جيئن ڪو ماءُ کان وڇڙي ويل معصوم ٻالڪ گهڻي وقت کان پوءِ پنهنجي امڙ سان ملڻ کان پوءِ ان کي چنبڙي پوندو آهي. گهڻي وقت کان پوءِ ڳوٺ جي سرزمين ڏسي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هو بس ۾ ويٺو رهيو. سڄي بس خالي ٿي چڪي هئي. ڪنڊيڪٽر کيس بس ۾ ويٺل ڏسي چيو: ”چاچا! اسان جو هي آخري اسٽاپ آهي، هاڻي اسان وري واپس شهر وينداسين!“ هو بس مان لٿو ۽ آهستي آهستي درگاهه ڏانهن هلڻ لڳو. گهٽي ته اوپري نه هئي، پر ماڻهو سڀ اوپرا هئا. درگاهه جي اڳيان وارو ميدان سينگاريل دڪانن ۽ هوٽلن سان خوبصورت منظر پيش ڪري رهيو هو. ماڻهن جي چهرن تي عجيب خوشيءَ جا تاثر هئا، پر سندس حالت ميلي ۾ وڃائجي ويل ٻار جهڙي هئي، جنهن لاءِ ميلي جون خوشيون زهر بنجي وينديون آهن!

اوچتو هو هڪ دڪان جي اڳيان رڪجي ويو. دڪان جي دَخل تي ويٺل سندس ئي عمر جو هڪ پوڙهو، شهپرن کي خضاب هنيو پنهنجي پوڙهپڻ لڪايو ويٺو هو. جيتوڻيڪ سندس عمر چهري کي ڪافي بگاڙي ڇڏيو هو، پر سندس ڏيادار اکيون ۽ چوپو نڪ اهو ئي ساڳيو ٽيهه سال اڳ وارو هو. هن جي چپن ۾ خوشيءَ جي رڙ ڦٿڪڻ لڳي، پر هو صرف دل ئي دل ۾ چئي سگهيو: ”اڙي، هي ته قبول آهي، منهنجو ننڍپڻ جو دوست! هُو هڪ ٽِڪ ٻڌي قبول کي ڏسندو رهيو. اوچتو قبول جي هن تي نظر پئجي ويئي. سندس دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. کيس پڪ ٿي ويئي ته قبول اجهو ٿو کيس سڃاڻي سڏ ڪري، پر قبول جون ڪاروباري اکيون کيس سڃاڻي نه سگهيون. قبول کيس ڏسندي رڳو ايترو چيو: ”هلي آ منهنجا سائين! تازي مٺائي تي!“

قبول جا لفظ سندس اندر ۾ ڇُريءَ جيان لهي ويا. سندس آواز روئڻهارڪو ٿي ويو. هن روئڻهارڪي آواز ۾ قبول کي چيو: ”ادا! مان پرديسي فقير آهيان! سري سگهئي ته الله جي نالي تي ڪجهه ڏي!“

قبول پهرين ته کيس حيرت مان ڏٺو، پوءِ پني تي مٺائيءَ جو ٽڪر رکي کيس ڏنائين. هن ڏڪندڙ هٿن سان مٺائي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته مٺائي سندس هٿن مان کسڪي، پٽ تي ڪِري پيئي. هن پهرين مٺائي ڏٺي، پوءِ قبول ڏانهن ڏٺو. قبول کيس ڪاوڙ مان چيو: ”تون بدنصيب آهين!“

هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. قبول جا لفظ سندس ذهن تي ’اوور ليپ‘ ٿيندا رهيا. اڄ سندس جگري دوست قبول ٽيهن سالن جي اوسيئڙي کان پوءِ کيس مليو هو، پر افسوس جو هڪ اجنبي جي روپ ۾! جيڪڏهن هو قبول کي ٻڌائي ها ته هو ڪو فقير نه، پر سندس جگري دوست احمد آهي ته قبول جا تاثرات ڇا هجن ها، هو ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو. سچ پچ ته هن ميلي جي پيهه ۾ پاڻ کي وڃائجي ويل ٻالڪ محسوس ڪيو. هو اتان سڌو درگاهه تي ويو. بزرگ جي قبر تي قل پڙهي درگاهه جي آڳر تي آيو. اوچتو سندس نظر فقيرن جي ڊگهي قطار تي پيئي. پوءِ سندس قدم خودبخود ان پاسي وڌڻ لڳا. فقيرن جي قطار ۾ هو به ڪنڌ جهڪائي ويهي رهيو. ماڻهو سندس آڏو سِڪا ۽ مٺايون رکندا ويا. جڏهن گهڻي بک لڳس ته هن آهستي آهستي آڏو رکيل مٺائيءَ مان بک جي باهه اُجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

اوچتو ناد وڳي ته درگاهه ۾ سانت ٿي ويئي. جيڪو جتي سو تتي چپ ٿي ويو. درگاهه تي هڪ قلندري ٽوپي پاتل مجاور اعلان ڪيو ته درگاهه جو گادي نشين سائين ڇٽل شاهه ولد جانڻ شاهه، درگاهه تي چادر چاڙهڻ لاءِ اچي رهيو آهي. جانڻ شاهه جو نالو ٻڌي هن پنهنجي اندر ۾ نفرت ۽ ڪروڌ جا ڇُرا کپندا محسوس ڪيا. ”جانڻ شاهه!...“ هن نفرت وچان ڀڻڪيو: ”افسوس جو تون مري وئين جانڻ شاهه! ۽ منهنجو پلاند اڌورو رهجي ويو. جيڪڏهن تون اڄ زنده هجين ها ته منهنجي هيڻي جسم ۾ هن وقت به ايتري طاقت آهي، جو توکي هٿن سان گهٽو ڏيئي ماري وجهان ها....“

عين ان وقت سائي جُبي ۽ ڪاري چاپنئي ڏاڙهي سان هڪ نوجوان نمودار ٿيو. سندس پويان چار شخص زريءَ سان ڀرت ڀريل پَڙ چئني ڪنڊن کان جهلي کنيو پئي آيا. هو جلدئي اندران ٿي ٻاهر موٽي آيا. درگاهه جو نوجوان گادي نشين سِڪن جي ڀريل ڳوٿريءَ مان هر فقير آڏو ڪجهه رکندو ويو. هو جڏهن سندس ڀر ۾ آيو، تڏهن سندس جسم ۾ انتقام جي بجلي ڊوڙڻ لڳي. سوچيائين: ”جانڻ شاهه مري ويو آهي ته ڇا ٿي پيو، پلاند ته پٽس کان به ٿي سگهي ٿو. اٿ احمد اٿ! دشمن جي پٽ کي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي گهوگهو ڏئي ماري وجهينس. ڪرينس جهنم داخل. ڀلا پلاند به ڪي پراڻا ٿيندا آهن ڇا؟ نانگ جو ٻچو ته نانگ ئي هوندو آهي، ان کي وڌڻ ويجهڻ کان اڳ ٻوٿ چپي وجهجيس نه ته هي به ڪيئي گهر اجاڙي سگهي ٿو.“ سندس اندر ۾ انتقام ۽ نفرت جو جوالا ڀڙڪڻ لڳو. عين ان وقت ڇٽل شاهه مٿان اچي بيٺس. هن نفرت ڀريل نظرن سان ڇٽل شاهه ڏانهن ڏٺو. ڇٽل شاهه جي مٺ ۾ سِڪا هئا، جي سندس جهوليءَ ۾ وجهڻ وارو هو ته هن اشاري سان منع ڪندي چيس: ”مان پينو ناهيان، ڇٽل شاهه! تنهنجي هٿ مان خيرات وٺي ٽيهن سالن کان پاليل ڪروڌ کي ٿڌو نه ڪندس!“ ڇٽل شاهه کي ڄڻ ته اچانڪ بجليءَ جو ڪرنٽ لڳو. سندس هٿ اتي جو اتي رڪجي ويو. عجيب سانت ڇائنجي وئي پر؛ هڪ خليفي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو: ”اڙي او بي ادب، نامراد! ڇو ٿو پنهنجا ٻئي جهان وڃائين؟ سيد جي ٻچڙي سان اهڙي بدتميزي ڪبي آهي! اٿي، هينئر جو هينئر معافي وٺ، نه ته دُڦ ٿي ويندين!“

هن خليفي ڏانهن ڏسي زوردار ٽهڪ ڏيندي چيو: ”مان دُڦُ ٿيندس؟“ ڇٽل شاهه کي محسوس ٿيو ته هي شخص جيڪو هيتري وڏي جرئت سان ڳالهائي رهيو آهي، اهو ضرور ڪو پهتل شخص هوندو. متان ٿوريءَ ڊيگهه تي کيس ڪو چئلينج ڏئي نيچو نه ڏيکاري وجهي، تنهنڪري ڳالهه کي ٺاريندي خليفي کي چيائين: ”خليفا خانڻ! جڏهن ٻه الله وارا پاڻ ۾ حجت ڪن ته توهان دنيا وارن کي وچ ۾ نه پوڻ گهرجي.“ ائين چئي ڇٽل شاهه تيزيءَ سان اڳتي وڌي ويو. کيس ڇٽل شاهه جي چالاڪيءَ تي کِل اچي وئي. پنهنجي منهن ڀڻڪندي چيائين: ”ڀڄي ويو ڀاڙيو! مان سندس ٺڳيءَ جي ٺاهه کي ڊاهي ڇڏيندس!“

سندس اندر ۾ نفرت ڀرجي آئي، ايتري نفرت جنهن ۾ جانڻ شاهه جو سڄو خاندان سڙي ڀسم ٿي وڃي!

هن ڪاوڙ مان اکيون پوري ڇڏيون ۽ ٽيهه سال اڳ جانڻ شاهه جو رچايل ناٽڪ هن جي ذهن جي اسڪرين تي ڦرڻ لڳو، جنهن ذري گهٽ کيس موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو. زندهه هوندي به زندگي رسي وئي هيس. ٽيهه سال اڳ جڏهن هو نوجوان هو ۽ سندس ڀنڀي ڪاري ڏاڙهي مردانه شجاعت جو هڪ نمونو هئي، تڏهن هو ڳوٺ جو هڪ ارڏو ڪردار هو. سواءِ قبول جي، ڳوٺ جي ڪنهن مرد تي اک ئي ڪانه ٻڏندي هيس. سندس دل فقط فاطمه جيتي هئي، جڏهن ته ڳوٺ جور ڪئين ناريون سندس ڏيا ۽ مردانگيءَ تي مستان هيون. پر اِها به سندس ارڏائي ۽ مردانگي هئي جو هن ڳوٺ جي ڪنهن به عورت ڏانهن اک کڻي به نه ڏٺو. ايتري قدر جو ڳوٺ جي وڏيري ۽ درگاهه جي گادي نشين جانڻ شاهه جي نوجوان ڀيڻ سڪينه به هن تي فدا هئي پر هن ڳوٺ جي ٻين نارين جيان سڪينه بيبيءَ کي به ٺڪرائي ڇڏيو هو. سڪينه بيبي عمر ۾ کانئس ٻه يا ٽي سال وڏي هئي ۽ کيس حق بخشرايو ويو هو. هن سڪينه بيبيءَ جي پيغام تي حيرت جو اظهار ڪندي پيغام آڻيندڙ کي جواب ڏنو هو: ”مان ته پنهنجي سؤٽ فاطمه کي دل ڏيئي ويٺو آهيان، جنهن سان ننڍي هوندي کان مڱيل آهيان. فاطمه سان غداري ڪري مان ڪنهن ٻي عورت بابت سوچي به نٿو سگهان!“ ان جواب ملڻ کان پوءِ به سڪينه هن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪئين حيلا هلايا، پر هو ان جو ٿي نه سگهيو ۽ فاطمه جو ئي رهيو. دنيا ۾ رڳو عورت ئي هڪ دفعو محبت نه ڪندي آهي پر ڪئين مرد به اهڙا هوندا آهن، جيڪي هڪ دفعو محبت ڪندا آهن ۽ ان محبت کي پاڻ ارپي ڇڏيندا آهن. هو انهن ئي مردن مان هڪ هو. نيٺ فاطمه سان سندس شادي ٿي وئي، پر سڪينه پوءِ به اميد نه لاٿي. سڪينه جا هن ڏانهن بار بار پهچندڙ پيغام کستوريءَ جي خوشبوءِ جيان اُڏامي عام ماڻهن جي ڪنن تائين وڃي پهتا. ماڻهن جي ڪنن جون ڳالهيون ۽ سرگوشيون هڪ ڏينهن جانڻ شاهه تائين به پهتيون. جانڻ شاهه ته اڳ ئي هن جي مردانگي ۽ ارڏائي تي پيو پڄرندو هو ڇو ته هن ڳوٺ جي ٻين ماڻهن جيان ڪڏهن سلام به نه ڪيو هو، ان ڪري هُو جانڻ شاهه جي اک جو ڪنڊو بنيل هو. ويتر جو ڀيڻس جي عشق جي کڙڪ پيس ته سندس وجود ۾ انتقام جون لُنڊيون ڊوڙڻ لڳيون ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اُهو ئي ٿيو، جيڪو جانڻ شاهه چاهيو ٿي. هو فاطمه جي گرم جوان جسم جي سهاري گهريءَ ننڊ ۾ ستل هو. صبح جو فاطمه جي اک کلي ته هوءَ کيس ستل ئي ڇڏي جنڊ پيهڻ لاءِ هلي وئي. جڏهن موٽي ته سندس نظر احمد جي ڪهاڙيءَ تي پيئي. ڪهاڙي احمد جي سيرانديءَ کان پيئي هئي ۽ ڪهاڙي مان تازو ڳاڙهو رت ٽمي رهيو هو. ڪهاڙي ڏسندي فاطمه کان رڙ نڪري ويئي ۽ ڊوڙي اچي کيس ننڊ مان اُٿاريائين. هو حيرانيءَ مان ڪهڙيءَ کي ڏسندو رهيو ته آخر ڪهاڙيءَ تي اهو رت ڪنهن جو هو ۽ ڪنهن سندس ڪهاڙيءَ سان اهو رت وهائي سندس سيرانديءَ کان رکي ڇڏي هئي!- هو اڃان ان حيرانيءَ ۾ بيٺو هو ته اچانڪ در تي سڏ ٿيو. هو در تي پهتو ته اُتي ماڻهن جو انبوهه بيٺو هو. هن حيرانيءَ مان ماڻهن کي پنهنجي در تي بيٺل ڏسي چيو: ”ابا خير ته آهي؟ ايترو ميڙ ڪري ڇو بيٺا آهيو؟“ پوڙهي خداڏني ڪاوڙ مان ڏڪندي چيو: ”خير ئي ته ڪونهي احمد!، منهنجي جواڻ جماڻ پٽ جو خون ڪري هاڻي خير ٿو پڇين. آءٌ توکي جيئرو نه ڇڏيندس!“ ائين چوندي پوڙهي خدا ڏني اچي سندس گلي ۾ هٿ وڌا. هن هڪ جهٽڪي سان پوڙهي خداڏني کي پاڻ کان پري ڪيو ته سندس نظر عثمان جي سسي ڪٽيل لاش تي وڃي پيئي. لاش ڏسي هو هڪ ٻڪو رهجي ويو. سندس جسم مان سمورو رت ست ڄڻ ته اڏامي ويو. هن پوڙهي خداڏني کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: ”چاچا! مون تنهنجي پٽ کي نه ماريو آهي. منهنجي ساڻس ڪابه دشمني نه هئي، آءٌ بي ڏوهي آهيان!“ ڪريم بخش رڙ ڪندي چيو: ”لاش تنهنجي چانئٺ تي پيو آهي، خون تنهنجو ئي ڪيل آهي!“

هن بدحواسيءَ مان چيو: ”۽ تنهنجي چانئٺ تان ملي ها ته؟“

ڪريم بخش سگريٽ جو ڪش هڻي دونهون اوڳاڇيندي چيو: ”ويچارو عشق جو ماريل عثمان منهنجي چانئٺ تي ڇو ايندو؟“

ڇا مطلب؟“ هن ڪاوڙ مان چيو.

