سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:16 

علي رضا قاضي

 

 

 

چار ڪهاڻيون

 

اختصاري ڪهاڻيءَ بابت:

’دنيا ننڍڙو ڳوٺ آهي.‘ هن چوڻيءَ جي حقيقت روزمرهه جي زندگيءَ تي پوندڙ اثرن مان لڳائي سگهون ٿا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ جتي اسان ڀلي سڌريل دنيا کان سوين سال پوئتي هجون، پر انهن اثرن کان بچڻ مشڪل ڇا، ناممڪن آهي!

ادب جي کيتر ۾ به انهيءَ جون ڪجهه جهلڪيون نظر اچن ٿيون. Flash Fiction يا اک ڇنڀ ۾ ڪهاڻي لکڻ ۽ ان جو پورو نياپو پڙهندڙ تائين پهچائڻ ڪمال آهي ۽ اهو ڪمال به يورپ وارن ئي ڪري ڏيکاريو آهي.

Short-Short Story يورپ وارن جي ايجاد آهي. ادب جي هيءَ صنف يورپ ۾ فليش فڪشن جي نالي سان متعارف ٿي؛ جنهن مان مراد، اک ڇنڀ ۾ ڪا لکڻي پڙهي وٺجي ۽ ان مان مڪمل ڪهاڻيءَ جو مزو به حاصل ٿئي. هن قسم جي لکڻيءَ کي اسان هڪ ڪلاسيڪل ڪهاڻيءَ جي دائري ۾ ته نه ٿا آڻي سگهون، ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ ڪهاڻي، اردو ۾ افسانو ۽ انگريزي ۾ جنهن کي شارٽ اسٽوري سڏجي ٿو، ان کي لکڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ هڪ هزار لفظ گھربل هوندا آهن؛ جڏهن ته هن صنف ۾ ليکڪ ٽي سؤ لفظن اندر پنهنجي ڳالهه پڙهندڙ تائين پهچائي ٿو. 2000ع کان پوءِ يورپ ۾ هن قسم جي ڪهاڻيءَ کي Short-Short Storyجي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان کان پوءِ 200 لفظن ۽ 100 لفظن جون ڪهاڻيون به لکيون وڃن ٿيون. جڏهن ته 10 لفظن تائين مائيڪرو اسٽوريءَ جو پڻ رواج آهي.

فليش فڪشن ۾ Short-Short Story پنهنجي فني دائري ۽ لوازمات سبب سوشل ميڊيا تي ڪافي پذيرائي ماڻي چڪي آهي، هن حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪافي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي ڪهاڻيءَ کي ’اختصاري ڪهاڻي‘ جي اصطلاح ڪم آڻڻ جي راءِ  رکندي، هيٺ چار اختصاري ڪهاڻيون پيش ڪجن ٿيون.

(1) ……۽ پري اڏامي وئي!؟

اصل نالو سومل……… ماءُ، پيءُ ۽ پنجن ڀائرن جي دادلي ڀيڻ.

 سڄي گهر جا ڀاتي هن تان گهور پيا ويندا هئا. پڻس ته نالو ئي پري رکي ڇڏيو هئس.  هر وقت گهر ۾ ’پري…پري‘ جا آواز پيا گونجبا هئا.

 پريءَ جي ڀائرن کي پاڙي جو موچي ڇوڪرو نه وڻندو هو، جنهن لاءِ هنن محسوس ڪيو ته سندن گهر جا گهڻا چڪر لڳائي ٿو، انهيءَ جي باوجود هُو موچين جي ڇوڪري کي روڪي نه پيا سگهن. آخر ته سرڪاري گهٽي هئي ڪير ڪنهن کي ڀلا ڪيئن روڪي؟؟

جنوري جو اهو قاتل صبح، جنهن ۾ پاري قدرت جا سڀ رنگ ڄمائي سفيد ڪري ڇڏيا هئا؛ پري جي ماءُ ننڊ مان جاڳي، هن کي پري کٽ تي ستل نظر نه آئي، گهر ۾ هيڏي هوڏي گهڻو ڳوليائين، هن کي پري نظر نه آئي ششدر ٿي وئي. جنوري جي ڇتي سيءَ ۾ هن پنهنجي دماغ ۾ جُون جي نٽهڻ اس محسوس ڪئي. ڀڄندي سهڪندي  پريءَ جي پيءُ جي کٽ تي پهتي.

’پريءَ جا پيءُ، پريءَ جا پيءُ، اٿ ڏس! پري ڪيڏانهن وئي!!؟؟؟

ماءُ جي رڙين تي پريءَ جا ڀائر به ننڊ مان جاڳي پيا. مردن پاڻ کي سنڀاليو…… سڄي گهر ۾ پريءَ جي تلاش ٿي، پر پري ڪونه هئي……… ڀائرن ۽ پيءُ جي دادلي پري………اڏامي وئي هئي. خبر ناهي الائي ڪنهن سان؟؟؟

 پر اهو هن لاءِ ڪوهه ڪاف جو شهزادو ئي هوندو……… خير ڪيئن به هو……پري اڏامي وئي!!!

