سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي

 باب--

صفحو :2

 

باب ٻيو

 

] ماڻهو شاهه جا مريد ٿين ٿا- سندس جيسلمير ڏي وڃڻ- هڪڙي مريد وٽ مهمان ٿيڻ- ناني ڏي وڃڻ- فقيرن سان تڪرار ڪرڻ- ۽ فقيرن کان جدا ٿي هلڻ- ۽ رستي تي هڪڙي جت سان ملاقات ڪرڻ- ٺٽي ڏي وڃڻ، مخدوم ٺاري سان ملاقات ڪرڻ ۽ رستو رکڻ- مغل بيگ سان شاه صاحب جو رستو- مغل بيگ جو شاهه صاحب کي ڪوٽڙي مان لڏائڻ- مغل بيگ جو چورن جي هٿان مرڻ –

مغل بيگ جي نياڻي سان شاهه صاحب جي شادي ٿيڻ.[

] ماڻهو شاهه جا مريد ٿين ٿا[

جيئن جيئن ماڻهو شاهه عبداللطيف جو ڳالهيون ٻڌي واقف  ٿيندا ويا، تيئن تيئن سندس ظهور زياده ٿيندو ويو. جيئن پئي هنن ٻين ماڻهن جون اونڌيون رسمون ۽ گمراهيون ڏٺيون تيئن هو پنهنجي سچي دين تي قائم رهندو ويو ۽ پنهنجي الله ۾ پڪو يقين ٿيس. سندس سمجهه ڀري گفتگو ۽ طبع جي چالاڪي ۽ غريباڻي هلت ڏسي، سڀ ڪنهن واهه واهه پئي ڪئي؛ ۽ هو سيد ۽ آل نبيءَ جي هو، تنهنڪري پاڻ گهڻا ماڻهو سندس تعريف ڪندا هئا، ۽ ٿورو ٿورو ڪري سندس ڌاڳي ۾ اچي ويا پوءِ وري گهڻا سندس مريد ٿيڻ لڳا.

] سندس جيسلمير ڏي وڃڻ [

پوءِ مٿي اسان بيان چيو آهي ته شاهه صاحب سير ڪندي ڪندي، الهندي واري سرحد وڃي کنئي هئي، پر اڀرندي واري سرحد کان زياده سير ڪيائين، جو هو جيسلمير تائين وڃي نڪتو هو.

] هڪڙي مريد وٽ مهمان ٿيڻ [

اتي (جيسلمير جو) ڪو مريد دعوت ڏئي ويو هوس، پر شاهه صاحب ڪنهن سبب ڪري وڃي نٿي سگهيو. اوچتو هڪڙي ڏينهن ٻن – ٽن فقيرن سان اتي وڃي نڪتو. اهو مريد شاهه صاحب جي اچڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، مگر ويچاري کي گهر ۾ ان داڻو به کائڻ ڪاڻ ڪونه هو، ۽ نڪاپائي پاند ۾ هيس، جنهن سان هو پنهنجي مرشد جي مهماني ڪري. تنهنڪري هڪڙي پاسي ڪنڊ ۾ پنهنجيءَ زال ساڻ پهه ٿي پچايائين ۽ ڳڻتيون ٿي ڪيائين. نيٺ جوڻس چيو ته ”اي ميان! تون ڪيترو فڪر ڪندين؟  ڪا مهل ٿي آهي، جو مهمان گهر ۾ ويٺا آهن. باقي هڪڙو رستو مون سمجهيو آهي، جنهن سان پنهنجو ڪم ٽپي ويندو.“ پوءِ مرد چيو ته ”ڪهڙو“؟ زال چيس ته ”شهر ۾ هڪڙو هندو آهي، جو مون تي عاشق آهي. گهڻا ڏينهن ٿيس، جو مون کي ڇڪيندو اچي، پر آءُ ان کي ليکيندي ڪين آهيان. سو هاڻي کڻي جي آءٌ وٽس وينديس ته هن کان جيڪي پڄي سگهندو، سو مون کي ڏيندو.“

هن اشراف کي مرشد جي آڌر ڀاءُ ايتري ڳري لڳي جو تمام لاچار ٿي انهيءَ رٿ تي راضي ٿيو ۽ ايتري به حد ويو جو مينهن جي پوڻ ڪري سڀ رستا گپ ٿي ويا هئا، تنهنڪري پنهنجي زال کي ڪلهي تي چاڙهي، وڃي هن هندوءَ جي در وٽ لاٿائين. هن هندو ڏٺو ته هيءَ زال هيڏانهن نه اچڻي نه وڃڻي آهي (شاهه عبداللطيف جي ننڍپڻ جون عجيب غريب ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون) جو مون سان سنئون منهن ڏيئي به نٿي ڳالهائين، اڄ پاڻهي مهر ڪري منهنجي گهر ۾ اندر آئي آهي! پڇيائينس ته ”ڀرم ٿيئي جو اڄ مون مسڪين تي هيتري ڀلائي جو ڪهڙو سبب آهي؟“ پوءِ هن ڀورڙيءَ زال سڄو قصو بيان ڪري ٻڌايس ته ”اڄ اسان جو مرشد اچي نڪتو آهي. گهر ۾ هڪ پئسو به ڪونه هو، تنهن لاءِ منهنجي صلاح  تي منهنجو مڙس ڪلهي تي کڻي هت ڇڏي ويو آهي.“

اها ڳالهه ٻڌي هندو ويچاري کي ڏاڍو اچرج لڳو. ڀلا مرشد ۾ هيترو اعتقاد ڪير ڪري! تنهن نڪي ڪڇيو نڪي پڇيو هڪ ٻُڪ رپين جو ڀري آڻي زال جي جهوليءَ ۾ وجهڻ ڪيائين ۽ ويس وڳا به پهرائڻ ڪيائينس. پوءِ دين جي ڀيڻ ڪري ڪوٺيائينس ۽ پاڻ به وڃي شاهه صاحب جو مريد ٿيو.

جڏهن هيءَ ڳالهه شاهه صاحب جي ڪن تي پيئي، تڏهن هي بيت چوڻ لڳو:

تني جيسر ميرياڻي جس، جي لله ڪارڻ لنڊيون

لالائي کان، لطيف چئي، ڪانه لڳندين ڪَس،

هُت به رهائيون رس، هِت به گڏيون هوت کي.

 

] ”ناني“ ڏي وڃڻ، فقيرن سان تڪرار ڪرڻ ۽ فقيرن کان جدا ٿي هلڻ[

شاهه صاحب وري به سناسي فقيرن سان گڏ، ناني جي زيارت لاءِ ويو، پر انهي ڀيري اتي جي رسم رسميات پوري بجا نه آندائين، تنهنڪري هنن (فقيرن) سان تڪرار ٿي پيس، جو نيٺ هنن کان ڇڄي ڌار ٿي، هيڪلو هيڪلو ٽڪر جو پاسو وٺي، ٺٽي ننگر ڏانهن هليو.

] رستي تي هڪڙي جت سان ملاقات ڪرڻ [

رستي ۾ هڪڙي هنڌان آواز ڪن تي پيس، جو ڪنهن ماڻهو سندس بيت جي هيءَ مصرع هرهر پئي چئي:

هيکلائي هيل، پورينديس پنهون ڏي.

