سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :4

کيئلداس ”فاني“

     ”او منهنجا وطن“

او منهنجا وطن! دلدار وطن،
ڪيا ڪيڏا ڀلائن جا مون جتن،
لڳي لونءَ لونءَ ۾، آهي اهڙي لگن،
ڀل کان نه ڀلن، تنهنجا ڀاڻ ڀَوَن،
 

ڪوشش مون ڪئي، ويرٿ سا وئي،
ڳاريندي رهي، ڪرمن جي ڪئي.
 

هت ڏاڍو ڏکايو، آهي ڏکن،
سک ياد ڪري، اڌ ما ٿا اٿن،
ڳڻ ياد ڪري، ڳالهيون نه کٽن،
پل پل ٿا دلاسا، دل کان پڇن،
 

گهر ۾ ڇو رهي، ڌاريون ٿي گهمين،
خوش رهه جو غمن ماريو ٿي گهمين.
 

مشڪل ٿي پيو، واپس آ ورڻ،
مشڪل ٿي پيو، ڳڻتين ۾ ڳرڻ،
چاهي ٿو هرڻ، واريءَ ڏي ورڻ،
سمجهي ٿو سٺو، بک اُڃ ۾ مرڻ،
 

سنسار ڀلي، تنگ خيال سڏي،
دل تنهن کي مهانگو، مال سڏي.
 

ڪري نيڻ نکنڊ، ٿي پهرا ڏنم،
ڌاڙن ۽ ڌڪن، کان دل نه ڊنم،
ڏک ياد نه هو، ڏک ڪونه ڏٺم،
سوين ڇرڪ سهي، ياري نه ڇنم،
 

سرديءَ جي سٽن، گرميءَ ۽ گهٽن،
ڪجهه ڪين ڪيو، ٻوڏن ۽ ٻُٽن،‎
 

اها جهانگين جي، جهونگار ڪٿي؟
اهي چنگ گهڙا، يڪتار ڪٿي؟
اهي کوهه ڪٿي؟ اهي نار ڪٿي؟
اهي ڦول ڪٿي؟ هٻڪار ڪٿي؟
 

اهي کير ونگا، گدرن جون وليون،
اهي واڙ ڀلا، ڇانهن جون ڇليون.
 

سمجهان ٿو مگر، موٽڻ آ محال،
موٽان به اڳيون، ڪٿ ايندو ڪمال،
ظاهر ٿو ڏسان، هت پنهنجو زوال،
ڀل خلق سڏي، منهنجو خام خيال،
 

تو ڏي مان ننگي،پيرن جي اچان،
ٿي اونڌا پون، منهنجا ڀاڳ سنوان.
 

بيوس ٿي ڇڏيم، توکي يار وطن!
ڇڏي سونهن ڪيئي، سينگار وطن!
ياريءَ جا ڏٺا مون نه پار وطن!
گلزار ٿي پئين، منهنجا خار وطن!
 

ڀلا خار ٿي پئين، مونکي ڇو نه جهليئي؟
ڇو نه پلوء جهلي، پڪڙي ٿي پليئي؟
 

هت جان، جدائيءَ ۾ ٿو ڏيان،
هڪ آس تي آئون، پيو ٿو جيان،
شل تو ڏي اچي، ٿانيڪو ٿيان،
آهن مون ڇڏيا هت هاري هيان،
 

جند جان جدائيءَ ۾ ٿي جُهري،
پيو ڀونءَ سان ڀاڪر پائي ڀُري.
 

هت پنهنجي پلين جا، حال ته ڏس!
اهي سيٺ سگها، ڪنگال ته ڏس!
گوندر ۾ گڏيل، هت لال ته ڏس!
ظالم ته زماني جي چال ته ڏس!
 

هت هوند وارا، حيران ٿيا،
ڌنوان ولها ويران ٿيا.
 

ڀڄي جن آ ڀڄايو، مونکي وطن!
ڇڏي جن آ ڇڏايو، مونکي وطن!
لڏي جن آ لڏايو، مونکي وطن!
جن روهه رلايو، مونکي وطن!
 

