سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:15 

مولائي ملاح

 

 

 

جڳ سڄو جرڪاءِ...!

راشد مورائيءَ جي ياد ۾

 

جنهن ماڻهوءَ سنڌوءَ جي ڪپ تي جنم وٺي، سنڌوءَ جو پاڻي ٻُڪ ۾ پيتو هجي؛  ٻالڪپڻ جا ڏينهڙا چيڪي مٽيءَ ۾ راند رهيندي ۽ نارنگي شامون پسار ڪندي گذاريون هجن؛ ته ان جي من مان مٽيءَ جي محبت ۽ مهڪ ڀلا! ڪيئن ٿي نڪري سگھي. اهڙي پوتر روح کي ڪو وقت جو واءُ ڪيئن ٿو گمراهه ڪري سگھي. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ جي رڳن ۾ رت سان گڏ سنڌ جي محبت ئي ڊوڙندي.    

راشد مورائيءَ کي اهڙي اُڪير سن جي سيد وٽ وٺي آئي جنهن جي آشرم ۾ پهچڻ کان پوءِ سنائي سيد کيس سنڌ جي محبت ۾ اهڙو ته رڱي ڇڏيو جو سندس جيون جو کڄندڙ هر ساهه پساهه به سنڌ سان مشروط، سُئيءَ ۾ سڳي جيان جڙيل رهيو. سن جي سيد پنهنجي نئين سياست جي شروعات جڏهن شاعرن اديبن سان گڏجي بزم صوفياءِ سنڌ جي پليٽ فارم کان ڪئي ته؛ پاڻ شاعرن سان گڏ راشد جي ٽهيءَ کي به کنيائين جن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سيد ۽ سنڌ جي پيغام کي عام ڪيو. منشي ابراهيم، سرويچ سجاولي ۽ راشد جهڙن شاعرن ان پليٽ فارم تي پاڻ ملهايو. هي ماڻهو انهن ڏهاڙن ۾ ٿيندڙ جلسن جي زينت هوندا هئا. پنهنجي ڪلام کي مخصوص انداز ۾ پيش ڪري ماڻهن کي جذباتي ڪري ڇڏيندا هئا. سندن ڪلام ڪنن تي پوڻ کان پوءِ ماڻهن جي رڳن ۾ رت جي گردش تيز ٿي ويندي هئي. هنن پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پيار پريت، سک، سلامتي ۽ امن جي پيغام سان گڏ سجاڳيءَ جو گس ۽ ڏس پڻ ڏنو.

سائين راشد، سڄي حياتي قلم کان ڪهاڙيءَ وارو ڪم ورتو، هن پنهنجي قلم کي عَلم بڻائي سنائي سيد جي ڏنل سنڌ شناسائيءَ جي پيغام کي گھر گھر، گھٽي گھٽي عام ڪندي اعلان ڪيو ته: ’مان باغي آهيان … مان باغي آهيان‘. هن جي بغاوت جو هوڪو ڪوهن تائين ٻرڻ لڳو ته سنڌ جو نوجوان نسل مجاز کي ڇڏي مزاحمت ڏانهن لڙي آيو. جن جي مزاحمتي شاعريءَ هن انقلابيءَ کي وڏو اتساهه ڏنو. هن سڄي حياتي قلم جي سگھ کي تيز ڌار واري اوزار جيان تيزيءَ سان استعمال ڪيو.

هيءُ پختي حوصلي وارو شاعر هو؛ هن زندگيءَ جا ڪيترائي رخ ڏٺا ۽ ڌرتيءَ جا ڏک سٺا هيءُ سڄي حياتي ڌرتيءَ سان ڪميٽيڊ رهيو، قومي نظرياتي فڪر سان سلهاڙيل رهندي قومي ڪارڪن وارا فرض ايمانداريءَ سان نڀائيندو رهيو. هن قلم کي ڪڏهن به ڪاروبار جو ذريعو نه بڻايو، سندس ڪوتا هميشه روشن خيال باضمير ۽ ترقي پسند سوچ جي مالڪ ماڻهن لاءِ مايوسين جي انڌيرن ۾ اتساهه جي روشن لاٽ رهي.

ساهتيءَ جو سرواڻ شاعر راشد مورائي توڙي جو سنڌ جي انهن مزاحمتي شاعرن شيخ اياز، محمد خان مجيدي، سرڪش سنڌي، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، شمشيرالحيدريءَ جي ٽهيءَ جو ڪونه هو؛ پر پوءِ به سندس ڏات سگھاري هئي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ان دور جي حالتن جا عڪس تمام سگھاري انداز ۾ وڏي بيباڪيءَ سان چٽيا آهن.

هن مزاحمتي شاعريءَ وسيلي سنڌ جي ستل شعور، نوجوان ٽئلينٽ کي جاڳايو آهي. پلاٽ ۽ پرمنٽ ذريعي پاڻ ٺاهڻ بجاءِ هن پنهنجو عملي ڪم ڪري ڪردار ٺاهيو. سرڪاري اديب ٿيڻ بجاءِ هن قومي شاعر هجڻ تي فخر محسوس ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ ايتري سگھ آهي جو سندس شاعري ٻڌڻ، پڙهڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي جسم جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ خون جي گردش تيز ٿي وڃي ٿي. سندس سڄي شاعري عوامي لهجي ۾ آهي، جنهن کي جھنگ جھر ۾ رهندڙ هر عام ماڻهوءَ هينئن سان هنڊايو آهي، هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي دردن ۽ سنڌي ماڻهن جي سورن ۽ اهنجن جي ڳالهه ٿيل آهي. مُلان، لٽيري ۽ وڏيري کان کُلي بغاوت ڪيل اٿس.

