سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي

 باب--

صفحو :8

 

 

باب ڏهون

 

سر سورٺ: سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو قصو، مضمون ۽ انتخاب- سر بيراڳ: اشارو – سر هير رانجهو؛ اشارو- سر بروو سنڌي: مضمون ۽ انتخاب- سر مومل راڻو: مومل ۽ راڻي جو قصو، مضمون ۽ انتخاب- سر کاهوڙي: مضمون ۽ انتخاب- سر رامڪلي: مضمون ۽ انتخاب- سر کيپ (رپ): مضمون ۽ انتخاب- سر ليلان چنيسر: ليلان ۽ چنيسر جو قصو، مضمون ۽ انتخاب- سر بلاول: مضمون ۽ انتخاب- سر ڏهر: مضمون ۽ انتخاب- سر ڪاپاتي: مضمون ۽ انتخاب- سر پرڀاتي: مضمون ۽ انتخاب- سر گهاتو: مورڙي جو قصو، مضمون ۽ انتخاب- سر شينهن ڪيڏارو: مضمون ۽ انتخاب- سر آسا: مضمون ۽ انتخاب- سر مارئي: عمر ۽ مارئي جو قصو، مضمون ۽ انتخاب- سر ڍول مارئي: اشارو- سر ڌناسري: اشارو- سر پورب: مضمون ۽ انتخاب- سر ڪاموڏ: نوري ۽ ڄام تماچي جو قصو، مضمون ۽ انتخاب- سر ڪارايل: مضمون ۽ انتخاب- سر بنست: مضمون ۽ انتخاب.

 

سُر چوڏهون: سورٺ

هن سر ۾ راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي قصي جا اشارا ڏنل آهن. قصو هن طرح سان بيان آهي:

] سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو قصو [

راءِ ڏياچ، گرنار جو راجا هوندو هو. هو سخا ۽ انصاف جي ڪري ملڪن ۾ مشهور هوندو هو. انهي راجا جي هڪڙي ڀيڻ هئي، جا پرڻيل هئي مگر اولاد ڪونه هئس. تنهن ڪنهن ڪامل فقير کان پٽ جي دعا گهري. فقير چيس ته ”پٽ ٿيندءِ. پر راءِ ڏياچ جي سسي لاهيندو.“ اگرچه ڀيڻ انهي مهل چيو ته ”اهو پٽ ئي گهوريو، جو منهنجي ڀاءُ جي سسي لاهي.،“ پر تڏهن به لکيو ڦرڻ جو نه هو. نيٺ کيس پٽ ڄايو. پوءِ هن پنهنجي ڀاءُ جي سسي لاهڻ جي ڳڻتي ڪري، انهي ٻار کي پيتيءَ ۾ بند ڪري، درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو. اهو ٻار ڪنهن چارڻ يعني مڱڻي کي هٿ لڳي ويو، جنهن پالي وڏو ڪيس ۽ پنهنجو ڳائڻ وڄائڻ جو ڪم سيکاريائينس ۽ هن جو نالو ”ٻيجل“ رکيو هئائين.

پاڙي ۾ هڪڙو ٻيو راجا هوندو هو، جنهن جو نالو ”انيراءِ“ هو. هن کي سٺ ڌيئر اڳي هيون ۽ ٻي وڌيڪ هاڻي به ڄايس. سو هن هيتري لشڪر مان ڪڪ ٿي، هن نئين ڄاول ٻار کي ڳهه ڳٽا ڍڪائي، صندوق ۾ بند ڪري، درياهه ۾ لوڙهائي ڇڏيو. هي صندوق وڃي راءِ ڏياچ جي شهر ۾ نڪتي ۽ ”رتني“ نالي ڪنڀر کي هٿ اچي وئي. ڪنڀر کي اهڙو ملوڪاڻو ٻار هٿ لڳو، ۽ سونُ ۽ رُپو به مفت ۾ ملي ويو، سو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هيج مان پالڻ لڳس ۽ نالو ان جو ”سورٺ“ رکيائين.

