اھڙن قسمن جي چرين مان جيڪي ڳالھائين ڪين، ڪنھن بھ قسم جي
معلومات حاصل ڪرڻ اسان لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي پوندو
آھي، مون گھڻي ڪوشش ڪئي پر ھو ڪڇي جھڙي ڀت.
ھو مھانڊي مان شريف معلوم ٿي ٿيو، شڪل تي اداسي ڇانيل ھيس، ھيس
جا ڪپڙا جيتوڻيڪ ميرا ٿي چڪا ھئا، پر انھن جي ڪاٽ
مان صاف معلوم ٿي ٿيو تھ ھو پڙھيل لکيل آھي، ميز
تي اخبار رکيل ھئي، مون کڻي کيس آڇي ۽ چيومانس تھ
”ھان ھي وٺ ۽ پڙھھ“ پر ھن نڪا اخبار منھنجي ھٿ مان
ورتي ۽ نڪو ڳالھھ تي ڌيان ڏنائين تھ ڇا ٿي رھيو
آھي، ڪنھن مھل چپ چرندا نظر ٿي آيا، تنھن مان
سمجھيم تھ پاڻ سان پيو ڳالھائي.
ھن نامعلوم چرئي کي مون وٽ آئي ٻھ ھفتا گذريا ھئا، مون کي وڌيڪ
ڪا خبر نھ پئي اٽلو کائڻ پيئڻ بھ بند ڪري ڇڏيائين
۽ ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿيندو ويو. لاچار ھن جي
حياتي بچائڻ خاطر، زبردستي رٻڙ جي نليءَ جي ذريعي
کاڌو پھچائڻ ضروري ٿي پيو، ۽ ننڊ آڻڻ لاءِ سين ھڻڻ
جي ضرورت بھ محسوس ٿي. ٻن ھفتن جي علاج مان ھن جي
پوري طاقت بحال ٿي وئي ۽ ھاڻي پاڻھي کائڻ پيئڻ بھ
شروع ڪري ڏنائين. باقي موڳائي ساڳي رھيس، نيٺ
بجليءَ جو علاج شروع ڪرڻو پيو. ٻن ھفتن جي علاج
کان پوءِ سندس چھري تي رونق ڏسڻ ۾ آئي. جمعدار کان
معلوم ٿيو تھ مون سان ملڻ ٿو گھري، ٻن ڏينھن کان
پوءِ جمعدار ھن کي مون وٽ وٺي آيو، سندس بشاش چھرو
ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. ڪرسيءَ تي ويھندي شرط
چيائين، ”ڊاڪٽر صاحب! ھي ڇا ڪيئي؟ مون کي جنھن
حالت ۾ ھوس، ان ۾ رھڻ ڏيو ھا.“
مان: آئون سمجھي نٿو سگھان تھ جنھن زندگيءَ ۾ جانور بھ رھڻ پسند
ڪين ڪندا تنھن ۾ تون وري ڪيئن موٽي وڃڻ ٿو گھرين؟
ھو: بيخوديءَ ۾ رھڻ کي ھن زندگيءَ کان وڌيڪ سھڻو ٿو سمجھان! ھن
مڪار دنيا کان انسان بھتر آھي تھ پري رھي!
مان: منھنجا دوست! دنيا جي خطرن کان ڊڄي ڀڄڻ گدڙن جو ڪم آھي،
مرد اھو آھي جو مڙس ٿي ھن جو مقابلو ڪري، نھ ڪري
ائين پٺ ڏيئي ڀڄي.
ھو: منھنجي مجبوريءَ کي جيڪڏھن اوھين ڏسو ھا تھ اوھين بھ ائين
ڪريو ھا، جيئن مون ڪيو آھي.
مان: مجبوري ...... (کلي) .... مجبوري.... تو جھڙو تندرست ۽
توانا جوان ۽ مجبوري!!
ھو: ھائو مجبوري! ڪاش منھنجي جڳھھ تي اوھين ھجو ھا
تھ الائي ڪيئن منھن ڏيو ھا!
مان: آئون اوھان جي مجبوري بابت بھ تھ ٻڌان پوءِ فيصلي ڪرڻ
جھڙو ٿيندس.
منھنجي ڳالھھ ٻڌي ھو ويچار ۾ پئجي ويو انھيءَ وچ ۾ ڪڇيو بھ ڪين،
مان ڪري ھن کي تڪيندو رھيس، ڇاڪاڻ تھ اسان جي
گفتگو ڪجھھ اھڙي ھنڌ پھتي ھئي، جيڪڏھن ٿورو بھ
گفتو ڪڍان ھا تھ منھنجي طرفان غلط قدم ٿئي ھا ۽ ھو
جيڪر ٽھي وڃي ھا ۽ پوءِ شايد وڌيڪ پنھنجو وات نھ
کولي ھا.