راشد، ادبي کيتر ۾ سوين نوجوانن جي رهنمائي ڪئي ۽ قومي ڪارڪنن لاءِ پڻ وڏو اتساهه رهيو، پاڻ سنڌ جو کاهوڙي ڪردار رهيو؛ سندس زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ به علم، ادب سان جوانيءَ جهڙو چاهه رهيو. هو مستقل مزاجيءَ سان لکندو رهيو، ڪڏهن به ورچي نه ويٺو. سندس عشق جو محور سنڌ هئي، جتي سندس سوچ ڪڏهن به هيڻي نه ٻولي، توڙي جو ڪيترائي حالتن جا وهڪرا آيا پر هي مڙس مٿير پنهنجي عزم سان ۽ سنڌ دوستيءَ جي جذبي سان سچو ۽ سلهاڙيل رهيو. هن پنهنجي من اندر ۾ ڪٺور حالتن ۾ به ڪڏهن مايوسيءَ کي جاءِ نه ڏني. پنهنجي ارڏائيءَ سان جيون جون سڀ  بهارون جيئندو رهيو ۽ مسئلن جا جبل جھاڳيندو، حالتن جا لڪ لتاڙيندو، پنهنجي قومي ڪاز تي قائم رهيو. 

سنڌ جو هيءُ مزاحمتي شاعر نئين ٽهيءَ مان پراُميد هو. کيس اهو ويساهه هو ته: جنهن نسل سنائي سيد، لطيف جو پيغام پڙهيو آهي اهو هڪ نه هڪ ڏهاڙي منزل ضرور ماڻيندو. هنن نوجوانن جي دؤر ۾ اتساهه ڏيندڙ شاعر اياز، تنوير، شمشير، بخاري ۽ ٻيا نه رهيا؛ پر پوءِ به کيس پڪو ويساهه هو. سندس سنڌ دوستيءَ واري عقيدي ۾ ڪڏهن به جھول محسوس نه ٿيو. هن هڪ ڀيري صحافي الابخش راٺوڙ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته:”جيڪڏهن سنڌ ۾ سڃ ٿي وڃي پوءِ به منهنجو عشق قائم رهندو. ان ۾ ڪابه ڦيرڦار ڪانه ايندي.“ هي علم، قلم جي سگھ کان واقف هو جنهن کي هن سنڌ دشمن ڌرين خلاف ڀرپور نموني استعمال ڪيو. کيس نئين نسل کان ڪابه مايوسي ڪانه هئي، کيس ويساهه هو ته: ”سنڌ زرخيز آهي، اها اسان کي بک مرڻ ڪونه ڏيندي، نظرياتي ڪارڪن هڪڙا نوڪرين سان لڳا ته نظريا وساري ويهي رهيا، ٻيا فيلڊ ۾ موجود آهن. نئون نسل نوان گل ٻوٽا پوکيندو جنهن مان نوان سلا نسرندا. اڄ سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي اکين ۾ مون کي سنڌ جو نقشو نظر اچي ٿو.“ هن هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهاند ڪئي، هر دور ۾ سنڌ جي دردن تي آواز بلند ڪيو، سنڌ جي ڏکن کي سهڻي نموني سنڌي ماڻهن اڳيان پيش ڪيو ۽ سنڌ جي ويرين تي لفظن جا وار ڪندي چيائين ته: ’مان باغي آهيان مان باغي آهيان‘ ۽ هيءُ پنهنجي ڪلام، ڪردار ۽ گفتار ۾ بلڪل باغي هو.

راشد جي سوچ سڌير ۽ خيالن جي اڏام بلند هئي. هيءُ موجوده قومي شاعرن کان هرگز مايوس نه هو، هن کي پختو ويساهه هو ته ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ جو شاعر قومي ڌارا ۾ اتساهيندڙ شاعري ڪري رهيو آهي. کيس ان ڳالهه جو به احساس هو ته اڄ جي دور ۾ نوجوان شاعر کي اتساهه ڏيندڙ قومي شاعر اياز، شاعر محمد خان مجيدي، تنوير، شمشير، ابراهيم منشي، سرڪش سنڌي، سرويچ سجاوليءَ ۽ بخاريءَ جهڙا شاعر ناهن رهيا پر تنهن هوندي به اڄ جو نوجوان قومي مزاحمتي شاعري سريلي ۽ سگھاري انداز ۾ سرجي رهيو آهي جيڪو سنڌ لاءِ سٺو سنوڻ آهي.   

اسان جو راشد، مزاحمتي شاعر هو. هن  جو قلم سنڌ لاءِ وقف هو، سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي هن هميشه بي ڊپو ٿي لکيو. هيءُ چوندو هو ته: نوجوانن کي مزاحمتي شاعري ڪرڻ گھرجي، جيڪي سرڪاري اديب انهن کي نعرا چئي مايوس ڪن ٿا، اصل ۾ اهي ڀاڙيا آهن. جنهن ڪويءَ جي دل ۾ پنهنجي قوم، ڌرتيءَ سرتيءَ جو درد ناهي، اهو ڪوي ۽ ان جي سرجيل ڪوتا ڪهڙي ڪم جي؛ اها ته خوشبوءِ بنا گل مثل آهي.

هن پنهنجي مجاز ۾ به سنڌ کي سمويو، هن مسڪيني حال هوندي به پنهنجي قلم ۽ ضمير جو اگھ مقرر نه ڪيو. هيءُ جھڪڻ بجاءِ هماليه جيان اوچو رهيو ۽ ارڏائپ سان جيئندو رهيو. هي بيماريءَ سبب بستري ڀيڙو ٿيو ته هن سرڪار کي سهائتا لاءِ ڪابه اپيل نه ڪئي، توڙي جو سرڪار کيس سهائتا لاءِ چيو به هو. شهاب الدين ملاح ڏسيو ته اسان ’ميڊم فريال ٽالپر صاحبه جي حڪم تي صوبائي صلاحڪار ضياءُ الحسن لنجار سندس سرڪاري خرچ تي ڪراچيءَ مان علاج ڪرائڻ لاءِ چيس ته هن انڪار ڪيو، پوءِ لنجار صاحب پنهنجي پاران جيڪي 25 هزار نقد ڏنس سي قبول ڪندي سندس ٿورا مڃيا. اها الڳ ڳالهه آهي ته سندس غزل جي هنن سٽن ضياءُالحسن جي من کي به موهي وڌو هو ته: ”دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، ٿورڙو ئي وسين هان ته ڇا ٿي ٿيئي“… !!