هن ڪنڀر جو انيراءِ بادشاهه سان ڏاڍو رستو هو ۽ هميشه وٽس ايندو هو ۽ گهڻو مانُ پائيندو هو. جڏهن انيراءِ کي خبر پئي ته هن کي تمام حسين ڌيءَ گهر ۾ آهي، تڏهن هن کان پنهنجي لاءِ سڱ گهريائين. رتنو قبولدار ٿيو ۽ سگهوئي شاديءَ جو سعيو ڪيائون. بادشاهه، رتني کي چيو ته ”تون ڌارئي ملڪ ۾ ويٺو آهين، جنهنڪري پنهنجي ڌيءَ سوڌو پهرين اچي منهنجي ملڪ ۾ ويهه ته آءٌ اتان تنهنجي ڌيءَ سهجن سان پرڻجان.“

انهيءَ رٿ پٺيان رتنو، پنهنجي ڌيءَ ڪجائي ۾ چاڙهي، ڏاڍي مان شان سان راءِ ڏياچ جي شهر مان نڪري، انيراءِ جي شهر ڏي ٿي ويو ته راءِ ڏياچ پنهنجي ماڙيءَ مان اهو ڊنبلو ڏسي ورتو. پڇيائين ته سڄو احوال معلوم ٿيس. ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس ته منهنجو شهر ويل آهي ڇا، جو اهڙي چڱي شيءَ نه اچي، ۽ وڃي ڌارين شهرن جي بادشاهن کي ڏئي!“ پوءِ حڪما حڪم اها ٻانهين کڻائي آندائين پنهنجي نزديڪ ۽ هن کي هڪالي ڪڍيائين.نئين پيدا جڏهن انيراءِ کي هن حال جي خبر پئي تڏهن سڙي ويو ۽ وڏو لشڪر ساڻ ڪري گرنار جي ڪوٽ تي ڪاهي آيو ۽ گهيرو ڪري ويهي رهيو. ٻارنهن مهينا مٿا هنيائين، پر نڪي ڪوٽ ڀڄي، جو اندر لنگهي سگهي، نڪي اندريان لاچار ٿي ٻاهر نڪرن، جو اندر سامان آذوقو مئو رکيل هو. ٻيو علاج ڪونه ڏسڻ ۾ آيس، تڏهن ڀانيائين ته دشمن کان سندس سخا جي وسيلي وير وٺان. تنهنڪري هن ائين ڪيو، جو سون جو ٿالهه ڀري، ڪنهن نوڪر کي ڏنائين ته چارڻن جي ڳوٺ ۾ وڃي گهماءِ ته ”جيڪو راءِ ڏياچ جي سِري ڪپي آڻي ڏيندو، انهي کي هي سڀ سونُ ملندو.“

ٻيجل اهو ذمو کنيو ۽ سون وٺي رکيائين. پوءِ پنهنجا  سرندا ساز کڻي اٿي سنبري هليو. ڪوٽ جي هيٺان بيهي، عجب عجب جا راڳ ڳائڻ ۽ وڄائڻ لڳو. راءِ ڏياچ کي هن جو راڳ ڏاڍو وڻيو. سندس دل بنهه موهجي وئي. هن ٻيجل کي سون رپو، هاٿي گهوڙا ۽ قيمتي جواهر گهڻا انعام طور ڏنا، پر ٻيجل اهي قبول نه ڪري، راءِ ڏياچ ڏي چوائي موڪليو ته ”جي ڏين ته پنهنجو سِر ڏي، جو تون سخا جي ڪري ملڪن ۾ مشهور آهين، نه ته بس!“

راجا توڙي ڪوٽ جي ڀاتين، تن کي جيڪي مٿا هڻڻا هئا ۽ حيلا هلائڻا هئا سي هلايائون، پر ٻيجل مڙئي نه مڃيا. پوءِ نيٺ راءِ ڏياچ پنهنجي هٿ سان، پنهنجي سسي وڍي، ٻيجل کي اڇلائي ڏني، جو اتان کان سسي کڻي انيراءِ وٽ آيو.

