سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1955ع

مضمون

صفحو :3

افسانا

 

اسان جا

 

1.

چهڙي

از بشير مورياڻي

2.

شيدو ڌاڙيل

غلام رباني

3.

نئين زندگي

علي احمد بروهي

4.

جوابدار ڪير؟

اياز قادري

5.

لکيل جواب

ع.ق.شيخ

6.

زندگيءَ جي ڪنارن تائين

سراج الحق”بسمل“

7.

دريا شاهه

غلام علي ”ناشاد“

 

ٻين جا

 

1.

پاشا

جمال الدين ابڙو

2.

اکڙيون

الاهي بخش لاڙڪ

 

ناٽڪ

 

1.

شاهدي

م. ع. ڏيپلائي

2.

ضعيف انسان

ايم- يو- ملڪاڻي

 

هڪ ڏينهن جي ڳالهه...

 

3.

دلبر

غلام محمد ”گرامي“

4.

اسپرنگ خراب ٿي ويندا

محمد ابراهيم جويو

 

ادب جي هر صنف لاءِ ڪجهه فني لوازم ٿين ٿا، جي هڪ صنف کي باقي اصناف کان جدا ڪن ٿا ۽ صوري ۽ معنوي فرق پيدا ڪري، پڙهندڙ کي اشتباه کان بچائين ٿا. اهو قانون افساني سان به لاڳو آهي.

هونئن ته افسانو هر ڪهاڻيءَ کي چئي سگهجي ٿو، پر فني طور، ڪي افساني جا لوازم آهن. مثلاَ: وحدت تاثر، رمزيت ۽ ايمائيت، مواد جي فنڪارانه ترتيب ۽ ڇنڊڇاڻ، ٽيڪنيڪ جي پابندي، مختلف اجزاء جو ربط ۽ توازن، معنوين ۽ مقصديت ۽ افاديت کي پيدا ڪرڻ جو سليقو، ماحول جي تنقيدي مطالع، واقعات جي اسباب جي تفتيش ۽ ڄاڻ، مشاهدي ۽ تجربي جي فراواني، ڪردار جي حقيقي تصوير ڪشي، لکندڙ جي سنجيدگي ۽ متانت، ڪردار جي مختلف ڪيفيتن ۽ عملن ۽ اوصاف کان غير جانبداري، زبان جي رواني ۽ بي ساختگي، انداز بيان جي دل آويزي ۽ دل نشيني.

 

*   *    *    *

 

ٿورن لفظن ۾ هئن چئجي ته، هڪ ”تاثر“ کي، جو ڪنهن مشاهدي کان پوءِ پيدا ٿيو هجي، يا ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي بيان ڪرڻ سان پيدا ٿيو هجي، پنهنجي پاڻ تي مسلط ڪري، ان کي اهڙي انداز سان بيان ڪرڻ، جنهن جي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان، اهو ساڳيوئي ”اثر“ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ۾ پيدا ٿئي، ان کي ”افسانو“ چئجي.

 

بشير مورياڻي

چهڙي

هوءَ ڏاڍي وڻندڙ نينگري هئي ڀنگياڻي هئي ته ڇا!

هو ڪڏهن ڪڏهن ماءُ سان گڏجي ايندي هئي، ماءُ جي پڙي جي پلوء کي پڪڙي، ان جي پٺيان لڪندي، لڄي ٿيندي، ڪڏهن مرڪندي ۽ ڪڏهن منهن هيڏانهن هوڏانهن ڦيريندي ايندي هئي. ويڻين ۾ ننڍڙيون ڪاريون ڪانچ جون ڪنگڻيون پيل هونديون هيس. ماڻس، ڪاڪوس صاف ڪرڻ ويندي هئي، ته هوءَ اسان جي گهر جي پڌر ۾ ڪنهن فڪر ۾ ٻڏل بيٺي هوندي هئي. ڪڏهن انهن ڪنگڻين کي ٻانهن ۾ پيئي ڦيرائيندي هئي، ته ڪڏهن وري گهر جي ڀتين کي چتائي بيٺي ڏسندي هئي. اهي حرڪتون تيسين جاري رهنديون هيس، جيسين ماڻس ڪاڪوس صاف ڪري موٽندي هئي.

”وڌين! هن چهڙيءَ کي آنڪي ته ڏجانءِ،“ امان اندران بورچيخاني مان رڙ ڪندي هئي.

هوءَ ننڍڙا ننڍڙا قدم کڻندي، جڏهن پهريون دفعو مون کان آنڪي وٺڻ آئي، ته نالو پڇيومانس پهرين، ڪجهه وقت ته هوءَ درجي طاق پٺيان لڪندي، ۽ چوريءَ چوريءَ مون کي ڏسندي رهي!

”نالو ٻڌاءِ، ته پوءِ آنڪي ڏيانءِ“

هوءَ پنهنجو ننڍڙو، ڳتيل وارن وارو مٿو ڌوڻي، انڪار ڪندي رهي. شرمائجي رهي هئي، هن جو انڪار به وڻيو پئي. نيٺ ڌيمي لهجي ۾ چيائين: ”ڇيمي“ ۽ ڀڄي ويئي. آنڪي به نه ورتائين!

”ڪيڏي نه شرميلي ۽ وڻندڙ آهي! ڀنگياڻي ٿي ته ڇا! ”آءٌ سوچي رهيو هوس.

ٻه ٽي دفعا آنڪي وٺڻ کانپوءِ هوءَ مون سان هري ويئي. هاڻي بي ڌڙڪ منهنجي اڳيان اچي بيهندي هئي، امان ڏسندي هيس ته ڇينڀيندي هيس:

”او ننائين! نڪر ٻاهر- ڪمرو ٿي گندو ڪرين. گهور وڃانءِ، ڏائڻ کي ٻاهر ڪڍ!“

۽ هوءَ هوريان هوريان، چپ چاپ ٻاهر نڪري ويندي هئي. ڪنهن کي اجايو ستائڻ جو نه گهرندي هئي! دڙڪي داٻ ملڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن تائين هن جو اهو دستور ٿي ويندو هو، ته منهنجي ڪمري جي ٻاهر دڳ ڏانهن کلندڙ دريءَ جي ٻاهران، سيخن ۾ هٿ وجهي، بيهندي هئي. مان سمجهي وٺندو هوس ته آنڪي وٺڻ آئي آهي، پر هوءَ پنهنجي زبان سان ٻڙڪ به نه ڪڇندي هئي.

(2)

هڪ ڏينهن هن آنڪي وٺڻ کانپوءِ شرمائجندي چيو: ”مان کي بي پيشو ڏيندين؟“

”تڏهن آنڪي ڪنهنجي ٿي وٺين؟“

”داديءَ جي.“

”پوءِ، دادي تنهنجي ناهي ڪئن؟“

”آهي- آنڪي منهنجي ناهي.“

مون کي هن جي اکين ۾ مرڪ سان گڏ لڙڪ ترندا نظر آيا. چپن تي سدا بهار سرهائي هيس. ان ريت هوءَ روزانو مون کان پنج پئسا وٺي ويندي هئي. آنڪي ماءُ جي محنت جي اُجرت، پئسو پاڻ لاءِ.

هڪ ڏينهن پڇيومانس: ”روزانو جيڪو پئسو وٺي ويندي آهين، ٻڌاءِ ته ڀلا، ان جو ڇا ڪندي آهين؟“

”گهنگلو وٺنديس. پيرن ۾ ٻڌي لاليءَ ۽ لما (رما) وانگي ڇم ڇم ڪندس.“

مان هن جي ان معصوم خواهش تي کلڻ لڳس. پر هن جي منهن جو رنگ نه مٽيو. هن کي يقين هو ته هن جي اها خواهش ٺوس هئي!

هن جي نالي ۾ به ته گهنگهرن جي ڇنڪار سمايل هئي....”ڇيمي“.

ڇيمي ڇهن ستن سالن جي هوندي، پر هئي ٻاتڙي! زبان ۾ شايد قدرتي هٻڪ هيس. سچ ته سخت کان سخت ۽ بي جان لفظ جڏهن هن جي زبان مان ادا ٿيندا هئا، ته انهن ۾ موسيقيت اچي ويندي هئي، ڄڻ گهنگهرن جو ڇمڪو ٿيو هجي.

(3)

آءٌ سمجهي نه سگهيو آهيان، ته مون کي هن لاءِ ايتري چاهنا ڇو هئي؟...... شايد هوءَ غير رواجي ٻارڙي هئي. شايد هوءَ نرالي قسم جي ڇوڪري هئي، اهوئي سبب هو جو هوءَ چهڙي نه سمجهڻ ۾ ايندي هئي. منهنجي دلچسپيءَ جو هي سبب به ٿي سگهي ٿو، ته مون کي از حد معصوم ۽ وڻندڙ ٻارن لاءِ سڪ هوندي آهي. خاص طرح انهن ٻارڙن سان جن ۾ فطري طرح سان معصوميت ۽ شرارت جو ميلاپ هوندو آهي، پيار ٿيڻ سڀاويڪ آهي.

