سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :28

 

ادبي خبرنامو

*- 3 آڪٽوبر 1990ع: ڪراچي پريس ڪلب جي ادبي ڪميٽي پاران سنڌي زبان جي نامياري ليکڪ جناب حميد سنڌي سان هڪ شام ملهائي ويئي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار جناب علي نواز وفائي خاص مهمان هو.

*- 3 آڪٽوبر 1990ع: سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي دستوري گڏجاڻي قاسم ڪيهر جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ نوجوان ليکڪن پنهنجون لکڻيون پڙهيون، جن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ويئي.

*- 6  آڪٽبور 1990ع: سنڌ جي نامياري اديب ۽ شاعر الحاج رحيم بخش قمر جي والده 77سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويئي.

*-10 آڪٽوبر 1990ع: ثقافت ۽سياحت کاتي جي صوبائي سيڪريٽري جناب عبدالحميد آخوند يونيسف جي سهڪار سان ڪوٺايل سيمينار ۾ خطاب ڪندي اديبن ۽ دانشورن تي زور ڀريو ته هو اڳتي وڌن ۽ ٻارن جي ضرورتن کي ڌيان ۾ رکي بهتر ادب پيش ڪن، هن سنڌ جي وڏي وزير پاران ٻارڙن جي ادب تخليق ڪرڻ تي سالانه 51 هزار رپين جي انعامن جو اعلان ڪيو.

*-11 آڪٽوبر 1990ع: سنڌي جي مشهور شاعر جناب استاد بخاري جي نئين شعري مجموعي ”لهر لهر دريا“ جي پڌرائيءَ جي تقريب جيمخانه ڪلب دادو ۾ ٿي.

*-24 آڪٽوبر 1990ع: بمبئيءَ ۾ پروفيسر رام پنجواڻي لٽرري ۽ ڪلچر سينٽر پاران شاهه سچل سامي تي سيمينار ۾ شرڪت لاءِ جناب شيخ اياز ۽ تاجل بيوس انڊيا روانا ٿيا.

*-12 نومبر 1990ع: موهن جي دڙي جي ميوزيم ۾ شوڪيسن ۾ رکيل قديم ۽ نادر شين جا نالا سنڌي زبان ۾ لکيا ويندا. ميوزيم جي نئين ڪيوريٽر ٻڌايو ته سنڌيءَ ۾ نالن لکڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. هن کان اڳ نالا رڳو انگريزي ۽ اردوءَ ۾ هوندا هئا، پر هاڻي قديم آثار واري کاتي جي اختيارن ان ڳالهه جي اجازت ڏني آهي.

*-22نويمبر 1990ع: سنڌي زبان جي برک محقق، نامور تعليمدان ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر جناب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي حيدربخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي جي تقريريءَ تي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن طرفان آجياڻو ڏنو ويو.

*-12 نويمبر 1990ع: پاڪستان ۽ چين جي ثقافتي معاهدي هيٺ چين مان اٺن ڄڻن تي مشتمل اديبن جو هڪ وفد ڪراچيءَ پهتو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ڪراچي جي ريجنل ڊئريڪٽر آغا نور محمد پٺاڻ ۽ اداري جي ٻين عملدارن وفد آجيان ڪئي.

*-26 نويمبر 1990ع: پاڪستان جي دوري تي آيل چيني اديبن جي وفد جي مان ۾ شيخ سطان ٽرسٽ پاران هڪ مقامي هوٽل ۾ ڊنر ڏني ويئي، جنهن ۾ مقامي اديبن کان سواءِ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي چيئرمن جناب غلام رباني آگرو، ٽرسٽ جي ائڊشنل ائڊمنسٽريٽر جناب علي احمد بروهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

*-28 نويمبر 1990ع: سنڌ جي گورنر جناب محمود هارون ”السنڌ- عرب جهاز راني، ثقافت، واپار ۽ تمدن“ جي موضوع تي بين الاقوامي سيمينار جو افتتاح ڪيو، جيڪو يونيسڪو جي تعاون سان پاڪستان جي محڪمئه آثار قديمه منعقد ڪيو هو.

