سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اکين جا سنيها

صفحو :10

 

سهرو

زور آهين زورڙي او سڀني کان زور،

تون سهڻن ۾ سهڻو، شهزادا شهزور.

 

پاڪ پوشاڪ آ، پهريل تو کي،

پيارل ڙي پياري .......زور آهين زور.

 

موڙَ مٿي تي جهر مِر جَهرڪن،

گل ڦُل گلزاري، زور آهين زور.

 

مائٽن توکي واههَ وڌِا هِن،

اڄ هار هزاري، زور آهين زور.

 

گهورُون توتي گهورڻ آئِي،

هئ خلقت ساري، زور آهين زور.

 

”مدهوش“ اٿئي سڀ سنگتي ساٿِي،

ويٺل چوڌاري، زور آهين زور.

 

 

ڪافي

ڪاڏي وڃي انسان، الاڙي ڪاڏي وڃي انسان.

 

چئني پاسي اونداهي، ڪير نه ڪنهن جو اوهي واهي،

سنسار بڻيو سُنسان، الاڙي ڪاڏي وڃي انسان.

 

سورن جي سيلابَ ۾ ٻوڙي، ويو وَڻَ ويڙهئ جيئن وِڪوڙي،

بد حالئ جو بحران، الاڙي ڪاڏي وڃي انسان.

 

بند وبانوَرجِي بخمل تي، سرمائيدارئ جي ٻَل تي،

ٿو دوڌ ڪري ڌنوان، الاڙي ڪاڏي وڃي انسان.

 

اِبليس کي ڇو ٿا ورجايو، ماڻهن اهڙو رنگُ رچايو،

شهه کائي ويو شيطان، الاڙي ڪاڏي وڃي انسان.

 

مايوسين ۾ سڀئي ماريل، سيِنا گهايَل چهرا هاريل،

پوءِ ڪير ڪري در مان، الاڙي ڪاڏي وڃي انسان.

 

ڪُوڙي جڳ ۾ سچ ٿو چاهين، ”مدهوش“ وڏو پاڳل آهِين،

هت هر ڪو آ حيران، الاڙي ڪاڏي وڃي انسان.

 

 

ڪافي

هوش ته ڪرڙي انسان،

ڌيان ته ڌر ڙي اِنسان.

جئ پنهنجي ۾ پائي جهاتي.   

 

دولت دنيا اچڻي وڃڻي، جا اڄ آ سڀان رهندي ڪا نَه!

ڇا لئه ٿئي دل هن سان لاتي.

 

ماياتي مَنُ پنهنجو موهي، ڇو مست بڻئين مستان؟

ڇوههَ مان تاڻي پنهنجي ڇاتي.

 

خا ڪ مان آئين، خاڪ ٿي ويندين، خاڪ اصل ٿئي مڪان،

سمجههُ سنجهيئي ساجُهر ساٿي.

 

عمر اجائي ”مدهوش“ وڃايئِي،نا حق ڙي نادان،

ڪين پروڙيئِي پنهنجي حياتي.

 

ڪافي

جيءُ جيءُ آئين، جئ جئ آئين، بسم الله چوائين،

آ ته گلن جا هار وجهائين، بسم الله چوائين.

 

جي اهلاً سهلاً آندا ٿئي، ۽ منهنجي اڱڻ تي پاتا ٿئي،

پيار منجهان سي پيرَ چُمائين،بسم الله چوائين.

 

نَنهنَ کان ڇوٽئ تائين سراسر، سُپرين آهين ساهه برابر،

سُرڪ ته سيني، منجهه رکائين بسم الله چوائين.

 

ڏهه ڏهه ڀيرا ڀاڪر پايون، جوڙي ڏيائين جئ ۾ جايون،

ويجهو ويههُ ته قربَ وَنڊيائين، بسم الله چوائين.

 

تُنهنجي سِڪَ هُئي سالن لاڪُون، ”مدهوش“ ڪري پنهنجي سامهُون،

اکڙين آڏو ويهاريائين، بسم الله چوائين.

 

 


 

 

 

ڪافي

(قلندر)

تون مصطفائي سخي قلندر، تون مرتضائي سخي قلندر،

وليءُ ڪامل مڃي ٿي تو کي، سڄي خدا ئي سخي قلندر.

 

تون مومنن جو سُرور آهين، ۽ دين احمد جو نور آهين،

سلامتي جو تون سوجهرو آن، تون روشنائي سخي قلندر.

 

مقام تنهنجو مُدام مستي، پيام تنهنجو خدا پرستي،

ڪلام تنهنجي ۾ آسچائئ، جِي روشنائي سخي قلندر.

 

اچي ٿو جيڪو يقينُ آڻي، وڃي ٿو من جي مراد ماڻي،

پري پري کان تڏهن ته آهي خَلَق هئ آئي سخي قلندر.

 

ڇڏيو فحاشئ جو دم گُهٽي تو، وري نه اُڀريو ستم هتي ڪو،

اڳيان نه تنهنجي جهلي سگهي دم، حرام پائي سخي قلندر.