شاهه عبداللطيف آواز جي ڏس تي وڃي هڪڙي غار تي بيٺو اندر هڪڙو ماڻهو بيٺو هو، ’السلام عليڪم‘ ڪري پڇڻ ڪيائينس ته ”هت ڇا ٿو ڪرين ۽ هي ڇا پيو چوين؟“ هن ماڻهو ورندي ڏني ته ”آءٌ جت آهيان. ٻين سنگتين سان شاهوڪاري مال پنهنجن اُٺن تي لڏيو وياسين، ’هالن‘ جي ويجهو هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، اتان اسان جو لنگهڻ ٿيو. انهي ڳوٺ ۾ ڪن فقيرن ويٺي ڳايو. هنن هڪڙو بيت چوڻ ڪيو، جو منهنجيءَ دل کي چڀي ويو آهي.  مون کي ته رڳو هڪ مصرع هٿ اچي ويو آهي، جو چوندو ٿو وتان. منهنجا سنگتي اُٺن سوڌا هليا ويا آهن ۽ آءٌ چرين وانگر واڦيندو هت اچي نڪتو آهيان.“  شاهه صاحب ان کي سهي ڪيو ته هي ڪو درد جوماريل آهي، جنهن جي حالتي اهو بيت پئجي ويو آهي. هن کي چيائين ته ”اي ادا! جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي ته اهو بيت توکي سڄو ڪري ٻڌايان؟“ جَت ڏاڍي خوشي ڏيکاري. تنهن تي شاهه صاحب ٻيو مصرع چئي ٻڌايس ته:

اڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄڻ ساهه

هو ماڻهو هي مصرع ٻڌي ويتر وڌيڪ حال ۾ آيو ۽ شاهه صاحب کي اڳتي چوڻ لاءِ منٿ ڪيائين جتي شاهه صاحب ٽيون مصرع به چئي ٻڌايس:

ته ڪر ٻيلياڻي ٻيلهه، جي سور پريان جا ساڻ مون.

شاهه صاحب اڃا بيت پورو مس ڪيو ته هو ماڻهو مٿان ٿي ڪريو ۽ هوش کان نڪري ويو. جان کڻي ڏسيس ته مئو پيو آهي! شاهه صاحب کي ان ماڻهوءَ جو گهڻو ارمان ٿيو ۽ ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ هن کي اتي دفن ڪري ڇڏيائين ۽ مٿان پهڻن جو ڍير ڪري ڇڏيائين. اها قبر اڃا تائين رهگذرن کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. انهي ماڻهو جي نالي، شاهه صاحب چوندو هو ته ”اهڙو سچو ۽ درد وارو مون ڪٿي به ڪونه ڏٺو آهي.“

 

] ٺٽي ڏي وڃڻ مخدوم ٺاري سان ملاقات ڪرڻ ۽ رستو رکڻ [

نيٺ شاهه صاحب ٺٽي ۾ آيو، جتي شهر جي وڏن وڏن ماڻهن سان واقف ٿيو. خصوصاً ”مخدوم معين“ سان، جنهن کي ”مخدوم ٺارو“ ڪري سڏيندا آهن، جو ان وقت جي برگزيدن مان آهي. هن کي شاهه صاحب جي صحبت ايتري وڻي ويئي ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ ايتري پريت ٿي وئي، جو هميشه شاهه صاحب جي ملاقات لاءِ ”ڀٽ“ تي پيو ايندو هو ۽ شاه صاحب به وٽس پيو ڀيرو ڪندو هو. سنه 1160هه مقدس ۾يعني 1747ع ۾ جڏهن هن صاحب جو دارالفنا کان دارالبقا ڏي لاڏاڻي جو اتفاق ٿيو، تڏهن شاهه صاحب ساڻس هو ۽ شاهه جي هئڻ ۾ دم ڏنائين.*

انهي وقت ۾ شاهه صاحب ايڪيهين ورهين جي ڄمار جو هو. سندس والد صاحب مرحوم حيات هو. هاڻي کيس اهو اچي خيال پيو ته هيڏانهن هوڏانهن جي رلڻ بدران، ڪنهن چڱي هنڌ ويهي خدا صاحب جي يادگيري ڪرڻ گهرجي ۽ رياضت ڪڍجي. پوءِ ان کان مريد ۽ خادم به زياده ٿيندا ويس. هن کي ٻيو ڪوبه ڪم نه هو. هو صبر ڪري روزن نمازن ۽ رياضتن ۾ وقت پيو گذاريندو هو ۽ جهنگن ۾ ڏينهن جا ڏينهن اڪيلو پيو گذاريندو هو، جهڙيءَ طرح سندس ننڍي هوندي جي عادت هوندي هئي.

] مغل بيگ سان شاهه صاحب جو رستو [

هن کان اڳي ڪيترا ڏينهن مغل بيگ مرزا جي ڪوٽڙي ۾ رهندا

 

هئا، جا هاڻوڪي ڀٽ، جي جاءِ کان پنج ميل پري ڏکڻ ڏي هئي. اهو شهر هاڻي ڦٽي ويو آهي. اهو مرزا وڏو ماڻهو هو ۽ ارغون گهراڻي مان هو. شاهه صاحب جي والد حبيب الله شاهه سان گهڻو ٺهيل هوندو هو، جنهن ۾ مغلن جي سڄي ڪڙم جو وڏو اعتقاد هو. جڏهن منجهائن ڪو بيمار ٿيندو هو يا ڪنهن مشڪلات ۾ پوندو هو ته سيد حبيب شاهه کي وٺي ايندا هئا. پوءِ دعا ڪرائڻ يا هن کان تعويذ ڦل وٺڻ ڪندا هئا.

هڪڙي ڀيري مرزا  مغل بيگ جي نياڻي بيمار ٿي پيئي هميشه وانگي سيد حبيب شاهه کي سڏڻ آيا پر پريو مڙس پاڻ اڻ چڱو هو، تنهنڪري سندس پٽ شاهه عبداللطيف کي هلڻ لاءِ چيائون، جو سيد تمام ڀلارا هئا، شاهه لطيف ساڻن ويو. نينگر ڪپڙن ۾ ويڙهجي سيڙهجي کٽولي تي سمهي پئي هئي، جو ڌارين جي منهن لڳڻو نه هئس. هو پردي وارا ماڻهو ۽ وڏي خاندان جا هئا. اها سيد سان ڪا خاص وڏي مهرباني ٿي ڪيائون جو پنهنجي گهر جي چانئٺ لنگهڻ يا پنهجين زالن جي ويجهو اچڻ ٿي ڏنائون.

شاهه عبداللطيف رحه هن نينگر جي چيچ ڪڍي پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو ته ”جنهن جي آڱر سيد جي هٿ ۾ آئي آهي، تنهن کي نڪو لهر نه لوڏو، جيسين ڪه سيدن کي ملي.“ اهي اکر شاهه صاحب ڳالهايا، تن تان مغلن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ ڪاوڙ ۾ تپي ويا. في الحال ته شاهه صاحب کي ڪجهه به نه چيائون، ماٺ ڪري روانو ڪيائون، پوءِ اچي ساڻن وير پاتائون. خود شاهه حبيب کي به جيڪو اڳي مان ڏيندا هئا، سو هاڻي ڇڏي ڏنائون. پوءِ ساڻن وير رکي، هنن کي وقت بوقت اهنج ايذاءَ رسائڻ ٿي ڪيائون.

