سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1955ع

مضمون

صفحو :10

سيد حسام الدين راشدي 

منشي صاحب راءِ ”آزاد“

(ٽالپري عهد جو بي مثل شاعر)

سنڌي جي هندن، انگريزي عهد کان پوءِ، سنڌي زبان جي ادب ۾ بهرو ورتو، ورنه اُن کان پهريون، مغليه دور کان وٺي ٽالپري عهد تائين، سندن پيدا ڪيل سمورو علمي سرمايو فارسي زبان ۾ آهي. فارسي زبان جو چونڪ دربار خواه دفتر تي قبضو هو، تنهن ڪري هندو صاحبن کان ابتدا ۾ ته ملڪي رواج ۽ روزگار جي ضرورت ماتحت سکيو، ليڪن اڳتي هلي ان ۾ ايترو ڪمال پيدا ڪيائون، جو منجهن سوين صاحب طرز اديب، ۽ اهل قلم پيدا ٿيا، جن جي نالي کڻڻ کان سواءِ سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ مڪمل ٿيڻ ناممڪن آهي. ترخاني دور، مغل عهد، ڪلهوڙن جي راڄ ۽ ميرن جي صاحبيءَ تائين، اسان کي هونءَ ته هر دور ۾ هندو اديبن جا نالا نظر اچن ٿا، ليڪن پوين ٻن حڪمران گهراڻن جي زماني ۾ ڪثرت سان، سنڌ جي فارسي ادبيات ۾، سندن آثار ملن ٿا. ڪلهوڙن جي راڄ ۾ ڪئين هندو شاعر ۽ مصنف ٿيا، انشانويس به چڱا چڱا پيدا ٿيا، ليڪن سندن حقيقي علمي جوهر، ٽالپري دور ۾ کليا. ٽالپري عهد ۾، فارسي شعر و سخن طرف دربار جو خاص لاڙو هو، تاجوَرَ پاڻ به فارسيءَ جا شاعر هئا، ۽ سندن دربار ۾ اديبن، سخنورن ۽ مصنفن جي سرپرستي به ڪشاده دليءَ سان ڪئي ويندي هئي، تنهن ڪري سنڌ جي مسلمانن سان گڏ هندو به انهيءَ ڏس ۾ اڳري کان اڳرو حصو ورتو.

ٽالپري دور ۾، هندو شاعرن جو سرخيل، منشي صاحب راءِ ”آزاد“ هو، جنهن جو ذڪر اسان هن صحبت ۾ ڪرڻ گهرون ٿا.

”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ جو مصنف، ڀيرو مل مهرچند، لکي ٿو ته ’ملڪاڻي خاندان جا وڏا اصل جيسلمير کان سنڌ ۾ آيا ۽ ساهتيء ۾ اچي رهيا، جتان پوءِ ميرن جي زماني ۾ لڏي اچي حيدرآباد ۾ ويٺا، حيدرآباد جي ملڪاڻي گهٽي، اڄ تائين انهيءَ گهراڻي جي سڪونت جو يادگار آهي. اهو گهراڻو ٻن نکن ۾ وراهيل آهي، هڪ ”روڙا“ ۽ ٻيو ”درڙي“. آخري نک واري مان منشي صاحب راءِ هو، انهيءَ خاندان جو ڏاڏو ملڪ مل هو، جنهن جي نسبت ڪري اڳتي هلي ”ملڪاڻي گهراڻو“ مشهور ٿيو.

خاندان جي بانيءَ، ملڪ مل کي هڪ پٽ آڏومل ٿيو، جنهن کي چارپٽ ٿيا: گوپالداس، گدومل، سڀاچند ۽ سيئومل. وڏي پٽ گوپالداس کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ موهنداس ۽ ٻيو مولچند. منشي صاحب راءِ ”آزاد“، ديوان موهن داس جو پٽ هو.

ڀيرومل مهرچند، انهيءَ سلسلي ۾، هڪ ٻي روايت به لکي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته منشي صاحب راءِ، موهنداس جو نه بلڪ حقيقت ۾ ديوان نئين سنگ جو نينگر هو، جيڪو صاحب رامچنداڻين جي وڏي ڏاڏي ديوان رمچند جو پٽ هو. ديوان نئين سنگ، ملڪاڻين مان ديوان موهنداس جي نياڻي پرڻيو، جنهن مان صاحب راءِ ”آزاد“ پيدا ٿيو. ديوان موهنداس کي نرينو اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري هن پنهنجي ڏوهٽي کي ديوان نئين سنگ کان وٺي پاليو ۽ کيس منهن چيو پٽ ڪيو، ۽ انهيءَ ڪري ديوان صاحب راءِ، اصل رامچنداڻي هوندي به ملڪاڻي مشهور ٿيو، ۽ نئين سنگ جي بجاءِ موهنداس جو پٽ ٿي مشهور ٿيو.

صاحب راءِ ”آزاد“، مير ڪرم علي (وفات سنه 1244هه) ۽ مير مراد علي (وفات سنه 1249هه) جي زماني ۾، ٽالپري حڪومت جو مالي وزير هو. سندس گهراڻو، ذي عزت عاملن ۾ شمار ٿيندو هو ،۽ اقتدار جي ڪري به انهيءَ گهراڻي جو ملڪ تي وڏو اثر رسوخ هو. منشي صاحب جو پٽ، منشي آوتراءِ ملڪاڻي، مير صوبدار خان (وفات 1262هه) جو مالي وزير ٿيو. سر چارلس نيپيئر جنهن وقت سنڌ فتح ڪئي، ان وقت ميرن جي خزاني جون ڪنجيون منشي آوتراءِ وٽ هيون. ڀيرومل لکي ٿو ته ’سرچارلس پاڻ ملڪاڻي گهٽيءَ ۾ ويو، تاڪ منشيءَ کان وڃي خزاني جون چاٻيون وٺي ۽ لڪل ٽجوڙين جو نشان پتو حاصل ڪري، ليڪن سر چارلس کي هن وفادار ملازم خزاني جو واءُ به لڳڻ نه ڏنو.‘ ان وقت (1843ع) منشي آوتراءِ جي عمر 31 ورهيه هئي.

ميرن جو، منشي آوتراءِ تي ايڏو اعتماد ۽ ايترو آر هوندو هو، جو حويليءَ جي دروازي تائين جتي نر پکيءَ کي به پهچڻ جي مجال نه هئي، کيس وڃڻ جي اجازت هئي، ٽالپري محلسراءِ جا مالي معاملات به سندس ئي سپرد هوندا هئا.

