سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:2 

پير حسام الدين راشدي

سنڌيڪار: ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ حُبِ رسول

سنڌي ٻوليءَ مٿان وقت به وقت مختلف حوالن سان گهڻ رُخا ڪيئي حملا ٿيندا پئي رهيا آهن. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر باڪمال شخصيت سائين غلام مصطفيٰ شاهه هو. يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جي باوقار ميمبرن ۾ پير حسام الدين راشديءَ جهڙو نامور عالم پڻ شامل هو. پير صاحب جي ئي ڪوشش سان يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ فيصلو ڪيو هو ته ”يونيورسٽيءَ جي اندروني لکپڙهه، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي ويندي.“ ان ڳالهه تان وڏو ممڻ مچي ويو هو. ڪيترن ئي ماڻهن بيان ڏنا ۽ مضمون لکيا، جن ۾ ڪيترن ئي ٻين حوالن سان گڏ ديني ادب واري حوالي سان به سنڌي ٻوليءَ کي غريب ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ايتريقدر جو اهو پڻ لکيو ويو ته سنڌيءَ ۾ قرآن پاڪ جو به ڪو تفسير ڪونهي. ائين معلوم ٿو ٿئي ته پير صاحب هي مضمون ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي لکيو هو، جيڪو اخبار روزانه حريت ڪراچي 4- نومبر 1972ع تي شايع ڪيو هو. سنڌيڪار[

سنڌ جيئن ئي اسلامي جهنڊي جي پاڇي هيٺ آئي، هتان جا ماڻهو حضور نبي ڪريم (صلي الله عليہ وآلہ وسلم) جي ذات گرامي ۽ سندن آندل تعليم کان واقفڪار ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ تمام تيزيءَ سان اسلام جي روح تائين پهچي ويا.(1)

اسلام قبول ڪرڻ سان ئي سنڌي ماڻهن جي مدينه طيبه طرف آمد شروع ٿي ويئي هئي ۽ تعلقات جي شروعات ٿيندي ئي انهن پنهنجي ان دين (اسلام) کي پنهنجو ڪري ورتو. ان ۾ درڪ پيدا ڪيو ۽ ڪيترن اهڙين شين ۾ انهن سبقت حاصل ڪئي ۽ اوليت وارو شرف حاصل ڪري، عالمِ اسلام ۾ پاڻ لاءِ هڪ خاص نوعيت جو مخصوص مرتبو ۽ امتياز پيدا ڪري ورتو.

قرآن مجيد جو پهريون ترجمو هتي ٿيو(2) ۽ دين جي رُڪنن ۽ عقيدن بابت پهريون ڪتاب هن سرزمين تي لکيو ويو(3). حديث جو پهريون مجموعو هتي مرتب ٿيو(4)، ۽ حضور اڪرم صلعم جن جي خطن کي پڻ مجموعي واري صورت هن سرزمين تي ڏني ويئي.(5) مطلب ته ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ اسلامي رنگ ۾ رنڱجي ويئي.

نئون دين هو، امنگون تازيون ۽ ولولو نقطهء عروج تي پهتل هو، انڪري هتان جي بزرگن، دين جي رُڪنن سان گڏ، دين آڻيندڙ جي شخصيت کي پڻ پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو مرڪزي نقطو ٺاهي ان جي چؤگرد هڪڙو حلقو ۽ دائرو جوڙي ورتو ۽ ان جي حرارت ۽ روشنيءَ ۾ پنهنجون زندگيون گذارڻ شروع ڪيون.

ڪيترائي خاندان ترڪ وطن ڪري مديني طيبه هليا ويا ۽ آنحضرت جي خواب گاهه جي چؤگرد وڃي اجها اڏيائون ۽ هر گهڙي هر پلڪه پنهنجي ديني رهبر، خدا جي رسول، قرآن پاڪ ۽ روضي اقدس جي ديدار سان پنهنجي اکين کي پُرنور (ڪندا) ۽ دل کي سُرور بخشيندا رهيا. رسول جي محبوب شخصيت، انهن عاشقن جي دلين جي دنيا تبديل ڪري ڇڏي هئي. پاڻ نه رڳو پهريون ڀيرو انسانن کي هڪٻئي سان محبت ڪرڻ جو سبق ڏنائون، بلڪه سندن ئي ذات گرامي هئي، جنهن هن دنيا ۾ رهندڙن کي پهريون ڀيرو مهرو محبت وارن اهڃاڻن کان عملن آشنا ڪيو ۽ انهن لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي ذهن نشين ڪرائي، ذهن جي انڌيرن ۽ دلين جي اونداهين کي بغض و حسد ۽ عناد واري انڌاري دنيا مان ڪڍي، روشنيءَ ۾ وٺي آيو هو. پاڻ دنيا جي واحد پهرين ۽ آخري شخصيت آهن، جن سان سندن امت جي محبت، عشق ۽ پيار جنون واري درجي تائين پهتل آهي. ’مسلمان‘ دين جي فرضن ۾ ته ڪوتاهي ڪري سگهي ٿو، ممڪن آهي ته دين جي روح سان به کيس پوري طرح شناسائي نه هجي، پر سندن ذات مبارڪ لاءِ جيڪا شفتگي اٿس، ان ۾ گهٽتائي يا ڪوتاهي ڪڏهن به برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ پنهنجي غلامانه وابستگيءَ ۾ ڪڏهن به غفلت نه ٿو ڪري سگهي. بلڪه سدائين سندن ناموس تان نثار ٿيڻ لاءِ هر وقت سر گهورڻ تائين تيار رهندو آهي. اها ڳالهه ڪنهن ٻئي نبيءَ کي نصيب ۾ ڪانه آئي. ان شفتگي ۽ تعلق سبب، جيڪو حضور صلعم جن جي ذات مبارڪ سان هو. سندن تعليم ۽ سيرت کان وڌيڪ واقف ٿيڻ لاءِ سنڌي، سيرت ۽ حديث طرف پنهنجو پاڻ راغب ٿي ويا. اهوئي ڪارڻ هو جو حديث ۽ سيرت سڀ کان اڳ سنڌين جي وسيلي ئي برصغير ۾ پهتي. سڄي برصغير ۾ روايتن جو ڪوبه اهڙو سلسلو ڪونهي، جنهن جون اڪيچار ڪڙيون سنڌي محدثن سان نه ملنديون هجن. ابو طيب سنڌي(6)، ابوالحسن(7)، ابوالحسن صغير(8)، قاضي عبدالله محدث(9)، محمد حيات(10) ۽ محدث محمد قاسم(11) وغيره ان ڊگهي سلسلي جون چند ڪڙيون آهن، جن هن خطي ۾ حديث ۽ سيرت کي آندو، بلڪه پنهنجون عمريون حضور صلعم ڪريم جي جوار مبارڪ ۾ گوڏو ڀنڃي، درس حديث ڏيندي گذاري ڇڏيون، بلڪه مرڻ کان پوءِ به حضور صلعم  (جن) جي ئي قدمن ۾ فنا ٿيڻ کي ترجيح ڏني. حضور جن سان بي انتها محبت، سيرت جي گهري مطالعي ۽ حديث واري شڪل ۾ ارشادات گرامي سان لڳاءَ جيڪا تڙپ سنڌ وارن جي دلين ۾ پيدا ڪري ڇڏي هئي، ان نه رڳو نثر ۾ ذات بابرڪات بابت ڪتابن لکڻ واري تحريڪ پيدا ڪئي. بلڪه جيئن ته هتي معاملو عشق ۽ شفتگيءَ وارو هو انڪري ان جي اظهار لاءِ نظم کي پڻ اظهار جو ذريعو اختيار ڪري ورتو.

