سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :10

سنڌي شاعريءَ جو فن ’سينگار‘ هن سلسلي جو نهايت ئي اهم باب آهي، جنهن تي هن مضمون جي آئنده ۽ آخري قسط ۾ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

تصحيح: هن مضمون جي شروع واري صفحي جي 16-18 سٽن ۾ ”مثلا ملڪ محمد چائسي...... حيثِت رکي ٿو.“ وارو جملو زائد آهي ۽ ڪاٽي ڇڏڻ گهرجي.

انسان جي بقا جو راز، انسانيت جي احترام ۾ آهي. جيستائين ساري دنيا جون تعليمي قوتون، پنهنجو سارو توجهه انسانيت جي احترام ڏانهن نه ڪنديون، تيستائين هيءَ دنيا بدستور درندن ۽ حيوانن جي بستي ٿي رهندي.

اوهان نه ٿا ڏسو ته اسپين جا ماڻهو هڪ نسل، هڪ زبان، هڪ مذهب ۽ هڪ قوم هوندي به، محض اقتصادي مسئلن تي هڪ ٻئي جو خون وهائي رهيا آهن. ان مان صاف ظاهر آهي ته ”قومي وحدت“ کي به ڪو قيام ۽ دوام ڪونه آهي. صرف هڪ وحدت ئي معتبر آهي ۽ اها آهي بني نوع انسان جي وحدت، جا نسل، زبان، ۽ رنگ کان بالاتر آهي. (علامه اقبال)

سيد حسام الدين راشدي

مير ”مائل“ جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد

1. ذاتي حالات، خاندان، عزيز ۽ دوست.

خاندان: مير علي شير ”قانع“، سنڌ جي عظيم المرتبت مؤرخ، تذڪره نويس، ۽ شاعر کي هرڪو سڃاڻي: مير غلام علي ”مائل“ انهيءَ بزرگ جو وڏو فرزند هو. مير علي شير ٺٽي جي مشهور صوفي خاندان يعني سيد شڪرالاهي خانوادي جو چشم و چراغ هو. انهيءَ گهراڻي جو وڏو ڏاڏو سيد شڪرالله جنهن جي نالي جي نسبت سان آئنده هلي خاندان جي سڃاڻپ شروع ٿي، سو شاهه حسين ارغون جي عهد ۾ (928هه) هرات کان ٺٽي ۾ وارد ٿيو، ۽ ساڻس گڏ انهيءَ طرف جا ٽي ٻيا بزرگ به سنگتي ٿي، ساڻ اچي ٺٽي پهتا: هڪ سيد شاهه مبين، ٻيو سيد ڪمال، ۽ ٽيون سيد عبدالله اهي ٽيئي ٺٽي جا مشهور ولي الله ٿي گذريا آهن.

شاهه حسين سيد شڪرالله کي، سندس علم فضل، ۽ ديني عظمت ۽ وقار کي پيش نظر رکندي، ٺٽي جو منصب قضا پيش ڪيو، جنهنکي ڪجهه وقت ته سيد صاحب هلايو، ليڪن پوءِ ڇڏي گوشه نشين ٿي، ياد الاهيءَ ۾ ڏينهن پورا ڪيائين.

سيد علي شير جو نسب نامو هن طرح آهي. سيد علي شير بن سيد عزت الله، بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهيرالدين ثاني، بن سيد شڪرالله ثاني، بن سيد ظهيرالدين اول، بن سيد شڪر الله اول، بن سيد وجيهه الدين، بن سيد نعمت الله، بن سيد عرب شاهه، بن سيد امير نسيم الدين محدث، بن سيد امير عطاالله جماالدين محدث، بن سيد فضل الله محدث، بن سيد عبدالله الحسيني الدشتڪي الشيرازي.

مير علي شير قانع، پنهنجي والد سيد مير عزت الله جي وفات جي تاريخ هن طرح چئي آهي.

خرد گفت تاريخ سال وفات،
که ”پيوست با رحمت ايزدي.“

‎‎‎1161هه

سيد عزت الله کي ڇهه فرزند ٿيا: سيد فخرالدين، سيد يار محمد، سيد محمد امين، سيد علي شير ”قانع“، سيد محمد صالح ۽ سيد ضياالدين ”ضيا“.

مير علي شير جو ڀاءُ، سيد ضياالدين ”ضيا“، پنهنجي دور جو بلند پايه شاعر هو. سندس ٻئي ڀاءُ يار محمد کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ مير ڪريم الدين ۽ ٻيو مير عظيم الدين ”عظيم“، جيڪو مير فتح علي خان فاتح سنڌ جي درٻار جو ملڪ الشعراء هو.

مير علي شير 1140هه ۾ ڄائو ”خلق انسانا من السلالة“ مان اهو سال نڪري ٿو سنه 1203هه ۾ سندس انتقال ٿيو. سندس فرزند مير غلام علي مائل، هن فقري مان اهو سال ڪڍيو ”ابشره بالجنته النعيم ابدا“. مير علي شير کي ٽي پٽ ٿيا. مير امير علي جنهن جي تولد جو سال ميان غلام محمد ٺٽويءَ ”در چمن جاه شگفته گلي“ (1171) مان ڪڍيو، ۽ يمان محمد پناه ”رجا“ ٺٽويءَ هيءَ تاريخي سجع تيار ڪئي. ”امير علي بن علي شير حسيني“ (1171هه)، ٻيو مير غلام عليمائل“، جنهن جي بياض تي هي مضمون لکيو ويو آهي. ۽ ٽيون فرزند مير غلام ولي.