راشد مذهبي انتها پسنديءَ جو مخالف ڪوي هو. هن کي سنڌ ۾ ڦهلجندڙ ملائيت تي ڳڻتي هئي. کيس اهو احساس هو ته روس جي ٽٽڻ کان پوءِ ملائيت سنڌ جي ڳوٺن تائين پهچي وئي آهي. هن هڪ هنڌ چيو هو ته:

”ڪامريڊ، روس جي ٽٽڻ کان پوءِ هڪ هنڌ مايوس ٿي ويهي رهيا آهن. انهن کي ويهڻ نه کپندو هو، اسان انهن سان جڏهن ويجھا ٿياسين ته اهي خاموش ٿي ويا جنهنڪري سنڌ ۾ ملائيت جو اثر وڌي رهيو آهي.“

راشد، سڄي حياتي ترقي پسند سوچ جو مالڪ رهيو. هو اهو ڀلي ڀت ڄاڻي پيو ته صوفي مزاج رکندڙ سنڌ ۾ مذهبي ڪٽر پڻي وڌڻ سان ان جي صوفياڻي مزاج تي اثر پوندو، امن تباهه ٿيندو سنڌ جي ترقي متاثر ٿيندي.

سنڌ جي محبتي ماڻهن کي وڙهڻ ڏانءُ ناهي ايندو، هي سراپا سچ، سونهن ۽ محبت جو مجسمو آهن. تاريخ ساکي آهي ته جڏهن سڪندر اعظم سيوهڻ قلعي تي ڪاهه ڪئي، سندس سپاهي جڏهن ڪوٽ ٽپي قلعي ۾ داخل ٿيا ته سنڌ جا ماڻهو کين ٻکين پئجي ويا. هنن جڏهن اگھاڙيون تلوارون هوا ۾ لهرائيون ته هنن کي مارڻ، قتل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هي ڪرڻ لڳا ته پوءِ هنن پوئتي هٽڻ شروع ڪيو. موهن جي دڙي مان به ڪوئي تيز ڌار وارو جان کسيندڙ هٿيار ناهي مليو، جنهن جو مطلب آهي ته سنڌ جو ماڻهو وڙهڻ نه ڄاڻي، پر وقت اچڻ تي هٿيار کڻڻ کي عيب به نه ٿو سمجھي.

راشد سنڌي ماڻهن جي مزاج وٽان شاعري ڪري سنڌ جي حقيقي انداز ۾ ترجماني ڪري سنڌ جي ماڻهن کي حقن جي حاصلات جو شعور ڏنو. هن پنهنجي قلم کان ڪهاڙيءَ وارو ڪم وٺي سنڌ جي ويرين تي وار ڪيا. هن پير، وڏيري، ظالم ۽ ملائيت تي قلم جي صلاحيت کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ڪيو. کيس هر ان ماڻهوءَ کان نفرت هئي جنهن سنڌ جي امن، ترقيءَ کي نقصان رسايو. جئين هي هڪ بند اٿس ته:

هي مفت جون مانيون ملان جون،

جي اوڙو پاڙو آڻي ٿو،

سي کائي کائي خوش ٿئي،

مفت ۾ موجون ماڻي ٿو،

۽ ٽڻ مڻ ٽڻ مڻ تسبيح تي،

ٻي وائي ڪا به نه ڄاڻي ٿو،

هي ڪافر آ، هو ڪافر آ،

بس تند اهائي تاڻي ٿو.

راشد سنڌ جي ويرين تي لفظن جا سڌا وار ڪندي ڪنهن کان ڪين ڊڄي ٿو ۽ وڏي واڪي چوي ڏئي ٿو ته:

او ڀڀ وڏا او ڄڀ وڏا،

جي تنهنجي هٿ ۾ گولي آ،

ته باغي هڪڙو مان ناهيان،

مون سان باغي ٽولي آ،

هي سڀ اهي جن سان کيڏي،

خون جي هر دم هولي آ.

سنڌ جي هن مزاحمتي شاعر سڄي حياتي پنهنجين اکين ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ جا سپنا سجائي رکيا. مُني صديءَ کان ڪيل سندس شاعريءَ ۾ وڏو اتساهه آهي. جيڪو هر دؤر جي نوجوان اديب ۽ شاعر قومي ڪارڪن لاءِ مشعل راهه بڻيل آهي. جيئن پاڻ هڪ بند ۾ چيو اٿس ته:

چاهت کي چمڪاءِ، چنڊ گھري ٿو روشني،

جڳ سڄو جرڪاءِ، سج بڻي پوءُ سچ جو.

هن کي بکن وگھي مرندڙ ماروئڙن جي دردن جو احساس هئو. جنهن تي هن رڙ ڪندي چيو ته:

هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا،

هُت توکي تياري  نيرن جي.

اڄ لوڪ ڏسي ڪيئن ٿيندي آ،

جھڙپ بکايل شيرن جي.

راشد جهڙا ڪوي قومن ۾ صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن جيڪي قوم جو سرمايو ۽ سهارو هوندا آهن. تن ڪردارن تي تاريخ به ناز ڪندي آهي.

راشد جي زندگيءَ جيان سندس حياتيءَ جو خاڪو به مختصر آهي ته: هن 5- مارچ 1944ع ۾ مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڀِڪَ ۾ ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم وٺي 24- مارچ 2014ع تي بيماريءَ جي حالت ۾ راجپوتانا اسپتال حيدرآباد ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ان ٿوري عرصي ۾ هن سنڌي ادب کي شاعريءَ، ڪهاڻيءَ، خطن جي 30 ڪتابن سميت ٻيو به کوڙ سارو اڻ ڇپيل سرمايو ڏنو. راشد کي توڙي جو اسان کان وڇڙئي سال ٿيو آهي پر هُو اسان کان وسريو ناهي.

ڀائو در محمد ٻرڙو

 

 

 

 

سائين قاضي مقصود گل

 

اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،

ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن،

سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.