] مغل بيگ جو شاهه صاحب کي ڪوٽڙيءَ مان لڏائڻ [

هنن (مغلن) ٿي ڄاتو ته شاهه صاحب اسان سان نهايت بي آبروئي جي هلت ڪئي آهي. اهل پردي جي نسبت ۾ هي ماڻهو ڏاڍي خبرداري ڪندا هئا. ايتريقدر جو زالن جا ڪجاوا به نر اٺن تي ڪين کڻائيندا هئا، نه مردن کي اندر پاڻي ڀرڻ ڏيندا هئا، نه مردن کٽين کي اندر جا ڪپڙا ڌوئڻا ڏيندا هئا. پر هنن سيدن کي الاجي ڪهڙي طرح سان اندر لنگهڻ ڏيندا هئا. اها سندن حد مهرباني هئي، جو شاهه صاحب کي نياڻي جي ڀر ۾ ويهڻ ۽ سندس چيچ ۾ هٿ وجهڻ ڏنائون. بلڪه سنڱ گهرڻ جهڙي ڳالهه ته گويا هنن کي هڪڙي گار هئي. انهيءَ تي هن کي باهه وٺي وئي هوندي. انهيءَ وير ڪري هنن سيدن کي ايترو ستايو، جو هو مغلن جي حويلي جي آڏو به نه لنگهي سگهندا هئا. ’ڀٽي‘ يا توڙي ٻيءَ ذات جا ماڻهو، جي ڳوٺ ۾ سيدن جي توسل هئا، سي به هنن هلنديءَ وارن مغلن جو رايو رکي، هنن کان منهن مٽائڻ لڳا. انهن ڳالهين ڪري هنن سيدن کي لاچار ٿيو، جو ڪوٽڙي مان لڏي، اتر ڏانهن پرڀرو جدا پاڙو ٻڌي ويٺا. انهي هنڌ جا نشان به اڃا سوڌا موجود بيٺا آهن.

] مغل بيگ جو چورن هٿان مرڻ [

انهي ڳالهه کي ٿورا ڏينهن مس گذريا ته ’دَل‘ ذات جا ڪي چور، وجهه ڏسي ڪاهي اچي مغلن جي گهرن ۾ پيا. مڙس ماڻهو به سڀ ڪنهن ڪم پٺيان ٻاهر ويا هئا، تنهنڪري چورن کي به ساڄي لڳي وئي، تن کي جو مال متاع هٿ لڳو، کڻي ٻهاري هليا ويا. جڏهن ڳالهه ظاهر ٿي ۽ مغل به موٽي آيا، تڏهن گهوڙا گهوڙا ڪري، سڀئي هٿيار ٻڌي، سنڀري چورن پٺيان ڪاهي پيا. شاهه عبداللطيف جن به پاڙي ۾ ويٺل هئا، تنهنڪري اهڙي مهل ۾ هنن سان واهر ڪرڻ مناسب حال ڄاتائون. سو شاهه صاحب ڪي ماڻهو پاڻ سان گڏ وٺي، هنن سان گڏجي وڃڻ لاءِ سنڀري آيو. اتي مغلن ريڙهه پيڙهه ڪئي ته اسان کي توهان جي مدد نه گهرجي، جو اسين به مرد ماڻهو آهيون. پوءِ شاهه صاحب منٿ ڪين ته ”پاڙي جو ننگ زيادهه آهي.“ ته به هنن هوڏ ڦٽي ڪين ڪئي. شاهه صاحب ايترو به چين ”جي آءُ انهي لڙائي ۾ مري ويس ته توهان به گهڻي قدر خوش خورم ٿيندا ۽ جي جيئرو موٽيس ته گويا پاڙي جو حق ادا ڪيم.“ پر مرزا مغل بيگ هن کي اصل اپڙڻ نه ڏنو. پهريائين ته آهستي چيائينس ته ”موٽي وڃ“ پوءِ ته دڙڪا ۽ اجايا ويڻ به ڏنائون. شاهه صاحب کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر پاڻ جهلي نه سگهيو، تڏهن اتي پاراتي وانگي هي بيت بي اختياريءَ سان چيائون:

بيگ تنهنجي بيگي، آهي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪانه،

اٿم آس اندر ۾، ’دل‘مارينئي مانَ

اهو چوڻ شاهه صاحب جو ته گٿو ئي ڪين. ڇاڪاڻ ته جيڪي به مغل، چورن جي پٺيءَ ويا هئا، سي سڀ چورن جي هٿان مارجي ويا. مغل بيگ پاڻ به ڪين بچيو. اهو واقعو سال 1713ع ۾ ٿيو. رڳو هڪ ننڍو پٽ مرزا مغل جو پٺ تي بچيو، جنهن کي ننڍي هوندي ”گولو“ ڪري سڏيندا هئا.

] مغل بيگ جي نياڻيءَ سان شاهه صاحب جي شادي ٿيڻ[

هاڻي مغلن جون زالون توڙي جيڪي ٻيا ماڻهو، سندن پُريءَ مان بچيا هئا، تن کي اچي دل ۾ خيال پيو ته ٻيلي، اهو سيدن جو رنج هو، جو اسان جي راڄ کي وڙهيو. سي ڏاڍا پشيمان ٿيا ۽ اچي سيدن جي پيش پيا ۽ معافي گهرڻ لڳا. آخر ٻئي طرف پاڻ ۾ پرتا ۽ هاڻي مغلن جي به خواهش ٿي ته هنن سان وڌيڪ ميلاپ ۽ عزازت رکن. سو مغل بيگ جي نياڻيءَ جو سڱ، شاهه صاحب کي کڻي ڏنائون. هن بيبيءَ جو نالو  ”سيده بيگم“ هو، جنهن کي پوءِ مريد ادب کان ”تاج المخدرات“ ڪري ڪوٺيندا هئا. هيءَ بيبي ساڳي هئي، جنهن جي چيچ شاهه صاحب پنهنجي هٿ ۾ ورتي هئي. هوءَ ڏاڍي نيڪ ۽ سگهڙ ۽ هوشيار هئي. نماز روزي تي قائم هئي. صبح سانجهي قرآن شريف پڙهندي هئي ۽ پنهنجي گهر جي هاج پنهنجي هٿن سان ڪندي هئي. مطلب ته جهڙو شاهه صاحب ڀلارو هو، تهڙي سندس بيبي ڀلاري هئي.

ڪن مهينن کان پوءِ بيبي صاحبه کي اميدواري ٿي. هڪڙي ڏينهن ڪو فقيرن منجهان سهڪندو، شاهه صاحب وٽ آيو. شاهه صاحب پڇيس ته ”اي ابا! ٻيو ته خير آهي؟“ فقير وراڻي ڏني ته ”سائين! ٻيو خير آهي، جو بيبي صاحبه کي اميدواري آهي. سو کين پلي کائڻ جي خواهش ٿي هئي، جو هاڻي آءٌ پراهين پنڌ تان ڊوڙندو وٺي آيس، تنهنڪري ساهه تڪڙو ٿو کڻان.“ شاهه صاحب کي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي بُڇان لڳي، چيائين ته ”واهه جو اولاد، جو اڃا ڄايو ئي نه آهي ته منهنجن فقيرن کي رلائي خراب ڪيو آهي. جي ڄمندو ته الاجي ڪهڙا ڪلور ڪندو. مون کي اهڙو ٻار ئي ڪين گهرجي. هي سڀ فقير منهنجو اولاد آهن.“

شاهه صاحب جو چيو، سو سچ ٿيو. پوءِ بيبي صاحبه کي اهو ٻار ته ڪين ڄايو، پر وري ياعمر ڪڏهن اميدواري نه ٿي.