مير، جڏهن قلعي مان نڪري، گدو بندر واري بنگلي ۾ وڃي نظر بند ٿيا، ان وقت منشي آوتراءِ کي انگريزن حويليءَ تي موڪليو، جنهن پنهنجي ملڪن جي رسم و رواج ۽ قاعدي قانون مطابق پرده داريءَ جو انتظام ڪري، ڏولين جي ذريعي، ديرن کي قلعي مان ڪڍي، گدوءَ پهچايو، چوڻ ۾ اچي ٿو ته منشيءَ، سڀ کان پهريون لڪ چوريءَ ۾، انهن ڏولين جي ذريعي خزانو ڪڍرائي، ميرن ڏانهن موڪليو، ۽ ان کان پوءِ ديرن کي سوار ڪرايائين.

منشي آوتراءِ کي سرچارلس پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکڻ گهريو، ليڪن هن انڪار ڪندي چيو ته ’مان پنهنجي مالڪن کي ڇڏي ڪين سگهندس‘. منشي صاحب سنسڪرت جو وڏو عالم هو. سندس اولاد، انگريزن جي زماني ۾ به وڏي وقار ۽ عزت سان رهيو، منشي صاحب کي ٻه پٽ ٿيا: ديوان چيتن رام وڪيل ۽ گوبند بخش(1). منشي آوتراءِ، پنهنجون ياداشتون، ديوان چانڊومل ٿڌاڻيءَ کي لکرايون، جيڪي سنڌ جا مير“ جي عنوان سان 1938ع ۾ شايع ٿي چڪيون آهن، ميرن جي تاريخ جا ان ۾ دلچسپ ۽ چشم ديد واقعا ڏاڍي سهڻي نموني آيل آهن.

منشي صاحب راءِ ”آزاد“، مير ڪرم علي خان جي زماني ۾، نه فقط مالي وزير هو، بلڪ مير صاحب جو صاحب خاص ۽ سندس ديوان انشا جو ناظم به هو. هو فارسيءَ جو جيد عالم ۽ انهيءَ دور جو بي مثل قادر الڪلام شاعر هو. معاصر شاعرن سان سندس خاص دوستي هوندي هئي. مخدوم نورمحمد بوبڪائي، غلام علي ”مائل“، صابر علي شاهه ”صابر“، ولي محمد خان ”ولي“ وغيره سندس خاص سنگتي هوندا هئا، ۽ هڪ ٻئي جي تتبع تي شعر چوندا هئا، ”محڪ خسرويءَ“ ۾ گهڻو ڪري انهن جا هم طرح غزل جمع ٿيل آهن.

مير حسين الحسيني شيرازيءَ، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي نالي تي پنهنجو تذڪرو ”زبدة المعاصرين“ 1240 هه ۾ لکي معنون ڪيو: ان ۾ مصنف پنهنجي معاصرن جي شعرن جو انتخاب ڏنو آهي، ۽ ديباچي ۾ انهن شاعرن جو مختصر حال به قلمبند ڪيو اٿائين. سنڌ جي فقط چند شاعرن کي هن ورتو آهي، جن مان هڪ منشي صاحب به آهي، چنانچه هيءُ ايراني النسل ۽ زبان دان نقاد جيڪي لکي ٿو، اهو منشي صاحب جي شاعرانه عظمت لاءِ بي مثل دليل آهي. لکي ٿو:

”منشي صاحب راءِ آزاد، اصلش هندو مي باشد، ومنشيءَ سر کاران شوڪتمنداران مير کرم علي خان و مير مراد علي خان ميباشد، و شصت و پنج سال از عمر او گذشته، ودرسخنوري عديل و نظير خود ندارد، ودرميان هندو هيچ کس متصف به اين صفت نيست، و ساکن حيدرآباد سند است.“

هڪ ايرانيءَ جي قلم مان اهو نڪرڻ ته ”در سخنوري عديل و نظير خود ندارد“، هڪ ايڏو وڏو سرٽيفڪيٽ آهي، جيڪو ڪنهن به ٻئي هندوستاني شاعر کي مشڪل مليو هوندو، ورنه ايرانين جو عام دستور آهي ته ايران کان ٻاهر جي جنهن شاعر کي پسند ڪندا آهن ته اڪثر فقط ايترو لکي ڇڏيندا آهن ته ”در پوچ گويان هند غنيمت است“!

انهيءَ تذڪري جو صاحب، منشي صاحب کان ايترو متاثر نظر اچي ٿو، جو انتخاب جي عنوانن ۾ مير عظيم الدين جهڙي شاعر جو فقط نالو لکي ٿو، ۽ هن لاءِ لکي ٿو ته ”من کلام دولت دستگاه منشي صاحب راءِ آزاد“. اها عنوان طرازي غالباً هن ڪري به آهي جو منشي صاحب مالي وزير هو، ۽ ٽالپرن جي ”ڏيڻ وٺڻ“ جون هنڊيون سندس معرفت ڀربيون هيون، ۽ اها ڪشش هڪ ايراني مسافر لاءِ ڪا گهٽ ڪانه هوندي! مير حسينيءَ جي هن اقتباس مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته 1240هه (1824ع) ۾، منشي صاحب جي عمر 65 ورهيه هئي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سندس تولد 1175هه (1761ع) ڌاري ٿيو هوندو، ۽ 1240 هه کان پوءِ 65 ورهين جي طبعي عمر کي پهچي ستت ئي انتقال ڪيو هوندائين.

منشي صاحب پرگو شاعر هو. سندس ديوان به مرتب ٿيو هو، جيڪو ممڪن آهي ته سندس پڙ پوٽي مسٽر لوڪو مل جي نادر ذخيري ۾ موجود هجي. اسان هتي جيڪي غزل پيش ڪيون ٿا سي ”مجموعه دلڪشا“، ”زبدة المعاصرين“ ۽ ”محڪ خسرويءَ(1)“ تان ورتل آهن، ”محڪ“ ۾ سندس 43 غزل آهن، ۽ ”مجموعه دلڪشا“ ۾ هڪ قصيدو ۽ چند شعر ڏنل آهن، هڪ غزل ”زبدة المعاصرين“ ۾ آيل آهي، ڪي منتشر اشعار متفرقه بياضن تان به مليا آهن.

مضمون طويل ٿي ويو آهي، تنهن ڪري منشي صاحب جي شاعريءَ تي اسان بحث ڪرڻ نٿا گهرون: پڙهندڙن جي پنهنجي مزاق سليم ۽ سخن فهميءَ تي انهيءَ معاملي کي ڇڏيون ٿا.