”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دکي؛
سالن ۾ ٿيا ساعت نه سکي!
 

(”سنڌوءَ تان شڪريه سان)

طفيل احمد ”طفيل“

ٻار جي دعا

هر ٻار هٿ کڻي ٿو ٻاڏائي آسمان ڏي،
 

منهنجي وطن کي يا رب، تسڪين جاودان ڏي!

هي شاد شال هوندي هر وقت سنڌ منهنجي،

آفات کان انهيءَ کي هردم خدا امان ڏي!
 

سر سبز رک، خدايا! هي وڻ عنايتن سان،

هر سال جو اسان کي ميوا پيو نوان ڏي!

انگور، انب، گدرا، بادام، ڄام، ليمان،
 

ڪيلا ۽ صوف ڏاڙهون ڀريون ڀري گهڻا ڏي!

هن مند ۾ سڀن تي، مولا! ڪرين عنايت،

سوغات نوبهاري موڪل ته ڪا اسان ڏي!
 

باغن ۽ پارڪن ۾، ڏس آهه ڄڻ ته ميلو،

هر شام جو وڃن ٿا، سڀ ٻار بوستان ڏي!

ڀرپور سڀ گلن جون، شاخون جهڪي چون ٿيون،
 

هر ٻار کي گلن جو، هڪ هار باغبان ڏي!

آيو بهار آهي، هاڻي ”طفيل“ جو هيءُ،

باد صبا، کڻي وڃ، پيغام نوجوان ڏي!
 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

غزل

سنگدل! مونکي ڏنءِ سورن جو سامان! شڪريو،
تو ڪيا دلدار اڄ احسان تي احسان! شڪريو،
اي تصور، تون ئي همدم ٿو رهين مغموم جو،
تو ڪيو آباد آ منهنجو شبستان! شڪريو.
دلربا، تنهنجي جدائيءَ ۾ رئان ٿو روز و شب،
آهيان تنهنجي ڪري گوهر بدامان! شڪريو.
طائر وحشي طرح اُڏري وئو اطمينان قلب،
تنهنجو آ هر حال ۾ زلف پريشان! شڪريو.
عاشقن ۾ منهنجو نالو ٿيو فقط تنهنجي طفيل،
تو ڪيو نروار اي چاڪ گريبان! شڪريو.
مونکي کائڻ لئي ڏنئي غم، منهنجي دعوت ۾ سڄڻ،
ميزبان، تنهنجو بجا آڻي ٿو مهمان، شڪريو!
جاده منزل! سندءِ هي پيچ و خم آهي عيجب،
”طالب الموليٰ“، ڪري افتان و خيزان! شڪريو.
 

شيخ ”اياز“

قدم قدم تي هجوم رندان، نظر نظر ۾، شراب خانا،
ڪري ويو ڪير بارشِ مي، خمار آلوده ٿيا زمانا،

شعورِ هستي جتي ڪٿي آهه، شعار هستي ڪٿي ڪٿي آهه،
پيو پياريو جيئو جيئاريو، مگر به اندازِ عارفانا.

اسان جو چاهيو ته روح تنهنجي چپن مان چوسي وٺون ته ساقي!
گهڙي نه گذري، خلاف پنهنجي ٿيا سمورا شراب خانا.

ڪڏهن ڪڏهن، موجِ مي مان اُڀري، خودي وري غرقِ جام ٿي وئي،
ڪندو رهيو ساحلِ تمنا، سوين اشارا سوين بهانا.

مثال سيلاب وقت گذري، لٽي ڇڏيو قصرِ عاشقيءَ کي،
ڪٿي جبينون جهڪيون الائي، ڪٿي هيو سنگِ آستانا؟

نگاهه جادو ڀري اوهان جي، طلسمِ هوش و خرد تي جو پئي،
فسانا ها صورتِ حقيقت، حقيقتون صورتِ فسانا.

جڏهن به هو زلف مشڪ بو، حلقهء خيالات ۾ اچي ويو،
تمام پيچيدگيء فڪرِ حيات کي ويا ملي بهانا.

