سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :3

غلام احمد ”همدم“

وڇوڙو

لڳائي دکيءَ دل تي هڪ ضرب ڪاري،
 

ڪري ظلم هليو وئين اوچتو،
جدائي ۾ جانب ڪري وئين ڦٽو،
 

ڇڏي وئين ڇپر ۾ ڇني يار ياري.

ڪيو مست محفل ۾ هو مشڪ تنهنجي،
 

ستائي ٿي دمدم سندءِ يادگيريءَ،
وڇوڙي ۾ تنهنجي سري هيءَ فقيري

پريشان ڪيو آهي اڄ عشق تنهنجي.

کڻي نيڻ نرگس ڪيئي مونکي بسمل،
 

سندم رات گذري ٿي آهون ڀريندي،
صبح تائين توکي ئي توکي تڪيندي،

پڪاريان پيو توکي پيارا، مان پل پل.

وسين اُت، هجين جت، خدا شل ڪري،
 

ملڻ جي اٿم آس دل ۾ گهڻي،
ڏسان من اچي ڪڏهن پيرا کڻي،

رهين شاد اوري هجين يا پري.
نظم

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“

چمن جو سير

شوق هو مونکي وڃي سير گلستان ڪريان،

پڻ وڃي ديد بهار گل خندان ڪريان؛
 

آيو جنهن وقت هي ويچار مان گهر مان نڪتس،

۽ سمورو ڇڏي ڪم ڪار مان گهر مان نڪتس؛

باغ ۾ پو گل رنگين جي ادا کي مون ڏٺو،
 

پڻ وڃي بلبل شيدا جي صدا کي مون ٻڌو؛

مثل تسنيم ۽ ڪوثر ٿي وهيون هت نهرون،

مثل پرين جي نظر آيون ٿي رقصان لهرون؛
 

سرد لهرن جي لڳڻ کان ٿي ٿيو ٺار جگر،

۽ حبابن جي جهلڪ ڄڻ ته فلڪ تي اختر؛

گل ۽ بلبل جي محبت جو نظارو به ڏٺم،
 

حسن ۽ عشق جي الفت جو نظارو به ڏٺم؛

شور بلبل هو ته ڪٿ نالهء مرغان چمن،

جوش گل هو ته ڪٿي رنگ جوانان چمن؛

دل جو رخ اهڙو عرق سان ٿي نطر آيو تر،
 

جو لڳو ماڪ جي قطرن کان ٿي درج گوهر؛

هو عجب ميوي جو شاخن تي لڏڻ جو منظر،

ٻار لوڏيا ٿي وجهي پينگهي ۾ ڄڻ باد سحر؛
 

هوس حيران ڏسي مان ته خدا جي قدرت،

ديدهء نرگس شهلائي چمن جي صورت؛

ڇا چوان دل تي ٿيو ڪهڙو انهيءَ وقت اثر،
 

منهنجي جنهن وقت پئي باغ جي گوشي تي نظر؛

دل ۾ پيدا ٿيو هڪ درد ڏسي گلچين کي،

شاخ تان ٽوڙي رهيو هو جو گل رنگين کي؛
 

رهڙ کان خار جي هن هٿ کي بچايو پنهنجي،

گل کي ٽوڙي وري دامن ۾ لڪايو پنهنجي:

هن نظاري کي ڏسي چشم ٿي منهنجي پر آب،

گل جي قسمت تي وهيا لڙڪ ٿيم دل بيتاب؛
 

بس ويو منهنجو ڇڏي صبر و تحمل مونکي،

بلڪ بي چين ڪيو زور تخيل مونکي؛

اک سان پنهنجي گل رنگين جو ڏسي اهڙو مالَ،
 

دل کي بي ساخته انوقت ڪيو مون هي سوال:

”ڇو پٽي گل کي ڀلا آهه ٿيو گلچين شاد!

ڇو ڪيائين نه ڪپي باغ مان ڪنڊا برباد!
 

