سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2001ع

 

صفحو :8

هو راجا وٽ ٽي سال رهڻ کان پوءِ واپس آيو. امير عبدالله کانئس الرا جي راجا بابت پڇيو، ته هن گهڻا احوال ڏنا ۽ اهو به ٻڌايائين ته الرا جي راجا دل ۽ زبان سان اسلام قبول ڪيو. مگر، اسلام جو اظهار نه ڪري سگهيو، جو خوف ٿيس، ته متان معاملو خراب ٿي وڃي ۽ حڪومت کسجي وڃي.

مختلف واقعن مان هڪ واقعو اهو به ٻڌايائين ته، هڪ دفعي، راجا کيس چيو ته مون کي هندي (هندستاني) زبان ۾ قرآن جو تفسير ٻڌاءِ. عراقي عالم چيو ته تفسير بيان ڪندي، سورة يٰس تي پهتس. هن آيتن جو تفسير بيان ڪيم:

ڇا نه ڏٺو انسان، ته اسان پيدا ڪيو، ان کي هڪ قطري مان. پوءِ اوچتو اهو ٿيو پڌرو جَڳهڙالو. ۽ ٺاهڻ لڳو اسان لاءِ مثالَ، ۽ وساريائين پنهنجيءَ پيدائش کي.

چيائين ته: ڪير جيئرو ڪندو هنن هڏن کي جڏهن اهي ڳري ڀُري ويل هجن؟ چئه ته: جيئرو ڪندو انهن کي اهو، جنهن پيدا ڪيو هو، انهن کي پهرئين ڀيري. ۽ اهو هر پيدائش ڄاڻندڙ آهي.

عراقي عالم چيو ته جڏهن مون اُنهن آيتن جو تفسير بيان ڪيو، ته راجا، جيڪو ان وقت تخت تي ويٺو هو، جيڪو بي بها هو ۽ قيمتي جواهرن سان مرصع هو، تنهن مون کي چيو ته، ’اُنهن آيتن کي ٻيهر بيان ڪر.‘

مون جڏهن وري بيان ڪيو، ته هو پنهنجي تخت تان هيٺ لٿو، زمين تي آيو، جنهن تي پاڻيءَ جو ڇڻڪار ٿيل هو، سو، آلي هئي. راجا پنهنجا ڳل زمين تي رکيا (سجدو ڪيو) ۽ ايترو رنو ۽ (تڙپيو) جو سندس سڄو منهن مٽيءَ سان ٿڦجي ويو ۽ چيائين ته، ”بلاشڪ، هي اُهو ئي حقيقي معبود رب آهي، جو اول کان يعني هميشہ کان آهي، قديم آهي ۽ سندس ثاني يا مشابہ ٻيو ڪير به ڪونهي.“

عراقي عالم چيو ته راجا پنهنجي عبادت لاءِ هڪ گهر ٺهرايو، ۽ ظاهر ڪيائين، ته اهو سندس خاص معاملن لاءِ خلوت پذير ٿئي ٿو. پر، ان ۾ لڪي نماز پڙهندو هو، جنهن جي خبر ڪنهن کي به ڪانه پوندي هئي.

عراقي عالم چيو، ته مون کي راجا ڇهه مڻ سونُ، ٽي دفعا، انعام طور ڏنو.

هن بيان ۾، هيٺيون ڳالهيون چٽيون بيٺيون آهن:

(1)مترجم سنڌي ڪونه هو. عراقي باشندو هو. منصوري ۾ عربن جي حڪومت قائم ٿين کان پوءِ اچي (Settle) ٿيو هو. هونئن، اصل نسل ۾ عرب هو. ڏاهو هو. عمدو شاعر هو.

(2)        بزرگ بن شهريار کيس عراقي عالم لکي ٿو. سنڌي ڪونه ٿو ڪوٺي. عراقي عالم، منصوري ۾ رهيو ته سنڌي سکيو. هونئن به عالم شخص هو. سو، هندستان جون ٻيون ٻوليون به ڄاڻندو هو. پر، ان هوندي به، پنهنجي علمي ذوق ۽ شوق خاطر، توڙي مذهبي جذبي هيٺ، سنڌ ۾ رهائش دوران قرآن شريف جو سنڌي ترجمو ڪونه ڪيائين.

