سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:10 

خليل کوسو

 

 

 

 

سنڌ جو سڄڻ ۽ سورهيه

شهيد شادي خان کوسو

مادر وطن سنڌ، دليرن جو ديس ۽ ڏاتارن جو ڏيهه رهي آهي. هن مردم خيز مٽيءَ جي خمير مان، اُهي اڻ ڳڻيا انسان پيدا ٿيا، جن پنهنجي ڌرتيءَ جي چپي چپي جو دفاع ڪندي، جان جو نذرانو پيش ڪري، هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويا. اهڙن ڪنڌارن مان سنڌ جي اڳوڻي علائقي، ڇهوٽڻ جو گورنر شهيد شادي خان کوسو پڻ هڪ آهي. کوسن کي عام طرح تاريخ ۾،  خاص ڪري انگريزن سنڌ دشمنيءَ تي مبني جيڪي ڪتاب لکيا، ان ۾ هنن سنڌ جي سپوتن کي ڌاڙيل، ڦورو ۽ لٽيرا لکيو، پر جنهن به سنڌ جي سڄڻ، مادر وطن جي دشمنن سان دوبدو دنگل ڪري، سندن جنگي منصوبا تباهه ڪري ڇڏيا، گهڻو ڪري انگريزن پنهنجي دور ۾، ماتر ڀومي لاءِ وڙهندڙن کي، ڌاڙيل يا باغي سڏيو، جنهن جا مثال تاريخ جي ورقن ۾ موجود آهن.

ميرن حڪومت جون واڳون سنڀاليندي سنڌ جي سرحدن ڏانهن توجهه ڏنو. سرحدي پٽي تي آباد، کوسن، چانڊين، رندن ۽ لُنڊن کي مضبوط ڪيو، انهن بلوچن مارواڙ  ۽ ڪڇ کان سنڌ تي هلان ڪندڙ تي جوابي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. ڪيترا دفعا کوسن، چانڊين، رندن ۽ لُنڊن پنهنجي وطن جي ماڻهن جي پلاند ۾ خوب معرڪا ڪيا. اهو جوابي حملن وارو معاملو، سنڌ جي عالمن جي فتويٰ هيٺ به آيو جنهن ۾ مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي (مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو پوٽو) کوسن جي مارواڙ وارن معرڪن جي حق ۾ هو، جڏهن ته مٽيارين وارو مخدوم عثمان انهن جي خلاف هو، ”مقالات قاسمي“ ۾ لکيل آهي ته:

”تيرهين صديءَ جي مُنڍ ۾، ٿرپارڪر ۾ رهندڙ کوسن بلوچن جو معاملو، عالمن لاءِ بحث ۽ فتويٰ نويسي جو ڪارڻ بڻيو. کوسا ٻروچ سنڌ جي سرحدي پٽي، ڀر وارين رياستن ۾ گهڙي ڌاڙا هڻندا هئا ۽ غير مسلم عورتن ۽ ٻارن کي قيد ڪري ايندا هئا هاڻي اسلامي طرح، مفتين جي آڏو سوال آيو ته، ان کي جهاد سڏجي ۽ عورتون ٻانهيون بڻايون وڃن يا نه؟ مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي کوسن جو طرفدار هو. ان کي جهاد سڏي، مال کي مباح ۽ عورتن ٻارن کي، ٻانهيون ۽ غلام بڻائڻ جي فائدي ۾ هو ۽ مخدوم محمد عثمان مٽيارين وارو، انهن کي ڌاڙيل غاصب ۽ چور سڏي رهيو هو. اُن تي مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي کي اهڙو ته جوش آيو جو 1209هه (1788ع) ۾ هڪ رسالو ”دماج المغنم“ مخدوم عثمان جي رد ۾ فتويٰ طور لکيو ۽ انهن رياستن کي درالحرب سڏي، انهن سڀني ڪمن کي نه رڳو جائز، پر عين ثواب لکيو(1).“

اين.ايس ريڪس لکي ٿو ته: کوسا، ڪلهوڙن سان گڏ سنڌ ۾ آيا، 1782ع ۾ جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي تڏهن کوسن پاڻ کي مارواڙ ۽ سنڌوماٿريءَ جي وچين صحرا ۾ پکيڙي ڇڏيو (2).