(شاهه)

پيار ۽ پنهنجائپ جو مجسمو، علم، ادب، انسان دوست، هر ڪنهن سان پيار ڪندڙ، سنڌي ادب جو استاد ۽ رکوالو، يارن جو يار، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم جو سپاهي، مظلومن جو ڀرپور آواز، چوڪس ۽ سُجاڳ، سنڌ جي هڪ اُڀريل مسئلي کي روزانو لفظن جي تصوير ۽ زبان ڏئي، عوامي آواز کي ڀرپور آواز ڏيندڙ، خوبصورت شاعر، ادبي سٿ جو باصلاحيت ۽ سهڻو سرواڻ، سنڌ ۾ قلمي ڪٽنب رکندڙ ڪجهه باصلاحيت تعليمي علمي، ادبي حقيقي خدمت ڪندڙ گهراڻن مان هڪ ذميوار گهراڻي جو سدا حيات خوشبوءِ دار ادبي گل دستي جو هڪ سدا بهار تازو ۽ ٽڙيل گُلاب جو گُل، سائين قاضي مقصود گل هو.

سندس ڀاڪر پائڻ، ڳراٽڙي پائي ملڻ وارو نرالو پنهنجائپ جو انداز، سندس اندازِ بيان مٺڙو، لولي ڏيندڙ ٻوليءَ مان ٻڌندڙ پيار ۽ رس چس جو وڏو سُرور محسوس ڪندو هو. علمي، ادبي، ڪچهري هجي يا مشاعرو، سندس ڄاڻ خزانن مان ماڻهو جهول ڀري اُٿندا هئا.

دير سان ملڻ واري دوست کي پنهنجائپ واري انداز مان حُج ڪري، روبرو يا موبائل تي سِڪ مان پڇندو هُو: ”ڪٿي آهيو؟ گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن ڇو ڪونه ٿا ملو؟، ملندا ته ڪريو نه؟“

هر وقت پنهنجن پيارن لاءِ تڙپ، ملڻ جي آس رکندڙ اڄ هو اسان جي محفل ۾ نه آهي. سندس تخليق، تخيل، عمل ۽ پيار تي اسان ڳالهايون ٿا. هو اڄ مٺڙي لهجي وارو لولي ڏيندڙ، ٻوليءَ وارو پيارو- سائين مقصود گل، نظر ڪونه ٿو اچي، جي آهن ته سندس تصويرون، دوست، شاگرد، مداح ۽ مائٽ. سندس عظيم علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي، ميڊيا سان گڏ تاريخ ۽ شاعريءَ ۾ سندس تسلسل ذميوار نسل يعني اولاد آهي جنهن تي کيس به فخر هو. اسان کي اڃا وڌيڪ فخر آهي.

سندس علم، ادب، فن ۽ فڪر جو حقيقي آئينو ۽ تسلسل سندس آواز جو پڙاڏو، سندس ساز جو آواز، سمورن ملڪن جون سرحدون پار ڪندڙ، سڄي ڪائنات جي وسعتن تائين سندس مقصدن جو پرچارڪ ۽ سندس هوبهو تصوير سائين قاضي مقصود گل جو حال، مستقبل ۽ ماضي- ياسر قاضي، سندس فڪر جو حقيقي تسلسل ۽ سندس گل جي خوشبوءِ، ياسر قاضي کي سمجهون ٿا.

شاعريءَ جو فن ۽ فڪر سائين قاضي مقصود گل صاحب جو هجي، ان جو بهترين نقاد ۽ ترجمان، سموريون ڀرپور صلاحيتون رکندڙ، هر فن مولا، لفظن کي آواز جي ڀرپور طاقت بخشيندڙ، يارن جو يار، قلندري صفت جو مالڪ، فن ۽ محبت جي دنيا ۾ انڊلٺي رنگ ارپيندڙ- ياسر قاضي هجي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي؟ اسان جو محبوب، سڄاڻ دوست، ڄاڻ جي کاڻ، قاضي مقصود گل جو آئينو، تصور ۽ تصوير ياسر قاضي آهي.

ڀلي ڄايون مائرون سنديون صالحن

ٻين ويچارن اوجاڳا ئي اجايا ڪيا.

(شاهه)

قاضي مقصود گل، نثر ۽ نظم ذريعي پنهنجي دور جي مظلومن ۽ عاشقن جي دل جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي. پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سميت ماڻهن، شهرن ۽ قوم جا حقيقي وارث، عملن جيڪي هر وقت فڪر تڙپ، تات، لوڇ پوڇ، پڇڻ، ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ، ڇا ٿيو؟ ڇو ٿيو؟ ڪيئن ٿيو؟ ڪنهن ڪيو؟ ڇا لاءِ ٿيو؟ ڇا ٿيندو؟ اچو ته ڀلا ڪجهه ڪريون، احساس ذميواري هر هنڌ تي سڏ تي سڏ ڏيڻ، ورچي نه ويهڻ، جهڙي تهڙي حال سان هلڻ، پنهنجي مظلومن جي وارثي ڪرڻ، جهڙو سنڌ ۾ مثالي ڪردار سائين قاضي مقصود گل هو. علم، ادب تاريخ ۽ شاعريءَ سان وفا، پنهنجن عظيم ڪردارن سان، جتي به سڏ ٿيندو ڀرپور تياريءَ سان، ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾، ڪانفرنس ۾، تاريخي سيمينارن ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ جيان پيو چمڪندو. هر سال خيرپورميرس سائين ميان عطا محمد حامي جي ڳوٺ، ورسي ۾ سڄي سنگت سميت، پنهنجي گهر جي ڀاتين جي ويگن ڀري، سامان ساڻ، مقالا مضمون تيار، ڀيرو نه ڀڃندو. پنهنجن سان پيار واري اُڪير، تڙپ ۽ تات رکڻي آهي.

