سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1955ع

مضمون

صفحو :7

مضمون

سنڌو

احمد بشير

سنڌيڪار:عبدالرسول نظاماڻي

منڇر جون موجون

گورڌن محبوباڻي- اجمير

يادگيريون

ڊاڪٽر يو.ايم.دائود پوٽو

گداگري

ڪريم ڏنو راڄپر

ملوڪيت

محمد اسماعيل عرساڻي

ڪڇ جي عوامي شاعر جو ڪلام

دکايل

سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

منشي صاحب راءِ ”آزاد“

سيد حسام الدين راشدي

سنڌ جي اقتصادي تاريخ(1)

ڊاڪٽر س. پ ڇٻلاڻي

سنڌيڪار: سراج

سنڌي نثر جا مثالي ٽڪرا

چونڊيندڙ: م. د. سونيجي

-ابوبڪر

بمبئي ۾ ڪٺو ٿيل چوٿون سنڌي سميلن

ترتيب ڏيندڙ: موتيرام ايس. رامواڻي

آديسي اُٿي ويا مڙهيون مون مارين

غ. گ

تبصرا

غ. گ

پڙهندڙن جا پيغام

اداره

 

اديبن جو فرض

”اسين هن وقت هڪ نهايت نازڪ دور مان لنگهي رهيا آهيون. اسان جي زبان، اسان جو ادب، اسان جي تهذيب بلڪ اسان جو وجود خطري ۾ آهي. ڪاتي چم چيري هڏي کي ڪرٽي رهي آهي. چوڌاري نا اميديءَ جا ڪارا ڪڪر آگم ڪري آيا. اهڙي سمي ۾ به جيڪڏهن اکيون نه کوليون سين ته رهي کهي راند به هٿن مان هارجي ويندي، پر آگي جا لک احسان، جو اسان جي اميدن جي ٻيڙيءَ جا ناکوا هاڻ قدري سجاڳ ٿيا آهن، ننگرن ۽ ناڙين کي سوگهو ڪري، سرهائي جي ساحل تي ناتاريون هڻي رهيا آهن. الله تعاليٰ شل کين بازن ۾ سگهه وجهي، جو اسان جي موجن ماريل مڪڙي چيٺي چڱي ڪري، سندس سڙهه ساز سنواري، کيس اوڙاهه مان اڪاري منزل مقصود تي پهچائين.

اهڙي نازڪ وقت ۾ اسان سڀني کي گهرجي ته يڪمشت ٿي وڃون ۽ پنهنجي باقي مانده اباڻي ورثي کي چهٽي پئون، بلڪ ان ۾ اضافو ڪري ۽ ان کي سنباهي ۽ سهيڙي ڏيهه کي ڏيکاريون، ته اسين به ڪنهن شي جا مالڪ آهيون. اسان کي به ڪنهن چيز تي ناز آهي. وڇ ڪيري تي ڪڏندي آهي. اسان جو ڪيرو الڙيل هوندو ۽ وٿاڻ جا واهي ستل هوندا ته چالاڪ چور وڇ کي راتو ڌو اٺائي ويندا پوءِ ڪري هزار ڀنگ آڇين ته به وري پنهنجي وٿاڻ ڏي مشڪل ورندي. اڄ اردو ادب جا اداره دار، اسان کي للڪاري رهيا آهن، ته جيڪڏهن ڪجهه هڙ ۾ اٿو ته ڪڍي ڪريو ٻاهر، پر اسان جي هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي، سي ڇا ظاهر ڪنداسين. جيڪي هٿن ۾ هوسين، تنهن کي به ڏئي وٺي ويهي رهياسين، هاڻي ڪهڙو منهن مٿي کڻون پر اڃا به هاج هٿن مان نه ويئي آهي. وڏن جي وٿ به اسان وٽ موجود آهي. جيڪڏهن ان کي سيٽي ۽ سڌاري وري به واضح ڪريون، ۽ ان تي پنهنجي دماغ مان اصليت ۽ عبقريت جا انگ چاڙهيون، ته جيڪر اسانجو اداب به دنيا جي ادبن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهي. ان جي بدران اٽلو اسان جا ڪيترائي نوجوان اديب اڄ نقالي ۽ تقليد کي چنبڙي ويا آهن، ۽ پنهنجو خداداد دماغ ڊوڙائي، پنهن جي نثر ۽ نظم ۾ ڪوبه معقول واڌارو نٿا ڪن. آڳاٽو ادب نهايت دلپذير، ججهو ۽ جالارو آهي. اسان جي زبان نهايت وسيع ۽ تونگر آهي، دنيا جون ٽي قديم شاهوڪار ٻوليون سنسڪرت، عربي ۽ فارسي سندس باجگذار آهن، منجهس هر ڪنهن قسم جي ادبي ۽ علمي خوبي ۽ صلاحيت آهي. پوءِ ڪيڏو نه انڌير چئبو جو اهڙي هٿيار هوندي به اسين اڌرننڌر ۽ اڀرا هجون ۽ اغيار اسان جي بيوسيءَ تي کلون ڪن ۽ ٺونٺيون ٺوڪين.“

ڊاڪٽردائود پوٽو

 

اصل انگريزيءَ ۾ احمد بشير جو لکيل

سنڌيڪار: عبدالرسول نظاماڻي

”سنڌو“

مان انهيءَ عظيم ماءُ، مانسرور ڍنڍ، جي ڄائي آهيان، جيڪا لافاني هماليي جي عظيم پهاڙن ۽ انهن جي آسماني چوٽين جي وچ ۾، آد کان وٺي، هڪ بي انت سوچ ۽ ويچار جي دنيا ۾ گم رهندي پئي آئي آهي. اُهي شاهاڻا پهاڙ، منهنجي ان مانائتيءَ ۽ ماٺيڻيءَ ماءُ جي حفاظت ڪن ٿا، جتي هر شيءِ خاموش آهي، جتي ڪنهن به قسم جي ڪا ڀڻڪ ڪانهي جتي حسن حيرت، اثر ۽ طاقت، پوترتا ۽ پاڪيزگيءَ جي هڪ گنڀير، دل ڏاريندڙ، ڀيانڪ دنيا آهي. قدرت جي هڪ لاجواب ۽ لازوال چترڪاري آهي! ان جي نوراني نرملتا ايڏي ته آب تاب ۽ اثر واري آهي، جو خود مان، سنڌو، پڻ اتان کسڪي وڃان ٿي ته متان قدرت جي هن بيچون ۽ بي مثال نظاري جي بي عيب جڙت ۽ بناوت کي ڦٽائي نه وجهان! پوءِ مان زندگيءَ جي روح کي پنهنجي ساهه سان سانڍيندي، رستي جي هيٺانيهن مٿانهين، جبلن ۽ ٽڪرن، چُرن ۽ غارن مان ڇلانگ هڻندي، وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندي، ٽپندي ۽ ڪڏندي، نڪري ٻاهر ميدانن تي نروار ٿي ٿيان! برف جي ڇپن ۽ پهاڙن، جهنگن ۽ جهرن، ٻيلن ۽ چراگاهن، وڻراهن ۽ وڻڪارن جي وسيع ميدانن ۽ پٽن مان، اُس ۽ ڇانوَ مان، ڪڏهن تيز ۽ تڪڙو، ڪڏهن ماٺيڻي ۽ آهستي، ڇپن کي ڀڃندي، پٿرن کي لوڙهيندي، ڊاهيندي ۽ ٺاهيندي، نيست و نابود ڪندي ۽ وري جياريندي. لهرين پويان لهريون هڻندي، پکڙبي ۽ ملڪن کي پائيندي، موجون ماريندي، وڌندي وهندي وڃان ٿي! مان آهيان ”سنڌو“، جيون جي نشاني ۽ زندگيءَ جي علامت!

پنهنجي هن جوکائتي سفر ۾، مان پيلي پوشاڪ پهريل ڌرماتما لامائن کي هماليي تي، معصوم ۽ اٻوجهه ڪشميري ڪنئارين کي پنهنجا ڌڻ چاريندي، ماکيءَ کان مٺڙين هيرن کي پنهنجن رانجهنن لاءِ ڏوهيڙا ڏيندي، صوفين ۽ سنتن کي وڇوڙي جي ماريل سسئين جون بي شمار ڪافيون ڳائيندي، ٻڌندي ۽ ڏسندي آهيان. جئن ئي راتيون پنهنجي ڪاراڻ جي چادر رتيءَ جي مٿان وڇائي ڇڏينديون آهن، ته تارن ڀرئي آسمان هيٺ ٿڪا ماندا ڪڙمي ۽ ڪاشتگار منهنجي ڪناري تي آرام يا بندگي ڪندا آهن، ننڍڙا ٻارڙا سمهندا يا کيڏندا آهن، ۽ اڀرا ۽ ضيعف مانجهي ۽ مهاڻا مٺيون ۽ سريليون ڪافيون ۽ گيت ڳائيندا آهن. آءٌ انهن سڀني کي پنهنجي سيني تي پالي نپائي وڏو ڪريان ٿي. هنن جو مون سان پيار آهي، هو مون کان ڊڄن به ٿا، ڇاڪاڻ ته مان ”سنڌو“ آهيان، انهن ئي وانگر مهربان ۽ دياوان به، ۽ چيڙاڪ ۽ مست پڻ!

مان ڪيترن ئي جڳن کان هنن جي واقف آهيان. مون کي اڃا تائين انهن جا بدلجندڙ چهرا، انهن جو ننڍپڻ، نينگرائپ، ڦوهه جواني، پيري ۽ نستائي ۽ ڏٻرائپ سڀ ياد آهن. مان هنن سڀني کي سڃاڻان ٿي.