 

ڪهي هتي جو آيو سوالي، اُهو سوالي وريو نه خالي،

سوال ”مدهوش“ جو سُڻي ڪر، سندس سڻائي سخي قلندر.

 

 

ڪافي

پهرين پاڻ سڃاڻ، پوءِ پُڇج هُو پار او بندا!

 

پنهنجي هئڻ جو پردو لاهي، لِيَڙو ڀائي، ڏس تون ڇا هي؟

جو تون آهين سو هُو آهي، ڄاڻ اِهو ئي ڄاڻ،

باقي ڪُل بيڪار او بندا!

 

 

سار نه لَڌڙئي سيني جي، ڪُوڙ ڪُيت ۽ ڪِيني جِي،

هن دل جي آئِيني جي، مَهٽي ڪُڍ ميراڻ.

لاهه بُرايون ۽ بار او بندا!

 

پاڻ کي ويٺو پاڻ پڏائين، ڪوڙ پُٺيان ٿو ڪُور ڪمائين،

دوکي واري ڌوڙ وَسائين، ڇا ئي ڇا جي ڪاڻ،

ڇاڻي ويٺو ڇار او بندا!

 

ڪم نه ايندءِ اڳتي ڪوئي، سٽبو هت سامان سڀوئِي،

سنگتي ساٿي، ڀاءُ ڀِروئي، ساٿ نه هلندءِ ساڻ.

ڌيان ته ڪوئي ڌار او بندا.

 

جِيءَ ۾ جهاتي پائي پُوري، ”مدهوش“ ملها ئج سُرت سموري،

تو ۾ خوشبو خاص کٿوُري، تو ۾ آ سرهاڻ،

هيڪاندي هُٻڪار او بندا.

 

 

ڪافي

واهه وَڃين ٿو سِرَ جِي لايون،

لايون ڙي، جهاتي پايون،

ناز ڪڙا نيڻ مِلايُون.

 

خوني خنجر خاص اُلاري،

چِشمن جي چوٽَ چکايون.

 

ويلَ ڪهڻ جي قياس نه آندئي،

پکڙئ وانگر ڦتڪايون.

 

ڏيئي بدن ۾ بي آ رامِي،

هِن تن من کي تڙ پايون.

 

چَريو، ديوانو مَستانو،

مون کي ”مدهوش“ بنايون.

 

 

 

ڪافي

نه ڪعبو پري آ نه گِرنا رتو کان،

مگر ويو ڇڏائي آ پِر ڪار تو کان.

 

نه پنهنجي ٿَئي ڳڻتي، نه وشواس ٻئي جو،

نه پنهنجي سڃاڻپ، نه احساس ٻئي جو،

چڱو ڪو پُڄي، ٿو نه ڪم ڪار تو کان.

 

سڄي عمر غالب برائئ جو غَلبو،

رَکُئي ڪين ڪنهن لئه ڀلائي جو جَذبو،

اها ڳالهه ڀي وئي مزيدار تو کان،

 

جُهڪِي جئ ۾ تو ته جهاتي نه پاتي،

اجاين ڪمن ۾ وڃائي حياتِي،

نه ٿيو ڪو ئي نيڪئ جو واپار تو کان.

 

پاڇولن جي پويان ٿو ”مدهوش“ ڊوڙين،

حقيقت وڃائي اجايو ٿو لوڙِينَ،

کڻي گوءِ ويا سڀ گنهگار تو کان.

 

 

 

ڪافي

پيار جو هر پَسارو تو ڪيو،

تو ڪيو، سارو نظارو تو ڪيو.

 

حسنَ جي هٿ ۾ ڇڏيئه اغماز ڏئي،

ناز جانِت نتِ نوان انداز ڏئي،

شَهه شهادت جا وڏا اعزاز ڏئي،

عاشقن کي ناميارو تو ڪيو، ، پيار جو هر جا پسارو تو ڪيو.

 

ڪٿ گُهرائين آ رکان ٿو پار لئه،

دوبدو دِلڙين سندي واپار لئه،

ڪٿ سِڪائين ٿو سڄڻ ديدار لئه،

ڪٿ اکين ۾ آ، او تارو تو ڪيو، پيار جو هر جا پسارو تو ڪيو.

 

پنهنجي  قدرت کي پکيڙي، وا ڪري،

ڇا ڇڏيو آ ڇا منجهان تو ڇا ڪري،

حرف ”ڪُن“ سان خوبتر دنيا ڪري،

ڪنهن کي ڀُورو، ڪنهن کي ڪارو تو ڪيو، پيار جو هر جا پسارو تو ڪيو.

 

ڪو ئي ٿيو تخليقَ تنهنجئ تان فدا،

ڪو ٿيو دروازي تنهنجي جو گدا،

ڪو وري ”مدهوش“ ٿيو منهنجا خدا،

عشق جو ازلان اِشارو تو ڪيو، پيار جو هر جا پسارو تو ڪيو.

 


 

 

 

ڪافي

اڄ تو کي ڀري ڀاڪُر پايان،

سيني جي سڪ لاهيان، دل بهلايان.

 

هٿ ۽ ٻانهون پير ڌُئاريان،

ڦڻيون ڏيئي وار سنواريان،

سرهو سرهو تيل لڳايان، دل بهلايان.