مير غلام علي ”مائل“: مير علي شير قانع لکي ٿو (تحفتہ الڪرام ج 2، ص 32) ته مير سعد الله پوربي، هڪ زبردست عالم ۽ معقولات ۾ بينظير دسترس رکندڙ هو، کيس ٻه فرزند هئا، مير العلي، ۽ مير عبدالولي انهن نالن جي ترتيب ۾ عجيب قسم جي ندرت رکيل هئي. سندس پنهنجي نالي سميت جيڪڏهن ٽنهي نالن جا آخري لفظ گڏيا ته ”علي ولي الله“ جو جملو ٺهي پوندو.

مير علي شير جو وڌيڪ بيان آهي ته جڏهن 1160هه ۾ هو سورت پهتو، ان وقت کيس مٿي ذڪر ڪيل نالن جي ترتيب جو علم ٿيو، ۽ بطور نذر جي ان وقت هن باس باسي، ته جيڪڏهن الله پاڪ کيس فرزندن جي دولت عنايت ڪري ته هو به انهيءَ رعايت جي لحاظ سان مٿن نالا رکندو.

حسن اتفاق يا فضل ايزديءَ سان 1161هه ۾ کيس هڪ فرزند ڄائو، مٿئين لفظي رعايت سان نالي رکڻ سان گڏ، هن اها به ڪوشش ڪئي ته نالو تاريخي هجي. چنانچه ”غلام علي“ نالو برآمد ٿيو، جنهن مان سال ولادت 1161هه نڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ٻن سالن بعد، 1163هه ۾، کيس ٻيو پٽ ٿيو، ۽ مٿين ٻنهي رعايتن کي مدنظر رکندي، ان جو نالو ”غلام ولي الله“ رکيائين، جنهن مان تولد جو سال 1163هه به نڪري ٿو، ۽ ٻنهي نالن جي پهرين حصن کي ڇڏي ڏيڻ سان ”علي ولي الله“ به ٺهي اچي ٿو، ۽ اهڙي طرح، مير علي شير جي باس پوري ٿي.

مٿئين مذڪور مان معلوم ٿيو ته مير غلام عليءَ جو، 1161هه ۾ تولد ٿيو، انهيءَ ساڳئي سال ۾، مير علي شير جي والد، سيد عزت الله، جي به وفات ٿي. مير علي شير جي عمران وقت 22 ورهن جي هئي. مير علي شير پنهنجي پٽ جي تعليم تربيت جو ڪوبه ذڪر ڪونه ڪيو آهي، جنهن مان اسان کي مير مائل جي ابتدائي زندگيءَ جو پتو پئجي سگهي. ٽالپري دور جي ادبي اثاثي مان اسانکي معلوم ٿئي ٿو ته، مير ”مائل“ ٽالپري دور جو قادرالڪلام شاعر ۽ شاعريءَ جي سڀني اصنافن جو استاد هو، سندس ديوان، خواه بياض ۾ اسان کي سخن جون سڀئي صنفون ملن ٿيون، جنهن مان پڻ سندس سخنوريءَ جي ڪمال جي خبر پوي ٿي.

سندس قصيدن، تاريخي قطعن ۽ مدحيه غزلن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير ڪرم علي خان جي درٻار سان سندس وابستگي هئي. هن، ٽالپرن جي پهريئن چؤياريءَ جي زباني ۾ جيڪي اهم واقعا ٿيا آهن، تن سڀني تي تاريخي قطعا چيا آهن، ليڪن زياده تر ڪلام اسان کي اهو ملي ٿو جنهن جو تعلق مير ڪرم علي خان جي ذات سان آهي.

مير ”مائل“ جا حالات، مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ جي تذڪري، تڪملئه مقالات الشعراء ۾ لکيل آهن، ليڪن اهو اسان جي پيش نظر نه آهي. پاڻ به مير صاحب هڪ تذڪرو ”مجمع البلغاء“ جي نالي سان لکيو هو، ليڪن اهو به اڃا تائين دستياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري، سندس مڪمل حالات معلوم ڪين ٿيا آهن. سندس بياض جي تاريخي قطعان مان سندس سوانح حيات جي ڪن پهلوئن تي روشني پوي ٿي، جن کي ترتيب وار هيٺ ڏيون ٿا.

مير صاحب کي ڪيترو اولاد ٿيو، ان جو پتو ڪونه آهي. بياض ۾ پنهنجن هيٺين فرزندن جي نالي تي تاريخي قطعا چيا اٿائين.

(1) مير عسڪر علي: ڀائنجي ٿو ته هي مير صاحب جو وڏو فرزند هو، جنهن کي جڏهن سيد صدرالدين نالي هڪ پٽ ڄائو، تڏهن مير صاحب هيٺيون قطعو چيو؛

يافت چون ميلاد اين پور گزين،
آنک دائم باد از حق کام او،
سال ميلاد شريفش گفت دل،
”هست صدرالدين مبارک نام او.“
ڇ

1231هه   ص76

ساڳئي مير عسڪري عليءَ کي ٻيو پٽ مير علي بخش نالي ڄائو، مير صاحب هيٺيون قطعو چيو:

بخشيد چون بسيد عسکر علي، علي،
فرزند نامور به نبي بخش از عطا،
تاريخ زاد نسش ز کمال.....
فرموده اند، ”زاد علي بخش بار جا“.