منشي صاحب راءِ ”آزاد“ جو فارسي شعر

وه چه پر نور است يا رب روي رخشان شما!
شد خجل خورشيد پيش ماه تابان شما(2)
چون نه باشد خاطرم آشفته کاندر خواب شب،
ديده ام من بارها زلف پريشان شما،
تا ز روي لطف بربندي بفتراک سمند،
سر بکف استاده ام در راه جولان شما،
ماه يا آئينه خوانم يا شعاع آفتاب،
يا فروزان آتشي يا روي تابان شما،
مطلع خورشيد گويم يا تجلي گاه حسن،
شعشعه انوار يا چاک گريبان شما،
اي بصيرت پيشگان زين هردو به باشد کدام،
خاک راه دوست يا کحل صفاهان شما!
بر اميد آنکه روزي رو بميدان آوري،
همچو گو افگنداه ام سررا بچوگان شما(1)،
زلف را فرما کره باما از رسن سازد مدد،
تا کشم بيرون دل از چاهه زنخدان شما،
خود بده انصاف تا بهتر کدام است اي فلک،
چشم اشک افشان ما يا ابر نيسان شما!
مي کني سودا اگر با ما بجان يکبوسه اي،
سود من خواهد شدن هم نيست نقصان شما،

 

بر سر ”آزاد“ آمد، درد مندش ديد، گفت،
غم مخور کاندر لب ما، هست درمان شما.

 

الاهي نوبهار لطف معنيٰ کن زبانم را،
گل افشان ساز شاخ خامهء رنگين بيانم را!
زبس محو خيال رنگ و بوي گلرخان گشتم،
ببال نالهء بلبل به بنديد آشيانم را،
نميدانم که مي ريزد نمک بر ريش ناسورم،
که لب برلب نمي آيد سر زخم نهانم را،
کدامي شوخ برگرد سرم گرديد، حيرانم،
که دل چون مرغ بسمل مي طپد دربر روانم را!
بتي نازک دماغ من که بوي گل نمي تابد،
کجا تاب آورد يا رب شر و شور و فغانم را!
چه باک از کوه سنگين گناه من که عفو او،
بدست مرحمت بر دارد اين بار گرانم را!

 

هماي بخت چون ”آزاد“ برمن سايه اندازد،
پسندد گرسگ کوي تو جانان استخوانم را.

 

قدت را نخليء جان آفريدند،
لبت را آب حيوان آفريدن،
زدل آشفتگيها جمع کردند،
سر زلف پريشان آفريند،
خط پشت لبت را هم چو طوطي،
بگرد شکرستان آفريدند،
سرم را برسر کوري تو جانان،
ميان خاک غلطان آفريدند،
فلک فرمانبر راي تو باشد،
قضا مشتاق ايماي تو باشد،
ميان بسته به گلشن سرو آزاد،
غلام قد رعناي تو باشد،
به ابرويت چه نسبت ماه نو را،
که کم از ناخن پاي تو باشد!
بخوبي طاق باشد گر مه نو،
کجا چون ناخن پاي تو باشد!
بچشم من نشين در موسم گرم،
که اين خسخانه خوش جاي تو باشد،
سيه چشمان عالم جمله يکسر،
فداي چسم شهلاي تو باشد،
به بستان همچو نرگس چشم بر ره،
گل از بهر تماشاي تو باشد،
سخن شيرين طرازد گرچه طوطي،
نه چون لعل سکرخاي تو باشد،
شهنشاها عظيما کامگارا،
فلک محکوم ايماي تو باشد(1)!
زتشريف دو عالم هر چه بهتر،
مهيا بهر بالاي تو باشد،

 

نوازش را سزاوار است ”آزاد“،
که نيکو مدح آراي تو باشد.

 

ترا بکشتن من گر سر رضا بخشند،
مرا چه بهتر ازين حسن مدعا بخشند!
بجاي قطره فرو بارد ابر نافهء مشک،
اگر شميم ز زلف تو با هوا بخشند،
چه مدعا ست اگر يکشبي برم به وصال،
مرا بيار من و ياررا بما بخشند!
نباشدش هدف جز نشانهء دل مان،
اگر کمان ترا تير بي خطا بخشند،
بپاي يار زنم بوسه هر زمان گستاخ،
چو زلف او اگرم طالع رسا بخشند،

 

شوي مصاحب آئينه طلعنان ”آزاد“
ز صدق عشق گرت طالع رسا بخشند.

 

فتنهء چشم او چه سر دارد،
عالمي پر ز شور و شر دارد!
زلف مشکين عنبر افشانش،
روز در جيب و شب بسر درد،
گل چه لافد بنازک اندامي،
کز رخش خار در جگر دارد،
نگه شوخ آن بت طناز،
بر دلم حکم نيشتر دار،
خط سبزه بفتنه انگيزي،
....................................................... کمر دارد،
عنچهء گل گرد نالهء بلبل،
گرميءَ عاشقان اثر دارد،
نه آورد هيچ ياد کبک دري،
لطف رفتار که آن پسر دارد،
باز آمد بهارد سبزه دميد،
حسن گل نشهء دگر دارد.

 

چو نازنين من آيد به آن ناز دگر،
به آن آن فزايد مرا نياز دگر،
نکرد فکر دقيق مدققان خيال،
ميان مو و ميان تو امتياز دگر،
متاع جان و دل ما ربود يک نگهت،
بترک چشم مفرما تو ترکتاز دگر،
به رازداريءَ شيرين است تازه جان پرويز،
ولي بکوهکنش هست ذوق راز د گر (؟)،
بجز تطاول زلفت ز بخت کوتاهم،
نمي رود به لبم شکوهء دراز دگر،
تو شمع جمع جمالي مرا چو پروانه،
ببزم عيش تو دادند سوز و ساز دگر،
منم بمهر تو جانان علم بعالم عشق،
بخوان تو قصهء محمود آن اياز دگر،

 

گشيد طوق غلامي بگردن ”آزاد“،
چو قامتت نبود سرو سرفراز دگر.

 

بگشن آمد آن مه چهره گل پوش،
ز بلبل کرد ياد گل فراموش،
کشد در بند تا صيد حرم را،
ز گيسو کرده مشکين دام بردوش،
کنڊ صد جان شرين را نشارش،
اگر فرهاد بيند آن لب نوش،
کنم آه از تهي آغوشيء خود،
چوبينم هاله رام مه اندر آغوش،
محال ست اين که خيزد تادم صور،
دلي کز چشم مستش گشت مدهوش،
کشد گر صورتش ماني ز حيرت،
بماند چون لب تصوير خاموش،
به بيند گر مه نو ناخنش را،
کشد همچون غلام مان حلقه در گوش،

 

ترا ”آزاد“ وصل ماه رويان،
ميسر کي سوڊ، بيهوده کم کوش!