(3)        منصوري جي حاڪم جي حڪم تي، ڪشمير جي راجا وٽ ويو ۽ ٽي ورهيه ٽڪيو. اسلامي تعليمات جو سرچشمو قرآن شريف آهي، سو، راجا کيس چيو ته، ’مون کي قرآن شريف جو تفسير سمجهاءِ.‘ ليڪن، تفسير ته تڏهن ٿيندو، جڏهن اول لفظ ترجمو ٿيندا. سو، عراقي عالم کي قرآن ڪريم جا لَفظَ انهيءَ ٻوليءَ (هنديءَ يا ڪشميريءَ يا ڪنهن ٻيءَ ۾) ترجمو ڪرڻا پيا هوندا، جيڪا راجا ڳالهائيندو يا ڄاڻندو هو. بهرحال، ڪشمير جو راجا نڪي ته سنڌي هو ۽ نه وري ڪشمير جا ماڻهو سنڌي ڳالهائيندا هئا.

(4)        ”عجايب الهند“ جي اصل عربي عبارت ۾ تفسير ۽ ترجمي جو ذڪر ضرور آهي. پر، ان جي لکيل عبارت يعني ”مسودي“ جو ذڪر ڪونهي. پر، جي کڻي اکيون ٻوٽي، مڃجي، ته ترجمو يا تفسير رڳو زباني طرح بيان ڪونه ڪيو هئائين، پر، لکيو به هئائين، ته به ائين ڪٿي به چيل ڪونهي، ته جنهن به ٻوليءَ ۾ لکيو هئائين، سو، موٽڻ مهل، راجا کان واپس وٺي آيو.

(5)        ”عجايب الهند“ ۾، فقط هيءَ ڳالهه زور ڏئي چيل آهي ته جڏهن راجا ”سورة ياسين“ جي آخرين رڪوع جون آيتون ٻڌيون، ته تخت تان لهي، زمين تي رب پاڪ کي سجدو ڪيو، رنو، ۽ مسلمان ٿيو. عبادت يعنيٰ نماز ۽ ورد وظائف لاءِ جدا جاءِ جوڙايائين.

هن صورت ۾ اهو چوڻ، ته قرآن شريف جو دنيا ۾ پهريون پهريون ترجمو سنڌ ۾ ٿيو هو، يا سنڌيءَ ۾ ٿيو هو، ڪيتريقدر صحيح يا غلط آهي، سو پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن.

مون کي رڳو هيءَ گذارش ڪرڻي آهي ته، عربن جي فتح کان پوءِ ٽينءَ صديءَ هجريءَ ۾، هندستان ۾، قرآن ڪريم جو ترجمو ٿيو، سا به ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. اهو ترجمو مذهبي توڙي تاريخي لحاظ کان، هڪ ”عظيم شاهڪار“ جي حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر حميدالله جي چوڻ موجب اوائلي ترجمن ۾ شامل آهي. جيڪڏهن اڄ اهو موجود ڪونهي، ته ان جي باري ۾ ٿڌي سيني سان سوچڻ گهرجي.

آخر ڪو ته سبب هوندو جو سنڌ جي اڳوڻن عالمن مخدوم محمد هاشم، مخدوم معين، مخدوم جعفر، مير علي شير قانع ٺٽويءَ ۽ ٻين بزرگن ان جو تذڪرو ڪونه ڪيو آهي.

تاريخِ اسلام جا هي مکيه واقعا شايد ڳالهه کي سمجهڻ ۾ ڪجهه مددگار ٿين:

1-      اسلام جو پيغام، حضور پيغمبر  جن جي زبان مبارڪ مان، مڪي جي رهاڪو عربن کي نهايت آرام، اطمينان، پيار ۽ محبت سان مليو:

2-      جڏهن مڪي جي ماڻهن سندن پيغام ٻڌڻ بدران مورڳو سندن خلاف خوفناڪ منصوبو رٿيو، ته پاڻ رب جي رضا سان مديني ڏانهن هجرت ڪيائون. پر، مڪي جا قريشي پوءِ ٻه شرارتن کان باز نه آيا ۽ مديني جي يهودين سان ڳجهه ڳوهه ۾ مسلمانن خلاف سازشون سٽيندا رهيا.

