سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :8

اصول

شل اسان سڀني جو اصول هجي، پنهنجو، پنهنجي ملڪ جو، ۽ سموري قوم جو فائدو، ۽ اهائي تمنا هجي ته شل ڌڻيءَ جي مهر سان منهنجو ملڪ هن زمين تي هڪ شاندار ۽ روشنيءَ جو منارو هجي ۽ نه ظلم ۽ زوريءَ جو، پر سياڻپ، صلح، ۽ بهادريءَ جو. جنهن ڏانهن سڄي دنيا جون قومون محبت جي نظرن سان نهارين. (ڊينيٽل ويڊسٽر)

مزدور

رستن تي موٽرون، سمنڊن ۾ جهاز، هوا ۾ هوائي جهاز، شهرن ۾ مشنيون ۽ ڪارخانا، اهي سڀ ڪنهن تيار ڪيا آهن؟ ۽ انهن کي هلائي ڪير ٿو؟

اوهان جا محل ۽ ماڙيون، ڪنهن جي ”محنت جي رت“ سان رڱيل آهن؟ هنن جي هڪ هڪ سر تي ڪنهن جي درد جو داستان نقش ٿيل آهي؟ خاڪ جي ذري ذري کي هن جي جاه و جلال جو راز معلوم آهي، پر هڪ توکي نه!

اها مبارڪ ساعت اچي پهتي آهي، ڪي هٿ اٿيا آهن، ۽ فلڪ بوس پهاڙن کي ڪٽي رهيا آهن.

اوهانجي عيش ۽ خدمت لاءِ جنهن ڪوليءَ ۽ مزدور جي صورت اختيار ڪئي آهي، اوهانجي ڪم ڪار ڪندي، جو هميشہ خاڪ آلود رهي ٿو، جنهنجا هٿ رستن جي پٿرن کي ڪٽيندي، خون آلود ٿين ٿا، اهوئي ڪائنات جو معمار آهي، ۽ مان ان کي ئي ڪامل انسان سمجهان ٿو. مان ان جا ئي گيت ڳايان ٿو.

هن جي دکي دل ۽ ڦٽيل هٿ، هڪ ”نئين دنيا“ جو بنياد وجهي رهيا آهن.

هاڻي اها اميد نه رکو، ته اهي خاڪ نشين، اوهان بالانشين ماڻهن جي اڃا به عزت ڪند رهندا!

زمين انهن جي ملڪيت آهي، جي محبت سان کيس پنهنجو اجهو ۽ آسرو سمجهن ٿا، ۽ زمين پنهنجو پاڻ ان کي ئي حوالي ڪندي.

مان انهن پيرن کي چمان ٿو، جي ان خاڪ پاڪ سان ڀريل آهن. جا جبلن جي ٽاڪڻ ۽ زمين کي چيرڻ، کان پوءِ پيدا ٿئي ٿي.

اڄ انهن مظلومن ۽ بيڪس ۽ لاچار ماڻهن جي خون ۾ رڱجي، هڪ نئون آفتاب اڀريو آهي.

هينئر سڀني غلط بندشن کي ڦٽو ڪريو.

فلڪ ڪج ادا کي گهرجي، ته هو اسانجي آشياني تي پاش پاش ٿي ڪري پوي، چنڊ ۽ تارن تي لازم آهي، ته هو اسان تي گلن جي ورگا ڪن، ڇو ته اسان ”نئين دنيا“ جو بنياد وڌو آهي.

سڀ انسان ٻڌن! اسين سڀ هڪ قافلي جا مسافر آهيون، ۽ هڪ جي تڪليف سڀني جون دليون محسوس ڪن ٿيون. گويا هڪ جي بي عزتي ساري انسانيت جي توهين آهي.

هڪ ”نئين دنيا“ نون مقصدن سان زندگي جي صحيح راه تي هلي رهي آهي، جنهن کي ڏسي خدا خوشيءَ مان مشڪي رهيو آهي، ڇا لاءِ ته سندس منشا برصواب ٿي رهي آهي، پر شيطان ڏڪي رهيو آهي، ۽ روئي رهيو آهي.    (نذرالاسلام)

مضمون

علامه آءِ. آءِ. قاضي

علم ادب

سنديلو

شاهه جي رسالي تي هڪ نظر

گرامي

عربي ادب ۾ ”بهاريه“ ڪلام

ڊاڪٽر بلوچ

سنڌي شعر تي هندي شعر جو اثر

حسام الدين راشدي

مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد

 

علامه آءِ. آءِ. قاضي

علم ادب

گذريل چاليهه سال سفر ۾ رهڻ سبب، مونکي پنهنجي مادري زبان جو استعمال گهٽ رهيو آهي. انهيءَ سبب مون کان فصاحت ۽ بلاغت جي توقع ڪرڻ بيجا ٿيندي. منهنجو ارادو فقط هيءُ آهي ته پنهنجا مقصد ۽ خيالات توهان تائين پهچائي سگهان. جيڪڏهن انهيءَ ارادي ۾ ڪامياب ٿيس، ته مون کي ڏکيري ٿيڻ جو ڪو واجبي سبب ڪونهي، ڇالا ته زبان جو غرض ئي اهو آهي ته اسان پنهنجا خيالات ۽ معنيٰ ٻين بني نوع انسانن تائين پهچائي سگهون. ڏيڍ سال کان جيئن ولايت مان آيو آهيان، تيئن ”ادب“ لفظ جو استعمال سراسر غلط طرح پئي ٻڌو اٿم، ۽ خود ”ادب“ جي استعمال جا موقعا تمام ٿورا نظر چڙهيا اٿم. جڏهن ڪوبه اصطلاح يا لفظ معنيٰ ۾ ڪم اچڻ شروع ٿئي ٿو، تڏهن ان جو اثر ڪم ۾ آڻيندڙن تي ضرور پنهنجو نتيجو پيدا ڪري ٿو.

هينئر عام طور سان، ”ادب“ جي معنيٰ ادب نٿو سمجهيو وڃي. جيڪڏهن چئجي ٿو ته فلاڻو ڏاڍو ”اديب“ آهي، ته انهيءَ سمجهڻ جي بجاءِ ته هن ۾ لطف ۽ لطافت طبع، زيب ۽ زينت افعال موجود آهي، ائين ٿو سمجهڻ ۾ اچي ته هو ڪنهن به قسم جي ڪتاب لکڻ تي حاوي ٿيو آهي. اهو ”ادب“ لفظ جو سراسر غلط استعمال آهي.

”علم ادب“ جو لفظ جڏهن عربن پيدا ڪيو، ته يورپ انهيءَ جي معنيٰ پنهنجي لاءِ ”Elegant Literature“ يا ”Polite Literature“ يا ”Belles Letters“ مقرر ڪئي: مطلب اهو هو ته اهو علم ۽ اها تحرير جا ادب لطافت طبع، زيب ۽ زينت عمل ڏانهن اشارو ڪري ۽ انهن جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري. اهو عربن جو ڪم هو ته يورپ کي سيکارين ته نشاني تاديب جي اها آهي ته انسان جي طبيعت ۾ لطف ۽ لطافت، زينت ۽ نزاڪت پيدا ٿئي. انهيءَ جو هڪ تاريخي مثال توهان وٽ موجود آهي. ڊيوڪ آف چيسٽر فليڊ کان سندس پٽ جو پئرس ۾ تعليم وٺڻ ويو آهي، سو ٿو پڇي ته ”خاص طرح ڇا سکان.“ تنهن کي جواب ۾ لکي ٿو ته ”Learn Graces, Graces, Graces“ ٽي دفعا هڪڙي لفظ جو دهرائڻ، سوئي عرب نموني ڏانهن انگشت نمائي ڪري ٿو، ۽ Graces اکر جامع اکر آهي جنهن مان سموري علم ادب جي معنيٰ پيدا ٿئي ٿي.

اڳئين سال جڏهن مون کي دادوءَ جي ادبي سوسائٽيءَ جي صدارت جو موقعو مليو، تڏهن مون ”ادب“ جو اشتقاق ٻڌايو هو ته اهو ”ادب“ لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”سرڻ ۽ پٽ تي ريڙهيون پائڻ“ (To creep and crawl)، ۽ ننڍڙي ريڙهين ڏيندڙ ٻار لاءِ به ڪم اچي ٿو. ”ادب“ لفظ جي معنيٰ آهي انهيءَ ريڙهين ڏيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ قرآن اهو معنيٰ خيز اکر هن طرح ادا ڪيو آهي، ”ثم سواڪ رجلا،“ جانور جو پيرن تي ٿو هلي تنهن کي سنئون ڪري بيهارڻ ته هن جي نظر آسمان تائين پهچي. هن معنيٰ ۾ به اهو لفظ ڪم ۾ اچي سگهي ٿو ته ”حيوان مان ماڻهو ڪرڻ.“ سنڌي اصطلاح موجب مطلب ٿيندس ”اڻ گهڙيلن ڪاٺن کي رندو هڻي سنئون سڌو ڪرڻ.“ اهوئي غرض هو جو ڪالهوڻي ڪالهه استاد، اديب مقرر ٿيندا هئا ته ٻار جڏهن ڇهن ستن ورهين کان وڏو ٿئي ته هن جي تاديب شروع ٿئي. تاديب کانسواءِ تعليم بي سود آهي انهيءَ ڳالهه ڪندي حافظ جي هڪ سهڻي سٽ ياد ٿي اچيم.

”حافظ عالم و ادب ورز، که در مجلس شاه
هر که را نيست ادب، لائق صحبت نه بود.“

۽ اقبال جون سٽون به ياد ڪرڻ جي لائق آهن.

”دين سراپا سوختن اندر طلب،
انتهايش عشق آغازش ادب.
آبروي گل ز رنگ و بوءِ اوست،
بي ادب بي رنگ وبو بي آبروست.
نوجواني را چو بينم بي ادب،
روز من تاريک مي گردد چو شب.“

”اديب بي ادب“ سو اهڙوئي مضحڪ خيز معاملو آهي جهڙو آهي ”شاعر بي شعور.“ ”شعر“ لفظ جي معنيٰ عربيءَ ۾ آهي ”ڄاڻڻ.“ انگريزي ترجمو ان جو ڪجي ته ٿيندو ”Perceive“. شاعر جي لاءِ انگريزي لفظ آهي ”Poet“، ”Poet“ يوناني لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”Maker“. جيڪڏهن انهيءَ لفظ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو ”صنعت گر.“ يا وري انهيءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيو ”Craftsman“. يورپ ۾ هينئر جيڪڏهن ڪو شعر تتبع تي ويهي ٺاهي ته پاڻ کي کلڻ هارڪو ڪندو، ڇا لاءِ ته ائين سمجهيو ٿو وڃي ته جي شاعر پنهنجي دل مان بغير ڪوشش جي ڪا نئين معنيٰ نه پيدا ڪئي ته بي جان شعر بيڪار آهي. جنهن قوم صنعت گريءَ کي پهرين شعر سڏيو هو سا هينئر شعر جي حقيقت کي پهچي ويئي آهي، گرچ ”شعر“ واسطي سندس ڪم آندل لفظ اڃا غلط آهي ۽ جن وٽ صحيح لفظ مستعمل هو، تن وٽ هن وقت غلط استعمال آهي. اتي به حافظ اسان جي حمايت ٿو ڪري، ۽ انهيءَ مسئلي تي روشني ٿو وجهي.