مون ڏٺو تھ پاگل من ھڻي رھيو ھو تھ چوان يا نھ چوان.
ھن مون ڏانھن نھاريو پر آئون بنھھ ماٺ ۾ ھن کي تڪي رھيو ھوس،
نيٺ ھڪ ٿڌو شوڪاري ڀري چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب، دل
نٿي چوي تھ ڪجھھ ڪڇان.“
مان: بنا ڪنھن معلومات جي آئون اوھان کي ڪھڙي صلاح ڏيئي
سگھندس، جڏھن اوھان حال معلوم ٿيندو تڏھن تھ چئي
سگھندس تھ آئون غلطيءَ تي ھوس يا نھ.
پاگل: چڱو ڀلا ٻڌو:
آئون وري چپ ھوس تھ متان ھو پنھنجو خيال بدلائي نھ ڇڏي.
پاگل: منھنجو نالو عبدل آھي، آئون ڪوٽ لالو جي زميندار ھاشم جو
ننڍو پٽ آھيان. ستن ورھين جو ھوس تھ منھنجو پيءُ
لاڏاڻو ڪري ويو، اسين ڪل ٽي ڀائر ھئاسين، پيءُ جي
مرڻ وقت منھنجي وڏي ڀاءُ جي عمر سترھن ورھين ھئي،
پيءُ جي سرڳواسي ٿيڻ وقت منھنجي ماءُ ڏاڍي حيران ۽
پريشان ھئي تھ ٻارن جو ڇا ٿيندو. پر منھنجي وڏي
ڀاءُ ڏاڍي ھمت کان ڪم ورتو ۽ ماءُ کي چيائين تھ ڪو
الڪو نھ ڪري، پھريائين ھن جو خيال ھو تھ مئٽرڪ تھ
پاس ڪئي اٿس. ھاڻ ان کان اڳتي وڌيڪ پڙھي، پر پيءُ
جي مرڻ کان پوءِ ڪٽنب جي سنڀالڻ جو مٿس وڏو بار
پئجي ويو، تنھنڪري ٽنڊي آدم جي ڪارخاني واري
نرملداس وٽ ٽن سون روپين تي ھن جي ڪارخاني سنڀالڻ
واري ڪم تي مقرر ٿيو پنھجي زال سوڌو اوڏانھن ھليو
ويو، دادا ڪندن لال اسان جي لاءِ وڏو ٻليدان ڪيو
ھو. انھيءَ جو ذڪر ماتا اسان سان ھميشھ ڪندي ھئي.
ٽنڊي آدم مان ھر مھيني ٻھ سئو روپيا ماتا کي اسان
جي خرچ لاءِ موڪليندو رھندو ھو. خدا جي قدرت جو
ڇھن مھينن کان پوءِ نرملداس جي موٽر ۾ پنھنجي زال
سان شھداد پور وڃي رھيو تھ رستي ۾ ٽرڪ سان ٽڪرائڻ
جي ڪري، سندس استري جا گرڀ سان ھئي، مري وئي اسان
سڀني کي ڏاڍو ڏک ٿيو پرماتما جي اڇا تي سواءِ
ڌيرج جي ٻيو ڪو چاڙھو نھ ھو. ٻن ٽن سالن کان پوءِ
ماتا وري کيس پرڻائڻ جو ارادو ڪيو، پر اھو چئي تھ
مون کي سندر ۽ ليلان کي جھلو ڏيڻو آھي، ۽ شيلا جو
ڌيان اندر مان اڃا ڪونھ ويو آھي، تنھنڪري وھانءُ
نھ ڪندس، دادا جي اھڙن خيالن تي ماتا چپ ٿي ويندي
ھئي.
ڏينھن ويا گذرندا، نرملداس جي ڪارخاني کي دادا اھڙو سنڀاليو جو
نيٺ سندس پگھار پندرھن سئو روپيا اچي ٿي آھي ۽
ڪارخاني ۾ سندس حصو بھ ڪجھھ رکيل آھي.