3-      آخر، صورت حال اهڙي پيدا ٿي، جو مسلمانن ۽ مڪي جي ڪافرن جي وچ ۾ ”بدر“ جو پهريون معرڪو ٿيو، جنهن ۾ مسلمانن جي سوڀ ٿي. پر، ان کان به وڏي ڳالهه اها ٿي، ته مختلف عرب قبيلن تي مسلمانن جي ڌاڪ ڇانئجي ويئي. پوءِ جي تاريخ (ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن کان علاوه) مسلمانن جي مسلسل سوڀن جو طويل داستان آهي.

4-      حضور پيغمبر جن جي وصال وقت، تقريباً سڄو عربستان سندن قدمن هيٺان هو. پر، سندن وصال بعد فوراً هِتِ هُتِ، بغاوت جا جهنڊا بلند ٿيا. ڪيئي ننڍا وڏا معرڪا ٿيا، جن ۾، خليفي ابوبڪر صديق رضه جي قيادت هيٺ، سمورين بغاوتن کي ڪاميابيءَ سان ڪچليو ويو.

5-      اهڙيءَ ريت، اسلامي انقلاب مستحڪم ٿيو، ته حضرت ابوبڪر رضه وصال ڪيو. حضرت عمر رضه جي دورِ خلافت ۾ فتوحات جو سلسلو شروع ٿيو.

6-      مسلمان عربستان جي صحرا مان طوفان وانگر نڪتا. مٿي پيرين اگهاڙا هئا. پر، عقيدي ۽ ايمان جي جذبي سان سرشار هئا. سو، مصر ۽ شام جون تربيت يافته فوجون به سندن تاب سهي نه سگهيون. يورپ ۽ ايشيا ۾ ”گجندڙَ رومن ايمپاير“ ۽ ايران جي ”هفت اقليم سلطنت جا سراسر رُڪ ۽ فولاد جي زرهن ۾ ملبوس سپه سالار، ۽ سپاهي“ به سندن سَٽَ سَهِي نه سگهيا.

7-      هو ملڪن پٺيان ملڪ فتح ڪندا ويا. آسمان ۾ سندن غوغاءُ هو. جيڏانهن وک وجهندا هئا، اوڏانهن ڌرتيءَ تي زلزلا ايندا هئا. سلطنتن ۾ ٽاڪوڙا پوندا هئا.

8-      جنهن شخص، اڳي، سنڌو درياءَ کي آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ ڏٺو هوندو، سو ٻڌائيندو ته درياءَ جتي زمين پائيندو آهي، اتي هڪ وڏي ڀِڪ اوچتو وڃي درياءَ ۾ ڌوڙيو ڪندي آهي. بلڪل ائين، هڪ ڏينهن، سنڌ جي سلطنت به وڃي ”تاريخ جي وهندڙ درياءَ“ ۾ ڌوڙيو ڪيو.

هن پس منظر ۾، سنڌ جي سرحدي رياستن، جوڌپور، جئي پور، قنوج، ڪيرج يا اتر ۾ ڪشمير جي راجائن جي ذهني حالت ڪهڙي هوندي؟ سا، هر شخص سمجهي سگهي ٿو. چنانچه، ان ۾ حيرت جي ڳالهه ڪانهي، ته ڪشمير جي راجا کي اسلامي شريعت معلوم ڪرڻ جو شوق اچي دامنگير ٿيو. عراقي عالم وٽس ويو ۽ ٽي ورهيه ٽڪيو. راجا کي اسلام جي بنيادي اصولن کان واقف ڪيائين.

ڪشمير ۾، قرآن ڪريم ترجمو ڪري، کيس بيان ڪري، ٻڌايائين.

راجا ڪلام الله جي حقانيت کان متاثر ٿي، مسلمان ٿي ويو. عراقي عالم کي ٽي ڀيرا ڇهه مڻ سون انعام اڪرام طور ڏنائين. مسلمانن وري پنهنجي اخلاق جو مظاهرو ائين ڪيو، ته هنن سندس ملڪ تي ڪاهه ڪانه ڪيائون.