ڇيميءَ جي ماءُ رن زال هئي. ڇيمي، ستن سالن جي ننڍڙي ڇيمي، يتيم هئي. هن کي پيءُ جو پيار نصيب نه ٿيو هو. هوءَ چوندي ئي ته پنهنجي پيءُ کي ڏٺوئي نه هئائين. يا ٿي سگهي ٿو ته ان جي سانڀر نه هجيس.

ڏينهن لنگهي ويا.

هڪ ڏينهن، ڇيمي منهنجي ڪمري جي ٻاهرينءَ دريءَ جي سيخن ۾ هٿ وجهي، اچي بيٺي. مان لکڻ ۾ ايترو ته رڌل هوس جو ان طرف ڌيان ئي نه وڃي سگهيو.

”ڇي ڇي.... شي شي...“ اهو هن جي اچڻ جو اطلاع هو.

”اندران ڦري آ، ڇيمي!“

هوءَ کاٻي هٿ جي چيچ ڏندن ۾ ڏيئي، ڪنڌ لوڏي، انڪار ڪرڻ لڳي.

”ڇو؟“

”بيبي ماليندي.“

”نه نه..... نه ماريندي. اچ ته پئسو به ڏيانءِ.... ۽ ها... اڄ آنڪي نه وٺندينءَ ڇا؟ ۽ هاڻي ٻاهر ڇو بيهي رهندي آهين؟“

منهنجي ايترن سارن سوالن کان گهٻرائجي هن جواب ڏنو:

”نه نه..... نا نه..... بيبي ماليندي“

مان هن کي پڪڙڻ لاءِ اٿيس، ته هوءَ ڀڄي ويئي، ۽ رستي جي ڇيڙي تي بيهي ڄڀ ڪڍي مون کي چيڙائڻ لڳي- اها هن جي پهرين شرات هئي!

(4)

آءٌ هڪ دوست کي خط لکي رهيو هوس،

”شي شي ......“

سمجهيم ڇيمي آئي. ڏٺم ته نئين وڳي ۾ هئي. ڇيٽ جو رنگين چولو ۽ ڀنگياڻين جو مخصوص، رنگين، ڇينڀي تي سنهو پڙو. ٻانهن ۾ ساڳيون ڪانچ جون ڪاريون ڪنگڻيون. مکڙي تي اهائي گنڀير مرڪ، مگر اکيون ڳاڙهيون ۽ انهن ۾ ڳوڙها، جيڪي ڀانيو پئي ته اجهو ڳڙيا ڪي ڳڙيا- ڇيمي اجهو رني ڪي رني.

”ڇو، ڇيمي ڇو!

هوءَ ٻنهي هٿڙن سان اکيون مهٽڻ لڳي، پوءِ روئي ڏنائين، روئندي به ٿي ويئي ۽ ڪڏهن نئين چولي ۽ پڙي کي ۽ ڪڏهن اگهاڙن پيرن کي ڏسندي به ٿي ويئي. مان حيران، ته ٻارڙي ايترو ڇو ٿي روئي، ۽ ڪپڙن ۽ پيرن کي ڇو ٿي ڏسندي وڃي چوڻ لڳي:

”داديءَ...... چولو پرو..... آرين (آڻين) ڏنو..... گهنگلو نه موکان اُهي پئشا به کشي ولتائين..... جيڪي تو ڏنا ها!“

مان هن کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، ۽ گهڻا جتن ڪري پڪ ڏياريمانس ته کيس گهنگهرو وٺي ڏبا.

”مان پيرن ۾ پائينديس،“ هوءَ خوش ٿي تاڙيون وڄائڻ لڳي، ”اڄ پئي به مان ميري (ميڙي) آئي هانءِ!“ هن ڄڻ ته مون تي رعب رکڻ چاهيو. اتفاق سان ان وقت ئي امان مون کان منجهند جي مانيءَ جو پڇڻ آئي. ڇيميءَ کي منهنجي ڪمري ۾ بيٺل ڏسي، اچي مٽي، چي: ”اهڙو ڪڌو ڪئين ٿيو آهين؟ چهڙيءَ کي کڻي مٿي تي چاڙهيو اٿيئي! ائين ڪو ڪندو؟ ڀائٽين کي به ايترو نه گهرين جيترو هن ڇنال کي!“ هوءَ ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪري وئي، مانيءَ جو به نه پڇيائين. ڇيميءَ جو منهن لهي ويو، ۽ بنا چون چرا جي ٻاهر نڪري ويئي. امان به ڪا هن لاءِ واجهائي رهي هئي. ڇيمي ٻاهر نڪتي مس ته امان ٻهاري کڻي سٽڻ لڳيس. ويچاريءَ ڪجهه نه ڪڇيو، ڳوڙهو به نه ڳاڙيائين!

پڌر مان گند جو ٽين کڻي، هوريان هوريان ٻاهر نڪري وئي.

منهنجي حساس دل ۽ دماغ تي ان جو ايترو اثر ٿيو، جو منجهند جي ماني به نه وڻي. رات جي ماني به امان ۽ ڀاڄائيءَ منٿ ميڙ ڪري کارائي. امان چوڻ لڳي.

”اهڙو نرم دل به ڪو ماڻهو ٿئي! مون کي حيراني آهي، ته تون آفيسري ڪئن ڪري سگهندين؟ خدا گهريو ته نيٺ ڪو عهدو ماڻيندين، پوءِ زيردستن تي رعب ڪئن ڄمائي سگهندين! انتظام ڪئن رکندين!“

هيڏانهن، منهنجي ذهن ۾ ڪي ٻيا ويچار اٿلي رهيا هئا. آءٌ سماج جي اوڻاين تي غور ڪري رهيو هيس. انسان انسان کي ڌڪاري ٿو. انساني فطري پيار ۾ به ذات پات، اوچ نيچ جو دخل ٿي سگهي ٿو!

 

(5)

ٻئي ڏينهن ڇيمي آئي! شايد ماءُ کي مار جي ڪا ڳالهه نه ٻڌائي هئائين، نه ته اچڻ نه ڏئيس ها. هن جي اکين ۾ رهي کهي مرڪ جي جاءِ به لڙڪن والاري هئي. هوءَ ڪاڪوس ميڙي ٻاهر نڪري وئي. امان به شايد ڪالهوڪي واقعي تي پشيمان هئي. چئي نه سگهي: پٽ، هن چهڙيءَ کي آنڪي ته ڏجانءِ، ڇيمي به مغموم ٿي ڏٺي. آءٌ پنهنجي ليکي شرمندو هوس. اچانڪ هوءَ ٻاهرين دريءَ جي سيخن کي پڪڙي اچي بيٺي. ڪو آواز نه ڪيائين بس بيٺي رهي. ڀانيم، ابد تائين ائين بيٺي رهندي! مان ڪرسيءَ تان اٿي، ڏانهنس وڌي ويس چوڻ لڳي:

”تون منهنجي دادا کي وٺي ايندين؟ دادي کش ناهي.“

مان ڏڪي ويس. ان جو ڪهڙو جواب ڏئي ٿي سگهيس! هن جهٽ کن کان پوءِ وري چيو:

”اڄ ٻه آنڪون ڏيندين؟ دادي کش ناهي.“

مون ٻياني ڪڍي، هن کي ڏني، ته چوڻ لڳي، ”سڀان پئشا نه ڏجانءِ.“

”ڇو؟“ مون حيرت مان پڇيس.

”اڄ ٻياني جو ڏني اٿئي!“ هن مون کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيندي چيو. ”آنڪ جون ڪچوريون وٺندس. پنهنجي ڪاڻ ٿوروئي! داديءَ لاءِ: کش جو ناهي!“

هوءَ هوريان هوريان هلندي هلي ويئي، ڏاڍي اداس پئي ڏٺي. دڙي تائين پهتي، جتي ٻين ڀنگياڻين جي گند جي دٻن سان هن جو دٻو به رکيو هوندو هو. مون ڏٺو، هن سينهو مٿي تي ٺاهي رکيو، ۽ پوءِ ان تي گند جو ٽين رکي هلڻ لڳي.

مان کيس ڏسندو رهيس.

هڪ ڏينهن صبح جو، پاڙي اوڙي جا ٻار اسان جي گهر جي ٻاهران رستي تي ”سٽ ڪٽ“ راند ڪري رهيا هئا. ڇيمي هنن جي راند مان مزو وٺي رهي هئي. جڏهن کينهون ڪني پاڻيءَ جي ڪسيءَ ۾ ٿي ڪريو، ته هن ڪڍي آڻي ٿي ڏنن. هڪوار ته کينهون هن جي هٿن ۾ آيو، هوءَ حسرت سان ان کي دٻائي ڏسندي رهي. پريان ڪنهن ڇوڪري رڙ ڪري چيس:

”او ڙي، او چهڙي! کينهون هيڏي ڦٽي ڪر، نه ته هڏ گڏ ڀڃندوسانءِ.“

ڇيمي ويچاريءَ ڊڄي، کينهون کڻي اڇلايو.