 

دل نهادن بوفاي تو غلط بود غلط،
بيدماغي بجفاي تو غلط بود غلط،
بر دل زار همه درد بدرد افزون،
بتمناي دواي تو غلط بود غلط،
آن جفاها که کشيدم زغمت از سر شوق،
در ره عشق براي تو غلط بود غلط،
دامن افشان ز غبارم گذري زان سر کو،
خاک گشتن بهواي تو غلط بود غلط،
تشنه مردن بدرت وزلب جان پرور تو،
جستن آب بقاي تو غلط بود غلط،
بسملم کرده زخالم نگرفتن خبري،
جان سپردن برضاي تو غلط بود غلط،
چشم بد دور که چشم نظرم نظرم زان سر چشم،
چشم کردن ز وفاي تو غلط بود غلط،

 

جز برخسار تو ”آزاد“ بهر سوکه کشاد،
چشم اميد واري تو غلط بود غلط.

 

اي بي تو حرام در چمن حظ،
بي روي تو نيست از سمن حظ،
شيرين نبود حديث قندش،
برد انکه ازان شکر دهن حظ،
اي سوخته همچو خون بخاطر،
بي لعل تو لعل دريمن خط،
جان دريدنم در گريبان،
تا يافته قبا ازان بدن حظ،
بي نافه زلف عنبرينت،
از عين خطاست در ختن خظ،
آورده ز سنگ نقش شرين،
زان يافت ز تيشه کوهکن حظ،
يا رب چه رسا ست بخت زلفن،
کز بوسه برد ازان ذقن حظ،
زان دير بر آيد از دهانت،
کز لعل تو يافته سخن حظ،

 

پروانه صفت بشمع رويت،
”آزاد“ برد ز سوختن حظ.

 

تيغ بازيءَ ابروي خم دار ما دانيم و دل،
نيزه داريهاي چشم يار ما دانيم و دل،
هر زمان در خرمن جانم شراري مي زند،
شعله کاري آه آتشبار ما دانيم و دل،
بهر سامان نشار مقدم ميمون يار،
درفشاني چشم گوهر بار ما دانيم و دل،
از ره لطف نهاني مخفي از چشم حسود،
دلنوازي هاي آن دلدار ما دانيم و دل،
دم بدم از کاوش مزگانت اي گل پيرهن،
خار خار سينئه افگار ما دانيم و دل،
گفته بيزارم.................................... اي دلربا،
گرشدي اذکار دل بيزارما دانيم و دل(؟)،
دل زمن بردي و کردي با من و دل بارها،
آن چه در جور و جفا تکرارما دانيم و دل،
دوش در حرف رقيبان کار من ميکرد راست،
خوبيء اين بر غلط گفتار ما دانيم و دل،
از خدنگ او کدامي دل که او پر خون نشد،
تيزيء آن غمزهء خونخوار ما دانيم و دل،
خوبيء گل را شناسا نيست جز بلبل کسي،
جلوهء انوار آن رخسار ما دانيم و دل،

 

قدر جوهر جوهري داند نداند ديگري،
عشق را اين گرميء بازارما دانيم و دل.

 

آن حلقهء زلف تر روئي تو جانان در بغل،
دادند دور هاله را ماه درخشان در بغل،
نازيم اعجاز ترا کز دور خط مشک سا،
دادي شب يلداي راخورشيد تابان در بغل،
نبود عجب ساز دکنون کزخانهء مردم زبون،
اشک مراکز موج خون جوشيد طوفان در بغل،
خواهم کنم سر را چوگو بازيچئه ميدان او،
آن شوخ طفل شرخوگيرد چوچوگان در بغل،
اي لال روي سيم تن تارفته اي از پيش من،
جان کشته عاجز دربدن دل مانده حيراندر بغل،
کي عاشق روايت بتا گردد به بستان ره گرا،
باشد گل روي ترا صد باغ رضوان در بغل،
هردم خلد خارد بجان کز تير آن ابرو کمان،
چون غنچه دارم من نهان يکمشت پيکان در بغل،
شب بود احوال تو چون دربزم غير اي مه کنون،
مست آمدي آشفته کان زلف پريشان در بغل(؟)
هر دم ز اشک همچو در آرم بدامنها گهر،
دارم ز فيض چشم تر صد ابرنيسان در بغل،
پرواي جان دارم کجا صدره کنم بر تو فدا،
يکدم گر از مهر و وفا باشي تو جانان در بغل،

 

تا اي بت شيرين سخن با غير گشتي هم سخن،
”آزاد“ رفت از انجمن صد داغ حرمان در بغل.

 

آمدم ياران بجان از دست دل،
ميزنم هردم فغان از دست دل،
بارهاي ناله مي بندم ز غم،
کاروان در کاروان از دست دل،
هردم از مزگان چسم پر فنش،
ميخورم تيغ و سنان از دست دل،
غم مخور اي جان کي هدر ميدان عشق،
ميمبرم اينک عنان از دست دل،
زين دو چشم خون فشان راز دلم،
پيش مردم شد عيان از دست دل،
خوش مصاحب بود عقل و جان مرا،
رفت يک يک اين زمان از دست دل،
شد بکام دشمنان جانم ضعيف،
از کدامي دوستان از دست دل،
گشت در بيماريء عشق تو جان،
همچو چشمت ناتوان از دست دل،
بي توهر شب نالهء من ميرود،
تا سحر بر آسمان از دست دل،
در کشا کشهاي زلف و کا کلش،
جان فگندم درميان از دست دل،
زار مي نالم برنگ عندليب،
با هزاران داستان از دست دل،
دل بسوي محملش من چون جرس،
درپس افغان زنان از دست دل،
آن چه با ما کرد با صدق ويقين،
کي مرا بود اين گمان از دست دل،

 

ذره وار ”آزاد“ مي غلطد بخاک،
اي مه نا مهربان از دست دل.