رواجي سمجهه جي ڳالهه آهي ته عراقي عالم راجا کي قرآن ڪريم سندس ٻوليءَ ۾، ترجمو ڪري ٻڌايو هوندو. پر، جيڪڏهن کيس ترجمو يا تفسير لکي ڏنو هئائين، ته اهو راجا وٽ سندس انمول تحفو ٿيو. کانئس واپس وٺڻ، اخلاقي طرح، معيوب ڳالهه ٿئي ها. پر، جي عراقي عالم، راجا کي ترجمو يا تفسير ماڳهن زباني طرح بيان ڪري ٻڌايو هو، ته پوءِ ته قصو ئي ٻيو ٿيو.

ڀٽائي صاحب جو هڪ فقير سندن وصال کان پوءِ رسالي جو هٿ اکر لکيل نسخو کڻي ڪڇ ڀڄ جي طرف هليو ويو، جيڪو هوند، هاڻي، شاهه جي مستند ڪلام جو متن تيار ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ها، پر، وڏين ڪوششن کان پوءِ به ڪڇ ڀڄ جي پاسي، ان جو سراغ ڪونه مليو آهي. اها ٻن ٽن صدين جي ڳالهه آهي.

هن ترجمي ۽ تفسير جي ڳالهه ته ڏهه يارهن صديون پراڻي آهي. ڪاٿي رهي سنڌ، ڪاٿي رهيو ڪشمير. هر ڪنهن جي اندر ۾ قاضي ويٺو آهي. سو پڙهندڙ، هاڻي، پاڻ فيصلو ڪن، ته اهو چوڻ ڪيترو وَزَنُ رکي ٿو ته:

”اڍائي صديءَ هجريءَ ۾ منصوري ۾ قرآن شريف جو ترجمو ٿيو، جو وڃي ڪشمير پهتو ۽ پوءِ مهراڻ جي مستانين موجن ۾، لڙهي ويو.“

هند- سنڌ جو پهريون فارسي ترجمو:

هندستان ۽ پاڪستان ۾، هزارين ورهيه اڳي، فارسي زبان جو زور هوندو هو، ڇو ته سنڌ ۽ پنجابُ، وارو حصو بلڪ موجوده پاڪستان وارو ذري گهٽ سڄوئي علائقو ايران جي ’هفت- اقليم- سلطنت‘ جو هڪ صوبو (اقليم) هوندو هو. سو، ان زماني کان وٺي، اسان وٽ لکڻ پڙهڻ جو رواج فارسي زبان ۾ پيو. هاڻي به پراڻا ۽ آڳاٽا ڪتاب ۽ تاريخي دستاويز فارسيءَ ۾ ملن ٿا، يا وري عربيءَ ۾، هن پس منظر ۾، روايت آهي ته اسان وٽ يعني هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ قرآن شريف جو اولين ترجمو به فارسي زبان ۾ ٿيو، ۽ اهو شرف ۽ شان سنڌ کي نصيب ٿيو هو.

هند ۽ سنڌ ۾ قرآن ڪريم جو پهريون پهريون فارسي ترجمو واقعي ڪٿي ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو، انهيءَ مسئلي بابت اڃا سنجيدگيءَ سان تحقيق ڪانه ٿي آهي. مون ملڪ جي مشهور ۽ معروف محقق، محترم مشفق خواجه صاحب تي اهو ڪم رکيو هو. کيس حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليہ جو فارسي ترجمو ۽ ان بابت معلوم سڀ روايتون پڻ لکي موڪليون هيون. پر، خواجه صاحب کي ڪي مجبوريون هيون، سو ڪم ۾ هٿ ڪونه وڌائين.

ان کان پوءِ مون مولانا اعجازالحق قدوسيءَ جي حلقئه احباب سان به اها ڳالهه ڪئي، اتي ڊاڪٽر ايوب قادريءَ چيو ته جيڪڏهن اسان مولانا شهاب الدين دولت آباديءَ جي اڻپوري تفسير کي تفسير ئي قرار ڏيون، ته پوءِ شايد چئي سگهبو ته خالص ترجمي جي لحاظ کان اهو عظيم ڪارنامو حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليہ سرانجام ڏنو.

حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليہ جو زمانو اڪبر بادشاهه جي حڪومت جو زمانو آهي. هر ڪنهن کي معلوم آهي، ته اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ نورتن هئا، جن مان هڪ کي ملا فيضي ڪوٺيندا هئا. سندس ڏاڏو به اصل ۾ سيوهڻ جو ويٺل هو. فيضيءَ قرآن شريف جو عربيءَ ۾ تفسير لکيو هو، جنهن ۾ ڪمال اهو ڪيائين، ته ڪنهن به لفظ تي نُڪتو هئو ئي ڪونه. لاهور جي ميوزيم ۾ ان جي ڪاپي رکيل آهي. اداره ثقافت اسلاميه، لاهور جي ڊئريڪٽر محترم رشيد جالنڌريءَ وٽ به انهيءَ جي ڪاپي آهي. پر، فيضيءَ جي ڀاءُ ابوالفضل وري قرآن ڪريم جو فارسي ترجمو ڪيو هو. ڪوٽڙي ڪبير جي اهلِ دل ۽ علم دوست، ميان غوث محمد ”گوهر“ پيرزادي صاحب وٽ انهيءَ فارسي ترجمي جو قلمي نسخو آهي. ڊاڪٽر ثناءُ الله ڀٽي صاحب جو چوڻ آهي ته ابوالفضل واري فارسي ترجمي جو هڪ نسخو اسلام آباد ۾ ”اداره تحقيقات اسلاميه“ جي ڪتبخاني ۾ پڻ موجود آهي.

مخدوم نوح رحمة الله عليہ جي ولادت جي تاريخ 21- فيبروري 1506ع ۽ وفات 26- سيپٽمبر 1590ع آهي. قرآن دانيءَ ۾ سندن وڏي هاڪ هئي. مثلاً، پاڻ، رب پاڪ جي رحمان رحيم وارين صفتن جي حوالي سان، سڄي فارسي ترجمي ۾، هر سورت ۾ ”بسم الله“ جي نئين معنيٰ ڪئي اٿن. ان کانسواءِ، ترجمي جون ٻيون به ڪي خصوصيتون آهن. عرصي جي لحاظ کان، سندن ترجمو شاهه ولي الله دهلويءَ واري مشهور فارسي ترجمي کان تقريباً ٻه سو ورهيه آڳاٽو آهي.

انهيءَ زماني ۾، سنڌ تي ترخانَ گهراڻي ۽ هندُ تي مغل گهراڻي جي حڪومت هئي. اڪبر بادشاهه سنه 1556ع ۾ تخت تي ويٺو ته حڪم ڏنائين ته سنڌ تي حملو ڪيو. پر، سندس فؤج کي شڪست ملي. اڪبر بادشاهه پڇا ڪئي، ته اڄڪلهه سنڌ ۾ ڪهڙيءَ شخصيت جو اثر آهي؟ کيس رپورٽ ملي ته مخدوم نوح رحمة الله جو تمام وڏو اثر آهي. اڪبر بادشاهه پنهنجي سپه سالار، خانِ خانان کي حڪم ڏنو، ته سنڌ تي ٻيهر لشڪرڪشي ڪريو. پر، ان جي گاديءَ جي هنڌ، ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ کان اڳ حضرت مخدوم نوح جي خدمت ۾ حاضري ڏجو ۽ دعا گهرجو. خانِ خانان ائين ئي ڪيو.

ٻيءَ روايت موجب، جڏهن خانِ خانان هالين پهتو، ته مخدوم صاحب جن هي جهان ڇڏي چڪا هئا. سو سندن درگاهه تي حاضري ڏنائين ۽ دعا گهريائين. لڙائيءَ ۾، بهرحال، جاني بيگ ترخان شڪست کاڌي ۽ سنڌ مغل سلطنت جو هڪ پرڳڻو ٿي وئي. مون اها ڳالهه سائين طالب الموليٰ سان ڪئي ته پاڻ چيائون ته: اسان به ائين ئي ٻڌو آهي.