پريان ڪا بگي ٿي آئي، جنهن ۾ تازو وهو ڪيل گهوڙو جوٽيل هو، جو بگيءَ کي کنيو ٿي آيو. منهنجو چئن سالن جو بي سمجهه ڀائٽيو وچ رستي تي بيهي، راند ڏسي ۽ تاڙيون وڄائي رهيو هو. بگيءَ وارو پريان ئي رڙيون ڪندو ٿي آيو، ۽ جيترو پئي گهوڙي جي رينن کي ڇڪيائين، اوترو ٿي گهوڙي اُڇانگ ڏنا. ٻار رستي تان نه هٽيو. ٻيا ڇوڪرا پري پري وڃي بيٺا. ڇوڪر جو وڏو ڀاءُ ۽ ڇيمي کيس بچائن لاءِ، ڏانهنس ڊوڙيا. ڀاڻس ڪجهه دير سان پهتو، نه ته اُهو به ننڍڙي طارق ۽ ڇيميءَ جيان بگيءَ جي چيڀٽ ۾ اچي وڃي ها.

وٺي ٻارن ڏانهن ڊوڙيس. عورتون درن پٺيان بيهي پار ڪڍڻ لڳيون. بگي هوا ٿي وئي هئي مون هڪ ڪڇ تي طارق کي کنيو: ٻيءَ تي ڇيميءَ کي. هڪ ٻار رڙ ڪري چيو:

”ادا! اها چهڙي اٿئي، ڪڇ تي نه کڻيس. لٽا ڪنا ڪندءِ!“

ٻيا ٻارڙا ’آخ- آخ‘ ڪرڻ لڳا. هڪ ٻار منهنجي ويجهو آيو: ”اڙي، هاڻي ادا به چهڙو ٿي پوندو“ تنهن تي ٻيا ٻار، ان حادثي کي وساري، وٺي کلڻ لڳا!

ڇيمي بيهوش هئي. سندس مٿي مان رت وهي رهيو هو. ڪلهن ۽ سيني تي سخت رهڙون آيون هيس هن سياڻپ ڪري طارق کي پرتي ڌڪي ڇڏيو هو، جنهن ڪري هن کي رڳو ٽنگن تي معمولي زخم رسيا هئا.

گهر ۾ گهڙيس ته امان ۽ ڀاڄائي طارق لاءِ وهلور ٿي ويئون. ڇيميءَ لاءِ ڪنهن به نه پڇيو. ان کان اڳ جو مون تي ڪوئي نڪته چيني ڪري ته ”چهڙيءَ کي ڇو ڪڇ تي کنيو اٿئي“، مان ٻاهر نڪري ويس.

(6)

آءٌ ڇيميءَ کي اسپتال کڻي ويس. جڏهن هن جا زخم صاف ڪرڻ لاءِ کيس ميز تي ليٽايو ويو، ته ڪجهه سڌير ٿي، زخم صاف ٿيڻ مهل جاڳي پئي ۽ درد کان دانهون ڪرڻ لڳي. هن کي مضبوطيءَ سان جهلي، سوگهو ڪري، زخم صاف ڪيا ويا، ۽ انهن ۾ دوائون ۽ پائوڊر وغيره ڀري پٽيون ٻڌيون ويئون.

مان هن کي ڪڇ ۾ کڻي، ٻاهر رستي تي اچي، ٽانگي لاءِ واجهائڻ لڳس. هوءَ، رت وهڻ سبب، ڪمزور ٿي وئي هئي ۽ ڍر ڪندي ٿي وئي. جهڪي آواز ۾ پڇيائين:

”ڪاڏي؟“

”گهر- ڇيمي! تنهنجي گهر پيا هلون هلون نه؟“

”ٽين ۽ سينهو ته کڻون، نه ته دادي گهر اچڻ نه ڏيندي!

”چڱو ڀلا منهنجي گهر هلندينءَ ڪئن؟“

”نه- بي بي ماليندي. تالڪ (طارق) کي ڄنگهه ۾ ڌڪ جو لڳا آهن!“ هوءَ سڏڪا ڀرڻ لڳي.

”نه نه... نه ماريندءِ. مان جو ويٺو هوندس.“

نه نه- نا نه... بي بي ماليندي!..... هل ته دادا ڏي هلون!“

پوءِ هوءَ رئڻ لڳي.

مان منجهي پيس.

*      *     *      *

لهندڙ سج جي ’ڳاڙهاڻ‘ نئين صبح جي آمد جي خوشخبري ٿي ٻڌائي! جو زياده روشن ۽ تابناڪ ٿئي ٿو. جنهن جي سونهري ڪرڻن سان دنيا منور نظر اچي ٿي. رات جي ”ظلمت پاش“ فوجن کي سر لڪائڻ جي جاءِ به ڪانه ٿي ملي سگهي! ۽ انهن کي پنهنجي موت مرڻو ٿو پوي!   (کن ٺان- برمي شاعر)


 

غلام رباني (سنڌي)

شيدو ڌاڙيل

سج ٻه ڪانا کن مٿي چڙهي آيو هو. اڱڻ ۾، ڇنل کٽ تي، ڦاٽل رلهيءَ ۾ ويڙهيو سيڙهيو، هو ستو پيو هو. کٽ جي چوڌاري اسڪولي ٻارن جو ڊنب مڙيو بيٺو هوس.

”شيدو، شيدو، سائين ٿو سڏيئي!“

”اڙي ائين ڪونه اٿندو: هلو ته سائينءَ کي سڏي اچون،“ ٻئي واڪو ڪيو.

پر شيدو اهوئي ستو پيو هو.

تنهن تي، ٽئين ڇوڪر وڌي سندس منهن تان رلهيءَ جو پلئه لاٿو. ڇوڪر جو پلئه لاهڻ ۽ شيدوءَ جو واڪو ڪري اٿڻ، ”وڃي پنهنجي بابي ماستر کي ٻڌايو! مان ڪونه ايندس، ڪونه ايندس“ ۽ سٽ ڏيئي رلهيءَ جو پلئه ڇڏائي، هو وري ويڙهجي سيڙهجي سمجهي پيو.

ڇوڪرا چپ چاپ هليا ويا.

’غفور اصل ڪونه مڙندو- ضرور سائينءَ کي چوندو ته سائين، شيدوءَ هيئن ٿي چيو. قالو به ته ٺاهي جوڙي ڳالهه ۾ لوڻ مرچ گڏيندو. ڀلا ڪريم؟ نه نه، هو به حرامي آهي- اهو به چوندو ته سائين توهان کي گاريون ٿي ڏنائين“ اهي ويچار ويچاريندي شيدو اٿيو. رلهي پري ڦٽي ڪري، کٽ هيٺان پيل پاڻيءَ جي ٻٽي دلي مان جهڙو منهن ڌئڻ لاءِ پاڻيءَ لپ ڪڍيائين، تهڙو پاڻي، ڀڳل گهانگهي مان پٽ تي وهي ويو.

”ڀيڻسان دلو به ڀڳل.... ڀلا هجي ابو امڙ ته.....“ هن جون اکيون آليريون ٿي ويئون. کٽ تان رلهي کڻي، منهن اگهي، جهڙوئي در ڏانهن وڌيو ته پٽ تي هاريل پاڻيءَ تان پير ترڪي ويس. ڌومنهن ڀر وڃي ڪريو. ڪاري ڪپڙي جي پنيءَ تائين گوڏ به گپ ۾ ڀرجي ويس. اڃان اٿيوئي مس ته در کڙڪيو، ۽ ائين ڊنب ٻارن جو گهر ۾ گهڙي آيو. در تان ماستر واڪو ڪيو، ”اڙي کنڀي اچوس“!.... ۽ ڇوڪرا شيدوءَ کي چنبڙي ويا. ڪو ٽنگن کان ڪو ٻانهن کان، ٽنگوٽالي ڪري هو کيس ائين ماستر ڏانهن کنيو پئي ويا جيئن ماڪوڙيون ڪنهن مئل ڏينڀوءَ کي پنهنجي ڏرڙ ڏانهن نينديون آهن. ”هل اسڪو!“ ماستر، شيدوءَ کي ڇوڪرن جي وچ ۾ ڪري اڳ ۾ ٿي هليو.

”سائين گپ ۾ ترڪي پيو آهيان. گهڙي کن ڇڏيو ته گڏ تان وهنجي اچان.“

”وهنجي ٿو پٽ!“ ماستر، شيدوءَ جي اگهاڙيءَ پٺيءَ تي ٻير جو لڪڻ هڻندي خار وچان چيو.