 

مرا که دل بخم زلف عنبرين دارم،
چه حاجت است که پرواي مشک چين دارم!
شراب و شاهد آب روان و گل بچمن،
حرام گر هوس جنت برين دارم،
زخندهء لب و چين جبين آن گلرو،
پيء حرارت دل سرکه انگبين دارم،
صبا بخدمت يعقوب از زليخا گو،
دگر مپرس ز يوسف که من همين دارم،
ز نوبهار رخ او که گلشن جانهاست،
چمن چمن گل و نسربن و ياسمين دارم،
فروغ بخت من امروز رشک خورشيد است،
که بر مراد دل آن ماه همنشين دارم،

 

بناله همدم قمري و بلبلم ”آزاد“،
مگر بدل هوس، سرو گل جبين دارم،

 

جانم از درد بجانست بجان تو قسم،
هم آنم زغمت زار به آن تو قسم،
قامت از جلوه بر افراختن خوبان را،
علم ناز نگون گشت بشان تو قسم،
همه داري و نه داري بمن اي ماه زمهر،
ذرهء لطف بخورسيد رخان تو قسم،
من نگفتم که دهان تو بود هيچ زهيچ،
هست شکل سر موي بميان تو قسم،
نيست امروز درين عرصه کسي از خوبان،
هم عنان تو نگارا بغان تو قسم،
در چمن قمري و بلبل شده حيران بي تو،
گلعذارا بسر سرو چمان تو قسم،
مير سد راست ز ابروي تو تير مزه ات،
بر دل و جان بسر تير و کمان تو قسم،
اين زمان سر بخط بندگيت بنهادند،
سر فرازان زمانه بزمان تو قسم،

 

بدگماني مکن اي دوست که ”آزاد“ صفت،
بيقين بنده امت من بگمان تو قسم.

 

ندارد جز جفا کاري دل آزاري که من دارم،
نمي ورزد وفا گاهي جفا کاري که من دارم،
بخا کم مينشاند چون هدف از تير مزگانها،
نشان نه دهد کسي زنشان کمانداري که من دارم،
ندارد ياد جان کوهکن کاه از غم شيرين،
زجور خسرو خوبان بدل باري که من دارم،
بغارت برد دل را مير سدا کنون بقصد جان،
جفاجو تندخوياري ستمگاري که من دارم،
دلم از قيد زلف اونمي خواهد رهائي را،
چه الفتها ست بادامش گرفتاري که من دارم،
اگر بختم کند ياري بتو روشن کنم روزي،
ز ظلم زلف شبرنگت شب نگت شب تاري که من دارم،
بيازم سر بکار عشق او ز انسان که کس هر گز،
نخوهد داشت باغشقش سروکاري که من دارم،

 

بتا از حد مبر درد دل ”آزاد“ مسکين را،
حذر کن از تف آه شرر باري که من دارم.

 

در رخ جانان جمالي ديده ام،
حسن در حد کمالي ديده ام،
شب بزانوي تو خواب آمد مرا،
يا بخواب اندر خيالي ديده ام،
کوهکن آسا بجان کندن خوشم،
دلبر شيرين مقالي ديده ام،
..................................................................................
ز ابروي جانان هلالي ديده ام،
کاکلت را مشک چين گفتم ولي،
زين خطا بس انفعالي ديده ام،
بسکه کاهيد از غم بدر رخت،
ماه نو را چون هلالي ديده ام،
زلف تو شام فراق عاشقان،
روي تو صبح وصالي ديده ام،

 

بر سر ”آزاد“ از روي کرم،
مهرباني را کمالي ديده ام.

 

ز لعل تو نوش شکر مي برم،
شکر چيست ذوق دگر ميبرم!
دهانش بود هيچ بل کم ز هيچ،
خيال رخ صندلين رنگ او،
علاج از پيء درد سر ميبرم،
پريشانيء کاکلش ديده ام،
بجمعيت دل خبر ميبرم،
بسوداي زلف تو عمر دراز،
به آ شفتگيها بسر ميبر،
بدامن در افگنده طفل سر شک،
يتيمانه اش در بدر ميبرم،
صبا هم بکويت نيارد گذشت،
عبث منت نامه بز ميبرم،
بهر حيله گر بخت ياري کند،
رقيب از در او بدر ميبرم،
چو بکشايد از قوس ابرو خدنگ،
من از سينه پيش سپر ميبرم،

 

چو ”آزاد“ صد آرزو ها بدل،
بخود اد راه سفر ميبرم.

 

ز تشريف تو گر خبر داشتم،
گل و لاله در راه ميکاشتم(1)
عجب نرگست مردم آزاد بود،
منش هر زه بيمار پنداشتم،
خيالت کا چشم بدش کم رساد،
ز مردم بديده نهان داشتم،
بمن ذرهء ماه مهرت نبود،
غلط من وفادارت انگاشتم،
بوصف قدت کار بالا کشيد،
قلم را علم چون برافراشتم،

 

چو ”آزاد“ در نامه شرح غمت،
بخون دل و ديده بنگاشتم.

 

غم نامهء خود را سوي جانان چه فرستم! اين حرف پريشان بسخندان چه فرستم!
احوال دل زار بزلفش ننويسم،
پيغام پريشان بپريشان چه فرستم!
بيتابيءدل را نه کنم عرض بجورش،
ديوانه نيم، قطره بطوفان ه فرستم!
از دل ننويسم رقم شکوه بجانان،
کيفيت موري بسليمان چه فرستم!
دل طاقت ايماي نگاهش چوندارد،
بازش بصف خنجر مزگان چه فرستم!

 

مهمان عزيز ست غمش در دل ”آزاد“،
جان نزل حقيرست بمهمان چه فرستم!

 

اي تسرا در سخن گهر معلوم،
وزلبت ريزمش شکر معلوم!
جز جمال رخت نظر نکمنم،
تا بود نور در نظر معلوم،
گشتم از گکر همچو موباريک،
از ميانت نشد خبر معلوم،
شبنم از گريه يافت مسند گل،
گتشت اقبال چشم تر معلوم،
نسبت او بود بموهومات،
از دهانش نه شد دگر معلوم،
پسر برهمن ربود دلم،
که ز پردش بود ثمر معلوم(؟)

 

هست ”آزاد“ را ز دولت او،
روي چون زرو ليک زر معلوم.