ههڙي سخي بادشاهه جي سسي ڏسي، انيراءِ کي ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ ٻيجل کي ڏاڍو ڳالهايائين ته ”جڏهن تون ههڙي نيڪ ماڻهوءَ کان نه مڙيو آهين، تڏهن تو مان اسان کي خير ڪونه پهچندو.“

پوءِ راجا ٻيجل کي پنهنجي ملڪ مان ٻارن سوڌو لوڌائي ڪڍيو. ٻيجل لڏي راءِ ڏياچ جي شهر ۾ آيو. ڏسي ته باهه جا مچ کڻي ٻاريا اٿن ۽ راءِ ڏياچ جي راڻي سورٺ، سس سوڌي ڏاگهه چڙهي ستيون ٿيون ٿين. هي به ڏک ارمان کان ٽپ ڏيئي باهه ۾ پيو ۽ سندس زال به کيس ڏسي مچ ۾ ڪاهي پئي. انهيءَ طرح اهي چارئي ڄڻا سڙي مئا ۽ خاڪ ٿيا.

انهي قصي مان شاهه عبداللطيف راڳ جي عجب اثر ۽ راءِ ڏياچ جي سخا ۽ سورٺ جي ايمانداري وغيره بابت اشارا ڏئي ٿو ۽ انهن منجهان تصوف جا خيال ظاهر ڪري ٿو، حقيقي معنيٰ موجب راءِ ڏياچ آهي موليٰ جو سچو طالب ۽ عاشق، راڳ، خدا تعاليٰ جي تعريف آهي. سورٺ، ايمانداري ۽ سچائي، ڪُسڻ، خدا سان وصل ٿيڻ.

]مضمون[

فصل- 1: ٻيجل، راءِ ڏياچ وٽ اچي ٿو ۽ سِر جو سوال ڪري

    ٿو- هن کي گهڻيون شيون قيمتي آڇين ٿا، پر هو نٿو مڃي.

فصل- 2: ٻيجل ڇهه راتيون برابر بيهي ڳائي ٿو ۽ وڌيڪ انعام

   ۽ ٻيون شيون آڇينس ٿا.

فصل- 3:  ٻيجل جي راڳ جو اثر.

فصل- 4: راءِ ڏياچ پنهنجي سسي وڍي، ٻيجل کي ڏئي ٿو-

    راجا جي گهر جي ڀاتين جو ماتم ۽ افسوس- سورٺ جو مرڻ.

انتخاب

1-   تو در آئيو راڄڻا، جاجڪ وٺي جيءُ

ڪنا نار حاميه، هاڻ بچائج هيءُ

والي وارج ويءُ، جت آهه جنات عدن.

2-  تند برابر توريان، جي سئو سرن پائي

اٽل اوڏاهين ٿئي،جيڏانهه ٻيجل ٻرائي

هي سکڻو هڏ آهي، سر ۾ سڄڻ ناهه ڪي.

3-  چارڻ تنهنجي چنگ ۾ آهي، توحيد جي تار

وحده لاشريڪ له، تندن ايءَ تنوار

مون کي تهين وار، فڪر کڻي فنا ڪيو.

4-  ڪني ڪني ماڻهئين، پيئي ڪل ڪائي

رسيا سي رموز کي، جڏ پارسي پائي

الانسان سري و اناسره، ورتي ايءَ وائي

راجا راڳائي، هر دوئي هيڪ ٿيا.

سر پندرهون: بيراڳ

اشارو:- هن سر ۾ شاهه صاحب جي ڪابه تصنيف ڪانهي. رڳو مثنوي ۽ ٻين پارسي ڪتابن مان شعر چونڊي ڪڍيا آهن.

سر سورهون: هير رانجهو

اشارو:- هن سُر ۾ به شاهه صاحب جو ڪلام ڪونهي. ڪن ٻين ماڻهن جا سنڌي ۽ سرائيڪي بيت آهن، تنهنڪري هير رانجهو جي قصي ڏيڻ جو اسين هتي ضرور نٿا ڄاڻون.

سر سترهون: بروو سنڌي

اشارو:- هن سر ۾ رڳو عشق جو ذڪر ٿيل آهي ته سچو عشق ڇا کي چئجي ۽ ڇا تي عشق پچائڻ گهرجي. جهڙي طرح مضمون مان معلوم ٿيندو.