”آنرا که خواندي استاد، گر بنگري بتحقيق
صنعت گريست اما، طبع روان نه دارد،“

هتي هو ”صنعت گر“ ۽ ”شاعر“ جي معنيٰ کي متعين ٿو ڪري.

شاعر ته ٺهيو، پر حقيقي انسان جي مقام جو غرض به اهو آهي، جيئن اقبال چيو آهي.

”حيات چيست جهان را اسير جان کردن.“

It is the soul that body makes“ ۽ اسان وٽ عرض ۽ قافيي کان سواءِ شعر جي ٻين حقيقتن جو خيال به ڪونه ٿو ڪيو وڃي، ڄڻ ته اهي ضروري آهن ئي ڪونه: بمصداق هن جي ته ”هلي نه هلي وٺ رينگٽ کي“: ۽ انهيءَ ڪري اسان جا شاعر اقبال جي مقولي جي زد ۾ اچن ٿا:

”حيات چيست جهان را اسير جان کردن،
تو خود اسير جهاني، کجا تواني کرد؟“

هاڻي اسين انهيءَ نتيجي کي پهتاسين ته جيئن اسان جو علم ”ادب“ جي خوشبوءِ کان خالي آهي، تيئن اسان جو شعر بي شعور آهي. ”شعور“ جي معنيٰ آهي ”ڄاڻ“ عربيءَ ۾ ”ليت شعري!“ جي معنيٰ آهي ”ڪاش آءٌ ڄاڻان!“ اسان جي شعر گوين ۾ ته معنيٰ جو خيال ئي ڪونهي. نه وري دل منجهان ڪو آلاپ ٿو نڪرين. تتبع تي صنعت گري ڪرڻ انهيءَ کي شعر چيو ٿو وڃي ۽ حقيقت ڇا آهي ته جيستائين قلب جي خون منجهان اکر ڳاڙها ٿي نه نڪرن، ۽ خود بخود بغير ڪوشش جي زبان تائين نه پهچن، ۽ آلاپڻ اهڙو بي خبريءَ جو هجي جهڙو قمري يا بلبل جو سرود، تيستائين انکي شعر چئي ڪونه سگهبو. سانگيءَ ويچاري، جنهن پنهنجي پڇاڙيءَ جي جاءِ اسان جي شاهه جي پيرن وٽ مقرر ڪئي، تنهن ڇا چيو آهي.

”جو ترنم ٿو ڪريان سو ٿو ڪريان مستيءَ ۾.“

ڏک ته اهو آهي ته اسان وٽ اهي مست رهيائي ڪونه.

”افسوس! کز قبيلئه مجنون کسي نه ماند.“

اسان جو شاه، اسان لاءِ سند ڪافي ۽ شافي آهي، ڪڏهن شاه به تتبع تي شعر لکيا؟ جيئن قرآن جي دعويٰ آهي ته مون جهڙيون ڏهه آيتون پيدا ڪري ڪونه سگهندو، تيئن آءٌ به دعويٰ سان ناظرين کي ٿو چوان ته جي ههڙيون ٽي سٽون ڪنهن منجهان پيدا ٿين. ته سڄيءَ سنڌ کي کيس مبارڪ ڏيڻ جو موقعو پيدا ٿيندو.

”وريتيون ورو، آءٌ نه ورندي ور ري،
جڏي هن جبل جو تانگهينديس ترو،
جتن ساڻ ذرو، نينهن نبيرو نه ٿيو.“
جتن ساڻ ذرو، نينهن نبيرو نه ٿيو.“

يا هي ٻه سٽون ئي:

”جوڳيئڙا جهان ۾ نوري ۽ ناري،
ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي اُن ري.“

مون کي اوهين معاف ڪندو، جيڪڏهن آءٌ ائين چوڻ جي جرئت ڪريان ته اسان جو شاه والا جاه اڃا هڪ اهو موتي آهي جو سپ ۾ بند آهي، ۽ جنهن کي اڃا هٿ لائڻ جي به طاقت ڪنهن کي ڪانه ٿي آهي. مون تي اعتبار ڪندو جيڪڏهن چوان ته انهن پوين ٻن سٽن تي ڪتاب لکي سگهجي ٿو، ۽ اهي عميق معنائون منجهس آهن ۽ انهن قراني معنائن لاءِ ڪافي آهن! هتي جيڪر سرسري ذڪر ڪريان ته به هڪ ڪلاڪ لڳي وڃيم. اهو آهي انهن ٻن سٽن جو احوال، جن ۾ عوام الناس سواءِ لفظن جي ٻي ڪا زياده معنيٰ ڏسي ئي ڪونه ٿو.

هندوستان ۽ پاڪستان جي موسيقي جي به اها حالت آهي. چار هزار ورهيه اڳ، ڪن سگهڙن چار راڳ ۽ راڳڻيون ٺاهيون سي اڃا تائين رائج آهن، ۽ ڪنهن کي جرئت نه ٿي آهي ته انهن تي اضافو ڪري، تخليق جو درئي بند آهي. شعر ۽ موسيقي ٻئي، هڪڙيءَ طرح، القاء تي منحصر آهن، ۽ دل سان تعلق رکن ٿا. آهون يا خون ڀريا الفاظ ڪا معنيٰ پيدا ڪن، تنهن کي موسيقي ۽ شعر ٿو چئجي. موجوده يورپي موسيقي، يورپ کي عربن وٽان حاصل ٿي. سورهينءَ صديءَ تائين انهيءَ کي وٺيو آيا. پوءِ ڪن اٽالين ڪجهه انهيءَ ۾، ڪمي بيشي ڪري پنهنجي يگانگيءَ جو ثبوت ڏنو. پر اهو باخ لاءِ ڇڏيو ويو ته پوريءَ طرح ان ۾ جدت آڻي. باخ ۽ اسان جو شاهه ڪم و بيش هڪڙيئي سال ۾ پيدا ٿيا، ۽ سندس فوتي جو زمانو به هڪ ٻئي سان نهايت ويجهو آهي. باخ کان وٺي اڄ تائين، يورپ ۾ تخليقي موسيقي ايتري ترقي ڪئي آهي، جو اڄ مس مس سڃاڻي ٿو سگهجي ته انهيءَ جو بنياد عربن جيڪو مادو يورپ ۾ آندو انهيءَ تي پيل آهي. انهيءَ کي چئبو آهي جدت ۽ تخليق. هندستان ۾ مجدد پيدائي نٿو ٿئي. عربن ساري هاڻوڪي دنيا کي عروض ۽ شعر جو قانون ڏنو. ايران کي به ايترو جيترو يورپ کي. جنهن علم، شعر ۽ علم موسيقيءَ کي Romantic ٿو سڏجي، سا سموري عربن جي پيدائش آهي. پررڳو ظاهر ۽ جسم کي وٺي ويهڻ ۽ معنيٰ جو خيال نه ڪرڻ، سو آهي قلب ۽ زبان کي جدا ڪرڻ قراني نالش ”يقولون بالسنتهم ما ليس في قلوبهم“ سا هن سان به ايترو ئي لازم ۽ لاڳو آهي جيترو ڪنهن منافق سان. زبان کي دل جو رفيق هئڻ جڳائي، خاص ڪري شاعر لاءِ، ۽ ڪلام فطرت، دل منجهان پيدا ٿو ٿئي، جيئن اقبال ٿو چوي.

”خدا اگر دل فطرت شناس دي تجهکو؟
سکوت لاله و گل سي کلاءِ پيدا کر.“

باقي سمورو حقيقت کان بعيد ۽ ڏيکاءُ اهي.

هڪڙي هڪڙي لفظ جي غلط استعمال سبب، قوم جا اها زبان استعمال ٿي ڪري، تنهن کي ڪيترو نقصان ٿو پهچي، تنهن جو ثبوت هيءُ آهي ته محض هڪ لفظ، جو اسان جي نهايت محبوب شاعر اقبال هڪ يورپي تخيل جي ترجماني ڪندي ڪم ۾ آندو، ڪيترو نقصان ڪيو آهي تنهن جو اندازو اوهين ڪري ئي نٿا سگهو. اهو لفظ آهي ”خودي“ جو اڄ هر ڪنهن ٻار جي وات ۾ آهي، ڇا لاءِ ته اقبال ان جو استعمال ڪيو. ڪيتريون به ”رموز بي خودي“ اقبال لکي پر جيترو نقصان لفظ ”خوديءَ“ جي استعمال ڪيو، خاص ڪري جوانن کي، تنهن جي تلافي ٿي نٿي سگهي. حقيقت هيئن آهي ته هن انهيءَ منزل کي ”خوديءَ“ سڏيو جا منزل ”خوديءَ“ ۽ ”بي خوديءَ“ ٻنهي کان مٿاهين آهي. محض غلط لفظ جي استعمال، ۽ نه سندس سمجهه جي چوڪ کان هيترو نقصان ٿيو. ”خودي“ جي معنيٰ جيڪڏهن محض ”پاڻ“ ئي ڪري وٺجي ته اسان جو شاهه هر حالت ۾ هوند ان کان جند آزاد ڪرائڻ جي مصلحت ٿو ڏئي.

”جي مون پڙهيا پاڻ لئي سيئي سيل ٿيام“،

            ”پاڻان پاسي ٿي“،

”جني ڀانيو پاڻ، سي آراڻيان اوري رهيون“،

”وڃـــــــــــــائي وجود، تهان پوءِ تـڪبير چئو“.

خود اقبال جوانن کي ٿو صلاح ڏئي ته وقت آيو آهي ته خوديءَ کي ڇڏي خدا ڏانهن لاڙو ڪيو. سندس بهتر غزل، انهن جو جڏهن فلسفو نه پر شعر سندس طبيعت جو معيار هو، تڏهن ٿو چوي:

”مين جبهي تک تها که تير جلوه پيرائي نه تهي،
جو نمود حق سي مٽ جاتا هي وه باطل هون مين.“

انهيءَ غزل کي شروع ٿو ڪري، ڏاڍيءَ هڪڙيءَ سهڻيءَ سٽ سان.

”سختيان کرتا هون دل پر غير سي غافل هون مين،
هائي کيا اچهي کهي ظالم هون مين جاهل هون مين.“

اڄ ”خوديءَ“ جي معنيٰ تي ورتي وڃي اها ساڳي جنهن جو ابليس اظهار ڪيو هو، جڏهن چيو هئائين ته ”انا خير منہ“ خود غرضي، خود خيالي، غرور، تڪبر، انهن مڙني کي اڄ ”خودي“ سمجهيو ٿو وڃي، ۽ جڏهن اقبال جهڙي ماڻهوءَ مصلحت ڏني ته انهيءَ خودي کي پيدا ڪر جڏهن طبيعت حيواني ۾ شروع کان اها موجود ئي ڪانهي ته پوءِ پڙهندڙن جي ڪهڙي گت ٿي هوندي، سا توهين پاڻ تصور ڪري ٿا سگهو. صرف انسان نه پر حيوان به انهيءَ خوديءَ ۾ ڀريل آهن. شاهه صاحب جي سٽ انهيءَ تي انگشت نمائي ٿي ڪري.