(2) ڌنڌلو آسمان!!

لطيف سائين جي روضي ۾ داخل ٿي زيارت کان پوءِ مان هن کي روڪي ورتو، ”ٻڌ روشني…! (هن جو نالو روشن آرا آهي، پر مان هن کي روشني سڏيندو آهيان) ”هنهههو هن ڪنڌ جي اشاري سان وراڻيو، ”موڊ ڪيئن اٿئي؟ پڇيو مانس ”اداس آهيان…!! ”ڪامريڊ ۽ ڀٽائيءَ وارو لطيفو ياد اٿئي ”نه ياد ناهي…تون ٻڌاءِ” منهنجي ڳالهه کان پوءِ جواب ڏنائين. ”هو ڪامريڊ جيڪو ڀٽ ڌڻي جي روضي اڳيان زور زور سان بيت پڙهي رهيو هو ’جاڳ ڀٽائي گهوٽ، توکي سنڌڙي تي سڏڙا ڪري‘ ۽ پوءِ روضي مان هڪ ڀونڊو نمودار ٿيو ۽ ڪامريڊ کي هڪل ڪري چيائين ته جي سڀ ڪجهه مون کي ئي ڪرڻو آهي ته تون مانيون ڀڃڻ تي آهين ڇا؟ منهنجي ڳالهه ٻڌي ٽهڪن ۾ پئجي وئي، هن جا ٽهڪ اڇا ڪبوتر ٿي ڀٽائي سرڪار جي اڱڻ ۾ اڏامڻ لڳا. هن ڪک تي هٿ رکي چيو ”علي، مون کي پيٽ ۾ سور پئجي ويو آهي، توکي چيو اٿم ته اهڙا لطيفا نه ٻڌائيندو ڪر… هن منهنجو هٿ جو سهارو وٺي، اڱڻ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهندي چيو.

اسان ٻئي پلٿي هڻي ويهي رهياسين، هوءَ اڃا کلي رهي هئي. ”ورونڪا رٿ چيو اسان وٽ زندگيءَ ۾ ڪڏهن کلڻ ۽ روئڻ کان سواءِ ڪوبه آپشن ناهي هوندو. مون هڪ قول ٻڌايو. روشنيءَ جو کلڻ ڪجهه گهٽ ٿيو. هڪ ٻيو قول آهي ته: توهان جا ٽهڪ رڙيون ڪري روئڻ هوندو آهي. اها ڳالهه ٻڌي هن مون ڏانهن نهاريو، سندس اکيون ٽهڪن جي ڪري ڳوڙهن سان ڀريل هيون.

”ڇڏ انهن قولن کي مون کي ڳوٺ جي ڪا ڳالهه ٻڌاءِ…؟؟” ها…بس هڪڙو قول، آسڪروائلڊ چيو هو ته مذاق واري انداز ۾ کلندي ماڻهن کي سچ ٻڌايو نه ته هُو توهان کي قتل ڪري ڇڏيندا.” مان هڪ ٻيو قول به هن کي نه چاهيندي ٻڌائي ويس. ”اڙي ڇڏ ڀلا انهن قولن کي، ڳوٺ جي ڪا مزاحيه ڳالهه ٻڌاءِ. روشنيءَ بيزاري واري لهجي ۾ ڳالهايو. ڳوٺ جي ڳالهه هيءَ آهي ته چاچي وريام پنهنجي ڌيءُ ڪونج کي رئيس جي ڪمدار بچل کي لک 20 هزار روپين ۾ کپائي ڇڏيو، ڪالهه ڪونج جي شادي هئي…!!! ”اها مزاحيه ڳالهه آهي…!!؟؟ هن جي منهن تان مرڪ غائب ٿي وئي، اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس، ڪڻڪ جي آڀن جهڙا سنگ پاڻ ۾ ملي ويا، نرڙ تي ڪاوڙ جا گهنج اڀري آيس. ”توکي اها ڳالهه مذاق ٿي لڳي؟؟ ڪاوڙ ۾ مون کي چيائين. ”ها ها…اها مذاق ئي آهي،21هين صدي ۾ سنڌ ۾ ڇوڪرين جو ٻڪرين جيان وڪرو مذاق ئي ته آهي. منهنجي تيز آواز ۾ ڳالهائڻ تي هوءَ هيسجي وئي، چپ ٿي وئي. چپ اسان ٻنهي جي وچ ۾ چين جي ڀت بڻجي بيهي رهي. فقط ڳوڙها هئا جيڪي اسان ٻنهي جي اکين مان جاري هئا. مان مٿي ڪنڌ کڻي آسمان ڏي ڏٺو، اکين ۾ نيرن جي ڪري مون کي آڪاس ڌنڌلو نظر آيو، اتي هاڻي ڪي به اڇا ڪبوتر نه هئا.

* * * * *

(3) ڪُتي جي خودڪشي

هن جو شمار به شهر جي لوسي ڪتن منجهان ئي هو. ڪجهه ڏينهن اڳ شهر ۾ ايندڙ ڌارين ڪتن جي حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو. ڪنڌ ۾ چڪ لڳڻ ڪري اتي گهاءُ ڪجهه وڌيڪ هئس، ويتر اتي ڪيڙا ٿيڻ ڪري ڏاڍي اذيت ۾ ورتل هو.