]مضمون[

فصل- 1: ٻين کي ڇڏي الله سان محبت رک ۽ عشق اڙاءِ-

 محبوب جي جدائي ۾ اکيون ڳوڙها ڳاڙين ٿيون-

 دل ان جي لاءِ ڇڪي پئي کائي- هن جا عجيب چالا.

فصل- 2:  هن جو عشق- سندس اچڻ جو انتظار.

فصل- 3:  سچي ۽ ڪوڙي دوست جي وچ ۾ تفاوت.

ٽرمپ صاحب واري رسالي ۾هن سر سان لاڳو، ٻيو هڪڙو ننڍو سُر ڏنل آهي، جنهن جو نالو ”بروو ڇوٽڪو“ آهي. انهي جو مختصر مضمون هي آهي: ڪميڻن ماڻهن جون عادتون- دوستن ڏي خط لکڻ- موتين ۽ جواهرن سان گفتگو- (خاڪو جا بيت) تيرهين صدي جون خرابيون- (حيات جا بيت) زالن جا مڪر ۽ فريب، تن لاءِ بيان ڏنل آهي.

انتخاب

1-   ڇا کي وڃي ڇو، ٻيلي بيهين ٻين جو

وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ ۾ آهي جو

سوکو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سان.

2-  ساهه وٺي وئين سپرين، ڪري قزاقي

دلبر دل کسي وئين، يار ٿئين ياڪي

جاڙ مون ضعيف سين، تو جانب ڪئي جاڪي

هت بت رهيو باقي، تون ساهه وٺي وئين سپرين.

3-  ڪڏهن درد ڪشالا دلبر جا، ڪڏهن پوريون ڏين،

ڪڏهن وڃڻ نه سکيا، ڪڏهن سڄڻ پاڻ سڏين

ڪڏهن ڪڇن ڪينڪي، ڪڏهن ٻاجهه منجهان ٻولين

ڪڏهن قول ڪرين، ڪڏهن حرف نه ڪڇن هيڪڙو.

4-  يار سڏائي سڀڪو، جاني زباني

آهي آساني، پر ڪم پوي ته ڪل پوي.

5-  دل جو دلبر هڪڙو، گهڻا تان نه ڪجن

دل به ڏجي هڪڙي کي، توڙي سئو سڪن

سي چلولا چئجن، جي در در لائن دوستي.

 

سر ارڙهون: مومل راڻو

هن سر ۾ مومل ۽ راڻي جي عشق جو احوال ڏنل آهي، انهيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي:

]مومل ۽ راڻي جو قصو[

راجا نند نالي هڪڙو هندو راجا هو. هن کي نوَ (9) ڌيئرون هيون، مومل، سومل، ۽ ست ٻيون هيون. پوءِ هڪڙي ڀيري راجا شڪار تي نڪتو ۽ ڪنهن سُوئر جي پٺيان ڪاهي پيو. مرون درياهه ۾ وڃي گهڙيو ته بادشاهه به لشڪر سوڌو پٺيان ڪاهي پيس. ڏسي ته سوئر جي اڳيان درياهه سڪندو وڃي ۽ جاءِ ٿيندي وڃي. انهي ڪري مرون ۽ پاڻ به سلامت وڃي ٻاهر نڪتا. هي عجب ڏسي پاڻ بادشاهه کي انهيءَ مرون مارڻ جو گهڻو شوق ٿيو ۽ نيٺ وڃي ماريائينس ۽ وڍي ٽڪر ٽڪر پاڻي ۾ اڇلائي سهي ڪيائين ته مرون جي ڏندن يا سنگهن ۾ اهو عجب جهڙو جادو جو اثر هو، جنهنڪري پاڻي سگهو ئي سڪي ٿي ويو. اهي ڏند ڪڍي قابو ڪري، بادشاهه پنهنجي لشڪر سوڌو درياهه مان لنگهي، موٽي پنهنجي شهر ۾ آيو. انهن ڏندن جي وسيلي راجا پنهنجو سڀ خزانو نئي وچ درياهه ۾ لڪائي رکيو ۽ جڏهن به وڻندو هئس، تڏهن اتي ويندو هو ۽ ٻئي ڪنهن کي خبر ڪانه هوندي هئي.