نثر ۾ لکيل ڪتاب آخري دور تائين بين الاقوامي شهرت حاصل ڪندا رهيا آهن، مثلاً مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو ”دراسات اللبيب“(12) ۽ مخدوم محمد هاشم جو ’بذل القوة‘(13) ٻارهين صدي هجريءَ جا مستند ۽ مشهور ڪتاب آهن. آخري ڪتاب رسالت مآب جي 23 سالن واري زندگيءَ جي ڏينهن رات، گهڙيءَ گهڙيءَ جو تاريخ وار روزنامچه آهي، جيڪو سيرت نگاريءَ جي سلسلي ۾ هڪڙو ڪرشمو آهي(14)

اهڙي طرح سنڌ ۾ نظم جون ڪيئي صنفون حضور صلعم جن جي مدح ۽ ثنا ۾ ايجاد ڪيون ويون آهن، ڪن قبيلن ته، پنهنجي قبيلي کي رسول جي مدح لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو قبيلي جو نالو، ان حوالي سان مشهور ٿي ويو، مدح چوندڙ قبيلن مان، هڪڙي قبيلي جو نالو ’ڀان‘ آهي، جيڪو پاڻ کي ڪعب بن زهير(15) جي اولاد مان سمجهي ٿو ۽ ان مان مشهور نعتيه قصيدي ’بانت سعاد‘ واري نسبت سان بان-ڀان سڏرائيندو آهي.

سنڌي لغتن ۾ عرب جي مشهور نعت گو شاعرن جا نالا ڏنا ويا آهن، جنهن منجهان، ظاهر ٿئي ٿو ته، سنڌ جا شاعر پنهنجي نبيءَ جي محبت ۾ عربيءَ جا نعتيه قصيدا پڙهندا هئا. شاعر صدرالدين(16) جي نعت ۾ ’ڪعب بن زهير‘ جو ائين نالو اچي ٿو.

’ڪر قبوليت ڪعب جيئن ڪو قصيدو ڪم ذات جو‘.

(اي منهنجا حضور، ڪعب جي قصيدي وانگر، منهنجي به ڪنهن قصيدي کي شرف قبول عطا فرماءِ)

ان نعت ۾ ’لبيد‘ کي پڻ ياد ڪيو ويو آهي.

تنهن لنگهي لاڳُ لبيد جان

ڏني خزاني دل خواه مان

’مون ڪمينيءَ کي به لبيد وانگر انعام سان نواز ۽ سرفراز فرماءِ.‘

سنڌي شاعريءَ ۾ نج مدح رسول لاءِ اٺ شعري صنفون ايجاد ٿيون ۽ استعمال ڪيون ويون آهن.

1. مناجات: هن صنف ۾ چوڻ وارو پنهنجي لاچارگي، هيڻائي ۽ ضرورتون، مشڪل ڪشائي ۽ حاجت روائيءَ لاءِ درخواست ڪندو آهي.(17)

2. مداح: اها دراصل مدح آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ مداح چيو ويندو آهي، هن صنف ۾ فقط تعريف ۽ حضور جون وصفون بيان ڪيون وينديون آهن.

3. مولود: هيءَ صنف هونئن ته حضور جن جي ولادت وارو ڏينهن ملهائيندي ڳائي ويندي آهي. پر سنڌ ۾ ان کي سڄو سال ڳاتو ويندو آهي. ان ۾ مدح وارا مضمون هوندا آهن، هر تعريف جو عنوان هوندو آهي ۽ سيرت واري حُسن جا مڙيوئي پاسا بيان ڪيا ويندا آهن. شادي مرادي يا خوشيءَ جهڙن ٻين موقعن تي ناچ گانن بجاءِ مولود ڳائيندا آهن.

چند ماڻهن جي هڪڙي ٽولي سُريلي آواز ۾ مولود ڳائيندي آهي. جن کي مولود چوڻ ۾ وڏي مهارت هوندي آهي. انهن جا ڌار ڌار پنهنجا پنهنجا حلقا هوندا آهن. اهي شخص مولودي سڏيا ويندا آهن. ۽ هر هنڌ گهرايا ويندا آهن(18).

4. مناقبا: اهو مناقب واري معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. هن ۾ حضور اڪرم صلعم سان گڏوگڏ سندس اصحابي سڳورن جي تعريف ۽ خاص طور تي خلفاءِ راشدين جون وصفون بيان ڪيون وينديون آهن. حضور صلعم جن لاءِ ڌار ۽ خلفاءِ راشدين لاءِ ڌار مناقبا لکيا ويندا آهن(19).