ڪريم بخش پنهنجي عيارانه اکين کي اڌ کان مٿي پوريندي وار ڪيو:

”احمد! تو عثمان کي ڪارو ڪري ماريو آهي. اسين سڀ سمجهون ٿا. ڪي ٻار ته ناهيون!“

ڪريم بخش جو هڪ هڪ لفظ سندس اندر ۾ آڳ لڳائيندو ويو. هن سان اهڙي طرح ڳالهائڻ جي جرئت ان کان اڳ ڪنهن به نه ڪئي هئي ۽ نه ئي هو اهڙي ٻولي ٻڌڻ جو هيراڪ هو، سو هو ڪريم بخش جي گار ڪيئن ٿي سهي سگهيو. هن گار ڏيندي ڪريم بخش تي اُلر ڪئي: ”تنهنجي ته.....!“ اڙي توکي اِها جرئت ڪيئن ٿي جو تون مون تي اهو بهتان ٿو هڻين!“ ائين چئي ڪريم بخش کي ڌڪ هڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو، پر ماڻهن کيس قابو ڪري ورتو. ايتري ۾ جانڻ شاهه به اچي پهتو. جانڻ شاهه وڏي ڪمال مهارت سان لاش تي ڳوڙها ڳاڙيا. پوءِ پوڙهي خداڏني کي دلداري ڏيندي چيو: ”مان تنهنجي پٽ جو خون لڙهڻ نه ڏيندس!“

جانڻ شاهه جڏهن هن ڏانهن ڏٺو تڏهن سندس منهن تي مرڪ هئي. مرڪندي چيائين: ”غيرت ڏاڍي خراب شي آهي. ڀلا ويچاري هڪ عثمان جو ڏوهه ته نه هو، فاطمه به ته برابر ڏوهاري هئي. پوءِ اِها ڇو بچي وئي؟“

جانڻ شاهه جو مهڻو سندس اندر ۾ خنجر جيان لهي ويو. هن جانڻ شاهه کي للڪاريندي چيو: ”زبان بند رک، شاهه جا ڦر! تون مون تي بهتان هڻي منهنجي غيرت کي للڪاري رهيو آهين!“

جانڻ شاهه طنزيه ٽهڪ ڏيندي چيو: ”مري وياسين! هڪڙو ويچارو عثمان غيرت کي للڪاري موت جي منهن ۾ هليو ويو آهي، وري هاڻي اسان جو ٿو وارو اچي...!“

”بڪواس بند ڪر ڪميڻا!“ هن جذبات ۾ ايندي جانڻ شاهه کي جوتو هڻي ڪڍيو....

دراصل جانڻ شاهه کي ڳالهه به اِها ئي کپندي هئي ته هو تيش ۾ اچي کيس گاريون ڏئي، جيئن ڳوٺاڻن مان کيس ڪنهن وٽان به همدردي نه ملي. جانڻ شاهه پنهنجي چال ۾ پوريءَ طرح ڪامياب وڃي چڪو هو ۽ هو جانڻ شاهه جي وڇايل ڄار ۾ بريءَ طرح ڦاسي چڪو هو. پوليس کيس عثمان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو. سندس گهران رت ۾ ٻڌل ڪهاڙي به هٿ ڪئي وئي، جنهن جي ڳن تي سندس آڱرين جا نشان به ملي ويا. هر ڳالهه سندس خلاف وڃي رهي هئي. سڄو ڳوٺ سندس خلاف هو. هُو قابل نفرت بنجي ويو.  ماڻهن فاطمه ڏانهن آڱريون کڻڻ شروع ڪيون. فاطمه ٻٽي مصيبت ۾ ڦاسي چڪي هئي. هڪ پاسي ماڻهن جا طعنا ۽ ٻئي پاسي مڙس جيل ۾، پر فاطمه همت نه هاري. پنهنجا زيور ۽ ٻنيءَ جو ٽڪر وڪڻي وڪيل ڪيائين ۽ هر مهيني قبول سان گڏجي ساڻس ملاقات لاءِ ايندي هئي ۽ کيس همت ڏياريندي هئي. فاطمه جي همت ڏسي کيس وڏي آٿت ملندي هئي. هو جيل ۾ فاطمه جهڙي وفادار زال ۽ قبول جهڙي دل گهريي دوست جي سهاري ئي جيئندو هو. قبول جڏهن به ساڻس ملاقات ڪرڻ ايندو هو ته چرچا ڀوڳ ڪري کيس کلائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڳوٺاڻن جانڻ شاهه جي چرچ تي قبول کي مورڳو راڄ مان ئي ڪڍي ڇڏيو، پر قبول پنهنجي وفاداري خوب نڀائي. جيل ۾ کيس جنهن به شيءِ جي ضرورت پوندي هئي، قبول اُها موڪلي ڏيندو هو. ٽي سال مسلسل ڪيس هليو. آخر ڪورٽ سڳوريءَ کيس خون جي ڏوهه ۾ ٽيهه سال سزا ڏئي ڇڏي. هر ثبوت سندس خلاف ويو. هن وٽ ڪوبه ثبوت نه رهيو جو هو پاڻ کي بي ڏوهي ٻڌائي سگهي. ڪورٽ مان سزا ٻڌي نڪرڻ وقت قبول کيس آٿت ڏيندي چيو هو: ”احمد! اسين هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪنداسين، دل نه لاهه، تون بي ڏوهي آهين!“ فاطمه پنهنجن لڙڪن تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هو: ”احمد! آءٌ تنهنجي آزاديءَ لاءِ روزانو دعا گهرندي آهيان. هڪ ڏينهن منهنجي دعا اگهامي ويندي ۽ تون آزادي ماڻيندين.“ هن ٻنهي کي ڪوبه جواب نه ڏنو. کيس خبر هئي ته سندس زندگي بنا ويڻي جي ٻيڙيءَ جيان آهي جيڪا بي رحم لهرن ۽ هوا جي سهاري اهڙي طرف وڃي رهي آهي، جتي ڪوبه ڪنارو ناهي، ڪابه منزل ناهي. پوليس جي گاڏيءَ ۾ چڙهڻ وقت هن آخري ملاقات سمجهي قبول ۽ فاطمه کان موڪلايو. موڪلائڻ ڇا هو، بس هڪ نيڻن جي نهار هئي، جن ۾ ڪجهه سنيها ٽاڪيل هئا. هو فاطمه کي ڏسندو وڃي قيدين جي گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽ بند گاڏي جي ڄاريءَ مان به هو فاطمه کي ڏسندو رهيو. پوءِ  جڏهن گاڏي هلڻ شروع ٿي ته فاطمه ۽ قبول ڌنڌلا ٿيندا ويا ۽ نيٺ پوئتي رهجي گم ٿي ويا.

جيل ۾ کيس سزا يافته قيدين سان گڏ رکيو ويو. هن تي سختي ۽ ڪم وڌي ويو. هو قبول ۽ فاطمه جي ملاقات لاءِ پل پل ڪري ڳڻيندو هو، پر اُهي نه آيا. ايتريقدر جو هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جي تاريخ به گذري وئي، پر قبول ۽ فاطمه نه آيا سي نه آيا. پهرين ته ملاقات لاءِ سندس  تڙپ ۽ ترشنا ڏاڍي زورن تي هئي پر هن پاڻ کي ڪم ۾ محو رکي اُن تڙپ کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو جيل ۾ ڪيترائي هنر سکيو، پر ٽوپين ٺاهڻ ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪيائين جو سندس ٽوپيون هٿوهٿ وڪامي وينديون هيون. ٽوپين مان سندس چڱو ڀلو گذر ٿيندو هو. بچايل پئسا اڪثر ڪري ضرورتمند قيدين ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، ان ڪري قيدي سندس تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. انتظاميه سان ڳالهيون ڪري اڪثر قيدين جا مسئلا هُو ئي حل ڪرائيندو هو، جنهنڪري سڀ قيدي کيس عزت وچان ’چاچو احمد‘ ڪري سڏيندا هئا. پر سندس اندر جو زخم تازو هو. هو حيران هو ته سندس جگري دوست قبول ساڻس ملڻ ڇو نٿو اچي ۽ فاطمه پنهنجو حال احوال ڇو نٿي موڪلي؟ هن کي بس اِهائي ڳالهه سُجهي ٿي ته فاطمه ڪيس تي الهه تلهه وڃائڻ کان پوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل وارو واعدو نڀائي نه سگهڻ ڪري شرمساريءَ کان نٿي اچي ۽ قبول سان به اِهائي مجبوري هوندي. هو پنهنجي منهن ڀڻڪندي ڄڻ کين چوندو هو: ”آءٌ سمجهان ٿو، ڪو ٻار ته ناهيان. توهان وٽ وڪيل جي ڳاٽي ڀَڳي في جيترا پئسا هئا ئي ڪونه، ته پوءِ شرمسار ڇو ٿا ٿيو؟ توهان وٽ جيڪي ڪجهه هو اُهو اڳ ئي خرچ ٿي ويو. مان توهان کان ڪابه شڪايت نٿو ڪريان!“

گهڻو وقت جيل ۾ رهڻ کان پوءِ کيس ان ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيو ته جيل ۾ وڃڻ به هڪ قسم جو موت اهي. جيئن تازو مري ويل انسان کي ساريندي، ان لاءِ گهر جو هر ڀاتي رئندو آهي، ان جي نالي تي خيرات ڪندو آهي ۽ قبر تي باقاعدگيءَ سان قُل پڙهندو آهي، پر پوءِ آهستي آهستي وقت گذرڻ سان گڏ مرڻ وارو گهر ڀاتين کان وسرڻ لڳندو آهي ۽ هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو آهي جو مرڻ واري جو ڪير نالو به وٺڻ وارو نه هوندو آهي. قيدي به ائين ئي هوندو آهي. ڪيس هلڻ تائين ان سان خوب ملاقاتون ٿينديون آهن ۽ همدرديءَ جا انيڪ مظاهرا ٿيندا آهن، پر سزا ملڻ کان پوءِ قيدي مري ويل ماڻهوءَ وانگر وسري ويندو آهي. سندس معاملي ۾به قبول ۽ فاطمه ائين ئي ڪيو آهي.

پوءِ جڏهن هن پل پل ڪري سزا جا ٽيهه سال ڪاٽي ورتا، تڏهن هن پڪو پهه ڪيو ته هو جانڻ شاهه کان پنهنجي سزا جو بدلو ضرور وٺندو، پر جانڻ شاهه ته اڳ ئي....

اوچتو هن تي کنگهه جو حملو ٿيو. کنگهندي سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو. اکيون مهٽيندي ڏٺائين ته رات ڪافي لڙي چڪي هئي، ساڻس قطار ۾ ويٺل فقير گهري ننڊ سمهيا پيا هئا. ماحول تي خاموشي ۽ سانت ڇانيل هئي. اوچتو کيس فاطمه ياد آئي، پنهنجو گهر ياد آيو. سوچيائين ته هڪ ڪمزور عورت فاطمه سان ڪهڙا ليکا ۽ ڪهرو رُسامو. مون کي قبول سميت ڪنهن به نه سڃاتو ته ڇا ٿي پيو. فاطمه ته سڃاڻندي! مون کي پنهنجي گهر وڃڻ گهرجي، مون کي پنهنجي فاطمه ڏانهن وڃڻ گهرجي.... ۽ پوءِ هو سڌو گهر ڏانهن وڃڻ لڳو، رستي ۾ هن پنهنجي پاڻ سان وچن ڪيو ته هو فاطمه سان ڪابه شڪايت نه ڪندو، کيس ڪنهن به ريت شرمسار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو. هو ڳوٺ جون ڄاتل سڃاتل گهٽيون لتاڙيندي پنهنجي لوڙهي واري در تي اچي پهتو. کڙهه جو ڊينگهر پري ڪري هو گهر ۾ داخل ٿي ويو. سندس دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. سوچڻ لڳو ته فاطمه کيس ڏسندي ته ڇا چوندي؟ڇا سوچيندي؟ ڪيڏي نه خوش ٿيندي! هو اڱڻ تي پهتو ته کيس ٽي چار کٽون نظر آيون. سوچيائين: هي ڇا! هِتي ته صرف فاطمه جي هڪ کٽ هئڻ گهرجي. پهرين کٽ ڏسندي سندس حيرت جي حد ئي نه رهي. پهرين کٽ تي اُهوئي نوجوان ستل هو، جيڪو ساڻس بس ۾ گڏ ويٺل هو. ساڻس گڏ ان جي زال به ستل هئي! ٻيءَ کٽ تي ننڍا ٻار ستل هئا، ۽ جڏهن ٽينءَ کٽ تي نگاهه وڌائين ته ڄڻ اسرافيل صور ڦوڪي ڇڏي. قيامت اچي ويئي. ڌرتي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي، جبل ڪپهه جي پوئين جيان اُڏامڻ لڳا. هو ذرا ذرا ٿي ڄڻ ته فضائن ۾ وکري ويو! ٽين کٽ تي قيامت جهڙو منظر هو. ٽينءَ کٽ تي فاطمه قبول سان گڏ ستل هئي! سندس اندر وڍجڻ لڳو. سالن کان ٿڌو ٿيل پراڻو رت ٽهڪڻ لڳو. دل ئي دل ۾ چيائين: ”ايڏي وڏي غداري!... هڪ جگري دوست ۽ جان فدا ڪندڙ زال جي طرفان...!“ هو ٻنهي کي ان غداريءَ جي سزا تجويز ڪرڻ لڳو: ”کين ڪهاڙيءَ جو کاڄ بنائي ننڊ ۾ ننڊ ڏيڻ گهرجي؛ نه نه اِها سزا گهٽ آهي، ٻنهي جي مٿان گاسليٽ هاري تيلي ڏيڻ گهرجي؛ نه نه کين سڀ کان پهرين ڪُهي قيمو ڪرڻ گهرجي، ان کان پوءِ باهه ڏئي سندن خاڪ هوائن ۾ اُڏارڻ گهرجي.“ هو ڪيترو وقت غصي جي باهه ۾ پڄرندو رهيو، سڙندو رهيو. پوءِ کيس قبول جا مٺائيءَ جي دڪان تي چيل لفظ ياد آيا: ”تون بدنصيب آهين!“ هن سوچيو، واقعي مان بدنصيب آهيان. فاطمه منهنجي نصيب ۾ نه هئي، فاطمه منهنجي نه ٿي سگهي، ان ۾ ڏوهه ڪنهن جو به نه آهي. ڀلا هڪ جواڻ جماڻ عورت پنهنجي حسرتن، آسن ۽ تمنائن جو قتلام ڪري، ٽيهن سالن تائين منهنجو آخر ڪيئن ٿي انتظار ڪري سگهي؟ فاطمه قبول سان شادي ڪري بلڪل ٺيڪ ڪيو. منهنجي سزا ڀلا فاطمه ڇو ڪاٽي؟ ها ها، هن بلڪل ٺيڪ ڪيو. مون کي هاڻي وڃڻ گهرجي. هي گهر هاڻي منهنجو ناهي، قبول ۽ فاطمه جو آهي، سندن ٻارن جو آهي. هو گهر تي آخري نظر وجهي وڃڻ لڳو ته اچانڪ کنگهه جو جهٽڪو اچي ويس. هن کنگهه کي روڪڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر کنگهه رڪجي نه سگهي. سندس کنگهه تي بس وارو نوجوان سجاڳ ٿي پيو. نوجوان اُٿندي ئي اچي کيس ٻک وڌو. ٻه ٽي چنبا ۽ ڌڪ هنيا ۽ خوب گاريون ڏنيون ۽ پوءِ کيس بُهه جي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري قبول کي اُٿاريندي چيائين: ”بابا، ايڏيون ننڊون نه ڪبيون آهن. گهر ۾ چور گهڙي پيو آهي، ۽ تون پيو ننڊون ڪرين!“ قبول ڇرڪ ڀريندي اُٿيو. چيائين: ”ڪٿي آهي چور؟“ نوجوان چيس: ”مون کيس بُهه جي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي!“ قبول چيو: ”ڏاڍو سٺو ڪيئي، سڀاڻي کيس سائين ڇٽل شاهه جي حوالي ڪنداسين!“ گوڙ تي فاطمه سجاڳ ٿي. کيس جڏهن چور جي خبر پيئي تڏهن توبهه ڪندي چيائين: ”ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي! ماڻهو سائين ناگي شاهه جي ميلي ۾ به چوريون ڪن ٿا، پاڻهي سائين ناگو شاهه انڌو ڪندس.“

