باب چوٿون
شاهه صاحب جو گلان ڪڃريءَ کي دعا ڪرڻ، ۽
ان
کي
ميان غلام شاهه ڄمڻ- شاهه عبداللطيف جي وفات- سندس
پڇاڙيءَ جي ڏينهن جو احوال- غلام شاهه ڪلهوڙي جو
شاهه صاحب جو قبو جوڙائڻ- ٽالپرن جي مرمت ڪرائڻ-
جمال شاهه جو گاديءَ تي ويهڻ- ڪن ڳالهين جو جمال
شاهه جي فائدي ۾ وڃڻ- خليفي
تمر جو ڄمڻ، ۽ ننڍپڻ جو
بيان
]
شاهه صاحب جو گلان ڪڃريءَ کي دعا ڪرڻ، ۽ ان کي
ميان غلام
چون ٿا ته ميان نور محمد ڪلهوڙي کي جو غلام شاهه
پٽ ڄائو، سو شاهه صاحب جي دعا سان ڄائو هو. هڪڙي
ڀيري ”گلان“ نالي ڪڃري، شاهه صاحب جي زيارت ڪرڻ
لاءِ آئي هئي ۽ دعا پنڻ جو ارادو هئس. پوءِ
پنهنجي ڳائڻ وڄائڻ سان فقيرن کي اهڙو ته خوش
ڪيائين، جو راڳ جي اثر کان روئڻ ۽ حال ۾ اچڻ لڳا.
انهي حالت ۾ ”گلان“ شاهه صاحب کي عرض ڪيو ته ”اي
حضرت! مون کي دعا ڪريو ته آءُ پنهنجيءَ واري ٿيان،
سکيو ستابو گذران ڪريان ۽ عاقبت خير جي گذريم!“
پوءِ شاهه صاحب، خدا تعاليٰ جي درگاهه ۾ هٿ کڻي
دعا ڪئي ۽ رب العالمين قبول ڪئي ته ”اي گلان! تون
سنڌ جي حاڪم جي زال ٿيندئين ۽ توکي پٽ ڄمندو، جو
سنڌ ۾ سڀني عباسين جو سردار ٿيندو، نالي ناموس ۾
پيءُ کان زياده ٿيندو. دعا جو اثر جلدي ٿيندو، دير
ڪانه ٿيڻي آهي.“
”ڀٽ“ تي اهو قصو ٿيو ته ڪنهن ماڻهو شاهه جي دشمنن
منجهان ڊوڙي وڃي ميان نور محمد کي ٻڌايو ته شاهه
عبداللطيف کي سندس مريد پيا پڏائين ته ههڙو خدا جو
عبادتي آهي، ۽ حال هيءَ آهي جو ڪڃريون سڏايو راڳ
پيو ٻڌي ۽ انهن جا ناچ پيو ڏسي. ميان نور محمد
پنهنجا ماڻهو ڊوڙايا ته وڃي سماءُ لهي اچو ته اها
ڳالهه سچي آهي يا ڪوڙي؟ ۽ جي ڪا ڪڃري هجي ته سچ پچ
ته انهيءَ کي به وٺيو اچو ته روبرو شاهه صاحب جي
خبر چار وٺونس.
اهي ماڻهو اڃا ڀٽ تي ڪين پهتا هئا ته گلان، شاهه
صاحب کان موڪلائي اُٿي. شاهه صاحب چيس ته: ”گلان!
تڪڙ نه ڪر، ترس ته ڀلي موتين جا خريدار اچن.“ ائين
ڪندي ميان نور محمد جا ماڻهو اندر گهڙي آيا.
کنڀڙين کان وٺي گلان کي ٻاهر ڪڍي ويا ۽ يڪدم ميان
نور محمد وٽ آندائونس. ميان هن جي سونهن ۽ جواني
ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو ۽ ڀانيائين ته ساڻس صحبت ڪري،
پر گلان هٿ لائڻ نه ڏنس ۽ چيائينس ته: ” ميان! جي
شرع موجب نڪاح وجهندين ته آءٌ سڄي ساري تنهنجي
مِلڪ آهيان. ائين مون کان هرگز ڪين ٿيندو.“ ميان
کي ته عشق جي باهه تپائي ڏنو. اهڙو لاچار ٿيو، جو
ان وقت قاضي گهرائي، کڻي نڪاح وجهايائين. پوءِ ان
مان غلام شاهه ڄايس، جو ان کان پوءِ سنڌ جي گاديءَ
تي ويٺو. اهو شاهه صاحب جو مريد هو ۽ انهيءَ جي
راڄ ۾ شاهه ڀٽائي گهوٽ جو قبو جُڙيو هو. هن جو
شاهه صاحب ڏي ايترو ارادو هو، جو هزار رپين جا
انهي قبي تي لڳايائين، تنهن جو تمام پڪو بنياد
وجهايائين. قبو ۽ نيلون ايترو مٿي جوڙايائين جو
صبح سانجهي پنهنجي شهر ”خدا آباد“ کان انهن کي پيو
ڏسندو هو ۽ پاڻ ۽ عاشق ڪڏهن ڪڏهن شاهه صاحب جي
زيارت لاءِ ايندا هئا.
]
شاهه عبداللطيف جي وفات
[
سنه 1165 هجري يعني 1752عيسوي ۾ صفر مهيني جي
چوڏهين تاريخ، شاهه عبداللطيف هِن جهان کان لاڏاڻو
ڪري، هُن جهان باقي ڏانهن هليو ويو. شاهه صاحب کي
نڪو درد، نڪا بيماري، مراقبي ۾ ويٺي، ماٺئي ماٺ ۾
دم ڏنائين. سندس عمر 63 ورهيه هئي. جيتري چون ٿا
ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ۽ موليٰ علي رضه
جي هئي. هڪڙو معتبر ڪتاب لکي ٿو ته جنهن ڏينهن
شاهه صاحب وفات ڪئي، تنهن ڏينهن سندس ڏک ۾ ڪيترا
مريد مري ويا.