ميرن جي حڪومت شروع ٿي ته، ميرن سنڌ جي سرحد جي حفاظت لاءِ، کوسن کي وسايو لُڏاڻي، بليلاڻي ۽ گهمڻاڻي کوسا جوڌپور ۽ مارواڙ جي سرحد سنڀاليندا هئا. ان وقت کوسن ۾، ڀارا خان، شادي خان ۽ الهداد خان مشهور ٿيا. الهداد خان گهمڻاڻي کوسو ”ارٽي“ ڳوٺ (ٻاهڙ مير) وٽ فرنگين جي فوج جي جنرل جئڪسن سان مقابلو ڪيو ۽ شهيد ٿيو ويو(3). ڀارا خان کوسو به وڏ مٿير مڙس هو، ڀارا خان والهوٽي (لڳ جيسلمير) جو والي هو (4). ڀارا خان به سنڌ جي سرحد تي انگريزن سان خوب چڪريون کاڌيون، ڀارا خان کي ڪرنل تروٽ چيو ته، سرڪاري رسالي ۾ شامل ٿي، جنهن تي ڀارا خان، پنهنجي جامي جي ٻانهين مٿي ڪري، ڪرنل تروٽ کي چيو ته ”هي ڦٽن جا نشان توسان وڙهندي ٿيا اٿم، سو ڪيئن ڀرتي ٿيندس، چوراسي زخمن جا نشان هئس (5). لُڏاڻي  کوسن به سنڌ جي تاريخ ۾، سخاوت ۽ سورهيائي جا اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن، انهن به انگريزن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.

پراڻي پارڪر ۾ منگهارام اوجها لکي ٿو ته: ”1869ع ڪُٻڙي (ننگر پارڪر) جي ڪاپڙي خان (اول) کي ڪرنل تروٽ ڪيترو به لالچايو، پر هو نمڻ وارو نه هو، ڪاپڙي خان کي ڪرنل تورٽ چوائي موڪليو ته، هُو ساڻس تنبوءَ ۾ اچي ملاقات ڪري، پوءِ هن (تروٽ) تنبوءَ جا رسا هيٺ ڪرائي ڇڏيا، ان لاءِ ته ڪاپڙي خان تنبو ۾ ايندو ته ڪنڌ هيٺ ڪري ايندو، ائين سمجهو ويندو ته هُو نمي آيو آهي. ڪاپڙي خان تنبوءَ جا رسا هيٺ ڏٺا ته، تڏهن تلوار سان تنبوءَ کي چيري سنئين ڪنڌ هليو ويو. اها بهادري ڏسي ڪرنل تروٽ دنگ رهجي ويو، ڪاپڙي خان اول جو پٽ، جلال خان وڏو سخي هو، ڪوَين سندس ساراهه ۾ بيت ڏنا.

نانو جبرو شير سنگهه، ڏاڏو خان ڪمال

موتي سپيان، مانهلو، جس کٽڻ جلال

اونچو ٻيسي شينهن جيئن، گينور چالي چال

موتي سپيان مانهلو، جس کٽڻ جلال (6)

ميرن جي حڪومت جي پڄاڻيءَ واري دور ۾، جهونڊڻ تعلقي نگر پارڪر جو، رحم علي لُڏاڻي کوسو، جيسلمير ويجهو گُڙهي نگر ۾، اتي جي راڻن هٿان مارجي ويو. رحم علي کوسي جي پلاند ۾ گُڙهي نگر جي ستن راڻن جو سر قلم ڪيو. اهو واقعو ايڏو ته مشهور ٿيو جو، سگهڙن شيروکوسي جي ساراهه ۾ ڪيترائي بيت چيا، تن مان هڪ بيت هٿ آيو آهي:

شيرو اٿئي شير، متان اک اڙائيين

ڪيهر جيئن ڪر کڻي، ڀنڀا جنهين ڀير

راڻا تنهين وير، گهائي ٿو گڙهي نگر جا (7)

لُڏاڻي کوسن مان ”ڪنگ آف ريگستان“ رئيس ڪاپڙي خان کوسو سنڌ جي مثالي شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ سنڌ ۾ عام چوڻي مشهور آهي ته ”تون ڪهڙو ڪاپڙي خان آهين“. ڪاپڙي خان جي اولاد مان رئيس نمني خان کوسو (اڳوڻو تعلقي ناظم نگر پارڪر) رئيس عبدالرحيم خان، رئيس اسماعيل خان وڏا راڄائتا ماڻهو آهن.

بليلاڻي کوسن مان، مير خان کوسو جنهن کي انگريزن 1922ع ۾  اُتر گجرات جي شهر شريعت ۾ ڦاسي ڏني. مير خان جو پٽ سُهراب خان کوسو به پنهنجو نالو ڇڏي ويو. مير خان جو اولاد ميوو ۽ دريا خان هينئر تعلقي ننگر پارڪر جي ڳوٺ ڌڱاڻي ۾ مقيم آهن. بليلاڻي کوسن مان بڙتلاءَ وارو رئيس امير خان به وڏو سخي مرد آهي، سنڌ جو ڀلوڙ شاعر ايوب کوسو به بليلاڻي کوسو آهي.