”عالم آئون ساڻ ڀريو ٿو ڀير ڪري.“

مرض جيڪڏهن ڪو آهي ته اهو آهي ته پاڻ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ موجود ئي نه سمجهي. جيتري قدر، آءٌ اقبال جو واقف آهيان ۽ ساڻس صحبت رهي اٿم، هن جنهن حالت ۽ منزل انسانيءَ بابت ذڪر ڪرڻ ٿي گهريو، تنهن کي ”خودي“ لفظ ڪنهن به صورت ۾ ظاهر ڪري نٿو سگهي. ”خودي“ لفظ اسان جي زبان ۾ حقارت جي معنيٰ سان ڪم آيل آهي. جا منزل اقبال پيش ڪرڻ ٿو گهري، اُنهيءَ حالت کي قران ”فرديت“ يا ”شخصيت“ جي لفظ سان ادا ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن پارسي لفظ ڪم ۾ آڻڻو هجي، ته ويجهي کان ويجهو مون کي جيڪو هينئر سجهي ٿو اچي سو ”يگانگي“ آهي. پر ”يگانگيءَ“ ۽ ”خوديءَ“ جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. خود ”فرد“ لفظ اقبال هن طرح ڪم ٿو آڻي.

”فرد قائم ربط ملت سي هي تنها کچهه نهين.“

هاڻي جڏهن ”فرد“ خودئي ”ربط ملت“ کانسواءِ ڪجهه نه آهي تڏهن ”خودي“ ڇا ٿي چوي! پر زياده تر سندس غلط اصطلاح چونڊڻ جو ثبوت ”خودي“ لفظ جي هن استعمال مان ملي ٿو. ”خودي ازبي خودي آيد پديد.“ هن مان صاف ظاهر آهي ته سندس ضمير ڪنهن ٻيءَ معنيٰ کي پيو ڳولي، جا خوديءَ ۽ بيخوديءَ ٻنهي کان ٻاهر آهي جا خوديءَ ۽ بيخوديءَ ٻنهي تي حاوي آهي. ڇا لاءِ ته خودي ۽ بيخودي هڪ ٻئي کان متضاد آهن. پوءِ خودي وري بيخوديءَ مان ڪيئن پيدا ٿيندي؟ سوانحه حيات لکندڙ هن جو استفسار هن طرح ٿو ڪري.

”انفرادي حالت مين خودي بلکل خود مختيار مطلق العنان اور سراپا غرور هو جاتي هي ليکن جماعت مين شامل هوکر يه تمام اخلاق رذيله بدل جاتي هين.“

هاڻي، هن مان ٻي ڪهڙي معنيٰ ڪري سگهجي سواءِ هن جي ته خودي اخلاق رذيله جو بنياد آهي ۽ هينئر اهو ثابت ٿيندو ٿو وڃي. جن انهيءَ لفظ جي استعمال کي سمجهيو آهي تن ۾ اهي مڙيئي اخلاق رذيله پيدا ٿيندا ٿا وڃن- اقبال وري به پنهنجو پاڻ فيصلو ٿو ڪري.

”در جماعت خودشکن گردد خودي،
تاز گل برگ چمن گردد خودي“

هاڻي، جڏهن خود شڪن ٿيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ٿي وڃي ۽ سندس سڄي لڱي هئڻ نقصان ڪار تصور ڪيو ٿو وڃي ته پوءِ کيس طاقت ڏيئي آسمان تائين پهچائڻ ۾ ڪهڙو فائدو؟ پر خود وري اهي دوائون جيڪي ڳوليون اٿس خوديءَ جي علاج ڪرڻ لاءِ، يعني جماعت ۽ ملت، تن ئي کان نا اميد ٿي پاڻ کي هن طرح سان ادا ٿو ڪري:

”دلي بر کف نهادم دلبري نيست،
متاع دا شتم غارت گري نيست،
درون سينئه من منزل گير،
مسلماني زمن تنها تري نيست“.

اها شهادت اقبال جي صحيح آهي ۽ اچي ٿي انهيءَ فرديت تي بيهي، جنهن جو قرآن ذڪر ڪيو هو ته قيامت جي ڏينهن سڀئي فرد جي حالت ۾ ايندا جنهن لاءِ هيئن به چيو ويو هو.

”لا تزر و ازرة وزر اخريٰ“

انهيءَ صورت ۾ اسان جي ناقص خيال ۾ ٿو اچي ته جيڪڏهن انهيءَ منزل انسانيءَ جو اسم بامسميٰ ڳوليو ٿي ويو تڏهن بهترين اکر اهوئي ٿي مليو جو قرآن ئي ڪم ۾ آندو، يعني ”فرديت“ يا ”شخصيت“ هروڀرو ته پارسي ”لفظ يگانگي،“ جنهن کي انگريزيءَ ۾ Uniqueness چيو ٿو وڃي. هي سمورو اسان ذڪر انهيءَ ڪري ڪيو ته هڪ لفظ جو غلط استعمال انسان کي ڪيترا واهڻ ٿو ولوڙائي. اڄ اسان جو ”ادب“ ۽ ”شعر“ به انهيءَ طرح سان غلط استعمال ۾ ڪم ٿا اچن، ۽ انهيءَ جو اثر جو قوم تي ٿو پوي ۽ پيو آهي تنهن جو اوهين تصور ئي ڪري نٿا سگهو. اسان جو خاص عرض آهي ته وري انهن کي انهيءَ معنيٰ کان بي بهره آهن ۽ جن کي، بشهادت اقبال، ڏسڻ سان ”روز مي گردد چوشب“، شخص هو، ۽ استادن تي عيان ٿئي ته هر تعليم کان اڳ تاديب لازم آهي، ۽ تعليم تاديب کانسواءِ، اهڙي آهي جهڙي گندي پيالي ۾ صاف پاڻي وجهي توقع ڪرڻ ته اهو پيڻ جي لائق رهندو يا منجهانئس ڪو نيڪ مطلب پورو ٿيندو.

”اين خيال است و محال است وجنون.“

ڏي!

مون کي اها طاقت ڏي، جو ڏک ۽ سک سولائيءَ سان سهي سگهان.

مون کي اها طاقت ڏي، جنهن سان پنهنجي زندگي، محبت ۽ ٻين جي خذمت ۾ گذاري سگهان. مون کي اها طاقت ڏي، جو سائلن کي نا اميد نه ڪري سگهان.

اها طاقت ڏي، جو مان جسم جي ٿلهن اڳيان گوڏا کوڙي نه سگهان.

مون کي اها شڪتي ڏي، جئن مان پنهنجي من کي معمولي ۽ خسيس ڳالهين کان مٿي رکي سگهان.

مونکي اها طاقت ڏي، جئن احسان فراموش، ۽ ليچ درجي جي انتقامي، ۽ لڪل دوست نما دشمنن جو مقابلو ڪري سگهان.                (رابيندر ناٿ ٽيگور)

عبدالڪريم سنديلو

شاهه جي رسالي تي هڪ نظر

سنڌ جي زنده جاويد شاعر، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي وصال کي ڀريا 200 ورهيه گذري چڪا آهن. افسوس! هن مهل تائين ڪنهن به شاهه صاحب جي رسالي جي مڪمل شرح لکڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي آهي. جيڪڏهن هيءَ نعمت عظميٰ ولايت کي نصيب ٿئي ها، ته پوءِ هن مهل تائين هزارين ماڻهو پنهنجي عزيز جان، شاهه صاحب کي سمجهڻ ۾ صرف ڪري چڪن ها. نه رڳو ايترو، پر دنيا جي هر هڪ زبان ۾ ان جو ترجمو به ٿي وڃي ها. مگر اسان جي حالت ان جي برعڪس آهي، جنهن تي جيترو به ڏک ڪجي اوترو ٿورو آهي. عجب ته اهو آهي، جو اسان هن مهل تائين، شاهه صاحب جي خيال کي ته درڪنار، پر لفظن کي به پوريءَ معنيٰ ۾ ادا ڪري نه سگهيا آهيون، بس! ڪنهن مشهور اديب يا ڪنهن جهوني نسخي، ڪنهن لفظ جي معنيٰ ڪئي ته اسان لاءِ گويا سند ٿي چڪي، جنهنڪري وڌيڪ هوش هلائڻ ڇڏي ڏينداسين. جيڪڏهن هيءَ ڪمزور حالت اڃا به جاري رهي، ته اسان جا پويان، اسان کي هرگز معاف ڪري نه سگهندا.

اڄوڪيءَ صحبت ۾، شاهه رحه جا هڪ ٻه بيت، پنهنجيءَ سمجهه موجب، معنيٰ سميت عرض رکان ٿو، ۽ اميد اٿم ته اديب صاحب ان سلسلي ۾ پنهنجي روشن خيالات کان پڻ واقف ڪندا.

(1) پَرينده پاڻُ ويو، زلف ڪِيس زافُ،
سندو ڪاڪُل ڪافُ ماري معذورين کي.
(جلد ٻيون، صفحه 98)

مٿئين بيت ۾ صرف ”ڪاف“ لفظ تي بحث آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو. ’ڪاڪل‘ لفظ جو پهريون اکر ’ڪاف‘ جنهن مان مراد آهي، ’ڪمند‘ يا ’دام.‘

در حقيقت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، اهو خيال ديوان ليلارامخاڪيءَ“ جي ڪتاب ”لائيف ۽ پوئيٽري آف شاه، 1889ع“ تان ورتو آهي. مخفي نه رهي ته ديوان ليلا رام ”خاڪي“ پهريون شخص هو، جنهن شاهه صاحب جي رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ لکي. سندس محنت قابل صد تحسين آهي. پاڻ شاعر به هو، جنهنڪري شاهه صاحب جي ڪلام کي، سمجهڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي اٿس. ديوان صاحب ’ڪاف‘ لفظ لاءِ خاص نوٽ ڇڏيو آهي. نوٽ ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ کي رد ڏيئي، پنهنجي صورتخطي ’ڪاف‘ درست سمجهي اٿس (ڏسو ص 152 مسٽر ليلا رام جي ڪتاب جو)

جيڪي رسالي جا نسخا ڇپيل آهن، تن مان ڊاڪٽر ٽرمپ (1866ع) جو جهوني ۾ جهونو آهي. ان صاحب ”قاف“ لکيو آهي. واضح هجي ته ڊاڪٽر ٽرمپ به ضرور ڪن مستند جهونن نسخن تان اُتارو ڪيو هوندو. تنهن کانسواءِ يقين آهي ته سنڌي بزرگن جو هٿ به ضرور نصيب ٿيو هوندس. پڻ ظاهر هجي ته جو ڪجهه لکجي ٿو، تنهن ۾ معنيٰ جو خيال ضرور رکجي ٿو. جيڪڏهن ائين نه هجي ته ڪنهن به زبان جو ادب بام عروج تي پهچي نه سگهي. ڊاڪٽر ٽرمپ به ”قاف“ جي معنيٰ درست سمجهي، بعد ۾ اها صورتخطي قائم ڪئي هوندي! منهنجي ناقص خيال موجب، ڊاڪٽر ٽرمپ (ص 287) بالڪل ٺيڪ آهي، ۽ بيت جي معنيٰ هيئن بيهندي!

”ڪاڪل“ اشارو آهي محبوب جي ”زلف پريشان“ ڏانهن. ”سندو ڪاڪل“ معنيٰ ”محبوب“ جو ”ڪاڪل“ ”محبوب“ مخفي رکيل آهي. ”سندو ڪاڪل قاف“ معنيٰ محبوب جو ڪاڪل، قاف (وانگر) آهي ”قاف“ اشارو آهي ”ڪوه قاف“ ڏانهن جامع اللغات موجب: هڪ جبل جو نالو، ”جو جهان جي چوڌاري آهي“(؟) شاه صاحب چوي ٿو: محبوب جا زلف پريشان يا ڪاڪل ڪنڍڙا، قاف جبل جهڙا ڪارا آهن.