آئون حيدرآباد ڪاليج مان، بي اي ۽ ليلان بي، اي پاس ڪري موٽي
آيا آھيون، سٿي گھر ۾ خوشي لڳي پئي آھي تھ سڀاڻي
داد ڪندن اچڻو آھي، ماتا منھنجي ڪمري ۾ رات لنگھي
آئي ۽ چوڻ لڳي:
ماتا! ڏس سندر! ڪننر سڀاڻي ايندو ۽ ضرور توکي شادي ڪرڻ لاءِ
چوندو، پر تون چئجانءِ، تھ شادي ڪندس پر ھڪ شرط تي
تھ دادا پھريائين شادي ڪندو پوءِ مان.
مون شرم کان لڄارو ٿيندو ماتا سان اقرار ڪيو، دادا ڪندن ڪراچي
ويل ھو ۽ اتان سڌو ڳوٺ آيو ھو پاڻ سان ليلان لاءِ
ساڙيون ۽ منھنجي لاءِ سوٽن جو ڪپڙو آندو ھيائين،
رات جو ماني ٽڪي کائي سڀ اچي گڏ ٿياسين، داد ڪند
ماتا کي پيرين پوندي چوڻ لڳو:
ماتا! ايشور جي ڪرپا آھي جو ليلان ۽ سندر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيا
آھن منھنجي خيال ۾ ھاڻي گھڻو ترسڻ نھ گھرجي، انھن
ٻنھي جو ڪٿي نھ ڪٿي سنٻنڌ ڪرڻ گھرجي.
ماتا: ايشور ڪندو تھ انھن جو بھ بندوبست ٿي ويندو مون کي تھ
تنھنجي چنتا لڳي پئي آھي.
ڪندن: ماتا مون کي وڌيڪ نھ چئو، منھنجي اڇا شاديءَ تي نھ آھي
سندر ۽ ليلان جي چنتا ڪرين تھ چڱو.
سندر: ماتا! آئون ھڪ شرط تي وواھ ڪرڻ قبوليندس، جيڪڏھن دادا
ڪندن پھريائين پاڻ انھيءَ لاءِ تيار ٿئي.
ڪندن: مون تي گھڻو زور نھ آڻيو نھ تھ آئون سڀاڻي ھليو ويندس.
ماتا: پٽ! اھڙي ڳالھھ نھ ڪر، ماءُ جي دل نھ ڀڃ، ڪنھن کي سڌ ھئي
تھ شيلا ٿوري اوستا وٺي آئي ھئي، ڏسندي ڏسندي
اکيون پورجي ويندس ۽ منھنجي لال کي داغ ڏيئي
ويندي، آئون تنھنجي واٽ ڏسي رھي ھيس تھ تون ايندين
تھ سڀ ڪجھھ فيصلو ٿيندو.
دادا ماتا جي زور ڀرڻ تي چپ ٿي ويو، انھيءَ ماٺ کي چڱو سوڻ
سمجھندي مون چيو:
دادا! جو چوڻ بھ ڪو موٽائبو آھي! انھيءَ تي ويچار ڪريو، ماتا
آئون سڀاڻي حيدرآباد ويندس، ليلان ۽ پنھنجو
سرٽيفڪيٽ وٺي ايندس، مون کي پڪ آھي تھ دادا اوھان
جو چيو نھ موٽائيندو.
رات جو بستري تي انھن سمورين ڳالھين جو نقشو منھنجي خيالن ۾
ڦرڻ لڳو، جڏھن پنھنجي شاديءَ جو ڌيان آيو تھ آئون
سوچڻ لڳس تھ منھنجي شاديءَ جو ڇا ٿيندو! ڇا ماتا ۽
دادا جتي آئون سنٻنڌ ڪرڻ ٿو گھران، منھنجي ڳالھھ
مڃيندا، وري خيال آيو تھ ماتا ۽ دادا کي مون سان
گھڻو پريم آھي، تنھنڪري جتي گھرندس شادي ڪرڻ کان
انڪار نھ ڪندا، اھي ويچار ڪندي منھنجي ڌيان جو پکي
ڪاليج زندگيءَ ڏانھن اڏامي ويو. جتي ھوءَ امتحان ۾
پاس ٿي ھئي ۽ انھيءَ ڏينھن ڳوٺ وڃڻ واري ھئي، اسان
ھڪ ٻئي سان موڪلائي رھيا ھئاسين:
مان: راڌا! مون کي وساريندينءَ تھ ڪين؟
راڌا: ڀڳوان ڪري جو اوھان کي وساريان، باقي (اکيون ڦڙڪائيندي)
مردن جي پريم جو ڪو اعتبار ڪونھي.
مان: ياد رک! چيو ويو آھي تھ استري ھر ڳالھھ ۾ ڪمزور ثابت ٿي
آھي.