5. معجزا: هن صنف ۾ حضور صلعم جن ڏانهن جيڪي معجزا منسوب آهن اُهي بيان ڪيا ويندا آهن. مجموعي طور معجزا ان بيان ۾ هوندا آهن ۽ هر هڪ معجزي تي ڌار قصيدو به چيو ويندو آهي. مثلاً: شق القمر، جابر انصاري-زيد ڪافر، زهر هڻو گوشت، انڌو يهودي، اٺ جو قصو، هرڻيءَ وارو معجزو، مطلب ته حضور جن جي ذات (مبارڪ) سان جيترا به معجزا مشهور ۽ منسوب آهن انهن مان ڪوبه ڇڏيو ڪونه ويو آهي(20).

6. نڙ جا بيت: اهو دوهي جو هڪ قسم آهي جنهن ۾ ٻن ٽن يا چئن لاڳيتن مصرعن ۾ حضور صلعم جي تعريف ۽ سندن شخصيت سان پنهنجي وابستگيءَ کي والهاڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. اندازِ بيان واري لحاظ سان، اها صنف نهايت پاڪيزه ۽ نهايت متاثر ڪرڻ واري آهي. هڪڙو ماڻهو نڙ وڄائيندو آهي. ٻيو ان جي لاءِ تي بيت ڳائيندو آهي. ان کي سنڌيءَ ۾ نڙ چيو ويندو آهي. انڪري انهن دوهن کي اهو نالو ڏنو ويو آهي.

ان صنف جا بيت سنڌي ادب ۾ لکن جي تعداد ۾ موجود آهن، ٻوليءَ ۽ لفظن جو انهن ۾
بي بها خزانو موجود آهي. مقامي استعاره، تشبيهون ۽ چوڻيون حيرت ناڪ حد تائين استعمال ٿي رهيون آهن(21).

7. ڏور جا بيت: اهو به دوهي جو ئي هڪ قسم آهي. جيڪو ٻن ٽن چئن پنجن مصرائن تي مبني آهي ان ۾ رمز رکي ويندي آهي. اها معمي جي شڪل آهي ۽ فقط حضور جن لاءِ مخصوص آهي. سندن ڪائي وصف يا سيرت پاڪ جي ڪنهن واقعي کي رمز يا معمي واري شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو آهي گرمين ۾ چانڊوڪيءَ وارين شگفته ۽ خوشگوار راتين ۾ جڏهن ڪو سوچ سمجهه وارو مهمان ڳوٺ ۾ اچي ويندو آهي ته اوطاق ۾ گڏجي ماڻهو اهي بيت پڙهندا آهن(22).

8. لولي: مائرو ٻارن کي رات جون لوليون ڏيئي سمهارينديون آهن، پر اها لولي بي معنيٰ ناهي هوندي، پر لوريون جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’لولي‘ چئبو آهي. اها مدح يا مناجات تي مشتمل هوندي آهي سمجهه وارن ٻارن کي معجزي واري لولي ٻڌائي ويندي آهي. اهي لوليون عورتن جي تصنيف هونديون آهن. انهن ۾ ڏاڍو سوز ۽ جذبو هوندو آهي. لفظ نهايت نازڪ ۽ انهن ۾ ٻولي خالص گهريلو استعمال ڪئي ويندي آهي(23).

عربي ۾ ڪعب بن زهير جو قصيدو، لاثاني آهي. فارسيءَ ۾ قدسي مشهدي(24) جي مدحيه نعت کي غير معمولي شهرت حاصل آهي، ۽ تقريباً مڙني مشرقي ٻولين ۾ ان تي تظمينون چيون ويون آهن.(25) اردو ۾ محسن ڪاڪوروي(26) جي نعتيه قصيدي کي ٻوليءَ جي صفائيءَ ۽ بندش جي بنياد تي هڪڙو خاص مرتبو حاصل آهي. اهڙي طرح سنڌيءَ ۾ ڪجهه قصيدن کي لافاني شهرت حاصل آهي. مثلاً: سنڌ جي فرما روا سرفراز خان(27) جي چيل مدح:

”ڀلا ڄام هن غلام سندو، سوال سڻي تون.“

اي منهنجا اعليٰ مرتبت، اعليٰ صفت آقا، پنهنجي هن ادنيٰ غلام جي التجا ته ٻڌو. اهڙي طرح شاعر صاحب ڏني(28) جي مدح.

’اغسني يا سيدا، رس يا رسول الله تون‘

ان ذهني خلفشار واري دور ۾ ته نه ٿو چئي سگهجي، پر 25-30 سال اڳ تائين سنڌ جي هر مرد عورت کي اهو قصيدو بر زبان ياد هوندو هو. وڏڙيون ڪراڙيون عورتون رات جو سمهڻ وقت ڪائي هڪڙي مدح دعا طور پڙهي (پوءِ) سمهنديون هيون ۽ مرد صبح جو ڪلام مجيد جي تلاوت کان پوءِ انهن مداحن کي دعا طور پڙهي ڇڏيندا هئا. اهو روز جو معمول ۽ مشغلو هوندو هو. مٿي ذڪر ڪيل صنفن جو رواج ستين صدي هجريءَ کان معلوم ٿئي ٿو.

سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهڙا اشارا ملن ٿا ۽ ڪجهه شعر پڻ ملن ٿا، پر مڪمل نظم يا مسلسل مواد ڏهين ۽ يارهين صدي هجري کان پوءِ ملي ٿو.

ماضي قريب ۾ ثنائي(29) شاعر ۽ مولانا غلام رسول(30) مقبول ترين مدح گو ٿي گذريا آهن. جن جا مدح ۽ مولود 25 سال اڳ تائين سڄي سنڌ ۾ گونجي رهيا هئا. مطلب ته سنڌ ۾ اسان کي ڪو هڪ به اهڙو شاعر نه ٿو ملي جنهن حضور جن جي ذات گرامي سان لڳاءَ ۽ لاڳاپي واري بنياد تي دل جي گهرائيءَ سان نعتيه شعر چئي پنهنجي غلامانه لاڳاپي جواظهار نه ڪيو هجي ۽ اهو ئي سبب آهي جو نظم ۾ رسالت ماب جي مدح جون ڪيتريون ئي صنفون موجود آهن.