]
سندس پڇاڙيءَ جي ڏينهن جو احوال
[
شاهه عبداللطيف جي پوين ڏينهن جو احوال لکڻ جوڳو
آهي. سندس حياتيءَ ۾ باقي مهينو کن بچيو هو ته اهو
اچي خيال ٿيس ته زيارت ڪرڻ ڪربلا معليٰ ڏي وڃان.
سو سنبت
ڪري نڪتو. ”ونگي ولاسيي“ جي ڳوٺ ۾ اچي منزل
ڪيائين، جتي سندس عزيز رهندا هئا. ”سيد جمال شاهه“
سندس ڀائيٽي جو پٽ هو، تنهن سندس خدمت گهڻي ڪئي.
شاهه صاحب منجهانئس ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهڙو به اشارو
ڏنائينس ته: ”منهنجي پٺيان تون منهنجي گاديءَ تي
ويهندين.“ شاهه صاحب تمام محبت ڏيکاريس ۽ هنڌ تي
به پاڻ سان گڏ سمهاريائينس، جو چيائينس ته ”ابا!
پاڻ ٻنهي جي نيٺ هڪڙي هنڌ جاءِ آهي.“
پوءِ اتان وري اڳتي هليو. ٿوري پنڌ کان پوءِ هڪڙو
مريد گڏيس، جو ڪامل فقير هو، تنهن چيس ته، ”سائين!
هي ڇا؟ اوهين ماڻهن کي چئو ٿا ته اسان جي درگاهه
نيٺ ڀِٽ تي ٿيندي ۽ حال هي آهي جو پڇاڙيءَ جي
ڏينهن ۾ وڃو ٿا سفر تي. اها ڳالهه فقير صاحب جي،
شاهه کي هيانءَ ۾ گهڙي وئي. ڳچ تائين ته ماٺ ڪري
ويهي رهيو ۽ اُتي خيال ۾ محو ٿي ويو. پوءِ اڳتي جي
هلڻ جو ارادو بند ڪري، پٺ تي موٽڻ لڳو ۽ موٽندي
پاڻ به کڻي ڪارو ويس ڪيائين. پوءِ امامن سڳورن جي
ماتم ۾ ڪيڏاري وارو سُر چيائين ۽ سگهو ئي اچي ڀٽ
تي پهتو ۽ وڃي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ عبادت ۾ مشغول
رهيو. ايڪيهه ڏينهن برابر اندر هو. انهيءَ وچ ۾ ٻن
مهلن جيتري ماني مس کاڌائين. پوءِ نڪري ٻاهر آيو ۽
پوري سوا دلي سان غسل ڪيائين ۽ چادر مٿان وجهي،
مراقبو ڪڍي، پنهنجي الله سان مشغول رهيو ۽ راڳ ڪرڻ
۽ سرود وڄائڻ جو اشارو ڪيائين. اها حالت ٽي ڏهاڙا
هئي. ماٺ لڳي پئي هئي.سڀڪو راڳ جي سوز ۾ لڳو پيو
هو. نيٺ راڳ کان بس ڪيائون ۽ شاهه صاحب کي رڙهي
اچي ويجها ٿيا. ڏسن تي رڳو بُت باقي بچيو آهي،
ساهه ٺهي ئي ڪونه، الاجي ڪهڙيءَ مهل دم ڏنائين!.
انهن پوين ٽن ڏينهن کان اڳي شاهه صاحب پنهنجن
فقيرن کي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته جڏهن آءٌ مران ته
مون کي انهي جاءِ تي غسل ڏجو، جتي منهنجي پيءُ کي
غسل ڏنو هئائون. مٿان پردو ڪري غسل ڏجو ته ڪو
منهنجي اوگهڙ نه ڏسي. رڳو آسمان جي به نظر نه پوي.
ٻيو ته دفن ڪرڻ ۾ بلڪل دير نه ڪجو
.پُوري، پوءِ منهنجي مرڻ جي ڳالهه ڪجو.
]
غلام شاهه ڪلهوڙي جو شاهه صاحب جو قبو جوڙائڻ
[
مٿي چيل آهي ته شاهه صاحب عبداللطيف جي قبر جو
خرچ سڀ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڏنو هو، پر ٽالپرن
جي حڪومت ۾ مير صاحب مير نصير خان انهي قبي جي
مسجد جي چڱيءَ طرح مرمت ڪرائي ۽ قبي جي چوڌاري هڪڙي ڪوٽ وجهڻ جو ارادو ڪيو ۽
چئن قيمتي گنبذن رکائڻ جو ۽ اندران سونهري ڪم
ڪرائڻ جي رٿ به ڪئي هئائين. مگر زماني جي گردش کان
صاحبي سندس هٿان هلي وئي ۽ ڪم اتي ئي رهجي ويو، جو
اڃان تائين نشانيون به ظاهر آهن.
]
ٽالپرن جي مرمت ڪرائڻ[
مير صاحب مٿئين جي وڏي ڀاءُ مرحوم مير نور محمد
خان ، قبي جي ايوان ۾ هڪڙو وڏو کوهه کڻايو هو ۽
سندس سئوٽ مرحوم مير محمد خان، قبي کي چانديءَ جو
دروازو وجهايو، جو اڃا تائين لڳو بيٺو آهي. حقيقت
ڪري ٽالپرن جو شاهه ڀٽائي ۾ ڏاڍو اعتقاد هو، ايتري
قدر جو هالن وارن پيرن جا مريد چوندا آهن ته
”ٽالپرن جي صاحبي رڳو انهي ڪري کسي وئي، جو مخدوم
نوح کان شاهه عبداللطيف ۾ وڌيڪ اعتقاد رکيائون.“
شاهه صاحب جي درگاهه لاءِ جيسلمير جي راجا، نقارن
جو جوڙو نذرانو ڪري ڏياريي
موڪليو هو، جنهن سان صبح سانجهي نوبت وڄندي آهي.