مان انهن جي باري ۾ توکي سب ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿي. مان توکي اڳي اڳي جون ڪهاڻيون ۽ قديم زماني جا قصا ۽ بادشاهن ۽ راجائن، فاتحن ۽ حڪمرانن، هنن جي زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهن، دک ۽ سک جا سمورا داستان ٻڌائي سگهان ٿي. اهي قصا، اهي داستان، اهي افسانا جي تو اڳ ڪڏهن به شايد نه ٻڌا هوندا. مان توکي اهو سڀ ڪجهه ڏيکاري سگهان ٿي جيڪي مون ڏٺو!..... چڱو، هاڻي هيڏانهن نهار! اجهو هو سامهون هنن جو شان ۽ هنن جي عظمت ڏس. اهو آهي مهن جو دڙو. مرد پنهنجن ٻنين ۾ هر ڏيئي کيتي ڪري رهيا آهن، زالون پنهنجن خوشحال گهرن جو ڪم ڪار ڪري رهيون آهن ۽ ٻارڙا راندين ۾ مشغول آهن. سڀ سکيا سهنجا خوش ۽ آباد. هنن جا گهر نهايت ئي سهڻا ۽ سلسليوار آهن. هنن جي بازارين جي ڌوڪ ڌوڪان، گوڙ ۽ هل کي ڏس! پوءِ وري هڪ وحشي قوم جو ڪٽڪ اچي ٿو. هي قداور ۽ خوبصورت ماڻهو آهن. هو اچن ٿا ۽ هنن اچڻ شرط بي رحميءَ سان قتل عام شروع ڪري ڏنو. مرد ڪري ۽ مري رهيا آهن، عورتون لڪڻ جي ڪري رهيون آهن ۽ ٻار ڦڙڦوت پوڻ ڪري ريهون ڪندا ڀڄي رهيا آهن، ۽ وري نماشام جي منهن اونداهيءَ کان اڳ سڀ ماٺ ٿي ويئي. نئون ڏينهن اڀري ٿو. هڪ نئين تهذيب جنم ورتو آهي ڇو ته اهو قدرت جو قانون آهي!.... هاڻي ٻڌ! پريان هو ڌڌڪيدار نغارن جو گجندڙ آواز ٻڌ. هنن جي صورت ۽ طاقت، جاهه وجلال کي جاچ. اهي سنڌ جي راجائن جون سنسٿائون آهن، جن کي مهاڀارت جي لڙائيءَ ۾ پانڊون خلاف ڪورون جي مدد لاءِ موڪليو ويو آهي. هنن جي عجيب غريب ويسين وڳن، هٿيارن پنوهارن ۽ رٿن ڏانهن نهار. وري هنن کي غائب ٿيندو ڏس، جئن ڌوڙيو مٿي آسمان ۾ گم ٿي ويندو آهي!.... ۽ هاڻي وري هو نوجوان جنگي جوڌو سڄيءَ دنيا کي فتح ڪرڻ جي خواهش دل ۾ کڻي نمودار ٿئي ٿو. هن خيبر کي فتح ڪري ورتو. هو هاڻي جهلم جي پورس راجا کي شڪست ڏئي اڳتي وڌي رهيو آهي. هن جي خوبصورت چهري ڏانهن نهار، ۽ هن جي مٿي تي زره جي رڪ واري جهرڪندڙ ڪلنگي ۽ هن جي ڊگهي ٻن ڌارن واريءَ ترار کي جاچي ڏس. هو وڙهيو ۽ هن فتح حاصل ڪئي. مگر هن جو بي انداز لشڪر هاڻي گهڻي وقت تائين وڙهڻ ڪري، ٿڪجي ماندو ٿي پيو آهي. هتي هو پنهنجن خوابن کي ڪوڙو ثابت ٿيندو ڏسي، مري وڃي ٿو، ۽ هن جا هٿ خالي ۽ اکيون کليل رهجي وڃن ٿيون!

هاڻي نهار.... سندس جرنيل نيروڪس واپس ورڻ جي سفر لاءِ آرماڙ کي گڏ ڪري رهيو آهي. هي پڻ هليا ويا!... هاڻي وري سفيد چمڙيءَ وارا هوڻ لوڪ حملو ڪن ٿا.... بي رحم ۽ قاتل.... هو واچوڙي وانگر تڪڙا اچن ٿا ۽ ملڪ کي ڦريندا ۽ ساڙيندا، چوڌاري پٽن تي پکڙبا وڃن ٿا، جيئن مان موجون ماريندي ميدانن کي ٻوڙيندي ويندي آهيان. پر اهي سڀ ڪٿي آهن؟ هليا ويا... سڀ هليا ويا اوندهه انڌوڪار ۾، موت جي اونداهيءَ واديءَ ۾. پوءِ ٿوريءَ مهل تائين سڀ ماٺ ٿي ويئي. هيءَ سر زمين ماٺيڻي آهي. آسمان تان گردو غبار صاف ٿي ويو، ۽ پوءِ هڪ اجنبي مست واٽهڙو اچي ٿو. هي هڪ چيني مسافر آهي، هيون تسيانگ،.... جيڪو علم ۽ سوجهري جي ڳولا ۾ رلي رهيو هو. هن کي سوجهرو ملي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هتي جيڪو به ان جي ڳولا ڪري ٿو، ان کي پائي ٿو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي هيءَ سرزمين علم ۽ سوجهري جي کاڻ هئي. ڪيترائي ماڻهو پنهنجن ڏوراهن ماڳن تان علم جي تلاش ۾ هتي ايندا هئا..... جڳ لنگهي ويا سوجهرو ۽ اونداهي... اونداهي ۽ سوجهرو.... سوجهرو ۽ اونداهي..... پر، زماني کان پوءِ وري ٻيا ماڻهو آيا جن هن زمين تي علم ۽ سوجهري جي نئين شمع آندي. هو عرب جي ريگستان مان اُڀريا ۽ دنيا تي ڇانئجي ويا ۽ آفريڪا ۽ هندستان جي اونداهين ڪنڊن کي علم جي سوجهري سان روشن ڪري ڇڏيائون.... هن جوشيلي عرب محمد بن قاسم ڏانهن نهار! هن جي گجندڙ منجنيقن ۽ طاقتور کانڀاڻين کي جاچ. هن سڄي سر زمين کي فتح ڪري ورتو، ۽ هاڻي هو سڄي ملڪ تي حڪم هلائي رهيو آهي، ڏاڍو پيارو ۽ عزيز آهي، ڇو ته جنهن وقت هو موڪلائي وڃي ٿو، هن جا هي نوان دوست هن لاءِ رڙن ۽ روئين ٿا. هن کان پوءِ شوخ ترڪ، قدا ور تاتاري، مغل، پٺاڻ ۽ انگريز اچن ٿا... هنن جي ڀڳل ترارين، ۽ ڦٽيل رت ڳاڙيندڙ دلين ڏانهن نهار!

سمن ۽ سومرن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي بهادريءَ جي شان کي ڏس. پراچين ديبل، برهمڻ آباد ۽ قديم منصوره ۽ محفوظ ڏانهن نهار. اهي فنا ٿي ويا ۽ هن وقت سندن نشان به ڪونهي، پر مان اڃا تائين انهن جون پيهه پيهان واريون بازاريون، نون رنگن ۾، نون چهرن سان ڏسي رهي آهيان. مان اڃا تائين ڀنڀور ڏانهن لڙهندي، ننڍڙيءَ سسئي جو پينگهو پنهنجي ڪناري تي لڏندو لمندو ڏسي سگهان ٿي. مان پنهونءَ کي ڪيچ جي جبلن ۾ ڏسي سگهان ٿي، جنهن کي سندس دعاباز ڀائرن ڊوهه ڪيو، اٺ جي پٺيءَ تي ٻڌيو چاڙهيو وٺيو پيا وڃن. ۽ اجهو هو پريان عمر ڪوٽ جون مغرور محلاتون نظر اچي رهيون آهن، جن مان وڇڙيل مارئيءَ جي آهُن ۽ زارين جو پڙاڏو اچي رهيو آهي. مان اڃا تائين هنجي سوز ۽ فراق کي ٻڌي سگهان ٿي!... هو پريان... ڀٽ تي.... سهڻو سيد لال لطيف پنهنجن مٺڙين لاتين ۽ روحاني راڳن ۾ مست ويٺو آهي. هن وقت هو ڪونهي پر مان هن جا درد ڀريا بيت ۽ مٺڙا ڪلام اڄ به ٻڌي سگهان ٿي. مان اڃا تائين کيس اهڙو چٽو ٻڌي رهي آهيان جهڙو هن کي جيئري ٻڌندي هيس. هو هڪ لافاني روح، وسيع ۽ اتم، سخي ۽ ٻاجهارو، جذباتي ۽ مهربان آهي. هو خوبصورت قداور ۽ خوش اندام آهي. جيئن هو پنهنجون من موهيندر ڪافيون ڳائي ٿو، تيئن هن جون گول گول ڪاريون اکيون چمڪن پيون. جڏهن هو ڏکارن ڏوٿين کي دعائون ڪري ٿو، تڏهن هن جو چهرو ٻهڪي اٿي ٿو. هو مون سان مخاطب ٿي ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ ته مان هن کي سمجهي سگهان ٿي. مان هن کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهان. مون تهذيبون ۽ تمدن پيدا ٿيندي ۽ ختم ٿيندي ڏٺا، مون فاتحن جي سوارين کي ايندي ۽ ويندي ڏٺو، پر سنڌ جو فاتح فقط هو شاهه ئي آهي جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته ٻيا فاتح زمينون ۽ ملڪ فتح ڪن ٿا، پر هن ماڻهن جي دلين تي فتح حاصل ڪئي آهي، ۽ هن جي نينهن جو نياپو هن جي سهڻي سڳنڌ ڀري ساروڻي امر آهن.

هو مٺڙيءَ سنڌيءَ ۾ الاهي افضل ڳالهيون ڳائي ٿو. پنهنجي من موهيندڙ ڪلام سانهو ماڻهن جا رخ ڦيريو، تقديرون ۽ قسمتون بدلايو ۽ روح کي دائمي راحت ڏيو ڇڏي.

هن جي ڏينهن ۾ ماڻهو ننڍڙين ڪکاين جهوپڙين ۽ چونئرن ۾ گذارين ٿا. منجهائن جيڪي سکيا ۽ شاهوڪار آهن سي حوضن ۽ مڇين جي تلائن سان سينگاريل اوچن گهرن ۾ رهن ٿا. پر مان انهن جي گهر ۾ قرب ۽ اتساهه گهٽ ڏسان ٿي. مان انهن غريب مارو ماڻهن کي پسند ڪريان ٿي جيڪي واهڻن ۽ ننڍڙن ڳوٺڙن ۾ گذارين ٿا، جتي وچ ۾ هڪ ننڍڙي صاف سٿري مسيت آهي، جنهن جي ننڍڙن منارن تي موءذن چڙهي عبادت گذار بندن کي پنهنجي مولا جي بندگي ڪرڻ لاءِ سڏيندو آهي، جتي هڪ سرهاڻ پکيڙيندڙ سهڻو مندر آهي، جنهن جي سريلن گهنڊن جي مڌر آوازن تي پوڄاري سوير گهرن کان پوڄا لاءِ ٻاهر نڪري ايندا آهن. جڏهن گهر جا وڏا ڪم ڪن ٿا يا عبادت ڪن ٿا تڏهن زالون ڪچهري لايو ٽهه ٽهه پيون ڪن ۽ ننڍڙا من موهيندڙ ٻارڙا وري لڪ لڪوٽي ۽ اٽي ڏڪر راند پيا رهن. هر ڪنهن گهر کي پنهنجي مال لاءِ پنهنجو واڙو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌي مال کي پيار ڪندا آهن.