ڇو هي گل ههڙي مصيبت ۾ گرفتار ٿيو؟

ڇو نه گلچين جي ضد ڪاڻ هو تيار ٿيو؟

پاسبان ٿي ويو ايذاءُ ڏيڻ خارن جو،
 

ائين ٿئي زور ٿو دنيا ۾ جفا ڪارن جو؛

آهه هت راحت و آرام جفائن جو ثمر،

ڇا ملسي رنج ۽ پڻ غم ٿو وفائن جو ثمر؟
 

نامه بر پنهنجي تخيل کي بنايم ان دم،

گل کي پيغام اهو پنهنجو ٻڌايم ان دم:

”ڇو نه توکي به خدا خار بنايو هيڪر!
 

تون نه پوءِ زخم اهي سيني تي کائين جيڪر!“

قاصد فڪر کڻي آيو هتان جيڪيو جواب،

سو اوهانکي ٿو کڻي کولي ٻڌايان مان شتاب؛
 

گوش دل ۾ ٿي جهڪي منهنجي تخيل هي چيو:

”تنهنجو پيغام ڏنم هنکي تڏهن گل، هي چيو؛

”تون ڏسي جور و ستم مون تي پريشان آهين،
 

ڪيڏو ناعاقبت انديش ۽ نادان آهين؛

تون جي اسرار جفا راز ستم کي سمجهين،

لطف گلچين جي انداز ستم کي سمجهين؛
 

ايترو رنج کان بيتاب نه دل تنهنجي ٿئي،

غيرت شعله و سيماب نه دل تنهنجي ٿئي؛

گرچه مان ڪشتهء صمصام جفا هت ٿو رهان،
 

شڪوه ڪريان نٿو، راضي به رضا هت ٿو رهان؛

فاش ڪريان ٿو مان اڄ راز محبت پنهنجو،

قابل داد ته انداز محبت منهنجو؛
 

ٿي زماني کي ته بلبل جي محبّت جي خبر،

ٿي مگر ڪنهن کي به ڪا گل جي محبت جي خبر!

جنهن کي ٿي ڄاڻ ته دنيا ۾ وفا ڇا آهي،
 

دهر ۾ تنهن کي ڀلا جور و جفا ڇا آهي!

جيڪڏهن مون تي نه گلچين جو بيداد ٿئي،

صحن گلشن ۾ نه هنگامه فرياد ٿئي؛
 

ٿيو اثر منهنجي محبّت جو دل شبنم ۾،

جا رهي اشڪ فشان رات جو منهنجي غم ۾؛

اڄ تون محفوط ٿو سمجهين ڇا انهن خارن کي!
 

ياد ڪر گردش ايام جي هٿيارن کي!

سڀ سڪي شاخ تان پوندا ٿي پٽن تي ويران،

ٺوڪرون کائيندو ڏسندين ته تون ٿيندين حيران؛
 

رحم ايندو نه ڪڏهن توکي ڏسي تنجو حال،

رنج ٿيندين نه ڪڏهن تنکي جي ڏسندين يا مال،

هاڻ سمجهيو تو جفاڪش ۽ جفاڪار ۾ فرق!
 

توکي معلوم ٿيو هاڻ گل ۽ خار ۾ فرق!

ڇو چوين منوکي ٿو مان گل نه ٿيان خار ٿيان؟

دل ڪشي ترڪ ڪري مان به دل آزار ٿيان؟
 

پنهنجي هستيءَ کي زماني ۾ مٽائڻ گهرجي!

دل کي ڪنهنجي به نه دنيا ۾ ڏکائڻ گهرجي!

