سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1955ع

مضمون

صفحو :4

ع. ق. شيخ

لکيل جواب

”پرواهه ناهي، تو اڄ مونکي ڌمڪايو.....

نفرت ڀريءَ نگاهه سان نهاريو،

شوخيءَ ۽ ڪاوڙ ۾ شوڪجي.....

منهن ۾ گهنڊ وجهي،

تو مون سان ڳالهايو.

 

تون سمجهين ٿو،

آءٌ نوڪر آهيان،

مونکي پگهار ٿو ملي-

اهي چند سڪا،

جيڪي مون کي ملن ٿا،

تنهنجي عجيب صحيح سان

۽ تنهنجي معرفت،

سرڪار جي خزاني مان-

جنهن مان، نصيب ٿئي ٿو

مون کي منهنجي مانيءَ جو ٽڪرو،

جن تي پلجان ٿو آءٌ،

۽ منهنجا ٻار ٻچا

..... اسانجي قسمت آهي

تنهجي قلم جي نوڪ تي!

 

هائو، برابر، بيشڪ

زيردستن جي محنت جو اجورو،

پورهئي ۽ پگهر جو عيوضو

- جيتوڻيڪ، جنهن مان

پورو به نٿو ٿئي،

هڪڙي مهني جو ڀتو ۽ ڪپڙو

انهيءَ ڪري ته آءٌ، خاموش

ٻڌندو رهيس،

ٻنهي ڪنن سان،

تنهنجا طعنا ۽ تنڪا

نود وانگر،

جنهن مان سوئو ٽنبي ٽنبي،

وري ڪڍي وٺجي،

ته به اهڙي جو اهڙو!

.... سو ڪهڙو اثر ڪندي،

مون جهڙي نود تي،

اها تنهنجي گرما گرم گفتار!

 

آءٌ ته برابر نوڪر آهيان،

سرڪار جو،

۽ هو سرڪار جو،

بنهه بالا آفيسر اچڻو هو،

جنهن سان آڌيءَ رات تائين،

تو رچائي هئي محفل:

’کانا ۽ پينا.......‘

دوءر هليا هئا جتي

پيالن جا،

۽ تو ٻڌا هئا عمدا گانا،

۽ تو ڏٺا هئا دلفريب ناچ،

جن جا نظارا... آهن اسانجي

خوابن جي دنيا کان دور

۽ پري

ڇو نه پري ٿيندا،

اهي اسان کان!

توهين آهيو آفيسر،

۽ هو آهن

اوهان کان به وڏا آفيسر!

ڪهڙو نه عمدو نيشان،

جهرمر جهلڪي ٿو

اوهانجين پيشانين تي!

جنهن مان نڪرن ٿا

نوراني ڪرڻا،

۽ سڃاڻپ جي روشنائي،

جنهن جي وسيلي

اوهين هڪ ٻئي کي

ڄاڻي، سڃاڻي، ۽ کيڪاري

وهو ٿا ويجهو،

۽ رمزن واريون ٿين ٿيون

رهاڻيون، مجلسون ۽ محفلون.

دنيا جي جهيڙن جهٽن

کرکسن کان محفوظ،

اوهين بي خبر ۽ بي خوف،

اڏايو ٿا عيش زندگيءَ جا،

ماڻيو ٿا مزا جوانين جا،

راتين جي پردي ۾

ڪيو ٿا جڏهن رانديون

ڪنهن ’پتي‘ سان،

ٿين ٿيون- ’سٽ ڪٽ‘ جون بازيون:

.... ته اسين ڊهون ٿا،

غمن جي بستري تي

ڀٽڪندا رهن ٿا،

اسان جا خيال،

۽ کسڪندا رهن ٿا،

اسان جا خواب،

- هن حقيقت جي دنيا ۾:

اڄ پورو ڍوء ڪري

به نه کاڌو اٿم،

هي ميرا سيرا ڪپڙا،

سڀاڻي ٿي ويندا

ليڙون ليڙون.