ڀائو، ڀلا ڇا ڪجي؟ ڪيئن ڪجي؟ ڪٿي ڪجي ۽ ڪڏهن ڪجي؟ سندس اندر ۾ اُڌما، اُٻڙڪا محسوس پيا اٿندا. پنهنجن جي کيس اُڪير ”ويهڻ مون نه وڙاء“ محسوس ٿيندي هئي. قلم کڻي لکندو رهيو، شاعريءَ جا ڪيئي ڪتاب ڏيئي ڇڏيائين. قلم کڻي حق سچ لکندو رهيو، لکندو رهيو…

سائين مقصود گل صاحب، علمي، سماجي، ثقافتي، ادبي ادارا ٺاهيندڙ، انسان پيدا ڪندڙ هڪ ماڻهو، هڪ وڏو ادارو هو جيڪو موڪلائي ويو. ڪٿي ڪين ٿڪيو، هر ادبي، قومي ڪاڄ ۾ هلندو رهيو. ادب ۽ شاعريءَ سان گڏ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ، اسان جهڙن فقيرن جو به وارث هو. هر عمر واري سان ان جي عمر وارو ٿي ملندو ڄڻ ته پيار جي دنيا ۾ سڀني جو هم عمر هجي. سندس سڏ پڙاڏا، سندس تخيل، سندس تخليقون ۽ سندس سموريون لکڻيون، ڪتاب ۽ اولاد، اسان لاءِ، اسان جي نسلن لاءِ، علمي ۽ ادبي رهبر ۽ رهنما آهن.  

اسان سندس پيار جا ٿورا لاهي نه سگهياسين، ته استاد بخاري چواڻي: من ڳائبا پيا. اسان جا علم ادب جا انسانيت ۽ ماڻهپي جا سپهه سالار ۽ وارث، پنهنجا پنهنجا مورچا خالي ڪندا پيا وڃن ۽ سنڌ حقيقي وارثن کان خالي ٿيندي پئي وڃي ۽ منهنجي ٻولي، ڌرتي، مارو ماڻهن ۽ ملير مٿان دهشتگرديءَ جون گرم ۽ تيز هوائون گهُلن پيون. تڏهن منهنجي وطن ۾ چند ماڻهو اسان جي لاءِ ٿڌڙي ڇانوَ ڏيندڙ، گهاٽي بڙ جيان رهيا جن ۾ سائين قاضي مقصود گل به رهيا. سندن تخليقون، سندن اولاد ۽ سندن عمل اسان جي، اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه رهندا.

روس جي اڳواڻ گورباچوف چيو ته: ”اُهو انسان ڪڏهن به نه ٿو مري سگهي، جنهن وڻ پوکيا، جنهن ڪتاب لکيا ۽ جنهن باڪردار اولاد ڏنو.“ ان قول مطابق سائين قاضي مقصود گل اسان وٽ هميشه زندهه آهي ۽ زندهه رهندو. ڇو ته هن ادبي وڻ، گل ٻاٽيون ڪتابن جي صورت ۾ ڏنو ۽ هن باڪردار اولاد ڏنو.

اسان پنهنجي قلم جي قافلي جي ساٿ ڌڻي، مُحبتي عَلَم ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ، باوقار، جَڳ جرڪائيندڙ ۽ جاڳائيندڙ ليکڪ، اديب ۽ استاد کي سندس علمي، ادبي، سماجي ۽ قومي شعور لاءِ ڪيل بهترين خدمتن تي سلام پيش ڪريون ٿا.

جان، جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،

وڃين ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

(شاهه)

ڪوثر هالائي

 

 

 

 

ڏُڪاريل ڏيهه جو راڳي!

(صادق فقير کي ڀيٽا)

زندگيءَ صادق فقير سان وفا ته صرف سهڻي نبيءَ جي ديس صحرائي عرب تائين ڪئي، پر صادق فقير سنڌي سر سنگيت سان پوري پوري وفا ڪئي، جنهن گائڪيءَ جي انداز جهڙو هُو گائڪ ڪلاڪار هو، اُها سنڌ جي اُتهاس جي صدين جي گهڙين جو پڙاڏو هئي.

گائڪ ڪلاڪارن جي کيپ ۾، هن جو رنگ لوڪ گائڪيءَ وارو هو. ائين بيشڪ آهي ته ٿر ڄاون کي سانوڻ جي برسات ۽ برکا رُت کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي سڄاڻي سگهي؟ پر هن ٿر ڄائي راڳيءَ کي ڏيهن ڏور ڏور تائين ٿي سڃاتو.

ڀٽائيءَ جي ديس جا اُهي راڳي جيڪي موسيقيءَ جي آڪاش تي چنڊ ۽ ستارن جيئن آهن انهن ۾ صادق فقير به هڪ اهڙوئي راڳي آهي جنهن کي سنڌ جي ازلي ابدي مزاج پورو پورو مانُ ارپيو. هُو هڪ وڻندڙ آواز هو، جنهن ۾ هن رڳو سائينداد ساند جي سورن کي پنهنجيءَ گائڪيءَ ۾ ڪونه پچاريو. هن رڳو اياز گل جي اکين جي لُڙڪن کي ڪونه ڳايو، پر هن مورن ۾ موروثي وبا وگهي مرندڙ مورن جا نوحا به ڳايا، ته ابهم معصوم ٻارن جي ڏُڪار ۽ ڏرت کان بيوس ٿي مائرن جي هنج مان اُڏامي پرلوڪ پڌارڻ وارن گلن جهڙن ٻارڙن جي مک تي موت جون ريکائون ڏسي اوڇنگارون ڏئي ڳوڙها به ڳاڙيا:

جڏهن ڪو ننڍڙو ٻار گذاري ٿو وڃي،

پورو پريوار ٻار گذاري ٿو وڃي.

ڏڪارُ، جيڪو صبح و شام ڪکاون گهرن جو طواف ڪندو ٿو رهي، اُتي جي جيئدان جي گلدان ۾ گلن جا هار ڪيترا ته بي رنگ نمونا آهن جيڪي صدين کان ڪوماڻيل ۽ بيوس نظر اچن ٿا، ۽ جڏهن اياز جي وائين ۾، املتاس جي وڻن تي ڪويل جي ڪُوڪَ سڻي، وٺي جو آلاپ ڪري ته وايومنڊل ۾ اُداسيءَ جو راڪاس گهميو وڃي:

هيءَ املتاس تان، ڪوڪ ڪويل ڪري،

هو پري آ پري، پري.