1215هه              ص 30

مير عسڪري عليءَ کي ٽيون پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مير لطف علي رکيو ويو، مير مائل قطعو چيو.

آمد از لطف علي چون که بما اين فرزند،
که رسانده به پدرمزده نعم البدلي،
سال ميلاد سعيد ش خردم گفت سحر،
”حبذا لطف علي آمده با لطف علي.“
                    1223هه            ص 73

ساڳئي پوٽي لاءِ ٻيو قطعو چيائين:

ايزد از لطف چوبخشيد بما اين فرزند،
که معمر به پدر باد ز لطف ازلي،
گفت باروي ”بهي“ سال ولو دش هاتف،
”حبذا لطف علي داد بما لطف علي.“

2      1221+2=1233 هه  - ص 73

ٽيون قطعو هي جوڙيائين:

سروش غيب بسال ولادتش فرمود،
”ابدبه لطف علي مير ماست لطف علي“.

1223 هه   - ص 37

پهرئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته 1223هه کان اڳ مير عسڪر علي جو ڪو پٽ انتقال ڪري ويو هو، جنهن جو نعم البدل مير مائل، لطف عليءَ کي سمجهيو.

(2) مير علي شير: مير مائل کي 1222 هه ۾ هڪ پٽ ڄائو، جنهن تي پنهنجي والد جو نالو يعني مير علي شير رکيائين، ۽ خوشيءَ وچان ٻه تاريخي قطعا چيائين.

شکر حق کا مده اين خوش فرزند،
ناميءَ عصر چو جد ممتاز،
آمد و داد به من چون هاتف،
از غلامي علي شير اعزاز،
سال ميلاد شريفش گفتم،
”نامور مير علي شير آمد باز.“

1222 هه

ٻيو قطعو:

صد شکر که از يمن غلاميء علي شير،
حق کرد عطا چون بمن اين گوهر مقصود،
ازيمن علي شير بکاء دلم از مجد،
زين نام مبارک شرف تازه بيفزود،
تاريخ ولودش بدم صبح دل من،
”باشادئ دل مير علي شير“ بفرمود.

1222هه   - ص 30

(3) مير امام بخش: 1225هه ۾ مير صاحب کي هڪ فرزند ڄائو،جنهن جو نالو، سيد امام بخش رکيائين، سندس تولد جي تاريخ ۾ هيٺِون قطعو جوڙيائين.

ز بخش حق چو امام امم بمن بخشيد،
گل حديقئه بخشش امام بخش بنام،
بروز بخشش او گفت طبعم اين تاريخ،
”امام بخش بقاءٌ بما بداد مام“.

1225 هه     ص د

(4) مير مختار علي: مير صاحب کي، 1232هه ۾، مير مختار عليءَ نالي پٽ پيدا ٿيو، هيٺيئن طرح قطعو چيائين.

چو حق بخشيد بامن مير مختار، که در پيش آمدش، آمد دوان بخت،
سروشم سال مولد شريفش، بمن گفتا ”جوان طالع جوان بخت“.

1232هه

ٻيو قطعو چيائين:

صدر شکر که حق به من چو بخشيد،
مختار علي بنام مولود،
تاريخ ولادتش سروشم،
”بارشد چه به خلف“ بفرمود.

1232هه

اهو فرزند غالباً ساڳئي سال فوت ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته بياض ۾ هڪ قطعو ملي ٿو جيڪو مير مختار عليءَ جي انتقال تي چيو ويو آهي، اگرچه قطعي، ”نامور“ جو لفظ ڪتب آيل آهي، جيڪو هڪ سال جي ٻار لاءِ ڪم آڻن مناسب نه آهي.

نامور ما مير مختار از علي،
چون زد اندر قصر جنت قال وصل،
روز وصل او بجنت ايزدش،
”هست جنت جايش“ آمد سال وصل.

1232هه     ص 122

(5) بيبي سڪينه: مير صاحب کي نياڻي بي بي سڪينه نالي به هئي، جنهن جي انتقال تي هيٺيون قطعو چيو اٿائين.

شد چو اندر جنان سکينئه من،
هم مکان با سکينه پيش بتول،
گفت تاريخ هاتفم ”وي باد“،
”در جنان باسکينه پيش بتول“.

23                23+1206=1229هه  - ص 121

مٿين قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب کي چار پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي. (1) مير عسڪر علي (2) مير علي شير (1222هه) (3) مير امام بخش (1225هه) (4) مير مختار علي (1232هه) (5) بي بي سڪينه (وفات 1229هه)، ليڪن سندس هڪ ٻئي پٽ جو نالو به اسان کي ملي ٿو، مير صابر علي ”سائل“، جنهن جو پٽ مير حسين علي ”ضيا“ ٿيو، ۽ ان کي مير صابر علي ثاني ٿيو جنهن جو تخلص ”صابر“ هو، ۽ ان جو پٽ، سيد حسين علي شاهه، هن وقت ٺٽي ۾ موجود آهي، جنهن جي عمر تقريباً 55 ورهه کن ٿيندي.

مير مائل جو انتقال 1251هه ۾ ٿيو، هن وقت تائين سندس تصنيفون هيٺين طرح اسانکي معلوم ٿيون آهن.

(1) ديوان ”مائل“: جنهن ۾ 232 عزل موجود آهن، ۽ 108 ورق اٿس، اهو نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتب خاني ۾ آهي، ديوان جي پهرئين غزل جو پهريون شعر آهي.