اسڪول ۾ پهچي ماستر رڙ ڪئي، ”حمزا!“

”جي سائين!“

”پاڻيءَ واري واڍ کڻي آ!“

حمزو پاڻيءَ واري واڍ کڻي آيو، ۽ ماستر جي حڪم سان شيدوءَ کي بينچ تي پٺيءَ ڀر سمهاري ٻڌڻ لڳو.

”سائين سوگهو آهي“ حمزي، شيدوءَ کي چڱيءَ طرح بينچ سان جڪڙي ٻڌڻ بعد چيو.

”ها، پوءِ؟ ڇاٿي چيئي ته وڃي پنهنجي بابي کي دانهن ڏيو!“

شيدوءَ ڪڇوئي ڪونه بس، جهڙي ڀت!

اسڪول ۾ چپ چاپ ٿي ويئي. ۽ پوءِ ان خاموشيءَ ۾ ماستر جي گارين جي گجگوڙ بعد، جڏهن ٻير جو لڪڻ وڄ جيان وراڪو ڏيئي، بينچ سان ٻڌل شيدو تي وسڻ لڳو ته شيدوءَ جون اکيون سانوڻ جي ڪڪرن جيان اوهيرا ڪري وسڻ لڳيون. اهي گارين جو گوڙيون، لڪڻ جا وڄ جيان وراڪا ۽ اکين جو اوهيرا ڪري وسڻ- تيسين جاري رهيا جيسين ڏيڍ مڻ جي پڃري کڻندڙ ماستر جي ٻانهن ساڻي ٿي پيئي ۽ شيدوءَ جي اکين مان وهندڙ مهراڻ سڪي ويو.

(2)

’ هڪ ايڪو ٻه ڏهاڪا، ايڪيهه.‘

’ٻه ايڪا ٻه ڏهاڪا، باويهه‘

’ٽي ايڪا ٽي ڏهاڪا....‘. ”اڙي بس ڪيو، ڪتي جا پڇ!“

ماستر صاحب اسڪول ۾ داخل ٿيندي چيو. چوڌاري چپ ٿي ويئي. ماستر صاحب دستور موجب حاضريءَ جو ڪتاب کڻي حاضري وٺڻ لڳو.

”حمزو“ ’حاضري سائين‘

”قالو“ ’حاضر سائين‘

”غفور“ ’حاضر سائين‘

”ڪريم“ ...................

”ڪريم!“ ماستر ٻيهر واڪو ڪيو.

”شيدو!“

”شيدو!!“...................

”سائين شيدو ۽ ڪريم ٻئي ڪونه آيا آهن.“ حمزي اٿي چيو.

”ڪالهه گڏهه جيڏي مار جهلي اٿائين، وري اڄ ڪتي جو پٽ نه آيو! اڙي توهان مان ڪنهن کيس ڏٺو؟“

بشير، ماستر ڏي نهاريندي، ٻانهون ٻڌي، چوڻ لڳو، ”سائين صبح جو ٻئي ڄڻا ميري جي هٽ تان چانورن جي لائي وٺي، مڪان واري کوهه ڏانهن پئي ويا. مون چيومان ته ’هلو اسڪول‘ تنهن تي مون کي مڪ وهائي ڪڍيائون!“

”پيسا ڪاڏهون آندائون، جو لائي ورتائون!“ ماستر عجب ۾ پئجي چيو.

بشير ڊڄي ڊڄي چوڻ لڳو، ”سائين... سائين! مون کي نه مارجو... مان ڏسيانو؟“

”ڳالهه ڪر!“

”سائين، ڪالهه نوري جي گهران رائي چورائي هئي سين. هٽ تي وڪيسون ٻارنهن آنا مليا. پر سائين مون کي هڪ ڏوڪڙ به نه ڏنائون. ٻارنهن ئي آنا شيدو ۽ ڪريم کڻي ويا!“

”ها، ڪتي جا پٽ چوري نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا. نه ماءُ نه پيءُ ڪو چوڻ آکڻ وارو ته اٿن ڪونه. اهي حرامي ڦر وڏي هوندي کاٽ هڻندا. اهي پڙهيا! جيڪي هينئر ئي چوريون ٿا ڪن، سي وڏي هوندي ڪهڙا اَڪ ڪارا ڪندا. پر مون کي ته عجب آ ته اهي ماني ڪٿئون ٿا کائن؟“ ماستر صاحب ڇوڪرن ڏانهن نهاريندي چيو.

”سائين ڪڏهن ڪڏهن اوبر سوبر اسان ڏيندا آهيون.“ قاسم درزيءَءِ جي پٽ اٿي چيو.

”۽ سائين ڪڏهن ڪڏهن اسان،“ وڏيري جي پٽ انور اٿي چيو.

”ها، ننڍي هوندي اُڙين ٿڙين ٽڪرن تي پلبا، ته وڏي هوندي ضرور چوري ڪندا!“ ماستر نفرت وچان چيو، ۽ پوءِ ڪلاس جي ڪم کي لڳي ويو.

(3)

انهي ڳالهه کي سال گذري ويا. اڄ شيدوءَ جو سڄي تر ۾ ڏهڪاءُ هو. ٻارنهن ڪوهيءَ ۾ چڱا چڱا جوان مرد، شيدوءَ جو نالو ٻڌي ڏڪي ويندا هئا. هاڻي هن کي شيدو ڪير ڪونه ڪوٺيندو هو. ماستر جنهن شيدوءَ کي ننڍي هوندي موچڙن سان ڪٽي نوءد جو ٽڪر بنائي ڇڏيو هو، قاسم درزي ۽ ڳوٺ جو وڏيرو عيدل خان ۽ ٻيا جن جي سڪلن ٽڪرن تي شيدو ننڍي هوندي پليو، اسڪولي ٻار، جي شيدوءَ جا ڪلاسي هئا، جن مان ڪي اڄ ڪڙمي هئا، ڪي مزور هئا، ڪي ٻڪرار ۽ خود شيدوءَ جو ننڍي هوندي جو يار، ڪريم، جو اڄ پنهنجي تر جو سٺو رازو هو. اهي سڀ کيس شيدو ڌاڙيل ڪوٺيندا هئا.

شيدو هو به ته پورو پورو ڌاڙيل. سندس شڪل به هوبهو ڌاڙيلن جهڙي هئي. ٽانڊن جيان ٻرندڙ ڳاڙهيون اکيون، جن مان ڄڻ ته باهه جون اماڙيون ٿي نڪتيون، جن مان شايد ڪڏهن به ڪا رحم ڀري نظر نه نڪتي هئي. رڪ جهڙيون ٻانهون، جن ۾ آسمان جي سيني مان تارن ڇني وٺڻ جي طاقت سمايل هئي. ڪلهي تي سدائين چانديءَ جيان چمڪندڙ ڪهاڙي، رات جي اوندهه ۾ شيدوءَ جي ڪاري چمڙيءَ جي تهه سان ڍڪيل ڀيانڪ صورت ائين لڳندي هئي ڄڻ ته ڪنهن ڀوت جو پاڇو هجي. مطلب ته شيدو هينئر پورو پورو ڌاڙيل هو انسانيت جي جسم ۾ هميشه چڪندڙ هڪ ڦٽ.

شيدو، هينئر ڇٺيءَ ڇماهيءَ ڳوٺ ايندو هو. ڳوٺ هو صرف ٻن ماڻهن سانگي ايندو هو: هڪ ڪريم لاءِ، جو سندس ننڍي هوندي جو يار هو، ۽ ٻيو زيبيءَ لاءِ!

زييبي، شيدوءَ جي ڳوٺ جي هڪ رن زال هئي. عام هليل هو ته مڙس کي زهر ڏيئي ماريو هئائين. شيدوءَ جي هوءَ يار هئي، سا به جڳ جهان کي ڪل هئي. شيدو، زيبيءَ تي اصل چريو هو. زيبي هئي به مورت. سڄي ڳوٺ جو نڪ هئي. ڪاريون ڪاريون اکيون جهڙا ڀونئر! سنهڙا چپ، سنهڙو نڪ، ڪپهه جي ٻڙن جهڙ ااڇا ڳل، جن تي وقتي وقتي پگهر جا ڦڙا ائين چمڪندا هئا جئين گلابي گلن جي ورقن تي صبه جو ماڪ جا ڦڙا! سنهڙي چيلهه، سانوڻ جي درياء جيان اڀرندڙ ڇاتي! جنهن تي ڊگها ڪارا وار ائين لڳندا هئا جيئن سانوڻ جي درياء مٿان ڪا پورب کان ڪڪرن جي ڪارونڀار ڇائنجي وڃي!

(4)

شيدو اڄ پورن پنجن مهينن کانپوءِ ڳوٺ ۾ آيو هو. ڪريم جي گهران ماني کائي، هينئر هو زيبيءَ جي گهر زيبيءَ سان گڏ هڪ ئي کٽ تي سمهيو پيو هو.