 


 

 

باب ٽيون

 

] شاهه عبداللطيف جو زور وٺڻ ۽ هالن جي پيرن ۽ متعلوي يعني مٽارين جي سيد ۽ نورمحمد ڪلهوڙي جي دل ۾ حسد پيدا ٿيڻ، شاهه صاحب جو بلڙيءَ ۾ شاهه ڪريم جو قبو جوڙائڻ- سندس دشمنن جي ساڻس هلت- ڀٽ تي سندس نئون ڳوٺ ٺاهڻ- سندس والد جي وفات- سندس ڀٽ تي ويهڻ.[

] شاهه عبداللطيف جو زور وٺڻ ۽ هالن جي پيرن ۽ متعلوي يعني مٽيارين

 جي سيدن ۽ نور محمد ڪلهوڙي جي دل ۾ حسد پيدا ٿيڻ [

شاهه عبداللطيف هاڻي اڳئين حال کان بهتر حال ۾ هو. مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته وٽس ماڻهن اچي ڊوڙ ڪئي ۽ کيس مرشد ڪري ٿي ڏٺائون.  اها ڳالهه آس پاس جي سکرن مان لڪي ڪين رهي، جن پاڻ پئي مريد ڪيا. ويتر جو هنن جي طرف جا ماڻهو ڇڏيو اچو شاهه صاحب جا مريد ٿي ٿيا ۽ سندس واکاڻ ۽ تعريف ٿي ڪيائون، تنهنڪري هنن کي پاڻ ريس جاڳي ته  جيڪر هن بزرگ جي زيارت ڪرڻ گهرجي. اهي هڪڙا هئا هالن وارا پير مخدوم نوح جو اولاد، جن مان ”پير پنج پاڳ“ تن ڏينهن گادي تي هو. ٻيا هئا متعلوي وارا ”اجناڻي“ سيد، جي خود شاهه عبداللطيف جا عزيز خويش هئا. انهن جي مرضي نه هئي ته هي ماڻهو نئون مرشد ساماڻجي ۽ پٺيان هيتري گلر ساڻس هجي. انهن ساڳين عزيزن جي ريس ۽ اڻبڻت ڪري سيد حبيب شاهه پنهنجي عيال سوڌو متعلوي مان لڏي، ”ڀينءَ پور“ ۽ پوءِ وري ”ڪوٽڙي“ ۾ اچي ويٺو هو.

ٽيون دشمن شاهه صاحب جو هو ”ميان نور محمد ڪلهوڙو“، جو سنڌ جو حاڪم ۽ ڪلهوڙن جو سردار به هو ۽ مرشد به هو. حقيقت ڪري سڀئي ڪلهوڙا مرشديءَ جو دم هڻڻ ڪندا هئا. سندن گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شهر انهن ڏينهن ۾ ”خدا آباد“ هو، جو اڃا تائين اتي هڪ وڏي مسجد پڪين سرن ۽ ڪاشيءَ سان ٺهيل آهي، جو پراڻي درياهه جي ڪناري تي هوندو هو.  انهن ٽنهي ڌرين سان ، شاهه صاحب کي ڏکيو سکيو گذارو ڪرڻو ٿيو. هنن ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي ته شاهه صاحب کي ماري کپائي ڇڏجي. پر شاهه صاحب جو خدا تعاليٰ ۾ پڪو ڀروسو هو  ۽ توڪل تي ڀاڙي ويٺو هو ۽ ٻيو ته وري خداتعاليٰ جو سمجهايل هو، تنهنڪري کيس ڪابه پرواهه ڪانه هئي ۽ صحيح سلامت بچيو ٿي آيو. پاڻ اهڙا ڪم ٿي ڪيائين جن جي ڏسڻ سان ماڻهو عجب ۾ پئجي ٿي ويا ۽ سندس انصاف ٿي مڃيائون ته هي ڪو وڏو ولي آهي. هيٺين ڳالهين مان پاڻهي پڙهندڙن کي احوال معلوم ٿيندو.

] شاهه صاحب جو بلڙيءَ ۾ شاهه ڪريم جو قبو جوڙائڻ [

شاهه عبدالڪريم، جنهن تي بلڙيءَ ۾ ٻارهين مهيني ميڙو لڳندو آهي، تنهن جي زيارت لاءِ شاهه صاحب هميشه ويندو هو. شاهه ڪريم جو مقبرو تڏهن هڪڙي وڏي ڄار جي وڻ هيٺان هوندو هو. شاهه صاحب جي دل ۾ اچي هيءُ خيال پيو ته جيڪر اتي قبو ٺهرايان.. تنهنڪري اها ڄار وڍائي ڇڏيائين. چون ٿا ته اها ڄار اهڙي ڳري هئي، جو جيڪو ماڻهو انهي مان ڪا ٽاري کڻي ويندو هو ته هڪڙو نه ٻيو مرض وٺي ويندو هئس. پر شاهه صاحب کي ته ڪجهه به ڪين ٿيو. تنهن کان پوءِ شاهه صاحب قبي لاءِ ڪاشيءَ جي سِرن آڻڻ ڪاڻ ملتان ڏي ويو ۽ اتان ڳچ جيترو سامان وٺي سگهوئي موٽي درياهه جي رستي ٻيڙيءَ ۾ ٿي آيو. جڏهن هي خدا آباد وٽ آيو، تڏهن ساهي کڻڻ لاءِ اتي ٻيڙي جهليائون ۽ اتي لنگر لاهي پيا.

شهر جي ماڻهن جو شاهه صاحب جي اچڻ جو ٻڌو، سي ڇلنگين جون ڇلنگيون دعا گهرڻ ۽ ملاقات ڪرڻ پئي ويا. اتي هڪڙو قاصد ميان نورمحمد  جي طرفان آيو ۽ اچي ميان جي پاران سلام به ڏنائين ۽ خيرعافيت به پڇيائين ۽ هڪڙي موتين جي معجون جي دٻلي  به آڻي نذر ڪري ڏنائين. شاهه صاحب دٻلي وٺي، ٻيڙيءَ وارن کي ڏني ته ”درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو.“ ميان جي ماڻهو عرض ڪيو ته ”سائين! اها قيمتي سوکڙي آهي، سا ڪيئن ٿا اُڇلايو؟“ پر شاهه صاحب ته ٻڌس ئي ڪين ۽ جيڪو مال دٻليءَ ۾ هو، سو کڻي درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيائون. پوءِ جنهن به ماڻهو اتان پاڻي جو ذرو پيتو، سو زهر جي اثر کان يڪدم مري ويو. تڏهن شاهه صاحب قاصد کي اهو جواب ڏنو ته ”ميان صاحب کي منهنجا سلام ڏج ۽ چئج ته جي اوهان جي سوکڙي رڳو اسين کائون ها ته ڪن ٿورڙن ماڻهن کي فائدو پهچي ها، هاڻي ڀلي ته هتان کان وٺي کاري سمنڊ تائين، جيڪا به خلق خدا جي آهي، تنهن کي گهڻو فائدو پهچي.“