۽ موديءَ کان

وٺڻو اٿم سيڌو.

تنهن کان سواءِ،

سڀاڻي وري ڪرڻي اٿم

سرڪاري نوڪريءَ سان گڏ

اوهان جي چاڪري.

سڄو ڏينهن،

هوندي وٺ پڪڙ،

اوهان جي حڪمن جي.

انهن حڪمن سان،

گڏيل هوندا،

اوهان جي

فرمائشن جا فرمان،

تيز، تڪڙا ۽ تز

ناراضگيءَ جا فقرا....

اڙي هيءُ ڇا ڪيئي؟

زيان ڪري وڌئي!

هيترو وقت!

هئين ڪٿي؟

واٽ تي ننڊون ڪري آيو آهين؟

ڪميڻا ۽ ڪم ڪوس!

حرام ڪري ٿو کائين!

نوڪري ڪرڻي اٿيئي يا نه؟

توتي قياس ٿو اچيم،

جهونو جو آهين،

نه ته هوند گهر اماڻي ڇڏيانءِ،

ماڻهن جي ڪا ڪمي؟

روزگار لاءِ ماڻهو ڌڪا پيا کائين،

حرام تي هري ويو آهين!

نوڪريءَ کان جواب ڏيندوسانءِ!

خبر پئجي وينديئي ته

گهڻين ويهين سؤ آهي؟

ٻيهر ڪندين وري اهڙي غلطي؟

وڃ، ٽر،

اکين کان پري ٿي!

وري متان اهڙي

بيوقوفي ڪئي اٿيئي!،

اٿندي، وهندي،

اوهان جي بس اهائي ڪلڪل،

۽ اهائي مهرباني!

 

انهيءَ طريقي تي، هري مري،

پڪيون ۽ پختيون،

ٿي ويون آهن،

منهنجون، اسان جون

۽ توهان جون عادتون،

جيڪي مجبور ڪن ٿيون،

بهانن ٺاهڻ لاءِ،

ته هردم ائين چوندا رهو:

- معاف ڪجو،

حاضر سائين،

سچ ٿا چئو،

غلطي ٿي وئي،

آئيندي ائين ڪونه ٿيندو،

وري دير نه ٿيندي،

هيءُ ڀيرو ڪريو در گذر،

توهان کانسواءِ،

ٻيو ڪهڙو اوهي واهي؟

توهان کان سواءِ

ٻيو ڪنهنجو اجهو آسرو؟

مون تي قياس ڪيو،

منهنجي ٻچڙن تي رحم ڪيو!

آءٌ دربدر ٿي ويندس،

اوهان کي ڇڏي،

آءٌ ڪنهن جي در تي وڃان!

ڪاوڙ نه ڪيو،

انسان خطا جو گهر آهي.

اوهين صاحب آهيو،

اوهين مائٽ آهيو.

آءٌ اوهان جو

نوڪر آهيان،

آءٌ اوهان جو

خادم آهيان،

آءٌ خدمتگار آهيان-

برابر آءٌ خدمتگار آهيان-

سرڪار جو.

انهيءَ سرڪار نامدار جو،

جنهن جي هٿ ۾ آهن

اوهان جهڙا آفيسر، عهدايدار ۽ عملدار.

جيڪي آهن وڏا ماڻهو،

ايماندار،

اشراف،

دل ۾ درد رکندڙ،

قوم جا خادم،

ملڪ جو ڀلو ڪندڙ،

مهربان ۽ مخدوم.

آءٌ برابر آهيان،

انهن حاڪمن جو نوڪر،

نوڪرن جو نوڪر،

۽ چاڪرن جو به چوڪر،

جنهن کان وٺندا رهون ٿا،

اوهين نوڪري،

۽ اٿاريندا وهاريندا،

رهو ٿا جنهن کي اشارن تي.