بهه جي ڪوٺيءَ ۾ بند هوندي به هو مطمئن هو. هن سمجهيو ٿي ته صبح جو جڏهن فاطمه کيس ڏسندي تڏهن کيس سڃاڻي وٺندي. ان اطمينان ۾ هن بُهه تي ليٽي ڏاڍي مزي جي ننڊ ڪئي. صبح جو سوير قبول ۽ پٽس در کوليو ته هو گهريءَ ننڊ ۾ سُتل هو. کيس ڏسي ٻيئي حيران ٿي ويا. قبول چيو: ”اڙي هي ته اُهو ئي فقير ماڻهو آهي، جنهن کي ڪلهه شام مون مٺائي ڏني هئي!“ پٽس چيو: ”هي اُهو ئي ماڻهو آهي، جيڪو شهر مان مون سان گڏ بس ۾ ويٺل هو، پر ڪنهن جي نرڙ تي ته اهو لکيل نه هوندو آهي ته هي چور آهي.“ قبول چيو: ”ڏس ته سهي! اُٺ جو پٽ ڪيئن نه مزي سان ستو پيو آهي. ڄڻ پڻس جو گهر هجي!“

قبول اڳتي وڌيو ۽ کيس ٺوڪر هڻندي چيائين: ”اڙي اُٿي! بابهين گهر ٺهرائي ويو آهي ڇا، جو ننڊون پيو ڪرين!“ ٺوڪر لڳڻ تي هو اُٿي ويٺو. قبول جي پٽ چيس: ”ڪالهه مون توکي چڱو ماڻهو پئي سمجهيو، پر تون ته چور نڪتين!“ سندس دل ڀرجي آئي ۽ قبول ڏانهن ڏسندي چيائين: ”چڱا ماڻهو اڪثر چور نڪري پوندا آهن. ”قبول سندس ڳالهه سمجهي نه سگهيو. عين ان وقت فاطمه به مٿان اچي بيٺس. هن ڏينهن جي روشنيءَ ۾ فاطمه کي چڱيءَ طرح ڏٺو. ڳچيءَ تي هلڪن گهنجن کان سواءِ فاطمه ۾ ڪابه تبديلي نه آئي هئي. اُهو ئي ڀرپور جسم، اُهي ئي ڪارا وار، اُهي ئي آرسين جهڙيون اکيون، وقت فاطمه جو ڪجهه به نه بگاڙيو هو. کيس  خيال آيو ته هو اُن ئي وقت اعلان ڪري چوي ته هو ڪير آهي. ۽ قبول کي ٻڌائي ته ها ها، هيءُ منهنجي بابي جو گهر آهي! چور ته اصل تون آهين! تو منهنجو گهر ۽ منهنجي فاطمه چورائي آهي. اڄ مان توسان حساب چڪتو ڪندس. توکان پنهنجي فاطمه ۽ گهر واپس وٺندس. فاطمه سان منهنجو نڪاح پيل آهي. تو نڪاح مٿان نڪاح ڪري ڏوهه ڪيو آهي. ويساهه گهاتي ڪئي آهي. هو فاطمه کي ڏسندو سڀڪجهه سوچيندو رهيو.کيس پڪ هئي ته فاطمه کيس ڏسندي سڃاڻي وٺندي، پر سندس پڪ جي ديوار ٽٽي پيئي! فاطمه کيس نه سڃاتو. هن کي محسوس ٿيو ته رڳو ڳوٺ جون زمينون ڪلراٺيون نه ٿيون آهن، پر ماڻهن جا ذهن ۽ ضمير به ڪلراٺا ٿي ويا آهن. فاطمه کيس نه سڃاڻندي سوال ڪيو: ”هن گهر مان تون ڇا چوري ڪرڻ آيو هئين؟“ هن کي محسوس ٿيو ته فاطمه جي ان سوال تي هُو ذرا ذرا ٿي ويندو. هن لرزندڙ آواز ۾ چيو: ”مون کي ڪابه خبر ناهي!“

”توکي ڪابه خبر ناهي؟ وڏو ڪو رهزن چور آهين!“

”رهزن چور!....“ هن ذري گهٽ رڙ ڪندي احتجاج واري انداز ۾ چيو.

هن سوچيو ته هاڻي وقت آهي ته فاطمه کي ٻڌائي ڇڏجي ته هُو ڪير آهي، پر هو لفظن کي چپن تي آڻي چُپ ٿي ويو. هن سوچيو ته فاطمه کي پاڻ بابت ٻڌائي ان کي شرمسار نه ڪرڻ گهرجي. ”مان بدنصيب آهيان. سموري سزا مون کي ملڻ گهرجي صرف فاطمه جي خوشيءَ خاطر....“

ايتري ۾ ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو پهچي ويا. هر ڪنهن کيس بُجي ۽ گار جو تحفو ڏنو. آخر ۾ کيس ڇٽل شاهه وٽ حاضر ڪيو ويو، جنهن کيس پوليس جي حوالي ڪرڻ کان اڳ سندس اڌ ڏاڙهي ۽ مڇ ڪٽي، ڪارو منهن ڪري، جوتن جي ڪنڍي پارائي، گڏهه تي اُبتو ويهاري گشت ڪرائڻ جي سزا تجويز ڪئي. ساڻس اُهو ئي سلوڪ ڪيو ويو! سڄي ڳوٺ جي ماڻهن کيس ٿڪون هنيون، پر هو فاطمه جي خوشيءَ ڪارڻ چپ رهيو. پنهنجو تماسو ڏسندو رهيو!

پوءِ جڏهن پوليس جو مهمان ٿيو ته پوليس به پنجن ڏينهن تائين چڱي خاصي مهماني ڪيس. پنجن ڏينهن کان پوءِ جڏهن هو چالان ٿي جيل پهتو ته ڏاڍو سڪون محسوس ڪيائين، ڇو ته جيل ته گذريل ٽيهن سالن کان سندس گهر بنيل هو. کيس محسوس ٿيو ته هو ستن ڏينهن جي سزا ڪاٽي، آزاد ٿي، واپس پنهنجي گهر موٽي آيو آهي!

 

غلام رسول پرهياڙ

 

سنڌو ڪناري

 

هن کي ڏسڻ سان مون کان ڇرڪ نڪري ويندو هو. عمر ڪا ايڏي وڏي به ڪانه هئس، سٺ جي پيٽ ۾ هو. پر ڏکن جو ڏڌل هو، جنهنڪري وقت کان اڳ پوڙهو ٿي ويو هو. رنگ ڪارو، بدن گهنجيل، منهن تي آڱر جي بُل جيڏي اڇي ڏارهي، اداس اکيون، جيڪي هر وقت لڙڪن مان تَر. ويس هئس پراڻي قميص ۽ گوڏ. مٿي تي ريڙ جهڙو ململ جو پٽڪو، جيڪو لاهيندو هو ته ٽِڪڻ تي ڌَڪن جا نشان چٽا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. پيرن ۾ رٻڙ جي ڇال، جنهن ۾ ڪَشن بدران اڳڙيون ٻَڌل هونديون هيون. ماڻهجو ”عاشق“ سڏيندا هئس، پر اصل نالو هارون هئس.

تڏهن سنڌوءَ ۾ ٻوڏ آئي هئي. سرڪار خطري کان بچڻ لاءِ وڏي وٺ پڪڙ لائي ڏني هئي. انهن ڏينهن ۾ آءٌ تازو آبپاشي کاتي ۾ آبدار ٿيو هجان، سو منهنجي به ڊيوٽي لڳائي ويئي. مون چاچي هارون کي اُتي ڏٺو. هو بند تي بيلدار هو ۽ منهنجي هٿ هيٺ ڪم ڪندو هو. پاڻ منهنجيءَ لانڍي تي روز شام جو ايندو. پنهنجي قسمت جهڙي ڦِٽل لالٽين جو گولو ڪڍي پهرين هڻندو هوس ٿُڪون، پوءِ پٽڪي جي پلاند سان صاف ڪري گاسليٽ ڀرائي هليو ويندو هو پهرو ڏيڻ.

سنڌوءَ جي سونهن به آهي پاڻيءَ سان!... ڪجهه وقت اڳ جڏهن پاڻي ڪونه هو ته سڃ پئي واڪا ڪيا، پر هاڻ رنگ لڳي ويا هئا. رات پوندي هئي ته ندي ڪناري روشنيون ستارن جيان ٽمڪڻ لڳنديون هيون. سڄي ڪنڌي اُجري ٿي ويندي هئي. آبپاشي کاتي جي عملي جا ماڻهو پنهنجيون ٽارچون ۽ لالٽين ٻاري سنڌوءَ تي پهرو ڏيندا هئا. ڪي پاڻيءَ جو ڀؤ کان ڀڄي آيل ماڻهو بيراڳين جيان باهيون ٻاريو مارڪو ويٺا ڪندا هئا. چنڊ مٿي چڙهي ايندو هو ته سنڌوءَ جون گجگوڙون چوٽ چڙهي وينديون هيون. ائين لڳندو هو، ڄڻ پنهنجن دشمنن کي للڪاريندي هجي.

آءٌ حجابن وارو، منهنجي طبيعت نرالي. اُتي وري چاپلوسي، سو اڪيلو ۽ اٻاڻڪو ٿي پيو هئس. محبوب کان جدائيءَ جو غم هيڪاري ماري وجهندو هو. جڏهن درد حد کان وڌي ويندو هو ته دل سنڌوءَ ڏانهن اُڇلون کائڻ لڳندي هئي. پرهه ڦٽيءَ مهل سنڌوءَ جي بنهه ويجهو هليو ويندو هئس. سنڌو اڳوڻي بند کي ٽوڙي جتان پنهنجو نئون پيٽ ٺاهيو هو، آءٌ اُن بند جي بتل حصي کان اوڏانهن ويندو هئس. جيتوڻيڪ ان پاسي ڏانهن وڃڻ جي منع هئي، پر آءٌ نه مُڙندو هئس. اتان سنڌوءَ جون هستيون ۽ مستيون ڏسڻ وٽان هونديون هيون. ڏسندو هئس ته پاڙان نڪتل وڻ ۽ ٻوٽا ليٽ ڪبوتر ڪندا، گيلاٽيون کائيندا وَهندا ويندا هئا. ڪارين ڪُنڍين مينهن کي پاڻي گولي جيان کنيو ويندو هو. ڪڏهن ڪنهن انسان جو لاش پاڻيءَ جي وَٽ تي ظاهر ٿيندو لُڙهندو ويندو هو. ملاحن جي ٻيڙين جا سڙهه ائين لڳندا هئا، ڄڻ خانه بدوشن جي خيما. اهڙو منظر ڏسي آءٌ پنهنجي تاريخ ۾ گُم ٿي ويندو هئس. منهنجي اڳيان سنڌوءَ جو ماضي ڦِرڻ لڳندو هو.

اُن صبح آءٌ اهڙن خيالن ۾ ويٺو هئس ته اوڏيءَ مهل مون کي اُهو ’رشي‘ ياد پئجي ويو هو، جنهن نديءَ ڪناري ويهي سندس ساراهه ڪندي چيو هو: ”اي سنڌو! تون نؤورني ڪنوار وانگر آهين... تون جڏهن ميدان مان وهين ٿي، تڏهن بيشمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي... تنهنجو پاڻي اُتم آهي. جيئن ڪو راجا جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرندو آهي ۽ پٺيان لشڪر هوندو اٿس، تيئن تون به ندين جي اڳيان مهندار ٿي هلين ٿي...“- اِهي ڳالهيون ياد ڪري اکين ۾ لُڙڪ ڀرجي آيا. ندي سان محبت مون کي جذباتي ڪري وڌو. مون به چاهيو ته سنڌوءَ جو ڪو گيت لکي امر ٿي وڃان. پنهنجي ذهن تي زور ڏيڻ شروع ڪيم. منهنجا چپ چُريا. آواز نڪتو: ”امان- امان- او منهنجي امان!“ لفظ منهنجو ساٿ نه ڏيئي رهيا هئا، اِنڪري گيت جُڙي نه پئي سگهيو. آءٌ پنهنجي دل جي سچائيءَ سان رڳو ”امان- امان- او منهنجي اَمان.“ پُڪاري رهيو هئس. تيسين بدن تي هلڪو ڇهاءُ محسوس ڪيم. ڪنڌ ورائي ڏٺم ته پٺيان چاچو هارون بيٺو هو.

”ڇا ويٺو ڪرين ابا؟“ هن پڇيو.

”بس اِئين ئي ويٺو آهيان.“

”توکي اِتي ويهڻ نه گهرجي، هي خطري واري جاءِ آهي.“

”آءٌ پاڻي کان پري آهيان.“

”توکي هن نديءَ جي رازن جي خبر نه آهي پُٽ! هيءَ ڏاڍي سگهاري آهي. اِهي مٽيءَ جا ڪچا بند هن جي اڳيان ڪجهه به نه آهن. خبر اٿئي، هن پورالي ڪيترا وهڪرا بدلايا آهن؟ اڄ به سونهاري سنڌ ۾ توکي هن جا جتي ڪٿي نشان ڏسڻ ۾ ايندا. هيءَ ايتري ته سگهاري آهي جو جبل به ٽوڙي ڇڏيندي آهي. هن پنهنجيءَ گود ۾ اولياءَ به آڻي ڇڏيا. منهنجي سانڀر جي ڳالهه آهي ته سنڌو او هُتان وهندي هئي.“ هن اشارو ڪيو ۽ ڳالهه جاري رکندي چيائين: ”هو وڏا وڻ ڏسين پيو نه؟ اُن کان اڳتي ملوڪ شاهه جي درگاهه هئي. سنڌو اُن جي پريان وهندي هئي. پوءِ اچي هِن طرف آر ڪيائين. نيٺ بند کي کائيندي کائيندي اولياءُ کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيائين. اسان رات جو اُتان رڙيون ٻُڌندا هئاسين. اڄ اُن جاءِ تي ڪو نشان به نه آهي.“

”آءٌ اِتي ٺيڪ آهيان، مون کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي، چاچا!“

”نٿو ڇڏي سگهان. تون به ته ڪنهن جي اکين جو نُور هوندين، ڪنهن جي دل جو سُرور هوندين. مڃان ٿو ته ڏکويل آهين، پر منهنجو غم به گهٽ ڪونهي، پوءِ به آءٌ جيئان پيو. هلي آءُ.“ هن ٻانهن کان جهلي ڇڪيو، پر آءٌ ڪلي وانگر کُپي ويو هئس. کانئس چُريس به ڪونه. منهنجي ضد کي ڏسي ٻيءَ واٽ ورتائين. پنهنجو پٽڪو لاهي منهنجي پيرن طرف جهڪيو. مون روڪي ورتس. چيم، ”بس چاچا! مون آڻ مڃي.“

منهنجي راضي ٿيڻ تي هو خوش ٿي ويو. پنهنجين بي ستين آڱرين سان منهنجا لُڙڪ اُگهيائين ته سندس اکين ۾ به لُڙڪ ڀرجي آيا. مون کي وٺي اچي لانڍي تي ڇڏيائين ۽ پاڻ هليو ويو. آءٌ هنڌ تي ليٽي پيس. منهنجو درد اڃا به وڌي ويو. پوڙهي سان پيار ٿيڻ لڳم، جنهن منهنجو ڏک سمجهيو هو. سندس ڳالهين مان پنهنجائپ جي خوشبوءِ آئي هئم. آءٌ شدت سان رات ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس، جيئن ساڻس اندر جا سور سلي دل جو درد هلڪو ڪجي. نيٺ اُها گهڙي به آئي. ڏينهن پنهنجو بسترو گول ڪيو، رات پر پکيڙيا، چنڊ چمڪڻ لڳو، ستارا جرڪڻ لڳا. بيلدار لالٽينون کڻي چؤڪيون ڏيڻ لڳا. آءٌ لانڍي مان نڪري هُن ڏانهن وڃڻ لڳس. سڌو اچي وٽس پهتس. هو مچ ٻاريو ويٺو هو.

”السلام عليڪم.“

”وعليڪم سلام. اچي وئين صاحب؟“

”ها چاچا!“

”ڀلي ڪري آئين، جيءُ ڪري آئين. هِتان ٿي ويهه.“ تڏي ڏي اشارو ڪيائين.