*-13ڊسمبر 1990ع: سنڌ جي ممتاز عالم ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي چيئرمن جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، لياقت ميموريل لئبرري ۾ ”سنڌو درياهه جا قديم وهڪرا“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو جنهن جو انتظام صوبائي ثقافت ۽ سياحت کاتي ڪيو هو.

*-15ڊسمبر 1990ع: ميونسيل ڪميٽي هالا اعلان ڪيو ته سنڌ جي تاريخي شهر هالا بابت هڪ اهم ڪتاب شايع ڪيو ويندو، جنهن ۾ هالا جي تاريخي، ثقافتي، جاگرافيائي، سياسي، عملي ۽ ادبي موضوعن تي مواد ڇاپيو ويندو.

 

 

سنڌي نثر مان مثالي ٽُڪرو

پاڪستان آئي کانپوءِ خدا جي مهرباني سان علم حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي رستا کلي پيا آهن. سنڌ ۾ پنهنجي ٻوليءِ لاءِ چاه وڌيو آهي. ادب ۾ واڌارو ٿيو اهي. شعر شاعري لاءِ ذوق پيدا ٿيو آهي. سون منهين ڪتاب ڇپيا آهن. پراڻا علمي ۽ تاريخي خزانا تهه صندوق ۽ اونداهين ڪوٺين مان نڪري اچي پڌر پٽ پيا آهن. وڏا وڏا اهل قلم ميدان، ۾ اچي ويا آهن، جيڪي لکن ٿا تنهن مان نئين زندگي ۽ اونهين دلي جذبي جون ثابتون پيون ملن. شاهه عبداللطيف، سچل سرمست۽ ٻين بزرگن جي ڪلام جي حقيقي معني هينيئر سمجهه ۾ پئي اچي.سنڌي تهذيب، سنڌي ڪلچر۽ سنڌي آرٽ ۾ ساهه پئجي ويو آهي، اڄ ڪراچي ۽ پاڪستان جا ٻيا شهر ته ڇڏيو پر يورپ ۽ آمريڪا جون مهريون به سنڌ جا گج ۽ ڀرت ڀريل چولا  پهريون پيون مَرڪن ۽ مُرڪن، سنڌ جي ڇٻين ۽ ٽه گلي زناني جتين جو پنهنجي ملڪ ۾ ڪو رواج ڪو نه رهيو آهي پر آمريڪا ۽ يورپ ۾ انهن کي آرٽ طور وڏي عزت ۽ احترام سان پڪاسو Picaso جي تصويرن سان گڏوگڏ ڀتين تي آويزان ڪيو پيو وڃي. سنڌ جو موڙو معمولي شيءَ آهي پر ٻاهرين ملڪن ۾ انکي ”ڊرائنگ رومن“ جو سينگار پيا سمجهن غير ملڪي عورتن سنڌ جا پنڙا ۽ پازيب پايو اڄ هوا ۾ پيو اُڏامن. اهو رتبو اسانجي شين کي اڄ کان 20 سال اڳ ڪٿي حاصل هو؟

مان پاڻ فلپائن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجو اباڻو لباس ڍڪي هڪ اعليٰ مجلس ۾ شريڪ ٿيس، ڀرت ڀريل سوچڪي جتي پير ۾، اڇي شلوار هيٺ تي، زرديزي جي ڪم جو پهرن بدن تي. انجي مٿان زري جي صدري، هڪ لونگي چليهه تي سندري وانگر ٻڌل، ان مان جواهر دار تلور لڙڪيل، ٻي لنگي ڪلهن تي، زردوزي جي ڪم سان ٽوپي مٿي تي جڏهن اهو لباس پهري آءٌ مجلس ۾ داخل ٿيس ته ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا، عورتن کي پگهر وٺي ويا، سوٽ ڪوٽ وارا ايئن پئي لڳا ڄڻ اسانجي ٿر جا ڪولهي آهن. منهنجي ٽوپيءَ ۽ صدريءَ تي زري سان گڏ شيشي جا رنگين ٻڙا لڳل هئا، پر ڌسندڙ کي اهي به لعل جواهر ٿي لڳا. عورتن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته مون سان گڏجي ڊانس ڪن ۽ فوٽو ڪڍرائين، پر مونکي ڊانس ڪرڻ اچي ئي ڪونه، سو مون هيءُ بهانو بنائي جند ڇڏائي ته اسانجي مذهب ۾ منع آهي، عورت کي ٻک وجهي، ساڻس بغلگير ٿي مڙس ماڻهو ناچ ڪن.