 

- اڙي! ڪيڏانهن؟

هيڏانهن- هيڏانهن،

بوٽ کڻي اچ،

جوراب پاراءِ،

پالش ڇو ڪان ڪئي اٿيئي!

ڏس،

بوٽ ڪٿي ٿو چمڪي؟

ها،

اهي صحيحن وارا

ڪاغذ ڪٿي آهن؟

مٿي ۾ سور اٿم،

ٻه ٽي زور ته ڏينم!

ڪلارڪ کي بنگلي تي موڪل،

تون ٻاهر در وٽ ويهه،

ڪو اچي،

ته کيس چئج:

خان صاحب،

واندو ڪونهي،

اندر ماڻهو ويٺا آهن،

سڀاڻِ اچجو-

ڊرائيور کي ٻڌاءِ.

موٽر تيار ڪري،

اسين گهمڻ ڦرڻ وينداسين،

تون ته جلدي موٽ،

توکي مون سان

گڏ هلڻو پوندو.

ڪو بداخلاق ٿو ڏسجين،

جهنگلي،

آفيسر سان ڪو گڏ هلبو آهي؟

پنهنجا ڪپڙ، صاف رک،

۽ مون کان ڏهه قدم پرتي هل!

 

شام جو ٻارڙا،

گهر ۾ گوڙ ٿا ڪن.

کين باغ ۾ گهمائيندو ڪر.

سمجهين ٿو، ڪونه ٿو سمجهين؟

تون منهنجو نائڪ آهين،

مون کي جلدئي

وڏو عهدو ملندو.

آءٌ، توکي به پاڻ سان،

وٺي ويندس

سڀاڻي وڏي صاحب وٽ،

ميوي جو ٽوڪرو

کڻي وڃج،

۽ وڏي ادب سان جهڪي

سلام ڪجائينس.

پر هو وڏيرو!-

اڄ جو واعدو ڪري ويو هو،

راڄ جو پريو مڙس آهي،

آيو ته ڪونه هو؟

۽ فلاڻو سيٺ!-

مس مس ته ڦاٿو آهي،

ڏس!

ڪيئن نه اچي ٿو ڪنڌ جهڪائي؟

۽ هن ٺيڪيدار!-

اڃان ڪميشن ڪانه پهچائي آهي،

رڳو سوٿي ڏيئي هليو ويو آهي گهر!

بس سمجهي ڇا ٿو؟

ڏهن هزارن جو بلو اٿس!

خرچ؟-

ڇا ڪيو هوندائين-

بس اهي ٽي چار هزار!

باقي هيترا هزار سڄو فائدو!

حصو نه ڏيندو،

ته ڪيڏانهن ويندو-

خير وقت تي سڀئي

اچي سلام ڪندا:

اَن جو منهن جنڊ ڏانهن.

 

پر اڄ ڪلهه،

زمانو اهو نه رهيو آهي،

جو اڳ ۾ هو.

هينئر وقت آهي اسانجو،

موقعا آهن هزارين،

حڪومت......

ته اسان جي آهي پنهنجي،

پر خبرداريءَ سان هلڻو آهي.

اسين نه هجون

ته هوند هيءُ سڄو

ڍينگو ئي ڍيري ٿي پوي!

اسانکي،

هڏ ڏوکي، محنتي ۽

ايماندار ماڻهو کپن،

جي پنهنجي فرض ادائي

رات ڏينهن،

اٺ ئي پهر پوري ڪندا رهن.

رعيت جي هر هڪ انسان تي

فرض آهي

ته هو پنهنجي ملڪ جي

مٿان سڀ ڪجهه قربان ڪري،

خدمت ۽ خدمت ڪندو رهي،

محبت....،

يقين، ڀروسي، سچائيءَ

سان ڇا ڇا نه ٿي سگهندو؟

 

اسان جي رهبرن، ليڊرن

۽ آقائن،

اسان کي، توهان کي،

هڪڙي امانت ڏني آهي.