الاهي درهمه پنهان وهم از جمله هويدا،
پنهان چه هويداست ظهورت زهمه ها.

آخري غزل جو مقطعه آهي.

يا ”مائل“ حق آنکه ز دل مايل حق است،
باشاه حق مآب دل حق به آب ده.

هن ديوان جا آخري ورق گم آهن، جنهن ڪري منجهس ”ي“ جو رديف ڪونه آهي.

(2) مجمع البلغاء: 1218هه ۾، مير صاحب سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو هي تذڪرو مرتب ڪيو. ان ۾ ارغوني عهد کان وٺي ٽالپري زماني تائين جي شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ جو ڪوبه نسخو دستياب ٿي ڪونه سگهيو آهي. هن جو حوالو اسان کي برٽش ميوزم ۾ مسٽر ايليٽ جي فائلن ۾ ڏسڻ ۾ آيو، ڪتاب ۾ 639 ورق بيان ڪيل آهن.

(3) بياض مير ”مائل“: هي ننڍي سائيز جي تقريباً 200 ورقن تي، تمام باريڪ شڪسته خط ۾، مير صاحب جي پنهنجي هٿ اکرين لکيل آهي. هن وقت اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي. منجهس قصيدا، منقبت، نعتون، سلام، تاريخي قطعا ۽ متفرق اشعار جمع ڪيل آهن، ۽ نهايت سليقي، قريني، ۽ ترتيب سان لکيا ويا آهن، ڪاغذ تمام پراڻو ٿي چڪو اٿس، ۽ هٿ لڳڻ سان پيو ڀري. هن مضمون جو مواد انهيءَ بياض مان ورتو ويو آهي.

(4) بياض: سنڌي ادبي بورڊ ۾، مير صاحب جا پنهنجا ۽ پنهنجي هٿ اکرين لکيل 3 ٻيا به بياض ساڳئي سائيز ۾ ساڳئي نموني جا آهن، جن مان هڪ اهو آهي، جنهن تان مٿيون بياض نقل ڪيو ويو آهي. هي غالباً مسودو هو. ٻيا ٻه به سندس ئي بياض آهن، جن ۾ پڻ قصيدا، سلام، مرثيا ۽ منقبت آهن.

هن هيٺ اسان انهن ماڻهن جو ذڪر ڪريون ٿا، جن جي سلسلي ۾، مير صاحب جي بياض ۾ تاريخي قطعا ملن ٿا. انهن مان ڪي مير صاحب جا عزيز ۽ سنڌ جا نامور شاعر آهن، جن سان مير صاحب جو دوستيءَ جو رستو هو، ۽ ڪي اُهي نامور آهن، جنهن جو تعلق سنڌ جي تاريخ سان آهي.

مير عظيم الدين ٺٽوي: مير عظيم الدين، سيد يار محمد بن سيد عزت الله جو فرزند، مير علي شير جو ڀائٽيو، ۽ مير مائل جو سڳو سوٽ هو، سندس تولد 1163هه ۾ ٿيو. مير علي شير، سندس ولادت جي هيٺينءَ طرح تاريخ ڪڍي.

”انالہ الحافظون“        (مقالات، ص 206)

1163هه

مير عظيم الدين، ٽالپري دور جو عظيم الشان شاعر، ۽ مير فتح علي خان جي دربار جو ملڪ الشعراء هو. ”فتح نامه سنڌ“ سندس شهره آفاق تاريخي مثنوي آهي، جنهن کي هن مير فتح علي خان جي حڪم تي، 1209 هه ۾، شآهنامي جي طرز تي تصنيف ڪيو. ڪلهوڙن جي آخري دور، ٽالپرن جي معرڪن، ۽ ميرن جي ابتدائي دور جي تاريخ جا چشمديد واقعا منجهس بيان ڪيا ويا آهن. اها مثنوي، ميرن جي دور ۾ ڏاڍي مقبول ۽ مشهور ٿي. دربار خواه دربار کان ٻاهر هر وقت پڙهي ويندي هئي، ۽ ماڻهن کي ان جا سوين اشعار بر زبان هوندا هئا. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته:

"The Futtehanamah is rehearsed in durbar, and many of the courtiers mark their adulation, by committing the most fulsome passages to memory" ( Visit to the court of Sindh- pp 46)

اسان کي مير عظيم الدين جون فقط ٽي تصنيفون معلوم هيون. (1) ديوان (2) مثنوي هير رانجهن (3) فتح نامه ليڪن مير مائل جي بياض مان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ ٻي مثنوي ”سير دل“ جي نالي سان به تصنيف ڪيائين. مير مائل، مير صاحب جي سڀني ڪتابن جي تصنيف جا سال، تاريخي قطعن جي ذريعي، ٻڌايا آهن. انهن قطعن جي عنوانن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مير مائل، سندس نه فقط سؤٽ هو بلڪ شعر ۾ سندس شاگرد به هو، ڇاڪاڻ ته سندس نالي جي اڳيان هميشہ ”استاد“ لکي ٿو. هن هيٺ اسان ترتيب سان اهي تاريخي قطعا ڏيون ٿا.

(1) مثنوي ”سير دل“: مير مائل جي هيٺئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب اها مثنوي 1206هه ۾ تصنيف ڪئي.