اهڙي حالت ڏسي هن خودڪشيءَ جو فيصلو ڪيو. پاڻ مارڻ ايترو آسان ته ناهي……!! پر پوءِ به هو ان نتيجي تي پهچي ويو ته وڌيڪ جيئرو نه رهي سگهندو. هر گهڙي هن لاءِ تڪليفن ۾ واڌارو آڻيندي.

خودڪشي ڪيئن ڪجي…؟؟ ان لاءِ هن سولو طريقو ڳولي ورتو، صبح کان شهر جي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چوڌاري چڪر لڳائڻ شروع ڪيا. هن کي آس هئي ته ميونسپل ڪاميٽي وارن وٽ ڪتن مارڻ جو زهر هوندو آهي، هن جي حالت ڏسي يقيناً سندس اڳيان مانيءَ ۾ زهر ملائي اڇلائيندا، هُو خوشي خوشي اها ماني کائيندو ۽ پوءِ سڀ تڪليفون هڪ لحظي ۾ لهي وينديون………پر هن کي اهو پسي مايوسي ۽ حيراني ٿي ته ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چوڌاري چار چڪر ڪاٽڻ کان پوءِ به هن جو ڪنهن نوٽيس نه ورتو آهي!!!

آخر هُو ٿڪجي ڪاميٽي گيٽ تي بيهي رهيو ته من ڪو هن جو زخم ڏسي، ڇتو سمجهي مارڻ جي ڪوشش ڪري. هن جي اميد تڏهن ختم ٿي جڏهن هن ميونسپل آفيسر کي هڪ ڀنگياڻيءَ سان ڳالهائيندي ڏٺو. آفيسر ڀنگياڻي جي ڇاتيءَ کي تڪيندي سرٻاٽن ۾ چئي رهيو هو ”تو واري مڙس کي ڍڪڻي ۾ ڍڪ پائي ٻڏي مرڻ گهرجي، ڪتن مارڻ لاءِ ايندڙ زهر کپائي به تنهنجي خاندان جي پوري ڪيان ٿو، پر تنهنجي مڙس جا اعتراض ۽ غيرت ختم نه ٿي ٿئي……!!”

ڪتو، وڌيڪ گفتگو نه ٻڌي سگهيو، البته ”ڍڪڻي ...ڍڪ ۽ مرڻ....“ واري ڳالهه هن کي سمجهه ۾ اچي وئي، جسم ۾ ڦڙتي اچي وييس……ڪنڌ ڍاري تيز وکون کڻندو شهر جي مين رستي ڏانهن رخ ڪيائين جتي ڪافي وقت کان ’ڍڪڻيءَ جي ڍڪ‘ کان وڌيڪ  پاڻي بيٺل هو…

* * * * *

(4) هل من ناصر ينصرنا

ڏهين محرم جو مرڪزي جلوس گهٽي مان گذري رهيو هو. ماستر هريام گهر جي اڱڻ تي مومنن پاران ’ياحسين‘ جون صدائون ٻڌي رهيو. سائنڻ سڪينه جي نوحي تي ڌيءُ ڪامنا ياد اچي ويس.

ڪامنا، جيڪا سال اڳ گهران ڀڃي وئي…!؟  ڀڄائي وئي…!؟ يا اغوا ڪئي وئي……365 ڏينهن گذرڻ باوجود  هو اهو معمو حل نه ڪري سگهيو!!

ابن زياد جي درٻار جهڙي ڪورٽ ۾ سال اڳ ڪامنا کي آخري ڀيرو ڏٺو هئائين، هرڻيءَ جيان هراسيل ڪامنا نماڻين اکين سان هن ڏانهن ڏسي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو ”بابا، او بابا…!“ ان کان اڳ جو هوءَ ڪجهه چئي، هڪ ملعون شمر جهڙو هن کي جهرڪيءَ جيان جهٽي پري کڻي ويو. هن کي ياد آيو ته اهي سڀ مولوي جيڪي سڄو ڏينهن هڪ ٻئي کي ڪافر چوندي نه ٿڪبا هئا. ان معاملي تي ڪيئن نه هڪ ٿي ويا هئا!! ۽ هُو ”هل من ناصر ينصرنا“ جي مصداق اڪيلو هو.

گهٽيءَ ۾ سينه زني جو آواز وڌي ويو. نوحه خوان ”هاءِ سڪينه هاءِ سڪينه…“ جو ورد ڪرڻ لڳو. سينه زني جو آواز هن کي فائرنگ لڳو. جڏهن ڪورٽ مان فيصلي اچڻ کان پوءِ مجاهدن خوشيءَ ۾ ڌوڙيا لائي ڏنا هئا.

هريام اکيون ٻوٽي ڇڏيون…نوحي جي هر لفظ تي هو پنهنجي ذهن ۾ ڪردار ٺاهيندو رهيو. حرمله، شمر، ابن زياد، ابن سعد، خولي ، حارث بن نوفل…سڀ ڪردار سندس شهر ۾ مسلمان مجاهدن جي صورت ۾ موجود هئا.