تنهن کان پوءِ شاهه صاحب بلڙيءَ ۾ آيو، ۽ ٿورن ڏينهن ۾ ئي قبو جُڙي راس ٿيو. شاهه صاحب هڪڙيءَ سِر تي ”لطيف“ جو لفظ لکائي، اها دروازي جي پاسي کان هڻائي ڇڏي. پوءِ پاڻ اچي ڍنڍيءَ ۾ لٿو. بلڙيءَ جي گاديءَ تي تڏهن مخدوم عبدالواسع هوندو هو، سو جڏهن قبو ڏسڻ آيو، تڏهن اها نالي واري سر ڏسي چوڻ لڳو ته ”واهه! عبداللطيف ڀانئي ٿو ته آءٌ هن جاءِ جو وارث ٿيان!“ تنهن يڪدم حڪم ڪري سِر پٽائي ڇڏي ۽ انهيءَ جاءِ تي ٻي لسي سِر هڻائي ڇڏيائين، جا اڃا تائين ڏسڻ ۾ پئي اچي.

محمد صلاح، جو عبدالواسع جي عزيزن مان هو، مگر شاهه صاحب جي پاسي هو، سو اها سِر کڻي شاهه صاحب وٽ آيو ۽ سڄي حقيقت بيان ڪري ٻڌايائينس، جنهن تي شاهه صاحب کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ چيائين ته ”لطيف، الله سائين جل جلاله جو نالو آهي، جهڙي تهڙي جو نه هو. جو پَٽايو اٿس. انهيءَ کي اِن ڪم جو بدلو ٿورن ڏينهن جي اندر پيش ايندو. تون ادا ڪو فڪر نه ڪر.“  شاهه صاحب، محمد صلاح کي چيو ته ”اهو ٻُوڙو جو تنهنجي اڳيان بيٺو آهي، سو زمين مان ڇڪي ٻاهر ڪڍ.“ پوءِ هن اهڙيءَ طرح سان ڪيو ته زمين مان ٽي پاڙون ٻاهر نڪري آيون. تڏهن شاهه صاحب، محمد صلاح کي چيو ته ”تنهنجي اولاد مان ٽي ڄڻا بلڙيءَ جي گاديءَ تي ويهندا.“ پوءِ اها ڳالهه به يڪدم ٿي، جو سگهوئي عبدالواسع مري ويو ۽ محمد صلاح جو پٽ حيدر شاهه سندس گاديءَ تي ويٺو. هن کانپوءِ سندس پٽ ۽ پوٽا به گادي تي ويٺا.پوءِ وري گادي ٻئي گهراڻي جي هٿ ۾ آئي.

 

] سندس دشمنن جي ساڻس چلت [

هڪڙي ڏينهن ميان نورمحمد ڪلهوڙي، شاهه صاحب ڏي دعوت چوائي موڪلي ۽ سندس ملاقات جو شوق ظاهر ڪيائين. پوءِ شاهه صاحب ٺهرايل ڏينهن تي وٽس ويو. جڏهن ويهي صحبت ڪري، ماني ٽڪي کائي، اُٿي کڙا ٿيا ۽ شاهه صاحب موڪلايو، تڏهن ميان نورمحمد ڪلهوڙي، شاهه صاحب کي هڪڙي گهوڙي سونن سنجن سان ڏني بطور نذراني جي ته ڀلي مٿس چڙهيو وڃي. اها گهوڙي ڏاڍي مستيءَ واري هئي. ڪنهن کي هٿ لائڻ  به ڪين ڏيندي هئي. اڳئي ڪيترن ماڻهن کي چڪن ۽ لتن سان ماري ڇڏيو هئائين. اهڙي گهوڙي ڏيڻ مان ميان نور محمد جي اها نيت هئي ته ڀلي شاهه صاحب سان به اهڙي عقوبت ٿئي ۽ اها گهوڙي مر ته مارڻ ڪريس.

اتي ڪن خيرخواهن شاهه صاحب کي ڀر ۾ اچي چيو ته هي حال آهي. پر تڏهن شاهه صاحب اها گهوڙي قبول ڪئي ۽ اتيئي نه ڪيائين هم نه تم، يڪدم ٽپ ڏيئي زين تي چڙهي ويٺس ۽ لغام ڪڍائي ڇڏيائين. گهوڙيءَ اتي ڪڏائي کنيس، گهڙيءَ ۾ نظر کان ٻاهر نڪري ويئي. ڪيترا ماڻهو پٺيان پيس پر پڄي نه سگهيا. سگهو ئي شاهه صاحب گهوڙيءَ کي موٽائي آيو ۽ آڻي اڳيان ميان نورمحمد جي بيهارڻ ڪيائين. جا تکي ڊوڙڻ ڪري، پگهرجي شل ٿي پئي هئي ۽ سهڪڻ ۾ اچي وئي هئي. جڏهن ميان نور محمد اهو حال ڏٺو ته گهڻو پشيمان ٿيو ۽ شاهه صاحب کان معافي گهرڻ لڳو. پوءِ شاهه صاحب کان پڇيائين ته ”لغام ڇاجي لاءِ لاهي ڇڏيوَ؟“ شاهه صاحب چيو ته ”اي ڪم عقل! جڏهن خود منهنجي واڳ ڌڻي سڳوري جي هٿ ۾ آهي، تڏهن جيڪو وهٽ منهنجي هيٺان هجي، تنهن جي ڪا مون کي جهلڻ جڳاءِ! اها به مون ان جي هٿ ۾ ڏني.“ اهو نُڪتو ٻڌي ميان نو محمد جي دل تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ انهي وقت کان وٺي شاهه صاحب تي اعتقاد ڪرڻ لڳو.

هڪڙي ڀيري مخدوم ”مير پير پنج ڀاڳ“ هالن وارو بکر واهه تي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو،  شڪار تي ٿي ويو، ڪنهن هنڌ ڪناري ويجهو، شاهه عبداللطيف  جي فقيرن منجهان هڪڙو ويٺل ڏٺائون، جنهن سان پنهنجو ڪتو به هو. پير صاحب کي ڪتو وڻيو، سو هن کان گهريائين؛ پر هن ڏيڻ جي نه ڪئي، تڏهن پير صاحب جي حڪم پٺيان هن کان زوري ڪتو ڦري  ورتائون.. فقير اتان ڀڄي اچي پنهنجن سنگتين کي ٻڌايو ته ”مون سان هي ظلم ٿيو آهي.“ تن سڀني ٻُڌي ڪري، اها رٿ ڪئي ته انهي ساڳيءَ جاءِ تي ويهڻ ڪجي، جڏهن پير موٽي اچي، تڏهن مٿس هلان ڪري، ڪتو ڦري وٺجي. پوءِ هنن ايئن ڪيو ۽ وڃي لڪي ويٺا. جڏهن پير صاحب موٽيو، تڏهن هنن پنهنجو ڪتو ڇڏايو ۽ هليا آيا. هنن جي انهي هلت مان پير صاحب ڏاڍو خفي ٿيو  هالن ۾ پهچڻ شرط پنهنجا ماڻهو گڏ ڪري، لڙائيءَ جا هٿيار کڻي سنڀري ويٺا ته سڀاڻي فجر جي وقت سان شاهه صاحب ۽ سندس فقيرن تي حملو ڪنداسين.