 

گلرخي، غنچه لبي، مو کمري، بهتر ازين،
ديدهء دهر نديده دگري بهتر ازين،
به تماشاي جمالت شده لبريز نشاط،
حاصل ديده نباشد نطري بهتر ازين،
غير خون خوردن بيمار غمت نتست مگر،
چشم فتان ترا خود هنري بهتر ازين،
نامهء درد نوشتم مددي آه رسا،
که نداريم دگر نامه بري بهتر ازين،
دوش در يارگه بزم تو اي ماه مرا،
بار دادند و ليکن قدري بهتر ازين،
گل بسر، شيشه ببر، جام بلب، چنگ بکف،
نيست ميخواره بت سيمبري بهتر ازين،
قاصد از مرگ رقيبان تو ام داد نويد،
خير مقدم نبود خوش خبري بهتر ازين،
سر ما خاک رد کوي بتان گشت کنون،
بفداي تو بياريم سري بهتر ازين،
ديده بانان قفس در بکشايند مرا،
تا بشوقش بزنم پال وپري بهتر ازين،
شاهه ما مير زامان کرم علي خان ست دلير،
که نباشد بجهان تاجوري بهتر ازين،

 

نطم ”آزاد“ چه در سفت بسلک سر کلک،
صدف شعر ندارد گهري بهتر ازين.“

 

اي طرهء تو خم خم و گيسو شکن شکن،
در هر شکن اسير دل صد چو من چو من،
شرمنده از عذار تو گلها چمن چمن،
شيواي آهوي تو غزالان ختن ختن،
اي شب ندانمت که چه دلها شکسته
در مجلس تو بود صداي شکن شکن،
در شام غربت خم زلفت دلم چو ديد،
صبح صفاي روي تو، گفتا وطن وطن،
از فيض چشم تر مزگاهء اشکبار من،
افشاند بر قدوم تو درها عدن عدن،
گفتي زکواة آن لب شيرين دهم دو بوس،
من مستحق زار ضعيفم بمن بمن!
در سوز و ساز ماتم پروانه تا سحر،
شمع از جگر گريسته خون شب لگن لگن(؟)
درتلخيء فراق تو ناهي ز ذوق وصل،
نشنيده ايم زان لب شرين سخن سخن،
بر روي غير چون برخ من نظر کن،ي
بهر خدا که چين بجبينت مزن مزن،

 

”آزاد“ واقفي که دل يار نازکست،
مهر سکوت بردهن خود بزن بزن.

 

يار با اغيار شد، آثار ياري را بيبن!
دشمن جان گشت شرط دوستداري را بين!
دل درون سينه مي رقصد ز شوق بسملي،
برسر تيغ تو جانان جان نثاري را بين!
کا مگار ملک خوبي دلبر خود کام من،
کام من نادادن ناز کامگاري را بين!
زار ناليدم ز دردش سخت جان آزاد شد،
در دا چون سنگ او تاثير زاري را بيبن!
برسر کويت رقيبان شرمسارم کرده اندر،
شرم دار آخر زمن اين شرمساري را بين!

 

گر کند ”آزاد“ فرياد از غمت زجرش مگن،
ضعف طاقت را نگه کن، درد ياري را بيبن!

 

از کرم شد يار يار من بمن،
کرد ياري روزگار من بمن،
زارتر کرد ست کارزار دل،
گريه هاي زار زار من بمن،
برخلاف دشمنان اي دوستان،
دوستدرو دوستدار من بمن،
اختياري راز پوشيدن نداد،
گريهء بي اختيار من بمن،
شد ز شاز بخت سازنده کنون،
داد سرو گلعذار من بمن،
ناله چون بلبل فغان چون عندليب،
سازد از ما سازگار من بمن،
ميکند صد تيغ بازي ازنگهه،
چشم ترک دل شکار من بمن،
ناگواره کرد هجر او چو مرگ،
اين حيات خوشگوار من بمن،

 

باز چون ”آزاد“ غمخواري نمود،
ببويت همچو ”آزاد“ ت هزاران.

 

بلبت که خوش نباشد بلبم شراب بي تو،
بغمت که شد دل ماز غمت کباب بي تو،
بنگر به لاله و گل که ستاده اند حيران،
بچمن پياله بر کف ز شراب ناب بي تو،
زسر کرامت اي گل نظري بجان بلبل،
که فگنده سور و غلغل بدل خراب بي تو،
چه کشي مي مروق برخ رقيب شادان،
چو مرا نيابد از غم به گلو خوش آب بي تو،
تو بيا که زنده مانم زغمت و گر نه جانم،
بلب آمد روانم ز سر شتاب بي تو،
دل عندليب نالان چه کندکه خون نگريد،
که گل از غم تو گشته هم تن گالب بي تو،
چه کنم بشام هجرت سرو برگ شادماني،
که نمک بديده ريزد شب ماهتاب بي تو،

 

دل مستمند ”آزاد“ بخدا که بازيابي،
که کشيد از فراقت غم بي حسبا بي تو.

 

عمرم سر آمد در مهرات اي ماه،
تشتي نه يکدم از حالم آگاه،
استاده خضر است بر آب حيوان،
بر لعل جان بخش آن خط دلخواه،
دل غافلانه سوي زنخ رفت،
يا رب نگه دار مستي است بر چاه!
گيرم که شمشاد ماند بقدت،
گو حسن رفتار گو روي چون ماه،
رفتند بپايت هر لحظه جانان،
عذري کي دارد آن زلف دلخواه!

 

شرح غم يار ”آزاد“ عاشق،
پايان ندارد اين قصه کوتاه.

 

اي که شمشير بکف تاختهء، يعني چه!
طرح جورو ستم انداختهء، يعني چه!
راست با جمله جهان ساختهء، يعني چه!
کجک جور بما آختهء، يعني چه!
در صف سروقدان با قد رعنا چوسهي،
علم ناز برافراختهء، يعني چه!
بي ثباتي گنه اي شوخ بقتل من زار،
تيغ ابرو ز ميان آختهء، يعني چه!

 

بار دل بردن ”آزاد“ بطرز ’حافظ‘،
مست خانه برون باختهء، يعني چه!

 

دل را ربود دلبر شنگي که واه واه!
رنگ رخم بريخت برنگي که واه واه!
بکشاد چين و زلف خود آن کافر خطا،
در چشم وانمود فرنگي که واه واه!
سرمست نيم خواب بکف ساغر شراب،
بر لب نهاده گوشهء جنگي که واه واه!
لعلش به نيم بوسه بمن کرد آشتي،
چشمش ز فتنه خواست بجنگي که واه واه!
در دل نشسته تير تو نازم ز شست تو،
کافگنده بر نشانه خدنگي که واه واه!
ز ابرو کشيد تيغ بتاراج ملک دل،
گشته سوار بر سر خيلي که واه واه!

 

”آزاد“ از حوادث دوران شهنشها،
در دامن تو برزده چنگي که واه واه!