”ڏاڍا ڏينهن لاتئي!“

”تو ته ڪانگ ٿي اڏايا!“ شيدوءَ، زبيبيءَ سان چرچو ڪندي چيو.

”نه ته وري ڇا! سڀ توجهڙا آهن ڇا! توکي ته سيني ۾ دل آهي ئي ڪانه. پٿر اٿيئي پٿر.“

”۽ توکي.......“ شيدوءَ اڃان پنهنجي ڳالهه پوري ئي نه ڪئي ته در کڙڪيو. شيدو اٿي وڃي در لاٿو. در تي وڏيري جو ڪمدار بيٺو هو.

”شيدو راجا، وڏيري ڪوٺايو اٿيئي.“

”صبح ايندس.“ شيدو در ٻيڪڙي، اچي زيبيءَ سان گڏ کٽ تي ليٽيو.

”ڪير هو؟“

”وڏيري جو ڪمدار.“

”ڇو آيو هو؟“

”وڏيري ڪوٺايو آهي- ڪم هوندس ڪو- صبح جو ويندس.“ ايئن چئي شيدو زيبيءَ سان گڏ وري رهاڻ ۾ لڳي ويو. اڃا ويرم نه گذري ته وري در کڙڪيو. شيدو خار کائي اٿيو. در کوليائين در تي وڏيرو بيٺو هو.

”سائين، توهان تڪليف ڪئي!“

”ابا، مڙئي خير- رئيس ڌڱاڻو خان آيو آهي. تنهنجي نالي ٻڌائين ته آيو آهين، سو توکي هينئر ئي سڏايو اٿس.“

ڌڱاڻي خان جو نالو ٻڌي شيدو وڃڻ کان انڪار ڪري نه سگهيو ۽ وڏيري سان گڏ اٿي اوطاقت ڏانهن هليو.

ڌڱاڻي خان جو نالو سڄي تر ۾ وڄيل هو. هو وڏو گڙنگ زميدار هو چڱا چڱا بيٺل ماڻهو به سندس نالي کان ڪوء کائيندا هئا. خود ضلعي پوليس جا عملدار به کيس ”سائين“ چئي سلام ڪندا هئا. شل نه ڪو پوليس جو آفيسر ساڻس ٺهي نه هلي- ڏينهڪ بدلي ڪرائي،ٿر ۽ لاڙ جا وڻ ته ڏيکاري ڇڏيس! پري، پري، مڙس جي هلندي هئي.

ڌڱاڻو خان ظالم به ته هڪ ئي هو. شل نه تر ۾ ڪنهن سهڻيءَ ڇوڪريءَ تي اک پويس. ڌڱاڻي خان جي هٿان بچي نڪتي ته نئين ڄائي. ٻيو ته ٺهيو، پر ڏينهن ڏٺي جو راهه ويندڙ ماڻهوءَ کي خون ڪرائي ڇڏڻ به رئيس لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. وٽس وڏا وڏا ناليرا بدمعاش، ڌاڙيل، خوني ۽ وارنٽي ويٺل هئا. هو سڀ ڌڱاڻي خان جي راڄ ۾ الوليون ڪندا هئا. مجال هئي ڪنهن کي جو ڏانهن اک کڻي به نهاري. رئيس چوندو هو، ”مان جوڳي آهيان. منهنجي گودڙيءَ ۾ ڪاريهر نانگ آهن. ٻيا جوڳي ڪاريهرن جا ڏند ڀڃي، انهن کي کير پياري، مرلي وڄائي، ڏوڪڙ ڪمائيندا هوندا. پر مان؟ مونکي ته گهرجن ئي ڪاريهر ڏندن وارا، زهريلا، زور ڏنگڻا. ڪيڏو نه مزو ايندو آهي مونکي جڏهن ڪو ماڻهو منهنجي ڪاريهر جي ڏنگ کان ڏنگبو آهي. ويرم ئي ڪانه لڳي. بس هڻ، ۽ کڻ!“

۽ رئيس جي اها ڳالهه سورنهن آنا نه پر ارڙنهن آنا سچي هئي. ڪيئن؟ اجهو هيئن.

هڪ دفعي ڳوٺ جي پڌر تي رئين ويٺي رڇ ۽ ڪتن جي ويڙهه ڏٺي. اوچتو ڪو پرديسي پڇائيندو پڇائيندو آيو. رئيس کي ڏسي چيائين، ”رئيس، پيرا کڻي تو تائين پهچايا اٿم! مينهڙي هيم سئا- ٻچڙن پئي کير لپ پيتي بس اها وئي اٿم ٻڌجي! هاڻي ورائڻ نه ورائڻ آهي تنهنجي هٿ ۾، رئيس!“

رئيس کي ڪاوڙ لڳي يا تماشو! حڪم ڪيائين، ”اڙي هن کي ٻڌي ڳوڻ ۾ سبو! پيرا کڻي آيو آهي رن پٽ مينهن ورائڻ!“

رئيس جو حڪم الله جو حڪم. ائين ئي ٻن چئن ڄڻن غريب کي دسي، ٻڌي کڻي ڳوڻ ۾ وڌو. ڳوڻ جو منهن سبي آندائونس رئيس اڳيان. رئيس چيو ’پڌر تي ڦٽي ڪري، ڪتا ڇڏيوس!‘

حڪم جي دير هئي- ڪتا ڇٽا ته ڪاري ڳوڻ ۾ ڦٿڪندڙ شيءِ مٿان چڙهي ويا. ۽ پوءِ پرديسيءَ جون دانهون ايستائين عرش جي مٿان ورنديون رهيون جيستائين ڪتن پاڻيهي هٽي پاسو نه ڪيو!

سو شيدو اڄ انهي ڌڱاڻي خان اڳيان بيٺو هو.”ڀلي آئين شيدن!“

”خوش هوندين، بابل سائين!“ شيدوءَ ٻئي ٻانهون ٻڌي، رئيس ڏانهن نهاريندي چيو.

”ڪاٿي گذارين؟“

”سائين ملڪ مولا جو وڏو ويڪرو آهي.“

”پرديس ڇڏي ڏي، بابا!“ ۽ پوءِ رئيس راز واري لهجي ۾ شيدوءَ کي چوڻ لڳو، ”چڱائي ٿو چوانءِ، ٻچا! ڇڏي ڏي پرديس جي پچار. اچ، اچي مون وٽ رهه. ٻيا به ته رهيا پيا آهن نه! ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي. اچي وڃين ڪنهن مهل پوليس جي چنبي ۾ ته!“ ۽ پوءِ رئيس ۽ شيدو ڳالهين ۾ ٺهي ويا.

(5)

شيدو هاڻي رئيس ڌڱاڻي خان وٽ رهندو هو. رئيس جي حڪم تي هن رئيس جي ڪيترن ئي مخالفن کي سڌو ڪيو. غريبن جا جهڳا برباد ڪيا، خون ڪيا، ۽ انهيءَ ڪري هو رئيس کي ڏاڍو پيارو هوندو هو....

پر پوءِ، اوچتو شيدوءَ جي رئيس سان اڻبڻت ٿي پيئي. ۽ اها خبر به جڳ جهان کي پئجي ويئي. ڪنهن ڪيئن ٿي چيو، ڪنهن ڪيئن سچي. ڳالهه جي خبر رڳو ڪريم کي هئي.

هڪ رات ڪريم، زال کي چيو، ”رات اسر جو اٿي ماني پچائج.“

”ڇو“

”شيدو ماني کائي گاڏيءَ تي ويندو.“.

”ڪيڏانهن؟“ زالس عجب ۾ چيو.

”مڙيئي هيٺ- لاڙ جي طرف“

”ڇو؟“

”رئيس ۽ شيدو ۾ اڻبڻت ٿي پيئي آهي.“

”اهو وري ڪيئن.“

”ڳالهه ڪج نه ڪنهن سان- رئيس شيدوءَ جي يار زيبيءَ سان کرجي ويو آهي- هينئر ته زيبي وڃي رئيس جي گهر ويٺي آهي. شيدو چئي ٿو ’رئيس کي خون ڪندس.‘ پر رئيس به ڏاهو آهي. هن به چاري ڇڏيا آهن. شيدو ٻن چئن ڏينهن لاڪر رئيس جي منهن تي ئي ڪونه چڙهيو آهي. کيس جان جو خطرو آهي. ڪالهه پوليس جي صوبيدار مون کان شيدوءَ جو پڇيو پر مون چيومانس ته الائي ڪٿي آهي. شيوءَ سان اها ڳالهه ڪيم، سو چيائين ته اڄ نڪران هتان ته ٻيو ڏينهن ٿئي. سو رات ويندو هليو.“

اسر جو شيدوءَ اچي ڪريم جو در کڙڪايو. شيدو ۽ ڪريم اچي ويٺا کٽ تي. ڪريم جي زال ماني آڻي اڳيان رکين. اڃان ٻه گرهه وڌائون ته در کڙڪيو. شيدوءَ جي دل ڌڙڪي اٿي. پر ڪريم همٿ ڪري وڃي در کوليو. اڃا ڪريم جو در کولڻ ۽ صوبيدار جو پنجن پوليس وارن سان گڏ اندر اچڻ. مانيءَ تان اچي شيدوءَ کي اٿاريائين چي، ”تو تي وارنٽ آهي.“

همراهه ٻڌجي ويو.