هڪڙي ڏينهن راجا جي غيرحاضري ۾ ڪنهن فقير اچي انهن ڏندن لاءِ سوال ڪيو ۽ خدا تعاليٰ جو واسطو وڌو. مومل کي خبر نه هئي ته انهن ڏندن ۾ ڪا ههڙي خاصيت آهي، تنهن اهي ڏند کڻي، انهي فقير کي ڏنا،  جو هو خوش ٿي هليو ويو. جڏهن راجا کي خبر پئي ته ڏند ڪو فقير ٺڳي ڪري وٺي ويو، تڏهن مومل تي اچي ڪاوڙيو ۽ ذري گهٽ ٿي ماريائينس. پر مومل انهي نقصان جي ڀري ڏيڻ جي هڪ رٿ ڪئي.

پوءِ سومل ڀيڻ ۽ ناتر ٻانهي جي مدد سان مومل جادو سکي هشيار ٿي ۽ شهر جي ڀر ۾ ميدان تي هڪڙي طلسم جهڙي عجيب ماڙي کڻي جوڙيائين ۽ چوڌاري ڳاڙهي پاڻي واري ندي وهايائين جنهن جو نالو کڻي ”ڪاڪ“ رکيائين. پوءِ چئني ڪُنڊن کان جادو جا شينهن کڻي بيهاريائين ۽ انهي طرح گهڻائي حيرت ۽ خوف جهڙا ٽڪساٽ منڊي ويٺي.

ههڙو عجب جهڙو ڪارخانو، جو اوچتو برپٽ ۾ پيدا ٿي پيو ۽ منجهس جا خوبصورت شهزادي ويٺي هئي، تنهن جو هُل چوڌاري پئجي ويو، پوءِ اوسي پاسي وارا شهزادا ۽ سوداگر هاڪ ٻڌيو ڊوڙيو ٿي آيا، ۽ مال خزانا خرچي، پئي ڀانيائون ته مومل کي موهي پنهنجو ڪن. پر هوءَ اهڙي ڏاهي ۽ اٽڪل واري هئي جو کين ماريو کپائي ٿي ڇڏيائين ۽ سندس مال خزانا گڏ ڪري، پيءَ کي پئي پهچائي ڏنائين، جنهن جو شاهي خزانو ڏندن وڃڻ ڪري درياهه ۾ رهجي ويو هو.

انهن ڏينهن ۾ حمير سومرو، عمر ڪوٽ جو حاڪم هوندو هو. هن وٽ ٽي وزير هئا، ڪي چون ٿا ته چار هئا، جن سان هن جي ڏاڍي محبت هوندي هئي. ۽ جن کي پاڻ سان هميشه کنيو وتندو هو. هڪڙو هو راڻو سوڍو ۽ ٻه ٻيا هئا.

هڪڙي ڏينهن حمير پنهنجي وزير سوڌو شڪار تي چڙهيو جهنگ ۾ هڪڙو سامي فقير ملين، تنهن کان خبرچار پڇيائون ته ”تون ڪير آهين ۽ ڪٿان ٿو اچين؟“ هن چين ته ”آئون سکر ماڻهو آهيان ۽ گهڻو اسباب ۽ سامان هئم، پر مومل جي سونهن ٻڌي وٽس ويس، انهي اميد تي ته ساڻس ملاقات ڪري خوش ٿيان ۽ نيٺ پنهنجو ڪريان. پر پوءِ پنهنجو مال اسباب ته ڦرايم، مرڳو آءٌ به ٿي ماريس، جو مس مس جند ڇڏائي ڀڳو آهيان. هي حال ٻڌي حمير ۽ سندس سنگتين کي ڏاڍي خواهش ٿي ته اهڙي ماڻهو  جي ملاقات ڪريون.