هن ديس جا سپوت هميشہ کل مک ۽ خوشمزاج طبيعت جا صاحب ٿي رهيا آهن. ڪم ڪاڄ، پيار ۽ محبت، کل ۽ خوشيءَ، لئي ۽ رس جا ڪوڏيا. ميڙن ۽ ملاکڙن لاءِ هنن جو شوق ۽ پيار ملڪان ملڪ مشهور آهي. سندس عيدون ۽ هوليون گڏجي گذارن. انهن موقعن تي وڏيون وڏيون دعوتون ۽ مجلسون، گڏجاڻيون ۽ ڪچهريون ٿينديون آهن. زالون وري مٺايون ۽ گل ورهائينديون آهن. اهي پنهنجن ٻانهن ۾ عاج جون ٻانهيون ۽ وڏا چوڙا پائينديون آهن. هر چنڊ واري مهني جو پهريون جمعو ۽ هر سهائو سومار نهايت ئي وڏي ڌام ڌوم ۽ مزي سان ملهايو ويندو آهي. جڏهن وسڪارا ۽ برساتيون پونديون آهن، تڏهن ڳوٺن کان ٻاهر مجلسون ۽ محفلون ڪيون وينديون آهن جتي يڪتاري ۽ گهڙي تي سريلا ڪلام ۽ ڪافيون ڳايون ويندوين آهن. هتي مان پنهنجن اکين سان هنن جا رنگ برنگي ناچ ڏسي رهي آهيان. تنهن زماني ۾ به بلڪل اڄ وانگي،سگهڙن ۽ شاعرن، هن پنهنجي ملڪ جي سونهن سوڀيا ۽ حسن و نزاڪت منجهان ئي پنهنجي شاعريءَ جا مواد ۽ موضوع حاصل ڪيا. هنن منهنجي اٿلن ۽ سيلابن، مڇين پلن، واڳن ۽ سيسرن، ۽ منهنجي پورالي طبيعت جي هر روپ رنگ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو. هنن هن ديس جي اٺن ۽ اوٺيڙن، جتن ۽ جهانگيئڙن، لڏن ۽ قافلن، ڪارن ڪڪرن ۽ زرد رنگ بيابانن، ميهارن ۽ ريڍارن، ۽ چهچ چراگاهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو. هنن هن ديس جي لين ۽ لاڻن، ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن، ڪرڙن ۽ کٻڙن تي بيت چيا. هنن هن سهڻي ديس جي انهن نارين کي ڳايو جن جي ڪونج جهڙين ڊگهين ڳچين ۾ چانديءَ جون مالهائون ۽ هس ۽ سهڻين سنهڙين ڪاراين ۽ ڪنگڻ ۽ ننڍڙن نازڪ پيرن ۾ ڪڙيون ۽ پازيب پهريل آهن، سندن مٿي تي واسينگ نانگ جهڙن ڪارن، ڀنئور جهڙن وارن جون پيچدار چڳون ۽ گهنڊيدار ڳتون نڪتل آهن ۽ سندن مرگهه جهڙيون ڪجلدار ڪاريون اکڙيون مشعل وانگي ٻري رهيون آهن. شاعرن حسين نارين جي پيارن مڙسن ۽ پريمين جي انهن پتڻن ۽ ٻيڙين کي پڻ ڳايو جيڪي وڻجارن سنڌورڪين کي ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ واپس ماڳ موٽائي وٺي ٿي آيون. هنن، گهر ڌياڻين جي گهرڙن، چرخن ۽ آتڻن کي پڻ ڳايو... مطلب ته سنڌ جي هنن سدا حيات سگهڙن ۽ شاعرن پنهنجي سٻاجهيءَ سونهن ونديءَ سنڌ جي هر ڳالهه ۽ هر ادا کي هر دفعي ڳايو...

ڌرتيءَ جي کيڙيندڙ هارين پورهيو ڪيو ۽ پگهر وهايو ۽ زميندار ۽ شاهوڪار انهن جي پگهر واريءَ خسيس ۽ ٿورڙيءَ ڪمائي کي به ڳهندا، ڳڙڪائيندا، مچندا ٿلها ٿيندا ويا ۽ غريبن کي ٿونها هڻندا رهيا. مگر مفلسيءَ جي هر حال ۾ آسيسن ۽ دعائن حاصل ڪرڻ لاءِ، هنن پيرن ۽ سيدن سڳورن جي رڪيبن ۽ لغام جي واڳن کي هر وقت چمي سيني سان لڳايو. سنڌ جي لافاني شاعر، شاهه، هنن سڀني کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو، ڇاڪاڻ ته هو هنن جو هو. مان اڃا تائين هن جي روحاني ڪافين ۽ ڪلامن کي ٻڌي سگهان ٿي.

مان آهيان ٻلدان ۽ زور واري سنڌو... مان پاڻ سان داءُ رکڻ واري کي اڇلايو ڇڏيان. جن به مون سان شرط رکي، انهن هميشہ راند هارائي. جن به مونسان سينو ساهيو، پاڻ کي نيست و نابود ڪيائون. پر شاهه مونکي ماٺو ڪري ڇڏيو. مون هن جي آس پاس شانتي ۽ پيار حاصل ڪيو. مان هن جي دل جي گهرائپ ۽ شاعريءَ جي روانيءَ سان محبت ڪريان ٿي. مان هن جي مٺي ڪلام تي قربان آهيان. هو ڪيترو نه مون جهڙو ۽ ڪيترو نه مون کان اعليٰ هو!

اوهان جي هن ملڪ ۽ اوهان جي ڪچي وارن ميدانن جي هن زمين ڪيترين ئي صدين تائين پنهنجن ماڻهن کي لنگهڻ ۽ فاقا ڪڍرايا ڇو ته پاڻي ڪونه هو. منهنجو پاڻي ڪيترن ئي ويران برن ۽ ساڙيندڙ ميدانن کي آباد ڪري سگهيو ٿي، پر وقت جي راجائن ۽ فاتح حڪمرانن ڪا خاص پرواهه ڪانه ڪئي. انهن مان ڪن ٿورڙن ڪي ننڍا ننڍا ۽ ڪي نماڻا واهه کڻايا. پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ منهنجي لٽ ۽ ريٽ جي واريءَ انهن کي لٽي ڇڏيو. اڄ پهريون دفعو انهن ماڻهن لاءِ چاهه ڀريل سچيءَ پچيءَ دل واري ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪي منهنجي نالي پويان سڏجن ٿا. سکر وٽ هڪ زبردست براج منهنجي پيٽ ۾ سوگهو بيٺل آهي. آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪم ۾ ساٿڙو ڏيئي رهي آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجو اوهان سڀني سان پريم آهي ۽ اهو اوهان جي ئي فائدي لاءِ آهي. ڪوٽڙيءَ وٽ پڻ اوهين منهنجي ٻل واري گهوڙِ تي سنج وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. مون انهيءَ لاءِ اوهان کي اجازت ڏني آهي. پنهنجن زمينن ۽ ٻنين کي آباد ڪريو. مان چوانوَ ٿي. سونهري ڪڻڪ پيدا ڪريو. کيڙيو ۽ کائو، پيئو، پهريو، ۽ خوش گذاريو. مان اوهان کي نه روڪينديس. منهنجو پاڻي کڻي وڃو ۽ مون کي اهي قديم ۽ اڳي اڳي وارا خوشيءَ جا ناچ ۽ راڳ رنگ ڏيکاريو. مون کي اهي ٽهڪ ٻڌايو جيڪي دلين مان اڌاما ڏيئي نڪرندا هجن. مان اوهان کي سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏيندس، جيڪي ڪجهه مون وٽ آهي... ۽ مون وٽ ان کان تمام گهڻو آهي، جيتري جي اوهان کي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته مان آهيان ٻلدان ۽ طاقتور سنڌو... مان آهيان اجيت ۽ امر سنڌو، مان آهيان اٽڪ، مان آهيان جهلم، مان آهيان چناب، مان آهيان راوي، مان آهيان بياس، مان آهيان ستلج، مان آهيان مهراڻ، انهن سڀني جي اپت ۽ جوڙ مان آهيان ”سنڌو“... مان آهيان مها ٻلوان، اجيت ۽ امر سنڌو....

 

 

اديب تيسين ترقي نه ڪري سگهندو، جيسين ”عوام“ جو توجهه پاڻ ڏانهن نه ڇڪائي سگهيو آهي، ۽ جيسين منجهس اعليٰ درجي جي ”سماجي مقصديت“ نه پيدا ٿي آهي.

اديب ”عظيم انساني قدرن“ مان نور حاصل ڪري ٿو. امن سان محبت، جنگ کان نفرت، قومن ۾ دوستانه تعلقات پيدا ڪرڻ جي خواهش، سرمايه داري جي لٽ ڦر کي ختم ڪرڻ جو عزم ”انساني دوستيءَ“ مان ئي پيدا ٿي سگهن ٿا. ادب عظيم اخلاقي مقصد جو مطالبو ڪري ٿو. جئن سڀ اديب پنهنجي تحرير ۾ سنجيدگي پيدا ڪن، تاثر ۽ خلوص پيدا ڪن، ۽ ان کي مقبول ۽ خوبصورت بنائين. جئن اسان جي قوم انهن سان محبت ڪري سگهي، انهن مان جوش حاصل ڪري سگهي ۽ انهن تي فخر ڪري سگهي.

عوامي ادب ۽ ڪلچر جو مستقبل اديبن سان ئي وابسته آهي. ۽ هي ثابت ڪرڻ به انهن جو ئي فرض آهي ته ”مستقبل معتبر هٿن ۾ آهي يا نه؟“

 

گوورڌن محبوباڻي- اجمير

منڇر جون موجون

سو سائين، نيٺ سفر جو سعيو ڪري، اسين آراضيءَ مان اسهياسين. ساڻ هيوسين سائيڪلون جي شاهي سڙڪ تان سرڙاٽ ڪري هلڻ لڳيون. ساوڻ جو سهڻو، من مهڻو مهنو، سو ڀلا اسان ’ڇوڪر ڇتيءَ ذات‘ کي ڪٿي ٿو سڪول اندر آرام اچي! الک در اهائي پئي التجا ڪئيسين ته ”موليٰ مينهن وساءِ ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان!“ نيٺ الله عرض اگهايو. منڊل منڊيا، وڄن وسڻ جا ويس ڪيا. ڪڪرن ڪيهون ڪيون، ته اسان به آزي نيزاري ڪئي. چي: ”سائين! هلو ڪنهن سير سفر تي.“ ماسترن جي مهربانيءَ سان هيڊ ماستر صاحب به ”ها“ ڪئي. بس! پوءِ ته مڪتب ۾ مهيءَ ولوڙ مچي ويو. فيصلو ٿيو ته منڇر جي موج وٺجي. منڇر آراضيءَ کان ٻه ٽي ڪوهه پري بوبڪن ڀرسان وڏي ڍنڍ آهي. ٻئي ڏينهن ئي قافلي ڪوچ ڪيو.

صبح جو سهاونو سمو، آڪاس تي ابرن جي اڇ رکي رکي بوندن جي برکا پئي ٿي. سارنگ جا ساز سرندا ۽ سائيڪلن جا سرڙاٽ ٻڌي، دل جي دهل به ڌمڪ ڌمڪ ڪرڻ شروع ڪئي. دل از خود الاپيو:

”اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاڙي ڪي توار،
هارين هر سنباهيا، سرها ٿئا سنگهار،
اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا!“

ڀلا من تي هئي مستي چڙهيل، سو مني ڪلاڪ ۾ ئي اچي بوبڪن جي بند تي ٺڪاءُ ڪيوسين. وڌي وڏيري شير خان جي اوطاق تي آياسين. هو ملوڪ مڙس ان وقت اوطاقت جي اڱڻ ۾ محفل مچايو ويٺو هو. اسان کي ڏسي اٿيو. کلي کيڪر ڪيائين. چي: ”ڀلي آيا ڀلارا! اڄ ساجهر ئي اوهان جو سنيهو مليو. اسان سڀ بندوبست ڪيو آهي.“ سائيڪلن کي هڪ هنڌ سٽي، اسين ٿوري آرام لاءِ اندر وياسين. خان جي خاصخيلين اسان جي خاصي خذمت ڪئي. شير خان، هو به برابر شير دل. اسان لاءِ سڀ سامان ميسر ڪيو هئائين. ٻاهر ٽانگا به تيار بيٺا هئا. اسين ٿورو ٿڪ ڀڃي، ٻاهر آياسين. ٽانگا ڪل ٽي. ٻن ۾ ويٺا بزرگ ۽ هڪ ۾ سامان. باقي باندر سئنا سائيڪلن تي. ٽڪ ٽڪ ڪري ٽانگا هليا. بوبڪن جي پسگردائي پار ڪري اچي دانستر واهه تي دنگ ڪيوسين. اتي ٺيڪيدارن جون لانڍيون لڳيون پيون هيون. جن ۾ مڇين جا مڻ ۽ برف جا ڍير لڳا پيا هئا. اسان سامان لاهي، ٻيڙين ۾ رکيو ۽ پاڻ به ٿي منجهن ويٺاسين. ٻيڙيون هليون. پاڻيءَ ۾ لهرون اٿيون، ته من ۾ امنگ. هيٺ ڇل ڇل ڪندڙ ڇوليون: مٿان برساتي بانولا بادل، نظارو عجيب هو! دانستر پار ڪري ٻيڙيون منڇر ۾ گهڙيون. سامهون نهار ته:

”سانده سڀ درياه، ڪانهي ڪنڌي پار جي.“

سانوڻ جي مند ۾ ته منڇر ميلن ۾ ڦهلجي ويندي آهي، پر پاڻيءَ جي گهرائي ڪٿي مڙسان تار ته ڪٿي فوٽ ٻه چار. اڃا ٿورو اڳتي وڌ ياسين ته پريان ٿالهين جي جهن جهناهٽ جو پڙلاءُ ڪنن تي پيو. سمجهيوسين ته مهاڻا مڇين مارڻ لاءِ اهو غلغلو مچائي رهيا هئا.