شهه شاعران مير بزم سخن،
که اسمش عظيم است بنام خدا،
پئي تحفتهء بزم سلطان سند،
که سلطانيش داد عهد وفا،
چه سلطان که نامش به فتح علي،
کند کار رستم به دشت وفا،
عجب مثنويء نکو ”سير دل“،
مرتب نموده بطرز صفا،
اگرچه مجازست بظاهر، ولي،
بسوي حقيقت بود رهنما،
کسي کو بگويد مجازست اين،
کجا با حقيقت بود آشنا،
پئي سال اتمام اين مثنوي،
که باشد عجب نسخهء بي بها،
زطبعم شده کل سه تاريخ نيک،
بتائيد آن ملهم با صفا،
”عجب سير دل نام نسخه بزيب“،
زالهام غيب آمد اين خوش صدا،

(1206هه)

”ز هي مثنوي تحفہء اهل بزم،
دگر آمد اکنون زغيب اين ندا،
                                   (1206هه)

”دگر تحفہء خاص بازيب عقل“،
مکرر بگوشم رساند ندا،

    (1206هه)

هميشه چنين تحفهء بزم دل،
پئي اهل دل باد عشرت فزا.

ص 80

انهيءَ مثنويءَ جو هڪ نسخو مون وٽ موجود آهي، منجهس 316 اشعار آهن، جن مان پهريان چند شعر هي آهن.

بنام مشتري دل فروشان،
بسوداي محبت گرم جو شان،
زنقد حسن در گنجينهء اوست،
همه را در نظر گنجينئه اوست،
پئي سوداي عشق آراست بازار،
بنقد حسن شد دل را خريدار.

ڪتاب ۾ ”توحيد“ کان پوءِ مختلف عنوان قائم ڪيا ويا آهن. عشق جي ماهيت بيان ڪندي، پوءِ معشوق جي سراپا بيان ڪئي وئي آهي، ڪاڪل، زلف، ابرو، چشم وغيره وغيره، جو بيان ڪندي پستانن جي وصف هن طرح ڪري ٿو.

بر آن لوح از کمال لطف صنعت،
دو دستنبو نهاده دست قدرت،
دودستبنوي خوش پر مغزو رنگين،
کزو خون شه دل صد نار ياسين،
چو دل اين باغ فيض ايزدي ديد،
چه خوش برداشت اينجا دست اُميد،
انار دلکش ابن لو گلستان،
بدل دادند امان دستگر دان،
ازان دارالصفا دل را گذرشد،
گذارش بر سرموي کمر شد.

ان کان پوءِ ڪمر، شڪم ۽ ناف تي طبع آزمائي ڪندي ”ڪان جواهر“ تي پهچي، اشهب قلم کي انهيءَ صاف ميدان تي هن طرح ڊوڙائي ٿو.

دلا اين جا ست آن کان جواهر،
کزان پيدا شود جان جواهر،
عجائب گوهر آرد اين صدف بار،
کزو حيران بماند در شهوار،
دل آنجا فاتحه خوانده باخلاص،
که يا رب کي کشايد عقدهء خاص،
خبيثات ز براي اخبثين است،
و ليڪن طيبات از طيبين است،
در اين دفتر نه ذکر ثيبات است،
که اينجا جمله وصف طيبات است،
دلا بر گرد کاين جنات ماواست،
که گندم رهزن آدم درينجاست،
در اينجا باز سر کن راه نو را،
که مي دز دند اينجا راه رو را،
مکن ايدل در اين ره سر تماشا،
تماشائي شود گم در تماشا،
چو اين ره طي نميگردد رهاکن،
بسير دست و پايش دست پاکن

اهڙيءَ طرح، مير عظيم الدين دل کي حسن جي سموري سراپا جو سير ڪرائي، مثنويءَ کي هن طرح ختم ڪيو آهي.

بحسن خلق و با عشق الاهي،
کند مير زمان پيوسته شاهي.
خدايا کام خسرو باد شيرين،
ز شيرين ميوهاي حسن رنگين.
بدولت خانهء شهه باد تيار،
هميشه شاهد دولت پرستار.
الاهي تاکه دور آسمان باد،
بکام شاه و اخوانش روان باد.
چو نامم در گنه گاري عظيم است،
چه خوش نامت بغفاري عظيم است.

آخري شعرن کان ڪجهه مٿڀرو هي شعر به آهن.

اگر بر طبع خود نازم گناهه است،
بلنديها همه از الطاف شاهه است.
بافضال شهه والا نگاهان،
کشيدم سرمه در چشم صفاهان.

(2) فتح نامه: مير عظيم الدين انهيءَ مثنويءَ بعد ”فتح نامه“ تصنيف ڪيو، جنهنجي تصنيف جو سال 1209هه آهي. شاهنامي جي بحر ۾ تقريباً ٻن سو صفحن تي آهي. مير مائل جي بياض ۾ ان تصنيف لاءِ ڪوبه قطعو موجود نه آهي. بياض جا بعض ورق غائب آهن، ممڪن آهي ته انهن ۾ اهو قطعو به هجي.