حواشيه از سنڌيڪار

(1) سنڌ جي ماڻهن جا عرب دنيا سان قديم ترين زماني کان تعلقات هلندا پئي آيا، انهن تعلقات جو سلسلو رسول مقبول صلعم جي دور تائين نمايان نظر اچي ٿو، اڪثر مؤرخن جو خيال آهي ته حضرت آدم عليہ السلام جي پيدائش سنڌ ۾ ٿي، اهوئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو اڄ تائين حضرت آدم لاءِ ’ڏاڏو آدم‘ لفظ فخريه طور استعمال ڪندا اچن ٿا. ’ڏاڏي آدم‘ کان پوءِ حضرت نوح عليہ السلام جو ذڪر اچي ٿو، سندس پٽ هام، جا ٻه پٽ هند ۽ سِندَ هئا جنهن لاءِ علامه ابن خلدون جهڙي عالم لکيو آهي ته ”نوح جي هڪ پوٽي سند جي نسبت سان، هن ملڪ جو نالو سنڌ ٿيو، جنهن سنڌ تي حڪومت ڪئي هئي.“

        حضرت موسيٰ، فرعون جي ڏينهن ۾ آيو. ان دؤر ۾ سنڌ سڄي دنيا سان واپار ڪندي هئي ان حوالي سان مصر سان به سندس واپاري سلسلو هلندڙ هو. اهوئي سبب آهي جنهنڪري فرعونن جون مَميون ٺاهڻ وقت، مصالحو سنڌ جو استعمال ڪيو ويو، ان دؤر جي حوالي سان گگر، کؤنر، لاک، نير ۽ ميندي جي واپار جو ذڪر ملي ٿو.

        حضرت سليمان جي دؤر بابت توريت ۾ ذڪر اچي ٿو ته ”سنڌ مان مور، اگر، مشڪ، عنبر، گينڊا ۽ سون ٻيڙين رستي يوروشلم ويندو هو. جيڪو ”هيڪل سليماني“ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.

        حضرت عيسيٰ عليہ السلام مٿان نازل ٿيل پاڪ ڪتاب انجيل ۾ جنهن نفيس ۽ ملائم ڪپڙي جو ذڪر آهي اها سنڌ جي ململ هئي جنهن کي ’سنڊڻ‘ سڏيو ويو، جيڪا ’سنڌڻ‘ جي بگڙيل صورت آهي. ان حوالي سان انجيل ۾ اچي ٿو ته حضرت مسيح کي سنڌ جي ڪپڙي ۾ ويڙهيو ويو هو.

ان دؤر ۾ سامونڊي واپار ۾ سنڌين جي سرسي هئي، عرب دنيا پڻ ان ميدان ۾ اڳتي پئي آئي، جنهنڪري سندن هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ به ٿيندا رهندا هئا، سامونڊي واپار جي حوالي سان انجيل ۾ ان اعليٰ سُٽ جو پڻ ذڪر ملي ٿو، جنهن سان پراڻي زماني ۾ ٻيڙين کي ٻڌو ويندو هو، سنڌي ماڻهن جي عالمي دنيا ۽ عرب دنيا سان تعلقات واري حوالي سان ڪيئي تاريخي حوالا موجود آهن. اسين هتي صرف ڊاڪٽر موسيو ليبان جي ’تمدن عرب‘ ۽ سيد بلگرامي جي ’تمدن هند‘ مان حوالا ڏيئي پنهنجي اصل موضوع ڏانهن اچون ٿا.

        ڊاڪٽر موسيوليبان لکي ٿو: ”اسلام کان اڳ واري زماني ۾ سنڌ جا ماڻهو، پنهنجي ملڪ جي پئداوار کي عرب جي سامونڊي ڪنارن تائين آڻيندا هئا، جنهن وقت يمن جي بندرن کان هندستان ڏانهن جهاز وڃڻ لڳا، اهو زمانو حضور صلعم جي بعثت جي تمام ويجهو هو. ان وقت جهازن جون قطارون عمان ۽ بحرين کان نڪري، سنڌوندي تائين پهچنديون هيون.“ (ص 267)

        سيد بلگرامي لکي ٿو:

”يمن مان سنڌي ڪپڙو عرب جي اندرين حصن جهڙوڪ: حجاز، عراق ۽ شام ۾ به پهچندو هو، جتان يورپ ويندو هو، اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪپڙي کي ’يمن‘ يا ’يماني‘ لکيو ويندو هو. ڪپڙي کان سواءِ سنڌ جون گُڏيون به يمن ۾ وڪامنديون هيون، انهيءَ تجارتي ميل جول جي ڪري ٻنهي ملڪن جي رهاڪن جي پاڻ ۾ ڄاڻ سڃاڻ وڌي، ايتري پئماني جي واپاري ميل جول، سنڌين کي عرب دنيا ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪرڻ، آستانا اڏڻ ۽ پنهنجا گهر ٺاهڻ واري رجحان کي هٿي ڏني هوندي. جنهنڪري تاريخن ۾ اچي ٿو ته، ”سنڌ جا ان زماني ۾ ڪيترائي ماڻهو واپار ۽ تجارت جي سلسلي ۾ ساري دنيا ۾ پکڙجي ويا، جن مان ڪيترائي عرب ۽ يمن ۾ پهچي ويا. جيڪي سنڌي ذاتيون هتان لڏي عرب ۾ وڃي رهيون، تن مان زط، ميد، سيابچه، احاصره، اساوره، بيلسره، تڪاڪره (ٺاڪر) مشهور آهن. سنڌ جون اهي قديم ذاتيون، جيڪي سنڌي قوم سان واسطو رکندڙ هيون، ساري عرب، مثلاً: عمان، مسقط، قطيف، بحرين، قطر، ڪويت ۽ بصري کان سواءِ عرب جي ريگستاني علائقن، نجد ۽ وچ عرب جي مڪي ۽ مديني ۾ گهڻائي ۾ رهڻ لڳيون.“

        ايترن قديم لڳ لاڳاپن جي روشنيءَ ۾ مخدوم امير احمد جو چوڻ آهي ته ”اسلام کان اڳ سنڌ جا باشندا، ڪعبي پاڪ جي زيارت لاءِ ويندا هئا ۽ اتي جي بُتن جي پوڄا ڪندا هئا، هتان جا راجا ۽ مهاراجا عربي ٻولي کان واقف هئا، ۽ عربي ۾ گفتگو به ڪندا هئا.“ (ماهنامه اظهار، جولاءِ 1982ع)