منڇر ۾ مهاڻن جي مڇي مارڻ جو نمونو به مزيدار آهي. جتي پاڻي تانگهو هجي اتي هڪ وڏي گول ۾ اُڀا ونجهه کوڙي وڃن. انهن ۾ هيٺ گول سمهيل ڄاري لڳائين، ۽ ونجهن جي پاسن کان به ٻه ٽي فوٽ اڀي ڄاري ويڙهي وڃن. ان طرح گويا ڄاريءَ جو هڪ وڏو گول کوهه ٺهيو پوي، جنهن کي چون ”ڀن“ پوءِ بتيلن ۾ چڙهي. پن جي چوڌاري اٽڪل سڏ کن پنڌ پري کان ٿالهيون وڄائي، وٺي شور غل مچائين ۽ ڌيري ڌيري چڪر هڻندا وڃن پن کي ويجهو پوندا. هيڏو هل هلاچو ٻڌي موڙهل مڇيون ويچاريون ڊپ جون ماريون وٺي ڀڄن ڀن ڏانهن. جڏهن ڀن جي ڄاريءَ وٽ پهچن، تڏهن اڳتي وڌڻ جي واٽ نه ڏسي وٺي جو ڇوهه مان ڇلانگ مارين ته ڌو وڃي پون ڀن ۾. پوءِ ته مهاڻا کين پڪڙي سندن منڍيءَ مان سوء لنگهائي، وڃننن هڪ سنهڙي رسيءَ ۾ پوئيندا ڄڻ مڇين جي مالها ٺاهڻي اٿن.

منڇر ۾ مڇين تي مارو ته هر مند ٿئي، پر پکين جو شڪار رڳو سياري ۾. ڪيترائي آفيسر سياري ۾ سير ۽ پکين جي شڪار لاءِ منڇر تي ايندا آهن. هو گهڻو ڪري بندوق سان شڪار ڪن. پر پکين جي شڪار لاءِ مهاڻن جا طريقا تعجب خيز آهن.

عام طور منڇر ۾ آڙين ۽ بدڪن جو شڪار ٿئي. بدڪن ڦاسائڻ لاءِ مهاڻا ڏاڍي چالاڪي ڪن. هوبهو بدڪ جي شڪل جهڙو بوتو بڻائين ۽ اهو ٽوپلي وانگر مٿي ۾ پائي، ڇپ ڇپ ڪري، وڃي بدڪن جي جهنڊ ڀرسان بيهن. نڪ کان هيٺ بدن پاڻيءَ اندر رکن، جئن بيوقوب بدڪون سمجهن ته ڪا سندن ئي ادي ڀينڙي ڀرسان بيٺي آهي. مهاڻا سياڻا: پوءِ خوب خبرداريءَ سان بدڪن کي ڄنگهن کان جهلي وڃن اندر پاڻيءَ ۾ ڇڪيندا ۽ انهن جون ٽنگون ٽوڙي کين چيلهه ۾ ٻڌل رسيءَ سان ٻڌندا.

آڙين جو شڪار اڪثر اونداهين راتين ۾ ڪن. ٻه لنبا ونجهه اڀا کوڙي، ان ۾ ڄاري لٽڪائين، گويا پاڻيءَ جي وچ ۾ ڄاريءَ جي هڪ وڏي اوچي ديوار ٺهي پوي. پوءِ ان ڄاريءَ اڳيان ٻه ننڍا لڪڙا کوڙي، ڄاريءَ جو هيٺيون پاسو انهن تي اهڙيءَ طرح اٽڪائين جو ڄاريءَ جي ”جهول“ ٺهيو پوي. ان کان پوءِ ڄاريءَ جي سامهون سڏ کن پنڌ پري وڃي، دٻا، ٽين ۽ ٿالهيون کڙڪائي وٺي گوڙ مچائين. آواز تي آڙيون وٺي سامهون اڏامن ۽ اونده سبب سڌو زوم سان اچي ڄاريءَ سان ٺڪاءُ ڪن ۽ ڦهڪو ڪري هيٺ ”جهول“ ۾ ڪري پون، جتي ڪيترا مهاڻا بيٺا هوندا آهن اهي آڙين کي هڪدم پڪڙي وڃن سندن منڍيون مروٽيندا.

سو سائين، ڳالهه ٿي ڪيم ته ٻيڙيون هاڪاري اسين به اچي ڀن ڀيڙا ٿياسين. مهاڻا ويچارا، بدن اگهاڙا، ’مال جنين جو مڪڙيون، ٻيا ڄارا ۽ کارا‘، ڏاڍيءَ محنت سان مڇيون ماري رهيا هئا. ڪيڏي نه غربت، ڪيڏي نه جفاڪشي ۽ پريشاني! پهرڻ لاءِ گند ڀري گوڏ ۽ اجهي لاءِ ٻيڙيءَ ۾ ڇنل ڇپر يا ڪپر تي پراڻو پکو. ته به هو مست هئا. نڪو هون فڪر يا ڦرنو نڪا ڳڻتي يا غم. ڪم سان گڏ ڪنڌ ڌوڻي پئي هونگارون ڪيائون. لاشڪ، سچي راحت نڪي آهي محلن ۾، نه ماڙين ۾، نه ڌن ۾، نه دولت ۾، نه اجائي مان وڏائيءَ ۾، نه جوٺي مرتبي ۾، پر جيڪڏهن آهي ته آهي محنت ۾، سچ جي پورهئي ۾.

منجهند اچي ٿي هئي، سو مهاڻن کان مڇيون ۽ پوپرا خريد ڪياسين. پوءِ روٽيءَ جي تياري ٿيڻ لڳي. اسان واري ٻيڙي سڀني کان وڏي هئي. هلائڻ وارو به هو ميربحرن جو مهندار. ساڻس گڏ سندس زال ۽ ننڍي ڌيءُ به ونجهه هلائي رهيون هيون. ٻيڙيءَ اندر چلهه ٺهيل هئي. اسان ان تي پوپرا پچائڻ شروع ڪيا. تريل مڇيءَ جي سڳنڌ مان اسان ماس کائن کي ته مزو ٿي آيو، پر وئل هو ويچارن ويشنن سان. ٻوٿ ٻڌي، نڪ ٻوساٽي وڃي ڪنڊن ۾ قابو ٿيا. ڀر واريءَ ٻيڙيءَ ۾ مولو مذاقي ويٺو هو. ساوڻ جي جهڙ ۽ صبح واريءَ ڦڙ ڦڙ هن جي دل ۾ دونها دکائي ڇڏيا هئا، جي هينئر طعامن جي طراوت تي ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪري آيا. ڏاڍي امنگ مان هن سارنگ ڳائڻ شروع ڪيو.

”مينهان ۽ نينهان، ٻئي اکر هيڪڙي،
جي وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيهان،
بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين!“

چوندا آهن ته سارنگ ڳائڻ سان سچ پچ بارش پوندي آهي. مولوءَ جي ڌن به اثر ڏيکاريو، مگر اُلٽو. کن پل ۾ آسمان صاف ٿي ويو ۽ سج ساڙڻ لڳو. ڀلا جُهڙ جي اُس کان الله بچائي. پر سج جي ڪرڻن منڇر مٿان عجيب رونق لائي ڏني. هوا جي هلڪن جهوٽن تي هيٺ مٿي ٿيندڙ پاڻي چانديءَ جي ورقن وانگر چمڪڻ لڳو. قدرت جا به ڪهڙا نه عجيب رنگ آهن!

اس نڪتي. گرمي ٿي. ٻيڙين مٿان ڪپڙي جو ڍڪ چاڙهيو ويو ۽ کين هڪ هنڌ وچ پاڻيءَ ۾ بيهاريو ويو. روٽيءَ کان پوءِ گپ شپ شروع ٿي.

آخر سج لڙيو. شام آئي. منڇر مٿان نچندڙ چانديءَ جا ورق ڦري سونا ٿيا. خيال ڪيوسين ته هاڻي ”شاهه حسڻ“ جي ڳوٺ ڏي رخ رکون. پر مهندار منع ڪئي چي: ”سائين! گهٽ آهي. شايد واچ چڙهي. اڳتي هلڻ آهي خطرو ڳنهڻ.“ پر سائين باندر ذات ڪٿا ٿي باز اچي. وٺي مهندار کي مڇلايوسين. ”اصل ڪو ڏسڻ جو ڏيل آهين. ٻاهر بانڪو بير، اندر مڙيوئي اڳڙيون.“ مهندار وراڻيو، ”اسان کي ڇاهي؟ اسين جل جا جناور، اسان کي ڪو ڀؤ ڪو ڀولو؟“

ٻيڙيون شاهه حسڻ ڏي وڌڻ لڳيون. اسان رڳ جي محفل مچائي. آخر ميان مهندار کي به منٿ ڪئي سون ته: ’يار ڪا قهر جي ڪافي ٻڌاءِ.‘ هو مڙس به دل وارو هو. چيائين، ”ٻيلي! مان ڇا ڳائنيدس؟ توهان ڳاتو، اسان ٻڌو. هاڻي منهنجي نينگري نازان ڳائيندي. ذرا اهو به ٻڌجو.“ سندس نينگريءَ جو نالو ته نازان هو پر ’مهاڻيءَ جي من ۾ گيرب نه گاءُ.‘ هن جو ناز هو هن جي نماڻائيءَ ۾. هن جي نزاڪت هئي هن جي نهٺائيءَ ۾. شڪل جي صفا سانوري تڏهن به سلوڻي. ونجهه ڇڏي وڃي پاڇل تي ويٺي. اکيون هيٺ. ڳائڻ شروع ڪيائين. ڇوريءَ جو سر به ڪو سر هو. اصل ماکيءَ جي ڌار ڦٽي ٿي نڪتي. سڀني تي گويا جادوءَ جو اثر ٿي ويو. ونجهه بيهي ويا. ٻيڙيون ڍريون ٿي وييون ۽ اهو مٺڙو سنهڙو آواز ڌيري ڌيري منڇر جي وسيع سطح تي ڦهلجي ويو:

”ڪاري رات ڪچو گهڙو، اڻٽيهه اونداهي،
چنڊ نالو ناهه ڪو، درياهه دڙ لائي،
ساهڙ ڪارڻ سوهڻي، آڌيءَ ٿي آئي،
ايءُ ڪم الاهي، نات ڪنن ۾ ڪير گهڙي!“

 

ڏوهيڙو پورو ڪري، هن ڪافي شروع ڪئي:

منکي ڪانه جهلي، سڀڪا پاڻ پلي،
آئون وڌڙي نينهن اڇلي.“

 

هيءَ سهڻيءَ جي سوز ڀري صدا هئي، جنهن اسان سڀني جون دليون ڦيهي وڌيون. راڳ به هڪ انوکي ڪلا آهي، جادو آهي جو انسان کي کلائي به سگهي ٿو ته روئاري به سگهي ٿو. آلاپ بند ٿي ويو، پر ڪنهن ٻڙڪ نه ٻولي. سوز سبب سڀ سانت هئا. پر ان سوز ۾ به ڪيڏو نه آنند، ڪيڏو نه لطف هو. سچ! درد ۾ جو مٺاس آهي سو کل خوشيءَ ۾ ڪٿي؟

اوچتو پاسي واريءَ ٻيڙيءَ مان ملاح رڙ ڪئي، ”استاد! شايد اولهه ٿو اُٿي!“ سڀني کان ڇرڪ نڪري ويو. سچ پچ اولهه کان تيز طوفان اچي رهيو هو، مانجهي مڙسن جا به منهن لهي ويا. ونجهن جا وارا وڄائي ڏنائون، پر ڇوهو اچي ڪڙڪيو. پوءِ ته چوڌاري چوٻول مچي ويو. دليون دهشت ۾ ڌڙڪڻ لڳيون. هينئڙا هپائجي ويا. ماٺيءَ منڇر ۾ ڄڻ مانڌاڻي پئجي ويئي. ڇولين جي ڇوهه سبب ٻيڙيون ائين لڏڻ لڳيون گويا اجهي ٿيون اونڌيون ٿين. مصيبت ۾ ڀڳوان ياد ايندو آهي. سڀ رام ۽ رحيم لاءِ رڙيون ڪرڻ لڳا. سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته هاڻ ڪجي ڇا؟ اوچتو مهندار جي مغز ۾ تجويز تري آئي. رڙ ڪري چيائين، ”بچڻو اٿوَ ته مڙسي ڪريو. سڀ جوان ٻيڙين کي جهلي لٽڪي پئو پاڻيءَ ۾!“ سندس چوڻ جي دير هئي، عمل ۾ ويرم ڪين لڳي. اسين سڀ وڏا ڇوڪرا ۽ ماستر ڪپڙا لاهي چوڌاري ٻيڙين کي جهلي لهي پياسين پاڻيءَ ۾. بس! پوءِ ته ڪا جٺ به جٺ ٿي. لهرن جي لوڏن تي هر هر ٻوٿ وڃي ٻيڙين سان ٽڪرجن پر تڏهن به هٿ وجهيو لنگورن وانگر لٽڪيا پيا هئاسين. برابر اڌ ڪلاڪ اها جبري جٺ سٺيسين، پر ٻيڙيون ٻڏڻ کان بچي وييون.

واچوڙو لنگهي ويو، هؤ مؤ ٽريو. ٽپي آياسين ٻيڙين ۾. ان مهل تؤ ۾ ته ڪجهه پتو ڪونه پيو پر جڏهن موٽندي دانستر تان سامان سوڌيون سائيڪلون، گپ ڀريل رستي تان گهلي، ٿڌ ۾ ڏڪندا ٿڙڪندا، آڌيءَ رات جو اچي وڏيري شير خان جي اوطاق تي پهتاسين، تڏهن لڱ لڱ ساڻو ٿي چڪو هو. پر وري به شڪر! جان ته بچي! رستي تان ايندي، آءٌ اهوئي سوچي رهيو هوس ته: ”واهه ڙي منڇر تنهنجون موجون! تنهنجي ماٺيڻين لهرن جا مزا ورتاسين، ته ڇتين ڇولين جا لوڏا به سٺاسين. هڪ شيءِ جا ٻه روپ، هڪ ۾ راحت، ٻئي ۾ آفت! ساڳي آهي من جي حالت!!“

................

 

”اديب“ ماضيءَ جي ڪلچر ۽ ادب جي صحيح وارث آهي. ۽ هو ”انساني تهذيب“ جي بهترين، آزادي بخش، صحتمند ۽ زنده روايات کي کڻي اڳتي وڌي ٿو.

سماج جي ”تاريخي ارتقا“ جي پس منظر ۾، هو پنهنجي تهذيبي ورثي کي تنقيدي نظر سان پرکي ٿو، ۽ ڪلچر کي قومي تعصب ۽ تاريڪ انديشي جي هم معنيٰ نٿو سمجهي، بلڪ هو ان طرح جي سڀني پردن کي چاڪ ٿو ڪري. اهڙو اديب ان کي هڪ ادبي فرض ٿو سمجهي ته هو پنهنجي ادبي تخليق کي به اهڙن مٺن زهرن کان بچائيندو رهي.“


 

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

يادگيريون

هينئر منهنجي ڄمار اڻونجاهه ورهين کان به مٿي آهي. اگرچ ٻالاپڻ جو ٻوڪ دل تان لهي ويو آهي، ليڪن گذريل پنجاهه سالن جي پوري سانڀر اٿم. انهيءَ زماني جا تجربا ۽ مشاهدا، سک ۽ سور، چڱيءَ طرح من تي اڪريل اٿم، ۽ اڄ به جيڪڏهن پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ وهان ته هوند ذهن جي تختيءَ تان اتارجي قلم مان فرفر ڪري، ڪاغذ جي سطح تي نڪري نروار ٿين. هڪ ڪڙميءَ جي ٻار جي نازڪ ۽ نرم دل تان ننڍڙائيءَ جا نقش ڀلا ڪيئن اتري سگهندا؟

آهه! ڪهڙو نه پر لطف ۽ مزيدار زمانو هو. سڀ شيءِ سهانگي هئي، ان پاڻي ججهو جالارو هو، ۽ ڪنهن کي ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانه پوندي هئي. هر هڪ جي گهر اڳيان ان جون ڀريل گنديون نظر اينديون هيون. گويا دنيا ۽ ماسوا جون سڀئي نعمتون وٽن موجود هيون. پئسي دڪو مکڻ جو، ۽ اٺين آني نبار گيهه جو سير ملندو هو. هينئر پنجين روپئين به صاف گيهه جو سير ملي نٿو سگهي. افسوس جو ڳوٺاڻان به شهرين جون علتون ۽ چالاڪيون سکي ڀڙ ٿي پيا آهن! ملاوت کان سواءِ انهن جو به روح نٿو رهي. اڳي جوئر روپئي ٻه اڍائي ڪاسا ۽ ڪڻڪ جو مڻ ملي، سا به ٻٽ ۽ ٻري. ڪهڻي ۽ رڙيءَ جو ته نالو ئي نه پڇ. سڳداسي چانور جن جو سڳنڌ پري کان ايندو هو، سي اڄ اڻ لڀ آهن، ۽ سٺڙيا چار سير به نه ٿا ملن. غريب غربو سائو ستابو هوندو هو. زميندار هارين کي پنهنجن ٻچن جهڙو ڀائيندا هئا. اگرچ واڻيا وڪال قرض خاطر غريب ڪڙمين کي گاهه گاهي ڪورٽن جو منهن ڏيکاريندا هئا، ۽ سندن مال لهڻي جي عوض ۾ ڪاهي، سندن ڀاڻ ڀينگيا ڪري ويندا هئا، ته به اهي ڪراڙ هروڀرو محبت ۽ ماڻهپي کان خالي ڪونه هئا. منجهن مرم، شرم ۽ ڀرم جا ماڻ ڀريل هئا. ڪنهن به ويلي منجهن ڪم پوندو هو ته مهل نه وڃائيندا هئا. اڄ اها حالت آهي جو ڀائر ڀائرن جو چڪين ماس کائين ٿا. نفسا نفسي لڳي پيئي آهي. سڱ ۽ سياء جو سانگ ڪونهي. لوڀ ۽ لالچ جو ڀوت سڀني کي گهيري ويو آهي. شرم حياء، لڄ ۽ پت سڀ لوڪ مان لڏي ويا آهن، ديا ۽ ڌرم جا دروازا بنهه ٻوٽجي ويا آهن. چوڌاري اوندهه ۽ انڌوڪار ڇانئجي وئي آهي.

سچائيءَ  وفائيءَ  سندو  ڏيهه ۾،

پيو قحط قهري متو ڏس مهانگ.

نهين ڏينهن سڀڪو جوڙيءَ جو ڪپڙو پائي خوش رهندو هو. هاري ماڻهو ان کي نيروٽيءَ کان رنڱائي، صدريون ۽ سٿڻون گهران سبارائي پائيندا هئا. درزي ڪو ورلي لڀندو هو. زالون وري سوسين جو ڪپڙو اوڍينديون هيون. سٽ سستو ملندو هو. بافتو، پڻيو، ڏوريو ۽ ململ پڻ اڻ ميا ملندا هئا. هر ڪو پنهنجي هوند آهر انهيءَ نعمت کان محروم نه هوندو هو. اڄ سٽ ملڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ڪورين جي اڏاڻن جو آواز بيهي ويو آهي. مرد ۽ ڇوڪرا ٻاهر ليڙون لوڏيندا وتن، زالون ۽ نياڻيون اڌ اگهاڙيون پنهنجي جهي اندر ويٺيون آهن.

اگرچ شاهوڪار غريبن جو رت چوسي، پٽ پٽيهر پهري، موٽرن ۾ موجون پيا ماڻين ۽ برقي پکن هيٺان ويهي، برفي پاڻي پي ۽ ملذذ کاڌا کايو، وسرام پيا وٺن، پر غريبن جي ڪير به سار ڪونه ٿو لهي، ڄڻ ته اهي مسڪين ساڳئي خالق ۽ مالڪ جا خلقيل نه آهن، جنهن سائن ۽ سڃن کي هڪ جهڙو ساهه ڏنو آهي. حديث موجب ”سڀ مومن ڀائر ۽ هڪ جهڙا آهن.“ پر سماجي فرق ايتري قدر وڌي ويو آهي جو ونهيان ولهن کي حقارت جي نظر سان ڏسن ٿا ۽ انهن کي پاڻ جهڙو نٿا سمجهن، گويا هو آسمان تان لهي آيا آهن، ۽ هي ويچارا زمين جي سرڻن سمان آهن.

سقيم ۽ بي بس سنڌ کي ته ڪو ڇٽو لڳو آهي. اڳي واهه ۽ نياڻ اگرچ ٿورا هوندا هئا ۽ مهراڻ پنهنجي مستيءَ ۾ وڃي کاري درياهه ۾ داخل ٿيندو هو، ته به مٿن آبادي ڪافي ٿيندي هئي. ملڪ سرسبز ۽ آباد هو ۽ پيداوار ماڻهن جي حاجت کان وڌيڪ هئي. مينهن به مند تي وسندا هئا، ۽ جتي ڪٿي سُڪار هو. هينئر ته اهڙي ڪا ملڪ تي ڪمهري کتي آهي، جو باوجود براج، وڏن واهن، شاخن ۽ سنهڙن جي، جي ملڪ جي ڀاڱي ڀاڱي ۾ جاري ۽ ساري آهن، غريب هارين کي پورو پاڻي نٿو ملي. انجنير ۽ داروغا سڀئي ڪوراڙ بلا وانگر وات ڦاڙيو ويٺا آهن، ۽ جيتوڻيڪ گهڻوئي ڪجهه ملين ٿو ته به سندن شڪم ڀرجڻ جو ناهي. ”ڪين“ دريا وانگر وٽن هميشہ ڪين لڳي پئي آهي. ”هل من مزيد“ جو نعرو هرجا بلند آهي. روينيو کاتي جا ڇاڙتا ۽ پوليس جا پرمار ڳجهن وانگر ڳاهه تي ڳارو ڪيو ويٺا آهن. ڪوبه وسوڙل هٿ آين ته خوب راڱا ڪندا ۽ سندس الهو تلهو چٽ ڪري ڇڏيندا. چڱن مڙسن جو ڪنڌ هيٺ آهي. بدمعاش ۽ پاٿاريدار زور آهن. ”صلح جي عادل“ جو لقب به انهن لچن کي ملي ٿو، جي پوليس جي ڪارپردازن ۽ ٻين ڪامورن جو پيٽ ڀرين ٿا. اشرافن کي اڄ ڪوبه ڪونه پڇي:

دغابازن جي اڄ بازي، چغل خورن مان سڀ راضي،
تڙين جي آبرو تازي، عجب هي دور آيو آهه!