هن کي پاڙي جي اسڪول جو ماستر به ياد اچي ويو. جنهن 14 سالن جي ڪامنا کي سرٽيفيڪيٽ ذريعي 18 سالن جو ثابت ڪيو هو…”يزيد تي لعنت“ ……نعرو ٻڌي هن جو ڌيان موٽي آيو. کن پل ۾ هو ٻيهر ماضي ۾ هليو ويو. جڏهن ڪامنا 4 سالن جي هئي. هر عاشور جي ڏينهن پاڻ ۽ ڌيءُ کي ڪارا ڪپڙا پائي، گهٽيءَ مان گذرندڙ ماتمي جلوس کي دير تائين ڏسندو هو. تڏهن به ننڍڙي بيبي  سڪينه جو مصائب ٻڌي هُو زار وقطار روئندو هو…

…۽ اڄ به هن جي ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪري رهيون هيون. اوچتو هن هڪ پتڪڙو هٿ پنهنجي ڀڳل ڳلن تي محسوس ڪيو. هن کي لڳو جڏهن ڪامنا موٽي آئي هجي. بي اختيار وات مان لفظ نڪري ويس ”ڪامن……ا…“ پر اها ڪامنا نه هئي سندس آخري ڌيءُ انجلي هئي. جيڪا حيرت ۾ پيءُ ڏانهن ڏسي پڇي رهي هئي، ”بابا! او بابا، تون ڇو ٿو روئين…؟“

”ڪجهه به نه…بس ڪجهه به نه“ چوندي ماستر هريام پنهنجي ڳلن تان ڳوڙها اگهي ڇڏيا.

اويس ڀٽو

 

 

 

 

اڄوڪي محبت

 

پڇيومانس ته ”آخر محبت آهي ڇا ۽ ڇو ٿئي ٿي؟“

چيائين: ”محبت لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم کي اڄ تائين ڪنهن اڪابر به اهڙو بيان نه ڪيو آهي، جو ان اڳيان فل اسٽاپ آڻي ڇڏجي ۽ ٿئي ان ڪاڻ ٿي ته ڪائنات جي جڙڻ مهل محبت به جڙي هئي. اڄ جڏهن ڪائنات جو وجود توکي نظر اچي ٿو، تڏهن توکي محبت به نظر اچي ٿي، ڇو ته محبت ۽ ڪائنات هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. محبت ڪائنات سان ئي سلهاڙيل آهي. ڪائنات جي هر شيءِ مان محبت جو جلوو ۽ جهلڪ جهجهي ملندي. ڇو ته ڪائنات جي سمورين شين ۾ محبت آهي. ڪائنات ته پاڻ ئي حسين آهي. ان جي ته هر شيءِ به حسين آهي ۽ حسين شيءِ جي حسن ۾ اهڙو ته ڪمال ۽ جمال هوندو آهي جو ان کي پسڻ سان دل ان طرف مائل ٿي ويندي آهي ۽ محبت جنم وٺندي آهي پر ڪي ڪي اهڙيون حسين شيون هونديون آهن جيڪي دل کي لڀائيندڙ ۽ متوجهه ڪندڙ به هونديون آهن، جنهنڪري پوءِ ڪائنات جي ڪنهن خوبصورت تخليق سان بي بها ۽ بي انت محبت ٿي وڃي ٿي“.

پڇيومانس: ”ڀلا ماڻهو محبت ڇو ڪندا آهن؟“

ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”اهو به ڪو سوال آهي، جو جنهن جو جواب ڏجي“.

چيومانس: ”هر سوال پنهنجي جاءِ تي هڪ سوال هوندو آهي، جيڪو جواب جي طلب رکندو آهي“.

چيائين: ”بلڪل! تو سهي چيو، جيئن جو هڪ سوال، جواب جي طلب رکندو آهي، ٺيڪ اهڙي طرح جڏهن ڪائنات ۾ موجود ٻه دليون پاڻ ۾ هڪٻئي لاءِ ڌڙڪنديون آهن، هڪ ٻئي کان سواءِ رهي نه سگهنديون آهن. اهي هڪٻئي جي طلب رکنديون آهن، تڏهن اهي محبت ڪرڻ لڳنديون آهن“.

پڇيومانس: ”ماڻهو محبت کي سڪون ۽ راحت سمجهندا آهن، پر مان جڏهن ته ان کي وقت جو زيان، پريشانين، سورن، تڪليفن ۽ اذيتن جو نالو ڏيئي، ان کي فضول ۽ بيڪار سمجهندو آهيان، ڇا خيال آهي؟“

چيائين: ”محبت کي جيڪي دردن ۽ سورن جو نالو ڏيئي، ان کي فضول سمجهندا آهن، اصل ۾ انهن کي محبت جي خبر ناهي هوندي يا ته کين محبت ڪرڻ ناهي ايندي. محبت جو لفظ، راحت ۽ سڪون جي لفظن سان رقص ڪندڙ ٿئي ٿو. ڪير ٿو چوي ته محبت ۾ پريشانيون ۽ سور هوندا آهن…! پر محبت جي موجودگيءَ ۾ اهڙي قسم جو خيال نه رهندو آهي“.