 

زد طعنه رخ وزلف توبر سنبل ولاله،
چشم تو گرفت آهوي بر چشم غزاله،
يا رب نه دهي صبح سبي راکه دهد دست،
صهباي دوساله صنم چارده ساله،
خط نيست بروي چو مهت کزبن خونم،
آورد برون شاهد حسن تو قباله،
از سرمهء چشم تو برم پيش که فرياد،
خون کرده دلم بسته برويم درناله،

 

”آزاد“ چه تدبير کين در خم زلفش،
کن کار دل خويش بتقدير حواله.

 

تا لعل شکر ريز تو جانان بگفتار آمده،
شيرين لبان از حسرتش در رنج تيمار آمده،
تا اي عزيز مصر جان رويت زبرقع شدعيان،
يوسف زجان نقد روان برکف خريدار آمده،
يا آنکه از اعجاز لب باشي مسيعا بواالعجب،
چشم تو اندر روزو شب بعر چه بيمار آمده،
اي لاله رو، نسرين بدن، تارو نمودي درچمن،
گل چاک کرده پيرهن بلبل زگفتار آمده،
در شرح حسن دلبران ميرفت حرف زان ميان،
از گفتگوي دربيان موتي بتگرار آمده،
اي رشک ماه ومشتري خوشتر زمهر خاوري،
جانان چه ظالم دلبري کز تو دلم زار آمده،
بر روضئه رضوان دگر هرگز نيندازد نظر،
در کوي تو اي سيمبر هر کس که يکبار آمده،

 

اي غم کنار از من گزين کان زهره سيما مہ جبين،
آمد بر ”آزاد“ حزين دلدار و غم خوار آمده.

 

دل که جو ياي  مشت زر گشته،
بهر آن يار سيمبر گشته،
روي تو مطلع سحر گشته،
موي تو ليلة القدر گشته،
پرده از رو چه برکشيد از ناز،
رشک صد شمش و صد قمر گشته،
حرف لعل تو بر زبان آمد،
دهن از ذوق پر شکر گشته،
نيست ممڪن دگر بهوش آيد،
دل کزان چشم بي خبر گشته،
موشگافي کند چرا نه قلم، کاشف راز آن کمر گشته،
هر سر مورز دشنهء مزه اش،
بررگ جان چونيشتر گشته،
از غمت چشم تر لب خشکم،
حسرت افزاي بحر و بر گشته،
مردمان در ره نظارهء تو،
همه تن چشم منتظر گشته،

 

ز ابر نيسان کلک من ”آزاد“،
صدف شعر پر گهر گشته.

 

وه که در بزم من اي شمع طراز امده اي!
چشم بد دور که پروانه نواز آمده اي!
شوخ چشمي ڇکنم با تومن اي ظفيل سرشک،
که همه پرده درو کاشف راز آمده اي،
توئي اي شوخ ستمگر که بصد شيوهء ناز،
بهر دل، بردن ارباب نياز آمده اي،
نيست ممکن دل ديوانه ز قيد تو رهد،
کز خم زلف دوتا سلسله باز آمده اي،
ناز نينان جهان جمله بناز برند،
تو که امروز چنين بر سر ناز آمده اي،

 

نظري سوي دل غمزده ”آزاد“ ت،
جان من چون ز کرم بنده نواز آمده اي.

 

از بر ما همان که ميداني، کرديغما همان که ميداني،
راست باشد چو قامتت، ليکن،
نيست رعنا همان که ميداني،
مکش امروز عاشقانت را،
هست فردا همان که ميداني،
چون فروزي ببزم ڇهره زناز،
تو شمع ما همان که ميداني،
عيب مجنون مکن بناله که داشت،
محمل آرا همان که ميداني،
رحم بر خستئه غمش همه کس
کنڊ، الا همان که ميداني،
در شب وصل مونس جانم
شود، آيا همان که ميداني!

 

هست ”آزاد“ بردرت ز قديم،
شود آيا همان که ميداني.

 

دلم از درد هجرت مبتلا ميخواستي کردي،
مگر اين مدعا را از خدا ميخواستي کردي،
بدين شوخي وبي باکي زروي کم نگاهيها،
بکويت مشت خاکم را فنا ميخواستي کردي،
زروئي کج روائييها براهت اي کمان ابرو،
مرا قربان آن تير جفا ميخواستي کردي،
چو گل ناسو رزخم مامبندد لب بلب هرگز،
بدين خوشي نمک در ريش ما ميخواستي کردي
تو راه عقل و جان ما به جادو کاريءَ چشمت،
بچين زلف مشکينت خطا ميخواستي کردي،
بمقراض غم دوري بخارد روي مهجوري،
چوگل پيراهن عمرم قبا ميخواستي کردي،
براه عشقت آخر رفته رفته از نحيفيها،
تنم را نقش روي بوريا ميخواستي کردي،
نتستي فتنه بنشاندي بعزم خامشي ناگهه،
ز قامت صد قيامت را بپا ميخواستي کردي،
به تيغ غمزهء نازت بناحق ريختي خونم،
وزان خون برکف پايت حنا ميخواستي کردي،

 

ز خون بيگناهان سيلها راندي بهر وادي،
بکويت گشت خون چون کربلا ميخواستي کردي.

 

اي ماه عکس طلعت زيباي کيستي،
مرجان شبيهه، لعل شکر خاي کيستي!
چشم در انتظار تو خون شد برهگذر،
نور نگاه ديدهء بيناي کيستي!
صد ملڪ دل به نيم نگه گرده اي خراب،
هر هفت کرده باز به يغماي کيستي!
بلبل بدن زشوق تو صد خار غم شکست،
اي گل تو خون بجوش ز سوادي کيستي!
جعد بنفشه گون بسر زلف تابدار،
صد تاب داده بهر تماشاي کيستي!
خون بست نافه در دل آهو ز شوق تو،
اي وحشيء رميده ز صحرائي کيستي!

 

”آزاد“ گون ستاده بيکپاي قائمي،
اي راست قد بندهء بالاي کيستي!
کن تازه بمن عهد وفارا دو سه روزي،
بگذار ز خود طرز جفا را دو سه روزي،
اي خسرو خوابان بدرت ما دو سه روزيم،
کن لطف بران مشت گدا را دو سه روزي،
بلائي بلا خيز تو دارد سر رفتار،
بنشين و نشان شور بلا را دو سه روزي،
دارد دل ديوانه بزلف سروکاري،
اين سلسله مکشا خدا را دو سه روزي،
در حسرت آغوش تو جانم بلب آمد،
بکشا زم هم آن بند قبا را دو سه روزي،
مشتاق لقاي تو ام اي ماه دل افروز،
کم پوش زمن روي دلارا دو سه روزي،

 

خستي دل ”آزاد“ ز بيدار تغافل،
ره داد بتا ناز و ادا را دوست روزي.