راڌا: (ھون!) ڪتابن ۾ تھ اھو ڏيکاريو ويو آھي تھ ڌوڪو ھميشھ پرش
ئي ڏيندا آھن، جتي ڪو سھڻو گل نظر آيو تھ ڀنور
وانگر اتي ئي پيا ڦيريون ڏيندا آھن.
مان: راڌا! تون ڀليل آھين، ھڪ ڀيرو ڪو ھردي ۾ سمائجي ٿو وڃي تھ
ان کي ڪڍڻ ايترو سولو نھ آھي، منھنجي وڏي ڀاءُ
ڪندن کي نٿي ڏسين، جو ھيترا سال گذري ويا آھن تھ
بھ پنھنجي مئل پتني شيلا کي اڃا تائين نٿو وساري ۽
ٻي شادي ڪرڻ کان انڪار ٿو ڪري.
راڌا: برابر ڪندن جو ڏاڍو انوکو آھي، سچ پچ اھا استري ڀاڳوان
ٿيندي، جنھن سان ڪندن جو وواھ ٿيندو.
مان: ھا! مگر دادا پھريان پرڻجڻ تھ قبول ڪري، راڌا! ڀلا اتي ملڻ
جي ڪا اميد آھي؟
راڌا: متان اھڙو خيال ڪيو اٿو، لوڪ لڄا جو بھ تھ ڪو خيال ڪريو.
ڪاليج جو ماحول ھڪڙو ۽ ٻھراڙيءَ جو ماحول ٻيو.
ائين خيالي پلاءَ پچائيندي ننڊ اچي وئي، ٻئي ڏينھن ناشتو پاڻي
ڪري اسٽيشن تي حيدرآباد روانو ٿي پيس. حيدرآباد
پھچي پنھنجو ۽ ڀيڻ جو سرٽيفڪيٽ ھٿ ڪيم، ڪاليج ۾ ٻھ
خط منھنجي نالي تي مليا، ھڪڙو خط منھنجي دوست
ڪرشنداس جو ھو جنھن جي شادي ٿي رھي ھئي، جنھن ۾ ھن
لکيو ھو تھ آئون جلدي لاھور ھليو اچان ۽ کيس
شاديءَ جي بندوبست ڪرڻ ۾ مدد ڏيان، ٻيو خط بھ ديال
سنگ ڪاليج لاھور مان آيل ھو، جنھن ۾ انھن منھنجي
درخواست تي انٽريو لاءِ گھرايو ھو، آئون نھايت
خوشيءَ ۾ ڀرجي ٻئي ڏينھن ڳوٺ پھتس. مون کي ايتري
خوشي ھئي جو ڳوٺ ۾ ڇا ٿي گذريو، تنھن تي ڌيان ئي
ڪونھ ڏن، ماتا جا پير ڇھي کيس آشيرواد ڏيڻ لاءِ
چيم.
ماتا: سندر! ڇا آھي! توکي ايتري خوشي ڇا جي آھي؟
ڇا توکي بھ خبر پئجي وئي آھي؟
سندر: ھا ماتا! ٻھ خط گڏ مليا آھن، لاھور مان، ھڪ ھرڪشن منھنجي
دوست جي شاديءَ جو ۽ ٻيو نوڪريءَ جو ڪوٺ جو.
ماتا: اري تون تھ ڪو چريو آھين، آئون ڳالھھ ڪندن جي ٿي ڪريان تھ
توکي لڳي آھي لاھور جي: پر سج اھا بھ تھ خوشيءَ جي
ڳالھھ آھي، ڀاڳ کلندو آھي تھ چئني پاسن کان.
مان: ھا ماتا! دادا ڪندن بابا ڇا آھي؟
ماتا: ڪندن پرڻجڻ قبول ڪيو آھي.
ماتا: واه واه! ماتا اڄ تھ ڏاڍيون خوشخبريون پيون ٻڌجن.
ماتا: تو وئين تھ ڪندن بھ ڳوٺ جي ماڻھن سان ملڻ لاءِ ويو.
مان: ڪنھن ڪنھن سان وڃي مليو.
ماتا: گھڻو ڪري سڀني سان. گرڌاري مل، بھاري لال، شام نارائڻ،
بنواري داس وغيره. اھي ماڻھو ھن سان ملي ڏاڍو پرسن
ٿيا. ٻي مزي جي ڳالھھ آھي تھ سڀني کيس ڏاڍو شرمندو
ڪيو ۽ زور آندائون تھ ماتا جو چيو ڪڏھن نھ
موٽائجي. بھاري لال جي ڌيءَ شانتا بھ نڪري آئي ھن
اچي کيس پرڻام ڪيو ۽ جڏھن شام نارائن جي گھر پھتو
تھ ھن جي راڌا بھ اچي کيس نمسڪار ڪيو.