 

رشوت جي بازار گرم آهي. ڪهڙو به خسيس ڪم سواءِ ڏني جي نه ٿو ٿئي. بيشڪ ڏنو ٻنو آهي، پر اهڙو انڌير ڪڏهن به ڪونه ڏٺوسون. تحقيق اڳي به انسان ڪي فرشتا ڪونه هئا. پئسي جي چوس ڏاڍي بڇڙي آهي. ڪي ڳاڻ ڳڻيا فرد هوندا جي انهيءَ عيب کان آجا هجن، نه ته سڀ ڪنهن کي جوفي ۽ جيفي جي لوري لڳي پئي آهي. پر هي سمو ته سڀني سمن کان آڳ کڻي ويو آهي. روئي جي راند آهي. ايمان ۽ شرافت الوداع چئي ويا آهن. ياالله! ڪڏهن اهي سچائيءَ ۽ ديانت جا ڏينهن ورندا، جو ماڻهو انهيءَ ڇتڪتائيءَ کان ڇٽي پون، ۽ صفائيءَ ۽ سٺائيءَ سان زندگي بسر ڪن؟

سنڌ آزاد ٿي، ۽ گورنر جو علائقو بني، پر سچا سنڌ واسي آزاد نه ٿيا. اڳي فقط ڇهه ضلعا هوندا هئا ۽ ڇهن ڪليڪٽرن مٿان هڪڙو ڪمشنر راڄ ڪندو هو. تنهن هوندي به ملڪ جو انتظام تحسين جوڳو هوندو هو. ڪيڏانهن به دانهن ڪوڪ ڪانه هئي. چوريءَ چڪاريءَ کان امن هو. ڪامورا ڪڙا برجستا ۽ پنهنجن فرضن تي محڪم هئا. حڪومت جي سرشتي جو خرچ کاٻار پڻ واجبي هو. انصاف ستت پلءِ پوندو هو. گورنري راڄ شروع ٿيو، ته ان سان گڏ گورنر جو اٽالو ۽ طوفان به آيو، خرچ وڌي ويا. ماڻهن مٿان ڍلن جا بار ڏينهون ڏينهن ڍرندا ويا، ۽ غريب پيڙبا ويا. هوا ۽ پاڻيءَ تي به رائڙ پئجي ويو، ۽ قدرت جون مفت نعمتون مهانگيون ٿي ويون. پر اڃا به ڪجهه ساڃاءِ باقي رهي. گورنر صاحب کي اٽالي هوندي به شروعات ۾ فقط 2 صلاحڪار هئا، جي هڪ ورهيه جي قليل عرصي بعد ڦري پنج ڇهه وزير ٿي پيا. هاڻ ته ماشاء الله سنڌ جي نظام شمسيءَ جا ٻارنهئي برج ڀرپور آهن انهن کان سواءِ سندن سيڪريٽري ۽ صلاحڪار ۽ ميمبر سڀئي پنهنجي حيثيت آهر پگهاردار آهن. اسيمبلي ڪوٺجي يا نه ڪوٺجي، پر ميمبرن کي هر ماهه اڍائي سوء روپيا ضرور جيب ۾ پون اهڙي اسراف اسان جو ڏونگهو ڏر ۾ وجهي ڇڏيو آهي. وري دعويٰ ته ’اسين پنهنجي ديس جي خالص خدمت ٿا ڪريون. ليڪن چونڊن تي جو ايڏا خرچ ڪيا اٿئون، تنهن جو به ته ڪجهه معاوضو ملڻ گهرجي يا نه؟‘ حقيقت ۾ ديش جي ڪابه شيوا ڪانه ٿي ٿئي. سڀ ڪو پنهنجي پيٽ جو مريد ۽ سڀ ڪو پنهنجن ڪمن ڪڍائڻ ۾ مشغول آهي. باقي ملڪ جو واهي الله. ماڻهو ڦرجي وڃن ته ڀل ڦرجن، ٻين تي ظلم ٿئي ته ڀل ٿئي، پر ميمبر صاحبن جا ڪارج ضرور سر ٿين. ويچارا وزير هي سارو وقت انهن ڦرندڙ گهرندڙ ميمبرن جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ آتا آهن، تن کي وطن جي خدمت ڪرڻ جو وجهه ڪٿان ملندو؟ ڪوبه تعميري پروگرام پيش نظر ڪونهين، جنهن تي عمل پيرا ٿين. انڌيءَ گهوڙيءَ جيان وتن ڪل ۾ الغارون ڪندا. رڳو زور اٿن سکڻيءَ اشتهار بازيءَ تي. خدا شل انهن ”چونڊن“ جو خانو خراب ڪري، جنهن اسان جي سونهاريءَ سنڌ کي ڏولائي ۾ وجهي ڇڏيو آهي! انهيءَ هوندي به شل اتحاد ۽ اتفاق جي ڏوري هٿان نه ڇڏي، نه ته اسان جا هوشيار حريف جي تارا ڦاڙيو ويٺا آهن، سي سنڌڙيءَ کي ساڻ سلهاڙي ڳچيءَ سوڌو ڳڙڪائي ويندا. پوءِ نڪا وزيري رهندين نڪا مشيري. سنڌ وئي ته سڀ ويو؟ اسين جيئرا ئي تڏهن آهيون جڏهن سنڌ جيئري آهي. اسين ڀل مرون، پر سنڌ جيئري رهي:

هوءِ مر هوت حيات، آءٌ ميائي گهوريي.

.......

من و دل گرفنا شديم چه باڪ، غرض اندر ميان سلامت اوست.

وقت آيو آهي جو پنهنجيون عبرت جون اکيون کولين، ۽ ماضيءَ کي وساري، حال کي سڌاري پنهنجو استقبال اجارين. پر جيڪڏهن شخصي طمعون ۽ انفرادي غرض اڳئين وانگر قائم رهيا، ته پوءِ خير جي اميد رکڻ اجائي آهي.

مطلب ته اڳيان پويان ظلمات آهي. ڌڻي آهي جو پنهنجو رحم فرمائي ۽ ڪرامت جو ڪڪر وسائي. ههڙو ڏڪار ۽ ههڙي اڻ هوند گذريل پنجاهه سلان ۾ ڪٿي ڪانه ٻڌي سين. سڀڪا شي چوڻي پنجوڻي مهانگي ٿي وئي آهي. اڳي هندو واڻيا ۽ واپاري رپئي تي ٽڪو آنو وياج وٺندا هئا، پر نوان مسلمان مارواڙي جيڪي ڀارت ڇڏي پاڪستان ۾ آيا آهن، سي هڪ روپئي جي راس المال تي پنج ڇهه روپيا فائدو وٺن ٿا. ڇا اهو منافعو وياج کان ابتر ناهي؟ ا اسلام پاڪ جو فرمودو آهي ته ايترو کٽيو کائو؟ جتي ڪٿي مشتريءَ تي مار آهي. نتيجي ۾، اسفل ۽ اوسط طبقي جا ماڻهو وڃن زبون ٿيندا، ۽ رڳو ڪي ٿورا اعليٰ طبقي جا ماڻهو پيا الوليون ڪن، جن ۾ ڪو به ايثار ۽ خود قربانيءَ جو انگ ڪونهي. پوءِ به اونڌيءَ کوپريءَ وارا سياستدان چون ته زندگيءَ جو معيار بلڪل مٿاهون ٿي ويو آهي! زندگيءَ جو صحيح معيار ته هي آهي ته سڀئي ماڻهو، شاهوڪار توڙي غريب، سکيا سهنجا ۽ آسودا هجن، ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي توڻ نه هجي. شال رب تعاليٰ کين سنئين سمجهه بخشي، جو چڱي مٺي جو امتياز ڪن! شل پاڪستان جي پاڪ زمين تي عنايت جي ابرن جي اوريڪ ٿئي، ۽ ان سان گڏ سونهاري سنڌ به سرسبز ۽ شاداب رهي.

سانيم سدائين ڪريين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

 

ڪراچي

14، آگسٽ 1954ع

ڪريمڏنو راڄپر

گداگري!

مئي جو ماهه پهريون سومر هو، ڪراچيءَ جي صدر واري حصي ۾، ڪوريءَ اُس ۾، هڪ فقير کي رستي جي پاسي ۾ آنهون ۽ دانهون ڪندي ڏٺم! پگهر ۾ ڇل، وار ڀنڊ، مٽيءَ ۾ ڀڀوت، ڳل تان ڳوڙهو نه سڪي، سڏڪا به پيو ڀري ۽ چوي پيو ته ”آهي ڪو، جو الله جي نالي منهنجي بکين ٻچن جو پيٽ ڀري؟ آهي ڪو الله جو بندو جو منهنجي حال تي رحم ڪري؟ يا الله! يا الله! توکي معلوم آهي ته منهنجا ٻچا به تنهنجائي بندا آهن، ٽن ڏينهن کان اَن اکين نه ڏٺو اٿن!“

اهي ۽ ٻيا اهڙي قسم جا گهائيندڙ جملا، هن جي واتان ٻڌي، لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويم، ۽ دل ڀرجي آيم، پڇڻ لاءِ فقير ڀيڙو ٿيس ته هڪ پوليس واري سائيڪل تان لهي سڏ ڪري چيو ته ”حضرت! هن بدمعاش جي مڪر ۾ نه ڦاسو. انهيءَ طريقي سان هيءُ گهڻن کي پيو ڦري اڄ هن رستي تي پيو آهي ته سڀاڻي وري ڪو ٻيو گهٽ تاڙيندو.“ عجب به لڳو ۽ ڏک به ٿيو. سوچ ۽ ويچار ۾ پئجي ويس.

هن حقيقت کان ته ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي، ته مسجد يا مندر، دائرو يا قبر، واهڻ يا شهر، پينن سان پر آهي. فقير کي ته مان ڦٽو ڪري، ڪراچيءَ کان ڪوچ ڪيو. پر انهيءَ فڪر مونکي ڦٽو نه ڪيو. جيڪو به گداگر منهنجي سامهون آيو ٿي، ته اُن جي صدا منهنجي اندر ۾ پئي گونجي! اهڙا مرد ۽ عورتون مشڪل لڀندا، جي ڪنهن به وقت سائل جي سڏ تي لبيڪ نه چون. ڇا هي سڀ فقير، جيڪي ڦري رهيا آهن، سي ”فقيري ته ڦند نه ته نسورو گند“ جو ثبوت ٿا ڏين؟ يا انهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جيڪي انگ اُگهاڙا ۽ پيٽ بکيا آهن، ۽ لاچار ٿيا ٻين اڳيان هٿ ٽنگين! ڇا هنن لاءِ سوال منهن جي ترار نه آهي؟ يا پني ڳنهي پڪا ٿي ويا آهن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته هري مري حس وڃايو اٿن، ۽ هاڻي عادت کان مجبور آهن.