شاه صاحب جي همعصر، صابر موچي شاعر جي نسخي مان هڪ اهڙي طرز جو بيت عرض رکجي ٿو، جنهن ۾ صابر موچي، شاه صاحب جيان ”زاف“ ”قاف“ ۽ ”ڪيس“ (وار) لفظ ڪم آڻي، شاه صاحب وارو ساڳيو خيال قائم ڪيو آهي:

جهڙا گل گلاب، انهيءَ کان اعليٰ پرين،
پسي مِينُ دَهن دوست جو، مجرو ڪيو مهتابَ،
ڪيسن ساڻ قريب جي، ڇا ڪارنهن پڄندي قاف،
ڪن پيا ويس وڏاندرا، صابر چئي سر صاف،
ظاهر اڳتان زاف، اچي ڪونه عجيب جي.

مٿئين بيت جي ٽين مصرع ۾ صابر، شاه صاحب خيال ظاهر ڪيو آهي. چوي ٿو ته: محبوب جي ڪيسن (وارن) سان، قاف جبل جي ڪارنهن (ڪاراڻ) به مٽ پئي نه سگهندي. تنهن کانسواءِ، جئن شاهه صاحب لاڳيتا بيت چيا آهن، تئن صابر موچيءَ، پڻ چيا آهن. تنهنڪري ”ڪاف“ جي صورتختي ”قاف“ ٿيڻ کپي ۽ معنيٰ اها ٿيڻ گهرجي، جا مٿي ڏيکاري ويئي آهي.

(2) گجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون،
هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پر ڏيهين جون.

(جلد ٽيون، مومل راڻو، ص 23)

ڊاڪٽر گربخشاڻي ”گجميل“ ”رڪ“ يا ”فولاد“ جي معنيٰ ۾ ڏيئي، مرهٽي ۽ گجراتي لغتن جي سند ٿو پيش ڪري. ”آريه ڀوشڻ ڪوش“ توڙي ”ڪئنڊي ڪوش“ مرهٽيءَ جون مشهور لغتون آهن، تاهم انهن ۾ هي لفظ نظر نه ٿو اچي، گجراتيءَ ۾ ”بيلسور“ کان وڌيڪ ٻيوڪو ڪوش، مشڪل هجي. ان ۾ ”گجويل“ ”رڪ“ جي معنيٰ ۾ نظر اچي ٿو، پر ”گجميل“ ۽ ”گجويل“ ۾ جو تفاوت آهي، سو وسارڻ معنيٰ هٿراڌو ڳالهه پيش ڪرڻ.

شاهه جي رسالي جي ڪن نسخن ۾ ”گجمير“ آهي ته ڪن ۾ ”گجميل.“ خير، ٻنهي ۾ ڪو خاص تفاوت ڪونهي. ”ر“ ۽ ”ل“ پاڻ ۾ مٽبا آهن. جئن ٻار: ٻال، ڪارو: ڪالو، معاملو: مامرو؛ وغيره. ان اصول موجب ”گجمير، درست ٿيندو.

منهنجي خيال ۾ ”گجمير“ هڪ شهر آهي، جتان جون ڪهاڙيون مشهور هيون شاهه صاحب ”گجمير“ جي مشهوريءَ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. گجمير- سن: گگن + مير. لفظ جي ڌاتوءَ يا بنياد مان معلوم ٿو ٿئي ته ”گجمير“ ٽڪريءَ تي اڏيل شهر هو، جتي مينهن جام پوندو هو. هرهڪ لفظ ۾، ان ملڪ جي تاريخ سمايل رهي ٿي. هن وقت اهو شهر ڪٿي آهي، سو تحقيق طلب آهي.

شاهه جي همعصر، جوڳيسر ٿريءَ به ڪيترا اهڙا بيت چيا آهن، جن ۾ ”گجمير“ لفظ ”شهر“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي.

گَگَن گجي آئيا، مٿي ٿر ٿمي،
ڪي گجا، ڪي گُجا، ڪي گگر منجهه گهي،
گجاوتيون گجميرِ جون آيون چڙء چڙهي،
ڀاريُون تن ڀِٽِن تي، ڪنِ پيِئَون سُونگ سهي،
آهي ۽ پهي، سڀئي سارِيان سومرا.
مٿئين بيت جي ٽينءَ مصرع ۾ چوي ٿو ته ”گجمير“ جون گجاوتيون (کنوڻيون) مٿان چڙهي ٿيون اچن.

گوڙ ڏنا گجمير ۾، جتي گاجون گوڙا ڏين. (نا معلوم)

انهيءَ تر ۾، جيسلمير، اجمير، باڙ مير وغيره شهر مشهور آهن. ڪنهن وقت جيلسمير جون جتيون مشهور هيون.

جُتي جيسلمير جي آندي اوستادن.

(3) گهوريندي گهور پيا، اگهور گهوريائون،

ميڪر ماريائون، ملاحن مهه سزا. (سر گهاتو)

مٿئين بيت ۾ صرف ”اگهور“ توجہ طلب آحي. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو.

”اگهور جو گهوري يا ڳولي نه سگهجي پاتال اونهو سمنڊ.“

”اگهور“ ”اونهي سمنڊ“ يا ”اونهائيءَ“ جي معنيٰ ۾ ڪنهن به سنسڪرت لغت ۾ نظر نٿو اچي. البت، مرزا صادق علي بيگ ۽ پادري شرٽ واريءَ سنڌي لغت ۾ ”اونهائيءَ“ جي معنيٰ ۾ نظر اچي ٿو. در اصل ”اگهور“ سنسڪرت لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”خوفناڪ.“

اگهور (سنسڪرت). آ = نه + گهور = ڊيڄاريندڙ: جنهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڊيڄاريندڙ نه هجي، خوفناڪ، ڀيانڪ شاهه صاحب مورڙئي جي همت ۽ جوانمرديءَ تي تحسين ٿو ڪري، ته، ”اگهور گهوريائون“، يعني خوفناڪ (سمنڊ، جنهن ۾ ڇوليون، طوفان، ڪن وغيره هجن) ڳوليائون. مورڙئي جي بهادري به انهيءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿي ته هن خوفناڪ سمنڊ جو مقابلو ڪيو.

اگهوري عشق جا اوتيو صرايون،
پيالا پٽ پيو جاڙهين ٿا دنگ.
(ديوان گل 136 بيت)

”اگهوري عشق“= خوفناڪ عشق، اهو عشق، جنهن ۾ سر سٽ ڏيڻي پوي. تنهن ڪري منهنجي خيال موجب ”اگهور“ معنيٰ ”خوفناڪ“ آهي ۽ نه ”اونهو.“

(4) گنير گت سکن، چلڻ جي چاهه پئي،
هندو حيرت ۾ پيا، لالي لال لبن،
چوڏس ماهه چنڊ جئن، وڄڙيون وهسن،
لوچن ٿا لطيف چئي، پسڻ لئي پرين،
ڪيسر قريبن، سنباهي ساڻ کنيا.

(سر سارنگ 3 داستان)

مٿئين بيت ۾ صرف ”هندو“ لفظ تي اختلاف آهي. هيءَ ڳالهه قابل قبول آهي ته جيڪي به ڇاپي رسالا موجود آهن، تن سڀني ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جو رسالو پهريون ۽ جهونو آهي، جنهن تان گهڻو ڪري سڀني اتارو ڪيو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ جو رسالو موجوده صورتخطيءَ ۾ نه آهي، جنهنڪري لفظن جي معنائن ۾ گهڻو اختلاف ٿيو اهي. ارمان آهي، جو اسان ۾ تقليدي مادو عام ۽ نئين ڳالهه پيش ڪرڻ جو مادو برائي نام آهي. اهوئي سبب آهي، جو هن مهل تائين لفظن جون معنائون گهڻو ڪري ساڳيون ئي قائم ڪيون وڃن ٿيون. جيڪڏهن اڃا به اها رفتار قائم رهي ته اسان جو ادب جيڪو درجو ماڻيندو، سو ڪنهن کان به مخفي نه آهي.

ڏسو، ڊاڪٽر ٽرمپ اهو ساڳيو ”هندو“ لفظ پنهنجي رسالي ۾ ”هندو“ (”هه“ کي زير، ”ن“ ساڪن، ”د“ مٿان ”ٿ“ جيان چار ٽٻڪا، ”و“ ۽ ”ا“) ڪري ٿو لکي. ڊاڪٽر ٽرمپ کان سواءِ، ٻيا سڀ صاحب ”هندو“ ڪري ٿا لکن. هاڻي ٻڌايو ته اها تقليدي غلطي نه آهي ته ٻيو وري ڇا آهي؟

پهريون ئي شخص مرزا قليچ بيگ آهي، جنهن ”هندو“ لفظ جي معنيٰ ڏني آهي. مرزا صاحب هن طرح رقمطراز آهي.

هندو = ڪاف، ڪارو (فارسيءَ ۾ ”هندو“ چَون ڪاري کي) هتي اشارو زلفن جي ڪاراڻ جو. مرزا صاحب جي ڏنل معنيٰ موجب، سٽي معنيٰ، منهنجي خيال آهر، هيءَ بيهندي:

محبوب جا لب اهڙا ته ڳاڙها هئا، جو وار، جي زور ڪارا هئا، سي به حيران ٿيا، يعني جيتري ڪاراڻ وارن ۾ موجود هئي، تنهن کان وڌيڪ ڳاڙهاڻ لبن ۾ هئي. مطلب ته ڳاڙهاڻ جو درجو ڪاراڻ کان وڌيڪ هو.

ڪي صاحب شايد وچان ئي ٻيون معنائون ڪن.

آءٌ سمجهي نٿو سگهان ته سنڌ جي بلندپايه اديب ۽ قادر الڪلام شاعر، مرزا قليچ بيگ ”هندو“ لفظ جو لاڳاپو، لال لبن سان ڪهڙِءَ طرح قائم ڪيو آهي! ”زلفن“ جو ”لبن“ کي ڏسي، حيران ٿيڻ موزون ته نٿو لڳي، رسالي ۾ ڪيترا اهڙا بيت ملن ٿا، جن ۾ وارن کي، نانگ سان ڀيٽيو ويو آهي.

گلبندن جون گجريون ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل مان، واسينگ ويڙهيائون.

(سر مومل راڻو)

مٿئين بيت ۾ ”واسينگ ويڙهيائون“ معنيٰ: واسينگ نانگ جهڙا ڪارا، خوفناڪ، تجليدار ۽ ڊگها وار ويڙهيائون يعني سنواريائون.

جيڪڏهن رسالي کان ٻاهر نظر ڦيرائبي ته انيڪ مثال ملندا.