سڀني جو فرض آهي،

ته انهن فرمانن ۽ فرمودن

تي، ماٺ ميٺ ۾،

عمل ڪندا رهون.

آزادي ڏياريندڙ انسان،

هزارها سالن کان پوءِ

پيدا ٿيندا آهن

اسين ته بختن وارا آهيون.

 

پر هي ٿورڙا ماڻهو!

پنهنجن جي

گلا غيبت

ڇوٿا ڪن؟

حڪومت!

حڪومت وٺڻ، ٺاهڻ ۽ هلائڻ

ڪو چرچو آهي؟

وقت جي نزاڪت ۽ ضرورت!

بنيادي حق!

شهري آزاديون!

ڪيڏي نه ناداني!

۽ ڪيڏي نه بيوقوفي آهي؟

اسان جو پهريون فرض ۽

اسان جي پهرين جوابداري آهي،

ق و م ي ح ف ا ظ ت:

وطن جي خاطر

خسيس ۽ رواجي ڳالهين

ڏانهن اسان جو ڌيان،

ڇو وڃڻ گهرجي؟

 

اهڙين ابتين ڳالهين ڪرڻ وارا،

دشمن آهن.

اهي سس ڦس ڪرڻ وارا،

غدار آهن،

جيڪي رڳو ڳولي ڳولي،

گلائون ڪندا وتن ٿا،

۽ نوسي نوسي،

ڀنڀلائيندا رهن ٿا،

بي سمجهه، اٻوجهه ۽ جاهلن کي،

ته، ”سرڪار اسان غريبن

لاءِ ڪجهه ڪين ٿي ڪري“!

امن امان ۽ زنده رهڻ لاءِ

ضروري شيون؟

اڳ ۾ ئي موجود آهن.

کاڌو، ڪپڙو ۽ اجهو؟

- سڀني کي آهي.

وڌيڪ گهرڻ وارا

باغي آهن،

جي رڳو هر وقت،

لهندا رهندا رهن ٿا خواب،

ته ملڪ ۾ ڀڙڪائي ڇڏجي

بغاوت جي باهه.

 

هيءَ اسان جي آزاد

۽ جمهوري حڪومت،

ڪيئن برداشت ڪندي،

اهڙن ناپاڪ ۽ ذليل،

ماڻهن جو وجود؟

هيءُ برابريءَ ۽ هڪ جهڙائيءَ جو دليل!

اميريءَ ۽ غريبيءَ جو ويڇو

ڪيئن ويندو؟

ناممڪن ۽ غلط ڳالهيون.

قدرت،

طاقتور ۽ هيڻا،

ازل کان پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

اهو فرق،

مٽجڻ جو ڪونهي.

اهو سنڌو،

ننڍ وڏائيءَ جو

وڃڻ وارو ڪونهي

- ائين اڪثر.

اوهان کي ڳالهين

ڪندي ٻڌو اٿم

 

پاڻ ۾ پاڻهيئي،

ڀلي اوهين

دل خوش

ڪندا رهو،

ڀلي اوهين

ظلم ۽ ستم ڪندا رهو،

ڀلي اوهين

پنهنجن ڪرتوتن تي،

ڪک ڪانا،

وجهندا رهو،

منهنجا آفيسر ۽ صاحب!

جڏهن اوهين،

پاڻ ۾ ويهي ڪريو ٿا رهاڻ،

ته ڦريو گهريو،

اهي ئي مسئلا،

ڇيڙيندا ٿا رهو،

۽ سمجهو ٿا پاڻ کي،

ستين آسمان جا فرشتا!

۽ ڀانيو ٿا ته اسان کي،

ڪير ڏسڻ ۽ سمجهڻ وارو،

نڪو ڄائو آهي نڪو ڄاپندو!