چيومانس: ”اهو وري ڪيئن؟ حالانڪه محبت ڪرڻ کان اڳ ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ نظم و ضبط ٿئي ٿو، پر ان کان پوءِ ان ۾ بي ترتيبي اچي وڃي ٿي.“

چيائين: ”جيڪا ترتيب محبت کان پوءِ اچي ٿي، اها اڳ ڪٿي ٿئي ٿي؟ ڇو ته محبت جڏهن به جنم وٺندي آهي تڏهن هر شيءِ جو صحيح احساس ٿيڻ لڳندو آهي، هر شيءِ جي اهميت ۽ افاديت جي صحيح خبر پئجي ويندي آهي“.

چيومانس: ”بلڪل صحيح! جڏهن محبت کان پوءِ هڪ احساس پيدا ٿيندو آهي تڏهن اهو احساس پائيدار ڇو نه ٿئي ٿو، اهو احساس ٿوري وقت لاءِ ڇو ٿئي ٿو، اهو مستقل ڇو نه ٿو ٿئي“.

پڇيائين: ”ڪيئن…؟“

چيومانس: ”انهيءَ محبت کان پوءِ پيدا ٿيل اهو احساس جيڪو پهريان هڪ ٻئي کي هڪ ٻئي جي جذبن ۽ احساسن کي سمجهڻ لاءِ واجهائيندو آهي، جيڪو انفراديت کان هٽي اجتماعيت طرف راغب ڪرڻ جو احساس ڏياريندو آهي، جيڪو هڪ ٻئي جي خيالن ۽ سوچن کي سمجهڻ ۽ هڪ ٻئي سان هر وقت ۾ ساٿ کي سلامت رکڻ جو پيغام ڏيندڙ ٿئي ٿو. ها اهو ٿورن ڏينهن کان پوءِ ختم ٿي ويندو آهي. پوءِ ماڻهو ان سان ئي دوکو ۽ دولاب ڪندو آهي، جنهن سان هو اڳلي جي هٿ تي هٿ رکي محبت ۽ پيار نڀائڻ جا وچن ڪري ٿو. بي وفائيءَ جو چُٽو اهو محبت وارو ئي احساس ڏياري ٿو نه، جنهن جي تون ڳالهه ڪرين پئي. بهرحال، سچائيءَ جهڙو اجرو احساس اڄ ڪٿي به ڪونهي. ڪير به ڪونه ٿو ڪري“.

چيائين: ”خوداري ۽ خود غرضي وارو عنصر به سڀ ڪنهن ۾ ناهي هوندو. پنج آڱريون برابر ناهن هونديون“.

چيومانس: ”اهي ڳالهيون هاڻي فقط ڪتابن ۾ رهيون آهن. اهڙو عنصر سڀ ڪنهن ۾ سمائجي ويو آهي، ڇو ته اڄ ڪلهه سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جو وڏو فقدان ٿي ويو آهي“.

چيائين: ”نه نه، اها ڳالهه غلط آهي، اڄ به محبت جا ڪيئي لازوال داستان انهن ڳالهين جا دليل آهن. ان جو مثال: سسئي پنهون، عمر مارئي، نوري
ڄام تماچي، ليلا مجنون ۽ ٻين جو ڪافي آهي ته انهن جي محبت ۾ ڪيڏو نه خلوص، پاڪيزگي، سچائي ۽ سڪ هئي ۽ ڪيترو نه منجهن وفاداري وارو جذبو سمايل هو. ائين اڄ هر ڪنهن جي دل ۾ به سڪ ۽ ڇڪ آهي“.

چيومانس: ”انهن جي لازوال ۽ انمول محبت جو مثال اڄوڪي محبت سان ڏيڻ ڪا دانشمندي ناهي، بلڪل غلط آهي“.

اسان ٻنهي جي وچ ۾ گفتگو جاري ئي هئي جو سندس هم ڪلاس فضيلا چيس: ”حاجره! فاريا عادل کي ڇڏي هاڻي حميد سان محبت ڪرڻ لڳي آهي……“

هن اهو ٻڌي مون ڏانهن نهاريو، ڄڻ منهنجي سمورن سوالن جا معقول جواب کيس ملي ويا هجن……!

ستار پيرزادو

 

 

 

غزل –نما

 

گھورِ گھورِ فقيرا! گھورِ،
 
ساجن تان سِرُ گھورِ گھورِ.
                   فقيرا! گھور گھورِ.

ساجن آ انمول آسان جو،
 سِرَ کي نا ائين تورِ، تورِ
                     فقيرا !گھورِ گھورِ

پريت پراڻي ريت نرالي،
سڪ مان سڳڙو سورِ سورِ،
        
            فقيرا! گھورِ گهورِ

رات ٺرِي، ٿِي پريت چري،
چاهه مان چنگڙو چورِ چورِ،
            
       فقيرا! گھورِ گھورِ

ساجن تُو جي ساههِ سمايو،
ڀول ڀڃي سڀ ڀورِ، ڀورِ،
                    فقيرا! گھورِ گھورِ.