اڙي اڙي! ترس ترس، ڪنهن کي مٽائين ٿو، بي خبر، نظر ڪر،
”اياز“ آ شاعر محبت، اڙي زمانا! اڙي زمانا!!
 

”خواب“ حيدرآبادي

تلاش

1. بزم ادب ۾ اهلِ سخن، خوش بيان ڪٿي!

يعني چمن ۾ ذڪرِ بهار و خزان ڪٿي!
 

2. بي ذوق بزم شعر و سخن جي وڃي رهي،

آهن هزار نقطه چين، پر نڪته دان ڪٿي!
 

3. ڇيڙيان نٿو مان پنهنجي تباهيءَ جو داستان،

افشا ٿئي نه راز توهان جو متان ڪٿي!
 

4. ويران ٿئي نه ڪنهنجو ڀريو گهر، خدا ڪري،

گذري نه انقلاب ڪو ڪنهنجي مٿان ڪٿي!
 

5. گم عقل جستجوئي وجود و عدم ۾ آهه،

ناهي خبر مڪان ڪٿي، لامڪان ڪٿي!
 

6. بجليءَ جي بي ڪليءَ ۾، تلا طم جي جوش ۾،

مونکي وٺي وڃي ٿي، محبت ڪٿان ڪٿي!
 

7. غنچن ۾ تازگي، ۽ بهارن ۾ دل ڪشي،

اهل چمن کي ٿئي ٿو، ملالِ خزان ڪٿي!
 

8. مان بي خوديءَ کان ترڪِ عبادت ڪيان ٿو اڄ،

بيگانو ٿي وڃي نه سندءِ آستان ڪٿي!
 

9. خونِ جگر اکين مان وهيو، اشڪبار ٿي،

باقي سو دل ۾ سوز ۽ دردِ نهان ڪٿي!
 

10. پوشيدهه توکان ڪوبه نه آهي چمن جو راز،

بادِ صبا ٻڌاءِ، سندم آشيان ڪٿي!
 

11. دل ۾ رکي ٿو ”خواب“ تمنائي عرضِ حال،

ليڪن شعورِ نطق، مجالِ بيان ڪٿي؟
 

شيخ عبدالله ”عبد“

عجيب تيز ۽ تلخ آهه، داستانِ فراق
زبان تي داغ پون، جي ڪريان بيانِ فراق

فراق يار، فراق وطن، جدائي دل،
رکان ٿو سيني ۾ آباد، هڪ جهان فراق

غمِ فراق جو انجام، ابتداءِ وصال
بيان زبان قلم سان ٿئي نه شانِ فراق

متاع دل ته ڪيم اڳ ئي نذر غمزهه يار
ٻڌايو ڇا مان ڪريان، هاڻ ارمغانِ فراق

فقير و ڪاظم و مخلص، نياز و واصف و نور،
مگر ٿيو سنڌ ۾ هڪ ”عبد“ مدح خوانِ فراق
عبدالحليم ”جوش“

رنگه تغزل

1. نفس کي شعله ڪريون، آهه کي شرار ڪريون،
    غم فراق ۾ ڇو چشم اشڪبار ڪريون.
2. غم حيات زماني تي آشڪار ڪريون،
    متاع درد جو هر ڪنهن کي رازدار ڪريون.
3. اسانجو عزمِ سفر ڏس، جو راهه تي ويهي،
    بچشمِ شوق ٿا منزل جو انتظار ڪريون!
4. بلند آهه گريبان کان هاڻ ذوق جنون،
    اچو ته پردهء ظلمت کي تار تار ڪريون.
5. چمن اداس، فضا سرد، بلبلون خاموش،
    بپا چمن ۾ ڪو هنگامهء بهار ڪريون.
6. ٻڌايون راز ٿا جنهن کي، سو ٿي پوي ٿو رقيب،
    گمان ڪنهن تي ڪريون، ڪنهن تي اعتبار ڪريون.