سال بسال صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ، جو شاهه صاحب
جي وفات جو ڏينهن آهي، ۽ ذوالحج جي نائين تاريخ،
جو حج جو ڏينهن آهي، شاهه صاحب جي درگاهه تي ميڙو
لڳندو آهي، جو ٽي ڏينهن سانده هلندو آهي ۽ سڀڪنهن
جمعي جي رات، شاهه جا فقير گڏ ٿي، شاهه جون ڪافيون
ڳائيندا آهن ۽ سرودن کي خوب واڪا ڪرائيندا آهن.
هيءُ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اُتي فقيرن هڪ ”شاهه
جو مَچ“ باهه جو ڪري ٺاهيو آهي، تنهن کي چوڌاري
طواف ڪندا آهن.
”نوبت“ جو خراب ڪم آهي، جو اهو ”گبَرن“
۽ ”نصرانين“ جو ڪم آهي؛ مگر بغير علم جي گمراهي
آهي، جو هو باهه کي پوڄيندا آهن ۽ اڄوڪي وقت جا
جاهل اهڙن ڪمن ۾ خوش آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو اتي گڏ
ٿيندا آهن.
]
جمال شاهه جو گاديءَ
تي ويهڻ
[
شاهه عبداللطيف جي مرڻ ڪري، هڪڙي
وڏي گادي خالي ٿي پئي. ننڍي هوندي کان شاهه جو
ايترو نالو نه هو، عام ماڻهن وانگي ليکجڻ ۾ ايندو
هو. ڪهين ڪين ٿي ڄاتو ته وڏي هوندي سوين سلامي
ٿيندس. سو هاڻي:
وڏي رجعت وارو هو. هزارين مريد هئس، جي سندس ڪرامت
جي بيان ڪرڻ کان ڍاوا نه آهن. تنهن کان سواءِ
پنهنجو ۽ پيءُ جو احوال ته ڏسو، جو ڪهڙو برگزيدو
هو، تنهن جو به عيال هئس، جنهن جي سنڀال ڪرڻ ضروري
هئي. نڪو ڪو اولاد هئس، جو اهو سڀ بار کڻي. سندس
گاديءَ تي ويهڻ لاءِ گهڻا اميدوار ٿيا. نيٺ صلاح
ڪري، شاهه صاحب جي ڀائٽيي جي پٽ سيد جمال شاهه کي
سجاده نشين ڪيائون. اهو سيد ”ونگي ولاسيي“ ۾ رهندو
هو، جنهن کي اڳئي شاهه صاحب، سجاده نشين جو اشارو
ڏئي ڇڏيو هو، تنهن کي فقير اُتان وڃي وٺي آيا ۽
آڻي گاديءَ تي ويهاريائون.
]
ڪن ڳالهين جو جمال شاهه جي فائدي ۾ وڃڻ
[
انهيءَ ڪم ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنڌ جي حاڪم کي
به دست اندازي ڪرڻي پئي. هن سڀني اميدوارن کي پاڻ
وٽ گهرايو. سيد جمال شاهه جا مهانڊا اهڙا شاهه
عبداللطيف سان ٿي لڳا، جو ميان يڪدم فائدي ۾ فيصلو
ڪيو ۽ پڳ به مٿي تي رکيائونس ۽ ترار به ٻڌايائونس.
پوءِ انهي سيد جي معرفت قبي جو خرچ پئي هلايائين ۽
پاڻ ظاهر ظهور خرچ نٿي ڪيائين.
ٻي به هڪڙي ڳالهه هئي، جنهنڪري جمال شاهه جي
حقداري وڌيڪ ڄاتي وئي. شاهه صاحب کي هڪڙي گهوڙي
هوندي هئي، جنهن کي ”چنگل“ سڏيندا هئا. ڏاڍي سهڻي
۽ ناز واري هئي ۽ شاهه صاحب سان ڏاڍي محبت هوندي
هيس. شاهه صاحب ورلي مٿس چڙهندو هو، نه ته فقيرن
وٽ هوندي هئي. شاهه صاحب جي وفات کان بعد چون ٿا
ته سڄي عمر ڳوڙها پئي ڳاڙيندي هئي. ۽ ڪنهن کي چڙهڻ
ڪين ڏيندي هئي. هاڻي جڏهن شاهه صاحب جي گاديءَ
لاءِ اميدوار اچي گڏ ٿيا، تڏهن انهي گهوڙيءَ کي
سنڀرائي وٺي آيا. جڏهن شاهه صاحب حيات هوندو هو ۽
گهوڙيءَ کي سنڀرائي وٺي ايندا هئا، تڏهن کيس ڏسي،
ناز نخرا ڪندي هئي. هاڻي به اڳي وانگي هر هڪ جي
اڳيان وٺي ويس، پر گهوڙي ڪنهن ڏي خيال ڪونه ڪيو.
جڏهن سيد جمال شاهه وٽ آندائونس، تڏهن خوشيءَ مان
ناز ڪرڻ لڳي. سيد به آسانيءَ سان چڙهي ويٺس ۽ وڃي
ڊوڙ
ڪڍائي آيس.