پاڻ پرين پرگھور ڪندو،
ڏک ڏريندي پنڌ ڏورِ، ڏورِ،
        
           فقيرا! گھورِ گھورِ.

ساجن تان سِرُ گھورِ گھورِ،
         
                  فقيرا! گھور گھورِ.

ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر

 

 

 

 

اسان کي نه وسارجو

 

خيرو ڏس ڪير آيو آهي؟“ پروفيسر صاحب، پٽيوالي کي سڏ ڪري چيو.

”سائين هن مهل ڪير هوندو؟“

”اڙي وري به ڏس گاڏيءَ جو آواز نه ٻڌءِ.“ پروفيسر پيٽوالي کي تڙي ڏيندي چيو.

پيٽوالي آفيس جي گيٽ کان سامهون واري روڊ تي نهاريو جتان گاڏيون هڪ ٻئي پٺيان ڊوڙينديون پئي ويون، هن پاسي تي ڪنڌ ورايو ته سندس نظر هڪ باغ ڀرسان بيٺل اڇي رنگ جي ڪار تي پئي. گاڏيءَ مان هڪ نوجوان نڪري ٻاهر آيو، نوجوان جي منهن تي ريبن جو ڪارو چشمو پيل هو ۽ اڇي رنگ جي ڪلف ڏنل ڪاٽن جو وڳو پهريل هوس ۽ پيرن ۾ پشاوري چپل پيل هئس، سڄي هٿ جي ٽيون نمبر آڱر ۾ سوني منڊي پاتل هئس. پيٽوالي کي هن ڪنڌ سان اشارو ڪيو ۽ مخاطب ٿيندي چيائين:

”ڏي خبر ماسترن جو آفيسون ڪٿي آهن؟“ پيٽوالي ٿورو گهٻرائيندي پڇيو: ”سائين خير ته آهي.“

”ها خير آهي، بس مون کي ٻڌاءِ ته نئين ماستر وقار احمد جي آفيس ڪهڙي پاسي آهي؟“

”سائين ڊاڪٽر وقار صاحب جي آفيس فرسٽ فلور تي آهي، پر سائين جن اڄ موڪل تي آهن.“

نوجوان ٿورڙي ڪاوڙ مان منهن ڦيرائي چيو: ”اڙي هيءَ يونيورسٽي آهي يا جانورن جي اسپتال. ڊاڪٽر ته اسپتالن ۾ هوندا آهن، مان توکان ولايت مان پڙهي آيل ماستر جي بابت پيو پڇان.“ پيٽوالي وري پنهنجي ذهن تي زور ڏنو ۽ سوچيائين ته اڄ ته ڀنگ به نه پيتي آهي، پوءِ مان آخر ڪهڙي ڳالهه پيو ڪيان جيڪا هن صاحب کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي.“ هو سوچڻ لڳو. هن دل ٻڌي ورندي ڏيندي چيو: ”سائين هي اسپتال ناهي هيءَ يونيورسٽي آهي، سائين ٻاهران ڊاڪٽري پڙهي آيو آهي، باقي بروبر ڪم ماسترن وارو ئي ڪندو آهي. سائينءَ کي ملڪ ورندي ڇهه مهينا ٿي ويا آهن، پر پوءِ به سائينءَ وٽ هڪ به مريض نه ڏٺو اٿم.“

اهو ٻڌي نوجوان ٿورو سوچڻ لڳو ته منهنجي ايم.اي پوليٽيڪل سائنس جي واءِ واءِ آخر ڊاڪٽر وٽ ڇو رکي اٿئون. ٿورو سوچيندي پٽيوالي تي رعب تاب کي قائم رکڻ لاءِ کيس ٻيهر چيو: ”ڀلا ٻڌاءِ، استاد ڪريم بخش ڪٿي آهي؟“

پيٽوالي يڪدم يڪ ساهي ٿي جواب ڏنو: ”سائين، استاد ڪريم بخش ويٺو آهي، ان سان ملڻ چاهيو ته ان کي ٻڌايان؟“

”چڱو ان سان ملاءِ.“

پيٽوالو: ”سائين ڪريم بخش، سائين ڪريم بخش.....“

پروفيسر ڪريم بخش: ”ڇورا توکي گهڻا چڪر سمجهايو اٿم، فون تي ڳالهايان ته مون کي ڊسٽرب نه ڪندو ڪر.“

پر سائين فون تي ڪنهن سان ٿا ڳالهايو.“
پيٽوالي هن کان پڇيو.

”ڏسين نٿو پنهنجي گهر پيو ڳالهايان.“

پيٽوالو به سمجهي ويو، سائين به مهمان اڳيان رعب ڏيکارڻ جي ڪوشش پيو ڪري ڇوته فون ڪٽي لڳ ڀڳ ٽي مهينا ٿي ويا هئا.