مخدوم نوح رحمة الله عليہ واري فارسي ترجمي جو هڪ پارو اردو زبان جي هاڪاري عالم، پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ايڊٽ ڪيو هو. پير سائين حسام الدين راشديءَ جي دوست، ممتاز حَسن، (تڏهوڪي مئنيجنگ ڊئريڪٽر نيشنل بئنڪ آف پاڪستان) ڇپايو هو. بعد ۾ پير صاحب جي تحريڪ تي، ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ (تڏهوڪي وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي) بورڊ جي هڪ ميٽنگ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ته، ”اهو ترجمو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪري.“ اجلاس جي صدارت مخدوم صاحب ڪري رهيو هو. سڀني ميمبرن ٺهراءَ جي متفقه تائيد ڪئي. مخدوم صاحب ڳالهه قبول ڪئي ۽ اصل قلمي نسخو آڻي بورڊ کي ڏنو. پهريائين ته اهو ڪافي عرصو نقل ٿيندو رهيو. سڀ کان اول جناب حبيب الله رشديءَ نقل نويسيءَ جو ڪم ڪيو، جو حيدرآباد دکن جو عالم هو. هو ڪجهه سالن کان پوءِ وفات ڪري ويو. آخر ۾، سائين قاسمي صاحب نقل نويسيءَ ۽ ايڊٽنگ جو ڪم پورو ڪيو ۽ ترجمي جو عالمانه مقدمو به لکيو.

مون کي هن ڪم سان شروع کان لاڳاپيل رهڻ جي سعادت نصيب ٿي. جڏهن مسودو ڇپائي لاءِ تيار ٿيو، ته مرحوم ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني تڏهوڪي اعزازي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ سان گڏ اول لاهور ۽ پوءِ ڪراچيءَ ڪتابت ۽ ڇپائيءَ لاءِ پنڌ ڪيم. قرآن شريف جو اصل عربي متن ڪاريءَ مس ۾ ۽ ان جي معنيٰ فارسيءَ ۾ ڳارهيءَ مس ۾ هئي. پيڪيجز لاهور جو چوڻ هو ته ”اسان اصل مخطوطي جو عڪس وٺي، هوبهو، ان جهڙو قرآن مجيد ڇاپي ڏينداسون.“ هنن نموني طور اهڙا ڪي ورق به ڇاپي ڏنا، جن مان هڪ هاڻي ڇپيل مصحف مبارڪ ۾ ڏنل آهي. بلڪ، اهو به چيائون ته اسان قرآن ڪريم لاءِ خاص ڪاغذ ٺاهينداسين. پيڪيجز لاهور جو رويو نهايت تمام حوصله افزا هو. پر، سراسر مخدوم صاحب جي شخصيت ڪري هو. مخدوم صاحب، ڪنهن سبب ڪري، ڏانهن سرد مهري اختيار ڪئي، ته اسان به منجهي پياسين. پيڪيجز سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي. ليڪن، مخدوم صاحب کي ڇپائيءَ جو ڏاڍو اونو هو. وچ تي ڪنهن مجبوريءَ يا مصروفيت ڪري، سائين قاسمي صاحب کان ايڊٽنگ ۾ ڪجهه دير ٿي، ته ناراض ٿيو. مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شڪايت جو خط لکي موڪليائين. تڏهن مان اتي پرو- وائيس چانسيلر هئس. پر، مخدوم صاحب سان ته ساڳي نيازمنديءَ واري واٽ هئي. مون کي بنا حجاب جي ڪم ڪار لکي موڪليندو هو: هن کي نوڪري ڏيو، هن کي بدلي ڪريو. مون سائين قاسمي صاحب سان ته ڳالهه ڪانه ڪئي. البت، مخدوم صاحب کي تسلي ڏنم.

بورڊ جو ڇپائيءَ ۾ مکيه مسئلو مالي هو. مان يونيورسٽيءَ مان بورڊ ۾ موٽي آيس. قدرت جي ڪرم سان سڀ مسئلا هڪٻئي پٺيان حال ٿيندا ويا. برادرم مراد علي نظاماڻيءَ، تڏهوڪي سيڪريٽري ايجوڪيشن سنڌ وڏي مالي مدد ڪئي. مصحف مبارڪ شايع ٿيو. بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾، قدرت مون کي ئي ان جي پبلشر ٿيڻ جو شرف بخشيو. سائين مخدوم صاحب جن خوش ٿيا. بلڪ ائين چئجي ته ڏاڍا خوش ٿيا. مون کي نهايت محبت ڀريو خط لکي موڪليائون.