آءٌ سؤلو سڌو ٿي ويٺس ته چيائين، ”ابا! آءٌ توکي رڳو ايترو سڃاڻان ته بند جو ماڻهو آهين، باقي ٻيءَ خبر ڪانهي ڪا. ڀلائي ڪري پنهنجون خبرون ٻڌاءِ.“

مون واقفيت ڪرائي ته مورڳو واسطو نڪري پيو. هو وري اُٿيو. ڀاڪر پائي ٻئي دفعي هٿ ڏنائين. چي، ”مون اوهان جو نمڪ پاڻي کاڌو آهي. اوهان جا ٽُڪر منهنجي پيٽ ۾ آهن.“ ڪجهه دير رکي وري پڇيائين، ”ڀلا وڏيرو سوڀو جيئرو آهي؟“

”نه چاچا! هُو گذاري ويو“

”گهوڙا!“... هن ران تي ڌڪ هنيو. چيائين، ”مڙس ڪو هو ڇا! ويراهه جو ڦر هو. هڪ دفعي ڇا ٿيو جو اسان جي چوري ٿي ويئي. پير اچي اوهان جي جوءَ ۾ وڃاياسين. شام اچي ٿي. بُک به هڻي نانجهو ڪري وڌو. ڀر ۾ ڪو ڳوٺ به نه هجي، جو ڪنهن کي ماني جو سوال ڪريون. تيسين گهوڙي جي ٽاپ ٻڌيسين: جان کڻي ڏسون ته ڪو همراهه واچوڙي وانگي اُڏامندو اچي. اسان وٽ پهچي گهوڙو جهليائين. دعا سلام کان پوءِ پڇيائين ته ميڙُو آهيو؟ اسان چيو هائو. پاڻي ماني جي صلاح هنيائين ته پيٽ ۾ ساهه پيو. پڇيوسون ته ڳوٺ ويجهو اٿئي يا پري؟ چي: ويجهو آهي، هو جيڪي وڏا وڻ پيا ڏسجن، اُنهن کان ٿورو پرتي آهي. اسان به کڻي نڪتاسين هو به گهڙي تان لهي پيو. هلندي هلندي اچي ٿڪاسين، پر ڳوٺ اچي ئي نه. پڇونس وڏيرا، ڳوٺ اڃا گهڻو پري آهي؟ چي، اجهو پڄڻ وارا آهيون. ابا، هلندي هلندي ڪوهه کن پنڌ ڪيوسين، تڏهن وڃي مس ڳوٺ پهتاسين.

اسان جي پُڄڻ سان اوطاق ۾ نُکون وڇائجي ويون، پاڻيءَ جا مَٽَ ڀرجي ويا. هڪڙو خاشو ڇيلو ڊَڙي، وڌائين. جلدي ماني تيار ٿي آئي. کارائي پياري واندو ٿي پوءِ سربستيون خبرون پڇيائين. واهه ڙي مڙد واهه! اوهان جي ست راڄي ۾ اهڙو ڪونه ٿيو.“

هو ڳالهه پوري ڪري خاموش ٿي ويو. ڪجهه دير ماٺار ڇانئجي ويئي. وري خاموشي ٽوڙيندي پڇيائين، ”شادي ڪئي اٿئي؟“

”نه چاچا!“

”ٿي ويندي، ٿي ويندي... ڀلا ماءُ جيئرا اٿئي؟“

”ها.“

”ڀاڳ وارو مڙس آهين. اسان ته گهڻا ڏينهن اڳ ماري ڇڏيا.“

”چاچا، هڪڙي ڳالهه پُڇائين؟“

”پُڇ.“

”تنهنجو پُٽ پَهي ڪونهي ڇا، جو هن وهيءَ ۾ پيو سور کائين؟“

”ڪجهه به ڪونهي، نانگو آهيان.“

”شادي ڪونه ڪيئه ڇا؟“

”نه.“

”ڇو ڀلا؟“

”جنهن سان ڪرڻ چاهيم، اها نه ملي؛ ٻيءَ سان مون به ڪانه ڪئي.“

”تنهن جي معنيٰ ته عشق جو ماريل آهين؟“

”سچو آهين.“

”ته پوءِ پنهنجي عشق جو قصو ٻڌائيندين؟“

”اِن ڳالهه کي ڇڏي ڍار.“

”ڪونه ڇڏيندس. تو به ته مون کي ڪونه ڇڏي هو نه.“

”ڏاڍو هٺيلو آهين.“

”اعتبار ڪر، آءٌ تنهنجا راز ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندس.“

”منهنجا راز، راز ناهن رهيا. آءٌ کليل ڪتاب وانگر آهيان. پر پراڻيون ڳالهيون ياد ڪري اندر جا ڦٽ کُلي پوندا آهن.“

”منهنجي ڪري اهو زهر جو ڍُڪ پي وڃ.“

”ضد ٿو ڪرين ته ٻُڌائين ٿو. هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن منهنجي جواني هئي. هئس ته لٺ شوقين. سمجهندو هئس ته آهيان به ڪو آءٌ! سڄو ڏينهن پاڻ ٺاهڻ ۾ پورو هوندو هئس. جواني، ديواني، سو مون کي عشق جي کپر کائي وڌو. آءٌ هُن کي دل ڏيئي ويٺس. دل به اهڙي لڳي جو صفا لوهه! رڳو هُن جي تات هجي، ٻي ڳالهه نه وڻي. نه ڏسانس ته بيمار ٿي پوان، جي ڏسانس ته تانگهه هيڪاري وڌيو وڃي. رڳو مجبور آءٌ به ڪونه هئس، پر هوءَ به مون تي ساهه ڇڏيندي هئي. رات جو لوڙهو ٽپي مون ڏانهن هلي ايندي هئي. قول ڪيو هئائين ته مون کان سواءِ ڪنهن سان لائون نه لهندي. پوءِ....“ ائين چئي هو ماٺ ٿي ويو.

”پوءِ ڇا ٿيو چاچا؟“

”هڪ دفعي ڏِسجي پياسين، اُتان کان اسان جي ڦِٽي. هُن جا مائٽ زبر ماڻهو، ٻي وري غيرت جهڙي ڳالهه. اصل ڇتا ٿي پيا. مون کي مارڻ لاءِ وجهه ڳولهڻ لڳا. آءٌ ڊپ کان گهر ۾ ويهي رهيس. ٻاهر نه ڦٻيا ته گهر تي حملو ڪري ڏنائون. پوءِ بي کونڌو ڪري ماريائون. پريان ڪي چُوڻا هئا، سو بچي پيس. باقي هُنن مارڻ واري پوري ڪئي هئي. ابا ويچارو ڊڄڻو ماڻهو، تنهن اچي زور رکيو ته لڏي هلئون. غريب هئاسين، پڄي نه سگهياسين، ڳوٺ ڇڏي وياسين. منهنجي سرتي سان به گهٽ ڪونه ڪيائون. ماري اُڄڙ ڪري وڌائونس. نيرَ ۾ ٻڌي ڇڏيائونس. زوري شادي ڪرايائونس. هُن ان ڏينهن بغاوت ڪري وڌي. چي: منهنجو گهوٽ آهي ته هارون آهي، ٻئي کي ڏيان باهه! هاءِ ڙيءَ وفادار عورت هاءِ! ائين چئي مون ۾ اکيون کپائي ڇڏيائين. شوڪارو ڀري وري ڳالهه جاري رکيائين: ”پرڻايائونس سهي، پر هُن کي منهنجي جهوري. مڙس سان نه ٺهي، پئي موقعا ڳوليائين. هڪڙي رات بُل لڳس، اچيو ٿي مون ڏانهن ڀڄي. سُتت وارثن کي سجاڳي ٿي پيئي. اُهي به ٿا پٺتي لڳنس. اڌ پنڌ تي اچي جهليائونس. پوءِ بگهڙن جي وات ۾ ٻڪري اچي ويئي. ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيائونس. ان واقعي کان پوءِ آءٌ برباد ٿي ويس. هوءَ جا منهنجي زندگي هئي، منهنجو سُک چين هئي، منهنجو ساهه پساهه هئي، مون کان ڦُرجي ويئي. آءٌ لُٽجي ويس.“

ڳالهائيندي ڳالهائيندي گلو ڀرجي آيس. لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. محسوس ڪيم ته چاچو روئي پيو. تيسين پريان سينڍون وڄڻ لڳيون ۽ هوڪريا ٿي ويا. موٽر جو وڏو سوجهرو ويجهو پوندو ويو. هن هراسجي چيو، ”اهو گوڙ ٻُڌين پيو ابا؟“

”ها چاچا!“

”ڀانيان ٿو هاڦيسر آهن.“

”آءٌ به ائين ئي ٿو سمجهان.“

هو تڪڙ ۾ اُٿيو ۽ پنهنجو لالٽين کڻي هيٺ لهي ويو.

 

سينو گوميرا اجيدارما

ترجمو: ولي رام ولڀ                           (جاپاني ڪهاڻي)

 

 

اکين ڏٺو شاهد

 

اکين ڏٺو شاهد اندر گهڙيو، سندس اکيون ڪونه هيون.

ٿڙندڙ وکن سان هٿن سان هوا ۾ هٿوراڙيون هڻندي، هو ڪورٽ جي ڪمري جي فرش تي اڳيان وڌندو ويو. سندس خالي اکين جي کوپن مان رت ٽمي رهيو هو. ڳاڙهو رت ايتري قدر تيز ڳاڙهو پئي لڳو جو ٻي ڪابه شيءِ انهيءَ رت جي ڳاڙهاڻ کان وڌيڪ ڳاڙهي نٿي ٿي سگهي. رت آهستي آهستي ۽ لاڳيتو انهن سوراخن مان وهي رهيو هو، جتي پهرئين سندس اکيون هيون.

رت سندس ڳلن کي آلو ڪري رهيو هو. سندس قميص کي آلو ڪري رهيو هو، سندس پتلون کي آلو ڪري رهيو هو ۽ سندس جوتن کي الو ڪري رهيو هو. جوتن مان ٽمندو، اُهو رت ڪورٽ جي فرش تي پکڙجي رهيو هو، جنهن کي ڪجهه دير پهرين جيت مار دوا سان ڌوتو ويو هو ۽ اُها دوا جي بوءِ اڃا تائين هوا ۾ موجود هئي. ڪورٽ جي ڪمري ۾ گوڙ ٿي رهيو هو. تماشائين جون دانهون سندن بي چيني وارن جذبن جو اظهار ڪري رهيون هيون. اخباري نمائندا، هميشه وانگر سنسني خيز واقعن تي شوق سان ڀرپور ردعمل ظاهر ڪندي، ڏاڍي جوش سان هر ڪنڊ کان، ايتري قدر جو فرش کان به مٿي، سندس سر ڏانهن رُخ ڪري، اکين ڏٺي شاهد جون تصويرون ڇڪڻ لاءِ پنهنجين ڪئمرائن جا فليش ڇمڪائي ماحول ۾ اڃا وڌيڪ گرمي پيدا ڪرڻ لڳا.

”هولناڪ!“

”جنونيت!“

”تشدد پسندي!“

عزت ماب جج هڪدم صورتحال کي سمجهي ويو ۽ هٿوڙي ميز تي هڻي پنهنجي بچيل رعب کان ڪم وٺندي، نظم و ضبط بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

”خاموش! گوڙ نه ڪريو!... جيڪو به ڪورٽ جي ڪارروائيءَ ۾ رنڊڪ وجهندو، اُن کي ڪورٽ مان ٻاهر ڪڍيو ويندو.“ تماشائي ماٺ ٿي ويا. کين جلد کان جلد ڳالهه جي اصليت ڄاڻڻ جي اُڻ تڻ هئي.

”اکين ڏٺا شاهد!“

”جي سائين.“

”تنهنجون اکيون ڪٿي آهن؟“

”ڪنهن ڪڍي ورتيون آهن، سائين.“

”ڪڍي ورتيون؟“

”جي سائين.“

”تنهنجو مطلب آهي ته تنهنجو آپريشن ڪيو ويو.“

”نه سائين، چمچي سان ڪڍيون ويون؟“

”ڇا!... چمچي سان ڪڍيون ويون؟ ڇو؟“

”مون کي خبر ناهي، پر اُنهن چيو ٿي ته هو اُنهن مان تنگ لينگ سوپ ٺاهيندا.“

”سوپ ٺاهيندا؟... اها ته ڏاڍي هولناڪ ڳالهه آهي! ڪنهن چيو هو؟“

”جن منهنجون اکيون ڪڍيون هيون سائين.“

”اها مون کي خبر آهي، بيوقوف! منهنجو مطلب آهي ته اُهي هئا ڪير؟“

”اُنهن مون کي پنهنجا نالا نه ٻُڌايا.“

”تو کانئن پڇيا به نه، بيوقوف؟“

”نه سائين.“

”ڌيان سان ٻڌ، منهنجو مطلب آهي ته اُهي ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪهڙا هئا؟ تنگ لينگ سوپ يا شايد گوٽ سوپ ٺاهڻ لاءِ چمچي سان ڪڍڻ کان اڳ تائين تنهنجون اکيون تنهنجي چهري تي لڳل هيون يا نه؟“

”جي سائين.“

”ته توکين ڏٺو به هوندو ته ڪيئن ٿا لڳن.“

”جي سائين.“

”ته ڪورٽ کي اهو ڇو نٿو ٻڌائين، جيڪي تو پنهنجي اُنهن اکين سان ڏٺو هو، جن کي هو تنگ لينگ سوپ جا شوقين گهڻو ڪري هيستائين کائي چڪا هوندا؟“

اکين ڏٺو شاهد کن لاءِ خاموش رهيو. ڪورٽ جي ڪمري ۾ موجود سڀني ماڻهن پنهنجا ساهه روڪي ڇڏيا.

”اُهي ججها هئا سائين.“

”ڪيترا؟“

”پنج، حضور.“

”ڏسڻ ۾ ڪيئن ٿي لڳا؟“

”مون کي گهڻو ويجهائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو نه مليو. انهن سڀني ڪجهه ايڏي جلدي سان ڪيو...“

”توکي شايد ياد هجي ته کين ڇا پاتل هو؟

”مون کي پڪ آهي ته کين يونيفارم پاتل هيون سائين.“

ڪورٽ ۾ وري گوڙ ٿي ويو، ڄڻ هزارين مکيون گڏجي ڀون ڀون ڪنديون هجن. جج ميز تي هٿوڙي هنئي ۽ ڀون ڀون بند ٿي ويئي.

”تنهنجو مطلب آهي ته فوجي يونيفارم؟“

”نه سائين.“

”پوليس جي؟“

”پوليس جي به نه.“

”ته پوءِ سوِل سڪيورٽي جي؟“

”اوهان کي خبر آهي ته مان ڇا چئي رهيو آهيان سائين. اُنهن سڀني کي ڪارا ڪپڙا پاتل هئا، جيئن فلمن ۾ هوندو آهي.“

”ڇا اُنهن جا چهرا ڍڪيل هئا؟“

”ها، رڳو سندن اکيون ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون.“

”آها... مان سمجهي ويس، اُهي ماڻهو نِنجا (Ninja) هئا؟... آهي نه؟“

”بلڪل سائين، اُهي ماڻهو نِنجا هئا. انهن ئي منهنجون اکيون چمچي سان ڪڍيون هيون.“

هڪ ڀيرو وري تماشائي بي قابو ٿيڻ لڳا ۽ هڪٻئي سان ائين ڳالهيون ڪرڻ لڳا جيئن ڪنهن قهوه خاني ۾ ويٺا هجن، ۽ هڪ ڀيرو وري جج کي کين خاموش ڪرائڻ لاءِ ميز تي هٿوڙي جو ڌڪ هڻڻو پيو. رت اڃا به اکين ڏٺي شاهد جي خالي ڪارن اکين جي کوپن مان آهستي آهستي پر مسلسل وهي رهيو هو ۽ هو ڪنهن مجسمي وانگر ڪورٽ ۾ بيٺو رهيو. رت ٽمندو ڪورٽ جي فرش تي پکڙجي رهيو هو، جنهن کي ڪجهه ئي دير اڳ جيت مار دوا سان ڌوتو ويو هو. ڪورٽ جي سموري فرش تي پکڙجي، اهو هاڻي دروازي کان ٻاهر نڪري رهيو هو ۽ ڏاڪڻين تان لهندو عمارت جي اڱڻ ڏانهن وڃي رهيو هو،. پر اهو ڪنهن نه ڏٺو.