پيٽوالو: سائين توهان جو مزمان آيو آهي؟ ”ڪير آهي؟“

”سائين وڏيري رستم صاحب جو ڀاڻج آهي.“

اڇا… وڏيري رستم خان جو؟ ٻاهر ڇو بيهاريو اٿئيس، وٺي اچيس... سائين ڀلي ڪري آيا.“ پروفيسر ان نوجوان کي ڏسي اندر اچڻ شرط اٿي کڙو ٿيو.

”سائين ڇا پيئندا؟ ٿڌو يا گرم؟“

”ان جي ضرورت ناهي.“

”اڙي خيرو! ٻه ڪوڪو ڪولا وٺي اچ.“

پروفيسر پيٽوالي کي ٻاهر موڪليندي چيو....

پروفيسر ڪريم بخش: ”سائين ڏيو حال احوال اسان جي وڏيري جي بادشاهي ته قائم آهي.“

”جي سائين! بابا اوهان کي سلام ڏنا آهن.“ اهو ٻڌي پروفيسر صفا ٺري پيو.

”سائين وعليڪم اسلام، حڪم ڪيو. “

”سائين بس منهنجي ايم.اي جي واءِ واءِ اوهان جي هن يونيورسٽي ۾ آهي.“

”اڇا اڇا.......“

پروفيسر: ”سائين توهان ايم.اي پرائيويٽ ڪئي آهي؟“

”سائين توهان سان ڪهڙو ڪوڙ ڳالهايان، ڪنهن يار دوست ونگار وهي آهي. هاڻ بس اها واءِ واءِ ٿئي، ته ڌنڌي سان لڳان.“

پروفيسر: ”ڪهڙي ڌنڌي سان بابل سائين.....“

نوجوان: ”سائين مون کي ڪميشن جي امتحان ۾ ويهڻو آهي، ڳالهه پاڻ تائين رکجو…“

پروفيسر: ”پر اها ته سٺي ڳالهه آهي ته توهان ڪميشن ۾ ويهي آفيسر ٿيندؤ پر ان لاءِ ته توهان کي ٻه سال ٺيڪ ٺاڪ تياري ڪرڻي پوندي. توهان کي ڊزن کن پيپر پاس ڪرڻا پوندا ۽ پوءِ واءِ واءِ.“

نوجوان: ”سائين پيپر پاس ڪن نڌڻڪا، اسان کي ڀلا توهان غريب غربو سمجهيو آهي ڇا، ڇڏيو ان ڳالهه کي.....“

پروفيسر: ”ڀلا ٻڌايو ته اوهان جي واءِ واءِ ڪنهن وٽ آهي....“

نوجوان: ”سائين منهنجي واءِ واءِ استاد وقار احمد وٽ آهي.“

پروفيسر: ”ڊاڪٽر وقار احمد وٽ...“ پروفيسر ٿورو گهٻرائجي ويو. هوش سنڀاليندي......

”يار ڊاڪٽر وقار ته ڏاڍو سخت ماڻهو آهي ڪنهن جي ٻڌي ئي ڪو نه ٿو. گذريل سال پنهنجي سڳي چاچي جي ڌيءُ کي فيل ڪيو اٿس، پر گهٻراءِ نه، وڏيري رستم خان جا مون تي ڏاڍا ٿورا آهن، هن کي وڃي ايلاز منٿ ڪندوسانس.....“

نوجوان: ”سائين توهان جي ڳالهه مڃيندو يا ڪرايانس مٿان فون.“

پروفيسر: ”مون کي ان سان ڳالهائڻ ڏي، اڃا واءِ واءِ شروع ٿيڻ ۾ ٽي هفتا پيا آهن....“

نوجوان: ”سائين توهان هن سان جلد ملي مون کي ٻڌايو، نه ته پوءِ وڃي ٻيو طريقو ڪيانس.“

پروفيسر: ”يار جي ڳالهه مڃڻي هوندس ته اسان جي مڃيندو، نه ته پوءِ ڪنهن جي نه ٻڌندو.....“

نوجوان: ”ڀلا جي توهان جي نه ٻڌي ته پوءِ ٻيو ڪو طريقو....“

پروفيسر: ”دلجاءِ ڪر، ٻيا به طريقا کوڙ آهن.“

نوجوان: ”سائين ڀلا نوٽ هلايون....“

پروفيسر: ”يار هٺ کان نٿو مڙي، باقي پئسن جي ته سخت ضرورت اٿس، مري ويندو پر وٺندو ڪين.......“

”سندس پيءُ بيماريءَ جي بستري تي پيل آهي، ايترو ڪونهيس جو کڻي خانگي ڊاڪٽر کي ڏيکاريس، توکي ته خبر آهي ته اسپتالن ۾ پئسو ٿو هلي، اتي ڀلا ڊاڪٽرن جا منهن ڪا ايمانداري ڀريندي.“

