سر ويهون: رامڪلي
هتي وري صوفين ۽ سناسي فقيرن جو ذڪر اچي ٿو. پڙهندڙن کي خبر آهي
ته شاهه صاحب کي هنن فقيرن جي صحبت گهڻو وڻندي هئي
۽ انهن سان هن حياتي جا ڏينهن گذاريا هئا. هاڻي هن
جي وسيلي شاهه صاحب صوفين جي حقيقت جو بيان ڏئي
ٿو.
اشارو: هنن فقيرن جا گهڻا قسم آهن ۽ جدا جدا رستن ۽ عادتن ڪري جدا
جدا نالا اٿن. هيٺان نالا شاهه جي رسالي ۾ علحده
جاين تي ڏسڻ ۾ ايندا: کاهوڙي، جوڳي، سناسي،
بيراڳي، نانگا، آديسي، مهيسي، صابري، لاهوتي،
ڪاپڙي، حسيني،بابو ۽ سامي.
]مضمون[
فصل- 1: جوڳين ۽ بيراڳين جي صحبت مزي جهڙي آهي- هنن
جا عجيب رستا- نانيءَ جي زيارت تي وڃن
ٿا.
فصل- 2: هنن جي اچرج جهڙي هلت چلت- ساري مهيني ۾
روز روز نيون رسمون ۽ نوان رستا آهن.
فصل- 3: کاهوڙين جا عجيب رستا.
فصل- 4: جوڳي ٿيڻ لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن.
فصل- 5: سامي پنهنجي روح سان رهاڻ ڪن ٿا.
فصل- 6: سامين جا رستا.
فصل- 7: پنڻ جي عادت.
فصل- 8: لاهوتين جو لڏي هلڻ.
فصل- 9: هنن جي رياضت ۽ ڪشالا ڪڍڻ.
انتخاب
1- وٽن ويٺي آهيان، ڏسو ڪين ڏيهان
جنهن جهوئي ناهه ڪي، سا ڪا سونهن سنديان
پسو ڪين پسان،آءٌ نه جيندي ان ري.
2- نڪي کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻ پاڻ
اهڙو جن اهڃاڻ، آءٌ نه جيندي اُن
ري.
3- جن وڃايو جوڳيين، ڪل سين آهين ڪم
ڏسڻ جن سندم، آءٌ نه جيندي اُن ري.
4- جي ڀائين جوڳي ٿيان ته سڱ سڀيئ ڇڏي
اوڏو ٿي الف کي، من ميم سين گڏ
هتان لاهوتي لڏ، ته گرسين
گڏجين ڪاپڙي.
5- جي ڀائين جوڳي ٿيان ته مڙهي ٻاري مر
منجهئي تيرٿ
تڪيا،: منجهئي گروءَ جو گهر
منجهئي بابو بکيا، منجهئي نارڻ سَر.
پسي ڏورھ بر،تون خود آهين تڪيو.
6- جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،
گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام
صبر جي سرواهيءَ سان،
ڪر ڪيني کي قتلام
ته نانگا تنهنجو نام، لکجي لاهوتين ۾.
7- سامي ڪين سمجهه، سپيريان جي ڳالهه کي
نانگا تون ناني ڏي، ڪيم آديسي اُجهه
ويهي تون وجود مان ڳولي لهج ڳجهه
ٻئي ڏانهه هڏ نه ٻجهه، الک اتيئي ڪاپڙي.
8- مونا جن محراب، جسو جامع تن جو
قبله نما قلب ڪري، ڪيائون تن تراب
تحقيق جي تڪبير چئي، جسمان ڪيائون جواب
تن ڪهڙو ڏوهه ثواب
،هادي جهين حال ٿيو.
9- جن اُجهيو تن ٻجهيو، ويٺي گڏين وير
ڏوري ڏٺائون ڏک سين، پاڻ منجهارا پير
لٿو تن لطيف چئي، تن جو جيءُ جنجير
ڪين ڏٺو هو ڪاپڙين قابل ۽ ڪشمير
آهي سچ جني جو سير، تن گُر ويٺي ئي گڏيو.
10- هر هر ڪن هرنام، ڌوئن ڏهاڙي ڌوتيا
جن نه ريجها رام، ناٿ نه نمي ان کي.
11- تو جو ڏيو ڀانئيو، سا سورج سهائي
انڌن
اونڌائي، جي رات وهامي ڏينهن ٿيو.
12- سامي تون سلوڪ کي، هٿان هڏ مَ ڇڏ
لڏيندڙن
سين لڏ، ته رهين تون راڄ ڪري.
13- بک انهي جي بکيا، ڌوڙ انهي جو ڌوپ
سوئي ڪيائون روپ، جيان لوڪ لڄ ٿئي.
14- دلق ڍڪائج دل کي
،لائج
ڪو مَ لباس
پوري کائج پانهنجو، مڙهيان
اندر ماس
ته ويراڳي
تو
واس، بر ۾ بويون موڪلي.
15- جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناهه ذرو
نڪو چارو چنڊ جو، نڪو سج سرو
اُتي آديسين جو، لڳو دڳ دڙو
پرو پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهن ۾.
16- جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته ويهي ڳول وجود
اٿي الک سامهون، سامي ڪر سجود
خلوت ڪر خفي سين، ٿي نفي ۾ نابود
پرج پورب پار ڏي، بابو ڇڏي بود
نانگا نفس پانهنجو، ڪر رضا سان
ربود
تن کي ڏيئي تسيا، ٿي الفت سين آسود
لڏي تون لاهوت ۾ ڪر ويراڳي ورود
غيبي ڇڏ غنود، ته راول پسين رام کي.
سُر ايڪيهون: کيپ
]رپ[
هن ننڍي سُر ۾ عشق جا سور ۽ انهن جي کوري سان مشابهت ڏنل آهن.
]مضمون[
فصل- 1:
عشق
جا سور، انهن جو اثر ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ.
فصل- 2:
عشق
جي کوري سان مشابهت.
انتخاب
1- نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکين
اجهاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين.
2- نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
سر ٻاويهون: ليلان چنيسر
هن سر جو مضمون شاهه صاحب، ليلان ۽ چنيسر جي مشهور قصي تان ورتو
آهي، جنهن جو مختصر بيان اسين هيٺ ڏيون ٿا.