(6)

صبح جو، سڄي ڳوٺ ۾ نه، پر سڄي تر ۾ ڳالهه هلي ويئي: ”نامي گرام ڌاڙيل شيدو ٻڌجي ويو“ ۽ پوءِ هوريان هوريان شيدوءَ جو نالو ماڻهن جي زبان تان لهي ويو.

پورن پنجن مهينن بعد، اوچتو وري هڪڙي صبح جو ماڻهن جي زبان تي شيدوءَ جو نالو آيو.

سڄي ڳوٺ ۾، گهٽين ۾، موچيءَ جي دڪان تي، لوهر جي دوڪان تي ماڻهن جا ميڙ بيٺا شيڊوءَ جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا. اسڪول جي در تي ماستر صاحب هڪ ميڙ ڏي منهن ڪري اخبار پڙهي رهيو هو: ”سنڌ جي نامي گرامي ڌاڙيل شيدوءَ کي ڦاسي ڏني ويئي. مٿس ڇهن خونن ۽ تيرهن ڌاڙن جا ڏوهه ثابت ٿيا. شيدو ڪيتري وقت کان لاپتا هو، پوليس کيس پڪڙي نه ٿي سگهي. مگر بعد ۾، رئيس ڌڱاڻي خان جي مدد سان پوليس، شيدوءَ کي سندس هڪ دوست جي گهر مان گرفتار ڪيو. انهيءَ ڪري سرڪار نامدار طرفان رئيس ڌڱاڻي خان کي ڏهن هزارن رپين جي ٿيلهي انعام طور ڏني ويندي.“

*        *            *

سرمايه داري جا بنياد، جنهن جي تعمير تمام مضبوط آهي، سا اٿندڙ انقلاب جي سامهون سرنگون آهي، ۽ لرزه براندام آهي. ڪائنات تي ڇانئجي ويندڙ اڳتي وڌيل صدين جو گرجدار آواز ٻڌو! اهو ڇا آهي؟

اهو آهي، ”انساني ارتقا“ جو گڏ ٿيل غصو! هڪ انقلاب انگيز طوفان، جنهن ۾ بجليون چمڪي رهيون آهن، ۽ گويا بغاوت جا شعلا آهن، جن جو ”انقلاب لاله گون“ ٿئي ٿو. (مائيڪا ويسڪي)


 

علي احمد بروهي

نئين زندگي

خيراتي اسپتال جي وچين وارڊ ۾، لوهي چارپائيءَ تي ليٽندي، ظفر سوچيندو رهيو. بيماريءَ کي اچي ٻه هفتا کن گذريا هئس. علاج معالجو به ڪافي ڪجهه ڪيو ويو هو، ليڪن الاجي ڇو، ڪنهن به ڦڪيءَ فرق نه ٿي ڪيو. ڊاڪٽرن طرفان دوا سان گڏ دستوري دلداري ۽ ڏڍ به ڏنو ٿي ويو، ليڪن ظفر کي بخوبي ڄاڻ هئي ته سندس زندگي ۽ موت جي دنگل جو آخرين نتيجو ڪهڙو نڪرڻو هو۽ آخرين فتح ڪنهن کي حاصل ٿيڻي هئي ليڪن ان لاءِ کيس ڪابه ڳڻتي يا فڪر هرگز نه هو.

آخر موت ڪو مهڻو ته نه آهي، ۽ نه وري ظفر ڪو پهريون انسان هو جو موت جي منهن چڙهيو ٿي. ازان سواءِ، ظفر کي زياده جيئڻ جي به ڪا خاص خواهش نه هئي. هن ڌوڙ ۽ ڌڌڙ جي گولي تي ڳچ عرصو گذاريو هئائين. گهڻو ڪجهه ڏٺو وائٺو، گهميو گهتيو ۽ کاڌو پيتو هئائين. عيش عشرت، ڏک ڏاکڙا، سرديون گرميون، خواهه دنيا جون لاهيون چاڙهيون، سڀ طئي ڪري چڪو هو. هاڻ چند گهڙين بعد سندس زندگيءَ جي ڊرامي جي آخرين ڊراپ سين ٿيڻي هئي. ’ترت کيس موت جو منهن ڏسڻو پوندو‘ اهو ڄاڻي کيس هڪ قسم جي مسرت محسوس ٿيڻ لڳي، جئن کيس ننڍپڻ ۾ ڪنهن نئين ملڪ ڏسڻ باعث حاصل ٿيندي هئي!

ظفر سوچيندو رهيو، ۽ سندس خيالات جي دنيا وسيع ٿيندي رهي. پنهنجي گذشته زندگيءَ جو جائزو وٺندي، ظفر ڏٺو ته سندس گذريل عمر، جا ستر سالن جي لڳ ڀڳ هئي، درجي بدرجي فلمي تصويرون جيان، تصور جي پردي تي نمودار ٿيندي رهي. ظفر نهايت متعجب ٿيو جڏهن ڏٺائين ته سندس زندگي هڪ ظفر جي مسلسل زندگي نه هئي، بلڪ هزارها ’ظفرن‘ جي مختلف عارضي زندگين جو مجموعو هئي.

ظفر ڏٺو ته سندس زندگيءَ جي شروعات هڪ اهڙي ’ظفر‘ سان ٿي جو فقط گوشت پوست جو لوٿڙو هو، ۽ جنهن کي نه سمجهه هئي ۽ نه ٻوجهه. هو فقط ماءُ جي ٿڃ تي پلندو رهيو ٿي. بعض اوقات مشڪيو ٿي يا رنو ٿي. کيس نه هو فڪر معاش، نه هو عشق بتان جو سوداءُ ۽ نه ياد خدا. ان بعد هڪ ٻيو ظفر نمودار ٿيو جو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهيو ٿي. هن پنهنجن مٽن مائٽن کي سڃاڻڻ ۽ ’امان بابا‘، نقل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، يا ڪڏهن ريڙهيون پائڻ ترڪ ڪري کٽ جي سهاري پير پير جي پرئڪٽس ٿي ڪئي. ظفر نمبر ٽيون، کڙو تڙو ۽ ڦڙت ڇوڪراٽ هو، جو زندگيءَ جي نئين دور ۾ گامزن ٿيڻ لاءِ آتو ٿي ڏٺو. هي طفل مڪتب هو ۽ دنيا جي غم فڪر ۽ جهنجهٽن کان آزاد. هن جو اڪثر وقت راند کيڏڻ، هل بکيڙو ڪرڻ ۽ طوطي جيان سبق يا ڪرڻ ۾ صرف ٿي ٿيو. ان بعد جنهن ظفر منهن ڪڍيو سو نهايت سهڻو ۽ شڪيل نوجوان هو ۽ هزارها خوبين خصلتن جو مجموعو. هن ظفر ۾ جواني هئي، جوش هو ۽ امنگ هئا. قسمت سانگي، جي سندس پلاند ڪنهن ٻٿڻيءَ سان اٽڪي ٿي ويو، ته سندس سموري جسم ۾ سيسراٽيون اڀري ٿي ويون. هي ظفر دنيا جي ڄار ۾ چوکنڀو ڦاٿل هئڻ گڏ، هڪ نئين قسم جي بيماريءَ ۾ مبتلا نظر ٿي آيو، جنهن کي ڪن عشق ٿي سڏيو ۽ ڪن محبت. هي ڪڏهن هرڻ جيان رڃ جي ريب ۾ ڊوڙندو ٿي رهيو ۽ ڪڏهن سرد آهون ۽ شوڪارا ٿي ڀريائين. ليڪن هي ظفر به اڳين ٻين ظفرن جيان چند پلڪن جي جهلڪ بعد نظر کان غائب ٿي ويو، ۽ سندس جڳهه والاريندڙ ظفر نهايت سنجيده مزاج ۽ بردبار ٿي ڏٺو. هن ظفر جو گردن دنيوي ٻوجهي سبب جهڪيل هو ۽ سندس قدم ۾ نه اها تيزي هئي ۽ نه گرمي. کيس اهل عيال، ٻارٻچا، مٽ مائٽ ۽ سوين ٻيون جوابداريون هيون. هي ڪرڙوڍ ظفر زمانه ساز ۽ آزمود گار انسان هو. هرهڪ ڪم ٿڌي سيني ۽ سوچ ويچار سان ٿي ڪيائين.