ان کان پوءِ فلپائن جا ماڻهو مون کي باربار چوندا رهيا ته آئون اباڻو لباس پهري اچان جو ان جي ڪري مجلس جو شان وڌي ٿو.

هڪ دفعو مان ملڪ الزبيٿ جي پارٽي ۾ به پنهنجي اباڻي سنڌي زري جي ٽوپي پائي ويس. گهڻ ماڻهن، خاص طرح ليڊيز ايئن سمجهيو ته آئون به ڪنهن ملڪ جو راجا يا بادشاهه آهيان. في الحقيقت آئون ڇڙو پاڪستان جو وزير هوس. مون محسوس ڪيو ته ماڻهن کي منهنجي وزارت جي دٻدٻي کان وڌيڪ منهنجي ٽوپيءَ سان دلچسپي هئي. جنهن به توپي ٿي ڏٺي تنهن گهٽ ۾ گهٽ ايئن ته ضرور ٿي چيو ته”ورڪ آرٽ“ (Work of Hat) آهي هرڪو مون ڏانهن متوجه ٿي ٿيو ۽ مون سان ڳالهائڻ ۾ خوشي محسوس ڪيائين. مون سان گڏ هڪ ٻيو رفيق وزير پاڪستان جو هڪ وڏو جج به هو. ٻنهي کي سوٽ هئا ۽ مٿي تي مسواڙ تي ورتل ”ٽاپ هيٽ“(Top Hat) پر انهن ويچارن ڏانهن ڪنهن کنگهيو به ڪو نه ٿي.

اهي قصا  آئون ان ڪري پيو عرض ڪريان جو انهن جو بنياد منهنجي ذاتي تجربن تي آهي ۽ انهن مان ثابت آهي ته اسانجي شين جو هينئر قدر ٿيڻ لڳو آهي.

(تحرير: پير علي محمد راشدي سال 1968ع، مضمون ”جاڳو جيڏيون“ ڇپيل ڪتاب ”رند ۽ پنڌ“، مارچ 1988ع، چونڊيندڙ: الطاف حسين آگرو، ڄام شور سنڌ)

 

 

علمي خط

(1)

محترم ايڊيٽر ”مهراڻ“

سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

مهراڻ جي گذريل پرچي (1990/4) ۾ منهنجو مضمون ”رسالي شاهه عبداللطيف سان عمرڪوٽ ۾ رهاڻ“ ڇپيو آهي. هن مضمون ۾ پوري ذميواريءَ سان هڪ اهڙي بزرگ جي سوچ، سمجهه ساڃاهه کي پيش ڪري ڪرڻ جي جستجو ڪيل آهي، جنهن سموري زندگي لطيف سائينءَ جو اڀياس، پنهنجي علائقي يعني ٿري  پس منظر ۾ ڪيو آهي. صه 125تي هڪ بيت جي پهرين سٽ هن طرح ڇپي آهي.

اڱڻ تازي، پهر ڪنڍيون، پکين پَٽُ سُنهن

ان ريت سڄي بيت جو مفهوم ۽ مطلب بگڙي ويو آهي، ۽ پڻ سڄي مضمون جي مقصد تي به وڏو اثر پيو آهي.

جڏهن ته حاجي ولي محمد جي زباني هن بيت جي درست ٿيل صورت هي هجڻ کپي.

اڱڻ تازي، ٻهر ڪنڍيون، پکين پُٽَ سُنهن،

سرهي سيج، پاسي پرين، مر ٻيا مِينهن وسن،

اسان ۽ پرين، شال هُون برابر ڏينهڙا.