]
ليلان ۽ چنيسر جو قصو[
راڻي راءِ کنگهار کي ’ڪوءنئروءَ‘
نالي هڪ جوان سهڻي ڌيءَ هوندي هئي. ’جمني‘ نالي
هڪڙي ٻي ڇوڪري هئي، جا ڪونئروءَ
سان ساهيلي هئي. هڪڙي ڏينهن جمني ويٺي ڪپهه ڪَتي.
ڪونئرو لاڏ ۽ ناز نخري مان پئي راند ڪئي. اتفاق
سان سندس پير جمني جي چرخي کي لڳي ويو ۽ ٽِڪ ڏنگي
ٿي پئي. جمني کي ڪاوڙ لڳي، تنهن ساڻس ڏاڍيان
ڳالهايو ۽ مهڻو ڏيئي چيائينس ته ”تون ڪا چنيسر راجا جي ڪنوار آهين ڇا، جو ههڙا
انگل ٿي ڪرين ۽ نقصان ٿي پهچائين؟“ ڪونئروءَ کي هي
مهڻو ڏاڍو بڇڙو لڳو. انهي مهل ته ماٺ ڪري ويهي
رهي، پر دل مان ڏک ڪين ويس. اگرچه جمني جي ڀاءُ جي
مڱ هئي، ته به هوءَ دل جي ساڙ کان ماءُ وٽ آئي ۽
چيائين ته ”جي آءٌ مڙس ڪنديس ته چنيسر ڪنديس، نه
ته بس.“
چنيسر ذات جو داسڙو هو ۽ هو ڏيول ڪوٽ جو راجا هو. راڻي راءِ
کنگهار سان زال خبر ڪئي ته ڪونئروءَ هيءَ سِٽ سِٽي
آهي ۽ قسم کڻي ڇڏيو اٿس ته چنيسر کان سواءِ ٻيو
مڙس ڪين ڪنديس. تنهن تي راڻي راءِ کنگهار لاچار ٿي
زال کي صلاح ڏني ته سهي سنڀري وڏي ڌام ڌوم سان
انهي ڪم جي پٺيان وڃ. پوءِ راڻي راءِ کنگهار جي
زال ’مرکي ۽ ڪونئرو ٻئي گڏجي، وڏي ڪارخاني مان
نڪري ڏيول ڪوٽ ڏي هليون.
هنن پاڻ سان هڪڙو سهڻو
قيمتي هيرن ۽ موتين جو هار، راجا وٽ نذر رکڻ لاءِ
کنيو. چنيسر وٽ جکرو نالي وزير هو، جنهن جي
بادشاهه وٽ گهڻي هلندي هئي، تنهن جو وڃي هنن پاسو
ورتو. هن هنن تي گهڻي مهرباني ڪئي ۽ دل جان سان
پنهنجي مدد آڇي. انهي موجب جکري وڃي چنيسر وٽ
پنهنجي پر ۾ ڳالهه چوري، پر چنيسر صاف جواب ڏنس ۽
چيائينس ته ”منهنجي گهر ۾ اڳيئي ليلان راڻي آهي،
جنهن سان منهنجي گهڻي خاطر آهي، تنهنڪري مون کي ڪا
ٻي زال نه گهرجي.“ جڏهن هن رستي سان بلو ڪونه ٿيو،
پوءِ تڏهن ڪونئروءَ وري ٻي رٿ ڪئي. پاڻ ماءُ سان
گڏجي ليلان وٽ ويئي ۽ ٻئي ڄڻيون وٽس وڃي پورهيتون
ٿي بيٺيون.
ڪن ڏينهن کان پوءِ ليلان، ڪونئروءَ وٽ جو سهڻو هار ڏٺو، سو هن
کي ڏاڍو وڻيو. گهڻائي مٿا هنيائين ۽ ڪيترو ئي ناڻو
آڇيائين، پر ڪونئرو هار ڏيڻ جي ڪانه ڪئي ۽ هيترو
سو چيائين ته جيڪڏهن چنيسر سان مون کي هڪڙي رات
گذارڻ ڏينديئن ته پوءِ اهو هار تنهنجو آهي. ليلان
کي ته هار موهي وڌو هو، تنهن اهو شرط قبول ڪيو.
ٻيءَ رات ليلان، چنيسر کي منٿ ڪئي ته ”منهنجي پورهيت ڪونئروءَ
تنهنجي لاءِ مري ٿي. مون کي مٿس ڪهل اچي ٿي. سو
تون اڄوڪي رات وڃي سندس گهر گذار ته هوءَ خوش
ٿئي.“ چنيسر نٽايو، ۽ اهڙي اجائي رٿ لاءِ طعنا
هنيائينس، پر ليلان نه مڙي. آخر ڏاڍو زور
رکيائينس. نيٺ چنيسر لاچار ٿي، رات جو ڪونئروءَ جي
گهر آيو. ڪونئرو ڏاڍي خوش ٿي. جيترو پڄي سگهيس،
تيترو ڪونئرو چنيسر سان محبت ونڊي، پر چنيسر هٿ
لائڻ نٿي ڏنس.آخر
ڪونئرو وجهه ڏسي چنيسر کي چيو ته ”تون رکائي به
اهڙي زال لاءِ ٿو ڪرين، جنهن توکي اڄوڪي رات مون
وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي چنيسر کي باهه
وٺي وئي.ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ ليلان کي سيکت ڏيڻ لاءِ هن
سڄي رات ڪونئروءَ سان خوش گذاريو.
جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن ليلان ڏي وري مُنهن نه ڪيائين. پوءِ ليلان
گهڻا نياپا سنيهڙا موڪليس، پر چنيسر سندس گهر ڏي
وڃڻ جي نه ڪئي. ڏهاڳ ڏئي کڻي ڦٽو ڪيائينس ۽
ڪونئروءَ سان دل ڏاڍي رکيائين. ليلان کي اُتان
ڪڍائي پيڪن ڏياري موڪليائين.
ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ وزير جکري جي شاديءَ
ليلان جي ڪنهن مائيٽاڻي سان ٿي ۽ ليلان جي چورت تي
انهي ڪنوار جي مائٽن ظاهر ڪيو ته جيسين چنيسر کي
ميڙ ڪري اسان وٽ وٺي نه ايندا، تيسين اسين سڱ نه
ڏينداسين. جکري کي شاديءَ
جهڙي ڳالهه درپيش هئي، تنهن وڃي چنيسر کي آزيون
ڪيون ته ڀلائي ڪري ٻه ٽي پير ڀري هل ته هي منهنجو
ڪم ڇُٽي. چنيسر وزير کي خوش ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏجي
ڪنواريتن ۾ آيو. اتي گهڻيون جوان ۽ حسين زالون
راجا جي سلام تي آيون. انهن مان هڪڙي ليلان به
هئي، جا ٻيو ويس ڪري ساهيلين سان گڏجي آئي هئي ۽
هن چنيسر سان اهڙي مٺي
۽
ناز واري گفتگو ڪئي، جو راجا موهجي ويو ۽ هن کي
کڻي ٻانهن مان ورتائين ۽ پيار ڏيئي ڀانيائين ته
ساڻس پرڻو ڪريان. ليلان جهٽ پٽ ويس لاهي ظاهر ٿي ۽
چنيسر جي پيرن تي ڪري پئي ۽ اتي جو اتي دم ڏنائين.
چنيسر کي به اهڙو ڏک ۽ ارمان ٿيو، جو هو به اتي جو
اتي مٿانئس پئجي رهيو ۽ وري نه اٿيو.
هن ڳالهه مان شاهه عبداللطيف، عاشقن جي جدائي ۽ دنيا جي ڏيکن ۽
اسبابن جي خرابي، غيرت ۽ محبت وغيره بابت اشارو
ڏئي ٿو.
]
مضمون[
ليلان پنهنجو عشق مڻئي تي مٽي ٿي- انهي سودي جو بڇڙو نتيجو،
چنيسر ساڻس رسي ٿو- ليلان پرچائڻ لاءِ آزيون ڪريس
ٿي- چنيسر کي ريجهائڻ لاءِ ليلان کي صلاح.
انتخاب
1- جو تو مڻيو ڀانئيو، سو اصل ڪوڙو ڪچ
هن ڌتاري هار کي، سوڀي ڀانءِ مَ سچ
هاڻي ڳالهيون ڪري ڳچ، اڳيان حرف نه
لهندءِ هيڪڙو.
2- توڙي ڏئين نه ڏئين، ته پڻ منهنجو ولهو
آءٌ
تنهن پرين کي، پاڻ پرتيان ڪيترو.
3- جيڪر ڀائيان ايئن، ته ڪا دل مٽيندو داسڙو
ته سوز لڳندي سيئن، هوند هٿين هار نه جهليان.
4- اوڳڻ ڪري اپار، تو در آيس داسڙا
جي تون رسڻ سکئين، ته مون ڀيڻي ناهه ڀتار
سائين لڳ ستار، ميٽ مدايون منهنجون.
5- سڀئي سُهاڳڻيون،
سڀني ڳچيءَ هار
پسڻ ڪارڻ پرينءَ
جي، سهسين ڪن سينگار
ڍوليو تني ڍار، هيٺاهون هلن جي.
6- جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج،
آسرو مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهارا گهڻو.
سرُ ٽيهون: بلاول
هن سُر ۾ شاهه صاحب، نبي ڪريم جي تعريف ڪري ٿو. پيش پوڻ ۽ پناهه
ڏيڻ جو ذڪر ڪري ٿو. جکري نالي وڏي زميندار جي سخا
۽ بخشش جو اشارو ڏئي ٿو.
سلطان علاوءالدين جي دهلي مان وڏي ڪٽڪ سان سنڌ تي ڪاهڻ ۽ جيڪي
هتي جا ماڻهو سندس پيش پون ٿا، تن کي پناهه ڏيڻ جو
به ذڪر اچي ٿو. سمي ذات جي سردارن ’راهو‘ ۽ ’ابڙي‘
سمي جو اشارو به اچي ٿو. شاهه صاحب وٽ هڪڙو چرچائي
فقير وڳنڌ نالي هو، تنهن جو گهڻو ذڪر آهي.
]
مضمون[
فصل- 1: نبي ڪريم جي تعريف- علاوء الدين سومري جو
سنڌ ۾ اچڻ.
فصل- 2: جکري جي سخا ۽ واکاڻ
فصل- 3: ايضاً
فصل- 4: وڳنڌ فقير سان شاهه صاحب عليه رحمت جا
چرچا.
انتخاب
1- ڀيريون ڀيري ڀڃ، هي جي منجهان پوريون،
ٻئي ڪنهن در مَ وڃ، ريءَ هاشمي هڪڙي.
2- راهو جا رهيام، سنيها سرير ۾
ٻيا در وسريام، ڏٺي جادم جکري.
3- ڏٺي جادم جکري، چِت ٻيا چڙهن ڪين
سمون تن سارون لهي، جي مٺا ۽ مسڪين
انهي مل مبين، لڌي آهي سار سڀنن جي.
4- ڏمريو ڏي، پرچي ته پاٽ ڀري
جنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.
5- دُڪو دارونءَ هڪڙُو، جي وڪامي پدم
سمون ڀريو قدم، جال پياري جکرو.
6- وڳنڌ ويٺو پس، داتا سندي در تي
تنهن روڳي کي رس، جو آلودو آزار سين.
سُر ويهون: ڏهر
هن سُر ۾ ڪيترائي ملڪي اشارا ڏنل آهن، جن مان حقيقي ۽ عقلي سبق
سکي سگهجن ٿا. اهي اشارا آهن: لاکي ڦلاڻي بهادر
جو. هو سخي مرد هو ۽ ’لکي‘ نالي وٽس مشهور گهوڙي
هوندي هئي. سنگهارن يا ميهارن بابت. ’ريٻارا‘ جي
لاڙ ۾ هڪڙي قسم جا جهنگلي ماڻهو آهن. ’لوڙائو‘ جي
انهن ڏينهن ۾ ڦرمار ڪندا هئا. ’بڊاماڻي پنرو‘ جو
راڻي سومري جو سنگتي هو ۽ ’ڪاڇي‘ ملڪ جو پهلوان
هو. انسان هن دنيا ۾ مسافر وانگي آهي، وغيره.