7. اسان لئي ٻيو به ڪو روزِ حساب ايندو ڇا؟
    شبِ فراق، ستارن جو ٿا شمار ڪريون.
8. اي ”جوش“ آهيون اڃا بيخوديءَ جي عالم ۾،
اچي جي هوش، ته اندازهء خمار ڪريون.
 

شمشير الحيدري

ڪٿان ٿي وري آئي، منهنجي نظر،
اڃان مسڪرائي ٿي راهه گذر.

انڌيرا مسرت کان جهومن پيا،
ڪٿي قيد آهي، عروسِ سحر.

ڪٿي امتياز بهار و خزان،
چمن ۾ رهيو ناهي ڪو ديده ور.

اي مظلوم روحو! مبارڪ هجي!
اجهو ڄاڻ بدلي فضائي دهر.

هي دنيا ته تنهنجي هٿن مان وئي،
خدايا جو ڪرڻو اٿئي، سو ڪر.

اڃان هن کي آهي، غرور جفا،
اڃا ترس، اي عشق آشفته سر،

شب و روز، ”شمشير“ ڳرندو وڃين،
لڳي وئي زماني جي توکي نظر!
 

”اختر“ رضوي

فرشتن نڪي تاجدارن ۾ هوندا،
خدائيءَ جا گڻ خاڪسارن ۾، هوندا.
 

ڀنور مان ته نڪتين، پر هوشيار اي دل،
اڃان ڪيئي طوفان، ڪنارن ۾ هوندا.
 

ڪئي ماٺ تعمير فردا کان جن اڄ،
سڀاڻي سي ئي شرمسارن ۾ هوندا.
 

نه ڪر هاڻي ڀئو، رهزنن جو اٿي هل،
گهڻا قافلا رهگذارن ۾ هوندا.
 

هيءَ دنيا ته ڇاهي، پر اي ابن آدم،
اڃا تنهنجا جلوا ستارن ۾ هوندا!
 

نه ”اختر“ کي هت پارسائن ۾ ڳوليو،
هو صاحب، ڪٿي باده خوارن ۾ هوندا.
 

”تنوير“ عباسي

جا پٿر کي پاڻي نه ڪري، ان ديدهِ تر مان ڇا حاصل؟
ڪنهن دل ۾ اٿاري درد نه جو، تنهن دردِ جگر مان ڇا حاصل؟

آرامِ نظر مان ڇا حاصل، تسڪين جگر مان ڇا حاصل،
هي رنگ  بو جو فريب آهي، پو ذوقِ نظر مان ڇا حاصل؟

منزل جي تلاش آهي مونکي، منزل جو جنون آهي مونکي،
جو راهن ۾ ئي گم ٿي وڃي، تنهن ذوق سفر مان ڇا حاصل؟

باهه جو سيني مان نڪرڻ، مقصود جڏهن آهي همدم،
پو ضبط فغان جي ڇا معنيٰ، آهُنِ جي اثر مان ڇا حاصل؟

يا هر ڪنهن جو غم دل ۾ رک، يا هر دل ۾ غم پيدا ڪر،
محدود جو سينن تائين هجي، تنهن درد جگر مان ڇا حاصل؟

”تنوير“ مان پنهنجي گيتن سان، هڪ باهه لڳائڻ چاهيان ٿو،
جنهن سان نه جليو ڪو ڪاشانو، ان برق و شرر مان ڇا حاصل.
 

”بيدل“ نوآبادي

ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

فريب رنگ وبو دنيا اگر ناهي، ته ٻيو ڇاهي؟
حياتي موت جي پيغامبر ناهي، ته ٻيو ڇاهي؟

هي آزادي، جنهن تي، آهه توکي فخر، اي نادان!
غلامي ئي به عنوانِ دگر ناهي، ته ٻيو ڇاهي؟

اسيرانِ قفس لئي، مزدهِ فصلِ بهاري ڀي،
شگافِ سينه، ۽ زخمِ جگر ناهي، ته ٻيو ڇاهي؟

غريبي، بيڪسي، بيچارگي، فاقه ڪشي هرسو،
نظامِ زندگي، زيرو زبر ناهي، ته ٻيو ڇاهي؟

محبّت جنهن کي چئجي ٿو، اها در اصل اي ”بيدل“
فقط هڪ لفظ بي معنيٰ اگر ناهي، ته ٻيو ڇاهي؟
 

”بشير“ مورياڻي

صبح قريب آهي

ٿيندو طلوع مهر درخشان، ٻڌون پيا،
لائيندو رنگ خون شهيدان، ٻڌون پيا.
 