”اکين ڏٺا شاهد!“

”جي حضور.“

”مون کي ٻڌاءِ ته جنهن وقت تنهنجون اکيون ڪڍيائون ٿي ته اُن وقت تو مدد لاءِ سڏ ڇو نه ڪيو؟“

”اُهي پنج هئا سائين.“

”ڇا تون رڙ نٿي ڪري سگهين يا ڀرسان پيل ڪا شيءِ کڻي کين هڻي نٿي سگهين؟ پڪ سان تون اهڙو ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري سگهين ٿي، جنهن سان تنهنجي پاڙيسرين کي آواز پهچي ها ۽ اُهي تنهنجي مدد لاءِ اچن ها. ڇا تنهنجو گهر هڪ گهڻي آباديءَ واري گهٽيءَ ۾ ناهي، جتي پاسي وارن گهرن جا سُرٻاٽ تائين صاف ٻڌڻ ۾ اچن ٿا؟ تون خاموش ڇو رهين؟...“

”ڏسو... ڳالهه اِها آهي ته اهو واقعو خواب ۾ ٿيو هو.“

ڪورٽ ۾ موجود سڀ ماڻهو بي اختيار کلڻ لڳا ۽ جج هڪ ڀيرو وري غصي مان ميز تي هٿوڙي هنئي.

ڪورٽ ۾ ڏاڍي گُهٽ هئي. ماڻهو پگهر ۾ شَل ٿي رهيا هئا، پر پنهنجي جڳهه تان هٽڻ لاءِ تيار نه هئا، رت اڱڻ مان پکڙجي ڪار پارڪ تائين پهچي ويو هو. جج پنهنجا سوال جاري رکيا.

”تو هاڻي چيو ته اِهو واقعو خواب ۾ پيش آيو هو. ڇا تنهنجو مطلب آهي ته اهو سڀ ايڏي تيزيءَ سان ٿيو جو توکي خواب وانگر محسوس ٿيو؟“

”جي نه سائين، خواب وانگر نه، اهو سچ پچ خواب ئي هو، انهيءَ ڪري جڏهن هو منهنجون اکيون ڪڍي رهيا هئا ته مان خاموش رهيس.“

”ڇا تون سنجيده آهين؟ مون سان چالاڪي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر. ياد رک، بعد ۾ توکي اهوئي سڀڪجهه قسم کڻي چوڻو پوندو.“

”مان بلڪل سنجيده آهيان سائين. مون رڙ انهيءَ ڪري نه ڪئي جو مون سوچيو ته اهو رڳو هڪ خواب آهي، بلڪه جڏهن انهن چيو ته هو منهنجون اکيون تنگ اينگ سوپ ٺاهڻ لاءِ ڪڍڻ چاهين ٿا ته مان کِليس.“

”ته تنهنجي چوڻ مطابق اکيون ڪڍڻ جو سمورو واقعو رڳو خواب ۾ پيش آيو.“

”منهنجي چوڻ مطابق نه سائين، اهو واقعو خواب ۾ پيش آيو هو.“

”ٿي سگهي ٿو ته تون چريو هجين.“

”نه، مان اهو ثابت ڪري سگهان ٿو سائين. گهڻا ماڻهو شاهدي ڏئي سگهن ٿا ته مان ساري رات سمهيل هئس ۽ ڪنهن به منهنجي ننڊ نه ڦٽائي.“

”ته ڄڻ اهو واقعو يقيني طور تي خواب ۾ پيش آيو هو؟“

”جي سائين.“

”پر جڏهن تون جاڳين ته تنهنجون اکيون غائب هيون؟“

”بلڪل درست سائين. اهائي ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. اهو سڀڪجهه خواب ۾ ٿيو پر جڏهن مان جاڳيس ته حقيقت بنجي چڪو هو.“

جج ڪجهه نه سمجهڻ جي انداز  ۾ ڪنڌ لوڏيو.

”کِلڻ جهڙي ڳالهه!“ هن بڙ بڙ ڪئي.

وهندڙ رت روڊ تائين پهچي چڪو هو.

”ڇا اکين کان وانجهيل ڪو شخص ’اکين ڏٺو شاهد‘ ٿي سگهي ٿو؟“ جج صاحب جو خيال هو ته ٿي سگهي ٿو، آخر سندس اکين سان گڏوگڏ سندس حافظو ته هليو نه ويو.

”اکين ڏڍا شاهد!“

”جي سائين.“

”ڇا تون اڃا تائين شاهدي ڏيئي سگهين ٿو؟“

”مان تيار آهيان سائين. انهيءَ ڪري ته مان اکين جي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ بدران پهرين هن ڪورٽ ۾ آيو آهيان.“

”ڇا توکي اڃا به اهو سڀڪجهه ياد آهي، جيڪو توکي پيش آيو هو، جيتوڻيڪ تنهنجون اکيون وڃي چڪيون آهن؟“

”مون کي ياد آهي حضور.“

”توکي اڃا به ياد آهي ته قتلام ڪيئن ٿيو هو؟“

”جي سائين.“

”ڇا توکي اڃا به ياد آهي ته هو ڪهڙي ريت انڌا ڌُنڌ گوليون ڇوڙي رهيا هئا ۽ ماڻهوڪيلن جي ٿُڙن وانگر ڪِرندا پئي ويا.“

”جي سائين.“

”ڇا توکي اڃا به ياد آهي ته رَت ڪيئن وهي رهيو هو، ۽ ڪهڙيءَ ريت ماڻهو ڪنجهي رهيا هئا ۽ زخمي ماڻهن کي ڪهڙيءَ ريت سنگينون کپائي ماريندا پئي ويا؟“

”مون کي ياد آهي سائين.“

”سڀ ڪجهه چڱيءَ طرح ياد ڪري وٺ، ڇو جو اکين ڏٺا شاهد گهڻا آهن، پر توکان سواءِ ڪوبه شخص ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ تيار ناهي.“

”جي سائين.“

”هڪ ڀيرو وري ٻڌاءِ، ڇا تون اڃا به شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار آهين؟“

”مان تيار آهيان سائين.“

”ڇو؟“

”سچائي ۽ انصاف خاطر سائين.“

ڪورٽ ۾ ڏاڍو گوڙ ڦهلجي ويو. هر شخص، سرڪاري وڪيل ۽ بچاءُ جي وڪيل سميت داد ڏئي رهيو هو. تعريف ۾ آواز ڪڍڻ لڳا، ۽ ڪي ته نعرا به هڻڻ لڳا.

جج صاحب هڪدم پنهنجي هٿوڙي ميز تي هنئي.

”ش... ش...! تحريڪ هلائڻ جي ضرورت ناهي!“ هن مضبوط لهجي ۾ چيو، ”اڄ جي ٻُڌڻي ملتوي ڪئي وڃي ٿي، سڀاڻي وري ڪيس هلندو ۽ هن جي اکين ڏٺي شاهد جو بيان ٻڌو ويندو، جنهن جون اکيون ناهن.“

رهيل طاقت کي ڪم آڻيندي هن هڪ ڀيرو هٿوڙي ميز تي هنئي پر اُها ٽٽي پئي. سڀ ماڻهو کِلڻ لڳا. اخباري نمائندو، جيڪو ننڍيون ننڍيون خبرون لکڻ تي مجبور هو، ڇو جو وڏين خبرن لاءِ آزاد نه هو، جلدي جلدي تصويرون ڪڍڻ لڳو... ڪلڪ، ڪلڪ، ڪلڪ!... هٿن ۾ ڀڳل هٿوڙي کڻي جج صاحب کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪيو ويو.

گهر ڏانهن ويندي جج صاحب پنهنجي ڊرائيور کي چيو، ”ٿورڙو سوچ ته سهي، هڪ شخص کي انصاف ۽ سچائيءَ لاءِ پنهنجين اکين تان هٿ کڻڻو پيو. ڇا مون کي قانون جي نوڪر جي طور تي، انهيءَ کان وڏي قرباني نه ڏيڻ گهرجي؟“

ڊرائيور سندس ڳالهه جو ڪو اهڙو جواب نٿي ڏيڻ گهريو، جنهن سان سندس ڏوهه جو احساس ختم ٿي وڃي. مثال طور اِهو ته ’انصاف انڌو نٿو هجي!‘ پر پريشان ڪندڙ ٽريفڪ- جئم ۾ جج کي ننڊ اچي ويئي.

رت آهستي آهستي پر پوري ويساهه سان شاهي روڊ تي وهندو رهيو، ايتري قدر جو سموري شهر ۾ پکڙجي ويو. انهيءَ شهر جي هر ڪنڊ کي تَر ڪري ڇڏيائين، ايتري قدر جو گهڻ ماڙ بلڊنگن جي ديوارين تي به چڙهي ويو. شهر ۾ اهڙي ڪابه جڳهه رت ـــ هاڻي ٿيڻ کان بچي نه سگهي. پر معجزو اهو ٿيو جو اُن کي ڪنهن به نه ڏٺو.

جڏهن رات ٿي ته اکين کان وانجهيل ”اکين ڏٺي شاهد“ هنڌ تائين پهچڻ کان اڳ عبادت ڪئي. هن دعا ڪئي ته دنيا ۾ سڀڪجهه ٺيڪ رهي، هر ڪم همواريءَ سان هلندو رهي ۽ هر شخص خوش رهي.

پنهنجي ننڊ ۾ هن هڪ ٻيو خواب ڏٺو: يونيوفارم پاتل پنجن ماڻهن سندس زبان پٽي ورتي. هن ڀيري هنن چمٽو استعمال ڪيو هو.

 

 

 

ڇهه ڇهه پئسا ٻه ٻه پايون

نصير مرزا سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ قطعي منفرد، مختلف ۽ پُراثر ليکڪ آهي، جنهن شاعريءَ، نثر توڙي تحقيق مان جنهن به شعبي ۾ قلم کنيو آهي، ته پڙهندڙن کي ضرور حيرت ۾ وڌو آهي. نصير، سنڌي ڪهاڻيءَ جي بانيڪارن مان هڪ نهايت نمايان ۽ مانائتي نالي ۽ مرزا قليچ بيگ جي فرزند نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون سهيڙي، اُن تي شاندار تحقيقي مقدمو لکي، اُن کي نئين سر زنده ڪرڻ کان وٺي. سنڌي ادب جي انوکي ڪردار ۽ هڪ دؤر جي ’ليجينڊ ڪهاڻيڪار‘ حفيظ شيخ جي لکڻين ۽ اُن متعلق هٿ اچي سگهڻ جهڙو سمورو مواد گڏ ڪري، اُن تي انتهائي منفرد اسلوب جو مهاڳ لکي، سنڌي پڙهندڙن جي هڪ اهڙي نسل جو حفيظ شيخ ڏانهن ڌيان ڇڪايو، جنهن جي وڏي اڪثريت حفيظ شيخ جو نالو به نه ٻڌو هو!

هن ڀيري نصير هڪ ڪامياب علمي مهم جُو وانگر هڪ نئين ادبي چوٽي سَر ڪئي آهي. هن جي اهڙي ڪاميابي، ٻاراڻي ادب سان گڏوگڏ مجموعي طرح سان سنڌي ادب ۾ به وڏي فخر ۽ شان سان ڳڻائڻ جهڙي آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي پيڙهه جي پٿر ۽ سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ جي اڪيلي ڪلاسيڪل شاعر ڪشنچند ”بيوس“ جا سمورا ٻاراڻا گيت ۽ نظم ٽڙيل پکڙيل هجڻ ڪري ناياب هئا، جن کي هِتان هُتان ۽ هڪ وڏي عرصي تائين اُنهن جي ڳولا ڦولها ڪري، ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ جي نالي سان هڪ هنڌ سهيڙڻ ئي وڏو ڪم هو، پر نصير ته اُن کان به ٻه وکون اڳتي وڌي، بيوس جي شخصيت، خاندان، فڪر ۽ شاعريءَ متعلق هڪ نهايت معلوماتي ۽ مفصل مهاڳ به لکيو آهي، جنهن ۾ نه رڳو هن شاندار شاعر جي باري ۾ قيمتي معلومات آهي، پر شاعر جي شخصيت ۽ سندس شاعريءَ ۾ دلچسپي رکندڙ سمورن پڙهندڙن لاءِ پڻ گهڻو مواد موجود آهي.

اسان جي اها بدقسمتي چئجي، جو نئين سنڌ ۽ اُن جي جديد ادب جي اڏاوت ۾ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن، ليکڪن، آرٽسٽن، عالمن، شاعرن ۽ محققن کي نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي. نتيجي ۾ هڪ طرف عام ماڻهو پنهنجن محسنن جي مثالي ڪارنامن کان اڻ واقف آهن ته ٻئي طرف پڙهندڙن جي اڪثريت کي به اُنهن ”بنيادي اهميت رکندڙ“ شخصيتن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نه رهي آهي، جنهن سبب تاريخ جي سفر (جيڪوهر حال ۾ جاري آهي) جي ڪڙي ڪڙيءَ سان ملائڻ مشڪل ٿي پيئي آهي. ايستائين جو جيڪي وڏا ۽ تاريخي ماڻهو موجود دور سان واسطو رکن ٿا، ۽ اسان جي اکين آڏو گذاري ويا آهن، انهن جي باري ۾ معلومات هٿ اچڻ مشڪل ٿي ويئي آهي. ان لحاظ کان، پنهنجي منهن سان، هوريان هوريان ئي سهي، اهڙا اهم تحقيقي ڪم ڪرڻ تي، اسان کي نصير جو احسانمند ٿيڻ گهرجي.

نصير جي تحقيق واري ڪم ۾ ڳڻائڻ جهڙي هڪ ٻي به اهم ڳالهه آهي، جنهن کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. هڪ تحقيقي ۽ معلومات پهچائڻ جي خيال سان لکيل مضمون يا مهاڳ ۾ به هو جيڪو رومانوي ۽ افسانوي انداز اختيار ڪري ٿو، تنهن تحقيق جهڙي خشڪ موضوع کي به دلچسپ، خوبصورت ۽ پرڪشش بڻائي ڏيو آهي. خاص طور ٻارڙن لاءِ لکڻ ۾، مون کي سڀ کان سٺو انداز يا ته لوڪ آکاڻين وارو نظر اچي ٿو. يا نصير جي نثر وارو پيرايو! جي نه ته عام طرح انداز جي خشڪي ۽ لفظن جو بار، ٻار جي ذهن کي بيزار ڪري يا پڙهڻ کان پري ڪري سگهي ٿو.