جيڪڏهن ڪنهن کي زمانو کڻي مجبور ڪري،

خار بنجڻ به ڀلا ڪير ٿو منظور ڪري!“
هري ”دلگير“

”چؤ ڪهڙو حال آهه!“

1. ڪر خبر، ساٿي! وطن وارن جو ڪهرو حال آهه؟
پنهنجي دلدارن ۽ منٺارن جو ڪهڙو حال آهه؟
2. زندگي هوندي پٽاپٽ انڊلٺ وانگر اتي،
چؤ، اڳين رنگين نظارن جو ڪهڙو حال آهه؟
3. ذّري ذّري مان اسانجي لاءِ ڇلڪيو ٿي شراب،
پنهنجي ميخانن ۽ ميخوارن جو ڪهڙو حال آهه؟
4. آسمان جي هيٺ ڪئن کٽ تي سمهڻ ۾ لطف هو،
نيلي اُڀ جو، چنڊ ۽ تارن جو ڪهڙو حال آهه؟
5. باغ ۾ ليٽي، ڇٻر تي ٿي لکياسين، شعر خوب،
اڄ انهن ٻارن ۽ گلزارن جو ڪهڙو حال آهه؟
6. واهه ۾ ڪئن تڙڳبو هو، انب چوسيندي مٺا،
شيل جي ساٿين، ٻين يارن جو ڪهڙو حال آهه؟
7. هت ته سانوڻ جون گهٽائون، دل مٿان ٿيون ڇانئجن،
چؤ، اتي وڄڙين ۽ وسڪارن جو ڪهرو حال آهه؟
8. ڪئن نه لهبا خواب ها، دنيا نئينءَ جي واسطي!
اڄ انهن سپنن ۽ سنسارن جو ڪهڙو حال آهه؟
9. جهنگ ۾ ٿي راڳ ڳايائون، ڪنن تي هٿ رکي،
تن سدا معصوم ٻڪرارن جو ڪهڙو حال آهه؟
10. سنگ سونهري نچن ٿا، نازنين جان اڃا،
پنهنجي کيتن جو ۽ لابارن جو ڪهڙو حال آهه؟
11. بيل گاڏيون ٿي ڀڳيون، جت ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه دفعا،
کڙ کٻي رستن، رليل چارن جو ڪهڙو حال آهه؟
12. ڇا مچن ٿا اڄ به ميلن جي محبت جا مزا؟
سنڌ جي صوفين جي اوتارن جو ڪهڙو حال آهه؟
13. سنڌ جي هر آدميءَ کي منهنجا ساري ڏج سلام!
پنهنجي تن يارن ۽ دل دارن جو ڪهڙو حال آهه؟
”اياز“ قادري

”پرديسي پرينءَ ڏانهن“

1. وئين ڇڏي جن کي، اُهي توکي ٿا پيارا ياد ڪن،
سا زمين، سو آسمان، سي ٿا ستارا ياد ڪن.
2. زندگي گذري ٿي، جن دلڪش نظارن کي ڏسي،
صبح جا، سي شام جا رنگين نظارا ياد ڪن.
3. موسم گرميءَ ۾، کڏ تي چاه مان ڏسبا ها جي.
سي نکٽ، ٽيڙو، ڪتيون ۽ چنڊ تارا ياد ڪن.
4. جنهن سبب وهندا هئاسين باهه تي گهر ۾ ڇپي،
جنوريءَ ۾ سي سياري جا ٿا پارا ياد ڪن.
5. جي ٿا اُڀ ۾ ڇانئجن ڪارا ڪڪر ڪڙڪو ڪري،
سي وڄون، سي کوڻ جا کلندڙ اشارا ياد ڪن.
6. جن حسينن سان ڪبي هئي راهه ويندي ڇيڙ ڇاڙ،
سي گهڙن سان کوهه ويندڙ ماه پارا ياد ڪن.
7. اڄ به يڪتاري گهڙي تي، خوب ٿيون چونڪيون لڳن،
سي ڀٽائيءَ ۽ سچل جا راڳ وارا ياد ڪن.
8. عاشق جي سر جيان، اڄ ڀي قلم ٿا سنگ ٿين،
سون جيان اَن سان ڀريل ٻنيون ۽ ٻارا ياد ڪن.
9. ڌائبو جت هو، جتي هڻبيون ٽٻيون هيون شوق مان،
لاٽ پئبو هو جتان، سي ٿا ڪنارا ياد ڪن.
10. تڙ تڪڙ ۾ پير ترڪي، ڦهه پٽيءَ ڪربو هو جت،
نانگ جيان سي ور وڪڙ پر پيچ چارا ياد ڪن.
11. جت ڌرم ۽ دين جو جهيڙو نڪي تڪرار هو،
ايڪتا وارا سي صوفين جا اوتارا ياد ڪن.
12. جي ملي توکي ڪٿي ڀي، قرب مان چئجس ”اياز“،
توکي پرديسي پرين! ٿا ديس وارا ياد ڪن.
عبدالقيوم ”صائب“