ڪنهن ماڻهو وڃي شاهه صاحب کي ٻڌايو ته پير صاحب هي سِٽ سِٽي آهي. شاهه چيو ته ”ابا! فڪر نه ڪريو، جيڪا الله سائين جي مرضي.“ ۽ هيءُ احوال به ٻڌايائين ته ”اڄ سانجهن جو هڪڙو چريو فقير پٺارڪ ڪاٺين جي کڻي هت ايندو، جي ڪاٺيون هت لاٿائين ته ڄاڻجو ته فتح پنهنجي آهي  جي کڻي هليو ويو ته پوءِ حال ڪونهي.“ جڏهن شام جو وقت آيو، تڏهن چوڻ موجب هڪڙو چريو ڪاٺيون کڻي آيو ۽ ماٺ ڪري ڪاٺيون لاهي ويندو رهيو. اتي سڀني ماڻهن کي پڪ ٿي ته سوڀ اسان جي آهي. پوءِ صبح جي لاءِ منتظر رهيا. اڃا سج مس اُڀريو ته مير پير پنهنجي لشڪر سوڌو نڪري ٻاهر ٿيو، پر سندس وڏو خليفو اسماعيل، سو گهڻي مدت ٿيل هئي جو پٺتي رهيل هو، تنهن کي سڏڻ لاءِ ماڻهو ڊوڙايائين. نيٺ خليفو اچي حاضر ٿيو، پر پنهنجي منهن تي ڪپڙو وجهي، اچي بيٺو.  پير پڇيس ته ”اڄ ائين ڇو ڪيو اٿئي؟“ پوءِ ڪپڙو کڻي لاهينس ته ڏاڙهي مٿو ڪوڙيو پيو اٿس ۽ منهن سڄو ڪارو ٿيو پيو آهيس. پير کي حيرت وٺي وئي ته منهنجي وڏي خليفي سان هيءَ ڪهڙي جٺ ٿي! تڪڙو ٿي  حال پڇڻ ڪيائينس. خليفي چيو ”سائين! جيڪڏهن ويڙهه جي لاءِ اوهان سان گڏجي نٿو هلان ته نافرمان ۽ نمڪ حرام ٿو ڪوٺجان ۽ جي هلي ٿو وڙهان ته قيامت جي ڏينهن رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ الله تعاليٰ جي اڳيان ڪارو منهن  ڪري مون کي وٺي آڻي بيهاريندا، جو نبيءَ جي اولاد سامهون هٿ کنيم. تنهن کان صلاح ڀري هي ڳالهه آهي ته هن ئي جهان ۾ پنهنجو منهن پنهنجي هٿن سان ڪارو ڪريان. پوءِ هاڻي جيئن چئو تيئن ڪريان.“ پير صاحب کي خليفي جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو شرم آيو ۽ گهڻي قدر پشيمان ٿي پنهنجي لشڪر سوڌو پتي موٺتي هليو ويو.

هڪڙي پير جي زال ”بيبي لعل“ نالي، جا متعلوي وارن سيدن مان هئي، سا شاهه عبداللطيف جي خيرخواهه هئي ۽ منجهس سندس گهڻو يقين هو، ۽ جڏهن وجهه لڳندو هئس، تڏهن شاهه صاحب وٽ ايندي هئي ۽ جيڪا خدمت پڄي سگهندي هيس، اها ڪندي هئي. پر پنهنجن عزيزن کان لڪچوريءَ ۾ ايندي هئي، جو انهن جي شاهه صاحب سان اڻبڻت هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن هيءَ بيبي شاهه صاحب وٽ ويٺي هئي ته پٺ تي سندس ٻن ڀائرن کي خبر پئجي ويئي،  سي تراريون کڻي ڪاهي آيا. شاهه صاحب کي ۽ بيبيءَ کي به ڪنهن ماڻهو ڊوڙي اچي خبر ڏني ته فلاڻا سيد ڪاهيو اچن ٿا، جي هاڻ ڄاڻ آيا. تڏهن اها خبر ٻڌي بيبي لعل کي ڊپ ٿيو. پوءِ اتي ڊپ کان دانهون ڪرڻ لڳي ۽ شاهه صاحب کي چيائين ته: ”آءُ هاڻي ميس ته گهوريس جو قبر جي ڀر تي آهيان، تون پنهنجي ساهه بچائڻ جي ڪا تجويز ڪر.“ پوءِ شاهه صاحب دلاسو ڏنس ته ”ايمان نه ٽوڙ“ ۽ سڏي ڀر ۾ وهاريائينس.

ايئن ڪندي ٻئي ڀائر تراريون کڻي ڪلهن تي رکي، اندر ڪاهي آيا. اهڙي ڪاوڙ چڙهي وئي هين جو چرين وانگي ڪف وات مان ٿي وهين ۽ هوش کان ٻاهر نڪري ويا هئا. ايندي ساڻ پاڻ ۾ اٽڪي پيا ۽ ذري گهٽ هڪٻئي کي وڍي ٿي رکيائون، پر بيبي لعل ويچاريءَ جي رت ڇڪي ڏني، تنهن دانهن تي ماڻهن اچي ٻنهي ڀائرن کي ڇڏائي جدا ڪيو ۽ متعلوي ڏي وٺي وين. چون ٿا ته انهيءَ ڏينهن کان وٺي اهي سيد، ٻئي ڀائر چريا ئي چريا هئا.

ٻئي ڀيري وري مخدوم نوح جي خليفي، سيد اجن کي ”مير پير پنج پاڳي“ موڪليو ۽ لشڪر  به ساڻس ڏنائينس ته تون وڃي شاهه عبداللطيف سان جنگ ڪر. خليفو اڃا مس اڌ واٽ تي آيو ته ويچارو اتي بيمار ٿي پيو ۽ اتي جو اتي ويهي رهيو. لاچار کٽولي تي وجهي پٺتي کڻي ويس. چون ٿا ته انهي رات مري ويو. سندس مقبرو نون هالن نزديڪ اڌ ڪوهه پنڌ تي آهي، جو ڏسجڻ ۾ ٿو اچي.

انهن مٿين مثالن مان ظاهر ٿيو هوندو ته شاهه عبداللطيف سان سندس پاڙيسري ماڻهن ڪهڙي نه هلت ڪئي آهي. انهي مان ڇا ته حاصل ٿيندو هون. اهڙن اتفاقن ڪري پاڻ جيڪي سندن مريد هئا، تن جو منجهنس يقين واڌو ٿي ٿيو ۽ جيڪي سندس دشمن هئا، تن به ان کان ڪن ٿي هنيو ۽ ڊوڙيو اچي پاسو ٿي ورتائونس..