سنڌي ٻارڙن جي عظيم شاعر ڪشنچند ”بيوس“ جي پهريون ڀيرو ڇپيل سموري ٻاراڻي شاعريءَ جي مهاڳ ۾ نصير لکي ٿو: ”اهو طئه آهي ته فقط جديد شاعريءَ جو بنياد بيوس سائينءَ رکيو هو، پر انگريزن جي دور ۾ 1843ع کان 1947ع تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ باقاعده ٻاراڻي ادب جو بنياد جن شاعرن رکيو، انهن سڀني ۾ ڪشنچند بيوس جو نالو مٿانهين جڳهه والاري ٿو. وقت گواهه آهي ته ٻارن جون اِهي پيڙهيون، جن ٻالڪ اوستا ۾ ”بيوس“ سائينءَ جا ٻارن لاءِ لکيل نظم پڙهيا آهن، انهن جي ذهن ۾ هن جا نظم ننڍپڻ جي ڪنهن انتهائي خوبصورت ياد وانگر اڄ به محفوظ آهن. سنڌ جي هر نئين نسل لاءِ انهن جي ذهني اوسر، وندر ۽ ورونهن ۽ اخلاقي سکيا لاءِ بيوس نه فقط سدا بهار جي گلن جهڙا نظم ۽ گيت ئي سِرجيا آهن، پر انهن سان گڏوگڏ سهڻا ۽ دلچسپ ناٽڪ لکي، سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب کي وڏو ذخيرو مهيا ڪري ڏيڻ جي ڪوشش به ورتي هئي.“

نصير هن مهاڳ ۾ ٻڌايو آهي ته هن نامور شاعر جو جنم 25 فيبروري 1885ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو ۽ 22 سيٽمبر 1947 تي، (جنهن دور ۾ دنيا جي نقشي تي ننڍي کنڊ جي نالي سان سڃاتو ويندڙ عظيم تهذيبي ورثو رکندڙ خطو ٻن حصن ۾ ورهائجي ڇڪو هو)، بيوس سائين پرلوڪ پڌاري پنهنجي ڌڻيءَ کي وڃي پرتو. ڪتاب ۾ بيوس جي ننڍپڻ، دلچسپين، شعري سفر، پهرئين شعر، پهرئين مجموعي ۽ سموري ادبي ڪارگذاريءَ جو سالن ۽ تاريخن سميت تذڪرو ته ملي ٿو، پر لاڙڪاڻي ۾ اُهو گهر، جنهن ۾ بيوس رهندو هو، اهو شفاخانو، جنهن ۾ هو پنهنجي ڪلينڪ هلائيندو هو ۽ تاريخي گيان باغ جو اُهو ٿلهو، جنهن تي ويهي هو ليڪچر ڏيندو هو، اُنهن جون تصويرون به شامل ڪيون ويون آهن، جنهن سبب هن وڏي شاعر جي ماحول جي هڪ هڪ جهلڪ ڏسڻ جو به موقعو نصيب ٿي وڃي ٿو. ان کان سواءِ ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پاين“ ۾، 1935ع ۾ بيوس جي سورنهن ۽ دادا هري دلگير جي چئن نطمن تي مشتمل چوپڙي ”مؤجي گيت“ ۾ شامل خوبصورت، رسيلن ۽ ٻارڙن جا کٽمٺڙن وانگر چپ مٺا ڪري سگهندڙن شعرن سان گڏ درسي ڪتابن، رسالن ۽ جابجاءِ پکڙيل ٻاراڻن شعرن کي به هن مجموعي ۾ جمع ڪيو ويو آهي، جيڪو يقينن هڪ وڏو ۽ هڪ لحاظ کان تاريخي ڪم آهي.

منهنجي ذاتي راءِ آهي ته جيترو منفرد ۽ وڏو سنڌي شاعريءَ ۾ ڪشنچند بيوس جو مقام آهي، اوترو ئي منفرد ۽ وڏو، هيءُ ڪم نصير جي ادبي سڃاڻپ جي حوالي سان ڪتاب ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ آهي، جيڪو هن وڏيءَ محبت ۽ محنت سان سهيڙيو آهي، جيڪو هن جي بيوس سان اٿاهه عقيدت ۽ ٻارڙن جي ادب سان گهري دلچسپيءَ جو ثبوت آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻارڙن جي هڪ ٻئي عظيم شاعر ۽ بيوس سائينءَ جي ويجهي ساٿي دادا هري دلگير کي ”منسوب“ ڪري، نصير هڪ ٻيو ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن بيوس سائين ٻاراڻي شاعري جي ساڄي ٻانهن آهي ته دادا هري ان جي کاٻي ٻانهن آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن بيوس سائين ٻاراڻي... ادب ۾ سدائين سج وانگر روشن ۽ تابناڪ آهي.

سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل هن ڪتاب ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ جي قيمت 50 روپيا آهي، ۽ مهانگي هجڻ جي باوجود هي هڪ قيمتي تحفي جيان آهي. ايڪيهين صديءَ جي پهرئين سال ۾ ڇپيل هي ڪتاب ويهين صديءَ جي عظيم شاعر کي هڪ خوبصورت خراج عقيدت ته آهي ئي. پر ان سان گڏ بيوس جي بي مثل شاعريءَ جو ٻيهر منظر عام تي اچڻ سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ جي نئين سر ابتدا جو ڪارڻ به بڻجي سگهي ٿو.            

- اسحاق سميجو

 

اڳتي قدم

سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي علمي، ادبي ۽ فڪري توڙي فني سفر جو هڪ طويل دور آهي، جنهن سنڌ جي نه رڳو علمي ۽ ادبي دنيا تي پنهنجا مثبت اثر ڇڏيا، پر سموري سنڌي سماج کي پڻ متاثر ڪيو. شيخ اياز جي فڪري اثر جا رنگ سماج تي جيئن پوءِ تيئن وڃن ٿا گهرا ٿيندا. سندس پڙهندڙن ۽ مداحن جو جيترو حلقو وسيع آهي، اوتروئي سندس فڪري ۽ فني اثر قبول ڪندڙن ۽ سندس رنگ کي پنهنجو ڪندڙن جو به آهي. هن سموري ادبي دؤر تي اياز جو رنگ ڇانيل آهي.

شيخ اياز جي علمي، فني ۽ فڪري پهلوئن ۾ هڪ پهلو ”ادبي صحافت“ وارو به آهي، جيڪو سندس فڪري ۽ فني زندگيءَ جي ابتدائي دور کان ئي وجود ۾ آيو. انهيءَ حوالي سان سندس ادبي صحافت جي شروعات ”اڳتي قدم“ (شڪارپور) جي اشاعت سان ٿي. ”اڳتي قدم“ شيخ اياز آگسٽ 1947ع کان شڪارپور مان شايع ڪيو. انهيءَ رسالي جا ٽي پرچا عزيزم ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي ذاتي لئبرريءَ ۾ ڏٺا هئم، جي سندس والد مرحوم محمد صديق هڪڙي جي ڪليڪشن مان کيس ورثي ۾ مليا. اِهي ٽيئي پرچا جڏهن مون پڙهيا، تڏهن شيخ اياز جي ڏاهپ ۽ ادارت کان گهڻومتاثر ٿيس. ”اڳتي قدم“ جو پهريون شمارو 97 صفحن تي مشتمل هو، ۽ ٻيو شمارو 75 صفحن تي پکڙيل، جيڪو سيپٽمبر 1947ع جو هو ۽ آڪٽوبر 1947ع وارو ٽيون شمارو 63 صفحن تي پکڙيل هو.

تازو شيخ اياز جي 78 سالگره (2- مارچ 2001ع) جي وڻندڙ موقعي تي ”شيخ اياز فائونڊيشن“ جي چيئرمين سائين محمد ابراهيم جويي فائونڊيشن پاران ٽيئي پرچا ’ٻيهر‘ هڪ ئي جلد ۾ ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن. موجوده اشاعت 192 صفحن تي مشتمل آهي.

”اڳتي قدم“ جا اِهي ٽيئي پرچا ”شيخ اياز فائونڊيشن“ کي ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي شاعت لاءِ ڏنا، جن لاءِ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب لکيو آهي ته ”شيخ اياز فائونڊيشن طرفان ۽ آءٌ پاڻ به جناب ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو ٿورائتو آهيان، جنهن ’اڳتي قدم‘ جي ٽنهي پرچن جو مواد گڏ ڪري، پيش لفظ لکي ۽ ان سلسلي ۾ جدا لکيل ۽ ڪتاب ’شاعر جي خوابن جي خوشبو‘ ۾ شايع ٿيل پنهنجي مطالعاتي مضمون سميت اسان کي هن طرح ’اڳتي قدم‘ کي شايع ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. آءٌ سندن هن سون جهڙي راءِ سان سورهن آنا متفق آهيان ته 1947ع ۾ ’اڳتي قدم‘ جي اشاعت سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي هڪ بنيادي ڪوشش هئي.“

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سنڌ ۾ جديد شاعري ۽ نثر جي شروعات ڪندڙ شيخ اياز ئي آهي. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انور فگار به لکيو آهي ته ”اسان جي سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز به سنڌ ۾ سجاڳي ۽ بيداري آڻڻ لاءِ شروع کان ئي قدم کنيا، تن جي سماجي ڪارج کي ڏسي ضرور داد ڏيڻو پوندو. سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ کي رائج ڪرڻ لاءِ هن آگسٽ 1947ع ۾ رسالو ’اڳتي قدم‘ جاري ڪيو، جو ترقي پسند تحريڪ جي تاريخ ۾ انفرادي ڪاوش جو هڪ اَمٽ اهڃاڻ آهي. ان رسالي جي اجراء سان ڪي نوان خيال ظاهر ڪيا ويا ته ڪي نيون صنفون به سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ روشناس ٿيون. انهيءَ ڪري هن رسالي جو ادب ۾ وڏو ڪردار آهي.“

ان ئي سلسلي ۾ ”اڳتي قدم“ جي ٻئي شماري ۾ شيخ اياز جي هڪ ڳالهه هن طرح آيل آهي، جا ترقي پسند ادب جي هڪ سهڻي وضاحت پڻ آهي. ”اڳتي قدم“ جو پهريون پرچو ڏسي پڇيو ويو آهي ته ڇا، ترقي پسند ادب صرف افادي ادب Utilitarian Literature آهي، يعني ترقي پسند ادب جو مقد صرف عوام ۾ بغاوت ڦهلائڻي ۽ مزور هاري انقلاب جو بنياد وجهڻو آهي ڇا؟ جي ائين آهي ته ترقي پسند ادب ۾ ڪهڙو لطف ۽ دلڪشي رهي سگهندي ۽ اهو انسانذات جي ٿڪل ٽٽل دماغ کي ڪهڙي تراوت پهچائيندو. اسان جو جواب آهي ته صحيح معنيٰ ۾ انقلابي ادب ترقي پسند ادب آهي پر ترقي پسند ادب صرف انقلابي ادب نه آهي. انقلابي ادب کي به پنهنجو معيار آهي ۽ اهو صرف ”هاري مزدور انقلاب زنده باد“ جي نعري تائين محدود نه آهي.

”اڳتي قدم“ جي هيءَ ٻي اشاعت اسان کي سنڌ ۾ جديد ادب جي شروعاتي دور کي ڏسڻ ۽ پرکڻ لاءِ هڪ اهم ادبي دستاويز طور مليو آهي، ۽ اڄوڪي تحقيقي دور ۾ پڻ ان جي اهميت کي محسوس ڪيو ويندو. ائين ئي شيخ اياز جي پڙهندڙن کي اياز جي فڪري پس منظر کي سمجهڻ جو پڻ موقعو ملي ٿو.

”اڳتي قدم“ ۾ جيڪي به لکڻيون آيل آهن، تن تي شيخ اياز صاحب جا تنقيدي رايا به اسان جي سنڌي ادب ۾ تنقيد جي حوالي سان جديد تنقيد جي شروعاتي اهڃاڻن جي حيثيت رکن ٿا. اهڙي طرح ڪن جديد صنفن جي شروعات به ”اڳتي قدم“ کان ئي نظر اچي ٿي، جن ۾ شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو ”آزاد نظم“ به آهي.

هن مختصر تبصري ۾ آءٌ ”اڳتي قدم“ جي هرهڪ صنف توڙي لکڻين يا لکندڙن جي تفصيل ۾ وڃڻ نٿو گهران، ڇاڪاڻ جو اهو سمورو ڪم تبصري جي حدن کان وڌي مقالي جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ آءٌ ايترو چوندس ته اياز شناسيءَ لاءِ ”اڳتي قدم“ جو مطالعو هڪ وڏي وٿ آهي ۽ ان جو مطالعو ڪن نون گوشن کي ضرور ظاهر ڪري ٿو. ان لاءِ ”شيخ اياز فائونڊيشن“ جي ڪوشش کي ساراهي سگهجي ٿو. هن ادبي تحفي جي قيمت رڳو سٺ روپيه آهي، جا اديبن، شاگردن ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪا گهڻي نه آهي.

-         نقش ”ناياب“ منگي

 

ڪتاب استاد فارسي

 

مولانا الاهي بخش جديد دور ۾ سنڌ جو هڪ هاڪارو عالم ٿي گذريو آهي. هن جو تعلق تعلقي ميهڙ جي ڳوٽ ٻانهو لاکير سان هو. مولانا هڪ طرف استاد جي حيثيت ۾ ڪافي شاگردن کي پڙهايو، جن اڳتي هلي دين جي وڏي خدمت ڪئي، ته ٻئي طرف مذهبي عنوانن تي ڪجهه ڪتاب پڻ لکيا. هن عالم دين 1338هه ۾ وفات ڪئي.

مولانا الاهي بخش جي تحريري ورثي بابت سندس شاگرد مولانا دين محمد ”اديب“ فيروز شاهي لکيو آهي ته ”سندن تاليف ڪيل ڪجهه ڪتاب هن طرح آهن: نيڪ صلاح، بهشتي باغ، ضرورت پرده، آرين جي رد ۾ هڪ رسالو ۽ تعليم تي هڪ رسالو. هي آخري رسالو ڪو ماڻهو ڇاپڻ لاءِ وٺي ويو مگر ڇپجي نه سگهيو ۽ گم ٿي ويو.“

(مهراڻ، سوانح نمبر، 3-4/1957ع، ص 94).

تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”استاد فارسي“ جو ليکڪ مولانا الاهي بخش مرحوم آهي. ڪهڙي خبر ته هي اُهو ئي گم ٿيل رسالو هجي، جنهن جو ذڪر مولانا دين محمد ”اديب“ ڪيو هو. هن ڪتاب جو مسودو سنڌ جي هڪ ٻئي عالم مولوي محمد لاکي (وفات: 1389هه) کي هٿ آيو، جو هن پنهجي هٿن اکرن ۾ نقل ڪري محفوظ ڪري رکيو. خدا جي قدرت، جو ليکڪ توڙي نقل ڪندڙ جي حياتيءَ ۾ هيءَ لکت ڇپجي نه سگهي، ۽ موجوده دور ۾ هي ڪتاب ڇپجي منظر عام تي آيو آهي. هي ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آهي، ۽ ان جو تعلق فارسي گرامر سان آهي. ڪتاب ۾ ڪل 46 صفحا آهن، ۽ قيمت 30 روپيا بلڪل مناسب ڏسجي ٿي.

هن ڪتاب جي لکجڻ کان وٺي ڇپجڻ تائين ٽي ڪردار اُڀري اچن ٿا: ليکڪ مولانا الاهي بخش مرحوم، نقل ڪندڙ مولوي محمد عمر لاکو ۽ مرتب توڙي پبلشر حڪيم غلام رسول لاکو. حڪيم صاحب، هن ڪتاب جي نقل ڪندڙ مولوي محمد عمر مرحوم جو ڏوهٽو آهي.

قديم ڪتاب نقل ڪرڻ، ايڊٽ ڪري سنوارڻ ۽ انهن کي جديد علمي انداز سان نروار ڪرڻ جا ڪجهه معيار ۽ ضابطا مقرر ٿيل آهن. انهن کي مدنظر رکندي اگر ”ڪتاب استاد فارسي“ جي ترتيب ڏسجي ٿي ته نهايت تعجب جو اظهار ڪرڻو پوي ٿو. ڪنهن به قديم مسودي کي ايڊٽ ڪري ڇپرائڻ وقت بنيادي طور تي ان ڪتاب جي ليکڪ جو حق تسليم ڪيل آهي. حيرت جو مقام آهي ته هي ڪتاب شايع ڪندي، اصل مصنف جي زندگي ۽ خدمتن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڪتاب کولڻ سان خبر پوي ٿي ته ڪاتب (نقل ڪندڙ) ۽ پبلشر اوليت ۽ اهميت رکندڙ آهن، جڏهن ته ڪتاب جي ”اصل ليکڪ“ مولانا الاهي بخش مرحوم کي ”ٽئين درجي“ تي بيهاريو ويو آهي! پبلشر ”پنهنجي پاران“ نوٽ لکندي جيڪڏهن ڪاتب مولوي محمد عمر سان به انصاف ڪري ها، تڏهن به علمي دنيا اندر مڃيل تحقيقي ضابطن جو ڪجهه ڀرم رهجي اچي ها. جڏهن ڪتاب ٺهي ٺڪي پريس لاءِ تيار ٿيو، تڏهن خدا جي ڪنهن بندي پبلشر جو ان نقطي طرف ڌيان ڇڪرايو ٿو ڏسجي، ان ڪري ئي ڪتاب جي آخر ۾ اصل مصنف (مولانا الاهي بخش رحه) جو تعارف (از: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري) ڏنو ويو آهي ۽ بعد ۾ ڪاتب جي سوانح ۽ علمي خدمتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته مولانا محمد عمر ”مُنبهات ابن حجر عسقلاني“ جهڙي نامور ڪتاب جو پڻ ترجمو ڪيو، جو اڻ ڇپيل حالت ۾ رهجي ويو. اِن ڪتاب جو ذڪر به اچڻ گهربو هو، جنهن کان سوانحي صفحو محروم آهي!