فقير ڪو انڌو آهي ته ڪو منڊو، ڪو لولو ڪو لنگڙو، ڪو ضعيف ڪو زخمي، ڪو عرب ڪو عجمي، ڪو مقيم ڪو مسافر، ڪو ڇڙو ڇرمل ته ڪنهن سان ڪير شامل آخر ڪيئن حاجتمند گروهه جو ٻئي گروهه کان امتياز ڪجي! قرآن ۽ حديث ۾ خيرات ۽ صدقات جو تاڪيد سڀڪنهن کي معلوم آهي. ڀلا جنهن نموني سان هينئر خيرات ڏيئي رهيا آهيون، ڏبو اچجي، يا ان ۾ ڪي اوڻايون آهن ۽ ڪو ٻيو حل ڳولجي؟ اهي خيال پئي دماغ ۾ آيا ۽ ويا. فقير سوال ئي اهڙي نموني ٿا ڪن جو انڪار جي گنجائش ئي نه رهي. مثلاً: ”آ صبح جا سائين، ٻيڙا ٻني لائين، ڪنهن جو ڪين وڃائين! آ، رئيس جا ٻڄا جيئن! ڪا نانگي کي خدا جي نانؤ تي ڪانچڙي ڏيار! ڀيڄ قلندر، ڀٽائي گهوٽ، شاهه گودڙيا، حق حق! رئيس انهيءَ ٻچڙي مان ڪيچ ٿيندءِ! ڪوتري ڪونه پٽيندءِ! ڏنو ٻنو آهي سائين“ رئيس نه سمجهي ٿو ته صبح جي مهل آهي، نه اَن لڳو آهي نه پاڻي ڪير فقير کي موٽائي!

بؤلا شاهه جو چوهو، ڪن وڏا ۽ مٿو ننڍو، بدن ٿلهو ۽ آواز سنهو، در تي اچي بيهي ۽ ان سان گڏ هڪ ملنگ، پنهنجو معاملو شروع ڪيو ڏئي: ”درويش جي هنئين ڪير موٽائي؟ هن کي جنهن موٽايو سو سنئينءَ نه هوندو! اما، ڀر ٿالهي اَن جي، جيجل درويش در تي آيا اٿيئي، اَڏجي ويئينءَ، سڀ دک درد دفعي، هيءُ درويش سڪا ساوا ڪيو ڇڏي!“

جتي مانجهي مردن جا پير نڪري ٿا وڃن، اتي ڀلا ويچاري وسوڙل عورت ڪيئن بيهي سگهندي؟ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي فڪر ۾ مدهوش هجي، ۽ اوچتو پاسي کان دانهن ٿئي، ”او سائين!! تنهنجا دستگير بادشاهه پير، ڀٽائي گهوٽ، پنج تن پاڪ، دل جا مطلب پورا ڪندو. جاڏي پير تاڏي خير، سخين جا ٻيڙائي پار سخي، هڪڙو آنو رب جي نانوء تي ڏيو وڃ!“ ته پوءِ في الحال ماڻهو لرزجي نه ويندو؟ جنهن وڪيلن کي ڪئين ويهون ڏنيون آهن، شاهدن جي فقط مانيءَ تي ساوا نوٽ خرچ ڪيا آهن، سو دل ۾ خيال ڪرڻ شروع ٿو ڪري، ته آنو کڻي ڏجيس، ڪهڙي خبر، هن غريب جون دعائون مصيبت ٽارڻ ۾ ڪم ڏين؟

اُس ۾ ڪانوَ جي اک پيئي نڪري، ۽ فقير، ڦاٽل رلهيءَ ۾ ويڙهيل، ڪنڌ هيٺ ۽ هٿ مٿي ڪيو، صابرين ٿيو ويٺو هجي. ڀر مان لنگهڻ وارن اهل دل جي دل، پاش پاش ٿيو پوي ۽ کيسي ۾ هٿ هڻي آنو ٻٽو ڏيو پيا وڃن. هاڻي، سوال آهي ته فقط هن ملڪ جا باشندا جذبات جو شڪار ٿا ٿين، يا سڄيءَ دنيا جو اهو حال آهي؟ ڪير اهڙو ڪٺور دل هوندو جو ٻئي کي تڪليف ۾ متلا ٿيل ڏسي، خوش ٿئي ۽ ڀنجرئي نه ڀريس مگر، مغربي ملڪن هن ڏس ۾ به تفتيش ڪئي آهي. جڏهن پينن جو آمريڪا ۾ آزار مچي ويو، ته سياڻن سوچڻ شروع ڪيو، ۽ انگ اکر ڪٺا ڪيائون. حقيقتن جي تهه ۾ ويا، هن لاءِ ته معلوم ٿئين ته جن پنڻ کي پيشو ڪري اختيار ڪيو آهي، سي واقعي مجبور به آهن، يا عوام جي جذبات تي کيڏي، ناڻو ڪٺو ڪري رهيا آهن! جيڪڏهن هنن کي پيسو ڏيڻ بند ڪيوويو، ته هوء فاقه ڪشي ڪندا ڇا؟ ڇا پارڪ ئي هنن لاءِ سمهڻ جي سيج آهي؟پنجاهه هزار فقير جا انگ اکر ڪٺا ڪيائون، جن مان معلوم ٿين ته سچ پچ خيرات وٺندڙ خواهه خيرات ڏيندڙ، ٻنهي کي، حتيٰ ڪ ساري سماج کي هن مان نقصان آهي.

جن ماهرن هي انگ اکر ڪٺا ڪيا تن فقيرن کي ٻن گروهن ۾ تقسيم ڪيو. هڪڙا اُهي جن کي نه گهر نه گهاٽ، نه ٻار نه ٻچو پنهنجو من گهڙت دردناڪ واقعو ٻڌائي پيا خلق خدا کي ڦرين. ۽ ٻيا هي جيڪي باقاعدي عيالدار، گهرگهاٽ وارا آهن، ۽ ٻئي ڌنڌي ڪرڻ بدران پنڻ کي پنهنجو پيشو ڪري اختيار ڪيو اٿن. پهرينءَ ٽوليءَ ۾ اُهي فقير اچي ٿا وڃن، جن کي يا ته انگور جي مچايل رس يا آفيم سان اُلفت آهي. يا ته هو عمل جا عامل آهي. هنن کي اَٽي ٻاٽ کاڌ خوراڪ جي آڇ ڪبي، ته ڦيرو کائي روڪڙ لاءِ رڙ ڪندا. ضرورت ته پوري ٿيڻ جي ئي ڪانهي. ڪو چار پيسا ڏيئي پاسو وٺي بيهي لقاءُ ڏسي ساڳيو داستان سڀ ڪنهن اڳيان پيو دهرائبو ۽ ساڳئي طريقي سان.

ٻئي گروهه جو ته ڄڻ ابي ڏاڏي جو ورثو آهي. شهر ۾ باقاعدي گهر گهاٽ ۽ شهريت جا حق حاصل فقط روزگار لاءِ هو ٻاهر نڪري وڃن ٿا، ۽ مهل يا ڪمهل اچي گهر ڀيڙا ٿين ٿا. اکين جي ڇپرن کي کونئر سان قابو ڪرڻ يا منڊڪائي هلڻ ته ماڻهو رحم کائي ڪجهه ڏين اُتي جي فقيرن ۾ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن ڪا هٿراڌو ٽنگ اٿس، ته پيچ ڪڍي ٿو ڇڏي. نه فقط ايترو، پر مزوريءَ تي ماڻهون رکي، ڦيٿن واريءَ ڪرسيءَ تي پاڻ کڻايو پيو هلي. عجيب عجيب طرقن اختيار ڪرڻ ۾ فقيرن به ڪافي فڪر ڪيو آهي، ۽ دماغ هلايو آهي. اهڙي نموني سان ڄنگهه ۽ ٻانهن بنائڻ، جو هلڻ سان ائين معلوم ٿئي ته هن کي اڌ رنگ آهي، هنن جي ڏائي هٿ جو کيل آهي. ٻانهن ڪلهي کان نڪتل لڳي، ۽ هٿ جون آڱريون مڙيون پيون هجن، اهڙا به پينو اُتي پيا آهن!

پينو عورتون، هڪ بوٽ جي کڙي ڊگهي ته ٻئي جي ڇوٽي رکي، منڊڪائي هلڻ سان ماڻهن جي همدردانه طبيعت تي سهڻو وار ڪن ٿيون. ٽاليڊو ائني (Toledo Annie) نالي هڪ عورت جي صورت ۾، آمريڪا جي پوليس کي هن نموني جو هڪ بهترين مثال دستياب ٿيو. هن جي عمر ٽيهن سالن کان به هيٺ هئي، سونهري فريم واري عينڪ پهري جا هلندي هئي، ته ائين پيو معلوم ٿيندو هو ته ڪنهن سڪول جي ماسترياڻي آهي، ۽ هيتري هلڻ چلڻ ۾ تڪليف جي باوجود قوم جي خدمت ۾ مصروف آهي نه فقط ايترو پرٽنگ کي دڏ کان ٻاهر ڪڍي هلڻ جي اهڙيءَ ته استعمالي هيس جو ڪير به سمجهي نه سهگندو هو ته هيءَ سڀ هٿ جي هنئين آهي.

ڪي فقير وري اهڙي طريقي سان رستي تي ويهي ٿا رهن. ڄڻڪ هنن کي هڪ يا ٻئي ٽنگون ڪونهن. خاموشيءَ سان هڪ هنڌ، بنا رلڻ جي پيئي ڪمائي ٿئي. مسٽر چيسٽر ارونگ جي چوڻ مطابق ڪي ته اُستاد اهڙا آهن، جو بغلن هيٺان گهوڙيون پاسي تي اُڇلي، اهڙيءَ طرح کڻي ٿا پاڻ اُڇلين، جو هڪدم ماڻهو هنن جي ٽنگن جو اهڙو ضعيف حلا ڏسي، رحم کائي پئسن جو مينهن وسائين ٿا.

نيويارڪ جي پوليس کي هڪ ڏٽو مٽو مڇن وٽيل، ۽ سيني اُڀريل پهلوان هٿ آيو، جو گذريل وڏيءَ لڙائيءَ جو زخمي ٿيل سپاهي هو. هن کي لڙائيءَ ۾ مٿي جي پوئين حصي ۾ چوٽ لڳي هئي، جنهن کي ڊاڪٽرن هڪ چانديءَ جي پٽ سان حفاظت ۾ رکيو هو. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن چانديءَ جي پٽ تي کل به ٿورو پاسن سان ڪنهن حد تائين چڙهي آئي. هيءُ ڇا ڪندو هو جو رستي تي هلندي هلندي، ڀر وارا ماڻهو جاچي اوچتو دانهن ڪري کڻي پاڻ ڦٽو ڪندو هو. تان جو ڪيپراٽي فرش تي وڃي اهڙيءَ طرح لڳندي هئس، جو اهو پٽ وڄڻ لڳندو هو! بس پوءِبلڪل بيهوشيءَ وانگر مڪر ڪري بنا چرڻ پرڻ جي ڪو وقت پيو هوندو هو، تان جو سندس رازدان ڇاڙتا اچي کيس کڻندا هئا، ۽ پر فريب همدردي ڪندا هئا. جي ڪو پڇندو هو ته ڪيئن ڪرئين؟ ته گهٻراهٽ سان چوندو هو ته شايد بک جو اورٽ اچي ويو، ته ماڻهو سمجهڻ لڳن ته ويچاري کي ڪجهه کائڻ لاءِ به ڪونهي. اهڙي ڦند ۾ گهڻيئي ڦاسن ٿا، مگر ڳنڍ جا ڳوڙها مت جا موڙها ته جهولي حاضر رکن ٿا. هن پوليس سان سچي ڪئي ته اهو پٽ هن کي ڏاڍو ڪم ڏيندو هو.