]
مضمون[
فصل- 1: درياءَ ۾ مڇي ڦاسڻ بابت حقيقي خيال.
فصل- 2: نبي سونهاري جي مدد ۽ حمايت جي گهرج.
فصل- 3: سمهڻ کان جاڳڻ چڱو آهي- اڳ جي ڳڻتي مناسب
آهي- بڊاماڻي پنري کي واهر لاءِ سڏي
ٿو.
فصل- 4: ڪونجن جون عادتون- وطن کان پري ٿيڻ بابت خيال-
سنگهارن جي سادي هلت چلت- ڪڇ جي بهادر لاکي
جي سورهيائي- ريٻارين جون نماڻيون
عادتون.
انتخاب
1- متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين
جا تو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻي پنا ڏينهڙا.
2- مديني جا گهوٽ، سڻ منهنجا سڏڙا
ڪج محمد موٽ، عاصي آهن تنهنجي آسري.
3- ستي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرين جي
وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا.
4- سڄيون راتيون سمهي، ڇڏيو پيءَ پچار،
ڀانئي سڀ ڄمار، سڄڻ هوندا مان ڳري.
5- وطن سندن روه، هت ڪونجون قسمت آنديون
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، روزي رازق هٿ ۾.
6- وڳر ويا وهي، ڪالهه تنهنجي ڪونجڙي
ڪندينءَ ڪوهه رهي، سر ۾ سپيرين ريءَ.
7- ڊگهي اڏ مَ مَنهَي، پکو اڏ مَ لانڍ
اڏيو وڃن ورانڍ، تن سج سواريو ڇڏيو.
سُر پنجويهون: ڪاپاتي
هتي ڪپهه ڪتڻ واريون زالون اچن ٿيون ۽ انهن جي معرفت شاهه
عبداللطيف عجب عجب جهڙيون نصيحتون ڪري ٿو ۽
سمجهائي ٿو ته ماڻهوءَ کي هن دنيا ۾ غفلت سان
گذارڻ نه گهرجي ۽ نڪي اجاين وقتن ۾ غفلت سان گذارڻ
گهرجي جيترو ٿي سگهي اوترو وقت غنيمت ڄاڻي، خدا
صاحب کي ياد ڪرڻ گهرجي ۽ چڱا ڪم ڪرڻ گهرجن.
انتخاب
1- ستئين ساهي هڏ، ڪتڻ جي ڪانه ڪرين
صبح ايندءِ اوچتي، عيد اگهاڙن گڏ
جت سرتيون ڪنديون سڏ، اتي تون سڪندين
سينگار کي.
2- نڪي ڪتيئي ڪالهه، اڄ پڻ اوڇڻ کي مرين
ڀوري توسين ڀال، ڪانڌ ڪريندو ڪيترا.
3- اٺئي پهر اوٽ سين، جي ڪتن ۽ ڪنبن
تن جو صرافن، ڦورو ڦوليو ڪونڪو.
4- سٽ انهن جو سڦرو، جي پر ۾ پچائين
آواز سندو ارٽئين، ساهه
نه
سڻائين
لڪائي لطيف چئي، ڪنبيو ڪتائين
جي ماڻڪ مٽائينِ، ملهه مهانگو اُن جو.
5- نه سي ونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
پسيو بازاريون، هِنيون مون لوڻ ٿئي.
6- چرخو پنهنجي چت ۾، ڀئي ڀيريو جن
توڙي ڪين ڪتن، ته به ڪانڌ انهن جو ڪوڏيو.
سُر ڇويهون: پرڀاتي
هي سڄو سر سخي سپڙ
جي تعريف ۾ آهي، جنهن جو بيان اسان مٿي ڏنو آهي.
جيڪي مڱڻهار ۽ پينار هن وٽ ايندا هئا، تن کي
ڏاڍيون بخششون ڏيندو هو. هو سخاوت ڪري ساري ملڪ ۾
مشهور هو. حقيقت ڪري ان مان مرشد يا حق جي مراد
نڪري ٿي.
انتخاب
1- ڄاڻي هڏ مَ ڄاڻ، اي در اٻوجهن جو
جن نه ڀانيو پاڻ، ان در سيئي اگهيا.
2- ميرا پسي مڱڻا، سپڙ سڏ ڪيا
سٻوجهن سئا، اٻوجهن آهي آسرو.
3- تون سپڙ آءٌ سيڪڙو، تون پارس آءٌ پينار
ڏسندي ئي ڏاتار، ڪلهي پاتم ڪينرو.
سُر ستاويهون: گهاتو
هن سُر ۾ شاهه صاحب سمنڊن، مهاڻن ۽ ٽوٻن وغيره جا ذڪر ڏنا آهن،
جن مان مراد آهي حق جي طالبن جي. مُک ڳالهه، جنهن
تي هن سُر جو مضمون ٻڌل آهي، سا هيءَ آهي:
]
مورڙي جو قصو
[
ڪراچي کان 60 ميل پري، لسٻيلي جي حد ۾، سون مياڻي منجهه،
’اوڀايو‘ نالي هڪڙو مهاڻو هوندو هو. هن کي ست پٽ
هئا، جي مڇي جي شڪار ۾ ڏاڍا هوشيار هوندا هئا ۽
ٽوٻا به بلائون هوندا هئا، ڇا لاءِ جو چون ٿا ته
هو ٽٻي هڻي ٻه ڏينهن ۽ هڪ رات پاڻي ۾ پيا رهندا
هئا. هڪڙي ڀيري جو ڪلاچي جي ڪُن ۾، جو مشهور آهي،
هڪڙو وڏو مانگر مڇ ڏسڻ ۾ آيو، جو مڇي مارڻ وارن کي
ويجهو اچڻ نه ڏيندو هو. جيڪي سڻاوا ايندا هئس، تن
کي ڳهي ڇڏيندو هو.