ڀڙڪي ٿي شمع، رات وهامي ٿي دوستو،
آهي قريب صبح درخشان، ٻڌون پيا.
 

دور خزان وڃي ٿو رفيقو مِلو مِلو،
ايندو بهار جشن بد امان، ٻڌون پيا.
 

ڪو ناهي اختيار ”بشير“ انتظار تي،
ڪوئي اچي رهيو آ خرامان، ٻڌون پيا.
 

غلام رسول گوپانگ ”ناز“

تصوير انقلاب

نگاهه تيز هجي، دل ۾ اضطراب هجي،
سدا خيال ۾ تصوير انقلاب هجي.
 

اسان کي تير ۽ خنجر جي آرزو جو قسم،
هجي نه چنگ اسان وٽ، نڪي رباب هجي.
 

رسائي ٿيندي تڏهن حورِ ڪاميابي وٽ،
جي دل ڪباب هجي، خونِ دل شراب هجي.
 

وطن پرست اهو آهه، جنهن جي فطرت ۾،
وطن جي حب هجي، شوق بي حساب هجي،
 

ڪجي مدام فقيريءَ ۾ بادشاهي، دوست!
روش سليم هجي، طرزِ ڪامياب هجي.
 

گهڻي سخن سان نه آ واسطو سخندان جو،
ڪلام ٿورو هجي، ليڪ لاجواب هجي.
 

اهائي روشني گهرجي، دماغ کي اي ”ناز“،
ڪمال جنهن جي تي قربان آفتاب هجي.
 

”سليم“ ڳاڙهوي

حالت زار

زمان حال ۾ انسان ملڻ، ذرا مشڪل،
خدا ملي ٿو مگر، بنده خدا مشڪل.
 

خراب حال ۾ انسان ٿو رهي بيمار،
نظر اچي ٿي انهيءَ درد جي دوا مشڪل.

تعجب آهه، جو طوفان جي لپيٽن ۾،
ٿئي ٿي اهل گلستان جي چشم وا مشڪل
.
رلي ٿو دشت ۾ بي راهه قافلو پنهنجو،
هزار راهزن آهن، ڪو رهنما مشڪل.

وطن ۾ غير جي گاڏي هلي ٿي خوش رفتار،
ملي ٿو قوم جي ڪشتيءَ کي نا خدا مشڪل.

”سليم“ حق جي صدا هر طرف وڃي گونجي،
مگر ملي ٿو حياتيءَ ۾ همنوا مشڪل.
 

لکميچند ”پريم“

بهار ايندو.......!

تنهنجو به نيٺ هڪ ڏينهن بلبل بهار ايندو،
گلڙن جا نيڻ ڇلندا تن ۾ به پيار ايندو.
 

1. رهندي خزان نه هردم اميد جي چمن ۾،

اڏري بهار تو وٽ ٿي بيقرار ايندو.
 

2. ڪوسي هوا ۾ تنهنجو گهٽجي جو دم بدم دم،

پڪ ڄاڻ هير- جهونڪو پڻ بار بار ايندو.
 

3. هاڻي گلن پنن جي اک- ٻوٽ راند بند آ،

مستي کڻي انهن وٽ ٻيهر خمار ايندو.
 

4. ڄاڻان ٿو تنهنجو بلبل، گلشن اداس آهي،

مکڙيون هزار ٽڙنديون، دل کي قرار ايندو.
 

5. ڇانيل دکن جو بادل چؤطرف آهه تنهنجي،

سک جو کڻي سنديشو گرد و غبار ايندو.
 