جيتوڻيڪ سيد جمال شاهه سڀني جي صلاح سان گاديءَ تي ويٺو
هو، تڏهن به شاهه جي فقيرن مان ڪي سندس برخلاف هئا.”محمد
عالم“ فقير جي مرضي هئي ته شاهه صاحب جو ڀاڻيجو
”سيد
شريف“
گاديءَ
تي
ويهي.
”محبت فقير“ جي مرضي هئي ته سيد جمال شاهه ويهي. پوءِ
جن ڪپڙن ۾ شاهه صاحب دم ڏنو هو، سي سڀ محبت فقير
جي حوالي ڪيائون. جڏهن سنڌ جي حاڪم جي منظوري ملي
ته جمال شاهه مسند تي ويهي، تڏهن محبت فقير اهي
ڪپڙا کڻي ڍڪايس. پوءِ جيڪي به فقير ٿي آيا، سي تن
ڪپڙن کي ٿي چنبڙيا ۽ انهن کي چميائون ٿي ۽ شاهه
صاحب کي ياد ڪري ٿي رنائون ۽ جمال شاهه جي
تابعداري ٿي ڪيائون. مگر محمد عالم فقير جي طرف
وارن ڪوشش پئي ڪئي ته سيد جمال شاهه کي ماري ڇڏين.
تڏهن سيد جمال شاهه کي لاچار ٿيو، جو انهن جي ڊپ
کان ”سالاريه“ قوم جا هڪ سئو سٺ ڄڻا پاڻ سان حاضر
رکندو هو ته متان ڪو نقصان پهچي. ڪيترا ڏينهن انهي
خوف ۾ رهيو. پوءِ مس مس وڃي سڀ ٺهيا ۽ سندس مطيع
ٿيا. هاڻي تائين اهو رواج آهي ته جڏهن ڪو گادي
وارن مان وفات ڪندو آهي ته انهي جا ڪپڙا، محبت
فقير جي جانشين جي هٿ ۾ رهندا آهن. محبت فقير کان
پوءِ سندس خليفو تمر فقير ٿيو، هو سندس هنڌ تي
جانشين ٿيو.
سيد جمال شاهه سنه 1203هجري ۾، يا 1789ع ۾ وفات
ڪئي.
]
خليفي تمر جو ڄمڻ ۽ ننڍپڻ جو بيان
[
شاهه عبداللطيف کي جڏهن مريد گهڻا ٿيا، تڏهن خليفن
جي رکڻ جو ضرور ٿيس. انهن جي معرفت ڪم ڪار
ڪرائيندو هو ۽ ٻين مريدن کي فهمائشون ڏيندو هو،
تنهنڪري اها جاءِ وڏي مان واري ليکبي هئي.
سندس وڏو خليفو ”تمر“ نالي هو. اهو تمام نيڪ ماڻهو
هو. هن جا مائٽ، شاهه صاحب جا مريد هوندا هئا. هو
حج ڪرڻ ويا هئا ته اتي اهو ٻار ڄايو هون. جڏهن
موٽي گهر آيا، تڏهن هنن پنهنجو ڇوڪر آڻي شاهه صاحب
جي پيرن ۾ وڌو ۽ سندس مريد ڪيائون. شاھ صاحب
ڇوڪر کان پڇيو ته: ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن چيو
ته: ” حاجي علي“ شاهه صاحب کي ڇوڪر جو مٺو آواز
لڳو ۽ منجهس ڦڙتائي نظر آئي. پوءِ چيائنس ته: ”اهو
نالو ته دنيا جي ڪاملن جي سردار جو آهي. تنهنجو
نالو اسين ’تمر‘ رکون ٿا. جڏهن ته تون عرب ۾ ڄائو
آهين، تڏهن اتي جي زالن پنهنجن ٻارن کي هيءَ لولي
ڏني: ”فوق المطر تحت التمر لبن البقرآت الله آت
الله“.
انهي وقت کان پوءِ ”تمر فقير“ ۽ ”خليفو تمر“ سڏبو
اچي.
هو اڃا وهيءَ ۾ مس آيو هو ته شاهه صاحب وانگي وفات
ڪئي. پر پنهنجي هن ننڍڙي مريد جي لاءِ به ٻين
وانگي زمين تي سندس اوطاق ڪاڻ ليڪو ڪڍي ڏئي ويو هو
۽ سندس پارت ”ميان محڪم الدين سيلاني“ کي ڪري ويو
هو، جو هو وڏو درويش هو ۽ شاهه صاحب سان گهڻي
ڀلائي هوندي هيس. انهيءَ جي سنڀال هيٺ تمر فقير
نپجي وڏو ٿيو ۽ ڪماليت کي پهتو. ڳائڻ وڄائڻ ۾ ڀڙ
هوندو هو. هن شادي ڪانه ڪئي ۽ اڃا تائين به جيڪي
سندس جاءِ نشين رهندو آهي، اهو ڇڙو رهندو آهي.
---
باب پنجون
شاهه عبداللطيف جي شڪل شبيهه ۽ هلت چلت جو بيان-
سندس هٿن جون شيون جي اڃا تائين باقي آهن- سندس
علميت- سندس عادتون- سندس رحمدلي- سندس تحمل- شاهه
ڪريم جي تحمل
جو بيان- شاهه صاحب جون دعائون ۽ پِٽون.
هاڻي اسين شاهه عبداللطيف جي شڪل شبيهه، هلت چلت،
طبيعت ۽ مذهب وغيره ڏينداسين.
]
شاهه عبداللطيف جي شڪل شبيهه ۽ هلت چلت جو بيان
[
شاهه صاحب پوري ڊگهي سنئين
قد جو هو. نڪي تمام ڏٻرو هو، نڪي تمام ٿلهو هو.
سندس مٿو چڱو ويٺل هو، پيشاني موڪري ۽ وڏي هيس.