اوڀائي جا ڇهه پٽ به هڪڙي ڏينهن مڇي ماريندي، هن آفت جي پيٽ ۾
هليا ويا. اوڀائي جو ستون پٽ، جو سڀ کان ننڍو
هوندو هو، جنهن جو نالو ’مورڙو‘ هو. تنهن جي دل تي
ڇهن ڀائن جي مرڻ جو ڏاڍو داغ ٿيو. اهو مورڙو به
منڊو هو. مگر ڏاڍو بهادر هو. هن پنهنجي ڀائن جي
وير وٺڻ لاءِ ڪمر ٻڌي. هن سمنڊ ۾ ٽُٻڻ لا پڃري
وانگر هڪڙي گهنڊ تيار ڪيو، جهڙا موتين ڪڍڻ مهل ڪم
آڻيندا آهن ۽ تکا خنجر پاڻ سان کڻي، انهي پڃري ۾
ٿي ويٺو. انهن پنهنجن سنگتين کي سمجهائي ڇڏيائين
ته انهي کي زنجير سان قابو ٻڌي، پهريائين آهستو
آهستو ڪري پاڻي ۾ وجهو ۽ ذري کان پوءِ وري ڪناري
تي گهڻا گهوڙا جوٽي، ڇڪي ڪڍي وٺجو.
هنن ائين ڪيو. اڃا پڃرو پاڻي ۾ ويو ته مانگر مڇ ان کي يڪدم ڳهي
ويو. تڏهن مورڙو اندر پيٽ ۾ پڃري مان هٿ ڪڍي، خنجر
سان انهي جا آنڊا وڍڻ لڳو. هڪڙي گهڙيءَ ۾ مڇ ڦٿڪي
ڦٿڪي مري ويو، جو پوءِ گهوڙڻ واري تجويز سان گهلي
ٻاهر ڪڍيائون. جڏهن ان جو پيٽ ڦاڙيائون، تڏهن
مورڙو ڇهن ڀائرن جي لاشن سوڌو ٻاهر نڪري آيو.
انتخاب
1- اي پر گهاتوئڙن جي، آئي جا لڏو لوڏ
ڪُن ڪلاچي ڪوڏ، سک نه ستا ڪڏهين.
2- وحدت جا وجود ۾، ڪي جي ڀرن ڀير
ڊگها ڪري پير، ستا ڪلاچي ڪُن ۾.
3- جيئن جُهڳا پائي جهول ۾، ائين مرن نه مڇ
سٻر ڌار سمونڊ جا، رائو رڱي رڇ
هي ڇاڙهون آهن ڇڇ، اڃا اوڙاهه اڳي ٿيو.
سُر اٺاويهون: شينهن ڪيڏارو
هن سُر ۾ شينهن ۽ باز جي گهڻي تعريف آهي، جو مِرُن ۾ هُو، ۽
پکين ۾ هيءَ بادشاهه آهي. حقيقي معنيٰ موجب اهي
اشارا مرشد ڪامل ڏانهن آهن.
انتخاب
1- ڪيهر قصد ڪباب سين، مڇي مور نه کاءِ
جي سِينهان سو لنگهڻي، توءِ نه لک لکاءِ
پير تِتهين پاءِ، جت ناهي مجال مِرُن کي.
2- کڻ بورائو باز کي، ڳجهه مَ ڳرين لاءِ
آهي ان اونداهيءَ جي، جِبفي پاسي جاءِ
کاڄ اهوئي کاءِ، هو جو قوت ڪلاب جو.
اشارو: هن پوئين بيت ۾ هي اشارو آهي، ساڻ حديث جي. اها هيءَ آهي
”الدنيا جيفته طالبها ڪلاب“.
سُر اوڻٽيهون: آسا
هن سُر ۾ به پهرين ٻن سرُن يعني ’ڪلياڻ‘ ۽ ’جمن‘ وانگي رڳو
صوفين جي فيلسوفي ۽ الله جي وحدت جو ذڪر آهي. هن
۾
ڏاڍا عجيب ۽ عميق خيال ڏنل آهن. شاهه صاحب جي سڀني
سرن مان مضمون جي چڱائي ۾ هن جهڙو ٻيو ڪونه آهي.
]
مضمون[
فصل- 1: خدا تعاليٰ جي نسبت ۾ وحدت چڱي آهي- دوئي توڙي
ڪثرت ۽ شرڪ مان ڪي به حاصل نه آهي- خودي
خراب آهي- نماڻائي.
فصل- 2: دل جي اکين سان خدا تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين
ٿو ڏسجي- اکين جون عجيب عادتون- معشوق جون
حسن واريون اکيون ۽ انهن جو عاشق جي دل تي اثر.
فصل- 3: حقيقي ۽ مجازي عشق جي وچ ۾ فرق آهي- سچ پچ
هستي ۽ حياتي ڇاکي چئجي- هستي ۽ نيستي- انساني
هوسن ۽ حرصن جي کرن سان مشابهت.
فصل- 4: معشوق جو ديدار- خدا تعاليٰ سان واصل ٿيڻ يا حق
۾ گم ٿي وڃڻ- حق جو ديدار ڪيئن حاصل ٿيندو-
الله تعاليٰ هر جاءِ حاضر آهي- عشق جو اسرار.
انتخاب
1- ٻن ٻيائي سپرين، پاڻان مون کي پل
’آءٌ‘ اوريان جهل، ته توکي رسي تو ڌڻي.
2- عين شرڪ ايءُ، جو بي شرڪ ڀائين پاڻ کي
وڃائي وجود کي، پاڻان واسي ٿيءُ
هڏ نه ڪونهي هيءُ، ’هوُ‘ پڻ ڪونهي ’هن‘ ري.
3- نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها
سي وڃڻ کي ويا، جني سڃاتو سپرين.
4- جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه نماز
سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئو.
5- نابودي نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو
مورت جي مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي
ڪبي اتهين ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
6- حقيقت هڻي، منهنجي جان جدا ڪئي
پساهه هيڪ پرين ريءَ، سگهان ڪين کڻي
ڌڻي ۽ ڌڻي اچي رهيو رهه روح ۾.
7- سڪ سڪائي سڪ، سڪ نه آهي سٿري
لڪ لڪوٽي لڪ، ته کرن کي خبر نه ٿئي.