        مٿي ذڪر ڪيل پس منظر ۾ اها ڳالهه وڏي وثوق سان چئي سگهجي ٿي ته حضور صلعم جن جي ظهور ٿيڻ ۽ عرب دنيا ۾ اصلاح آڻڻ واري عمل دوران سنڌي ماڻهو پڻ ان ماحول ۾ موجود هئا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن سنڌين منجهان ڪن رسول مقبول صلعم جي سچائي ۽ ايمانداريءَ وارين صفتن جي مدنظر تبليغ وارن ابتدائي ايامن ۾ به کين ساٿ ڏنو هجي. ڇاڪاڻ ته هڪ حديث ’ترمذي ابواب الامثال‘ ۾ اچي ٿو ته، ”عبدالله ابن مسعود رضه هڪ اصحابي، حضرت محمد صلعم سان گڏ هڪ ماڻهوءَ کي ڏٺو جنهن جي شڪل ۽ شبيهه لاءِ ان چيو ته، ان جو مهانڊو جاٽ يا ذط وانگر هو.“

جنهن دور ۾ يمن جي حاڪم باذان اسلام قبول ڪيو تڏهن سندس سرڪردگيءَ ۾ سنڌي ذات اساوره به يمن ۾ رهندڙ هئي، اهي سنڌي به مسلمان ٿي ويا.

        ايتري لڳ لاڳاپي سبب رسول مقبول صلعم سنڌي ماڻهن کان پوري ريت واقف هئا، انڪري جڏهن هڪ ڀيري پاڻ سڳورن صلعم کان صحابه ڪرام پڇيو ته ”يا رسول الله اوهان موسيٰ کي ڏٺو آهي؟“ پاڻ سڳورن فرمايو ته، ”موسيٰ اهڙو، جهڙو سنڌي ماڻهو.“

        هڪ ٻي روايت موجب بخران جا ڪجهه عيسائي، پاڻ سڳورن صلعم جن سان ملڻ لاءِ، جڏهن مسجد نبويءَ جي دروازي تي پهتا، تڏهن پاڻ سڳورن، صحابه کان پڇيو ته ”هي ڪير آهن؟“ ان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي فرمايائون، ”ڄڻ سنڌي ماڻهو پيا لڳن.“ اهڙي ريت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي سلسلي ۾ رسالت ماب جي حوالي سان ڪيترائي حوالا ملن ٿا. انهن قديم لاڳاپن ۽ قريبي تعلقاتن سبب سنڌ جي ماڻهن عربن سان مٽيون مائٽيون به ڪيون، جن جو پڻ ڊگهو تفصيل آهي، ان ۾ وڃڻ بجاءِ ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته رسول مقبول جي ڏوهٽاڻي سلسلي ۾ امام زين العابدين جي والده، محمد بن علي بن زين العابدين جي والده ۽ علي اصغر بن زين العابدين علي بن الامام حسين جي والده ماجده به سنڌياڻيون هيون.“ (سنڌ، عربن جي نظر ۾، مهراڻ 2/1980ع)

        مٿي بيان ڪيل رشتيداريءَ واري بنياد تي مشهور مؤرخ سيد سليمان ندوي، سنڌ کي اهلِ بيت جو ناناڻو گهر سڏيو آهي، شايد اهائي رت جي ڇِڪ هئي جنهنڪري امام حسين ڪربلا واري معرڪي وقت عرب دنيا مان نڪرڻ ۽ جنگ ٽارڻ لاءِ جيڪي شرط وڌا هئا، انهن مان هڪڙو سنڌ ڏانهن وڃڻ هو.

(2) قرآن پاڪ جو اهو ترجمو راجا مهروڪ بن رائق جي ڏينهن ۾ منصوره جي عرب حاڪم عبدالله بن عبدالعزيز جي حڪم سان هڪ عراقي عالم ڪيو، جيڪو سنڌي زبان جو وڏو ڄاڻو ۽ شاعر هو.

(3) دين جي رُڪنن ۽ عقيدن بابت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل ڪتاب ’فرائض الاسلام‘ چيو وڃي ٿو، جيڪو مخدوم صاحب 1171هه ۾ لکيو هو. ان ڪتاب ۾ مخدوم صاحب 1262 فرض ڪتب آندا آهن، انهن مان ڪن جو فرض هجڻ قرآن مجيد مان ته ڪن جو متواتر حديثن مان، ڪي وري مجتهدن جي بيان مان ثابت ڪيا آهن. ”هن رسالي ۾ اهي فرض درج ڪيا آهن، جيڪي حضرت امام اعظم ابوحنيفه جي مذهب ۾ فرض آهن.“ (قادري، 2002ع، ص 342)

(4) حديث جي ميدان ۾ امام اوزاعي، ابومعشر سنڌي، ابوبڪر، احمد بن سندي، اسلم بن سندي، ابو ابراهيم، اسماعيل بن عيسيٰ بن فرح سندي، ابو نصر سندي، ابو عبدالله، ابوجعفر بن ابراهيم ديبلي، محمد حيات السندي ۽ ٻين جا سوين ڪتاب لکيل آهن.

(5) رسول مقبول جي خطن مبارڪن کي ديبل جي هڪ سنڌي عالم مرتب ڪيو هو.

(6) ابوطيب سنڌي: ابوالطيب محمد بن عبدالقادر حنفي، سنڌي مدنيءَ، مديني منوره ۾ رهائش اختيار ڪئي، سندس تعلق ٻارهين صدي هجريءَ جي محدثن سان آهي. (اسحاق، 1976ع، ص 283)