ڪير منهنجو ساٿ ڏيندو!

ڪير منهنجو ساٿ ڏيندو آهه و زاريءَ کانسواءِ!
 

ياد ماضيءَ ۾ وهايان چند ڳوڙها ٿو مگر،
سي به ڏيئي واٽ ويندا ۽ نه ٿيندا همسفر،
دل رئڻ تي، اک نه رهندي اشڪباريءَ کانسواءِ،

ڪير منهنجو ساٿ ڏيندو آهه و زاريءَ کانسواءِ!
 

گل ٽڙيا، غنچا کليا، زخمن ۾ رس ڀرجي ويو،
موسم گل جي اچڻ تي، هاءِ ڪهڙو قهر ٿيو،
ڦٽ چڪائي وئي هلي، هوءَ غمگساريءَ کانسواءِ،

ڪير منهنجو ساٿ ڏيندو آهه و زاريءَ کانسواءِ!
 

عشق جي ناسور مان جئن آب گلگون پيو وهي،
تئن پيالو عمر جو ڀربو وڃي، مئي پئي ٺهي،
جام ڀربو، هو نه رهندا، باده خواريءَ کانسواءِ،

ڪير منهنجو ساٿ ڏيندو آهه و زاريءَ کانسواءِ!
 

هي ڪکن جو آستانو، ڇو ڀلا ڪنهن کي وڻي،
ڪنهنجو اجڙيل آشيانو، ڇو ڀلا ڪنهن کي وڻي،
ڪا گهڙي ترسي ڪو سگهندو، انتظاريءَ کانسواءِ؟

ڪير منهنجو ساٿ ڏيندو آهه و زاريءَ کانسواءِ!
 

ساهه منهنجي پيٽ ۾، جيسين پوي تيسين رهن،
درد وندن جون ٻڌي هو چار ڳالهيون ڇو سهن،
بي مروت ٿي هليا ويا، انتظاريءَ کانسواءِ،

ڪير منهنجو ساٿ ڏيندو آهه و زاريءَ کانسواءِ!
 

ڪاش! منهنجي دل جي حالت ٿي پوي ڪنهن تي عيان،
حال اوريان دل جو ۽ ظاهر ڪريان درد نهان،
پوءِ ڏسان ڪئن ٿا اُٿن اضطراريءَ کانسواءِ!

ڪير منهنجو ساٿ ڏيندو آهه و زاريءَ کانسواءِ!
 

چنڊ جي چانڊاڻ کي، ۽ ملڪ ويران کي پسي،
ڪجهه ته آيو ياد ٿي ۽ چوٽ دل تي ٿي رسي،
ڪاش! موٽي منهنجو ماضي بيقراريءِ کانسواءِ!

ڪير منهنجو ساٿ ڏيندو آهه و زاريءَ کانسواءِ!
 