شادي خان ولد عزت خان گهمڻاڻي کوسو، ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو، ڪافي جستجوءَ جي باوجود، هيڏي ساري سنڌي جي سپهه سالار جي جنم جي تاريخ اڃا ڪٿان ملي نه سگهي آهي. سورهيه شادي خان ميرن طرفان، اڳوڻي سنڌ جي ڪجهه حصي جو گورنر يا سپهه سالار هو، سندس هٿ هيٺ هيءُ علائقا هئا. ڇهوٽڻ جبل، ۽ ان جي پسگردائي وارو سڄو ملڪ (بعد ۾ تعلقو ٻاهڙ مير رياست جيسلمير) ان جون حدون هيءُ هيون ”ٻڌي ٻائري کان وٺي رامسر جي ڏونگرين کان وٺي ڏکڻ اوڀر، ڇهوٽڻ جبل تائين، ڇهوٽڻ جبل کان وٺي ڌُوريمِنون جبل تائين. تڏهن  چيائون ته:

ڇليو هي ڇهوٽڻ جا، وڌ وڌ ڪر واکاڻ

ڏونگر ڇو ٿو ڏهڪين، تو ۾ کوسو شادي خان (8)

انگريزن جي هندستان تي قبضي جي بعد، ان جون لالچي نگاهون سنڌ ڏانهن کڄڻ لڳيون، ان دوران سنڌ جي سڄڻ ۽ سورهيه شادي خان کوسي، انگريزن سان، پنهنجي ڌرتي جو دفاع ڪندي وڏا جنگي معرڪا ڪيا. ٻن ٽن مقابلن ۾، انگريز جي فوجي پلٽڻ کي هٽايائين، هڪ مقابلي ۾ ڪلڪتي جي فوجي لڪڙ سنگهه کي ماريائين.

هاتڪ هُتيءَ ڏنس، پارسي ۾ پار

ته لڪڙ سنگهه اٿئي لاڏڪو،ڪلڪتي جو ڪمدار

هڻيس هوند هٿيار، هڪڙا سُڻن ٻيا سکن گهڻو

اُتي کوسي کڙڳ کڙو ڪيو، تابش گهڻي تاءَ

لنگهايائين لڪڙ سنگهه کي، ڪيئن پالڪي ۾ پرزا

سپرد ڏنائين ساهه، جو دست چڙهيو هو ديوجي (9)

شادي خان جي سورهيائيءَ جون ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙي ويون، ان وقت سوڀاري تڙ (تعلقي مٺي) جي سيد جهندولي شاهه پٽ فخرالدين شاهه جي واتان دعا جا هيءُ لفظ نڪتا ته

سنڌ به شادي، هند به شادي

ٿرين شادي، برين شادي

بحرين شادي

هڻ ڙي شادي هڻ

آخرڪار انگريزن، جيسلمير ۽ جوڌپور سان عهدناما ڪيا ته، هُو شادي خان جي ڪابه مدد نه ڪندا، خود شادي خان ڏانهن، معتبر ماڻهو موڪليائون ته، کيس ڇهوٽڻ ننگر پارڪر ڇاڇري ۾ يا جتي چوي، اتي جاگير ڏني ويندي، پر شادي خان انگريزن جي سڀني ڳالهين کي ٺُڪرائي ڇڏيو، ان وقت فرنگي فوج جو اڳواڻ جنرل جئڪسن هو، تنهن چوائي موڪليو ته، تلوار ڇڏ! اتي شادي خان چوائي موڪليو ته ”تلوار سر ساڻ آهي، جي سر سلامت آهي ته تلوار نه ڇڏيندس.“

لت پت لهو ساڻ، هوندي گڏ گڙي ۾

يعني رت سان ڀريل تلوار گڙي يعني گلي سان گڏ هوندي دشمن چوڏهن سئو (1400) لشڪر ساڻ ڪري اچي گهيرو ڪيو، شادي خان کي چائيون ته، هاڻي چوٽي ڇوڙي آ، يعني مٿي اگهاڙو پيش پئو، ۽ آڻ مڃ شادي خان نه آيو چيائين ته

ايڪ سون لڙڻا هي، لاک سون لڙڻا هي (10)