ڪالي ڪيس تليهر تکي ابرو قوس ڪمانا. (عالم خان)

عالم خان چوي ٿو ته ”محبوب جا ڪارا وار، تليهر (نانگ) کان به وڌيڪ ڪارا، خوفناڪ ۽ ڊگها آهن.“

مٿين بيتن مان معلوم ٿيو ته ”وارن“ کي ”نانگ“ سان ڀيٽو ويو آهي. ڪن وري ”وارن“ کي ڀونئر، ڪاري رات، ڪڪر، کٿوري، عنبر وغيره سان ڀيٽيو آهي. مطلب ته مونکي ڪوبه اهڙو بيت نٿو سجهي، جنهن ۾ شاهه صاحب توڙي سندس همعصر سگهڙن ”هندو“ زلفن جي معنيٰ ۾ ڪم آڻي، لال لبن سان تشبيهه طور ڪم آندو هجي. تنهن ڪري منهنجي خيال موجب اهو ”هندو“ لفظ اتي غلط ڪم آيل آهي. در حقيقت ڊاڪٽر ٽرمپ بالڪل صحيح آهي. لفظ ”هندو“ نه آهي، بلڪ ”هنڊوا“ آهي. گمان غالب آهي ته مقلدن کي ”هنڊوا“ لفظ منجهائي ڇڏيو هجي، جنهن ڪري ٻي ڪا واهه نه ڏسي، بي درديءَ سان لفظ ”هنڊوا“ جو گردن مروڙي، پنهنجي مرضيءَ موافق ”هندو“ لفط کڻي بنايو هجين. ڪير ٿو ويٺو ايڏو اونهو وڃي!

مخفي نه رهي ته ”هنڊوا“ ٻهراڙيءَ جو عام لفظ آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڌراڙ کان پڇيو ته امالڪ معنيٰ ٻڌائڻ سان گڏ سندس ٻيا نالا به وٺي ويندو.

”هنڊوو“ جمع ”هنڊوا“، معنيٰ آهي، هڪ قسم جو جيت، جو رنگ جو ڳاڙهو مخملي ٿئي ٿو، ۽ عام طرح مينهن بعد ريجائين زمين تي نظر ايندو آهي. اُن جا ٻيا هي نالا آهن، هنڊول، وسايو، وساوڙو، مينهن وسايو، وغيره.

هنڊوو (سنسڪرت): اندروڌو. هڪ قسم جو

گهرو لال برساتي جيت. (ڀاشا شبد ڪوش)

اڳوڻا ٻهراڙيءَ جا ٻهڳڻ ۽ سپورنج، پنهنجي ڪلام ۾ محبوب جي لبن کي ”هنڊوي“ سان تشبيهه ڏين ٿا:

ڇاجي ڪور ڪري ڪامول، هن جا چرن چڱا وڌ چور کان،

بيٺس ماد مقابلي، هونٺن روءِ هنڊول. (جلال)

جلال چوي ٿو ”هنڊول“، محبوب جي لال لبن (هونٺن) کي ڏسي، مقابلي (مدمقابل) لاءِ اچي سامهون ٿيا.

تليهر ترنگ، اڀي جهاڙي جهاڙ ڀر،

ورن وساوڙ وترا، اُلڊه جيها انگ. (سليمان)

سليمان چو ٿو: محبوب جو رنگ (ورن)، مينهن وساڙي (هنڊوي) کان به وڌيڪ ڳاڙهو آهي ۽ سندس عضوا (انگ) مکڻ (الڊه) کان زياده نرم آهن.

هينئر مطلب واضح ٿي ويو. تنهنڪري ”هندو“ لفظ جي بجاءِ ”هنڊوا“ ٿيڻ کپي جيڪڏهن ٿورو اونهو وڃبو ته معلوم ٿيندو ته بيت جي هر هڪ سٽ ۾ ڪانه ڪا تشبيهه ڪم آيل آهي. پهرينءَ سٽ ۾، شاعر، محبوب جي هلڻ کي هاٿيءَ جي هلڻ تي ترجيح ٿو ڏئي عام طرح هاٿيءَ جو هلڻ سهڻو ليکيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻيءَ سٽ ۾ وري محبوب جي لال لبن کي ”هنڊون“ کان وڌيڪ ڳاڙهو سمجهي ٿو.

باقي سوال رهيو ته اهو بيت شاهه صاحب جو آهي يا نه، تنهن سان هن موضوع جو ڪو واسطو ڪونهي. البت ائين آهي ته ڪي علم دوست هن بيت کي شاهه جو بيت نٿا سمجهن، ڇو ته ”ڪيسر“ لفظ منجهائي وڌو اٿن.

موجوده زماني کي ”علوم عقليه“ ۽ سائنس جي بي مثال ترقيءَ تي فخر آهي، ۽ اهو فخر ۽ ناز يقيناً حق به جانب آهي. اڄ ”زمان ۽ مڪان“ تي انسان قابض ٿي چڪو آهي، ۽ فطرت جي اسرار تائين رسائي، ۽ ان جي نقاب ڪشائيءَ ۾ حيرت انگيز ڪاميابي حاصل ڪئي اٿس.

ليڪن ان ترقيءَ جي هوندي، هن زماني ۾ ملوڪيت جي جبر ۽ استبداد، ”جمهوريت“ ۽ ”قوميت“ جا نقاب چاڙهيا آهن، ۽ انهن نقابن جي اوٽ ۾ ”آزادي جي قدر“ ۽ ”انسانيت جي شرف“ جي اهڙي مٽي پليد ڪئي آهي، جنهنجو مثال تاريخ عالم جي ڪنهن سياهه ۾ سياهه صفحي ۾ به نه ٿو ملي سگهي!

جن نام نهاد مدبرن جي هٿ ۾ انسانيت ذات جي قيادت ۽ حڪومت سونپي وئي آهي، اهي خونريزيءَ، سفاڪيءَ، ۽ غريب آزاريءَ جا ديوتائون ثابت ٿيا آهن. جن حاڪمن جو اهو فرض هو، ته اخلاق انسانيءَ جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪن، انسان کي انسان تي ظلم ڪرڻ کان روڪين، ۽ انسانيت جي ذهني، علمي سطح کي بلند ڪن، انهن ئي ملوڪيت جي جوش ۾ اچي، لکن خدا جي بي گناهه بندن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

اهو رڳو ان لاءِ ڪيو ويو، جئن پنهنجن مخصوص ماڻهن جي ناجائز خواهشن لاءِ تسڪين جو سامان پيدا ڪري سگهجي. انهن ڪمزور قومن تي قبضي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، انهن جي اخلاق، مذهب، معاشرت، ادب، دولت ۽ مال تي به هٿ صفا ڪيا آهن، ۽ انهن بد نصيب انسانن کي خونريزيءَ ۽ برادرڪشيءَ ۾ ايترو ته مصروف ڪيو ويو آهي جو اڄ دنيا جي هر گوشي ۾ قيامت برپا ٿي چڪي آهي. سائنس جي تباهه ڪن اوزارن سان انساني تمدن جا عظيم الشان آثار مٽجي رهيا آهن. باهه ۽ خون جي هن تماشي ۾ علمي طور حصي وٺندڙ توڙي رڳو ٻاهران تماشي ڏسندڙ سڀ حڪومتون، اڄ پنهنجي پنهنجي منهن، اقتصادي ميدان ۾، ڪمزور طبقي جو خون چوسي رهيو آهن. ساري دنيا جا مفڪر سوچي رهيا آهن، ته ڇا تهذيب ۽ تمدن جي هن عروج واري زماني ۾ انساني ڪمال جو انجام ههڙو ٿيڻو هو؟ (علامه اقبال)

غلام محمد ”گرامي“

عربي ادب ۾ ”بهاريه“ ڪلام!

”عربي ادبيات“ جي تاريخ ۽ تحقيق کان پوءِ سندس اصناف سخن تي به ڪافي لکيو ويو آهي، هت ان قسم جو هڪ مضمون جو پنهنجي نوعيت ۾ جديد آهي، پيش ڪجي ٿو.

اسان جي موجوده فارسي، اردو ۽ سنڌي شاعرن کي اهو ٻڌي تعجب ٿيندو ته عرب جي صحرا نشين، ۽ غير متمدن ’بدو‘ شاعرن به ”بهار“ تي اشعار چيا آهن! اهو برابر آهي ته عرب جي جغرافيه حيثيت ڪري عرب جي قديم دور جاهليت جي ڪالم ۾ اها رنگيني ۽ رعنائي ڪانه آهي، جا عجمي، باالاخصوص فارسي شاعرن لاءِ“ طره امتياز آهي. ان جو سبب فقط اهو آهي جو دور جاهليت ۾ عرب صحرانشين ۽ خانه بدوش هئا، شهري زندگيءَ، تڪلفات، ۽ متمدن ماڻهن واريءَ آرائش کان دور هئا. عرب جي لق و دق بيابانن ۽ ريگستانن جي گرم جهولن ۽ ٽچڪندڙ واريءَ ۾ ”بهار“ جو تصور اگر پيدا به ٿي سگهي ٿو، ته اهو انهن چند کجين جي جهڳٽن جي آس پاس، جي قدرتي آب و هوا جا پاليل هئا، ۽ جتي چند ڏينهن لاءِ انهن خانه بدوش، مارن جا اچي تنبو لڳندا هئا، ۽ وقتي طور زندگيءَ جا ڪجهه آثار پيدا ٿيندا هئا، بس انهن چند ڏينهن جي بدويانه گذر اوقات، ۽ کجين جي ڇانون ۾ پٽ تي ليٽي، ٿڌو پاڻي پيڻ، ۽ تازي ڪتل کائڻ، گوشت کائڻ ۽ شراب پيئڻ، نوخيز دوشيزه نينگرين جو ناچ ڏسڻ ۽ دفن تي ڳائڻ، شاعرن جي پنهنجي محبوب ۽ معشوقه جي خدوخال ۽ حسن و جمال کي پيش ڪرڻ ئي ”بهار“ آهي! انهن خوشگوار گهڙين جي ياد انهن باديه نشين بدوين کي رت رئاريندي هئي. ان ڪيف ۽ خمار کي ياد ڪندي هنجون هاريندا هئا، انهن پري جمال عرب نينگرين جي ساقي گري، ۽ زيبائي، رعنائي ۽ معصومي، رنگينيءَ ۽ سادگيءَ کي ياد ڪندي، حساس ۽ زنده دل شاعر تڙپي اٿندا هئا. چنانچه عربي شاعريءَ جي بهترين شاعر ”امرء القيس“ جي شاعري انهن ناقابل فراموش گهڙين جو زنده يادگار آهي.