هن ئي پرچي ۾ ڇپيل هڪ مقالي (حيدر شاهه حقاني) ۾ ص 82 ميرزا پير محمد، امير تيمور ۽ ابوالغيث بکريءَ جي حوالي سان ڄاڻو ويو آهي ته، ان وقت سنڌ تي ڄام فتح خان جي حڪومت هئي. هي تحقيقات اڌ صدي اڳ جي آهي. امير تيمور برصغير تي1398ع ۾ حملو ڪيو هو. تازي دور ۾ ادبي بورڊ سمن ڄامن بابت جيڪي تحقيقات شايع ڪيون آهن. ان موجب تيمور واري حملي وقت، سنڌ ۾ ڄام صلاح الدين جو راڄ هو، جنهن 1392ع کان 1404ع تائين حڪومت ڪئي هئي. هن ئي مقالي جي آخر ۾ هڪ شجرو به ڏنو ويو آهي. شجرن جي مڃيل تاريخي حيثيت آهي. بهتر ٿئي ها جو شجرو مقالي جي وچ ۾ ڪنهن جاءِ تي، الڳ صفحي تي ڏنو وڃي ها. منهنجي هي وضاحت شايع ڪرڻ سان اميد ته، هن مقالي۾ يا خود منهنجي مضمون بابت، جي اشتباهات پيدا ٿيا آهن انهن جي ازالي ۾ مدد ملندي.

مخلص

غلام محمد لاکو

(2)

محترم ايڊيٽر صاحب

مهراڻ ۾ لطيفيات تي مضمون هلائڻ وارو عمل هڪ تمام اهم ڪارنامو آهي. ان سان نوان خيال ۽نيون ڳالهيون جنم وٺنديون، جيڪي محققن ۽ نئين نسل لاءِ نهايت ڪارآمد ثابت ٿينديون، لطيفيات جي موضوع سان دلچسپي رکندڙهن مان سٺو لاڀ حاصل ڪندا.

منهنجي ذهن ۾، گهڻي وقت کان ڪجهه، ڳالهيون هيون جيڪي پيش ڪرڻ پئي گهريم،’مهراڻ‘ ۾ انهن ڳالهين کي پڌرو ڪرڻ جو موقعو ڏنو اٿوَ، ان سلسلي ۾ اميد ته، اسان جا عالم ۽ محقق ڌيان ڏيندا.

’شاهه جي رسالي‘ جا جيڪي به هن وقت تائين قلمي نسخه مليا آهن، تن مان ڪن ۾، ٽيهه سُر ۽ڪن ۾ ڇٽيهه سُريا وري ڪن ۾ (شايد؟) گهٽ وڌ به آهن. انهن سُرن ۾ ڪي سُر سرائيڪي ۾ به آهن. اها ڳالهه تحقيقي حوالي سان چٽي طرح واضح ٿيل آهي ته، شاهه صاحب سرائيڪي ٻولي ۾ شعر ڪڏهن به نه چيو آهي، بلڪ سرائيڪي سُر ڪنهن ٻئي شاعر جا آهن، جيڪي قلمي رسالن ۾ درج ٿي ويا آهن. ڏٺو وڃي ته شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر آهي. پر پوءِ به خبر نه ٿي پوي ته، اسان جا مختلف سنڌي فنڪار، شاهه صاحب جو سرائيڪي ڪلام ڳائيندا ٿا رهن، تازو ريڊيو تان غلام شبير شاهاڻيءَ جي آواز ۾ هڪڙو سرائيڪي ڪلام،”نهين نهين ميڏي وَس، بنا دلبر دي هَئي دل ماندي“ هلندو ٿو رهي، جيڪو شاهه لطيف جو چيو وڃي ٿو ۽ مطلع ۾ پڻ شاهه لطيف جو نالو ورتو وڃي ٿو. خبر نه ٿي پوي ته، اها غلطي ريديو وارن جي آهي ياڳائڻي جي. جڏهن ته اهو ڪلام حيدرآباد ريڊيو تي رڪارڊ ٿيل آهي. اتي اسان جي اديب ۽ شاعر ۽ علم ادب جا پارکو به موجود آهن. ۽ پوءِ به پاسي توجهه نه ڏنو ويو آهي.