8- خر ٿو خواريون ڪرين، هر هر هچارا
پورائن پرين جا،چوڌاري چار
مرين نه مُنهن ڪارا، سڙي انهي سور ۾.
9- حوصلو حيرت جو، آهه نه مٿي عام
محبت سندي مام، ڪور پروڙي ڪينڪي.
10- وڃي رس وڃڻ کي، وڃڻ کي وڃيج
لڪيائون تون لڪيج، لڪيا لڪي ڪينڪي.
11- اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ
هاڻي وڃ گماڻ، سمهي سڃاتا سپرين.
12- ڏسڻ ڏسين جي، ته همه کي حق چئي
شارڪ شڪ ۾ ٿي، انڌا انهي ڳالهه جو.
13- ڪلمي گو ڪوٺائين، ان پر نه ايمان
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان
مُنهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين.
14- مُنهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس
اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏائين.
15- سرمو سياهي جو، رنن کي رهاءِ
ڪاني ڪارائي جي، مڙس ٿي مَ پاءِ
اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالن جي.
16- عالم آءٌ ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري
پاڻ نه آهي ڄاڻ، ته ڪو مانڊيءَ منڊ پکيڙيو.
17- سو پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين
هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
18- پاڻ پردو پاڻ کي، طالب سڻج تون
نڪا هان نه هُون، پردا سڀ پاسي ٿيا.
سُر ٽيهون: مارئي
هن سُر جو بنياد عمر ۽ مارئي جي مشهور ڳالهه تي ٻڌل آهي. انهي
جو مختصر بيان اسين هيٺ ڏيون ٿا:
]
قصو عمر ۽ مارئي جو[
ٿر ۾ هڪڙو ملهير نالي ڳوٺ آهي، جتي مارو ماڻهو ذات جا، غريب
ڏوٿي رهندا هئا. اتي پالڻو نالي هڪڙو ماڻهو هوندو
هو، جنهن کي هڪڙي سهڻي ڌيءَ هئي، اُنهيءَ جو نالو
’مارئي‘ هو. انهي شخص وٽ ڦوڳ نالي هڪڙو ٻيلي هو،
جو مارئي تي اچي عاشق ٿيو. گهڻا مٿا هنيائين ته
سندس سڱ ملي، پر مارئيءَ جي مائٽن ليکيس ئي ڪين ۽
مارئيءَ کي سندس سئوٽ ’کيت‘ سان مڱائي ڇڏيائون.
انهي ڪري ڦوڳ کي ڏاڍو ساڙ لڳو. تنهن ڇا ڪيو جو ٿر
جي حاڪم همير عمر سومري کي وڃي دانهن ڏنائين ۽
وجهه ڏسي مارئيءَ
جي حد کان گهڻي واکاڻ ڪيائين.
همير جي دل اهڙي سهڻي صورت لاءِ سرڪي وئي ۽ ڀانيائين ته انهن کي
هٿ ڪريان. سو شڪار جي بهاني، ڦوڳ ساڻ ڪري، مارن جي
ڳوٺ آيو. اتفاق سان مارئي به انهي مهل ٻن چئن ساهيلين
سان ڳوٺ جي ٻاهران، کوهه تي پاڻي ڀرڻ آئي هئي. عمر
جهٽ پٽ مارئي کي زور سان جهلي، پنهنجي تکي اُٺ تي
پاڻ سان ويهاري هليو آيو ۽ اچي عمرڪوٽ کان نڪتو،
جتي سندس رهڻ جي جاءِ هئي. اتي ويچاري مارئي کي
کڻي ڪوٽن ۾ بند ڪيائين ۽ گهڻا حيلا هلايائين ته
مارئي ساڻس زال مڙس وانگي رهي. پر مارئي صاف جواب
ڏنس ته ”منهنجو مڙس جيڪو مائٽن ڏنو آهي، سو قبول
آهي.“
ڪيترا ڏينهن ته مارئي بند ۾ رئڻ راڙيون ٻڌيو ويٺي
هئي ۽ عمر کي هزار منٿون آزيون پئي ڪيائين ته مون
هن ڇڏي.پر عمر مرڻ جو نه هو،نيٺ جڏهن مارن ڏنو ته
عمر ڪنهن به حيلي مارئيءَ جي جان نه ڇڏيندو تڏهن
هنن کيت کي چيو ته ”جي مڙس هجين ۽ ننگ هجيئي ته
وڃي مري جهُري ڪنهن به طرح پنهنجي مڱ کي وٺي آءُ“
پوءِ کيت عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ عمر جي محلات وٽان لنگهيو ٿي ويو ته
اتفاق سان ماڙيءَ منجهان مارئيءَ
جي اک هن تي پئجي وئي. اشارو ڏئي هن کي ويجهو سڏي
بيهاري سمجهايائين ته ”فلاڻي ڏينهن، فلاڻي وقت، ڳوٺ جي ٻاهران فلاڻو
مقام آهي، تون اتي سنڀري بيهج، اتان هرگز نه وڃج،
آءٌ
ضرور باالضرور اينديس
۽ مون کي چاڙهي پنهنجي ڳوٺ نج!“
جڏهن اهو ڏينهن ٿيو تڏهن مارئي ٻين ڪن سومرين سان جي عمر جون
مائٽياڻيون هيون، پير جي زيارت جي بهاني تي نڪري
انهي مقام ۾ آيون. کيت ته هڪڙي ڪنڊ کان اُٺ جهليو لڪيو بيٺو هو. مارئيءَ اٽڪل ڪري، ٻين کان پري ٿي،
پاسو وٺي، کيت وٽ وئي، جنهن اُٺ تي چاڙهي آڻي
پنهنجي ملڪ ۾ ڳوٺ ۾ ڪڍيس.
شاهه عبداللطيف ان ڳالهه ۾ هيٺيان
اشارا پنهنجي رسالي ۾ ڏنا آهن: مارئيءَ جي محبت وطن لاءِ. مڙس جي غيرت ۽ سندس ايمانداري ۽ ظلم عمر جو
ڪرڻ. ٻاهرين ماڻهن جي غريباڻي هلت ۽ چلت ۽ غريباڻي
حال تي رهڻ. وطن جي سڪ.