”فهرست“ کي ڪتاب جي آخر ۾ آڻڻ سان هڪ وڌيڪ سُقم جو ثبوت ملي ٿو. اميد ته ناشر مستقبل ۾ علمي ڪم ڪندي انهن نقطن طرف توجهه ڏيندو  

- اشرف علي سمون

 

مهراڻ منير شرح نحومير

مهراڻ منير، مشهور عالم ۽ فاضل مير سيد شريف جرجاني (وفات 816هه) جي جڳ مشهور ڪتاب ”نحو مير“ فارسي جو شرح آهي. مير سيد شريف اُها عظيم شخصيت آهي، جنهن جي سڄا سارا اَٺ ڪتاب درسِ نظامي ۾ داخل رهيا آهن: 1- صغريٰ، 2- اوسط، 3- ڪُبريٰ (منطق جي موضوع تي فارسي ۾ لکيل رسالا)، 4- صرف مير (علم الصرف جي موضوع تي فارسي ۾ لکيل ڪتاب)، 5- نحومير (نحو غزل لاءِ فارسي زبان ۾ لکيل مشهور ڪتاب)، 6- ميرا ايسا غوجي (منطق جي موضوع تي لکيل مشهور ڪتاب ”ايسا غوجي“ جو عربي شرح)، 7- ميرقطبي (منطق جي مشهور ڪتاب ”قطبي“ جو عربي شرح)، 8- شرح اعواقف (علم الڪلام ۾).

صرف ۽ نحو درحقيقت عربي گرامر جا ٻه حصا آهن. صرف جو تعلق مفردات سان ۽ نحو جو تعلق مرڪبات سان آهي، ”نحو مير“ نحو عربي لاءِ فارسي ۾ لکيل بنيادي ڪتاب آهي، جيڪو 6 صدين گذرڻ باوجود، اڄ به اوتروئي مقبول آهي، جيترو اڳ ۾ هو. اڄڪلهه ديني مدرسن ۾نحو لاءِ پهريون پهريون ڪتاب جيڪو درس طور پڙهايو ويندو آهي، سو ”نحو مير“ آهي. جنهن جي اهميت کي سامهون رکندي ڪيترن ئي سنڌي عالمن ان جا سنڌي ترجما ڪيا آهن ۽ سنڌي شرح لکيا آهن. مثلاً:

1-       تيسير النحو- مولانا شبير احمد ڀٽو، اُلرا، پريالو، خيرپور، (ڇپيل)

2-      التنوير شرح نحومير- مولانا ميان جميل احمد انڍڙ، سکر، (ڇپيل)

3-      شرح نحومير- مولانا غلام حسين وليداني (وفات 1968) لاڙڪاڻو، (اڻ ڇپيل)

4-      شرح نحومير- مولانا احمد الدين کوسو، سٺ ميل، نوابشاهه، (اڻ ڇپيل)

5-  نحومير سنڌي- مولانا محمد معروف متعلوي (وفات 1981)، (اڻ ڇپيل)

6-  نحومير سنڌي- قاضي فتح محمد نظاماڻي، ميرپورخاص، (اڻ ڇپيل)

7-  فضل ڪثير شرح نحومير- مولانا علي محمد حقاني،لاڙڪاڻو، (اڻ ڇپيل)

8-  مجموعه قوانين نحومير- مولانا عبدالقادر بروهي، خضدار، (اڻ ڇپيل)

9-  شرح نحومير- مولانا نظر محمد اڄڻ، کهڙا، گمبٽ، (اڻ ڇپيل)

10-            شرح نحومير- مولانا محب الله مري بلوچ، ڪنڊيارو، (اڻ ڇپيل)

زير تبصره ڪتاب ”مهراڻ منير شرح نحومير“ به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو سولي سنڌي ۾ اسان جي دوست جناب مولانا حافظ عبدالرزاق سڪندري صاحب تيار ڪيو آهي.

ياد رهي ته ”مهراڻ منير“ نالي هيءَ شرح ٻن ڳالهين تي مشتمل آهي:

1-     نحومير جو سنڌي ترجمو، جيڪو حافظ صاحب جي پنهنجي ڪاوش ۽ محنت جو نتيجو آهي.

2-  نحومير جو شرح، جيڪو دراصل علامه عبدالحڪيم شرف قادري (جامعه نظاميه لاهور) جو اردو ۾ تيار ڪيل آهي، جنهن جي افاديت ۽ اهميت کي محسوس ڪندي حافظ صاحب ان جو سنڌي ترجمو ڪري، نحومير جي طالبن آڏو آندو آهي.

ڪتاب جي ترتيب هن ريت آهي؛ پهريائين نحومير جو فارسي متن، ان کان پوءِ ان جو سنڌي ترجمو آهي. ان کان هيٺ تشريح جي عنوان سان مولانا عبدالحڪيم صاحب جي اردو شرح نحومير جو سنڌي ترجمو ڏنل آهي. ترجمو نهايت سليس ۽ عام فهم آهي، ۽ نحومير جو پهريون سنڌي شرح آهي، جيڪو ڪنهن اردو تان سنڌي ۾ منتقل ٿيو هجي.

هن دور ۾ هن ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪئي ٿي وڃي ته درس نظامي جي بنيادي ڪتابن، خصوصي طور ”عربي گرامر“ سان واسطو رکندڙ ڪتابن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سمجهايو وڃي، ڇو ته عربي گرامر سمجهائڻ لاءِ عربي توڙي فارسي زبان ۾ لکيل ڪتاب پڙهڻ وقت شاگرد ويچارو ڇا ڪري؟ ڪتاب جي عبارت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اصل فن/علم هليو ٿو وڃي. تنهنڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته عربي گرامر خود عربيءَ ۾ نه پر ”سنڌي ٻولي“ ۾ سمجهايو وڃي، جيئن شاگرد عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي ڏکين لفظن/جملن ۾ اُلجهڻ بجاءِ، يسڪوئي سان عربي گرامر کي سمجهي سگهي. ان ڪري نحومير فارسي کي، سنڌي زبان ۾ آڻن هڪ وقتائتو قدم آهي، جنهن سان عربي مدرسن جا شاگرد ته فائدو حاصل ڪندا ئي ڪندا پر انگريزي پڙهندڙ شاگرد به لاڀ پرائي سگهن ٿا.

هيءُ ڪتاب رائل سائيز جي 152 صفحن تي مشتمل آهي. ڪارڊ ڪور سان ۽ خوبصورت ٽائيٽل سان، مڪتبه حزب الاحناف، جامع مسجد پوليس لائين، سانگهڙ، طرفان شايع ٿيو آهي. قيمت لکيل نه آهي.

- ڊاڪٽر محمد ادريس السِندي

محمد سومار شيخ، هڪ مطالعو

سنڌي ادب جو ناميارو محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي گوناگون ادبي ۽ تحقيقي خدمتن سبب علمي دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي. سندس ادبي ۽ تحقيقي ڪارنامن مان استاد، اديب ۽ شاعر ۽ علمي حلقا خوب مستفيد ٿين ٿا.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب، سنڌي ادب ۾ مختلف عالمن، اديبن ۽ شاعرن توڙي محققن جي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ’هڪ مطالعي‘ جو سلسلو جاري ڪيو آهي، تن ۾ ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“، ”شيخ اياز: هڪ مطالعو“ ۽  ”تنوير عباسي: هڪ مطالعو“ جهڙن ڪتابن ڏيڻ کان پوءِ، تازو ”محمد سومار شيخ: هڪ مطالعو“ ڪتاب لکيو آهي، جو لاڙ ادبي سوسائٽي بدين ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

محمد سومار شيخ هڪ نهايت صلاحيتمند، جاکوڙي ۽ ناميارو اديب هو. سندس گهڻ رخي شخصيت کي ”محمد سومار شيخ- هڪ مطالعو“ ۾ مختصر مگر جامع انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. 72 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ چار باب ۽ چار ضميما آندا ويا آهن. پهريون باب سوانح عمري متعلق آهي، ٻيو باب شعرو شاعري جي عنوان هيٺ آهي، ٽيون باب تصنيفات جا اهم سلسلا ۽ چوٿون باب پڻ ساڳئي عنوان هيٺ آهي. ضميمي پهرين ۽ ٻئي ۾ محمد سومار شيخ جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڏسڻي ڏنل آهي، جنهن جي مطابق هن ڪل ٽي سو ٻاويهه ڪتاب لکيا. ضميمي چوٿين موجب سندس نالي سان شايع ٿيل ڪتاب ستيتاليهه آهن. ضميم ٽئين ۾ محمد سومار شيخ پاران ڪي ڪتاب اڪثر دوستن، اديبن ۽ ادارن کي استفاده ڪرڻ ۽ ڇپرائڻ لاءِ ڏنا ويا، جن جي آخر تائين واپسي نه ٿي! اهڙن ڪتابن جو تعداد ٽيويهه ڄاڻايل آهي.

هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته محمد سومار شيخ وڏي پايي جو اديب هو، جنهن تاريخ ادب توڙي  ثقافت ۽ سماج تي گهڻو لکيو. سندس لکڻ پڙهڻ جي جنون ۽ عشق جا اهڃاڻ ظاهر ظهور پسجن ٿا، جيئن هڪ هنڌ لکيو ويو آهي ته ”ابتدائي زماني کان وٺي کيس پنجاهه- سو روپيه هٿ ايندا هئا ته ڪنهن نه ڪنهن مسودي سوڌو حيدرآباد واريءَ ريل ۾ هوندو هو ۽ ڪتاب ڇپائي وڃي ساهه کڻندو هو. واقعي هي سڄاڻ ليکڪ لاڙ جي ورثي جو وارث هو.“  سندس  محبت ڀري محنت کي جيئري ڪيتري مڃتا ملي؟ پر وقت ۽ تاريخ ئي ماڻهو جي علمي مڃتا ڪندڙ هوندا آهن. اڄوڪي وقت ۾ اهو اعزاز ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي کي ئي حاصل ٿيو آهي، جنهن هن گوهر جي قدر کي ڄاڻي، عام کي آگاهي ڏني آهي. هي ڪتاب ادب ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ وڏي ڄاڻ فراهم ڪندڙ آهي. ان جي قيمت پنجاهه روپيا آهي.

-         نقش ناياب منگي

 

”سرمست“ ۾ شايع ٿيل مواد جي

مڪمل فهرست

حضرت سچل سرمست کي سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شاعر تسليم ڪيو ويو آهي. سچل سائينءَ جو تعلق ٽالپرن جي دور سان آهي. کيس نه رڳو سنڌي شعر جي حوالي سان پر اردو، سرائڪي ۽ فارسي شاعريءَ جي حوالي سان به وڏي اهميت حاصل آهي. برٽش دور ۾ سچل جي شاعري ۽ سوانح تي ڪم جي ابتدا ٿي. قيام پاڪستان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ”سچل“ جا سنڌي ۽ سرائڪي رسالا مرتب ڪرائي شايع ڪيا. هن دور ۾ سچل سرمست يادگار ڪميٽيءَ جو خيرپور ۾ قيام عمل ۾ آيو. ڪميٽي سال به سال سچل سرمست جي عرس جي حوالي سان، ادبي مجلسون قائم ڪري هن عظيم شاعر جي فڪر کي پکيڙڻ لاءِ تعريف جوڳو ڪم ڪيو. سال 1980ع کان ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ پڙهيل مقالن ۽ شعرن کي ڪتابي سلسلي هيٺ ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن ڏس ۾ پهريون شمارو 1981ع ۾ ”سرمست“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. اڳتي هلي ”سرمست“ ۾ صرف مضمون ۽ مقالا شامل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. سرمست جا يارنهن پرچا (1991ع تائين) سنڌ جي نامور اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ  ترتيب ڏنا. ٻارهين پرچي کان وٺي اوڻيهين شماري (1999ع) تائين، اٺ پرچا محمد علي حداد ترتيب ڏنا، تنوير ۽ حداد هن وقت جهان ڇڏي چڪا آهن.

سنڌ جو نوجوان اديب ۽ محقق محمد پنهل ڏهر نوي واري ڏهاڪي کان سچل يادگار ڪميٽي پاران منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. ان دور ۾ پاڻ خيرپور ميرس ۾ ملازمت ڪندو هو، جنهن سبب هن کي ڊاڪٽر تنوير ۽ محمد علي حداد صاحب کي ويجهي رهڻ جو موقعو مليو. پاڻ ٻنهي اديبن کان گهڻو ڪجهه پرايائين. انهن جي اچانڪ رحلت، سڄي سنڌ وانگر محمد پنهل ڏهر کي به گهڻو صدمو رسايو. ڏهر صاحب پنهنجن وڇڙي ويل هنن ٻنهي عالمن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ، تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”سرمست ۾ شايع ٿيل مواد جي مڪمل فهرست“ ترتيب ڏنو ۽ ان کي هڙان وڙان خرچ ڪري ڇپرائي پڌرو ڪيو.

سرمست بابت هن فهرست ۾ انهن پرچن کي شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي شمارا ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ محمد علي حداد ترتيب ڏنا هئا. هن ڪتاب جي رٿا ٻن حصن ۾ ڪئي وئي آهي. پهرئين حصي ۾ مواد- وار فهرست ۽ ٻئي حصي ۾ مصنف- وار فهرست ڏني ويئي آهي. ڏهر صاحب پنهنجي پاران (پيش لفظ) ۾ سرمست سلسلي توڙي سچل يادگار ڪميٽيءَ تي مختصر مگرجامع گفتگو ڪئي آهي، جا پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي اهميت رکي ٿي. هن علمي ڪم جي تڪميل ۾ کيس ڪجهه دوستن مدد ۽ رهنمائي ڪئي. ان بابت گفتگو ڪندي پاڻ لکي ٿو: ”جناب ڊاڪٽر علي نواز شوق صاحب جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سمورو بندوبست ڪيو ۽ تمام ٿوري وقت اندر هي ڪتاب ڇپائي منظر عام تي آندو. پياري دوست ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب ۽ ڪجهه ٻين دوستن جو به ٿورائتو آهيان، جن پڻ هن ڪتاب جي ڇپائي لاءِ مشورا ڏنا ۽ ڇپائي ۾ مدد ڪئي.“

هي ڪتاب ڊسمبر 2000ع ۾ سچل ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي، سنڌ ريسرچ لائبرري ڳوٺ غلام علي ڏهر (ڏهرڪي) پاران شايع ڪيو ويو.

علمي دنيا ۾ اِن نوعيت جي ڪم کي ”رفرنس مٽيريل“ سڏيو وڃي ٿو. رفرنس مٽيريل جي تحقيقي لٽريچر ۾ وڏي اهميت آهي. اميد آهي ته ڏهر صاحب جي هيءَ محنت سچل جي سوانح ۽ فڪر بابت ڪم ڪندڙ اديبن ۽ عالمن لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي. 36 صفحن تي مشتمل حوالي جو هي ڪتاب سادي ڪاغذ تي ڇپرايو ويو آهي. مٿس قيمت لکيل ڪانهي. هن علمي ڪم لاءِ ڏهر صاحب کي مبارڪباد پيش ڪرڻ گهرجي.

-         ڊاڪٽر محمد قاسم سومرو

 

براهوئي تخليقکار

 

سنڌين ۽ براهوين جا هزارن سالن کان وٺي سماجي، سياسي، تجارتي، تهذيبي ۽ ثقافتي رشتا رهيا آهن. ٻيئي قومون ايترو ته ويجهو آهن جو ”هڪ جان“ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ براهوئين کي ”سنڌي“ سڏيو ويو آهي. سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف رحه جي ڪلام ۾ براهوئي ٻوليءَ جا لفظ ملن ٿا. هوڏانهن سنڌي اساسي شاعريءَ جي آخري نمايان نانءُ غلام محمد خانزئي (براهوئي) پنهنجي سڄي ڄمار سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙيو. ويهين صديءَ ۾ مير رحيمداد خان مولائي شيدائي، ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ براهوئي، عزيز الله ”عزيز“ براهوئي ۽ ٻين مخلص خدمتگارن جي ادبي خدمتن سان ٻنهي ٻولين ۾ وڏو سنگم پيدا ٿيو. موجوده دور ۾ اِهو ڪردار سنڌي ۽ براهوئي ادب جو ناليوارو ليکڪ عبدالقيوم ”جوهر“ براهوئي لاڳيتو خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪري رهيو آهي.