هت اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته شاهه عبداللطيف رحه ڪڏهن به سرئيڪيءَ ٻوليءَ ۾ ڪلام نه چيو آهي. پر جيڪڏهن شاه صاحب جو واقعي سرائيڪي ڪلام چيل آهي ته، پوءِ ان تي تحقيق ٿيڻ کپي. ۽ ان پاسي عالم، محقق ۽ شاهه جي ڪلام جاپارکو، خاص ڪري اهي، جن شاه لطيف تي وڏو ڪم ڪيو آهي، تحقيق ڪن ڇنڊ ڇاڻ ڪن

امام راشدي

پير جو ڳوٺ نئون ديرو.

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ جا شايع ڪيل تازا ڪتاب

1- ڇپر ۾ ڇڙيون مخدون محمد زمان طالب الموليٰ  ..-100روپيا

2- قايون (ڀاڱو3) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ  ..-50رپيا

3- رعيتي راڄ  سنڌيڪار: پروفيسر محمد اسحاق ابڙو ..70رپيا

4- حمد و نعت شهباز علي ملازم سروري ..- 50 رپيا

5- تحفتہ الطاهرين شيخ محمد اعظم ٺٽوي سنڌيڪار: عبدالرسول قادري ..- 40 رپيا

6- سنڌ- مسلمانن جي ايڇ ٽي، لئمبرڪ فتح کان اڳ سنڌيڪار: سومار علي سومرو  ..- 70رپيا

7- قديم سنڌ- ان جا مشهور مرازقليچ بيگ شهر جا ماڻهو 00-50رپيا

8- خوش خصلت خاتون بيگم بادام ناتوان  00-20رپيا

9- لاڙ جو سير الهه بچايو سمو  00-30رپيا

10- گليور جو سير سفر مرزا قليچ بيگ 00-20رپيا

11- مهراڻ- سوانح نمبر  مرتب: ڊاڪٽر بلوچ 00-150رپيا

12- مهراڻ- شاعر نمبر ايڊٽ: غ. م گرامي  00-150رپيا


 

 

مهربان لکندڙن کي چند خاص گذارشون

مهراڻ جا بيشتر ڪرمفرما، خاص ڪري شاعر پنهنجو ڪلام ڪاغذ جي مختلف سائيزن تي، رف نموني سان لکي ٿا موڪلين ۽ اڪثر پنهنجي پوستل ائڊريس به نٿا ڄاڻائين. هڪڙي ڪاغذ تي ٻه- ٽي ڪلام لکي موڪلڻ به معمول ۾ شامل آهي. ان قسم جي پهتل مواد سبب پڙهڻ، چونڊ ڪرڻ، ترتيب ۾ شامل ڪرڻ ۽ پريس ڪاپي ٺاهڻ جي مرحلن ۾ ڪافي دشواري پيش اچي ٿي ۽ بعض اوقات معياري مواد به مٿين فني نقصن جي ڪري درج ٿيڻ کان رهجي ٿو وڃي.

مهربان لکندڙن کي خاص استدعا آهي ته پنهنجو مواد سُٺن اکرن ۾ فل سڪيپ شيٽ تي لکي موڪلين؛ ساڳيءَ شيٽ تي هڪ کان وڌيڪ شعر/مواد لکڻ يا ڪاغذ جي پُٺ تي لکڻ کان مڪمل پرهيز ڪجي؛ ۽ پنهنجو پوسٽل ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي.

ساڳيءَ طرح، اها گذارش به ”خاص طور“ ڪبي ته مهرباني ڪري فوٽو اسٽيٽ مواد موڪلڻ کانب پوريءَ طرح پرهيز ڪرڻ فرمائين، (ان قسم جي پهتل مواد تي توجهه ڏيڻ کان معذوري رهندي.)

مواد موڪلڻ جي ائڊريس:

نفيس احمد شيخ

ايڊيٽر ”مهراڻ“

سنڌي ادبي بورڊ

ڄامشورو سنڌ- ڪوڊ نمبر76070

وايا: حيدرآباد سنڌ

فون: (71276)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com