مارئيءَ
مان حقيقت جي مراد آهي الله جو سچو عاشق. عمر مان
مطلب آهي هن جهان ۾ ظالم ۽ زبردست ماڻهو. عمرڪوٽ
آهي هي جهان، جو ايمان وارن جو بنديخانو آهي. ملير
آهي، اصلڪو وطن يا هو جهان. ٻهراڙيءَ جا تماشا،
جهڙوڪ گاهه گلزاريون وغيره آهن آخرت جا مزا ۽ سک.
زيور ۽ پوشاڪون چئبيون آهن هن جهان جي اجائي ڏيک ۽
سينگار کي، جي ڪنهن به ڪم جا نه آهن.
]
مضمون[
فصل- 1: مارئيءَ
کي عمر جي ماڙين کان پنهنجي وطن جا ڪک
وڌيڪ پسند اچن ٿا- هوءَ قيد ۾ دانهون ڪري
ٿي- هن جي دل مُور عمر سان نٿي لڳي- مارئيءَ
جي حب پنهنجي وطن ڏي اصل کان هئي، جو جڏهن
اڃا جهان ئي نه خلقيو هو.
فصل- 2: مارئيءَ ڏي سندس مائٽن ۽ جيڏين جا پيغام
آيا آهن-
ڳوٺ جي خبر نه اچڻ ڪري مارئيءَ کي انتظار-
هوءَ ڳهن ۽ زيورن کي بڇڙو ڪري ٿي ڀانئي.
فصل- 3: هوءَ پنهنجا وار نٿي ڌوئي- سڀ سينگار ڇڏي
ڏئي ٿي.
فصل- 4: عمرڪوٽ ۾ وڃڻ- عمر وٽ پنهنجي سونهن جي گلا
ڪري ٿي.
فصل- 5: وطن لاءِ سندس سڪ- جهنگن جون گلزاريون- مارئيءَ
کي ڳڻتي رڳي اها آهي ته شل آءٌ ملير ۾ مران.
فصل- 6: ٻاهراڙي جا مزا ۽ عجيب ڏيکاءُ.
فصل- 7: مارئي کي عمر جيڪي وڳا ۽ زيور ڏئي ٿو، سي
هوءَ اڇلائي ڇڏي ٿي.
فصل- 8: ملير ۾ بهار جي موسم- مارئي پنهنجن مائٽن ۽ سانگين
کي ساري ٿي.
فصل- 9: مارئيءَ گذريل ڳالهيون ياد ڪري روئي ٿي- عمر مارئيءَ
کي زور زبردستي سان کڻي اچي ٿو- مارئي خواب ۾
پنهنجو وطن ڏسي ٿي.
فصل- 10: مارئي پنهنجي مشابهت سِپ سان ڪري ٿي،
جا رڳو وڏن سمنڊن ۾ رهي سگهي ٿي- ملير ۾ برسات
جي
موسم- مارئي پنهنجو ڳوٺ هميشه ياد ڪري ٿي.
فصل- 11: قرآن جون آيتون، جي مارئي جي حال سان لاڳو
آهن- قرآن شريف جي ڪيترين سورتن جا نالا ۽ اشارا.
فصل- 12: مارئي پنهنجي ڏڪار جي حال جو بيان ڏئي ٿي-
ڳوٺان قاصد آيو اٿس- پاڻ انهي جي معرفت مائٽن
ڏي نياپو موڪلي ٿي- پنهنجي حب وطن لاءِ ظاهر
ڪري ٿي- عمر جو ظلم ۽ ڏاڍ.
انتخاب
1- قسمت قيد ڪياس، ڪير اچي هن ڪوٽ ۾
ونحن اقرب اليه من حبل الوريد، وطن آءٌ ويندياس
مارن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين.
2- سونهن وڃايم سومرا، عمر ٿيس اسير
مارو منجهه ملير، مون سان هتي هيئن ٿيو.
3- واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه
بت منهنجو بند ۾، قيد مَ ڪريجاه
پرڏيهائي پرين ريءَ، ڌار مَ ڌريجاه
ٿڌي وسائجا
ٿر جي، مٽي مون مٿاء
جي پويون ٿيو پساه، ته به نجو مڙهه ملير ڏي.
4- ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، منهنجو کيڙوئي خوب
ميروئي محبوب، اسان ماروئن
من ۾.
5- سنهو سئيءَ سبيو، مون ماروءَ ساهه
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه
هنيون منهنجو هت ٿيو، هُت مٽي ۽ ماهه
پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
6- سکو سپن کان، سرتيون ريت سِڪڻ جي
منگن جر مٿان، اوري ڪن نه آسرو.
7- ٿورا منجهه ٿرن، مون سين مارن جي ڪيا
عمر! اُن ڳُڻن، آءٌ ڪيئن لوئي لاهيان.
8- مَ ڪي رو، مَ رڙ ڪي، مَ ڪي ڪر دانهون
ستي لوڪ لطيف چئي، ٻئي کڻ ٻانهون
لڌءِ جت لانئون، سو ڏيهه پسندين مارئي.
سُر ايڪٽيهون: ڍول مارئي
اشارو:- هي شاهه صاحب جو ٺهيل نه آهي. هن ۾ ٻين شاعرن جو شعر
آهي.
سُر ٻٽيهون: ڌناسري
اشارو:- هن سُر ۾ شاهه صاحب جو ڪلام ڪونهي. هن ۾ سنڌ جي پيرن جي
تعريف آهي ۽ گهڻا بيت ته ”صالح“ جا آهن.
سُر ٽيٽيهون: پورب
هن سُر ۾ عاشقن جي وچ ۾ لکپڙهه جو ذڪر آهي، جيئن هيٺ ڏنل مختصر
مضمون مان ظاهر آهي.
]
مضمون[
فصل- 1: ڪانگ پرين جي پار ڏانهن پيغام آڻي ٿو ۽ وري ان
جو جواب نيئي ٿو.
فصل- 2: سامي کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
انتخاب
1- ڏائي چاڙهي ڏار تي، زاغ ڪري زاريون
آڻيو ڏئي آتڻ ۾، سنيها ساريون
ماٺ ڪريو ماريون، ته مون ڪهيو سان هن
ڪانگ جو.