”هن همراهه ته هتي به ڪنهن سان ڪين رهائي آهي، ٻيا استاد به ڪاوڙيل اٿس...“

نوجوان: ”اهي ڇو ڪاوڙيل اٿس؟“

پروفيسر: ”يار اها ڳالهه نه پڇ، هي جيئن ولايت مان پڙهي آيو آهي، هن جو مغز ئي ڦري ويو آهي، سالن کان ساڳيا نصاب پڙهائيندا پيا اچون، هاڻي وري هن جو زور آهي ته اهي تبديل ٿين، انهن جي جاءِ تي نوان ڪورس اچن، ان کان علاوه پڙهائي به جديد طريقن سان ڪئي وڃي. هاڻي ٻڌاءِ ته ٻين ماسترن کي ڪاوڙ ڇو نه اچي جو انهن کي چوي ٿو ته هو به هن وانگر ليڪچر جي آئوٽ لائين ٺاهين ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان سلائيڊن ذريعي پڙهائين....“

نوجوان: ”سائين مٿو ته واقعي خراب اٿس، ڀلا هتي بجلي پکي هلائڻ جيتري مس آهي، اها وري انهن فضول ڪمن تي خرچ ڪندو.“

پروفيسر: ”ٻيو ٺهيو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين تي جادو ڪري ڇڏيو اٿس، هن جي آفيس مان نڪرن ئي ڪونه ٿا. اها ڳالهه ته ٻين ماسترن کي صفا وڻي نٿي.“

نوجوان: ”سائين ڪيئن وڻندي، هن نئون دڪان جو کوليو آهي، ڀلا نون دڪانن هوندي پراڻيون مانڊڙيون هلنديون؟ اهي ته ڊهي پٽ پونديون.“

پروفيسر: ”سچ ٿو چوين، نئون دڪان سو به صفا مفت......“

نوجوان: ”سائين توهان جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته توهان جي ڪين ٻڌندو... لڳي ٿو ته مون کي ڪجهه ڪرڻو پوندو.“

پروفيسر: ”هڪڙي ترڪيب مون وٽ آهي!“

نوجوان: ”ڪهڙي....؟“

پروفيسر: ”مسٽر وقار موڪل تي ويل آهي.“

نوجوان: ”سمجهي ويس ته اها چارج توهان کي وٺرائي ڏيان.“

پروفيسر: ”پوءِ ته سمجهه توهان جا سڀ ڪم ٿي ويا.“

نوجوان: ”مان سمجهيو نه؟“

پروفيسر: ”نه صرف واءِ واءِ ۾ پاس پر ڪميشن ۾ به پاس.“

”اهو ڪيئن“ نوجوان پڇيو.

”بس ڳالهه پاڻ تائين رک، رڳو پنهنجي چاچي وزير تعليم کان فون ڪرائڻ جي دير اٿئي؛ جيئن ئي ان عهدي تي چارج ملي، سڀ ڪم سولا ٿي پوندا، تنهنجي ڪميشن جا پيپر به ضرور يارن دوستن وٽ ئي ايندا نه....؟“

نوجوان: ”چارج تان هٽائڻ کان پوءِ همراهه بس ڪري ڪونه ويهندو.....؟“

پروفيسر: ”کٽڪو نه ڪر، ان جو علاج آهي.“

نوجوان: ”هائو سائين.

پروفيسر: ”ان جو وقت آيو ته اهو به تو کي ٻڌائبو، اسان به رڍون ڪو نه چاريون آهن، اهڙي رڳ پڪڙيندوسانس جو رڳو ڇڙهيون هڻندو رهجي ويندو، نانگ جي ڳنر تي ڌڪ هڻڻ ايندو آهي، رڳو وڏيري جي بادشاهي سلامت هجي.“

”پوءِ ته بابا اهڙو ڊڄندو جيئن ڪامورا پنهنجي گهر وارين کان ڊڄندا آهن.“

نوجوان: ”آخر هن سان اهڙي جٺ ڪندو ڪير؟“

پروفيسر: ”ماڻهو پاڻ وٽ آهن، بس رڳو اشاري جي دير آهي.“

نوجوان: ”سائين ماسترن ۾ ته ٿوم نظر نٿي اچي، باقي ڪو ڪلارڪ ڪڙو ڪا مڙسي ڪري ۽ اک ڏيکاريس ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي.“

پروفيسر: ”ڳجهارت ڀڄي پئي، ڪامورن وارو عقل ويڙهايو اٿئي.“

نوجوان: ”اهو وري ڪيئن سائين؟“

پروفيسر: ”بابل سائين ڪامورن جون به اونڌيون سنئيون اهي ڪلارڪ ئي، ته ڪندا آهن جيئن اٺن جي پيٽ جي خبر جتن کي هوندي آهي، اهڙي نموني ڪامورن جي پيٽ جي گهرائي وري ڪلارڪن کان ڳجهي نه هوندي آهي. انهن کي اها به خبر هوندي آهي ته فائيلن جا پيٽ ڪهڙا ڪاغذ ڀريندا.“

نوجوان: ”ته اهو ماڻهو جيڪو منهنجو ڪم ڪندو، اهو ذات جو ڪلارڪ آهي.“

پروفيسر: بس سائين جڏهن اوهان انهن جي قبيلي جا سردار ٿيو، ته اسان کي وسارجو نه.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org