آخرين ظفر هڪ عمر رسيده، ضعيف ۽ خدا ترس شخص هو، جنهن جو جسم هيڻائيءَ ۽ خوف خدا کان ڏڪندو ٿي رهيو. هي زاهد، متقي ۽ پارسا هو، جنهن جو سمورو وقت ٻين کي نصيحتن ڪرڻ ۽ سجدن ڏيڻ ۾ صرف ٿي ٿيو. هن جا وار سفيد، ڏند عدم پيدا، ۽ قدم نهايت سست ۽ ڪمزور هئڻ سبب ٿڙڪيا ٿي. هيءُ ظفر خيراتي اسپتال جي وارڊ ۾ لوهي چارپائيءَ تي ليٽندي ڪجهه سوچي رهيو هو.

ظفر سوچيندو رهيو، حالانڪ فلم جو عڪس سندس دماغي اسڪرين کان اوجهل ٿي چڪو هو. آخر اهي سڀ ’ظفر‘ ڪٿي هئا؟ هو ٻار ڪٿي هو، جنهن ٿڃ ٿي پيتي ۽ تنجڻن ۾ ٻڌل رهيو ٿي. هو ڇوڪراٽ ظفر ڪٿي هو، جنهن ٽپا ٺينگ ٿي ڏنا. هو نوجوان عاشق ڪيڏانهن ويو، جنهن عشق ٿي پچايا ۽ ٽڪر کي مٿو ٿي ڏنو؟ هو ڪرڙوڍ ظفر ڪٿي غرق ٿيو، جنهن سياست ٿي کيڏي ۽ آدم جو اولاد ٿي وڌايو؟ ۽ هي ٻڍڙو قريب المرگ ظفر ڪير هو! هرهڪ ظفر کي پنهنجي زندگي هئي- ۽ هڪ ٻئي کان مختلف نوعيت جي! هرهڪ جي شڪل شبيهه، اٿڻي ويهڻي، خيالات ۽ خواهشون، علحده علحده هيون. ڇا هيءَ حقيقت هئي ته اهي سڀ ظفر مري چڪا هئا، ۽ سندن قبرستان لوهي چارپائيءَ تي ليٽيل ظفر جو بيمار جسم هو؟

ظفر انڌيري ۾ ڪجهه روشنائيءَ جا ڪرڻا پسي رهيو هئو هن محسوس ڪيو ته هرهڪ ظفر جي زندگي عارضي ۽ محدود هئي. هرهڪ پنهنجو وارو وڄايو. هرهڪ جي فطرت، وضع قطع ۽ عادت نرالي رنگ ڍنگ جي هئي. هرهڪ جي عمر ۽ سمجهه مختلف هئي. اهي سڀ ظفر موت جي زد ۾ اچي چڪا هئا ۽ هاڻ انهيءَ ظفر جو به انت اچڻو هو، جو لوهي چارپائيءَ تي ليٽي سوچي رهيو هو.

ظفر کي هي احساس ٿيڻ لڳو ته موت ۽ زندگي ڪي ٻه مختلف يا متضاد چيزون نه هيون بلڪ هڪ ساڳي وستو. ظفر کي هيءَ حقيقت روشن ٿيندي رهي ته موجوده دنيوي زندگي بذات خود هڪ موت جي زندگي هئي ۽ انسان هرگهڙي، هر ساعت، هر ڏينهن مرندو ٿي رهيو ۽ هر دفعي هڪ نئون انسان سندس خال ڀريندو ٿي رهيو. جئن ڪو انسان نديءَ جي ڪناري تي بيٺل هجي ۽ سندس پاڇو وهندڙ پاڻيءَ تي پوندو هجي ۽ هرساعت سندس پاڇي هيٺان نئون پاڻي ايندڙ هجي!

ليڪن، انسان جي موت جي زندگي، مستقل نه هئي: ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت بعد، انسان جو جسم بيڪار ۽ بيجان ٿي زمين تي ڪريو ٿي، تڏهن اهو موت انسان جي موت واري زندگيءَ جو آخرين موت ٿيو ٿي، ۽ جنهن بعد انسان جي هر ڏينهن واري موت جو خاتمو آيو ٿي، ۽ انسان بعد ۾ خيالات ۽ احساس جي نئين زندگيءَ ۾ داخل ٿيو ٿي.

موت ڪو جن ڀوت يا ديو نه هو، جنهن کان خوف يا خطرو ڪيو وڃي. هر گز نه. موت هڪ فطري قانون هو، ۽ دنيوي زندگيءَ جو ضروري پهلو هو، ۽ اهڙو ئي سلسلو جئن ٻج مان ٻوٽو، ٻوٽي مان مکڙي ۽ مکڙيءَ مان ٽڙيل گل ٿئي ۽ بعد ۾ گل خوشبوءِ ۾ تبديل ٿي فضا ۾ جذب ٿي وڃي ۽ باقي گل جا مادي حصا بيڪار مرده پتن جي حالت ۾ هيٺ ڪري زمين دوز ٿي وڃن.

ظفر سوچيندو رهيو ۽ هاڻ هن پاڻ کي نهايت هلڪو محسوس ٿي ڪيو. سندس پيشانيءَ تي اڳ جي فڪرات جا اهڃاڻ هئا سي ميٽجي چڪا هئا. ظفر جي چپن تي مسڪراهٽ نمودار ٿي.

هو مري چڪو هو، ۽ کيس اها خبر ئي نه هئي.....

......................

شايد ”سعيد“ کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين، سفيد ڏاڙهيءَ جي ٿوري نشان سان زندهه رهان! ۽ پوءِ انهن ڪراڙن وانگر، جي جنگ جي ميدان مان سلامت موٽيا آهن، ديوار جي پناهه ۽ سهاري ۾ هلندي، وائلن وڄائيندوس، ۽ ٻڌائيندس. ان وقت منهنجي چوڌاري هڪ ”سحر انگيز رات“ هوندي، نون ماڻهن جي ”قدمن جي آهٽ“ هوندي، ۽ سندن زبان تي ”نوان ترانا“ هوندا (ناظم حڪمت)

 

”اياز“ قادري

جوابدار ڪير

هن جي تقرير، تاڙين ۽ نعرن جي شور ۾ ختم ٿي. هن کي هار وڌا ويا. ايتري قدر جو سندس منهن به گلن جي وچ ۾ نظر نٿي آيو. اڄ هرڪنهن جي وات ۾ هن جي واکاڻ هئي. هو قوم جو صحيح ترجمان هو. اهوئي سبب هو جو ماڻهن جي دلين ۾ هن جي لاءِ بيحد عزت هئي، پيار هو. اڄ به سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي جمع ٿيا هئا. هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پئي ٿيا. ميدان ۾ پير پائڻ جي به جاءِ نه هئي، پبلڪ پارڪ سڄو ماڻهن سان سٿيو پيو هو. اونهاري جي سخت گرميءَ ۾ ماڻهن جو دم پئي گهٽيو. ماڻهون پگهر ۾ شل ٿي ٿيا، مگر جيئن پوءِ تيئن ڀيڙ وئي ٿي وڌندي. سندس تقرير شروع ٿيڻ کان اڳ ٻن چئن هنڌن ڌڪا مڪي به ٿي مگر وري سانت ٿي وئي.

اڄ هن ڳالهايو ۽ دل کولي ڳالهايو- سماج جي ان بدنما داغ لاءِ جنهن کي ’عصمت فروش‘ ڪوٺين ٿا، جا چند سڪن تي پنهنجو جسم ٻين جي حوالي ٿي ڪري! هن چيو ته پاڪ آستان ۾ اهڙي پليديء جا اڏا بند ڪيا وڃن، جنهن مان گناهه جي باهه ڀڙڪي ٿي اُٿي، جن جي الن ۾ هزارين گهر سڙي خاڪ ٿي ويا آهن.

هن جي تقرير ختم ٿيڻ تي نعرا بلند ٿيا- هن جي ”زنده باد“ جا نعرا ”خرابيءَ جا اڏا مرده باد“ جا نعرا! هن جي زبان جاودءَ جو اثر ٿي رکيو. ان کان سواءِ هن عوام جي ترجماني ٿي ڪئي. پليديء جا اڏا، جنهن مان ڪوبه سلامت نه وريو. هڪ ٺهراءُ پاس ڪري سرڪار کان گهر ڪئي وئي ته ’يڪدم اهي اڏا بند ڪيا وڃن: جي اهي بند نه ڪيا ويا ته ان خرابيءَ جو سيلاب زياده راڱا ڪندو.‘

هو خوش هو- ڏاڍو خوش هو- پنهنجي تقرير کان، ماڻهن جي جوش کان، سندن تاڙين کان، انهن جي نعرن کان سندس ”زنده باد“ جي نعرن کان، ”پليديءَ جا اڏا مرده باد“ جي نعرن کان. هن جي ڪنن ۾ اڃا به تاڙين جي ڦهڪن ۽ نعرن جو شور ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. هو ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. هن کي بيحد هار وڌا ويا، ايتري قدر جو سندس دم گهٽجي رهيو هو. ماڻهن کيس سندس نيڪ جذبي ۽ تحريڪ تي مبارڪون ٿي ڏنيون. آخر هو ملڪ جو وڏو ليڊر هو، عوام جو ليڊر هو- وڏو سياست دان هو.