(7) ابوالحسن ڪبير ٺٽوي: جنهن دور جو پير صاحب ذڪر ڪيو آهي ان دور يعني ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ اندر ”ابوالحسن“ واري ڪنيت سان چار بزرگ ٿي گذريا آهن، انهن مان ٽي ابوالحسن ٺٽي شهر جا رهاڪو هئا ۽ چوٿين ابوالحسن جو تعلق نوابشاهه ضلعي سان هو. انهن مان هڪڙي بزرگ يعني ابوالحسن صغير جو پير صاحب ڌار ذڪر ڪيو آهي، انڪري ٻئي ذڪر ڪيل ابوالحسن جو اشارو ابوالحسن ڪبير طرف آهي، جيڪو ابوالحسن ڪبير محدث مدني طور مشهور آهي. ”هن جو نالو محمد بن عبدالهادي آهي ۽ لقب نورالدين ۽ ڪنيت ابوالحسن اٿس. ٺٽي ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي علم پرايائين. ٺٽي کان مديني منوره ڏانهن هجرت ڪري ويو ۽ اتي شيخ محمد بن عبدالرسول برزنجي، شيخ ابراهيم بن حسن، نوراني مدني ۽ شيخ عبدالله بن سالم بصري ۽ ٻين مشائخن کان حديث جي سند حاصل ڪيائين. حرم نبوي ۾ درس ڏيڻ شروع ڪيائين ٿوري ئي وقت ۾ سندس درس جي شهرت اطراف عالم ۾ پکڙجي ويئي، عرب ۽ عجم جي سوين عالمن کانئس علم حديث پڙهيو… سندس تصنيفون سڄي عالم اسلام ۾ مقبول ۽ رائج ٿيون، هن محدث ابوالحسن جي وفات 1139هجري ۾ مدينه منوره ۾ ٿي ۽ جنت البقيع ۾ مدفون آهي.“ (قاسمي، 1997ع، ص 389)

(8) ابوالحسن صغير: هن کي وڏي ابوالحسن کان ڌار سڃاڻپ ڏيڻ خاطر ’صغير‘ سڏيو ويو، هن جو اصلي نالو غلام حسين ابن مخدوم ميان صادق نقشبندي آهي. محمد حيات سنڌيءَ کان علم پرايائين. هي اصل ٺٽي جو هو، اُتان هجرت ڪري مديني منوره هليو ويو، محدث محمد حيات سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ ان جي جاءِ تي حديث جو درس ڏيندو رهيو ۽ ڪيترن برگزيده عالمن جو استاد آهي… ڪيترا علمي ڪتاب پڻ تصنيف فرمايا اٿس… هن بزرگ محدث جي وفات مدينه منوره اندر ٿي ۽ جنت البقيع ۾ مدفون ٿيو. (قاسمي، 1997ع، ص 390)

(9) عبدالله محدث: تحفة الڪرام جي صاحب درٻيلي جي قاضي عبدالله جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”علم مخدوم عبدالعزيز ابهريءَ جي خدمت مان سکيو هو، پورو پورو متقي ۽ پرهيزگار هو. سنه 934 ۾ گجرات ۽ اتان مديني ڏانهن هليو ويو ۽ هميشه لاءِ اتي رهي سڪونت اختيار ڪري گذاري ويو. (قانع، 1976ع، ص 360)

ان بيان تي مترجم مخدوم امير احمد حواشيه لکيو آهي ته: ”ڪتاب النور السافر في اخبار القرن العاشر ۾ لکيل آهي ته ”شيخ علامه گهڻن فنن جو ماهر، عبدالله بن سعدالدين مدني سنڌي سنه 984هه جي ذوالحج مهيني ۾ مڪه شريف ۾ وفات ڪري ويو. هيءَ هڪ زبردست عالم ۽ جديد و متبحر امام هو. هن جون ڪيتريون تصنيفون آهن. جن مان هڪڙو سهرورديءَ جو عوارف تي حاشيو آهي، اسان جي خيال ۾ هي شيخ عبدالله اهو ساڳيو قاضي عبدالله آهي، اگرچه مير قانع سندس والد جو نالو قاضي ابراهيم لکي ٿو، پر ٿي سگهي ٿو ته هيءُ قاضي ابراهيم کي سعدالدين جي لقب سان سڏيو ويندو هجي.“ (قانع، 1976ع، ص 360)

(10) مخدوم محمد حيات سنڌي: هيءُ بزرگ ذات جو چاچڙ، سندس پيءُ جو نالو ابراهيم عرف ڦلاريو، عادلپور لڳ گهوٽڪي اُتر سنڌ ۾ ڄائو، ڪجهه وقت سنڌ ۾ علم حاصل ڪري، ان کان پوءِ قسمت سانگي علم جي طلب ۾ مديني شريف وڃي نڪتو. اتي سنڌ جي ٺٽوي محدث ابوالحسن ڪبير جي خدمت ۾ حديث جي تڪميل ڪيائين. اڳتي هلي عرب و عجم جي استادي ۽ اڳواڻ هجڻ جو شرف حاصل ڪيائين. پنهنجي استاد ابوالحسن ڪبير جي وفات کان پوءِ سندس جاءِ تي مسجد نبويءَ ۾ درس ۽ وعظ جي مسند تي ويٺو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا، سندس مدرسي مان عرب، هندستان، مراڪش، شام ۽ مصر جي سوين بزرگن کانئس حديث جو فيض حاصل ڪيو.“ (قادري، 2002ع، ص 191)

ڪيترن ئي تصنيفن جي مصنف هن سنڌي محدث، 26 صفرالمظفر 1163هه ۾ مديني منوره ۾ وفات ڪئي ۽ جنت البقيع ۾ دفن ٿيو.

(11) مخدوم محمد قاسم سنڌي مدني: پنهنجي دور جو نالي وارو بزرگ هو، مخدوم رحمت الله جو شاگرد هو، علم ۾ مخدوم محمد هاشم جي مدِمقابل هوندو هو. ”هر روز ٽپهريءَ جي وقت حديث نبوي عليہ الصلواة والسلام جو بيان ڪندو هو ۽ ڪيترن توفيق جي صاحبن کي سلوڪ جي واٽ جي هدايت ڏيندو هو. سن 1145هه ۾ هڪڙو دفعو حج تي وڃي خير سان واپس آيو وري ٻيو دفعو اهليه سميت وڃي اتي رهي پيو ۽ انهيءَ برڪت ڀريي هنڌ حديث جي درس ۾ سڀني عالمن ۾ مشهور ٿيو. سن 1157هه ۾ گذاري ويو.“ (قادري، 2002ع، ص 189)

(12)  دراسات اللبيب في الاسوة الحسنة بالحبيب: نالي ڪتاب 455+56+55+107=674 صفحن تي مشتمل جديد ٽائيپ ۾، تصحيح ٿيل مواد 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو هو.