جاهليت جي شاعري

اهو ياد رکڻ گهرجي ته عرب جو بدو شاعر موجوده سنڌي ۽ اردو شاعرن وانگر نقال ۽ قوال نه هو، جو پنهنجي ماحول کي ڇڏي ۽ پنهنجي تمدني ۽ تهذيبي روايات کي وساري، ۽ پنهنجي تاريخ ۽ جغرافيه ماحول کي فراموش ڪري، ايراني اساليب بيان ۽ طرز ڪلام کي نقل ڪري، ”پروان دهلن تي احمق نچي“ جو مصداق بنجي، ۽ گل و بلبل ۽ لاله ۽ سنبل جا مرثيا لکي، پنهنجي حماقت ۽ نادانيءَ جو اظهار ڪري! اهوئي سبب آهي جو اسان جي موجوده شاعري اسان جي جذبات ۽ حسيات کان گهڻو دور آهي، اسان جي ”ڪوائف حيات“ ۽ ضروريات زندگي سان هن شاعريءَ جو ڪو واسطو ڪين آهي. مگر اڄوڪن سياڻن سخن دانن جي مقابلي ۾ عرب جو بدو ۽ جاهل شاعر زياده حساس ۽ غيور، بخته گو ۽ حقيقت شناس هو. اڄ به سندن شاعريءَ کي ڏسڻ سان سندن طرز معاشرت، جذبات ۽ خيالات، افعال و مشاغل، جي زنده تصوير ڏسي سگهون ٿا، سندن عارضي ٽڪاءُ، بدويانه سادگي، غير تمندانه زندگي، بي تڪلف ڪار گذاريون، ڏسي سگهجن ٿيون، بلڪ ان زماني جي وڻن، ميون، گلڙن، پکين ۽ جانورن جا نه فقط نالا ملن ٿا پر انهن تي مستقل طور شاعريءَ جا دفتر ملن ٿا. انهن جو ”بهار“ سادو ۽ مختصر برابر هوندو هو، پر رنگين، حاذب، دلفريب، ۽ روح افزا ضرور هو کجين جي ٿڌي ڇانو جو لطف، برف جهڙو کلين ۽ پخالن جو ٺريل پاڻي، سون ڪوهن ۾ واريءَ جي ذرڙن جي درخشاني، ۽ ڪم سن ۽ دوشيزه عرب مهه جبينن جي ٻهڪندڙ پيشاني چنڊ جي درخشانيءَ ۾ زمين ۽ ان جو ذرو ذرو چمڪي ٿي اٿيو! عرب جي صحرا بقعئه نور وانگر ضوفشان ٿيندي هئي. اهڙي پرجمال رات ۾ جڏهن رقص و سرود، چنگ و رباب، ڪيف ۽ مستي، گوشت ۽ ڪباب سان گڏ، پري جمال ۽ حورتمثال دوشيزگان عرب جي شموليت ٿيندي هئي، تڏهن ڪراڙا ۽ عمر رسيد عرب به ”نئين زندگي“ محسوس ڪندي، تنبن مان نڪري پوند هئا، ۽ سندن روح دف جي آواز ۽ دوشيزگان عرب جي ترنم ريزيءَ تي وجد ڪندا هئا. اهڙي پر ڪيف لمحات ۾ دنيا جي فصيح ۽ بليغ قوم جا حساس، رنگين طبع، حقيقت شناس، بدو شاعر جڏهن طبع موزون ڪري ڪجهه چوندا هوندا، ان ڪيفيت جو احساس ۽ ادراڪ خود بهار کان زياده ”بهار آفرين“ ۽ ”لذت آگين“ ٿو ٿئي، ۽ ان جو تفصيل سندن ڪلام مان ڏسي سگهجي ٿو.

اهي بهار جون سرمستيون ۽ مٺڙيون راتيون، دوشيزگان عرب جون جذبات انگيز لاتيون، ۽ حسينان نجد جون پرڪيف ملاقاتيون، ڪيتريون نه رنگين ٿي سگهن ٿيون! تتل ۽ دوزخ نما صحرا ۾ رکي رکي ٿڌي هوا جا جهوٽا، کجين جي کڙکڙ، ڪتل جي بارش، ۽ ننڍڙن ٻارڙن جا گيت، ۽ معصومانه انداز ۾ مرحبائي اشعار، عربن لاءِ بصره ۽ بغداد، شيراز ۽ ڪشمير جي لاله زار ۽ رنگين ماحول ۽ چمنستان حسن کان زياده ڪيف زا هئا. گهوڙا ۽ اصيل اُٺ سندن رفيق ۽ ساٿي، محبوب ۽ مرغوب هئا، جن جي حسن ۽ تناسب سندن شاعريءَ لاءِ تازياني جو ڪم ڏنو ٿي، ۽ محبوبه جو فراق ۽ گذريل ڏينهن جي ياد جا نغما سندن موسيقي هئا.

اسلامي دور جي عرب شاعرن جي برخلاف، جاهليت جي شاعريءَ ۾ ”موسم بهار“ جي مخصوص ”گلن ۽ ميون“ جو ذڪر گهٽ ٿو ملي، گلاب، ياسمن، لاله، لاجورد، بنفشه، خيري، ۽ ميون مان به ڪيترن مشهور ميون جي روئيدگي ۽ رعنائي، باليدگيءَ ۽ خوبصورتيءَ جو ذڪر ڪونه ٿو ملي انهن جي خلاف چند اهڙن وڻن، ۽ غير مشهور گلن جي تعريف ملي ٿي، جن جو ذڪر ڪرڻ هن مهذب دور ۾ مضحڪه خيز آهي. تاهم شاعرن قوت متخيله ۽ قوت مشاهده سان اهڙا اساليب ۽ مضامين پيدا ڪيا آهن، جن جي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.

هت قديم ۽ اسلامي دور جي عربي شاعرن جو ڪجهه بهاريه ڪلام پيش ڪجي ٿو.

نحد جو بهار

قديم زماني ۾ سر زمين نجد، عرب جو جمال آفرين، ۽ حسين ترين خطو رهيو آهي. سيد العاشقين، حضرت قيس عامريءَ جو وطن مالوف به سرزمين نجد آهي، ۽ سندس محبوبه ۽ معشوقه ”ليلا“ به ان سرزمين جي عشق انگيز ۽ ڪيف زا مٽيءَ مان پيدا ٿي آهي، ۽ اهو جوڙو فارسي، عربي، اردو شاعريءَ جي لاءِ محبوب ترين شخصيت جو مالڪ آهي، رومي، جامي، حافظ، غالب، ۽ ٻين سڀني شاعرن سندن عاشقانه زندگي ۽ حالات کي بيان ڪيو آهي، ۽ انهن جي نالي نجد کي روشن ڪيو آهي. ان سرزمين مان هڪ باديه نشين شاعر، بهار جي ڏينهن ۾، پنهنجن دوستن سان سوار اچي لنگهيو، حساس ۽ باشعور هو نجد جي حسن خيز ۽ عطر بيز هوائن جي جهوٽن، ۽ مست شباب رنگين ڪنوارين جي نوراني چهرن ۽ گول گول اکين کي ڏسي مست ٿي ويو، ۽ بي اختيار هي اشعار سندس زبان تي جاري ٿيا.

تمتع من شميم عرار نجد- فما بعد العشيته من عرار
الايا حبذا عرار نجد- وريا روضة بعد القطار

(اي دوست! تون سرزمين نجد جي خوشبودار لاله زاريءَ مان جلد لطف اندوز ٿي، ڇو ته هن کانپوءِ اهڙي لطيف ترين خوشبوءِ کان محروم ٿي وينداسون (يعني سڀاڻي ڪوچ ڪرڻو پوندو). اي دوست! نجد جي هوا جا خوشگوار جهوٽا ڪهڙا نه نشاط انگيز ۽ روح افزا آهن! خصوصا حيات بخش مينهن جي اڇين بوندن پوڻ کانپوءِ، نجد جي معصوم گلشن جي عطربيز هوا ڪهڙي نه نفيس ۽ لطيف ٿي ٿئي!)

هن شعر ۾ هڪ جاهل ۽ بدو عرب محاڪات، واقعيت ۽ مشاهده نگاريءَ جا سڀ پهلو نباهيا آهن. اڄوڪا فارسي، اردو ۽ سنڌي غزل گوشاعر ان کان زياده شايد ئي ڪجهه چئي سگهن. اڳتي هلي ساڳيو شاعر چوي ٿو.

”جڏهن اسان جو قبيلو نجد ۾ ڊاٻو ٿو ڪري، تڏهن اسان جي پاڪ ۽ سادي زندگي، معمومانه نغمه ريزي، ۽ عاشقانه آزاد طبعيءَ سان نجد جو لطف دوبالا ۽ دو آتشو ٿو ٿئي، ۽ اسان تي خود فراموشيءَ جي اهڙي ڪيفيت طاري ٿي ٿئي، جو اسان کي زماني جي ڪابه شڪايت ياد نه ٿي رهي، ۽ ان سان گڏ اسان سان ظلم اهو ٿو ڪيو وڃي، جو عيش ۽ مسرت جون گهڙيون جلدي گذري وڃن ٿيون، اسان کي نه مهيني جي اڌ جي خبر ٿي رهي ۽ نه اول ۽ آخر جي!!“

هن شعر ۾ صحيح نفسياتي ڪيفيتن کي چٽيو ويو آهي، خاص طور خود فراموشيءَ واري ڪيفيت، ۽ زماني جي شڪايت نه ڪرڻ، عيش عشرت جي گهڙين جو جلدي گذرڻ لاجواب مضمون آهن.

ابرو باران جي ڪيفيت:

مشهور شاعر امرءُ القيس پنهنجي مشهور قصيدي ”معلقه“ جي آخري حصي ۾ بهار جا مناظر چٽيندي، ابرو باران جي ڪيفيت هن طرح ٿو بيان ڪري.

”اي دوست، تون برق مجلي جي حور کي ڏسين ٿو! ان جي شعله افشاني ابر آلود آسمان ۾ ائين ٿي نظر اچي، ڄڻ ته ڪا حور سياهه برقعي مان ٻئي هٿ ڪڍي ٿي ۽ وري لڪائي ٿي! ان کي بجليءَ جي چمڪ چئجي، يا ڪنهن خلوت گزين راهب جو چراغ چئجي. جو ڪنهن وقت ته جهڪو ٿي وڃي، ۽ پوءِ تيل وجهڻ سان زيادهه روشني پيدا ڪري!“

ان طرح اڳتي هلي امرء القيس چوي ٿو:

”آسمان ۽ بجلي کي ڏسي معلوم ٿو ٿئي ته ابر ڄڻ ساڄي پاسي کان قطن تائين ڇانيو پيو آهي، ۽ کاٻي طرف ستارا هذيل تائين وسعت پذير آهن، ۽ ايتري ۾ اهو ڪڪر ڪتيفه جي ڳوٺ تي چوڌاري پاڻي وسائي رهيو آهي. بارش جي آغاز وقت ائين ٿو ڏسجي ته ڄڻ هڪ بزرگ آدمي، ڄاري دار، ڊگهين شاخن سان ڪارو ڪمبل ڍڪيو بيٺو آهي. ان کان پوءِ صحراي غبيط ۾ بارش ڄڻ سارو سامان کڻي اڇلايو آهي، جنهن مان رنگا رنگي گل ڦل ۽ ساوا ساوا ٻوٽا، ۽ خوشبودار گاهه ڄمي پيا آهن، اهو نظارو ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ ڪو يمني سوداگر آيو آهي، ۽ پاڻ سان ريشمي ڪپڙن جون ڳٺڙيون آنديون اٿس، ۽ پوءِ نهايت نفيس، ۽ رنگين پوشاڪون هنڌ هنڌ پکيڙيون اٿس. واديءَ جا مڪا پکي ته ان صبح جو اهڙا مست ۽ بي خود نظر آيا آهن، ڄڻ ته کين ڪو تيز شراب پياريو ويو آهي.

امرء القيس بارش ۽ باران جي انهن تشبيهن، گل ڦل جي روئيدگي ۽ پکين جي سرمستي، ۽ سوداگر جي ريشمي ڪپڙن پکيڙڻ ۽ پکين جي تيز شراب پيئڻ ۾، ابر ۽ باران جي تمام دلڪش ۽ صحيح تصوير ڏني آهي.

طرفه ۽ لبيد- اسرء القيس کان پوءِ، طرفه بن العبد، عرب جو ”جوان مرگ“ شاعر آهي، جنهن ابرمحيط، يا گهٽا تي لکيو آهي. هي حسين ۽ خوبصورت شاعر جوانيءَ ۾ مئو. سندس خصوصيت هيءَ هئي جو هو هميشه گهٽا کي ڏسي مست ۽ بيخود ٿي ويندو هو، ۽ پوءِ شعر چوندو هو، ۽ چوندو هو ته برسات ۾ لطف اندوز ٿيڻ نوجوانن جي ٽن خصلتن مان هڪ لازمي چيز آهي. فارسي، اردو، هندي ۽ سنڌي شاعريءَ لاءِ برسات ۾“ هڪ مستقل موضوع آهي. ڏسو ته هي عرب جوان برسات جي رات ڪيئن ٿو گذارڻ گهري. چوي ٿو.