] ڀٽ تي سندس نئون ڳوٺ ٺاهڻ [

اسان مٿي ڏيکاريو آهي ته شاهه عبداللطيف جا وڏا پهريائين متعلوي ۾ رهندا هئا، پوءِ جيئن جيئن ڪو منجهائن زور وٺندو ٿي ويو ۽ مريد هٿ ڪندو هو، تيئن تيئن ٻين مٿس حسد ٿي ڪيو ۽ ساڻس اهنج ايذاءُ ٿي ڪيائون، جنهن ڪري هو لڏي وڃي ٻئي هنڌ ويٺا. انهيءَ طرح شاهه ڪريم لڏي بلڙيءَ ۾ آيو ۽ شاهه حبيب لڏي ڀيءَ پور، ۽ وري ڪوٽڙي ۽ ٻين جاين تي آيو.

شاهه صاحب جي به جڏهن ڪوٽڙيءَ ۾(اڻبڻت) ٿي، تڏهن اتان لڏي ٻئي هنڌ جي تياري ڪرڻ لڳو. گشت ڪندي هڪڙو ٽڪر زمين جو ڏٺو هئائين، سو سندس دل کي وڻيل هو. اتي واريءَ جون ڀٽون هيون ۽ چوڌاري گهاٽو جهنگ هو. آسپاس ڍنڍون ۽ پاڻيءَ جا دٻا به هئا. بلڪل فقيراڻي ڊول جي زمين هئي. انهي مڪان جو نالو ”ڀِٽ“ هو.

انهي هنڌ جي ٻي هيءَ ڳالهه ڪن ٿا ته جڏهن مخدوم نوح هالن وارو ۽ شاهه  عبدالڪريم بلڙي وارو، حيات هوندا هئا تڏهن ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن شاهه ڪريم، مخدوم جي ملاقات لاءِ ٿي ويو. جڏهن انهي هنڌ ڌاري آيو، تڏهن ”ساگرو“ واهه جي ڪناري وٽ لهي ڊاٻو ڪيائين. ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته هڪڙي هنڌان جهنگ ۽ گاهه ڪپي صاف زمين ڪريو.پوءِ سڀني کي سڏي، جماعت ڪري، اتي نماز پڙهڻ ڪيائين ۽ ظاهر ڪيائين ته منهنجي اولاد مان هڪڙو وڏو ۽ مشهور مرد خدا جو پيدا ٿيندو، جو ڏاڍو چڱو ڪلام ڪندو ۽ شعر چوندو ۽ هن هنڌ ان جي درگاهه ٿيندي.

اها ”ڀٽ“ نَون هالن کان ٻه ڪوهه پري هئي. انهي هنڌ شاهه عبداللطيف گهڻو ڪري، پنهنجي مريدن ۽ فقيرن سوڌو اچي ڏينهن جا ڏينهن گذاريندو هو ۽ عبادت ۽ رياضت ۾ وقت لنگهائيندو هو. انهي ساڳئي ٽڪري تي هاڻي شاهه صاحب اچي پورهيو ڪرڻ لڳو. اتي رُڳي واري جي ڊٻ هئي، تنهنڪري شاهه پاڻ ۽ سندس فقير پراهين پنڌ تان تازي مٽي مٿي تي کڻي آڻي واري جي مٿان ٿي وڌي ته ڀلي زمين ڄمي ڏاڍي ٿئي.

ڪيترا ڏينهن ته اهو پورهيو ٿي هليو. آسپاس وارن ماڻهن کي ته ڄڻ چرچو لڳي ويو. نيٺ شاهه صاحب  انهي هنڌ هڪڙو حجرو جوڙيو. انهي جي ڀر ۾ وري هڪڙي ٻي جاءِ، پنهنجي ماءُ پيءُ جي لاءِ ٺاهڻ ڪيائين. هڪ ننڍي مسجد نماز پڙهڻ جي لاءِ جوڙي تيار ڪئي ۽ پنهنجن فقيرن لاءِ ليڪا زمين تي ڪڍي، جايون ورڇي ڏئي وين،جي هنن جوڙي کڙيون ڪيون. هڪڙي ڏينهن هي فقير پنهنجي ڪم ۾ لڳا بيٺا هئا ته مخدوم مير پير هالن وارو ڏاڍي ڌام ڌوم سان اُتان اچي لنگهيو. فقيرن کان پڇيائين ته ”هي ڇا ٿا ڪريو؟“ هنن چيو ته هن چيو ته هن ڀٽ تي نئون ڳوٺ ٿا ٻڌون.“تڏهن پير چيو ته ”هائو، ڀِٽ، ڏئي ٽِٽَ“ خير اهو وقت ته گذريو. پوءِ شاهه صاحب سان فقيرن اها خبر ڪئي ته مخدوم مير پير هيئن ٿو چوي ته ”ڀٽ ڏئي ٽٽ.“ شاهه صاحب مُرڪي چيو ته ”ابا! ٽٽ به ڍاوا ڏيندا آهن، بکيا نه ڏيندا آهن. مخدوم اسان کي پاڻ دعا ڪئي آهي ۽ اسان کي پٽڻ ته ڪين ڪيو اٿس. شال خوش هجي!“

انهن ڏينهن جي ڳالهه ڪندا آهن ته شاهه صاحب پنهنجي نئين مسجد ۾ هڪڙي ڪهاڙيءَ سان ويٺي پٿر ڀڳا ته ڪو پراهين شهر جو مريد وٽس آيو ۽ ڪيميا جو هڪ پهڻ نذرانو ڪيائين، جنهن ۾ اها خاصيت هئي جو جيڪڏهن لوهه يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ کي لائي ته مٽائي سون ڪري ڇڏي، جنهن کي پارس پهڻ ڪري سڏيندا آهن. شاهه صاحب پاهڻ وٺي ٿي ڏٺو ته  اوچتو هٿ مان ڪري پيس ۽ هيٺ ڪهاڙي پئي هئي، سا پاهڻ جي لڳڻ سان مٽجي سون ٿي پئي. شاهه صاحب کي عجب لڳو پر وري پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. ليڪن سون لوهه کان نرم ٿو ٿئي، تنهنڪري مُڙيو ٿي پيو. اهو سونو ڪهاڙو لوهه جهڙو ڪمائتو نٿي ٿيو، تنهنڪري شاهه صاحب ڪهاڙي ۽ پارس پاهڻ کي هڪ ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو. اُهو مريد انهيءِ مهل هليو ويو هو. (تڏهن شاهه صاحب) چوڻ لڳو ته ”دنيا جي ماڻهن مان حاصلات اجها اها آهي جو مرڳو منهنجي ڪم ۾ اچي حرڪت وڌائين.“

ٿورا ڏينهن رکي اهو شخص موٽي آيو ۽ ڀانيائين ته انهي وچ ۾ شاهه صاحب، پارس سان ڏاڍو شاهوڪار ٿيو هوندو ۽ وڏي دولت کي رسيو هوندو.  پر اچي ڏسي ته وري به پنهنجي اصلوڪي ڪم ۾ مشغول آهي ۽ انهيءَ ڊول ڪم ويٺو ڪري. ايندي سان ئي شاهه صاحب چيس ته ”واهه ميان واهه، چڱي سوکڙي اسان کي ڏئي ويو آهين، جنهن اسان جو ڪم وڃائي ڇڏيو آهي.“ هو ويچارو ته اُت گهڻي تعريف ڪرڻ لڳو ته ”هيءَ هيءَ عجيب غريب خاصيتون منجهس آهن،“ پر شاهه صاحب نه مڃيو ۽ پارس ۽ ڪهاڙي به کڻي ڏنائينس ته پنهنجي گهر کڻي هليو وڃ.*

اها ساڳي ڀٽ، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿئون، تنهن ۾ شاهه صاحب پنهنجن فقيرن کي وٺي، عبادت ڪندو هو ۽ رياضتون ڪڍندو هو ۽ فقير سندس ڪلام ڳائڻ ڪندا هئا ۽ ساز وڄائيندا هئا. پر انهي وقت ڌاري، شاهه صاحب جي گهر ۾ هڪڙو مصيبت جهڙو اتفاق ٿيو، جنهنڪري شاهه صاحب ڪي ڏينهن ملول ٿي رهيو.