(3) ديوان ”عظيم“: مير صاحب جو هي پهريون ديوان آهي، جيڪو 1210هه ۾ مڪمل ڪري، مير فتح علي خان جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. انهيءَ ديوان جو پهريون نسخو جنهن کي مير صاحب پاڻ مير فتح علي خان لاءِ مرتب ڪيو، ۽ مير مائل ان جو قطعو چيو، سو منهنجي پيش نظر آهي. مير عظيم الدين، ديباچي ۾ لکيو آهي ته ”هي حقير اڃان انهيءَ قابل نه آهي ته پنهنجو ديوان مرتب ڪري، ليڪن مير صاحب جو حڪم آهي، تنهن ڪري جيترو ڪلام هن وقت تائين گڏ ٿيو آهي، سو درج ڪيان ٿو. هن وقت منهنجي عمر 40 سال آهي، هن کان پوءِ جيڪي چوندس تنهن کي حاشيه تي لکندس.“ چنانچه ديوان جي حاشيي تي سندس پنهنجي هٿ اکرين هر رديف ۾ پوءِ جا جوڙيل غزل درج آهن. پاڻ قطعو هن طرح چيو اٿائين.

چو آغاز ترتيب ديوان نمود،
مدد خواست دل از جناب احد،
دلم بهر تاريخ آغاز آن،
بگفتا ”علي العظيما مدد“

1210هه

ديوان جون پهريون شعر هي آهي.

”اي در همه موجد هم از جمله مبرا،
تو در همه پنهان وز تو هر همه پيدا.“

219 صفحن تي غزل، 8 صفحن تي رباعيون، 50 صفحن تي تاريخي قطعا، 71 صفحن تي قصيدا، منقبت، وغيره، 36 صفحن تي سلام ۽ مرثيا، 14 صفحا تاريخي قطعا، 16 صفحا مثنويون، 33 صفحا مثنوي ”سير دل“، 11 صفحا عريضه منظوم در خدمت مير صاحب، ۽ 10 صفحا ساقي نامو.

انهيءَ ساڳي ديوان لاءِ مير مائل هيٺيون قطعون چيو آهي.

ديوان عظيم بافت خوش نظم،
اين نظم نکو ادا ببينيد،
شد سال عظيم اين نکو نظم،
”ديوان عظيم ما ببينيد“.

ٻيو قطعو آهي:

ديوان معانيء عظمت،
حق کرده عظيم چون عظيما،
دل سال عظيم او سحر گاه،
”ديوان عظيم“ گفت حقا.

1210هه

مير عظيم الين جو انتقال 1229 هه ۾ ٿيو، يعني ديوان جي مرتب ٿيڻ کان 19 سال پوءِ، ۽ هي ديوان جنهن وقت جوڙيو ويوتنهن وقت اڃان چاليهن ورهن جو جوان هو، تنهن ڪري ڀانئجي ٿو ته انتقال تائين جيڪو ڪلام تيار ٿيو، سو ڪنهن ٻئي ديوان ۾ داخل ڪيو ويو هوندو، ڇاڪاڻ ته هن ديوان جي حاشيي تي تمام ٿورا غزل سندس هٿ اکرين لکيل آهن.

(4) مثنوي هير رانجهن: هيءَ مثنوي، 1214 هه ۾، مير صاحب تصنيف ڪئي. مير فتح علي خان جي زماني، ۽ مير ڪرم علي خان جي دور ۾ ڪيترن سنڌي شاعرن انهيءَ قصي کي نظم ڪيو آهي. مير صاحبن جي فرمائش تي جيڪي مثنويون مرتب ٿيون سي آهن.

(1) مثنوي هير رانجهن   از مير عظيم الدين.

(2) ”         ”          ” از ولي محمد خان لغاري

(3) ”         ”          ” از مير ضياالدين ”ضيا“ ٺٽوي.

(4) ”         ”          ” از منشي شيوڪرام ”عطارد“.

شاهه آفرين لاهوريءَ، ميان آزاد لاهوريءَ، ۽ نواب احمد يارخان ”يڪتا“ به ساڳئي قصي کي نظم ڪيو آهي. پويون صاحب مغل دور ۾ ٺٽي جو نواب هو. سندس مثنوي سڻڌ اندر مشهور ٿي، جنهن جي تتبع تي ميرن پنهنجي درٻاري شاعرن کان مٿيون مثنويون لکرايون. سڀ کان پهريون، مير فتح علي خان جي فرمائش تي، مير عظيم الدين قصي کي نظم ڪيو. مير مائل انهيءَ مثنويءَ لاءِ هيٺيون قطعو تصنيف ڪيو. جنهن ۾ ”يڪتا“ جي مثنويءَ ڏي به اشارو آهي.

طرفه در حسن و عشق رانجهن و هير،
آمد اين تازه نامه زيب پذير،
گرچه ز اين پيش خامئه يکتا،
کرده است نظم نامئه يکتا،
ليڪن اين نامئه عظيم، ”عظيم“،
شد دوبالا به نزد طبع فهيم،
ناظم اين رسالهء رنگين،
مير بزم سخن عظيم الدين،
طرفه در عهد فيض دولت شاه،
شاهه گردون حشم سليمان جاهه،
خسروي سند، مير فتح علي،
فيض بخشي جهان به خوش عملي،
چون به ارشاد خاص حضرت مير،
قدردان سخن بطبع منير،
بازوي سلطنت برادر شاهه،
با سليمان سند، آصف جاه،
از کرم بخشيء علي نازان،
مير دوران مراد بخش جهان،
شد ز مير محمد او دلشاد،
مزدهء شاديش ز يزدان باد،
مير دوران غلام نام علي،
آنکه نامش بود غلام علي،
داد اين نامه را بنظم عظيم،
طبق دلخواه زينت تنظيم،
بهر تشريح سال اين نامه،
کرد مائل بدست چون خامه،
سال اين نامه گفت طبع منير،
”نامئه حسن عشق رانجهن و هير“.
                          1214هه

تاکه از حسن و عشق باد نشان،
باد اين نامه يادگار جهان.
 