(13) بذل لاقوة في حوادث سني النبوة: مخدوم صاحب جو سيرت پاڪ بابت هي نرالي نوعيت وارو ڪتاب مخدوم امير احمد عباسي کهڙائي سن 1966ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان مرتب ڪري شايع ڪيو هو. متن 307 صفحا، عربي مقدمو، فهرست، انڊيڪس ۽ تعليقات 331 صفحا، جملي 638 صفحا آهي.“ (قادري، 2002ع، ص 327)

(14) هن ڪتاب جي اهميت بابت مخدوم امير احمد لکي ٿو ”هيءُ مختصر ڪتاب آهي جنهن ۾ انهن واقعن جو تاريخي ترتيب سان ذڪر آهي، جيڪي نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي ٽيويهه ساله نبوت واري زندگيءَ ۽ دور ۾ واقع ٿيا، يعني 13 سالن جو مڪي زندگيءَ وارو دور ۽ 10 سالن جي مدني زندگي واري دور جا حالات واقعا ۽ غزاوت سرايا يا جنگيون. هن ڪتاب جي شروعات 5 ذوالحج 1166هه تي ٿي. هن ڪتاب جي پڄاڻي 4 صفرالمظفر 1168هه جي ڏينهن ٿي. يعني هن اهم ڪتاب جي مراد جي چونڊ ۽ جمع ترتيب ۾ مخدوم (محمد هاشم) صاحب کي لڳ ڀڳ ٻه سال کن لڳي ويا.“ (قادري، 2002ع، ص 328)

(15) ڪعب بن زهير: عربي نعتيه شاعريءَ جو وڏو نالو، ڏکڻ يمن جو رهاڪو، ”پهريائين پاڻ سڳورن جي مخالفت ۾ شعر چوندو هو، انهيءَ ڪري سندس لاءِ رسول مقبول جو حڪم هو ته جتي نظر اچي ته قتل ڪيو وڃي. انڪري لڪندو وتندو هو، مڪي جي فتح کان پوءِ جڏهن رسول مقبول جي اَفودرگذر جو چوڌاري چرچو ٻڌڻ ۾ آيو، تڏهن هو به اخلاق نبوي کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيو، هڪ رات رسول اڪرم صلعم جڏهن مدينه منوره جي مسجد ۾ هئا ته ڪعب اچانڪ ڏاچيءَ تي چڙهي اچي پهتو ۽ آواز ڏنائين ته مان ڪعب بن زهير آهيان ۽ مشرف به اسلام ٿيڻ آيو آهيان، حضور اڪرم صلعم ڏاڍا خوش ٿيا. ڪعب رسول جي شان ۾ پنهنجو قصيدو پيش ڪيو. …ڪعب جو اهو قصيدو ’بانت سُعادُ‘ سان مشهور آهي. (فتحپوري، 1974ع، ص 30)

(16) صدرالدين چارڻ: سندس پيءُ جو نالو مهرل فقير، ويٺل ڳوٺ فتحپور ضلعو دادو، ميرن جي دور جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس رسول مقبول جي شان ۾ چيل هڪ ئي مدح ملي آهي.

(17) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو پهريون ڪتاب مداحون ۽ مناجاتون آهي، ان ۾ آيل مواد 1958ع تائين گم ٿيل آهي، ان ۾ ئي سنڌ جي مختلف شاعرن جون مداحون ۽ مناجاتون گڏ ڪيل آهن، جيتوڻيڪ مواد ٽڙيل پکڙيل وڌيڪ هو، يا ان دور کان پوءِ اڄ تائين چيل شاعرن جون مداحون ۽ مناجاتون اڃان گڏ ٿيڻ کان رهيل آهن.

(18) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو چوٿون ڪتاب ”مولود“ مرتب ٿيل آهي، ان ۾ آيل مواد 1958ع تائين گڏ ٿيل آهي، ان ۾ سنڌ جي 186 شاعرن جا 782 مولود آيل آهن، جيتوڻيڪ مواد اڃا وڌيڪ ٽڙيل پکڙيل هو، ان کان سواءِ 1958ع کان پوءِ اڄ تائين مختلف شاعرن جا چيل مواد اڃا گڏ ٿيڻ کان رهيل آهن.

(19) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو ٻيو ڪتاب ”مناقبا“ آهي ان ۾ آيل مواد 1958ع تائين گڏ ٿيل آهي، 388 صفحن واري ان ڪتاب ۾ 73 مناقبا شامل ڪيا ويا آهن. رسول صلعم جي ڄمڻ وارا ڇهه مناقبا ته مختلف شاعرن جا چيل آهن، جڏهن ته معراج بابت چئن مختلف شاعرن جا مناقبا آيل آهن. مواد اڃا وڌيڪ ٽڙيل پکڙيل هو. اڌ صدي گذرڻ دوران ڪيترن ئي ٻين شاعرن قابل ذڪر مناقبا چيا هوندا.

(20) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو ٽيون ڪتاب ”معجزا“ آهي، ان ۾ آيل مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ڪيل آهي. ان ۾ سنڌ جي مختلف شاعرن جا معجرن بابت 65 طويل شعر چيل آهن، انهن مان سنڌ ۾ مشهور هرڻيءَ وارو معجزو، ته يارهن شاعرن جو چيل آهي ۽ بادشاهه پير رحه جو ٻڏل ٻيڙي تارڻ وارو معجزو پنجن مختلف شاعرن جو چيل آهي. اهي معجزا اڄ تائين بيان ٿيندا ۽ ورجائبا اچن ٿا.

(21) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو اڻويهون ڪتاب ”نڙ جا بيت“ آهي، سنڌ ۾ سانوڻ فقير جا نڙ بيت مشهور آهن، هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سانوڻ ۽ سندس ساٿيارن جا 54 طويل نڙ بيت ڏنا آهن جن مان ارڙهن طويل بيت سڌي طرح نبي ڪريم ۽ ولين جي معجزن ۽ صفت ساراهه بابت چيل آهن.

(22) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو پندرهون ڪتاب ”ڏور“ 714 صفحن واري مواد تي مشتمل هن ڪتاب ۾ سوا لک عنوان هيٺ حضرت آدم کان نبي ڪريم صلعم جن جي ڄمڻ تائين وارا، پنجتن عنوان هيٺ نبي صلعم ۽ اصحاب سڳورا وليت واري عنوان هيٺ اولياءَ سڳورا، قدرت عنوان هيٺ ڌڻي سڳوري جي قدرت جا معجزا شامل آهن. هن ۾ 151 سگهڙن جا چيل هزارين ڏور بيت مشتمل آهن.