 

پاڻ اٽو ڳوهي هٿن سان،

ڳُڙجون بُصريون موهي مکڻ سان،

ٺاهي ٺاهي گرهه کارايان، دل بهلايان.

 

پيارا تنهنجي ٿَڪ لاهڻ لئه،

آڻي ويجهو ويهارڻ لئه،

ساري ”مدهوشِي“ مهڪايان دل بهلايان.

 

ساجن تو لئه مان سيج سنواري،

آمهون سامهون پنهنجي ويهاري،

پنهنجو هئ روح ريجهايان.

 

 

 

ڪافي

تا ڪُو تڪيندڙن کان، تو کي ڪٿي لڪايان،

هن جان ۾ جگر ۾، يا ساهه ۾ سَمايان؟

 

ڪوهين، پري وڃي ڪو هِڪُ پريم گهر بنايان،

مان ڀي رهان اُتي ۽ تو کي به پيو رهايان،

ساري الست جي سڪ، ويهي سموري لاهيان.

 

ڪنهن ڀي پکِي پکُڻ جي تو تي نظر نه پهچي،

مخفِي ملڻ جُلڻ جي ڪنهن کي خبر نه پهجي،

قربن جو ڪوٽ ٺاهي، سوگهِي ڪا سامَ ٺاهيان.

 

دل ٿي چوي ته چاهيان، چاهيان ته اهڙو چاهيان،

ديدون ٻئين کُپايان، هرگز نه مور لاهيان،

جيسين نه پنهنجو پاڇو، تنهنجن اکين ۾ پايان.

 

تو کي ڏسان ته بوتو بڻجي وڃان صفا مان،

ايڏو ته محوِيَت ۾ ”مدهوش“ ٿي وڃان مان،

قيامت اچي وڃي ته به تو سان ويٺو ڳالهايان.

 

 

 

ڪافي

جهڪڙو ٿِي ڙي جاني جهڪڙو،

جڳ ناٽڪڙو ٿئي ناٽَڪڙو.

 

ٿاٻو نه اچئي ڪاٿي هلندي،ايڏو ته نه تڪڙو هَلُ تڪڙو.

 

ڪِٿ مايا، ڪٿ مسڪِيني، ڪٿ سونُ رُپو آ ڪٿ چينِي،

فاني دم جِي ديک رنگيني، کول اکين جوڦاٽَڪڙو.

 

کائڻ ويل کڻي ٿو کاٽي، پاپي پيٽ اٿئي يا ماٽِي،

ڪنهن ٺوڪر سان نه پوئي ڦاٽي، ڍايَل پيٽ مَٿئون ڏي ڍڪڙو

 

ڇا لئه آن انسان بڻيو، ڳالهه انهئ کي تو نه ڳڻيو،

ڪو حيوانا ڪو جيت جَڻيو، ڪو ڏانوَر آ، ڪو اَڪمڪڙو.

 

”مدهوشَ“ اهو محسوس ته ڪر، ڏينهَن ٻن جو آهين مسافر،

ڌيان سمورو او ڏانهِين ڌر، جاٿي مَلندءِ واهه نه وَڪڙو،

 

جهڪڙو ٿئ ڙي جاني جهڪڙو.

 

 

 

ڪافي

جيڪو غرق نه ٿيو غَب غَب ۾

سو ناهِه اسان جي مَذهب ۾.

 

آءُ اچِي ٻُڌ هوڪو حق جو

چريا چاهت جي چَقمق جو

پاڻ سُڃاڻن جي مَسلڪ جو

ٿو درس ملي هِن مڪتب ۾.

 

سوچَڻ سمجهڻ جو ڪر سَعيو

ڪهڙي ديسان آهين آيو

هِيءُ عوشاقن جو آ رايو

انسان اُتم آ مَنصَب ۾.

 

ڪو مشرق تاڻي، ڪو مَغرب تاڻي،

تاڻَ ۾ ڇاهي سو رَب ڄاڻي

هر ڪو پيو ٿو مطلب ماڻي،

ڪو ڪاشِيءَ ۾، ڪو يَثرب ۾.

 

مدهوش اگر آهين سمجهُو

وٺُ خاص محبت جي خوشبُو

ويجهي کان ويجهو آهي هُو

پَڙهه آيت وَنهَنَ اَقرب ۾.

 

 

ڪافي

ويهي ساري رات، آ ته ملاقات ڪريون،

ماسات مٺِي ذات، آ ته ملاقات ڪريون.

 

آ ڌي مانجهئ، صبُح ۽ سانجهئَ،

تنهنجي رڳو ٿم تات، آ ته ملاقات ڪريون.

 

ويٺي تنهنجا پُورَ پچايان،

ٻِي ناهي وائي وات، آ ته ملاقات ڪريون.

 

رم جهم بادل برسن بيٺا،

وسندي رهي برسات، آ ته ملاقات ڪريون.

 

”مدهوش“ سمُورا دردَ وڇوڙا،

ماري ڪيون اڄ مات، آ ته ملاقات ڪريون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org