يعني هڪ سان وڙهڻو آهي ته لک سان وڙهڻو آهي. آخرڪار هيءُ سنڌ جو سورهيه ۽ سپهه سالار، ڪميت ڪُڏائي، ڌرتي جي دفاع لاءِ ميدان جنگ ۾ لهي پيو، هن مٿير مڙس، تلوار سان دشمن جون ڌڄون اُڏائي ڇڏيون، اوچتو دشمن جي ٽولي منجهان گولي فائر ٿي  سا سندس سيني مان پار ٿي وئي. هن سنڌ جي سورهيه جرنيل، بهادر ۽ سپهه سالار گهوڙي چڙي جام شهادت نوش ڪيو، پوءِ به هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي هٿ ۾ گهوڙي جي واڳ هئس، ڪافي دير تائين فرنگين جا فوجي، ويجهو نه آيا متان اوچتو حملو نه ڪري، کيس وڏي اعزاز سان ٻاهڙ مير ويجهو ڇهوٽڻ جبل تي دفن ڪيو ويو. سندس مزار تي هر سال ميلو لڳندو آهي ڇهوٽڻ ۾ جڏهن ڪنهنجي شادي ٿيندي آهي ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گهوٽ ڪنوار شهيد شادي خان جي قبر جي زيارت ان نيت سان ڪن ٿا ته، اسان کي پٽاڻو اولاد به سورهيه پيدا ٿيئي (11) شهيد شادي خان جي شهادت جي تاريخ، سال اڃا ڪٿان ملي نه سگهي آهي، پر اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سندس شهادت 1835ع کان 1840ع ڌاري ٿي سگهي ٿي. انگريزن، کوسن جي جوانمردي ۽ دليري کي ڏسي ”کوسا پليس“ قائم ڪيو، شادي خان جي شهادت کان پوءِ، سندس خاندان جا ڪي افراد، ڇهوٽڻ ۽ ان جي آسپاس رهيا، ڪي وري تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ ”سامي ويري“ ۾ اچي ويٺا، 1971ع واري جنگي معرڪي کان پوءِ، جيڪي ”سامي ويري جا کوسا“ سڏبا هئا سي هينئر ”بلوچ محله“ ننگر پارڪر ۾ رهن ٿا، شادي خان جي خاندان مان، سدا حيات مسڪين جهان خان کوسو به هڪ آهي، ان کان علاوه، گل حسن خان، راجا خان، دلبر خان، غلام مصطفيٰ خان، ڊاڪٽر علي مردان، عباس خان، سردار خان (اڳوڻو يسي ناظم ننگر پارڪر) حاجي جيئندو خان، ولي محمد خان ۽ ٻيا اهل علم ۽ وڏا مهمان نواز آهن. هاڻي شادي خان جو اولاد شادياڻي ۽ ڀارا خان جو اولاد ڀاراڻي سڏائي ٿو، جيڪي مٿي گهمڻاڻي کوسا آهن.

حوالا ۽ ذريعا

(1) مقالاتِ قاسمي، آڪٽوبر 2000ع، مرتب- ڊاڪٽر مظهر الدين سومرو، ص 123، نفيس پرنٽنگ پريس لچپت روڊ حيدرآباد.

(2) ٿر ۽ پارڪر جو احوال، 2005ع، اين.ايس ريڪس، مترجم- ڊاڪٽر نواز علي شوق، س، ا،س ب ص 8-9.

(3) مسڪين جهان خان کوسو، 1967ع، از مجنون بلوچ، ص 20.

(4) رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ٽيون) مرتب- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص 11، شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي.

(5) ٽماهي مهراڻ، 2005ع، مضمون نگار ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سيارو ص 15، ڄام شورو سنڌي ادبي بورڊ.

(6) پراڻو پارڪر، 1975ع، منگهارام اوجها ص 96، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ.

(7) راوي حسين بخش لُڏاڻي کوسو، عمر ستر سال ڳوٺ جُهونڊڻ تعلقو ننگر پارڪر

(8) رهاڻ هيرن کاڻ، جلد اول، سال 2000ع مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (جلد پهريون) ص 53، ضلعو خيرپورميرس، خليل ڪتاب گهر، رفيق مهيسر.

(9) حوالو ۽ صفحو ساڳيو

(10) جنگناما، 1984ع، مرتب- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص 409، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ،  وڌيڪ تفصيل لاءِ به ساڳيو ڪتاب جنگناما پڙهي سگهجي ٿو.

(11) راوي مرحوم نواز علي خان کوسو ننگر پارڪر، الهه رکيو کوسو ننگر پارڪر خميسو فقير مڱڻهار ڳوٺ چڻيندا تعلقو ننگر پارڪر.