مَڌُ ڪهڙو به آهي، اي ڪلالو ڏيو،

رات گهنگهور آ، ڪيئن به ٽاڻو ٽري،

هو پري آ پري، پري.

”لوڪ پسند“ جو اعزاز انهن راڳي فقيرن لاءِ هوندو آهي جيڪي پرستارن جي دلين تي سدائين راڄ ڪندا آهن.

افسوس، صد افسوس جو اڄ جڏهن سندس مڙهه کي جڏهن سنڌ جا وڻ نصيب ٿي رهيا آهن ته هوليءَ جا رنگ لڳي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف صادق فقير جي وڇوڙي جا اسان کي ڏنگ لڳي رهيا آهن:

توکان ٿيندي ڌارَ، کِلندي کِلندي يارَ،

لڙڪَ لڙي پيا لار ڪري.

مٺل مسرور

 

 

 

 

وِهه ڏئي واتِ

 

ذات حق پاڪ، رب تعاليٰ ڪائنات جي ڪلي مانڊاڻ مان انسان کي اَشرف ۽ عظيم مرتبت ڪوٺيو آهي، جنهن جو خاص سبب اِهو به آهي، ته انسان جي دم سان دنيا جهان جو مجموعي ڪاروبار، ظاهري ۽ باطني ذريعي هلچل ۽ تحرڪ سان، مادي ۽ روحاني ترقي جو باعث بڻيو آهي.

انسان جي جسم ۾ قلب، روح جو مسڪن آهي، ۽ دماغ عقل جو مرڪز آهي. نيڪ روشن هجي ته قلبي جذبات کي توازن ۾ رکڻ دماغ يعني عقل جو ڪم آهي.

انسان جي قلب ۾ باطني ۽ روحاني طور آمد ٿيندي آهي، جنهن کي قلبُ، دماغ يعني ذهن جي طرف رجوع ڪندو آهي. جن تي سالڪن جو سالم دماغ ئي صحيح نموني ضبط رکي، بعد ۾ ڪنهن عمل جي ابتدا ڪندو آهي..... پر انساني ذهن ۾ وري ظاهر جي طرف کان، پرتوا، آواز ۽ ڇُهاءَ اثر انداز ٿيندا آهن جيڪي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ڇُهڻ جي حواسن ذريعي سنوان سڌا دماغ تي وڃي پهچندا آهن، جن کي سالڪن جو سالم دماغ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد قلب جي طرف رجوع ڪندو آهي.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه رحمت، رومانوي داستان ”مومل راڻي“ کي روشناس ڪرائڻ بعد، مومل جي خاص الخاص ٻانهي ”ناتر“ جي ڌيءَ  ”موکيءَ“ جي حوالي سان ”موکي متارا“ وارو داستان به چيو آهي. ذڪر ڪيل داستان جو هڪ بيتُ اِجهو هن طرح به موجود آهي.

موکي چوکي نه ٿئي- اصل اوڇي ذات،

وِههُ ڏئي وات- متارا جنهن ماريا.

پيش ڪيل بيت جي پس منظر ۾، موکيءَ جي ڪردار بابت چيو وڃي ٿو ته موکيءَ راهگيرن لاءِ رستي ۾ هڪ ڪلالڪو هَٽُ (شرابخانو) قائم ڪيو هو، جتي وڻجارا ۽ متارا سَرو پِي سڪون ۽ آرام وٺندا هُئا.

هڪ لڱا ڪجهه وڻجارا ۽ متارا، ڪلالڪو ڪوپ پي هليا ويا،..... بعد ۾ موکيءَ سَري جي مَٽن کي جڏهن صاف ڪيو، ته اُن مان هڪ مئل نانگ نڪتو، جنهن کي ڏسي موکي به گهڻو وقت اُلڪي ۽ ڳڻتيءَ ۾ گذاريو......!

معمول مُطابق، وري جڏهن ٻئي دفعي وڻجارا ۽ متارا، موکي جي ڪلالڪي هٽ تي پُهتا جنهن بعد تازو سَرو پي، ڪجهه دم سڪون ۽ آرام وٺڻ لاءِ ويٺا، تنهن دوران متارن محسوس ڪيو ته کين اڳُ جي مقابلي ۾ خُمار گهٽ ٿيو آهي، ته هنن موکيءَ کان اڳئين جهڙو سرو طلب ڪيو، پر موکيءَ وراڻيو ته ”اُهو ختم ٿي چُڪو آهي، جنهن بعد مجبوراً متارا موٽي ويا...... اهڙيءَ طرح متارا هر دفعي اَچڻ سان، موکيءَ کان ابتدا وارو سرو طلب ڪندا رهندا هُئا. پر هن ڀيري متارن، موکيءَ کي سختيءَ سان چيو ته ”ساڳيو  سرو پِيار، نه ته تنهنجو خير ناهي.“

موکي گذريل حقيقت کي ظاهر ڪرڻ کان گهڻو نٽايو پر متارن جي سختيءَ سبب هٻڪندي هٻڪندي، آخرڪار چئي ڏنائين ته: ”اُن سري ۾ نانگ مري ويو هو.“ اهو ٻڌڻ شرط آيل وڻجارا ۽ متارا، بيهوش ٿي ويا، ۽ کَن پلڪ ۾ مري ويا.

سَپُ نه مري- سپ جو ڊپُ ماري.