مون ڇپائي پوري ٿيڻ بعد مصحف مبارڪ جو اصل نسخو، ڪراچيءَ مان هِڪَ ماهر جلدساز کان (انهيءَ زماني ۾) سوين رپيا اجورو ڏئي، مجلد ڪرائي، سائين مخدوم صاحب جن کي تحفي طور ڏنو، جو هاڻي سندن خاندان ۾ محفوظ هوندو. انهيءَ جو خاص سبب اهو هو، ته ڪنهن زماني ۾، ڪنهن اڻ ڄاڻ جلدساز وٽن جلدبندي ڪري، اصل قلمي نسخي جي عبارت جا ڪي اکر پاسن سان ڪتري ڇڏيا هئا. ۽ جلد به ڳاڙهي رنگَ جو سادو ٻڌو هئائين. هاڻي، مون جنهن انداز سان اصل مخطوطي جي جلد بندي ڪرائي آهي، سا ڏسڻ وٽان آهي.

مخدوم نوح رحمة الله عليہ واري فارسي ترجمي کان پوءِ ته سنڌ ۾ قرآن شريف جا الاهي ترجما ٿيا آهن، ۽ اڪثر سنڌيءَ ۾ ٿيا آهن. انهن جو تفصيل بيان ڪرڻ هت ممڪن ڪونهي. پر، انهن ۾ انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو ترجمو گهڻو مشهور ٿيو. شروع ۾، اهو عربي متن کان سواءِ شايع ٿيو هو. سو، وقت جا ڪي عالم مولانا امروٽيءَ سان ناراض ٿيا. مولانا امروٽي ڏاهو ماڻهو هو. سو، ساڻن بحث ڪرڻ بدران چيائين ته ”ادا، مون مون کي مسئلي جي خبر ڪانه هئي. هاڻي، جيڪو ڇاپو نڪرندو، تنهن ۾ عربي متن شامل ڪبو.“ مون سائين قاسمي صاحب جي مدد سان اهو خالص سنڌي ترجمي وارو نسخو (جيڪو هاڻي ناياب آهي) ڪراچيءَ جي کڏي مدرسي مان عاريتاً هٿ ڪيو. اصل ڪاپي ته مالڪن کي موٽائي ڏنم، پر I.B.M وارن وٽان، جديد مشينن تي، ٻه عاليشان ڦوٽو ڪاپيون ڪرايم: هڪ پاڻ وٽ رکيم ۽ هڪ مخدوم صاحب کي تحفي طور ڏنم. ڪجهه زماني کان تاج ڪمپنيءَ، توڙي لاهور جي ٻئي هڪ اداري، مولانا امروٽيءَ وارو ترجمو، اصل عربي متن سان گڏ شايع ڪري ڇڏيو آهي.

ٻيو هڪ سهڻو سنڌي ترجمو سائين قاسمي صاحب به مون کي عنايت ڪيو هو، جو غالباً سندن عزيز، مولانا مدنيءَ ڪيو هو.

انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ هڪ سٺو ترجمو محترم جمال ابڙي جي والد بزرگوار، مرحوم علي خان ابڙي ڪيو هو. اُهو به هاڻي شايع ٿي ويو آهي. جمال مون کي ان جي ڪاپي عنايت ڪئي هئي. چاچي مرحوم علي خان ابڙي جي زيارت مون کي نصيب ڪانه ٿي، پر سندس علم جي هاڪ هئي.

اسان جي دؤر ۾ ٻير واري بزرگ، مولانا عبدالڪريم جو سنڌي ترجمو به وڏي شهرت رکي ٿو. ان جو هڪ ايڊيشن برادرم حافظ محمد صديق ميمڻ صاحب ۽ ٻيو ايڊيشن محترم نور احمد ميمڻ صاحب سهڻي نموني ۾ شايع ڪيو آهي. ٻنهي کي شابس هجي. جڏهن سنڌي ادبي بورڊ مخدوم نوح رحمة الله عليہ وارو فارسي ترجمو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان ڇاپي رهيو هو، ته سائين قاسمي صاحب ان جي افتتاحي تقريب ۾ مولانا عبدالڪريم کي دعا گهرڻ لاءِ بورڊ ۾ وٺي آيو هو. مون کي سندس علم مان ته مستفيد ٿيڻ جو موقعو ڪونه مليو هو. پر، سندس اعليٰ اخلاق کان ڏاڍو متاثر ٿيس.