بندهه پرور هوش ڪر، مونکي ڇڏي ڏي پنهنجي ڪر،
سک ڦٽائي، سور سختين جو وهائيندين وکر؛
پير هن پڙ ۾ نه پائي بردباريءَ کانسواءِ؛
 

ڪير منهنجو ساٿ ڏيندو آهه و زاريءَ کانسواءِ!
ضياءُ الدين ”ضيا“

بهار جي لنوار

آندو صبا ڇا ساٿ ڪو سڦلو بهار جو،
تر تازو چهرو، چهرو آ ٻڍڙي جو، ٻار جو؛
تاڙين پنن جي ساڻ هوا سيٽيون هڻي،
رقصان روشن ۾ رنگ رتو جوئبار جو؛
وکري ويو واس وترو گلن ۽ ڦلن جو عام،
نکري ويو نور، ناز ڇا ليل ونهار جو!
ٽالهين جو ٺار، رنگ آ ڪچنال جو ڪمال،
آهي سريهن سرس ٿيو قلبي قرار جو؛
انب ۽ کجيءَ جي ٻور آ پيدا سرور ڪيو،
چيٽ آهه چٽ ڪري ڇڏيو غم روزگار جو؛
کيرل، ٻڪن، ڇٻر ۽ ڀتر جي ڇا لئي لڳي!
چهرو آ چهچ لاڻي لئي ۽ ليار جو؛
هر گل مان ياد ٿو اچي سو صانع لطيف،
پن پن مان ٿو پتو پوي پروردگار جو؛
راحت جو دؤر لطف جو لحظو اچي ويو،
نرميءَ سان جيءُ نرم ٿيو خود سخت خار جو؛
ٿيو بود بر جو بحر جو بيحد بيان کان،
ڪاڇي، ڪچي، وچولي، سري، ڪوهسار جو؛
چهه ٻهه چتونءَ جي، چيهي جي ڳيري جون ڳٽڪرون،
مورن جي موج مور آ ڊيلن جي ڍار جو؛
دل قرب جي ٿي ڪيف سان اڄ مست ۽ مگهن،
پلٽيو جو پاڪ پرتوو پرين جي پار جو؛
سٽڪو سرؤ جو ۽ نه سياري جو کٽڪو آ،
دؤرو ٿيو دور، درد جو دک انتظار جو؛
بيخود رهڻ ڏي مون کي، محبت جي دام ۾،
توکي سڄڻ آ سر جو قسم وار وار جو؛
انسان جو بهار محبت جو آهه دم،
زر زور رعب تاب، نه آهي قطار جو؛
مڻيان ”ضيا“ ڪئي تو محبت جي دستياب،
خوف و خطر رهيو نه پو اغيار مار جو.
عبدالڪريم ”گدائي“

”وطن بيت الصنم آهي، وطن بيت الحرم پنهنجو“

ستابي ۽ سکي سنڌڙي، سدا سرسبز ۽ شادان،
 

ٻٻر ٻيريون، کجون کٻڙيون، وطن جا باغ ۽ بستان،

ڪنڊا ۽ ڪرڙ ڪانڊيرا، اسان لئي سنبل و ريحان،

ڳٽو ڳيرا، چڙيون چيها، ڪبوتر مور، خوش الحان،
 

سدا معمور گيتن سان، رهي باغ ارم پنهنجو!
وطن بيت الصنم آهي، وطن بيت الحرم پنهنجو!

هميشه هيج مان پنهنجون، ٿريچاڻيون پيون ٿرڪن،
 

مکڻ ماکيءَ تي ماڙيچون، اسانجون مور جان مرڪن،

چنيون چوليون، سنگهارن جون، ستارن سان سدا جرڪن،

سيه واسينگ وارن جا، سندن سينن مٿان سرڪن،
 

انهن جو عيش و غم آهي، هميشه عيش و غم پنهنجو،

وطن بيت الصنم آهي، وطن بيت الحرم پنهنجو!

سدا نهرن نواڻن جي، وطن ۾ آبياري آ،
 

هتي همت سان هاريءَ جي، برن ۾ ڀي بهاري آ،

هتي ڪڻڪون چڻا ڄانڀا، جوئر ۽ ووڻ ساري آ،

لطيفي لات جي جهرجهنگ ۾ جهونگار جاري آ،
 

ڪري پيهي تي بيهي ڪو، نظارو صبحدم پنهنجو،
وطن بيت الصنم آهي، وطن بيت الحرم پنهنجو!