ڊپ تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن وهم پيدا ٿيندو آهي. حضرت لعل لطيف عليه رحمت جي بيت واري ٻي سٽ ”وهه ڏئي وات، متارا جنهن ماريا“ متعلق ائين ٿيڻ گهربو هو، ته بحث هيٺ آيل، سري پيئڻ شرط  ئي متارن کي مرڻ گهربو هو، پر ائين نه ٿيو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته، سري ۾ نانگ ضرور پيو هو، پر سندس زهر، اُن سري ۾ ايڏي مقدار ۾ نه مِليو هو، جنهن سبب ماڻهو مري سگهن، بلڪ سري ۾ ايترو ته گهٽ مقدار ۾ نانگ جو زهر مليو هوندو. جنهن جي اثر سبب متارن ڪجهه قدر گهڻو خمار محسوس ڪيو هوندو، بهرحال، جڏهن خبر متارن جي ڪنن تي پيئي، تڏهن سندن ذهن تي وهم وارد ٿيو، ته اسين زهريلو سرو پيتو آهي.... جنهن تحت اُهي بيهوش ٿي ويا، سندن ذهني بگاڙ، وڃي سندن قلب ۾ روح جي مسڪن کي اُجاڙي ڇڏيو. ان طرح اهو سڀ ڪجهه وهم سبب ٿيو. ياد رهي ته هڪ طرف وهم تمام زهر قاتل مثل آهي، ته ٻئي طرف وهم ۾ مبتلا ڪندڙ به پنهنجي پر ۽ ذات اُوڇو يعني خراب چيو ويو آهي.

لفظ وهم جي ٽنهي حرفن ]و،هه، م[ جي ابجد ۾ (و- 6، هه=  5، م= 40) جُملي 51 جو عدد ٺهي ٿو. اهڙي طرح لفظ ڪال، جي ٽنهي حرفن ]ڪ، الف، ل[ جي ابجد ۾ به (ڪ= 20، الف= ا، ل = 30) جُملي 51 جو عدد ٺهي ٿو

ڪال جي معنيٰ آهي موتُ، جيڪو وهم جي مترادف آهي، ۽ حضرت لعل لطيف رح به ان کي وِههُ يعني زهر قاتل جي تمثيل طور آندو آهي.

اهلِ تصوف هن ڏس ۾ بيحد احتياط کان ڪم وٺندا آهن، ڇاڪاڻ ته وهم جي سبب ماڻهو مري نه ٿو، ته سودائي ۽ مفلوج ضرور ٿئي ٿو، جيڪو بي سود بي مقصود نقصان  آهي.

حضرت ڀٽ ڌڻي عليه رحمت جي بيتن جي سمجهاڻي، ڏيندڙ حضرت بيدل عليه رحمت، ڪافي گهڻن ئي بيتن جي، ”جن ۾ حضرت لعل لطيف رح ڪجهه قدر پوشيدگي رکي آهي“، معنوي مفهوم کي، قرآن شريف، حديث شريف، اهڙي طرح پنجن مرحلن تحت واضح ڪيو آهي.

ظاهري شين جي حقيقت، انهن ۾ عبرت ڪرڻ وسيلي معلوم ٿئي ٿي، جنهن ذريعي علم ڪيميا يعني حڪمت جو حصول ٿيندو آهي، ۽ باطني اسرارن جي حقيقت عشق وسيلي مشاهدي ۾ ايندي آهي، جنهن سبب اهڙي ته وحدت ٿيندي آهي، جيڪا ڪُلي ڪثرت تي به احاطو ڪري وٺندي آهي.

جڏهن وحدت جو سج اُڀرندو آهي، ته سندس سهائيءَ سبب ڪثرت جي ڪارنهن يعني سياهي زائل ٿي ويندي آهي.

رات ۾ هزارين ڪروڙين بلڪ لاتعداد ستارن جي روشني ۽ چمڪ هوندي آهي، تڏهن به رات ڪاري ۽ اونداهي ئي هوندي آهي پر ڏينهن کي جڏهن فقط هڪ اڪيلو سج روشن ڪندو آهي ته ساري جهان ۾ سوجهرو ڦهلجي ويندو آهي، ستارا ڪثرت جو اُهڃاڻ آهن ۽ سج وحدت جو نور آهي. ڪثرت ۾ انڌيرو ۽ اُلجهاءُ آهي ۽ وحدت ۾ سوجهرو ۽ سُلجهاءُ آهي.

روءِ سياه تيرا هئي ڪثرت ستارُون ڪِي شب،

نور وحدت ڪا تجلا- ٿا گل وستار صبح.

(بيدل رح)

ربوبي راهه، جنهن جو سراغ انساني قلب جي ڪنهن تهه ۾ پوشيده آهي، جيڪو وري حُسن جي تجلي  يا حقيقي ارشاد جي اثر ذريعي کلندو آهي. جيڪو جنسي اکين سان ته حقيقي طور ڏسي نه سگهبو آهي پر ان جي پَسڻ خاطر معنوي اکيون يعني عين اعتباري ئي مقصود تائين تصرف رکي سگهن ٿا، جنهن جي ابتدا ديدار ۽ انڪار سان وابسته آهي ۽ سنئون سڌو وحدت ۾ واصل آهي......! وحدت جي وصالي طرف ويجهو ٿيڻ واري اوقات ۾، انسان جو ذهن مخمور پر خيال سُرعت ڪندي حيرت جون حدون اورانگهي ويندو آهي يعني ته هستيءَ کان فارغ ٿي ويندو آهي.

دل گم گشتهء حيرت ڪفرايمان سي هَئي فارغ،

غريقِ بحر وحدت- اين و آن سي هَئي فارغ.

(بيدل رح)

ظاهري شين جي عبرت، علم ۽ نتيجو معلوم ڪرڻ بعد ڪافي ماڻهو  شين ۽ شين مان حاصل ٿيندڙ نتيجن کي لڪائيندي ڪوڙ سان به مُنهان مُنهن ٿي پوندا آهن. اهو سڀ ڪجهه وهم جي سبب ئي ٿيندو آهي، جنهن تحت ذڪر ڪيل ماڻهو وهم ڪندا آهن ته پنهنجو تجربو ٻين تي واضح ڪرڻ سان، سندن پورو طور طريقو ختم ٿي ويندو ۽ پنهنجي عمل جي ڪاميابي به کسجي ويندي، پر موجوده دور ۾ ماجرا ڪجهه ٻي طرح آهي....