 

ز چه رو تو اي پرين روز برم رميده باشي،
چه شود اگر زماني بمن آرميده باشي!
بتو شمع گر دعويٰ بزبان درازي آيد،
بسرت که جاي دارد سرت ار بريده باشي!
ز تو اي صبا به رشکم چو روي بکوي يارم،
که مباد خواب باشد تو برو وزيده باشي!
همه شب بناله بستم ره خواه مرغ وماهي،
تو هم از زبان بان مردم خبري شنيده باشي!
چه خوش است يارب آندم که به رغم دشمنانم،
تو بدوستيء خويشم زهمه گزيده باشي!
بدرت رقيب بدخو چه ستم نموده باما،
که کسي نه کرد باکس تو همه اش شنيده باشي!

 

چه کني ستم بر ”آزاد“ که زروي صدق باطن،
بوفاي او غلامي نه بزر خريده باشي!

 

اي از جمال عارضت در رشک ماه و مشتري،
وز جلوهء تاب رخت بي تاب مهر خاوري!
آئينهء برو آويختي شب را بروز آميختي،
غوغا بخلق انگيختي زين شيوهء جادوگري!
خوبان بکويت خاک ره سيما بخاکت سوده مهه،
در حس خوبي بي شبهه از خوبرويان بهتري!
ماني ترا بيند اکر اي لعبت چين يک نظر،
مانز حيرت بيخبر شرمنده از صورت گري!

 

در انتظار سيمبر ”آزاد“ را خون شد جگر،
در پيش نمي آري گذر جانان چه ظالم برتري!

 

هان اي نيسم صبح بکوي که ميروي؟
داري بجيب مشک بسوي که ميروي؟
سرتا بپا لرزه گرفتست در تنت،
اي آفتاب روي بروي که ميروي؟
دادي بخاي خانهء مردم بزير آب،
اي سيل اشک باز بسوي که ميروي؟
آتش بجان خشک و تر افتاده از دمت،
اي سرو نا بر لب جوي که ميروي؟

 

”آزاد“ سالها ست که دل رفت از برت،
اکنون بکو سراغ به سوي که ميروي؟

 

مخزن سر خدا جز خاطر آگاه نيست،
ورنه هر دل راکه مي بيني ازو گمراه نيست،
بندهء جور تو ام لطفت نمي خواهم دگر،
ز آنکه آن دائم بوداين گاه هست و گاه نيست،
ناوک خونخوار مزگان درازش را نگر،
کش بقربان دلم دست عمل کوتاه نيست،
بسکه باريک است آن موي ميان، گکر مرا
با وجود موشگافيها برازش راه نيست،
دل زمستي بر زنخدان تو گردد هر زمان،
وه چه مستت اينکه هيچش بيم و باک ازماه نيست،
هر چه ميخواهد دلت از فيض لطف حق بخواه،
هيچ منع کامجوئيها درين درگاه نيست،

 

هر کہ چوان ”آزاد“ رخسار تو دارد در نگاه،
چشم جانش را نظر برروي مهر و ماه نيست.

 

چنين که عارض زيباي يار گلرنگ است!
چه جاي گل که گلستان بروي او ننگ است!
گهي بناز برد دل زمن گهي زادا،
مدام چشم ترا کار مکر و نير نگ است،
ميان سبزهء خط تو خال مشکينت،
فتاده حبهء افيون بکاسئه بنگ است،
نمي شود دل عاشق شود بصبر قريب،
ز عشق و صبرو مسافت هزار فرسنگ است،
زر شک جان ببدن ميدرد گريبانم،
تنت گرفته قبا بسکه در بغل تنگ است،

 

نگاه دار دل خويش را اي ”آزادي“.
که دلربا بت من شوخ ظالم وشنگ است(1)


(1) ديوان گوبند بخش 1850ع ۾ ڄائو، مئٽرڪ پاس ڪري، ڪوٽڙيءَ جي انگلوورنيڪيولر اسڪول ۾ ماستر ٿيو، آخر وڪالت جو امتحان پاس ڪري، سکر ۾ پرئڪٽس شروع ڪيائين، قابل وڪيل ثابت ٿيو، تنهن ڪري آمدني ججهي ٿيس. منشي آوتراءِ پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ گوشه نشين ٿيو، ۽ فقيرن سان محبت رکيائين، خيرات به ڪندو رهيو، هر مهيني، ديوان گوبند بخش پنهنجي والد طرفان خيرات جي هڪ هزار رپين جون چٺيون ڀريندو هو. ديوان گوبند بخش پهريون سنڌي آهي جو آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي شروع ٿيڻ شرط، ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. ديوان صاحب 1892ع ۾ 42 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. کيس هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو مسٽر لوڪومل هو. لوڪومل پاڪستان جي بنجڻ تائين سنڌ جي مشهور ماڻهن مان هڪ هو، ۽ وٽس قلمي ڪتابن ۽ نادر شين جو عظيم الشان ذخيرو هو. (هن خاندان جو مڪمل احوال ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، جلد 1، ص ص 247-260، ۾ پڙهڻ گهرجي).

(1) ”مجموعه دلڪشا“، مير ڪرم علي خان پاڻ گڏ ڪيو، ”محڪ خسروي“، 1237هه ۾ مير مراد علي خان جمع ڪرائي: اهي ٻئي مجموعا مختلف شاعرن جي اشعارن جو انتخاب آهن.

(2) هي غزل حافظ جي تتبع ۾ چيو ويو آهي.

(1) هي خيال هڪ فارسي شاعر هن طرح ادا ڪيو آهي.

همه آهـــــوان صحرا سر خود بکف نهاده،

به اميد انکه روزي بشکار خواهي آمد!

(1) مير ڪرم علي خان به انهيءَ زمين ۾ غزل چيو آهي. آخر ٻه شعر، ”آزاد“، مير صاحب جي مدح ۾ چيا آهن. هن غزل کي مير ڪرم علي خان پنهنجي بياض ”مجموعه دلڪشا“ ۾ به آندو آهي: بعض شعر (نمبر 3، 6، 8 ۽ 10) ”دلڪشا“ ۾ وڌيڪ آيل آهن، جيڪي هتي شامل ڪيا ويا آهن.

(1) مير ڪرم علي خان انهيءَ خيال کي هن طرح ادا ڪيو آهي:

بسوئي چمن چون روي پيش زان،

گـــــــــل و لالـــــــــه از راه بــرداشـتم،

ليڪن آزاد جو شعر هزار مرتبا بلند آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com