سندس منهن وڻندڙ ۽ نڪ ڊگهو هو. سندس اکيون ڪاريون
هيون. جي باهه وانگي پيون ٻرنديون هيون. سندس وار
گهاٽا هئا. سندس ڏاڙهي گهاٽي هئي ۽ نبي ڪريم جي
سونهاري جيڏي هئي. جڏهن پيريءَ ۾ وار اڇا ٿيس،
تڏهن انهن کي ڪيس ڪين ڪندو هو، جهڙي هن ملڪ ۾ رسم
پئي ڏسجي. ماٺ ۽ سانهه ستي وارو ماڻهو هو. هو ڪڏهن
ڪڏهن خوشطبعي ڪندو هو، ته به گهڻو ڪري ڳنڀير ۽
خيال وارو ڏسجڻ ۾ ايندو هو. سندس چهرو ڪڻڪ رنگو هو
۽ ڦِڪاڻ ڏي مائل هوندو هو. هو ڏيک ويک مان ڄاڻندو
ئي ڪين هو. نڪي ٽنڊ ٽوپي سان واهپو هس. سادو
کائيندو هو ۽ سادو هنڍائيندو هو. اڪثر زردي يا
گيڙو رنگ جا ڪپڙا ڍڪيندو هو، جهڙا صوفي يا سنياسي
ڍڪيندا آهن. مٿي ۾ ڊگهي جمني ٽوپي ڍڪيندو هو، جهڙي
سنياسي يا
صوفي
ڍڪيندا آهن، جنهن کي ”تاج“ چوندا آهن. انهيءَ جي
مٿان ور ڪپڙي جا ڏيئي ڍڪيندو هو. جُتي پائيندو هو،
مگر ڪڏهن ڪڏهن پور پوندا هئس ته پيرن اگهاڙو رهندو
هو. سادي کٿي يا پرزن ڳنڍيلن
تي سمهندو هو. هٿ ۾ وڏي لٺ کڻندو هو ۽ کاڌي پيتي
جي ڪم لاءِ هڪڙو وڏو ڪشتو يا ڪچڪول پاڻ سان رکندو
هو.
]
سندس هٿن جون شيون، جي اڃا تائين باقي آهن
[
گهڻو ڪري اهي سڀئي شيون، سندس هٿن جون نشانيون اڃا
تائين صحيح سلامت رکيلون آهن، جن جي هاڻي ماڻهو
تبرڪ ڪري زيارت ڪندا آهن. اها ٽوپي اڃا رکيل آهي،
جا اڇي رنگ جي آهي ۽ اٽڪل هڪ فوٽ ڊگهي ٿيندي.
منجهن ڪپڙي جو ٽڪر ڀراءُ لاءِ پيل آهي. جو جهونائي
ڪري زردو پيو ڏسجي. پڳ جو ڪپڙو به رکيل آهي، جو
رنگ جو ڪارو آهي. چادر گيڙو رنگ جي آهي ۽ ڪاري سُٽ
سان سبيل آهي. اها لٺ به رکيل آهي، جنهن جو مٿو
(T)
جهڙي شڪل جو آهي.
۽ سڄي شيشم جهڙي ڪاري آهي ۽ هيٺان چهنب
تکي
لوهه جي اٿس. ٻه ڪچڪول به رکيل آهن، هڪڙو صندل جي
ڪاٺيءَ جو آهي ۽ ٻيو شيشي جهڙي پاهڻ جو آهي. وڏن
داڻن سان تسبيح به رکيل آهي. نماز جي پڙهڻ وارو
صندل به رکيو آهي. هڪڙي تمام وڏي جُتي به رکيل
آهي، جا سُٽ جي بدران چم جي ڌاڳن سان سبيل آهي.
انهن کان سواءِ ٻه ٽي ڪتاب، شاهه صاحب جي هٿن جا
رکيل آهن، تن جو ذڪر ٻئي هنڌ ڪنداسين. اهي سڀ
نشانيون شاهه صاحب جي فقيرن جي حوالي آهن، ۽ ڪي
هالن جي پيرن وٽ رهن ٿيون. لٺ ته هاڻي سيد الله
بخش شاهه جي اهليه وٽ آهي، جا بيبي صاحبه، ڀٽ جي
گاديءَ واري سان ٺهيل نه آهي، تنهنڪري ڪنهن کي
ڏيکاري ڪين ٿي، بلڪه لڪايو ويٺي آهي، ته متان کسي
نه وٺن ۽ جي ڪو غريب اچي ٿو پهچي، تنهن کي اهو عذر
ڏئي ٿي ته ”اهڙي برڪت واريءَ شيءِ جا اوهين لائق
نه آهيو“ جي وڏا ماڻهو سکر، زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا
آهن ته انهن کي اهو عذر ڏيو هلائي ته ”اها ڀتين
اندر لِتل آهي، تنهنڪري هاڻي آساني سان ڪڍي ڪين
سگهنديس.“
صندل به ٻن گڏ حويلي جي ڪنڊ ۾ رکيل آهي، جي سيد
حبيب شاهه جي مقبره جي پٺيان آهن، سي شاهه صاحب
وضو ساري نماز پڙهندو هو. شاهه صاحب جي وفات
کانپوءِ به ڪيترن ڏينهن کان پوءِ اتي جو اتي رکيل
آهي. هڪڙي فقير جي اها عادت هئي، جو انهي جاءِ تي
صبح جو ڏندڻ ۽ پاڻي اچي رکندو هو، جهڙيءَ طرح شاهه
جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڪندو هو. انهيءَ فقير جي
مرڻ کان پوءِ اها رسم ئي بند ٿي وئي آهي.