اهڙي طرح ڪجهه نام نهاد پيرن ۽ بزرگن کي به هن قسم جو وهم هوندو آهي ته وحدت کي ڪثرت ۽ ڪثرت کي وحدت ۾ شامل ڪرڻ سان شرڪ ۾ مبتلا ٿي وڃبو، ان ڪري نه فقط پاڻ ان ڏس ۾ اجتناب ڪندا آهن، پر عام ماڻهن سان گڏ ڄاڻو حلقن تي به هَلان ڪندا آهن، هن قسم جا ماڻهو بي يقينيءَ جو شڪار هوندا آهن، جيڪو مشاهدي جي فقدان سبب ٿيندو رهندو آهي. حقيقتاً وحدت مان ڪثرت ٿي آهي جنهن ڪري ڪثرت ۾ وحدت جو شُعور به رکڻو آهي.

حقيقت باطني، جيڪا عشق وسيلي وحدت ۾ واصل ڪري ٿي، جتي علم يقين ۽ عين اليقين کان به گهڻو اڳتي حق اليقين سان همڪنار ڪندي، هر قسم جي شڪ شبهه يعني وهم کان فارغ رکندي آهي.

وحدت دا ويساهي- ماڻي عيش الاهي.

اعظم شاني عشق آکيندا واهه برهه دي بادشاهي.

 (بيدل رح)

ڪر اعتبار ته ويکين جلوا، هئي سڀ صورت يار دي،

بيدل برهه ڏسيندا ظاهر- رمز اهين اسرار دي.

(بيدل رح)

ربوبي راهه ۾، حسن جي حيرت ذريعي حق اليقين جي ابتدا هوندي آهي، پر هن ڏس ۾ مرشد جي توجه سان حقيقي طور، حق اليقين، حق موجود ٿي رهندو آهي.

بيدل اهو ويساهه ڪر، ناميان جو ناهين غير تون،

حق اليقين سان ڌوءُ سدا- موهوم واري مير تون.

هن دنيا جا اڪثر عالم، حڪيم ۽ ڪجهه مختلف مذهبي ڌرمي، مدرسن ۽ آشرمن جا پرچارڪ حقيقت ۾ باطني مشاهدي کان وانجهل به هوندا آهن، پر ساڳئي وقت پنهنجي ظاهر عمل تي نازان به هوندا آهن. هي پنهنجي فڪر ۽ ڄاڻ ۾ محمدود به هوندا آهن. ان هوندي به خوش فهمي ۽ احساسِ برتريءَ ۾ مبتلا به رهندا آهن.

هن قسم جا ماڻهو ڄاڻي واڻي ٻين ماڻهن تي پنهنجي هوشياري ۽ عقلمندي به ظاهر ڪندا آهن ته پاڻ کي مڪمل ۽ ٻين کي ناقص ڀائڻ جي وهم ۾ غلطان به هوندا آهن، جڏهن ڪنهن سان ملندا آهن ته خلاف معمول پنهنجي عقلمندي ظاهري ڪرڻ واري ڪِرت ۾ لڳي ويندا آهن. ڪن حالتن ۾ ته قصد ڪري ڏورانهن علائقن ۾ وڃي به اُتان جي ماڻهن تي پنهنجي ڪماليت جو سڪو ڄمائيندا آهن.

پر حسن پرست ۽ وحدت جا واصل، پنهنجي حقيقي مشاهدي جي بناء تي ڪثرت ۾ به وحدت کي قائم رکندا آهن، جنهن سبب، ڪنهن کي به گهٽ، پاڻ کان جُدا ۽ الڳ يا ٻي طرح نه سمجهندا آهن. اهڙي طرح وهم ۽ دوئي جي ويجهو نه هوندا آهن.

بھر صورت کی بن آوے- وہ ہی ساجن صحی کرنا،

صدق سیتے آگے اس کے، ادب کے حال میں رہنا۔

 (بيدل رح)

بلڪ ڪنهن ڪنهن وقت ڪجهه غير حقيقي ماڻهو کين تنگ ڪندا آهن. ان معاملي ۾ پنهنجي قيل قال ۽ ڪچن عقيدن کي، سالڪن ۽ الله لوڪ درويشن تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ههڙن ماڻهن جي رويي مان وهم ۽ بي يقينيءَ جا آثار نمودار ٿيڻ لڳندا آهن، جن جي نفي ڪرڻ ۾ الله لوڪ درويش پنهنجي يقين کي بحال ۽ قائم رکڻ لاءِ سخت مجاهدي ۽ رياضت ۾ لڳي ويندا آهن ۽ مرشد جي ٻاجهه سان وهم ۽ دوئي کان محفوظ ٿي ويندا آهن. ساڳئي وقت موجود ماڻهن کي به ان جي صلاح ڏيندا رهندا آهن. ذڪر ڪيل جنهن ۾ حضرت قادربخش بيدل عليه رحمت وڏي تاڪيد ۽ تنبيهه ڪندي پنهنجي ڪلام ۾ ڪافي اشارا ڏنا آهن. جن مان ڪجهه مختصر طور پيش ڪجن ٿا.

توکي وهم ويڙهو ادا هئي جي هجين هوشيار ميان

ساري لهين سُڌ پانهنجي، آهين يگانو يارُ ميان

بيدل خيال خودي دا کاوين، تَڏان تون مطلب پاوين

وهم ٻيائي ٻوڙ.

دوئي ڪي وهم سي بيدل تيري دل گر هوئي فارغ،

ظهورا ذات اَنورڪا، جهان چاهين وهان هوگا،

ايڪ دم بحر، همه ۾ وهم ڪي ڪشتي ڊبا،

بيدل اسي مردارسي هردم تو لڙتا هين عبت،

وهم دوئي ميري سي نه هو ڪامياب ڪب،

مئن هون يگانه ميري پاوي خيال ايڪ.

مٿي ذڪر ڪيل شعرن ۾ وهم متعلق مختصر تاثرات پيش ڪيا ويا آهن، جيڪي حضرت لعل لطيف عليه رحمت جي بيت کي بنيادي اهميت ڏيندي، حضرت بيدل رح جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ ڏنا ويا آهن. پيش ڪيل مضمون کي جيترو به اڳتي کنيو ويو آهي، حضرت لعل لطيف عليه رحمت اڳ ۾ ئي اُتي موجود آهي.

ايڪ قصر درلک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،

جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.

(لطيف رح)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org