6. اهڙو ته مست ٿيندينءَ پنهنجو بهار پائي،

خود پاڻ تي نه توکي پڻ اعتبار ايندو.
 

7. مٺڙي بهار لئه، اٿ سواگت جي ڪر تياري،

هو ”پريم“ پريم ۾ ٿي بي اختيار ايندو.
 

هري ”دلگير“

اڳڪٿي

سرساڻ وڄي جو نه، اُهو ساز نه رهندو،
جو دل کي نه لرزائي، سو آواز نه رهندو.
1. خود شمع به پروانه کي ڳوڙهن سان سڏيندي،
نه ته شمع ڏي پرواني جو پرواز نه رهندو.
2. گل چوندو صبا کي، ”وڃي بلبل کي وٺي آءُ“،
ڪو خار نه رهندو، ڪوئي غماز نه رهندو.
3. سا بزم نه رهندي، جا مڙن لاءِ نه هوندي،
هوندو نه اهو ساقي، جو همراز نه رهندو.
4. پياسيءَ جي پٺيان، پاڻهي شيشو پيو ڦرندو،
ڪوئي ڀي، ڪٿي، نظر انداز نه رهندو.
5. سو ڪير، جو محمل ۾ ٿو ليليٰ کي لڪائي؟
مجنونءَ لئه هنئر، پردي پٺيان راز نه رهندو.
6. ايندي جي بهاري، ته هميشہ جي لاءِ ايندي،
هئن چئن گهڙين واسطي اعجاز نه رهندو.
7. سا ڄور نه رهندي، جا پئي خون پرائو،
جهرڪين کي جهٽي کائي جو، سو باز نه رهندو.
8. تهذيب، هنر، علم ۽ فن تي ئي ڪبو فخر،
دولت تي ڪڏهن ڪنهنکي سڃو ناز نه رهندو.
9. انسان جي پيرن ۾ جهڪي ويندا فرشتا،
هوندو نه سو انسان، جو ممتاز نه رهندو.
 

مرحوم مرزا ٻڍل بيگ ”ٻڍل“

1. اي محب مٺا، ٿيان تو تان فدا،

از بهر خدا، ڌر لطف سدا،
ٿي تون نه جدا، ڪر ماهه لقا،
سو وعدو وفا، اچ مون ڏي وري؛

اي جان جهان، ڪئن توري وهان،
ڪٿ توکي لهان، ڪئن سور سهان،
ڇا توکي چوان، قاصد ڪو منجان،
يا حال لکان، ڏي خبر کري.
 

2. هن حسن ڪيو،  ديوانو جسو،

ري تو نه ٻيو، ڪو يار ٿيو،
ڪا سار لهو، يا پاڻ اچو،
ناهي دم ڪو رهيو، هن جان ۾ ڪو؛
ڏس حال اچي، آهي ڳالهه سچي،
جڏ حب هچي، تڏهن جان رچي،
وئي ساري مچي، پر پخت پچي،
ناهي خبر ڪچي، ري تو نه سري.
 

3. اي سهڻا صنم، هي حال ٿيم،

ٿئي ڪونه ڪو ڪم، ڪر رحم مٿم،
آءُ جلد دلم، وجهه وقت نه دم،
ڪر مون تي ڪرم، رهه اِت نه مٺا،
قاصد ڪي پڪا، مون تو ڏي مڪا،
پڻ لکيم رقعا، ڏيکار لقا،
اي يار سچا، ڪر نانهه نڪا،
ته ٿئي قول ادا، نه ته ٿيان نه چري.
 

4. اِهو ماڳ ڇڏي، اچ مون ڏي لڏي،

آءُ منهنجي تڏي، گهر ويهه اڏي،
توکي ساهه سڏي، ڇو ورتين ڦڏي،
ڇڏ هئن نه گڏي، مونکي غم ۾ تون؛
ڇڏ حرص هوس، ڪر مون سان رس،
هي ڳالهه ته بس، آهي تنهنجي وس،
اچي حال ته پس، رخ ”ٻڍل“ جو ڏس،
ناهي توکي ڪس، اي پخته پري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com