]
سندس علميت
[
گهڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته شاهه صاحب ’الف – بي‘
کان وڌيڪ ڪي ڪين پڙهيل هو. ميان علي شير ”قانع“
ٺٽي وارو، جنهن جي ڪتابن جا اسان اشارا مٿي ڏنا
آهن، تنهن جي پڻ اها راءِ آهي ۽ سندس ڪلام مڃيندو
هو. شعر جي ته هن کي الهٰي ڏات ڏنل هئي. هن کي ڪا
تعليم ڪانه ملي، جهڙو هئس هوش، تهڙيءَ طرح سان شعر
ٿي چيائين. جيڪي پرايائين سو طبع جي چالاڪي مان
پرايائين ۽ فهم جي تيزي، جا اصلي خدا تعاليٰ جي
درگاهه مان مليل هيس.
اهائي عطا هئي، جنهن سان ڪرامتن جهڙا ڪم ڪندو هو،
جي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيندا هئا. ۽ هيتري به پڪ
آهي ته ڪنهن استاد وٽ ويهي ڪا تعليم ڪانه ورتائين،
مگر پنهنجي مُنهن شوق ڪري، علم پرايو هوندائين ته
شڪ نه آهي. هو پارسي ۽ عربي زبان مان چڱي طرح واقف
هو. سندس رسالي ۾ ڪيتريون قرآن جون آيتون ۽ حديثون
۽ ٻيا قول ڏنل آهن، جي علم واري کان سواءِ اهڙي
نزاڪت سان بيهي ڪين سگهندا.
اهڙي ڪابه شيءِ اسان کي هٿ نه لڳي آهي، جا شاهدي
ڏئي ته شاهه صاحب پڙهيو آهي يا ڪي لکيو آهي. جي
لکي ڄاڻندو هجي ها ته ٿورا ڪي لفظ سندس هٿن جا
موجود هجن ها. شايد انهيءَ پاسي ڏي ڪو خيال ڪونه
هئس. رسالو به پاڻ ڪونه لکيائين. ۽ ذرو ذرو ٿي گڏ
ٿيو، سو به فقيرن ۽ مريدن ٿي گڏ ڪيو. مرڻ کان اڳي
ٿورا ڏينهن، چون ٿا ته شاهه صاحب پنهنجي رسالي جا
ٻه جلد، جي فقيرن کان هٿ لڳيس ،سي ڀٽ جي ڀر ۾، جا
”ڪراڙ“ نالي ڍنڍ آهي، تنهن
۾ اڇلائي ڇڏيا ته متان کانئس پوءِ عام ماڻهو
حقيقي معنيٰ نه پروڙين ۽ سندس شڪايت ڪن، يا ته وري
پاڻ گمراهه ٿين. پر شاهه صاحب وٽ هڪڙا ٽي ڪتاب، هٿ
جا لکيل هوندا هئا، جي اڃا تائين رکيل آهن. هڪڙو
تن مان قرآن مجيد آهي ۽ ٻيو تن مان مثنوي مولانا
جلال الدين رومي وارو آهي ۽ ٽيو اهي شاهه ڪريم
بلڙي واري جو رسالو.
انهي ڪتابن تي ڪنهن هنڌ حاشيي تي يا مُهڙ ۾، ڪي به
لکيل ناهي، جنهن کي شاهه صاحب جا دستخط چئجن. هڪڙي
هنڌ سو شاهه ڪريم واري رسالي ۾، جي بلڙيءَ جي
سجاده نشين سيد حيدر شاهه جي پيءُ محمد صلاح جا هٿ
اکر آهن، جتي هو چوي ٿو ته ”شاهه صاحب جي پٺيان
سندس روبڪاري لکان ٿو.“ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي
به لکيل نٿو ڏسجي. پر ٻيون به ڪي ڳالهيون آهن، جن
مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه عبداللطيف کي علم جي
تحصيل جو محاورو هو: پهرين هيءَ ڳالهه ته پاڻ ئي
شاعر ۽ صوفي هو ۽ وٽس جو مثنوي مولانا روم وارو
ڪتاب رکيل آهي، سو به هڪ وڏي صوفي شاعر جو ٺهيل
آهي ۽ گهڻين جاين تي مضمون ۽ خيال ٻنهي جو هڪجهڙو
نظر پيو اچي. مثنوي جي پهرئين بيت جو مضمون، جنسي
پنهنجي رسالي ۾ شاهه صاحب آندو آهي، جو حقيقت ڪري
”رسالي“ جو پهريون بيت هو، پر فقيرن وري ڦير گهير
ڪري، سُرن موجب ٺاهيو.
اهو مثنوي جو پهريون بيت هي آهي، جو ’نڙ‘ جي نماڻي
آواز بابت آهي. ڄڻ ته هو ويچارو پنهنجي اصل وڻ کان
ڇڄي ڌار ٿيو آهي، سو جدائيءَ کان رڙيون پيو ڪري:
حق حق بيت حق حق حق
بشنو از ني حڪايت ميکند- و از جدائيها شڪايت ميکند
۽ شاهه جي رسالي وارو هي بيت آهي:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پڻ پنهنجا ساريا، هو هنجهون هڏن لئي هاري.