سامي ته ويندو رهيو، پر هي سڀ ڪاڪ تي ڪاهي آيا. جڏهن اتي پهتا تڏهن ناتر ٻانهي نڪري آئيا. هنن کي وهاريائين ۽ مهمانن وانگي خدمت ڪيائين. پوءِ جڏهن هنن چيس ته ”اسان کي مومل سان ملاقات ڪراءِ“ تڏهن پهريائين ناتر، حمير کي وٺي وئي، اڳڀرو هلي پاڻ کسڪي ويئي ۽ حمير کي ڏاڍين مشڪلاتن ۽ هلاکين ۾ ڇڏي وئي، جو مٿا هڻي مس موٽي پنهنجن سنگتين وٽ آيو.

تنهن کان پوءِ وزير به هڪ هڪ واري سان رلي پني وري آيا. باقي راڻو، سو منجهائن ڏاڍو ڏاهو ۽ عقل وارو هو، ۽ وري ٽيڏو به هو. اهو ڪنهن تجويز سان وڃي مومل جي ماڙيءَ تي پهتو. مومل هن جي سونهن، ڏاهپ ۽ اٽڪل ڏسي، مٿس عاشق ٿي پئي. پوءِ هنن رات سڄي پاڻ ۾ ملاقات ڪئي. پرهه ڦٽيءَ مهل راڻو مومل کان موڪلائي پنهنجن سنگتين وٽ آيو ۽ اهو انجام ڪري آيو ته آءٌ اتي تو وٽ پاڻهي پيو ايندس.

جڏهن سنگتين راڻي کان پڇيو ته، ”هيترو وقت ڪٿي هئين؟“ تڏهن هن سچي ڳالهه نه سلي ۽ ڪوڙ ڪري چيائين ته ”آئون به اوهان وانگي سڄي رات رلي ڌڪا کائي اچي نڪتو آهيان.“ پوءِ سڀني پوئتي موٽڻ جي صلاح ڪئي ۽ اچي عمرڪوٽ ۾ نڪتا. انهي وقت کان وٺي راڻو هميشه رات جو تکي ڏاچي تي چڙهي، چاليهه ڪوهه پنڌ ڪري  مومل وٽ ايندو هو ۽ ملاقات ڪري هليو ويندو هو. سندس پيءُ ۽ سندس زال کي راڻي جي اها چال چلت نه وڻي، جو ڏهاڙي رات جو گهر نه ٽڪندو هو. تنهنڪري هنن وڃي بادشاهه حمير وٽ دانهن ڪئي، جنهن کي شڪ پيو ته راڻي جو مومل سان ڪو واسطو آهي. انهي سبب هن کي کڻي قيد ڪيائين. پر راڻي جي ڀيڻ، جا حمير سومري جي راڻي هئي، تنهن جي منٿ آزي تي حمير، راڻي کي ٿورن ڏينهن کانپوءِ قيد مان ڪڍيو. پوءِ راڻي جي پيءُ اٽڪل ڪري جنهن اُٺ تي راڻو ويندو هو، سا مارائي ڦٽي ڪئي ته من انهي طرح وڃڻ جي پچر ڇڏي ڏي. پر راڻو نه رهيو ۽ وري اُن اُٺ جي گونري تي هٿ رکيائين ۽ انهيءَ تي چڙهي، وري مومل ڏي پيو ويندو هو.

پر هاڻي مومل جي مائٽن کي ڏاڍو غصو لڳو، جو مومل جو خيال سڄو راڻي سان ٻجهي ويو هو، تنهنڪري هنن مومل جي ڀيڻ سومل کي سيکاريو ته ڪا تجويز ڪري هنن کي پاڻ کان ڦٽاءِ سومل ته جادو جي ڪم ۾ پاڻ مومل جي استاد هئي. تنهنڪري هن اهڙي رٿ ڪئي، جو راڻو ايندي مهل رستو ڀلجي ويو. هڪڙو ڌنار منهن پيس، تنهن کان مومل جي ماڙيءَ جو ڏس پڇيائين، تنهن رستو به ڏيکاريس ۽ اها خبر به ڪئي ته ”مومل جي سامي سيتل نالي هڪڙي ماڻهو سان دل آهي، جو هوڏهاڙي وٽس ايندو آهي.“