ص 80

ٻيو قطمو هن طرح رقم ڪيو اٿائين.

به بحر مثنويءَ نظم ”يکتا“،
عظيم آمد چو نظم حضرت مير،
ز طبعم سر زد اين تاريخ تنظيم،
”زهي نو مثنويءَ رانجهن و هير“.

1214هه

ٽالپرن جي نئين نئين بادشاهت قائم ٿي هئي. ڪلهوڙن جون درٻاريون، انهن جي علم پروري، داد و دهش، شاعرن، اديبن، عالمن ۽ اهل فن جو اجتماع اکين سان ڏٺو هئائون، انهيءَ دؤر جو پيدا ٿيل علمي ۽ ادبي ذخيرو سڀ سندس سامهون هو، تنهن ڪري هنن لاءِ به لازمي هو ته گذشته دربار جون سڀئي روايتون قائم رکن، جيئن ملڪ جو علمي طبقو کانئن خوش رهي، ۽ اڳيئن سلطنت جي ختم ٿيڻ جو احساس ۽ افسوس سندن دلين مان نڪري وڃي.

ٽالپرن، پنهنجي دربار ۾، ملڪي خواه غير ملڪي، شاعر، اديب، ۽ عالم ڪيترا آڻي گڏ ڪيا. ازانسواءِ پاڻ به علم جا شوقين، ادب مان شناسا ۽ شعر و سخن جي ميدان جا شهسوار هئا، تنهن ڪري نه فقط رسمي طرح قدرداني ڪندا هئا، بلڪ انهيءَ معزز طبقي تي حقيقي طرح داد و دهش جي ورکا ٿيندي هئي، ۽ سندن جائز قدرداني ڪئي ويندي هئي.

مير عظيم الدين انهيءَ دؤر جو عظيم المرتب شاعر هو. سنڌ جيڪي چند اعليٰ پايي جا فارسي شاعر پيدا ڪيا آهن، انهن مان هي به هڪ هو. ظاهر آهي ته مير فتح علي خان جهڙي سخي، دريا دل ۽ قدردان جو ذاتي شاعر هو، تنهن ڪري عام شاعرن کان سندس مرتبو بلند، ۽ سخن پرور بادشاهه جي داد و دهش کيس فارغ البال ڪري ڇڏيو هو. مير مائل جي بياض مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي ۾ مير عظيم پنهنجي رهائش لاءِ نئين طرز جو نهايت ئي خوبصورت ۽ وڏي قيمت خرچي بنگلو ٺهرايو هو، اهو بنگلو 1206هه ۾ ٺهيو، جيڪو سال مثنوي ”سير دل“ جي تصنيف جو آهي. اهو پڻ ڏيکاري ٿو ته ٽالپرن، مير صاحب کي مالامال ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ بنگلي تي مير مائل پنج قطعا چيا آهن، پهريون تمهيدي قطعو هي آهي.

براي قصر تو اي مير ما عظيم الدين،
رساند طبع دعا کوي پنج قطعهء سال،
چو پنج قطعهء که باشند پنج گنج گهر،
چو پنج گنج که هستند پر ز گوهر قال،
بحق پنجتن اين پنج گنج پر گوهر،
بطور هديه زداعي قبول کن هر حال،
اگرچه نيست سزاوار عرض حضرت، ليک،
تو مقبلي و قبوليتت بود ز افضال،
 

هميشه باد وجودت درين مبارک قصر،
نظاره بخش احبا بدولت و اقبال.
                                       ص 82
 

(1) چو ميرمن شهه ملک سخن عظيم الدين،
بروي رسته بناي عظيم کرد بنا،
شگفت از دل احباب صد گل عشرت
خليد خار تحسر بديدهء اعداد،
زهي خجسته بنائي زهي مبارڪ قصر،
....... تزئين ميان ارض و سما،
چو هست جلوه زنان نور ايزدي در وي،
بجاست گر بکنم نسبتش به بيت خدا،
چه قصر آنکه مسما به ”بنگلئه“ کردند،
چه بنگلثي که بود رشک جنت الماوا،
عمارتيست معليٰ به گنبد عالي،
زهي عمارت وخوش گنبديست نيک نما،
برنگ بيت مقدس پئي پرستش حق،
چه گنبديست معلق ميان ارض و سما،
بحيرتم که چرا هشت باب او کردند،
به هشت باب نديد است کس گلستان را،
نه بر زمين و نه بر آسمان مگر اين قصر،
به هشت باب بهشتي است درميان هوا،
هزار نقش نکو درميان او موجود،
هزار رنگ لطافت بفرق او پيدا،
بهر چهار طرف صحن او وسيع السمير،
که مرغ روح پئي سير او پرد به هوا،
برائي سيرعجب سير گاه اين قصر است،
تو آن نمود بهر لحظه سير اين خوش جا،
خصوص در شب مهتاب و موسم باران،
براي سير بود گلشن نشآط افزا،
عجب مکان و عجب سير گاه صد گلشن،
که هست هر طرفش سير سبزهء گلها،
کسي نديده چنين گلشني به روي زمين،
که هست هر گل او رشک صد گل رعنا،
چه گلشني که در او مي و زد ز جمله جهات،
نسيم لطف الاهي برنگ بادصبا،
درش گل ست وجدارش گل ست وسقفش گل،
نهاده اندر درين قصر نقش صد گلها،
برب کعبه عجب معبديست عالي شان،
د روست شانز ده محراب طاعت مولا،
بموقع است اگر چار سوش محرابت،
که هست چار طرف روي اهل دل بخدا،
کسي نديد بيک بيت شانزده محراب،
برائي طاعت حق لا الہ الا الله،
عجب مبارک جائي ست اين بناي عظيم،
عجب خجسته بنائي است اين مبارک جا،
دلم به مزدهء تعمير اين بناي عظيم،
”عجب بناي خجسته“ بگفت سال بنا:

1206هه

هميشه باد خدايا بدولت و اقبال،
جنين بناي مبارک بصاحبش برپا.

مٿئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ عمارت کي بنگلو سڏيو ويندو هو. غالباً انگريزي تمدن جي آمد جو اهو پهريون مثال آهي. بنگلو لب سڙڪ هو، ڇت جي وچ تي هڪ عاليشان گنبد هيس، چوڌاري اٺ دروازا هيس، چؤطرفو صحن ايڏو ڪشادو هو جو سير تفريح لاءِ نه فقط ماڻهو، بلڪ روح به پرواز ڪري تماشي ڏسڻ جي تمنا ۾ رهيو ٿي، چئني طرفن کان بهشت نما باغ به هو، جنهن جي سير جو لطف شب مهتاب ۽ موسم باران ۾ روح کي راحت پهچائيندو هو. باغ ايڏو ڪشادو، وسيع ۽ دلڪش هو، جو شش جهان جي هوا جڏهن اتي پهچندي هئي، ته اندر نسيم ۽ صبا جو روپ اختيار ڪري داخل ٿيندي هئي. درن، ديوارين ۽ ڇت تي، گلڪاريءَ ۽ چٽساليءَ جو باغ و بهار ڪيو ويو هو، اندر لنگهڻ سان ماڻهو حيران ٿي ويندو هو.

(2) چو هست بنگله مير ما عظيم الدين،
عجب مکان عظيم و عجيب نشان عظيم،
دلم بمزدهء اين خوش مکان و خوش منظر،
بگفت مال عظيمش ”عجب مکان عظيم“

1206 هه

هميشه باد خدايا چنيس مکان بمکين،
مکان عيش و مسرت درين جهان عظيم،
(3) عظيم الدين محمد مير خوش فکر،
عجب جاي نکو فرمود برپا،
چودارالعشرت است اين جاي پر عيش،
شد اين اسم مبارک سال اين جا،
هيمشه باد يارب صاحب او،
درين ”جائي مبارڪ عشرت افزا“

1206هه

(4) عزيز مصر سخن مير ما عظيم الدين،
عجب بناي مکاني بطور قصير نمود،
زهي مکان عجب آنکه سال تعميرش،
”عجب مکان زهي خوب قصر“ دل فرمود،

1206هه

همشه باد خدايا برائي صاحب اُو،
تمام ساز مسرت درين مکان موجود.
(5) چو مير خيسرو ملک سخن عظيم الدين،
زهي مکان خجسته بدهر کرد بنا،
برائي سال بناي چنين مکان عظيم،
که پهر سير توان گفت جنت الماويٰ،
دلم بياوريء پنجتن زهاتف غيب،
”زهي مکان خجسته“ شنيد نيک صدا،

1206هه

بحق پنجتن پاک مير صاحب آن،
هميشه باد درين نومکان نشاط افزا ص 82


(1) سيد صاحب جي استعفيٰ بعد، شاهه حسين، قاضي محمد اُچيءَ کي بکر مان گهرائي، قضا جي عهدي تي مقرر ڪيو، ۽ اهو منصب پوءِ هميشه انهيءَ خاندان ۾ رهندو آيو.

(1) امير نسيم الدين، امير عطا الله، ۽ سيد فضل الله جي سلسلي ۾، تاريخ روضته الصفا، تاريخ حبيب السير ۽ هفت اقليم ڏسڻ گهرجن. اهي ٽيئي بزرگ جيد عالم ۽ پنهنجي دور جا مشهور محدث ۽ مصنف هئا.

(1) هتي ”جنته“ ۾ ”ت“ جا 400 عدد شمار ٿيل آهن. حالانڪ تاريخ گوئيءَ جي ماهرن جي اڪثريت هن ڳالهه تي متفق آهي ته ان جا 5 عدد يعني ”هاي هوز“ جي برابر هئڻ گهرجن.

(2) اهي ٽئي بزرگ وڏا عالم هئا، ۽ ڪيترن ڪتابن جي مصنف هئا، مير عبدالولي ”عزلت“ شاعر ۽ ڪيترن علومن ۾ يگانهء روزگار هو، مولوي محمد صادق ٺٽوي سندس شاگرد هو. مخصوم محمد معين سان انهيءَ گهراڻي جو گهاٽو تعلق هو.

(1) مير غلام ولي الله جي هڪ فرزند، محمد شاهه، جي ڄمڻ تي ”مائل“ هيٺيون قطعو چيو.

چون با خوي کز غلاميء علي نامش جلي ست،
حق محمد شاه نام اين بور با فرحت بداد،
گفت با روئي ”جلا“ تاريخ ميلا دش سروش،
”از ولي الله محمد شاهه فرحت ياب باد“،

3           1226+3=1229هه

تابود نام محمد فرحت افزائي قلوب،
عمرش از عون ولي الله خدا افزون کناد!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com