---
ٻي هيءَ ڳالهه آهي، جنهن مان شاهه صاحب جي علم
بابت بيان ڪجي ۽ شاهه صاحب جي علم سان واقفيت ۽ ڀل
مانسي ظاهر ٿي ٿئي: اسان کي خبر آهي ته مرزا طفيل
بيگ ڪوٽڙيءَ وارو ، شاهه صاحب سان پريندي ٺهيل نه
هو. اگرچه پوءِ پاڻ ۾ مائٽ ٿي پيا هئا. سو مرزا جي
مرڻ کان پوءِ شاهه جي مريدن مان ڪنهن، شاهه صاحب
جي روبرو ٻه لفظ پارسي چيا، جن مان ابجد جي حساب
سان مرزا مغل بيگ جي وفات جي تاريخ نڪتي. اهي هي
لفظ هئا ”بود خبيث“ يعني ”بڇڙو هو“ ۽ سال نڪتو ٿي
سنه 1124هجري. شاهه عبداللطيف کي اهي لفظ چيل نه
وڻيا ته مُئي جي باب ۾ اهڙي ڪابه گلا جي ڳالهه نه
ڪجي. هيئن ڇو نه چئجي ته ”يڪ مغل به بود“ يعني ”هڪ
مغل چڱو هئو.“ انهن لفظن مان به ابجد جي حساب سان
ساڳيو
سال سنه 1124 هجري نڪري ٿو. هاڻي جي ڪنهن ماڻهو کي
انهيءَ قسم جي واقفيت نه هجي ته ڪيئن اهڙا عجائب
جواب ڏئي!.
ٽِي هيءَ ڳالهه آهي ته ڪيترن هنڌن تي ذو معنيٰ لفظ
عربي، پارسي ۽ سنڌي آندا اٿس، جي اڻ پڙهيل آڻي نه
سگهندا. پر اسين به اعتقاد مان ٿا چئون ته ولين
ڪاملن کي لدني علم جي تحصيل آهي، جا عام کي خبر نه
آهي.
]
سندس عادتون
[
شاهه صاحب ڏاڍو پرهيزگار ماڻهو هو. ڏاڍيون رياضتون
۽ تپسيا ڪڍندو هو. سادو به کائيندو هو ۽ ٿورو به
کائيندو هو روزا به رکندو هو ۽ فاقا به ڏاڍا ڪڍندو
هو. حياتيءَ هلائڻ لاءِ جيڪي ضرور هو، تنهن کان
وڌيڪ کيس گهرج ڪانه هئي وڌيڪ جيڪي ملندو هئس، سو
ٻين کي ڏئي ڇڏيندو هو. پئسا ٿيا يا ڪپڙا ٿيا، يا
وهٽ ٿيا، سڀ انهيءَ طرح، ڪيترا ڀيرا ته ماڻهن ڏٺس
ته کڏڙي کڻي پئسا پوري ڇڏيندو هو ۽ هاڻي جڏهن ڪي
ڏاڍا مينهن پوندا آهن، تڏهن اهي پئسا ٻاهر نڪري
پوندا آهن ۽ اتي انهن ڏينهن جا پئسا لڀندا آهن.
هن جي دل سچ پچ دنيا کان آزاد هئي ۽ هن دنيا جي
ڪارخاني جي اصلي دعويٰ ئي ڇڏي ڏني هئي. جنهن ڪري
”تارڪ“ چوندا اٿس ۽ انهي نالي سان ڪتابن ۾ مشهور
آهي.
]
سندس رحمدلي
[
شاهه صاحب ڏاڍو رحمدل هو. ماڻهن تي رحم ايندو هئس
پر جانورن ۽ پکين تي به رحم ايندو هئس. منع ڪندو
هو ته ويچارن گگدامن کي نه ماريو. خصوصاً سهن جي
مارڻ کان جهليندو هو. شايد هو ويچارا جهنگ جا
ننڍڙا بيواها جناور آهن تنهن جي ڪري هن پنهنجي هٿن
سان ڪڏهن ٻڪري به ڪانه ڪُٺي. ننڍي هوندي جڏهن گز
ڪمان سان راند ڪندو هو تڏهن به ڪنهن ساهواري شيءَ
کي ڌڪ نه هڻندو هو. پٿرن کي يا ڪاٺين کي ۽ ٻين
بيجان شين کي نشان چٽيندو هو.
]
سندس تحمل
[
سندس رياضت ۽ بت کي جاکوڙ ڏيڻ بابت ته اسان مٿي
اشارو ڏنو آهي، جو ڀٽ تي پنهنجي هٿن سان پورهيو
ڪندو هو ۽ اٿي پنهنجي هٿن سان پاڻي پيئندو هو،
زمين تي ويهڻ ۽ صندل تي سمهڻ وڌيڪ پسند ڪندو هو.
سندس ماني
ته
سندس بيبي گهر واري پنهنجي هٿن سان جوڙيندي هئي ۽
کائڻ مهل جيڪو به حاضر هوندو هو، ان کي سڏي پاڻ
سان ويهارڻ ڪندو هو. جيئن وڌيڪ سختي ٿيندي هيس،
تيئن وڌيڪ خوش ٿيندو هو.
هڪڙي ڀيري ڪنهن هنڌ وٽس ماڻهن گلا ڪئي ته ”هتي مڇر
گهڻا آهن، آرام ئي ڪرڻ نٿا ڏين.“ تڏهن شاهه صاحب
چيو ته ”مڇر اوهان جا دوست آهن، جي اوهان کي غافل
ٿي سمهڻ نٿا ڏين. پاڻ اوهان کي چون ٿا ته سستي ڇڏي
اُٿي پنهنجي رب سائين کي ياد ڪريو ته توهان جي
لاءِ چڱو ڪم آهي.!“
هن جي نماڻي حال جي ڪيتري تعريف لکبي! سڀني کي اها
صلاح ڏيندو هو ته ”هيٺاهين وٺو ۽ نماڻا ٿي
گذاريو.“ هڪڙي ڏينهن ڪنهن هنڌ شاهه صاحب هڪڙو سڪل
وڻ زمين تي ڏٺو، جو ڀليءَ زمين تي به بيٺل هو ۽
ٻي
حرڪت به ڪانه ٿي ڏٺي. تڏهن شاهه صاحب ماڻهن کان
پڇيو ته ”هن وڻ جي سُڪڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟“ هڪڙي
چيو ته
” هن زمين ۾ ’ڀاڻ‘ گهڻو آهي، تنهنڪري هي وڻ سڪي ويو آهي.“ تڏهن
شاهه صاحب چيو ته ”هائو، اهو سچ ٿو چوي. ڀاڻ اهڙي
شيءِ آهي، جا آلن کي به سڪائي ڇڏيندي آهي ۽ جيئرن
کي به ماري ڇڏيندي آهي.“ اِتي ”ڀاڻ“ لفظ جون ٻه
معنائون آهن: هڪڙو ڀاڻ، جيڪو زمين کي ڏيندا آهن،
ٻيو ڀاڻُ يعني وڏائي.