2- آءٌ
ڪانگل تو ڏيان، چٺي چورائي
منهنجي ڏج محبوب کي، لوڪان لڪائي
پرين پڙهائي، سڌ لهن من سور جي.
3- سامي چئين سک طلبين، تسيا ڏين نه تن
ميهه ڪيو ماڻهن کان، پنين اَٽا ۽ اَن
ڪاپڙي تو ڪَن، چيرايا چشن لاءِ.
سُر چوٽيهون: ڪاموڏ
هن سُر جو مضمون هيٺين تواريخي ڳالهه تي ٻڌل آهي:
]
نوري ڄام تماچي جو قصو
[
جن ڏينهن ۾ ’الور‘ يا ’ٺٽو‘ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، تن ڏينهن
۾ ’ڄام تماچي‘ سمن جي گهراڻي مان، سنڌ جو هڪڙو
حاڪم هوندو هو، جهرڪن ۽ ٺٽي جي وچ تي ڍنڍون آهن،
جن کي ’ڪينجهر‘، ’ڇول ماري‘ ۽ ’سونهري‘ سڏين ٿا.
ڪينجهر جي ڀرسان ڀڳل ڀتيون اڃا پيون ڏسجن. اتي
اڳين ڏينهن ۾ هڪڙي مياڻي هئي، جتي گهڻا مهاڻا
رهندا هئا. انهن ۾ هڪڙي سهڻي جوان ڇوڪري ساماڻي
هئي، جنهن جو نالو ’نوري‘ يا ’نورئين‘ هو. پوءِ
اتفاق سان ڄام تماچي جي نظر هن زال تي پئجي وئي،
جو هو مٿس عاشق ٿي پيو. نيٺ هن جي ٻانهن ورتائين ۽
هن سان ايترو راز رکيائين، جو چاڙهي چاڙهي پنهنجي
ڏاڏي پوٽين کان به مٿي ڪيائينس. هوءَ ذات جي
’گندري‘ هئي.
هن ڳالهه مان شاهه صاحب رڳو هيءُ اشارو ڏئي ٿو ته نياز ۽
هيٺاهين هڪ عجيب شيءِ آهي، جو انهي ڪري خدا تعاليٰ
جي مهرباني هٿ اچي سگهي ٿي.
]
مضمون[
فصل- 1: گندري، ڄام تماچي کي عرض ڪري ٿي ته مون کي
ڪمذات جي هئڻ ڪري رد نه ڪري ڇڏ- سمون
کيس گهڻي محبت ڏئي ٿو ۽ سندس قوم کي مان ڏئي
ٿو، هو اگرچه ڪنا ۽ گدلا ماڻهو آهن ته به ڄام کي
شاهي گهراڻي وارن کان وڌيڪ پسند اچن ٿا.
فصل- 2: نماڻن مهاڻن کي مان ۽ عزت ڏيڻ گهرجي.
انتخاب
1- تون سمون آءٌ گندري، مون ۾ عيبن کوڙ
پسي ککي کوڙ، متان مون گهر مٽئين.
2- کاڄ جني جون ککيون، مال جني جو گڏ
سمي سيئي سيڻ ڪيا، هيڻ جني جا هڏ
ڄام پرتئي لڏ، سانگين جو سيد چوي.
3- ککي هاڻيون کاريون، ڇڇي هاڻا ڇڄ
پاند جني جو پاند سين، لڳو تني لڄ
سمون ڄام سهڄ، اُڀو ڪري اُن ۾.
4- گند جني جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ
اُني جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.
5- کوءِ سمون، ٻن گندريون، جي ڄامن جون ڄايون
ڪريو ويس وڏاندرا، اڱڻ تي آيون
گندري گنواريون، جهپي سڀ جهڙپ سين.
6- اڄ تماچي آئيو، پکن پئي پچار
مرڪن ملاحن جا، ٻانڌين مٿي ٻار
وڏي ڄام ڄمار، جنهن مهاڻيون موکيون.
سُر پنجٽيهون: ڪارايل
هن سُر ۾ ڍنڍ جي پکين جي عادتن جو ذڪر آهي ۽ اشارو آهي صوفين جي
مطلبن ۽ اعتراضن جو، جي انهن جي وسيلي سان چڱي طرح
ظاهر ٿين ٿا.
]
مضمون[
فصل- 1: ڍنڍ جي پکين جون عادتون- هنجهه، ڪانئرا، ۽ ڪنگ،
۽ هنن جو چڱو سڀاءُ آهي.
فصل- 2: زهري نانگ ۽ انهن جا ڏنگ
انتخاب
1- اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪارو ڪيو ڪنگن
ايندا لڄ مرن، تنهن سَر مٿي هنجهڙا.
2-
سهَر
م پکي هڪڙو، پاريهڙين پنجاهه
سندي آس الله، لڏي لهرن وچ ۾.
3- هنجهه مڙيئي هنجهه، ميرو منجهه ناهه ڪو
موتي جي مهراڻ جا، پورا چڻج پنج
اڄ ڪه صبح سنجهه، ڍٻي ۾ ڍير ٿئين.
4- هنجهه نه رهيو هڪڙو، ويا مور مري
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.
5- سو پکي، سو پڃرو، سو سر، سوئي هنجهه
پيهي جان پروڙيو، مون پنهنجو سنجهه
ڏيل جني جو ڏنجهه، سو ماري ٿو منجهه ڦري.
6- کپر گاروڙين سين، وڌئي وڏو وير
نانگ نه ويندءِ نڪري، تو ڏر مٿي پير
هي تنهين جو ڍير، جن جهونا ڳڙهه جلائيو.
سُر ڇٽيهون: بسنت
هن سُر ۾ بسنت يعني بهار جي موسم ۽ باغن، سبزي جي ڳالهين ۽ ٻين
مزن جو ذڪر ڪيل آهي.
انتخاب
1- آئي بهار بسنت ڪي، باغن مُڪي بوند
لالي ديکو لال ڪي، هيڪر وڃي هوند
اُمت جي آخوند، اوڀڙ سڀ اباهيا.
-----
(پورو ٿيو) |