        وتقصير بوم الد جن والد جن معجب

                               ببهکنت تحت الطراف المعمہ

يعني، ”خوشگوار ۽ سرهو ابر ڇانئجي وڃي، پوءِ هڪ نازڪ اندام، ۽ خوش اخلاق پري پيڪر ۽ حسين ۽ جميل دوشيزه سان اهو ڏينهن هڪ وسيع ۽ سينگاريل تنبوءَ ۾ گذارجي!“

خوش اخلاق ۽ حسين جميل دوشيزه سان گڏ تنبوءَ جي وسعت ۽ گهٽا جو ڇانئجڻ ڪهڙو نه دلفريب ۽ مست ڪن آهي.

سبعه معلقه جي شاعرن مان لبيد بن ربيع العامري مشهور شاعر آهي، جو آخر ۾ مسلمان ٿيو هو. اهو شاعر سبعه معلقه جي قصيدي جي ابتدا ۾ محبوب جي ديارجي آثار ۽ نشانات جي مٽجي وڃڻ تي هن طرح نوحه خواني ٿو ڪري.

”انهن جاين ۽ سندن آثار شڪسته کي موسم بهار جي خوشگوار، عمديءَ ۽ هلڪيءَ بارش سيراب ڪيو هو، جنهن سان بجليءَ جي ڪڙڪ به شامل هئي، ۽ انهن جاين تي، صبح ۽ شام مسلسل مينهن وسندا رهيا آهن، ۽ نهايت زوردار بجلي ڪڙڪندي رهي آهي.“

شاعر، معشوق جي شهر جي برباديءَ جو سبب، بهار جي خوشگوار بارش ۽ برق جي ڪڙڪن جي صورت ۾ بيان ڪري، جدت ۽ ندرت کان ڪم ورتو آهي.

اسلامي دور ۾ جڏهن عربي شاعريءَ ترقي حاصل ڪئي، تڏهن بلند ۽ نازڪ، لطيف ۽ نفيس تخيلات پيدا ٿيا، عربي زبان کي عراق، ايران، ترڪستان، شام ۽ مصر ۾ به فروغ حاصل ٿيو، ۽ عربي النسل خاندان مفتوح مملڪت ۾ وڃي آباد ٿيا، ۽ اهو ظاهر آهي ته ايران، عراق، مصر ۽ شام ۽ ترڪستان جي لاله زار وادين، باغن ۽ رنگين نظارن ۽ دلفريب حسين عورتن، نوجوان عيش پسند عربن تي ڪهڙو اثر ڪيو هوندو؟

بني اميه ۽ بني عباس جي دور حڪومت ۾، عربي زبان جي ”بزم بهاريه ۽ عاشقانه شاعريءَ“ کي عروج حاصل ٿيو، ۽ ان دور ۾ منجهس ايران جي بهار آفرين شاعريءَ جون سڀ خصوصيتون پيدا ٿيون. هت فقط انهن ٽن نظمن جو خلاصو پيش ٿو ڪجي، جي دور متوسطه ۾ خاص موسم بهار تي لکيا ويا آهن، ۽ جن ۾ بهار جي سحر ڪاريءَ کي نهايت عمده پيرائي ۾ بيان ڪيو ويو آهي، مگر افسوس جو عربي اديبات تي عبور نه هجڻ سبب ان جي ترجمي تي اڪتفا ٿا ڪريون، ۽ اهو ظاهر آهي ته اصل ۽ نقل ۾ وڏو فرق ٿو ٿئي.

بديع الزمان همداني

عربي ادب جي مشهور ڪتاب ”مقامات بديعي“ جي مصنف بديع الزمان همدانيءَ، جو عربي اديبات جو مشهور ماهر ۽ محقق آهي، بهار جو نقشو هنن لفظن ۾ پيش ڪيو آهي.

”موسم بهار پنهنجي رونق ۽ رنگينيءَ سميت اسان تي ڇانئجي وئي آهي، ڏسو زمين ۽ آسمان ڪهڙا نه دلڪش ۽ دلچسپ نظر ٿا اچن. موسم بهار جي آب و هوا ۽ دلڪشيءَ سبب خاڪ، مشڪ ۽ عنبر بنجي وئي آهي، پاڻي، صندل ۽ ڪافور وانگر صاف ۽ خوشبودار آهي ۽ ان موسم ۾ پکي مطرب دلنواز وانگر گيت ڳائي رهيا آهن. موسم بهار جا ڇنڊا جڏهن گلاب جي گل تي پون ٿا، تڏهن ان جي خوشبوءِ اسان جي دماغ کي ممطر ٿي ڪري. هن موسم اسان جي تفريح لاءِ ڪهڙو نه سهڻو انتظام ڪيو آهي. مناظر قدرت جي قدردانن لاءِ عجيب غريب نظارا رونق پذير آهن!“

مقري الوحش

مشهور شاعر مقري الوحش پنهنجي بهاريه نظم جي ابتدا هن طرح ڪري ٿو. ”آسمان ۾ ابر گريان آهي، ۽ هو قطرات شبنم کي ڳوڙهن جي صورت ۾ وسائي ۽ وهائي رهيو آهي. باغن ۾ گل ڦل مشڪي رهيا آهن. اهي ائين ٿا معلوم ٿين ڄڻ ته فرش تي زبرجد چمڪي رهيو آهي. اهي خداوند عالم جا عجيب ڪم آهن، جو پنهنجي تخليق ۽ صنعت ڪاريءَ ۾ لاثاني ۽ يڪتا آهي. باغن ۾ گل لاله پنهنجو جوڀن ڏيکاري رهيو آهي، ۽ پکي پکڻ الله جي حمد و ثنا ۾ مشغول آهن. پاڻي ڪڏهن ته مٿي اڀري رهيو آهي ۽ وڻ وجد ڪري رهيا آهن، ۽ ٽاريون رقص ۾ آهن. گلاب ۽ ياسمين جا گل اجهو بند هئا، پر باد نسيم جي چند جهوٽن کين کولي وڌو آهي. گل نسرين تبسم ڪنان آهي، ۽ ان چمن کي پنهنجي تازي خوشبوءِ سان معطر ڪري ڇڏيو آهي. گل اقحوان پنهنجي تلوار ۽ ڍال سان گڏ، شمشير بي نيام نظر اچي رهيو آهي. تشنه نرگس، ان بد نصيب ۽ غمگين عاشق وانگر آهي، جو گم ڪرده راهه آهي. هي چمنستان هڪ جامع مسجد جي مثال آهي، جنهن ۾ گلن جون ٻاريون، ۽ هموار شگفته ۽ معطر حصا فرش وانگر آهن، ۽ ترنج جا قنديل ضوفگن آهن. ۽ باغ جا پکي شاخن جي ممبرن تي خطاب پڙهي رهيا آهن، ۽ سندن نغمه ريزيءَ ۾ حمد و ثنا جا هزارين انواع ۽ اقسام آهن.“

مقري الوحش، جنهن جو دت طبع، محاڪات شناسيءَ ۽ فطرت نگاريءَ کان ڪم ورتو آهي، اهو تسليم ٿيل آهي. باغ جو مٿيون نظارو ڏسي ائين ٿو سمجهجي ته ڄڻ واقعي ماڻهو باغ ۾ گهمي رهيو آهي. اصل ۾ صحيح شاعري جو معيار اهوئي آهي.

ابوالحسن زنباع

فقہ ابوالحسن زنباع موسم بهار جي رنگيني هن طرح بيان ٿو ڪري.

”موسم بهار ڄڻ شگفتگيءَ ۽ ترو تازگيءَ جو لباس پهريو آهي. ويراني کان پوءِ زمين سر سبز ۽ شاداب ٿي آهي، ۽ خشڪ ساليءَ کان پوءِ ساڳي زمين نعمت الهيٰءَ جو مظهر بني آهي، يا ته ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڄڻ اها ڪراڙي زمين ازسرنوجوان ٿي رهي آهي زمين جي قحط ۽ خشڪيءَ جي حالت زار تي ڪڪرن کي رحم آيو ۽ سندن اکين مان ڳوڙها وهي هليا!

”مگر مون کي انهن گلن تي تعجب ٿي رهيو آهي جي ’گريئه ابر‘ تي ’شگفته رو‘ ٿين ٿا، ۽ انهن ڪڪرن جي ترش روئيءَ (گجڪار) تي خوش ٿين ٿا! دراصل گلن ڦلن جي شگفتگيءَ جو سبب بادلن جو بلندي تان وسڻ ۽ آفتاب جي نفيس روشني ۽ نرم گرمي آهي.“

هن مختصر ٽڪري ۾ شاعر نهايت فطرت شناسيءَ کان ڪم ورتو آهي. بالخصوص ”گريه ابر تي گلن جي شگفتگي“ قابل داد آهي، ۽ ڪڪرن جي ڪڙڪي تي گلن جو خوش ٿيڻ نهايت لطيف ۽ نفيس خيالات آهن. هي ان ڪلام جو نمونو آهي، جنهن کي خاص طور تي بهاريه ڪلام جو شاهڪار چئي سگهجي ٿو، ورنه بهار جو ذڪر، عربن جي عشقيه شاعريءَ ۽ فارسيءَ جي قصيدن وانگر عربي قصائد جي ”تشبيب“ ۾ به موجود آهي. بهار جو ايترو اثر عربي شاعرن تي آهي جو قصيده گو عرب شاعرن جي ڪلام ۾ بهار جا لوازم، گل ڦل ۽ انهن لاءِ نازڪ ۽ نفيس، لطيف ۽ نادر تشبيهون ۽ استعارا موجود آهن. ان کان پوءِ محبوب جي سراپا جي تعريف ۾ به نهايت لطيف ۽ پاڪيزه تشبيهات سان سندن ڪلام سينگاريل آهي، جن کي ڏسي سندن تخيل آرائيءَ ۽ مضمون آفرينيءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو. اهڙيءَ شاعريءَ جا نمونا شمالي آفريقا ۽ جزيره سسليءَ جي مشهور شاعر ۽ نقاد ابن رشيق جي ڪلام مان پيش ڪجن ٿا.

ابن رشيق ۽ بهار

ابن رشيق هڪ وڏو ماهر اديب، شاعر ۽ نقاد آهي. سندس تصنيف ”العمده“ ادبيات لاءِ وجهه ناز آهي، جنهن ۾ شاعر، شعر جي ماهيت ۽ تنقيد متعلق محققانه ۽ عالمانه بحث ڪيو آهي.

شاعريءَ جي حقيقت متعلق سندس نتائج افڪار اڄ به تازا آهن، ۽ اهل يورپ سندس تحقيق جا مداح ۽ خوشه چين آهن. وڏن وڏن يورپين نقادن ابن رشيق جي ڪتابن مان استفادو ڪيو آهي. مگر افسوس هي آهي جو هن بي مثال شاعر جو سارو ڪلام دستياب ٿي نٿو سگهي. تاهم جو ڪجهه حصو محفوظ ۽ مطبوع آهي، ان جي مطالع ڪرڻ کان پوءِ بخوبي اندازو لڳائي ٿو سگهجي ته باغ وبهار ۽ گلن ڦلن جي تعريف ۽ توصيف ۾ ابن رشيق پنهنجي لطيف قوت متخيله سان نهايت نادر ۽ عمده تشبيهون پيدا ڪيون آهن، جن جا مثال مغربي ادب ۾ به تمام گهٽ ملن ٿا. شاعر موصوف ڏاڙهن جي گهاٽي باغ جي تعريف هن طرح ٿو ڪري.