پر حقيقت، فريب سان،

ڪيترو لڪي سگهندي،

سچ، ڪوڙ سان ڪيترو ڍڪبو؟

پوءِ هيءَ اوهانجي من ماني!

ڇا سج، تريءَ هيٺ لڪائي سگهبو؟

چوري ۽ سينه زوري!

ٺڳي ۽ گوٿ ناٿي؟......

 

مون هي وار،

اس ۾ اڇا،

ڪين ڪيا آهن.

سرڪار، نامدار

جي ڪئي اٿم نوڪري.

تو جهڙا صاحب!

هت آفيسن ۾،

اچن ۽ وڃن پيا.

سڀني کي سڃاڻان ٿو.

اهي سڀيئي، جيڪي هزارها

روپين جا،

پگهار ۽ ڀاڙا ڀتا،

او گرائيءَ کانسواءِ،

هضم ڪيو ڇڏين.

۽ اوهان جا صاحب،

۽ انهن صاحبن

جا صاحب!

نه رڳو اهي،

پر انهن جا،

نڪ، پڇ ۽ پاڇولا،

اِنهن جا جي حضوري

۽ خوشامدي ٽٽو!

ڪيئن ٿا پکيڙين،

پنهنجي پنهنجي ڄار.

ڪيئن ٿا ويهي

بنگلن ۾،

هو هلائين حڪم!

ڪيئن ٿيون ٿيون،

انهن جي اچڻ ۽ وڃڻ تي،

دعوتون، مجلسون،

محفلون ۽ پارٽيون!

پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي

قوم جا هي بدخواهه دشمن،

ڪير آهن؟

عيش پرست، سست،

ڪاهل ۽ ڪم چور،

ڪير آهن؟

ڏينهن ڏٺي جو،

هرڪنهن جي اکين ۾،

ڌوڙ اڇلائڻ وارا،

ڪير آهن؟

ٻين جي محنتن،

۽ پورهين تي پلجڻ وارا،

ڪير آهن؟

عام ماڻهن ۽ زيردستن مٿان،

فرعوني مزاج،

آزمائڻ وارا،

ڪير آهن؟

اوهين ڇا ڇا ٿا ڪيو؟

اوهين، ڪهڙي ڪوڏر ٿا هڻو؟

اهي لکپڙهون، ڪاغذ،

اهي منصوبا،

۽ اهي درخواستون،

۽ انهن جي ٿهن جا ٿها!

فائيلن ۽ دستين،

جا گاڏا ۽ گدام!

ڪير ٿا اٿلائين پٿلائين،

پڙهن ۽ نيڪال ڪن؟

توهان جا،

هي هيڏا ڪاروبار!

کاتا ۽ محڪما!

ڪير ٿا هلائين چلائين؟

توهان جي هوندي،

هي هيڏو انڌ ڌنڌ!

جتي، جيڏانهن

۽ جنهن کان پڇو،

سورن ۾ ئي آهي!

هي مصيبتون ۽ مشڪلاتون!

واهه جو آهي انتظام!

ڪنهن ي خبر ناهي؟

پر منهنجي وطن جا وسوڙل انسان!

هاڻي ٿيندا وڃن ٿا واقف،

۽ حقيقت هوريان، هوريان

ٿيندي وڃي پيئي واشگاف.

راڻي جهليون آهن،

ناتر جون چوٽيون.

۽ انهيءَ رنگ محل جو طلسم،

ٿي ويو آهي چڪنا چور:

منهنجي محبوب وطن جا،

سڀ شهرواسي،

آزاديءَ جا بهادر شهزادا-

هڪڙي مومل هاڻي ويندي ڪيڏانهن؟

سو اهو سچ،

سڀڪنهن کي

معلوم ٿيندو پيو وڃي.

پوءِ اهڙيءَ حالت ۾

اوهين ڪيئن ۽ ڪٿي

لڪائيندا پاڻ کي؟

ڦاڙهو جتي کائيندو،

اتي اوس اوجهه ڏيندو.