 

] سندس والد جي وفات [

اهو اتفاق هي آهي جو سندس والد  صاحب سيد حبيب شاهه وفات ڪئي. شاهه عبداللطيف پاڻ تڏهن ڪوٽڙي ۾ هو، جو وڏي سيد جو ماڻهو ڊوڙي چتائڻ ويس ته ”هيءُ وقت پڇاڙيءَ جو آهي، تون هلي پنهنجي والد صاحب جو منهن ڏسڻ ڪيو.“ شاهه چوڻ ڪيو ته ”ابي کي چئو ته ارمان نه ڪر، آءٌ تو وٽ آهيان، تنهنجي پٺيءَ ٿو اچان. مون هي نذر ڪيو آهي ته الله تعاليٰ جي مرضيءَ تي ڏک ڪين ڪندس.  سو جي هلي ابي کي ڏسندس ته دل جهلي ڪين سگهندس ۽ پنهنجو وعدو ڀڃي وجهندس. ٻيو ته ابي کي چئج ته منهنجي جنازي جو غسل به اتي ٿيندو ۽ چئجانءِ ته ماڻهن کي حڪم ڏئي ڇڏيو ته توکي ڀٽ تي محمود شاهه(1) جي سيرانديءَ کان رکن، جو منهنجي جاءِ سندس پيرانديءَ کان آهي.“

چون ٿا ته سيد حبيب شاهه، قاصد جي هٿان هيءُ بيت موڪليس:

ڪنهن جي نينه گتا، جو واجهائيندي نه ورو

جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.

وري شاهه عبداللطيف هيءُ بيت ڏياري موڪليس ته:

متان ٿيءُ ملور، ڪي اڳاهين آهين

ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.

--

حبيب شاهه جي قضيي جو اتفاق سنه 1144هجري يعني سنه 1731ع ۾ ٿيو. محمد صادق نقشبندي اها تاريخ هڪڙي عربي جملي ۾ لکي آهي. جنهن مان ابجد جي حساب سان مٿيون سال نڪري ٿو. اهو جملو هي آهي: ”الموت جسر يوصل الحبيب لقاء الحبيب“ يعني ”موت هڪڙي پل آهي، جنهن تان هڪڙو دوست لنگهي، وڃي ٻئي دوست کي ملي.“ ”حبيب“ جي لفظ جي معنيٰ به ”دوست“ آهي ۽ سيد حبيب جو نالو به اهوئي هو ۽ مضمون به حال تي لاڳو آهي، تنهنڪري انهي تاريخ چوڻ ۾ ڪمال چالاڪي ڏيکاري آهي. نيٺ سيد حبيب شاهه کي ’ڀِٽ‘ تي رکيائون ۽ سندس قبر، شاهه لطيف جي قبي کان اتر ڏي، اَٺ، نَو وکون مس پري آهي.

 

] سندس ڀِٽ تي ويهڻ [

پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سگهوئي شاهه عبداللطيف لڏي اچي ڀٽ تي ويٺو. اڃا تائين اتي هڪڙو وڏو لَئي جو وڻ بيٺو آهي، جنهن تي پريندي ڪپڙا وجهي، پردو ڪري، اهلِ نساء جا ويهاريا هئائون، جيستائين ڪه اهي جايون ٺهيون ۽ ويهڻ جهڙيون ٿيون. اتي ٻيو هڪ وڏو ڄار جو وڻ آهي، جو شاهه صاحب جي وڏي خليفي”تمر“ جي اوطاق ۾ بيٺل آهي. اتي جي سڀني وڻن جو ڏاڏو چئبو آهي. ٽيون وڻ وري ڪِرڙ جو آهي، جو مسجد جي ڀر ۾ بيٺل آهي. چون ٿا ته جڏهن انهيءَ ڪرڙ مان ڪا ٽاري ڪرندي آهي، تڏهن پير صاحب جي خاندان ۾ هڪڙو نه ٻيو قضيو ٿيندو آهي. پر اهو چوڻ شرڪ آهي، جو ان ڪرڙ کي ڪا طاقت نه آهي. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ”لايملڪون لانفسهم ضررا ولا نفعا“ يعني ”نه ڪنهن جي مِلڪ آهي نقصان ۽ نه نفعو آهي.“

اهي وڻ هئا، اهي جايون هيون، اهي واريءَ جا دڙا هئا، جن ۾ شاهه صاحب پنهنجي حياتيءَ جا پويان پساهه اٺ ورهيه اُتي عبادت ۽ رياضت سان گذاريا. انهيءَ وچ ۾ سندس جيڪي دشمن هئا، ساڻس نه ٺهندا هئا؛ سي به گهڻو ڪري سندس دوست ٿي ويا ۽ سندس ڪرامتون ڏسي، تعريف ڪندا هئا ۽ پاڻ کي سندس مريدن مان ڪري ڄاڻندا هئا.


 


* انهي ذڪر جو اشارو مير علي شير قانع ٺٽي واري پنهنجي ڪتاب مقالات الشعرا نمبر 1 ۾ ڏنو آحي. مخدوم ٺاري جي وفات جون تاريخون فارسي بيتن ۾ چيل آهن. جن شعرن مان ابجد جي حساب سان تاريخون نڪرن ٿيون، سي هي آهن:

ناجي شد او که آل محمد معين است

۽ ٻيو

قطره در بحر واصل شد

انهن بيتن مان سنه 1160هه نڪري ٿو.

* انهن ڏينهن ۾ ماڻهن کي اعتبار هو ته اهڙا پارس پهڻ گنجي ٽڪر ۾ البت آهن، جو هڪڙي ڀيري چون ٿا ته ڪنهن ڪلهوڙي حاڪم جو هاٿي اٿي ڀڳو ۽ زنجير  گهليندو گنجي ٽڪر ۾ وڃي نڪتو. پوءِ وڃي ورتائونس. ڇا ڏسن ته زنجير سون جا آهن. پوءِ انهي ٽڪر تي گهڻا ماڻهو ڳولڻ جي لاءِ موڪليائون، پر هٿ ڪين لڳن، پشيمان ٿي موٽي آيا.(مصنف)

(1)  هي محمود، شاهه صاحب جي خاص مريدن مان هو. وڏو ماڻهو خدا جو دوست هو. چون ٿا جيڪي وسيلا هئس سي سڀ گهر ڇڏي، رڳو هڪڙو ڪوئنرو پاڻي جو کڻي اچي شاهه صاحب جو مريد ٿيو. (مصنف)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org