 هو جڏهن گهر موٽيو، ۽ ٻيا دوست به کيس ’خدا حافظ‘ چئي، پنهنجي پنهنجي گهر روانا ٿي ويا، تڏهن چپراسيءَ کيس ٻڌايو، ”هڪ عورت اوهان سان ملڻ ٿي گهري.“ هن جي خيالن جي ڪڙي ٽٽي پئي. سندس خيال ۾ رخنو پئجي ويو. هن خيال ڪيو ڪهڙي عورت ٿي سگهي ٿي؟ شايد سندس تقري کان متاٿر ٿي ڪا عورت کيس مبارڪ ڏيڻ آئي هجي. چپراسيءَ کي کيس اندر موڪلڻ لاءِ چيائين، ۽ پاڻ وري خيالن شهرت جي خيالن ليڊريءَ جي خيالن، سياست جي خيالن ۾ گم ٿي ويو. اوچتو ”ڇم ڇم“ جي آواز سندس خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هڪ جوانيء جون منزلون طي ڪيل عورت هار کنيون بيٺي آهي. هن جي دماغ تي ڪنهن هٿوڙو وهائي ڪڍيو. هو سوچڻ لڳو، سندس ذهن تي جهونو نقش جنهن تي وقت گرد و غبار چاڙهي ڇڏيو هو، تازو ٿيڻ لڳو. گذري ويل زمانو رنگين زمانو، جوانيءَ جو زمانو، مستيءَ ڀريو زمانو- جنهن ۾ ڪيف ۽ سرور هو: سڀ جوان هئا، امنگ، جذبا هوءَ ۽ هو! عورت اڳتي وڌي، آهستي آهستي چيو، ”آءٌ انهيءَ هنڌان آئي آهيان. جنهن کي پليديء جا اڏا ڪوٺيو وڃي ٿو. آءٌ اوهان کي مبارڪ ڏيڻ آئي آهيان. مون سان گڏ منهنجي ڌيءَ به آهي.“ نوجوان ڇوڪري اڳتي وڌي. ماڻس هن ڏانهن مشڪي نهاريو. سندس انهيءَ مشڪڻ ۾ هزارين زخم پنهان هئا. ”امڙ، هيءُ اسان جي قوم جو ليڊر آهي! هن جا سڄي قوم تي ٿورا آهن! خاص طرح اسان تي سندس خاص مهربانيون آهن!“ اهو زهر جو ڍڪ جو سندس لبن تي پهچي ويو هو، هوءَ پي وئي ۽ سانت ٿي وئي. ڇوڪريءَ هن کي هار وڌو. ماءُ ۽ ڌي ٻاهر هليون ويون. ”اسان تي سندس خاص مهربانيون آهن!“ جا اکر سندس سيني ۾ چڀي ويا انهيءَ ڪنڊي وانگر جو لڳڻ کان پوءِ ڀڄي پئي ۽ سندس ڪجهه حصو اندرئي رهجي وڃي. هن جي اڳيان ماضيءَ جو ڦٽل نقش آهستي آهستي چٽيءَ طرح اُڀرڻ لڳو. اهو ڏينهن جنهن ڏينهن کان اُهو ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيو، اهو ڏينهن جنهن ڏينهن هن ڪنهن جي اميد کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن کي اها رات جا سندس گناهن وانگر ڪاري هئي، ياد اچڻ لڳي. جنهن رات هوءَ پنهنجي مائٽن کي خيرباد چئي، هن سان وڃڻ لاءِ نڪري آئي هئي. جنهن رات هن دنيا کي ڇڏيو مگر هو پاڻ دنيا کي چهٽي پيو جنهن رات هن سماج جي ڪابه پرواهه نه ڪئي، مگر هن سماج کان ڊڄي ويو. جنهن رات هن عزت کي محبت مٿان قربان ڪيو، مگر هن ”عزت“ خاطر محبت ڇڏي ڏني ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ ڪجهه ٿيڻ گهريو ٿي. ڇاڪاڻ ته هن ليڊر ٿيڻ ٿي گهريو. هن جون آهون ۽ دانهون به سندس پٿر جهڙي دل کي نرم نه ڪري سگهيون. سندس محبت جي واسطن به سندس دل تي اثر نه ڪيو. جڏهن هن هر هر گهر واپس وڃڻ لاءِ ٿي چيس، مگر هوءَ تڏهن گهر ڪيئن ٿي واپس وڃي سگهي! هوءَ مائٽن کي ڇڏي آئي. ان کان سواءِ، هوءَ ماءُ ٿيڻ واري هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪهڙي ڇوڪري مائٽن لاءِ ڪارنهن جو ٽڪو بڻجي، زندگيءَ تائين طعنا ۽ تنڪا سهندي رهي! هو سوچي رهيو هو- انهن ڏينهن ۾ هن جي ستاري چمڪڻ شروع ڪيو هو. هن ان کي اونداهيءَ جي ڪڪرن هيٺ آڻڻ نه ٿي گهريو. هن جي عوام ۾ عزت وڌندي ٿي وئي، ۽ هن کي پنهنجي آئيندي جو خيال هو. هن کي آخر رئندو ڇڏي هليو ويو هو. ”تون گهر وڃ، آءٌ توسان شادي ڪري نه ٿو سگهان. منهنجي عزت کي ڌڪ لڳندو- آءٌ زندگيءَ ۾ ڪٿان جو به ڪين رهندس.“

اڄ وري گهڻيءَ مدت کان پوءِ اٽڪل پندرهن ويهن ورهين کان پوءِ جڏهن سندس شهرت جو ستارو اوج تي هو، جڏهن سندس نالو هر ڪنهن جي وات ۾ هو، جڏهن هو ملڪ جو مشهور سياست دان ۽ قوم جو ليڊر هو، تڏهن هوءَ هن جي اڳيان آئي محبت جو اهو گل جنهن کي واس وٺڻ کان پوءِ پيرن هيٺ چيڀاٽي ڇڏيو هئائين. شراب جي اها بوتل جنهن جي ورتائڻ کان پوءِ زمين سان ٽڪرائي پاش پاش ڪري ڇڏيو هئائين! مگر هوءَ اڄ نئين رنگ ۾ هئي- سماج جو هڪ بدنما داغ هئي! ۽ هن سان هن جي ڌيءَ به هئي! هو سوچيندو رهيو. هي دنيا ۽ سماج جا بدنما داغ، ڪارنهن جا ٽڪا- مگر.....

سندس دل بيهجي وئي.

دنيا جي اخبارن ۾ وڏين وڏين سرخين سان سندس موت جي خبر شايع ٿيل هئي. سندس واکاڻ ۽ تعريف ۾ خاص نمبر ڪڍيا ويا. هن جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي روشني وڌي وئي. هو قوم جو ليڊر هو. ملڪ جو وڏو سياست دان هو. هن خرابيءَ جي اڏن برخلاف هلچل هلائي، پاڻ کي ماڻهن ۾ مقبول بنايو هو. ملڪ ۾ ماتم جي لهر ڇانيل هئي. هن جي لاش سان هزارين ماڻهو ساڻ هئا. پير پائڻ جي به جاءِ نه هئي. ڀيڙ جئن پوءِ تئن وڌندي ٿي وئي. هن جي لاش مٿان بيحد گل وڌا ويا. هو گلن ۾ پورجي ويو. هو عوام جو ليڊر هو، جنهن عصمت فروشيءَ جي اڏن برخلاف هلچل هلائي هئي.

 

مان شاعر آهيان گلن، ستارن ۽ بهارن جو نه! بلڪ مان شاعر آهيان، غريبن، مزدورن ۽ بيڪسن جو! منهنجا شعر ”قوس ۽ قزح“ جي خوشنما، نقوش تبسم جي نرمي ۽ بلبل جي نغمه سنجي کان بيگانه آهن. منهنجا شعر ”ڳاڙهين چڻگن“ جو مچ آهن. مون شراب جا ”جام“ ڀڳا آهن. ”رباب“ ٽوڙيا آهن. ۽ ”لباس“ بدليا آهن.

منهنجي شر ۾ ”ڪهاڙين ۽ تلوارن“ جي چمڪ هوندي،

مان نيم عريان، فاقه ڪش، پٺاڻن جو ترجمان آهيان.

مان ”اناج پيدا ڪندڙ“ مظلوم ڪڙمين جو آواز ٿيندس!

مان خيبر جي عظمت کي زنده رکندس!

مون گهڻا لباس بدليا آهن- ۽ منهن جو هي لباس ”آفاقي“ آهي.

(قلندر- پشتو شاعر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com