ارونگ ته ايستائين به وڃي ٿو ته جڏهن اوهان گمان ڪرڻ لڳو، ته ڪم از ڪم هيءُ ماڻهو ته امداد جو مستحق آهي، تڏهن به توهان کي يقين سان گذشته تجزيي مان ٻڌاءِ سگهبو ته گهڻي قدر اوهان غلط آهيو. ممڪن آهي ته جنهن کي اوهان مسڪين سمجهو آهي، سو اوهان کان به روزانو زيادهه ڪمائيندو هجي. نيويارڪ ۾ هڪ ٻاويهن سالن جو فقير هو، تنهن کي هوٽل جي نوڪر، هوٽل ۾ اندر اچي پنڻ نه ڏنو. هن غصي ۾ اچي نوڪر کي ڪجهه زخمي ڪري وڌو. پوليس هن کي پڪڙيو، ۽ هن جي باري ۾ معلوم ٿيو ته هن کي شاهوڪارن جي محلي ۾ پنهنجي رهائش جو مڪان آهي، ۽ بئنڪ ۾ به ٽيهه هزار کن روپيه جمع اٿس. لاس اينجلس LOS) (ANGELES ۾ هڪ فقير وٽان پاس بڪ هٿ آيو جنهن ۾ هن جا 25 هزار رپيه جمع ٿيل نظر آيا. هت  آمريڪا جي پوليس کي هڪ ته اهڙو فقير هٿ آيو، جنهن کي هڪ لک پنڌرهن هزاررپيا هئا اُتي ويهه في ڪلاڪ فقير جي ڪمائي ته رواجي ڳالهه آهي. پر، اهڙا هوشيار ۽ چالاڪ فقير به هٿ آيا آهن، جن کي ڪلاڪ ۾ ٻه سو رپيا کن مليا آهن.

مسٽر گيٽس (Mr: Gates)، جو پينن ۽ انهن جي مڪرن کي سمجهڻ ۾، دنيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. خود فقير ٿي ڪو وقت هليو. هو صاحب فرمائي ٿو ته ڏهن ۾ فقط هڪ به مشڪل سان ٿو هٿ اچي، جو پنهنجي صحيح حقيقت ۽ حڪايت پيش ڪري. هڪ فقير جي ڳالهه ٿا ڪن ته هن ٻيا به گهڻيئي ڌنڌا اختيار ڪيا، پر پنڻ جهڙو سڻڀو ڌنڌو ٻيو ڪونه ڏٺائين. هڪڙي سائينءَ جي سنوارئي سائل کي، ته ڪئين وڏا وڏا شراب جا گتا نيويارڪ جهڙي شهر ۾ آهن.

هيءَ ڳالهه قبول ڪرڻ کان بعيد ڪانهي ته، ڪئين فقير ڀڃ چٽو آهن، جو اڄ مليو سو اڄ هضم. مگر اها ڳالهه يقيني آهي ته ملي بيشڪ جام ٿو. هتان جو فقير جيتوڻيڪ آمريڪا جي فقيرن جيترو نٿو ڪمائي، مگر هتان جي حالتن مطابق منهنجي قياس موجب، ڪو گهٽ انگ ڪونه هوندو. هيءُ ته آمريڪا جهڙن ملڪن جا ’مشڪ از نمونه خروار‘ واقعات آهن. جيڪڏهن سڀ يا قريب قريب سڀ واقعا بيان ڪجن ته جيڪر هڪ مستقل ڪتاب ٺهي پوي. مون کي هن شاهوڪار ملڪ آمريڪا ۾ سنه 1953ع ۾، ڇهه مهينا رهڻ جو موقعو مليو، ۽ اوهان کي هيءَ ڳالهه ٻڌي تعجب لڳندو ته سواءِ هڪ يا ٻن ماڻهن جي مون کان ڪنهن به پيسو نه گهريو، ۽ نه ڪو نطر چڙهيو. ائين ته چئي ڪونه سگهبو، ته ڪو هن ملڪ ۾ گداگري آهيئي ڪانه، مگر ايترو ته چئي سگهبو ته گهٽ مڙيئي آهي. هن نحوس کان، نه انگلنڊ نه هالنڊ، نه ايران نه افغانستان، نه هندستان نه پاڪستان آجا آهن. فرق شايد ايترو هجي ته ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ. پنهنجي ملڪ پاڪستان جا فقير جيڪي رنگ ۽ ڍنگ اختيار ٿا ڪن سي داهرائڻ به مصلحت کان خالي ڪين آهن.

”سائين! ڀاڙي ۾ فقط چار آنه کڻي پيا آهن. روڪ نه ڏيو ٽڪيٽ وٺي ڏيو. اسان نوان ماڻهو، رات هڪ دليچو منهنجا پيسا ڪڍي ويو“ نه سج کٽي نه ٻِچ کٽي هن درويش جي اها هر روز جي تنوار آهي.

”سائين ڀلي سونهاري پڙهڻ جو رات ڏينهن شوق آهي، ٻيا پيسا هٿ ڪيا اٿم، مٺائيءَ ۾ هڪ رپيو کٽي پيو آهي“ ماڻهو دل ۾ خيال ٿو ڪري ته مون کان ته پڙهڻ نٿو ٿئي، ڪم از ڪم جو پڙهي ٿو اُن جي ته مدد ڪيان.

”السلام عليڪم! حضرت پاڙي ۾ هڪ لا وارث شخص فوت ٿي ويو آهي، هن جي ڪفن دفن لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي اٿم. اوهان کان به جيڪي سري سگهي رپيو ٻه ڏيو.“

”سادات آهيان بابا! خيرڙو ڏيار ۽ ٻين وٽان به ڳوٺ مان خير وٺيو اچ!“

”موءمن مولائي! ٿيندئي سڻائي، ڏئي وڃ نالي الله جي!“

”آهي ڪو هن ڪچهريءَ ۾ مرد موءلا، جو سائينءَ جي نالي تي هڪ رپيو ڏئي. فقط هڪ رپئي جو سوال آهي. کائيندي خرار کٽي ويا. ڪئين سڪندر ۽ دارا هليا ويا ڏهه دنيا ستر آخرت، ڏنو ٻنو آهي بابا!“

الفي ڪنڌ ۾ زنجير ڄنگهه ۾، هڪ طرف پيو ڏسجي ته مرلي ۽ نانگ، باندر ۽ ڏانگ ٻئي طرف طرف ڊاڪٽر مس ڪلير (Dr: Miss Kcller) جا اکين کان معذور، ڪنن کان ٻوڙي ۽ زبان کان گونگي آهي. انڌن ٻوڙن ۽ گونگن کي دنيا ۾ رهڻ لائق بنائڻ لاءِ دنيا جي دوءري تي نڪتي: ته ٻئي طرف فقير، جيڪي حمال جهڙو بدن رکن ٿا، رپئي جيڏيون مهرون هڻايو پيا ملڪ ڦرين! هڪڙا سفيد پوس نؤجوان نوان نوان واقعا بيان ڪري، پيا شڪار ڦاسائين: ته ٻيا پينشن وٺڻ بعد، گل ناز شاهه بادشاهه سڏائي، مٿي تي گل ٻڌي پيا ملڪ لٽين.

ان ۾ ته شڪ ڪونهي ته حاجتمندن جي حاجت روائي ڪرڻ لازمي آهي. پر ڇا انهيءَ نموني تي، جو هميشه جي واسطي هو هن دنيا جي تختي تي بيڪار پرزا ثابت ٿين! پنهنجي غيرت ۽ خودداري، حلم ۽ بردباري، سمجهه ۽ سنو پرائي وڃائي ويهن ڪم کان عار ڪن، ۽ ٻين مٿان بار ٿين قدرت جي ڏات ۽ امانت جي قدرشناسي ۽ صحيح مصرف ئي نه رهي، هنن کي جڏهن پنهنجي حال تي ڇڏيو ٿو وڃي ته نه فقط قوم جي پيداوار ۾ اضافو نٿا ڪري سگهن، پر قوم جي ڪمائيءَ تي هڪ قسم جو بار ثابت ٿا ٿين. اُهي فرد بلڪل ٿورا آهن، جيڪي ڪم ڪرڻ جهڙائي نه آهن. جيڪي ڪم ڪرڻ جهڙائي نه آهن، انهن لاءِ ته قوم تي واجب آهي، ته هنن جي واسطي هڪ انسان وانگر رهڻ لاءِ خوراڪ، پوشاڪ، رهائش و تعليم جو مڪمل انتظام ڪري! پر جيڪي قوم کي ڄور وانگر لڳي، چوسي چٽ ٿا ڪن، اُنهن کي راهه راست تي آڻڻ جو انتظام ڪرڻ گهرجي.

هن وقت اسان وٽ منهنجي خيال ۾ ڪي به انگ اکر موجود ڪونهن، جن کي مدنظر رکي، اقتصادي لحاظ سان سمجهي ۽ سوچي ڪو جوڳو بندوبست ڪجي. هن ملڪ ۾ فقيرن جا ڪيترا قسم آهن، سا ڳالهه به قابل تفتيش آهي. مگر جيڪڏهن گهريءَ نطر سان هن مسئلي جو مطالعو ڪبو ته، هيءُ معلوم ضرور ٿيندو ته ڪنهن به ملڪ جي سماجي زندگيءَ ۾، ڪا ضرور اهڙي ڪمي آهي جا ڪن فردن کي پنڻ تي مجبور ٿي ڪري ۽ اهو ممڪن لڳي ٿو ته جيڪڏهن انهن ڪمين جي دور ڪرڻ ۾ صحيح قدم کنيا وڃن، ته ممڪن آهي ته پنڻ جيڪڏهن بند نه ٿئي ته به ڪافي حد تائين گهٽ ضرور ٿي وڃي.

ٽيڪساس ائگريڪلچرل ڪاليج ۾ هڪ پوسٽ آفيس جي ڪنڊ ۾، هڪ مرد ۽ هڪ عورت ڏٺم، جي ٻئي نابين هئا. مگر رسالا وڪڻي روزي ڪمائي رهيا هئا: ان جي معنيٰ ته عوام کي ان درجي تائين ڪنهن طريقي سان آندو ويو آهي، جو انڌن کي به ڌنڌو ڪرڻ لاءِ ميدان خوشگوار آهي.

جيڪڏهن هن گروهه کي، جنهن حال ۾ مست آهن، ڊگهو رسو ڏيئي، ڇڏيو ويندو ته اُنهن مان جيڪي سٺو دماغ رکن ٿا، اهي پنهنجي دماغ کي بيڪار معاملن ۾ استعمال ڪري، پاڻ کي به اخلاقي نقصان هيٺ آڻيندا رهندا، ۽ قوم کي به انهن جي خداداد لياقت مان ڪوبه فيض حاصل نه ٿيندو. هوند، ڪي مرد مجاهد عملي ميدان ۾ ٽپي پون ۽ اجتماعي طريقي تي سائلن جي سڄڻپائيءَ وارا ڪم شروع ڪري ڏين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com