 نوان ڪتاب

  نوان ڪتاب

 نوان ڪتاب

  نوان ڪتاب

 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

 

 

هادي آهي هڪڙو

تڏهن به هڪ الله هو جڏهن ڪجهه نه هو

جڏهن هوندو ڪين ڪي تڏهن به سو ئي سو

”وحد لاشريڪ لھ“ ثاني سندس نه ڪو

صحيح آهي سمجهيو طالبَ! مولا تو

اهو ئي اهو هادي آهي هڪڙو.

*

اڄ به اهوئي آهه جيڪو هئو اڳ

هئڻ رڳو هن جو جلوو آهي جڳ

قرب ۾ ڪلتار جي مانجهي ٿيجئين مڳ

طالب مولا مرد ٿي وٺ داور وارو دڳ

ته لڀندين ساڳيو سڳ جي پاسي ڪندين پاڻ کي.

*

هادي سو، حڪيم سو مالڪ سو، مختار

رازق سو، رحيم سو، جابر سو، جبّار

اڳ به سو، پوءِ به سو، اڙين جو آڌار

”الله الغني و انتم الفقرآءُ“ سو ئي سو سردار

طالب مولا مرد ٿي ڪر وحدت جو واپار

قادر سو ڪلتار قائم دائم ڪل تي.

سنڌي ادب ۾ هونئن ته گيت جي صنف هندي مان ئي آهي، جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته سنڌي گيت پهريان پهريان ڪشنچند بيوس ئي چيو آهي. پر پوءِ به گيت لفظ چوڻ سان اياز، گوورڌن محبوباڻي، هري دلگير، بردو سنڌي، تنوير عباسي، قيوم طراز، سروپچند شاد ۽ امداد حسينيءَ جو نالو اڳيان ضرور اچي ٿو. جن سنڌي ادب ۾/شاعريءَ ۾ گيت جون ڪيئي ڦلواڙيون لڳائي ڇڏيون، پر جيئن ته گيت لکڻ ايترو آسان ڪونه آهي جو سڀڪو ان ۾ طبع آزمائي ڪري ۽ ان جا ڪي نه وسرندڙ نمونا ڏئي سگهي. ان لاءِ وڏي جفاڪشي ڪرڻي پوندي ڪلاسيڪي ادب خاص ڪري شاعريءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻو پوندو. وسيع مشاهدو ڪرڻو پوندو. سنڌ جون ٻهراڙيون مختلف مُندن ۽ موسمن ۾ مختلف وقتن تي گهمڻيون پونديون. ٻهراڙين ۾ خوشيءَ جي موقعن تي مختلف قومن جي عورتن جا سهرا ۽ لاڏا غور سان ٻُڌڻا پوندا. ٻهراڙين جي جُهونڙين کي پاڻ ۾ ماضيءَ متعلق ڳالهيون ڪندي بغور ٻڌڻو آهي، ٻهراڙيءَ جي عورتن کي جهيڙو ڪندي ٻُڌڻو آهي، اُنهن جي پورهين ۽ نويڪلاين دوران پاڻ ۾ ٿيندڙ ڪچهرين جي واقفيت وٺڻي پوندي. جنهن سان عورتن جي اُتاوَلُينِ گهڙين ۾ استعمال ٿيندڙ فطرتي ٻوليءَ کان واقفيت حاصل ڪرڻي آهي ته انهن گهڙين ۾ بنجندڙ سڀاءَ جو به پتو لهڻو آهي. ان سموري وارتا جي حصول واري عمل مان گذرڻ کان پوءِ تهذيبي، ثقافتي ۽ ڪلچرل ڄاڻ حاصل ڪري ۽ گيت جو ماحول، سڀاءُ، ٻولي، لڀ ۽ لهجو پرائڻو پوندو. ڇو ته هن ۾ عورت جي پريم ڪهاڻي موجود هوندي آهي. جنهن ۾ هوءَ اڻ پڙهي، ٻالي ڀولي، نڪور ۽ ڊنل هوندي آهي، انڪري سندس ردعمل به فطري ئي لڳندو آهي. اهو ڳائڻ جي انداز جو هُجي، سوچڻ ۽ لوچڻ جي انداز جو هجي يا سڪتو طاري ٿي ويل انداز جو هجي، پر اُنهن گهڙين، لمحن ۽ پلڪن جو پورو پورو ادراڪ ئي هڪ بهترين گيتڪار شاعر ٿيڻ لاءِ ضروري آهي.

مير محمد پيرزادو

ڪتاب: ”ياد بهانا ڪيا“ تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org