(23) اهڙيون هزارن جي تعداد ۾ لوليون سنڌ جي ڳوٺن وستين واهڻن ۾ ٽڙيون پکڙيون پيو آهي. افسوس جو لوڪ ادب اسڪيم جو ان عنوان هيٺ ڪو ڪتاب جُڙي ڪونه سگهيو آهي.

(24) قدسي مشهدي: حاجي محمد جان قدسي 1646ع ۾ وفات ڪئي، سندس نعتيه ڪلام عشق رسول جي نهايت لطيف، پراُثر ۽ پرڪشش مضمونن سان پُر آهي. (ميمڻ، 1980ع، ص 70)

(25) قدسي واري ان نعت تي مخمس نما اردو تضمينن جو هڪ مجموعو ”حديثِ قدسي“ نالي شايع ٿيل آهي، جيڪو قاضي محمد عمر مرتب ڪيو ۽ مطبع مخدومي بمبئي 1280هه ۾ شايع ڪيو. (فتحپوري، 1974ع، ص 36)

(26) محسم ڪاڪوروي: ٻارهين صديءَ جو بزرگ محمد محسن ڪاڪوري علائقي ۾ پيدا ٿيو. ان نسبت سان ڪاڪوروي سڏيو ويو، سندس تصنيفن ۾ صبح نجله، نگارستان الفت ۽ خزانه رحمت شامل آهن. 1905ع ۾ وفات ڪيائين، ”هي اردو جو پهريون شاعر آهي جنهن نعت گوئي کي سنجيدگيءَ سان مستقل فن وارو درجو ڏنو ۽ ايترو ته مٿاهين مقام تي کڻي ويو، جنهن کان مٿي کڻي وڃڻ ٻين لاءِ سولو نه هو.“ (فتحپوري، 1974ع، ص 56)

(27) ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو فرزند، سنڌ جو آخري حڪمران، سندس شهادت 1775ع ۾ ٿي.

(28) ملا صاحبڏنو: ويٺل شڪارپور 1843ع ۾ وفات ڪري ويو.

(29) ثنائي: مولوي ثناءَ الله ثنائي، ولادت 1895ع، ويٺل ڳوٺ ’کوهارا‘ ضلع لاڙڪاڻو، وفات 1977ع ۾ ڪيائين.

(30) مولانا غلام رسول: ذات جتوئي ويٺل ڳوٺ محرابپور ضلع خيرپور ميرس 1957ع ۾ وفات ڪيائين.

        لوڪ ادب جي علمي مواد جو تمام وڏو وسيع ميدان آهي. اسان مان اڪثر ماڻهو ان کي محدود نظر سان ڏسندا رهيا آهن.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جنهن لوڪ ادب جي سنوار ۽ سهيڙ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان بار بار لوڪ ادب جي سلسلي ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ”هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي، ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي، لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتن ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي.“ (بلوچ، 1961ع، ص ب)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 1980ع ۽ جڏهن ڪتاب ’سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري‘ شايع ڪيو تڏهن ان جي مهاڳ ۾ لکيائين: ”سنڌي زبان ۾ نعتيه شاعريءَ جو تمام وڏو ذخيرو موجود آهي، طوالت جي خوف کان مون اختصار کان ڪم ورتو آهي، نعت گو شاعرن مان ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ۽ تعارف آيو آهي. ان هوندي به ڪيترن ئي قابل ذڪر شاعرن جو ذڪر ۽ انتخاب رهجي ويو آهي. (ميمڻ، 1980ع، ص 2)

سنڌ جي ٻن وڏن عالمن جي مٿي ذڪر ڪيل اعترافي جملن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مختلف سرڪاري ادارا، لوڪ ادب اسڪيم کي نئين سر هٿ ۾ کڻي، ان سلسلي کي اڳتي وڌائين، ڇاڪاڻ ته اڳ ڪيل ميڙاچونڊيءَ کي به 57 سال گذري چڪا آهن، اڌ صديءَ واري ان دور ۾ ڪيترائي قلمي ڪتاب لڌا هوندا. ڪيترن ئي سگهڙن مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي هوندي. اهڙي صورتحال جي مدنظر اهو تمام ضروري آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي مختلف اسڪيمن پاران اڳ شايع ٿيل ڪتابن کي بار بار شايع ڪرڻ بجاءِ، خاص طور تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نالي ۽ حوالي سان قائم ڪيل ادارن تي برجمان مهربانن کي گهرجي ته ان طرف نئين سر ڌيان ڏيئي، ان اسڪيم کي اڳتي وڌائي وقت ۽ پيسي کي سجايو ڪن.

ببليوگرافي

سنڌي

(1) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، مناقبا، 1960ع سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي حيدرآباد.

(2) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، مداحون ۽ مناجاتون، 1959ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، حيدرآباد

(3) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، مولود، 1961ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، حيدرآباد.

(4) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، معجزا، 1960ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، حيدرآباد

(5) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، ڏور، 1970ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد

(6) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، نڙ جا بيت، 1969ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد

(7) قادري، عبدالرسول، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، سوانح حيات ۽ علمي خدمتون، 2002ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

(8) قاسمي، غلام مصطفيٰ، مقالات قاسمي، 1997ع، نفيس پرنٽنگ پريس، حيدرآباد

(9) قانع، علي شير، تحفة الڪرام، 1957ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي.

(10) گرامي، غلام محمد، سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ، سه ماهي مهراڻ 4/1976ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

(11) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، سنڌ عربن جي نظر ۾، سه ماهي مهراڻ 2/1980ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

(12) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري، 1980ع، سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو.

اردو

(13) اسحاق، محمد ڈاکٹر، علم حدیث میں پاک و ہند کا حصہ، 1976ء، ادارہ ثقافت اسلامیہ لاہور۔

(14) فتحپوری، فرمان ڈاکٹر، اردو کی نعتیہ شاعری، 1974ء، آئینہ ادب چوک مینار انار کلی لاہور۔

(15) ندوی، سید سلیمان، عرب و ہند کی تعلقات، 1976ء کریم سنز پبلشرز، کراچی

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org