ازل کان تنهنجي فرزندن، ڪيو هي عهد ۽ پيمان،
 

”محبت ديس پنهنجي جي، اسان جو دين ۽ ايمان“،

نهاري جو نظر بد سان، اوهان ڏي آهه سو شيطان،

ٻچن تنهنجن جي واتان جي، نوالو ڪنهن کسيو نادان،
 

حفاظت ۾ مٺي مادر، تون ڏسندينءَ سر قلم، پنهنجو!
وطن بيتن الصنم آهي، وطن بيت الحرم پنهنجو!

لغت ۾ جي ڪٿي، مادر جي خدمت ڀي شقاوت آ،
 

ڪرڻ تهذيب پنهنجيءَ جي، حمايت جي عداوت آ،

وطن سان جي وفاداري، ڪرڻ ڀي ڪا بغاوت آ،

ته بسم الله! مان باغي، سندم دل ۾، بغاوت آ،
 

بغاوت دين آ پنهنجو، بغاوت آ علم پنهنجو!
وطن بيت الصنم آهي، وطن بيت الحرم پنهنجو!

نياز ”همايوني“

”ملڪن جي راڻي سنڌڙي“

شال ولرن سان وسي، منهنجي اباڻي سنڌڙي،
سيبتي، سهڻي، وسن جهڙي، نماڻي سنڌڙي،
سورن ۽ سختين ۾ سڀني ساڻ ساڻي سنڌڙي،
ڏيهه جي ڏاتار ۽ ملڪن جي راڻي سنڌڙي،
 

مارئي مومل ۽ سهڻيءَ سنڌ تان صدقي وڃان!
گندري، ليلا ۽ سسئيءَ سنڌ تان صدقي وڃان!
 

موج ۾ ڀرجن دليون، مهراڻ جي سر تار سان،
هيج مان اکڙيون ٺرن، جئن آئڙن هالار سان،
روح ۾ رم جهم اٿي، سانوڻ سندي هٻڪار سان،
پرت جا سڀ گيت آلاپن پيا ولهار سان،
 

مرڪ جن جي منهن تي، سي سورن جا مانجهي لک لهن!
سڪ جني جي سونهن ۾، سي سک جا سانگي لک لهن!
 

سنڌ جي ٻولي سٻاجهي، باتڙيون لاکيڻيون،
ڏينهڙا ڏاجن ڀريا ۽ راتڙيون لاکيڻيون،
سانتڙيون سوڀاريون ۽ لاتڙيون لاکيڻيون،
سوکڙيون سيبائتيون ۽ تاتڙيون لاکيڻيون،
 

ڪيئن وساري ڪو اديون، ٻاجهن ڀري ٻولي الا!
ماءُ جنهنسان پئي ڏئي، لالن ڀري لولي الا!
 

سنڌ جا ماڻهو مهانڊا پيار پت جا ڪوڏيا،
اوڀري اوڇڻ جي اوڏو ڪين ست جا ڪوڏيا،
سر ڏئي ڀي سوڀ پائن، اهڙي گت جا ڪوڏيا،
ويل اوکيءَ ۾ به واهر ڏين مت جا ڪوڏيا،
 

قرب ڪونجن جان ونڊين ۽ سام ڀائن، جان ڏين!
پرت پکين جان ڏين، ۽ پيار مائن جان ڏين!
 

سنڌ البيلي ۽ سنڌي سڪ سک جا دادلا،
وقت اَولي ۾ ٿي سگهندا رُڃُ رک جا دادلا،
ڪين گسندا مشڪلن کان اُڃ بک جا دادلا،
مرڪندي مرندا ۽ جيئندا سيج نک جا دادلا،
 

سنڌ ۽ سنڌي سدا وڻڪار جان وڌندا رهن!
شل، ڦلن ڦولن، گلن، گلزار جان وڌندا رهن!


(1) کامبو

(2) واهن ۾ لهوارو ترڻ لاءِ همراهن جو ٽولو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com