 جتوئي صاحب وارو انگريزي ترجمو سنه 2000ع ۾ ڇپيو آهي. ان جو تعارف سائين جويي صاحب جو لکيل آهي. جتوئي صاحب پنهنجو ”پيش لفظ“ اڄ کان ٽيهه ورهيه اڳ تاريخ 28- اپريل 1980ع تي لکيو هو. منجهس جن ڳالهين جو ذڪر ڪيو اٿس، تن ۾ هيٺيون ٻه ٽي خاص طرح توجهه لائق آهن:

1-  مون هي ترجمو سنه 1940ع ۾ شروع ڪيو هو. انهيءَ کي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان نڀائڻ لاءِ عربي زبان چڱيءَ طرح سکڻي پيئي ۽ انهيءَ لاءِ سکر ضلعي جي مولوي فضل ڪريم کان باقاعدي دَرسُ، هدايت ۽ رهبري حاصل ڪيم.

2- مون قرآن شريف جي ”الاهي ترجمن“ مان استفادو ڪيو آهي، جن ۾ ڪي ترجما عربيءَ مان عربيءَ ۾ آهن، ڪي عربيءَ مان انگريزيءَ ۾ آهن، ۽ ڪي وري عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ آهن. (عربيءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيئن ٿيندو؟ تنهن جي وضاحت ڪانه ڪئي اٿس.)

3-   جتوئي صاحب پنهنجي ترجمي جي ببليوگرافيءَ ۾ بهرحال، جملي پنج ترجما ڄاڻايا آهن:

(الف) علامہ يوسف عليءَ وارو ترجمو

(ب) رچرڊ بيل وارو ترجمو

(ج) ڪائود وارو ترجمو

(د) مولوي شير عليءَ وارو ترجمو

(ح) مارمادوڪ پڪٿال وارو ترجمو

مون کي جتوئي صاحب جي پهريون ڀيرو زيارت تڏهن نصيب ٿي، جڏهن 1952ع ڌاران حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾ اچي داخلا ورتم. علامه آءِ. آءِ.قاضي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر هو ۽ هاڻوڪيءَ اولڊ ڪئمپس جي سينيٽ هال ۾ جمعي جمعي ڏينهن ليڪچر ڏيندو هو. مان به پنهنجن ڪاليجي دوستن سان گڏ، اُهي ليڪچر ٻڌڻ ويندو هئس. سڄو هال تقريباً ڀريل هوندو هو. جڏهن ليڪچر پورو ٿيندو هو، ته ٻيا ته سڀ ماڻهو علامہ صاحب جي ادب ۾ اٿي بيهندا هئا. البت، هڪ شخص اٿي، ڪڏهن ڪڏهن کانئس اعتراض طور، سوالَ ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري علامہ صاحب کي ائين به چيائين ته ”پوءِ ڀلا اوهان پنهنجيءَ اهليه کي مروج شرعي نموني ۾ پردو ڇو نٿا ڪرايو؟“

علامہ صاحب کيس ڪڏهن به جواب ڪونه ڏنو. هو منفرد مزاج مفڪرُ ۽ غير معمولي انسانُ هو. اهو سندس ئي ڪمال هو، جو گَپَ چِڪَ جي هن جهانَ ۾ رهندي، ان جي آلابش کان پاڻ بچايائين. سڄي عمر منجهس ائين رهيو، جيئن ڪنول جو گُلُ، صاف ۽ ميري پاڻيءَ کان بي نيازُ، مٿانئس پنهنجيءَ سموريءَ سونهن سان سدائين جَلَوه گَرُ هوندو آهي.

 وقت جا وڏا وڏا مشاهير سندس ادب ۽ احترام ڪندا هئا. سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاهر. مثلاً مولانا عبيدالله سنڌي، سائين جي. ايم. سيد، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، حاجي مولا بخش سومرو، خانبهادر کهرو، اي. ڪي. بروهي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محترم محمد ابراهيم جويو، نواب مشتاق احمد گرماڻي، مرحوم ممتاز حسن، مولانا ابوالڪلام آزاد، وزير تعليم هندستان ۽ خود هندستان جو صدر ڊاڪٽر ذاڪر حسين. جڏهن علامه صاحب رحلت ڪئي هئي، ته ڊاڪٽر ذاڪر حسين جو تعزيتي بيان آل انڊيا ريڊيو تان اول نشر ٿيو هو. جنرل ايوب خان جو بيان بعد ۾ اسان جي ريڊيو پاڪستان نشر ڪيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com