شاهه صاحب کي ڪاوڙ يا چڙ جنهن جو نالو، سو هئو ئي
ڪونه. پر وري هلڪائي ۽ گهڻي کل به ڪانه هيس. هميشه
ماٺ ۽ خيال ۾ گذاريندو هو. بعضي بعضي روئندو رڙندو
هو، پر ڪا بدمزاجي ڪانه ڏيکاريندو هو. نه ڪنهن کي
اجايو سجايو ڳالهائيندو هو. تحمل، بردباري ۽ ڌيرج
ته سندن سڄي ڪٽنب جي خاص خاصيت هئي.
]
شاهه ڪريم جي تحمل جو بيان
[
شاهه ڪريم بلڙي واري جي ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڀيري
ڳوٺ جي ڪن لُچن اها رٿ ڪئي ته هلي شاهه ڪريم کي
چيڙايون. ڏسون ته خفي ٿو ٿئي يا نه! سو وٽس آيا،
شاهه ڪريم نار تي ويٺو هو، پنهنجي ٻنيءَ کي پاڻي
ٿي ڏنائين. هنن احمقن مان هڪڙي هيئن ڪيو جو اڏ
ڀڃي، پاڻي وهائي جهنگ ۾ ڇڏيو. ته به شاهه ڪريم
ڪڇيو ڪين، ماٺ ڪيو گادي تي ويٺي ڏاند هڪليائين.
ٻئي وري اچي ڏاند کي ڇوڙي ڇڏيو، ته به شاهه ڪريم
ڪين ڪڇيو. ٽئي ڀيري ڏاڍا ڌڪ شاهه ڪريم کي هنيائون،
پر شاهه ڪريم ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي. تڏهن ماڻهو ڏاڍا
لڄي ٿيا ۽ شاهه ڪريم جو تحمل ڏسي، وڃي پيرن تي ڪري
پيا ۽ معافي گهريائونس ته هيتري تحمل جو سبب ڇا
آهي؟ شاهه ڪريم ورندي ڏني ته ”جڏهن اوهان اڏ ڀڃي
ڇڏي ۽ پاڻي جهنگ ڏي وهايو، تڏهن مون سمجهيو ته آ
ڪو ڏاڍو بيعقل آهيان جو پنهنجي ٻنيءَ کي پاڻي ڏنم
۽ جهنگ ۾ الاهي گاهه اڀريو بيٺو آهي، تنهن کي
وانجهو ٿي رکيم. تنهنڪري ڄاتم ته جيڪي اوهان ڪيو
آهي، سو چڱو ڪم آهي. پوءِ جڏهن پاڃاري مان ڏاند
ڇوڙيوَ، تڏهن مون خيال ڪيو ته آءٌ ڪو ڏاڍو ظالم
آهيان، جو ويچارن بي زبان جانورن کي بند ۾ وجهيو
ويٺو آهيان. تنهنڪري الله سائين اوهان کي موڪليو
آهي ته هنن مظلومن کي وڃي هن ظالم جي چنبي مان
ڇڏايو. وري جڏهن اوهان مون کي ڌڪ هنيا، تڏهن آءٌ
خوشيءَ سان صبر ڪري ويٺس جو دل ۾ ڄاتم ته مون جهڙو
نادان ۽ ظالم، جو گگدامن کي عذاب ڏئي ۽ الهٰي ساوڪ
سڪائي ۽ رڳو پنهنجي مطلب تي ڪم ڪري، تنهن کي ڪا
ڏاڍي سزا ملڻ گهرجي. تنهنڪري انهن ڌڪن تي صبر ڪرڻ
۽ شڪرانو ڪرڻ لڳس.“
]
شاهه صاحب جون دعائون ۽ پِٽون
[
شاهه عبداللطيف بابت به اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾
اينديون آهن ته هو نه ڪنهن کي پٽيندو هو، نه ڪنهن
کي دعا ڪندو هو. نفعي يا نقصان پهچائڻ جي سگهه يا
وت پاڻ ۾ ڪونه ڄاڻندو هو. مگر جڏهن جلالت ۾ ايندو
هو، تڏهن ته پنهنجي وس ۾ نه هوندو هو.
چون ٿا ته پنهنجي سڄي عمر ۾ شاهه صاحب ٻه ڀيرا
پاراتو ڏنو آهي ۽ ٻه ڀيرا کن دعا ڪئي آهي. هڪڙو ته
مرزا مغل بيگ کي پٽيو هئائين، جو هن ڪتاب جي
پڙهندڙن کي ياد هوندو، جو نيٺ چورن ماري وڌس. ٻيو
ڀيرو هڪڙي ماڻهو کي پٽيو هئائين، جنهن ڪو ناشائسته
ڪم ڪيو هو. دعا به هڪڙو ڀيرو گلان ڪڃريءَ کي
ڪيائين، جا وڃي سنڌ جي راڻي ٿي ۽ ٻيو ڀيرو پنهنجي
شادي بنسبت ڪيائين، جهڙي طرح مٿي ذڪر ڪيل آهي.
|