پر جيڪڏهن،

ٻنيءَ جي مالڪ،

ڦاڙهي کي زيان ڪندي

اڳ ۾

ڏسي ورتو ته؟

ته پوءِ

ان جو نتيجو؟

ڪهڙو نڪرندو؟

 

ڪالهه جو تو مون کي ڌمڪايو،

جيڪي منهن ۾ آيئي،

سو چئي وئين،

بنهه بالا عملدار،

جو اچڻو هو!

ڪنهن کي به خبر

ته ڪانه هئي:

هن جي اچڻ جو

ڪو پروگرام ته ڪونه هو:

مون ته ڪو،

خواب ڪونه لڌو هو،

ته اوهين هلي ملي

وڃي کيس منٿ ڪري ايندا-

پيرن گهمائڻ لاءِ

پر هنن،

بالا آفيسرن جي اچڻ ڪري،

اوهان جو دماغ،

ڇو....

سرت ۽ ساڃهه،

مان نڪريو ٿو وڃي؟

ايتري،

ناجائز ۽ لنڊي خوشامد،

ڇوٿا ڪريو؟

ڇاجي لاءِ ٿا ڪريو؟

شايد، اهي صاحب،

اهڙائي آهن،

جي خالي ڇنڊ ڦوڪ،

۽ سائين سائين،

جيءُ حضور-

تي آڪڙجيو

۽ آڦرجيو وڃن ٿا!

بناوٽي ۽ ملاوتي،

ٽيپ ٽاپ تي،

راضي ٿيو وڃن!

پوءِ ڇو نه اوهين،

اهي اٽڪلون

۽ سٽڪلون هلايو!

اهو هار سينگار،

اها معلمي سازي،

اوهان کي،

واهه! واهه!

۽ شاباس!

جي لقبن سان

ضرور نوازيندي.

پوءِ کير ۾ جيتري

کنڊ وجهبي،

اوترو ئي مٺو ٿيندو.

اڄ جو آءٌ،

توکي ٻڌي سڻي،

خاموش ٿي ويس

توکي جيڪي چوڻو هو،

سو اکيون پوري

چئي ڏنئي

تنهنجي ڪاوڙ ۽ قهر

جو پارو،

چوٽ چڙهي ويو،

آءٌ توکي ٻڌندو،

آءٌ توکي تڪيندو،

رهجي ويس.

در اصل آءٌ،

سوچي، ويچاري،

خيال ڪري رهيو هوس،

ته اوهان کي واقعي

ناراض ٿيڻ جو

آخر ڪهڙو سبب هو؟

صبح جو،

ته دستور موجب،

حاضر ٿيس!

منهنجي خطا؟

۽ منهنجو ڏوهه؟

اخر ته اسانکي به،

اوهان جهڙو ساهه آهي.

نيٺ اسين به آهيون،

ڪي انسان!

اسين به نوڪر آهيون،

سرڪار جا،

نوڪري ڏيندا رهون ٿا،

توهان جي ۽ سرڪار جي.

۽ آهيون ٻئي،

پگهاردار نوڪر،

۽ اهي بالا عملدار صاحب!

ڇا اهي ڪين آهن ڇا،

سرڪار جا ملازم،

ملڪ ۽ ماڻهن

جا خادم؟

پوءِ هيءُ هيڏو سارو ويڇو!

اهو ته اسان جي

خاموشيءَ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ

پيدا ڪيو آهي.

انهيءَ ڪري،

واجب سمجهيم،

ته توکي لکيل جواب ڏيان،

بنهه توکي لکي ٻڌايان،

ٻين کي ٻڌايان،

۽ ائين انهيءَ،

بيداد جي نڙيءَ تي، ننهن ڏيئي،

هميشه هميشه لاءِ،

اُن کي نابود ڪري ڇڏيان!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com