حقيقت ڪري اها ڳالهه ٺاهيل هئي، جا ڌنار، سومل جي سيکارڻ پٺيان شڪ جي وجهڻ لاءِ راڻي کي ٻڌائي. راڻي جي اچڻ کان اڳي سومل هيئن ڪيو جو مردانا ڪپڙا ڍڪي، وڃي پنهنجي ڀيڻ مومل سان ڀاڪر پائي سمهي رهي. اتي سگهوئي راڻو آيو ۽ اچي ڏسي ته مومل سان ڪو ڌاريو مڙس ماڻهو سمهيو پيو آهي. ڌنار جي ڳالهه  ته اڳهين دل ۾ هئس، سو هاڻي ته ويتر پڪ ٿيس. پهريائين ته ڀانيائين ته هنن ٻنهي کي هڪ ڌڪ هڻي هليو وڃان، پر پوءِ چڱي مت آيس. پوءِ پنهنجو لڪڻ مومل جي ڀر ۾ رکي، هن کي ستو ڇڏي هليو ويو.

صبح جو جڏهن مومل جاڳي، تڏهن سهي ڪيائين ته راڻو اچي رات ڪاوڙ مان موٽي ويو آهي. پڪ ٿيس ته انهي مان خير ڪونه ٿيندو. قاصد جي پٺيان قاصد موڪليائين پر راڻي اچڻ جي نه ڪئي. جڏهن جدائي سهڻ جهڙي نه ٿي، تڏهن پاڻ جوڳي جو ويس ڪري نڪتي ۽ راڻي وٽ آئي ۽ هن سان ڳالهين  ۾ پئي گستاخ ٿي. پوءِ هڪڙي ڀيري چوپڙ راند ڪندي راڻي جي اک مومل جي بت جي ڪنهن نشاني تي وڃي پئي ۽ شڪ پيس ته اها مومل آهي. مومل به اتي مردانو ويس اڇلائي ڇڏيو پوءِ ته راڻي کي گهڻوئي هٿين پيرين پئي پرچايائين ته به راڻو نه پرتو. تنهن تي مومل اهڙي نااميد ٿي، جو پنهنجي دل ۾ ٺهراءُ ڪيائين ته وڃي پاڻ جلائي ستي ٿيان.

پوءِ جڏهن راڻي کي اها خبر پئي ته مومل وڃي پاڻ کي باهه ۾ وڌو آهي تڏهن پشيمان ٿي ڊوڙيو ۽ اچي چيائينس ته ”تون ٻاهر نڪري آءُ ته پاڻ ۾ پرچون.“ پر مومل نه نڪتي ۽ ڏک کان راڻو به ڪاهي مچ ۾ پيو ۽ هڪڙي گهڙي ۾ ٻئي ڄڻا ساڳئيءَ باهه ۾ سڙي مئا.

اشارو:- حمير سومري جي چئن وزيرن جا هي نالا آهن:

راڻو سوڍو، بڊاماڻي پنرو، ڏونئر ڀٽي ۽ سينهڙو ڌماچاڻي:، جنهن مان لسٻيلي جا ڄام پيدا ٿيا ۽ ڪوٽڙيءَ جي اولهه ڏي اسي ميلن پنڌ تي توءنگ جو حاڪم هوندو هو.

هن قصي ۾ شاهه صاحب، مومل جي ٺڳين ۽ راڻي جي سياڻپ ۽ سندن محبت، ڪاوڙ، پشيماني ۽ عاشقن جي جدائي وغيره بابت اشارا ڏنا آهن. حقيقي معنيٰ آهي: مومل، عاشق يا حق جو طالب، راڻو آهي معشوق يعني خدا، ۽ ڪاڪ چئبو هن ڪوڙي دنيا کي، ۽ ڍٽ يا ٿر چئبو هُن دنيا کي.

]مضمون[

فصل- 1: مومل، راڻي جي انتظار ۾ آهي- هوءَ پرهه ڦٽيءَ تائين

    ڏيا ٻاريو ويٺي آهي.

فصل- 2: مومل جي سونهن- هوءَ ٻين عاشقن کان راڻي کي پسند

   ڪري ٿي ۽ هوءَ کيس ياد ڪري ٿي.