براهوئي ادب ۾ 1970ع کان پوءِ جي دور کي هڪ سونهري دور سڏيو وڃي ٿو، ڇو ته هن دور ۾ براهوئي زبان سان محبت ڪندڙ هڏ ڏوکين ۽ نوجوان ليکڪن جي هڪ وڏي کيپ ادب جي ميدان ۾ قدم رکيو؛ جنهن ڪري نوان قومي جذبا ۽ لاڙا پيدا ٿيا. محنتي ۽ صلاحيتمند قلمڪار ”جوهر“ براهوئي به انهيءَ دور سان وابسته آهي، جنهن جي علمي ۽ ادبي خدمتن سموري بروهي ادب جي هر صنف تي اَڻ مٽ نقش مرتب ڪيا، ۽ جنهن جي خدمتن کان سواءِ براهوئي ادب جي جديد تاريخ اڻپوري آهي. ”جوهر“ براهوئي صرف شاعر ۽ نثرنگار نه آهي، بلڪ هو ڪيترن ئي حوالن سان هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو، ۽ سندس تصنيف ڪيل ڪتابن براهوئي ادب ۾ شاندار اضافو ڪيو آهي.

(1)  احوالِ غم (براهوئي شاعري) 1976ع؛ (2) گوريڇ (براهوئي انشائيه) 1980ع؛ (3) دُردانه (براهوئي شاعري) 1981ع؛ (4) شيموش (براهوئي شاعري) 1991ع؛ (5) دغار (براهوئي ادبي سيمينارن جي ڪاروائي) 1990ع؛ (6) روشنائي (براهوئي نعتيه شاعري) 1991ع؛ (7) شادوزباد (براهوئي انقلابي شاعري) 1992ع؛ (8) رحمت عالم (براهوئي ۾ سيرت) 1993ع؛ (7) شَڪر ڦُل (براهوئي شاعري) 1996ع؛ (10) ڪاروان (براهوئي شاعري) 1995ع؛ (11) توبني نارندي (براهوئي شاعري) 1995ع؛  (11) تو نبي نارند سي (برا هوئي شاعري) 1998، (12) سنگت (ٽماهي ڪتاب سلسلو)

”سنگت“ ڪتابي سلسلي جا 1981 ع کان وٺي. 1990ع تائين تقريباً ٻاويهه پرچا براهوئي پبليڪيشن فريد آباد، ميهڙ، مان شايع ٿي چڪا آهن. انهن مان ”غازي“، ”ڪاروان“، ”فيض“، ”سُهيل“، ”غزل رنگ“، ”تاجل“، ”ڀٽائي“، ”گُربام“، ۽ ٻيا خاص نمبر طور شايع ٿيا آهن. اپريل، مئي، جون 1986ع وارو پرچو ”ڀٽائي نمبر“ طور شايع ٿيو، جنهن ۾ جوهر صاحب ”سر ڪلياڻ“ جو براهوئي زبان ۾ منظور ترجمو ڪيو آهي.

”جوهر“ براهوئي جو تازو معياري ڪتاب ”براهوئي تخليقڪار“ شايع ٿيو آهي، جيڪو براهوئي اديبن ۽ براهوئي زبان تي ڪم ڪندڙ غير براهوئي اديبن جي سوانح ۽ علمي ڪارنامن تي مشتمل آهي، جو براهوئي ادبي تاريخ ۽ تذڪره نويسيءَ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.

براهوئي ادب ۾ صحيح معنيٰ ۾ ادبي تاريخ رنگ ۾ لکيل تذڪرا براهوئي زبان جي نامور محقق ڊاڪٽر عبدالرجمان براهوئي لکيا. ان طرح خداداد گل جي ”براهوئي ادبي تاريخ“ ۽ حميد شاهوانيءَ جي ”براهوئي زبان و ادب“ کي به اهميت حاصل آهي. پر هنن جو ڪم، اصل ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ٿيل ڪم جي بنياد تي رکيل آهي. ان کان پوءِ ”جوهر“ براهوئي وڏي محنت سان هيءُ گلدستو ”براهوئي تخليقکار“ جوڙيو آهي، جنهن ۾ مختلف دورن کي عالمانه انداز سان ۽ منفرد نموني سان قلمبند ڪيو ويو آهي.

هي ادبي تذڪرو براهوئي ادبي تاريخ سان گڏ سنڌي ادبي  تاريخ سان گڏ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ به وڏي اهميت جو حامل آهي، ڇو ته تاجل، فيض محمد فيضل، حافظ سلطان احمد، مولانا دين پوري، قاضي عبدالڪريم ذبيح، تراب براهوئي، نورمحمد پروانه المعروف ”باباءِ براهوئي“ ۽ ٻيا براهوئي اديب ۽ شاعر، براهوئي ادب سان گڏ سنڌي ادب جي به آبياري ڪندا رهيا آهن.

هن تذڪري ۾ شامل ڪجهه براهوئي اهل قلم تي اڳ ۾ به گهڻو قلم کڄي چڪو آهي. جوهر صاحب پنهنجي هن تحقيق ۾ نئين انداز سان مواد پيش ڪيو آهي ۽ ان کان علاوه اهڙن براهوئي اديبن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن تي هن وقت تائين ڪنهن به محقق قلم نه کنيو هو، جن ۾ محمد يعقوب نفيس، غلام ياسين، امة الواجد ۽ ٻيا شامل آهن. ان لاءِ هي ادبي تذڪرو براهوئي ادب ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو.

هڪ سو چاليهن صفحن تي وڻندڙ ٽائيٽل ڪور سان سينگاريل هي ڪتاب براهوئي اڪيڊمي ڪوئيٽا طرفان شايع ڪيو ويو آهي ۽ قيمت اسي روپيا مناسب آهي.

-         نذير احمد ”شاڪر“ بروهي

سنڌ جي تاريخ جو مطالعو

محترم تاج جويو سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ڪنهن به رسمي تعارف جو محتاج ڪونهي. سندس گوناگون علمي حيثيت منفرد مقام رکي ٿي. ابتدا ۾ سندس تعارف هڪ سُٺي شاعر طور ٿيو ٿي. بعد ۾ هو سگا ۽ ٻين ادبي تنظيمن جي حوالي سان هڪ سرگرم سماجي ڪارڪن طور اُڀريو. اڳتي هلي ”سنڌي ادبي سنگت“ جي ٽي ڀيرا سيڪريٽري جنرل ٿيڻ سان ”سنڌي ادبي سنگت“ سندس سڃاڻپ بڻي. پاڻ هن پليٽ فارم تي نمايان ادبي ڪم ڪيائين. تاجو جويو، شاهه، سچل ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن سان گڏ جديد شاعرن، خاص ڪري اياز ۽ بخاريءَ جي باري ۾ اڀياس ڇپرائي، هڪ نقاد طور به پنهنجي مڃتا حاصل ڪري چڪو آهي.

”سنڌ جي تاريخ جو مطالعو“ نالي تبصري هيٺ آيل هن ڪتاب وسيلي تاج جويو هڪ محقق طور پڙهندڙن جي آڏو آيو آهي. هن ڪتاب جي لکجڻ واري پس منظر تي سڪندر ملاح هن طرح روشني وڌي آهي: ”تاج جويي سنڌ جي تاريخ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي هڪ تربيتي ڪلاس ۾ ليڪچر ڏنو هو، جنهن کي بعد ۾ هن وڌائي مختلف وقتن تي روزاني ’عبرت‘ حيدرآباد ۽ روزاني ’عوامي آواز‘ ڪراچي ۾ ڪالمن جي صورت ۾ ڇپرايو هو.“ اهو ساڳيو ليڪچر وارو سڌاريل مواد، تازو مارئي اڪيڊمي ڪتابي صورت ۾ پاڪيٽ سائيز ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. هن مختصر ڪتاب جا اٺ حصا ڪيا ويا آهن: تاريخ ڇا آهي، تاريخ جا تصور ۽ نظريا، سنڌ جو جنم ۽ اوائلي تهذيبي دور، سنڌ تي آرين کان پوءِ جون ڪاهون، سڪندر جي شڪست ۽ موت جو تجزيو، سنڌ تي سٿين ۽ پارٿين جو قبضو، سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حڪومت ۽ سنڌ تي برهمڻ گهراڻي جي حڪومت آخر ۾ ببليوگرافي پڻ ڏنل آهي. ڪتاب نهايت سادي ۽ روان زبان ۾ لکيل آهي. سنڌ جي تاريخ بابت هيءُ مختصر ڪتاب هڪ خاص قومي رنگ ۾ تحرير ڪيو ويو آهي. ان بامقصد ڪتاب لکڻ لاءِ مصنف مبارڪباد جو مستحق آهي. ڪتاب جي قيمت 30 رپيا مناسب لڳي ٿي. اميد ته هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ قيمتي واڌارو ثابت ٿيندو.             - ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو

اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون

مصنف: اعجاز قريشي،

صفحن جو تعداد: ڏيڍ سؤ،

ناشر: سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ، حيدرآباد

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال، سماجي صورتحال، اقتصادي صورتحال، تعليمي صورتحال، زرعي پاڻيءَ جي صورتحال، نيڪال واري پاڻيءَ جي صورتحال، بيروزگاريءَ ۽ سنڌ جي عورت جي مسئلن جو جائزو ورتو ويو آهي.

ڪتاب جو مصنف اعجاز قريشي، دادوءَ ضلعي جي مشهور قومي ڪارڪن ۽ وڪيل جناب علي احمد قريشيءَ جو فرزند آهي. اعجاز قريشيءَ ننڍيءَ عمر ۾ ئي سنڌ جي تحريڪ ۾ دلچسپي ورتي ۽ خاص طرح ون يونٽ خلاف هلچل ۾ ڀرور حصو ورتو. هو سنڌ جي انهن جوشيلن نوجوانن مان هڪ هو، جيڪي تڏهوڪي مشرقي پاڪستان جي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمٰن سان پنڊيءَ ۾ مليا هئا ۽ کانئس ون يونٽ ٽوڙائڻ جو واعدو ورتو هئائون.

اعجاز قريشيءَ پنهنجو ڪيريئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد جي حيثيت ۾ شروع ڪيو. ولايت مان ماسٽرز جي ڊگري وٺي آيو. مهراڻ يونيورسيءَ ۾ ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ رهيو. سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊي سينٽر جو ڊائريڪٽر ۽ ان کان علاوه سنڌي يورنيوسٽيءَ ۾ پڙهائڻ دؤران 1990ع واري ڏهاڪي ۾ هو نئشنل رورل اسپورٽ پروگرام جو ريجنل پروگرام مئنيجر رهيو. بعد ۾ وقت کان ڏهه ورهيه اڳ ورتل رٽائرمينٽ کان پوءِ، هن انڊس ڊولپمينٽ فائونڊيشن، سنڌ رورل سپورٽ پروگرام ۽ سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ جو بنياد وجهي، مختلف پروفيشنلز جي ٽيم جوڙي مختلف ترقياتي ڪم ڪيا، جن ۾ تحقيقي ڪم تي گهڻو زور ڏنو ويو هو. تازو پاڻ جون 2000ع کان هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل رورل سپورٽ پروگرام حيدرآباد جو ريجنل پروگرام  مئنيجر مقرر ڪيو ويو آهي. هو هن وقت حيدرآباد ريجن جي ٻهراڙين ۾ غربت گهٽائڻ واري پروگرام ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. اعجاز قريشيءَ سوين مضمون، ڪالم، مقالا ۽ ٻيون تحريرون لکيون آهن.

هن پس منظر ۾ ڏسبو، ته محسوس ٿيندو، ته هي ڪتاب اعجاز قريشيءَ جي سڄي زندگيءَ جي وسيع تجبي جو نچوڙ آهي. سنڌ اڄ جنهن ڏکيءَ صورتحال ۾ وڪوڙجي ويئي آهي، انهيءَ ۾ وڏيرن جهڙي مفاد پرست عناصر مان ڪنهن به قسم جي چڱائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. وڏيرڪو سماج اڏوهيءَ وانگر آهي، جنهن سنڌ جو ماس ۽ ست کائي، ان کي کوکلو، بلڪ ڀُتو ڀاڻ ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ نام نهاد جمهوريت جي زماني ۾ ٽي دفعا زرعي سڌارا آيا، جن ۾ وڏيرن جي زمين گهٽجي ويندي آهي. پر سنڌ جو معاشرو اهڙو آهي، جو انهيءَ ۾ وڏيرن جي زمين اڳي کان به وڌي ويئي آهي. هاڻي هڪڙي وڏيري وٽ اسي هزار ايڪڙ زمين آهي، ته ٻئي وٽ هڪ لک ايڪڙ زمين آهي. پاڪستان ۾ ٻيو ڪوبه اهڙو صوبو ڪونهي جتي ايڏا وڏا وڏيرا هجن.

وڏيرن جا خاص شغل ۽ شوق، ڪتا پالڻ ۽ سوئرن سان ويڙهائڻ، چور ۽ ڌاڙيل جي سرپرستي ڪرڻ ۽ انهن جي وسيلي مخالفن سان پَلَوَ ڪرڻ آهن. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ ۾ رهزن، چور ۽ بدمعاش پاٿاريدار ڳوليندا آهن. وڏيرن کان وڏا ٻيا ڪي به پاٿاريدار ڪونه هوندا آهن.

هن وقت لاڙڪاڻي ضلعي کان وٺي پني عاقل تائين، ڪچي جي ايراضيءَ ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جو راڄ آهي. وٽن جديد قسم جا هٿيار آهن. تازو اخبارن ۾ خبر ڇپي ته اتر سنڌ ۾ هڪڙي ضلعي ۾ ڪنهن قبيلي جي ڌاڙيلن جو فوج سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ڌاڙيلن راڪيٽ لانچر استعمال ڪيا.

پر، اهو ڪوبه غير معمولي واقعو ڪونهي. اهڙن قسمن جي ڏوهن جي خبرن سان سڄيءَ سنڌ جون اخبارون روزانو ڀريون پيون آهن، جن ۾ تازو هڪ خبر اها به ڇپي هئي ته سنڌ جي وڏيرن جي ڪتن جو سوئرن سان ٽورنامينٽ ٿيندو، جنهن ۾ پنجاب جو زميندار جناب مصطفيٰ کر پڻ پنهنجي ڪتن جي لوڌِ سميت شريڪ ٿيندو.

ايڪوهينءَ صديءَ ۾ هن قسم جي معاشري ۾ غريب ماڻهوءَ کي انصاف ڪئين ملي ۽ سنڌ جي نڌڻڪيءَ عورت کي جاهلن جي ڪهاڙين کان پناهه ڪيئن ملي. اهو احوال معلوم ڪرڻ لاءِ اعجاز قريشيءَ جو ڪتاب هڪ ڪارائتو دستاويز آهي. هن ڪتاب جو اڀياس هر علم دوست ۽ محب وطن شخص جو فرض آهي.

-         رياض احمد آگرو

 

شيخ اياز

 

لوءِ ۾ ايڏي لٻاڙَ!

هيڪلوئي تون لڏيندين.

 

آ فنا سڀ جو مقدّر، نيٺ جهُرندا سڀ پهاڙ،

لوءِ ۾ ايڏي لٻاڙَ!

 

خواب جئن محسوس ٿيندي، جا به سهندو جيءُ جاڙ،

لوءِ ۾ ايڏي لٻاڙَ!

 

آهه ٿورا ڏينهڙا هن زندگيءَ جي ڇيڙڇاڙ،

لوءِ ۾ ايڏي لٻاڙَ!

 

ٿي ڇڏي آخر چٻاڙي موت جي سڀ کي مهاڙ،

لوءِ ۾ ايڏي لٻاڙَ!


[1] . هن عنوان تي ابتدائي تفصيلي بحث لاءِ ڏسجي: ”شاهه جي سوانح جا ٻه اهم پهلو“، رسالو ”مهراڻ“، نمبر-3 سال 1985ع، سنڌي ادبي بورڊ (ليکڪ غلام محمد لاکو) -ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com