”مون باغ ۾ ڏاڍا دلفريب ۽ ڪيف زا نظارا ڏنا آهن. باغن ۾ خوش نما وڻن جي ايتري گهڻائي هئي جو انهن جي شاخن مشرق جي آفتاب کي به لڪائي ڇڏيو هو. ڏاڙهن جا جوڙا جي پاڻ ۾ جڪڙيل هئا، سي ائين ٿي معلوم ٿيا ڄڻ ته ڪي سون جا ڳاڙها قنديل لٽڪي رهيا آهن.“

هڪ خوبصورت جوان رعنا جي هٿ ۾ صوف ڏسي، ابن رشيق هن طرح تخيل آرا آهي.

”شامي صوف“ سرمگين اکين واري هرڻ (اشارو ڇوڪري ڏانهن آهي) جي هٿ ۾ آهي، ۽ صوف جي ڳاڙهاڻ ان جوان رعنا جي شرم آلود رخسار جي ڳاڙهاڻ جهڙي آهي!“

ابن رشيق صوف ۽ جوان جي مماثلت ۽ مشابهت ۾ ڪمال ڪيو آهي. موسم بهار ۾، بنفشي جي روئيدگيءَ کي ڏسي شاعر چوي ٿو.

”بنفشو اهڙي وقت ۾ نمودار ٿيو آهي، جو نه گرميءَ جي گهڻائي آهي ۽ نه سرديءَ جي شدت آهي، اسان جڏهن بنفشي جي قريب آياسون تڏهن سندس لباس لا جوردي هو.“

”گل لاله“ شاعرن جو مرغوب الطبع گل آهي. ابن رشيق جي قوت متخيله گل لاله لاءِ هن طرح مضمون آفريني ڪئي آهي.

”مون گل لاله جي سرخيءَ کي چڱيءَ طرح ڏٺو، جنهن جي سڀني پاسن کان هلڪي سياهي آميزش هئي، ۽ هي ڳاڙهو گل ان سياهيءَ جي آميزش سان گڏ ائين ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ هڪ خوبصورت ڳاڙهن چپن واري جوان جي چپن تي ڪا مس لڳل هجي!“

ڪڪر جي وسڻ ۽ کوڻ جي تجلين جي شاعرانه توجيه صرف هڪ شعر ۾ بيان ڪئي اٿس.

خليلي هل للمزن مقلته عاشق
ام النارفي احشاء هاوهي لاتدري

يعني: ”اي منهنجا دوست! ڇا بادل به عاشق جي اک وانگر آهي، جا هر وقت ابر وانگر ڳوڙها وهائيندي آهي ۽ هميشه غم آلود ۽ جنهن ۾ ابر جي بجليءَ وانگر ڪا اها آگ لڪل آهي جنهن جي خود کيس به ڪا خبر ڪانه ٿي رهي!“

ابن رشيق، نارنگيءَ جي وڻن جي تصوير هن طرح ڇڪي آهي.

”نارنگيءَ جي وڻن جو رومان خيز منظر ڏسي اسان حيران رهجي وياسون. شاخون جهڪيل هيون، ۽ نارنگيون پنهنجي حسن ۽ رعنائيءَ سان لٽڪي ۽ لڏي رهيون هيون. انهن کي ڏسي ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ زبرجد جي آسمان تي عقيق جا تارا چمڪي رهيا آهن.“

ابن رشيد جي انهن چند منتخب شعرن مان سندس فطرت نگاريءَ ۽ جمالياتي ذوق جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ۽ اهو به پتو پوي ٿو ته هي ڪو پراڻو شاعر نه آهي پر زماني حاضره جو ڪو قصيده گو ۽ فطرت شناس، تعشق پسند، جمال پرست شاعر آهي، جو پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي شاعرانه رنگ ۾ پيش ڪري رهيو آهي.

ابن المعتز جو انداز بيان

نارنگين جي رنگن جي تشبيهه ۽ توجيهه جي سلسلي ۾ مشهور عباسي شهزاده عبدالله ابن المعتز جو پنهنجي دور جو بهترين شاعر شباب هو ۽ ادب نواز هو، ابن رشيق کان ٻه قدم اڳتي ويو آهي. سندس چوڻ آهي.

ڪانما النا رنج لما بدت
صفرتہ في حمرته کا للهيب
وجنة معشوق راي عاشقا
فاصغرثم احمر خوف الرقيب

يعني: ”نارنگي، جڏهن ان جي سرخيءَ ۾ زردي شعلي وانگر نمودار ٿئي ۽ خوفگن هجي، تڏهن ان محبوب جي رخسار وانگر آهي، جو عاشق کي ڏسي رقيب جي خوف کان زرد ٿي ٿو وڃي، ۽ ان کان پوءِ اهو ساڳيو رخسار ڳاڙهاڻ ڏانهن مائل ٿو ٿئي.“

هڪ ئي چيز ۾ زرديءَ ۽ سرخيءَ جي شاعرانه توجيهه هن نوجوان شهزادي جنهن انداز ۽ اسلوب سان نباهي آهي، تنهن جو قدر اهل سخن بخوبي ڪري سگهن ٿا. نارنگيءَ لاءِ ساڳئي عباسي شهزادي جي ٻي نادر تشبيهه ملاحظه فرمايو.

وڪانما النارنج في اغصانہ
من خالص الذهب الذي لم يخلط
کرة رماها الصولجان الي الهوا
فتعلقت في جوه لم تسقط

يعني: ”شاخن تي نارنگيون ائين آهن، ڄڻ ”سون جا بال“، جن کي رانديگر ڌڪ هنيو احي، ۽ هو مٿي هوا ۾ هليا ويا آهن، ۽ اتي هوا ۾ لڙڪي بيهي رهيا آهن، ۽ هيٺ نه ٿا ڪِرن!“

ڇا اڄوڪن شاعرن جو آرٽ هن کان وڌيڪ لطيف ۽ نادر تخيل پيش ڪري سگهي ٿو؟

عربي شاعريءَ جو خيامي رنگ

خيام جي شاعري ۽ فلسفه حيات تفصيل طلب نه آهن. هو هڪ رند پارسا، ۽ آزاد طبع، صوفي صافي هو. سندس ڪلام رندانه ۽ قلندرانه، عاشقانه ۽ والهانه، شاعريءَ جو شاهڪار آهي. اهو رنگ ايترو ڪيف زا، ۽ مقبول آهي جو شاعريءَ جي تاريخ ۾ زنده جاويد رهيو آهي، ۽ آينده به رهندو. سندس آرٽ ۽ فن بي مثال ۽ بي نظير آهي، عرب شاعرن ۾ ان نظريه واري شاعري به موجود آهي، جنهن جا مثال ”سبع معلقات“ ۾ ملن ٿا. هت، ”يڪ مشت نموني خروار“ ابن رشيق جي زبان حقيقت ترجمان مان فلسلفه خيام جو مسرت انگيز، ۽ غم ربا نغمه حيات پيش ڪجي ٿو، جو موسم بهار ۾ شايد دنيا جي هر نوجوان جي دل ۾ موجزن ٿئي ٿو. ابن رشيق فرمائي ٿو.

”اي دوست، صبح ٿيو آهي، اٿي، ۽ خوشيءَ ۽ راحت مان لطف اندوز ٿي، ۽ مسرت بخش گهوڙي تي سوار ٿي، ۽ جلد منزل مقصود تي پهچ. ائين نه ٿئي جو منجهند وارو تتل سج، صبح جي وسندڙ ڪڪرن جي لطافت ۽ ڪيفيت کي جذب ڪري ۽ ختم ڪري ڇڏي!“

هن باب کي ختم ڪندي ابن رشيق جي هڪ ”يار با صفا“ ابن اشرف قيروانيءَ جا ٻه شعر پيش ڪرڻ مناسب آهن. هو ابن رشيق جو نه فقط هم عصر شاعر آهي، پر سندس پايه جو شاعر، اديب ۽ نقاد به آهي. ان شاعر جو ڪلام به موجود آهي.

بينسري جي تعريف:

”بينسريءَ“ جي تعريف ۽ توصيف لاءِ صوفيانه ۽ شاعرانه موشگافيون موجود آهن. ”ڪرشن جي بين“ جي رنگ رچايا آهن، ۽ رومان خيز تاريخي واقعا پيدا ڪيا آهن، تن سان هندو لٽريچر ڀريو پيو آهي. ان طرح مولانا روم جي ”نئي ۽ نيستان“ جي عالم سوز حڪايات ۽ شڪايت لاءِ مثنويءَ جا دفتر موجود آهن:

بشنو از ني چون حکايت مي کند،
از جدائي ها شکايت مي کند.

سان ئي مثنويءَ جو افتتاح ٿيو آهي. فارسي، سنڌي ۽ هندي شاعريءَ ۾ ”نئي نوازيءَ“ جو گهڻو حصو ملي سگهي ٿو. پر عربي شاعريءَ ۾ به ”بنسريءَ“ تي پخته گو شاعرن جو ڪلام موجود آهي.

هت ابن اشرف قيروانيءَ جا چند تاثرات پيش ڪجن ٿا.

ابن اشرف فرمائي ٿو.

”خدا ان زمين کي برڪتن سان ڀري، جتي پهريائين پهريائين ان ڪاٺ جي پيداوار ٿي! جڏهن ان بنسريءَ جي شاخ سرسبز هئي، تڏهن ان وقت ان تي ويهي ”طيور خوش نوا“ گيت ڳائيندا هئا، مگر جڏهن اها شاخ سڪي وئي آهي، تڏهن انهن کي ”حسينان خوش اندام“ پنهنجن نازڪ ۽ نفيس هٿن سان، پنهنجن ”شگفته لعل گون چپن“ تي رکن ٿيون ۽ پنهنجي ڪمالات موسيقي جي اظهار لاءِ ”ترنم ريز“ آهن!“

ڇا بنسريءَ جي ان کان وڌيڪ ڪا ٻي حسين ڪيفيت بيان ڪري سگهجي ٿي؟

هن مختصر ۽ اجمالي مقالي ۾ اميد ته عربي شاعريءَ جي بهاريه مضامين جو ڪجهه اندازو لڳي سگهندو. عربي نثر ۾ بهاريه مضامين متعلق چند منتخب ٽڪرا اميد ته ٻئي پرچي ۾ پيش ڪندس.

جيستائين هن سرمايه دارانه جمهوريت، ۽ هن جارحانه قوم پرستيءَ، ۽ هن ذليل ملوڪيت جي لعنتن کي پاش پاش نه ڪيو ويو آهي، جيستائين انسان پنهنجي عمل جي اعتبار سان الخلق عيال الله، (مخلوقات الله جو عيال آهي) جي اصول جو قائل نه ٿيو آهي، جيستائين رنگ ۽ نسل جي امتيازن کي نه مٽايو ويو آهي، تيستائين انسان هن دنيا ۾ فلاح ۽ سعادت جي زندگي بسر ڪري نه سگهندو، ۽ اخوت، حريت، ۽ مساوات جي شاندار لفظن جي ڪا معنيٰ ئي ڪانه نڪرندي!

(علامه اقبال)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com