فصل- 3: هڪڙو سامي فقير، مومل جي ماڙيءَ کان موٽي ٿو

    ۽ پنهنجو احوال ڏئي ٿو- گهڻائي وڏا ماڻهو مومل ماڻڻ

    ٿا وڃن، پر مور نه موٽن ٿا، اتي غرقان ٿين ٿا.

فصل- 4: مومل جي ماڙيءَ جو سڌو رستو- هوءَ راڻي کي پرچائڻ

  لاءِ مٿا هڻي ٿي- هوءَ عشق ۽ جدائيءَ جا سور سهي

 نٿي سگهي.

فصل- 5: مومل، راڻي سان ملڻ لاءِ واجهائي ٿي.

فصل- 6: کيس گهڻو ياد ڪري ٿي.

فصل- 7: راڻي جي عشق جو مومل تي اثر.

فصل- 8: راڻي جا مومل تي گهڻا احسان.

انتخاب

1-   سوڍي ستي لوءِ، ڪاجا مون سين ڳالهه ڪئي

سا جي پڌر پوءِ ته سرتيون سمهي ڪانڪا.

2-  ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چٽاڻو چوڌار

منجهئي ڪاڪ ڪڪوري، منجهئي باغ بهار

ڪانهي ٻي تنوار، ٿيو مڙوئي مينڌرو.

3-  مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس

نڪا عام خاص، جي ويا سي وڍيا.

4-  پلاڻيائون پنڌ ٿيا، لڏيو لطيفن

هٿان حبيبن، ڪونه ڏکويو ڪڏهين.

5-  رس مَ رسڻ گهوريو، ڇڏ راڻا ريڏائي

منهنجي ميٽ مينڌرا، عاقل اگلائي

پسيج لڄ، لطيف چئي، ڪامل ڪچائي

ڪر معاف مدائي، ته سوڍا سکياڻي ٿيان.

6-  هلو هلو ڪاڪ تڙ، جتي نينهن اُڇل

نڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي.

7-  ڍوليي ڍڪي آهيان، هيس اگهاڙي اڳ

جوڙي وڃان جڳ، ڪڪر قيام ڪاڪ جو.

8-  سوڍا صبر تنهنجو، بي عقلن عقل

آهي انگ امل، ماٺ تنهنجي مينڌرا.

9-  ميان مينڌرا موٽ، ڪري بخش بڇايون

تون گهڻين سندو گهوٽ، مون ور تون ئي هڪڙو.

 

سُر اوڻيهون: کاهوڙي

هن سر ۾ کاهوڙي فقيرن جا قاعدا آهن. فقيرن جي هلت چلت، رياضت ۽ پاڻ پچائڻ مان ڪهڙا فائدا آهن تن جو ذڪر ٿيل آهي.

]مضمون[

فصل- 1: کاهوڙين جا عجب رستا.

فصل- 2: گنجي ٽڪر جا اسرار ۽ انهن جي کاهوڙين کي

   خبر آهي.

فصل- 3:  ٻيون عجب ڳالهيون انهي جي نسبت ۾.

 

انتخاب

1-   مون کاهوڙي لکيا، گهرين ته گهارين

واحد لاءِ ولهن ۾ رويو جر هارين

گوندر گذارين، جو ڏوٿي ڏٿ گڏ ٿيا.

2-  پير پراڻا کرڪڻ، سڪا مُنهن سندن

ساجهر ڏوري آئيا، سونهان جن منجهن

ڳجهان ڳجهيون ڪن، تهائين پرئين پند جون.

3-  گنجي ڏونگر گام جي، پيئي جني سڌ

ٻي سڀ ڇڏي ٻُڌ، لوچي لاهوتي ٿيا.

4-  پيهي جن پروڙيو، گنجو ڏونگر گام

ڪري تن تمام، لوچي لاهوتي ٿيا.

5-  جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي

ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙين ريءَ کيرڙي.

6-  وائي وڃيم شال، ڪنين ڪيم سڻان

ڀلو ڪري ڀال، اکين سين انڌو ٿيان.

 (وڌيڪ پڙهو)


 


*  نانيءَ جو ذڪر مٿي ڏنو ويو آهي- ڏسو ص- 15

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org