مان: ڀلا پوءِ انھن سڀني کي ڪھڙو جواب ڏنائين.
ماتا: خبر اٿئي ڇا چيائين.
مان: ڀلا ٻڌاءِ بھ.
ماتا: سڀني کي چيائين تھ اوھان وڏن جي ڳالھھ ڪيئن ٿو موٽائي
سگھان، ٻيو ٻڌ، بھاري لال کي چيائين تھ ماتا کي
اوھان وٽ موڪليندس. ھن کي ڪنوار ھٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪريو
۽ شام نارائڻ کي چيائين تھ منھنجي ۽ ڀاءُ سندر جي
وھانءَ جو بھ بندوست جيرو جلد ٿئي تھ چڱو. ھن کي
بھ چيائين تھ ماتا کي تو وٽ موڪلي ڏيندس.
ايتري ۾ دادا ڪندن بھ ٻاھران گھمي آيو ۽ مون موقعو سٺو سمجھي
کيس چيو: دادا اڄ ماتا تھ خوشيءَ ۾ نٿي سمائجي.
ھاڻي جيترو جلد ٿئي شادي ڪري وٺو.
پوءِ مون پھريائين ديال سنگ ڪاليج وارو خط کيس ڏيکاريو ۽ ٻيو
ھرڪشن جو، ٻئي خط پڙھي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کان
پچيائين تھ لاھور ڪڏھن ٿو وڃين؟ مون کيس چيو تھ
ھفتي کان انٽرويو آھي ۽ ٻن ھفتن کان پوءِ ھرڪشن جي
شادي، تنھنڪري پرينھن لاھو روانو ٿي ويندس.
ڪندن: ڏاڍو چڱو، جيسين تون موٽي ايندين تھ ھتي وري منھنجي شادي
تيار ملندءِ.
ھرڪشن جي شاديءَ جي خير خوبيءَ سان ٿي گذري، آئون لٿو بھ وڃي
ھوس، ھرڪشن جي گھر، سندس ڀيڻ پرڀا منھنجي ڏاڍي ٽھل
ڪئي، نھايت سلڇڻي ڇوڪري ھئي، منجھس ڪي عادتون راڌا
جھڙيون ھيون، لاھور جو اھو وقت بھ ڏاڍو ياد رھندو.
ديال سنگ ڪاليج وارن مون کي ڇھن سون روپين تي
انگريزي پاڙھڻ لاءِ چونڊيو، پر چيائون تھ موجوده
پروفيسر ٽن مھينن کان پوءِ رٽائر ٿيڻو آھي،
تنھنڪري مون کي ٽن مھينن کان پوءِ شامل ٿيڻ جو وچن
ورتائون، لاھور کان موٽڻ بعد خبر پيم تھ دادا جو
وھانءُ پنجن ڏينھن کان پوءِ ٿيڻو آھي.
پھچڻ جي پھرين ڏينھن ٿڪ جي سبب آئون سڄو ڏينھن آرامي ھوس، مون
کي ٿڪل سمجھي ڪنھن بھ تڪليف نھ ڏني، ٻئي ڏينھن
پنھنجي ڀيڻ ليلان کان پڇيم: ليلان! آئون ايترو تھ
پنھنجن ئي ڳالھين ۾ منجھيو پيو ھوس جو ڪنھن کان بھ
پڇي ڪونھ سگھيس تھ دادا جو سڱ ڪٿان ٿيو آھي؟ ڀلا
خبر چار تھ ٻڌاءِ!
ليلان: ماتا توکي ڪين ٻڌايو ھو تھ جڏھن تون ھڪ ڏينھن لاءِ
حيدرآباد ويو ھئين تھ دادا ڪندن ڳوٺ جي سڀني ماڻھن
کان ملي آيو ھو.
مان: ھا، ھا! سا تھ خبر اٿم.
ليلان: ماتا اھو بھ ٻڌايو ھو تھ بھاري لال جي ڌيءَ شانتا ۽ شام
نارائڻ جي ڌيءَ راڌا دادا کي نمستي ڪرڻ لاءِ آيون
ھيون.
مان: ھا! اھا بھ خبر اٿم.
ليلان: انھن ٻن ڇوڪرين جا پتا کي اھو بھ چي ھيائين تھ ماتا کي
موڪليندس، ھن کي ڪنوار ھٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪجو.
مان: ديدي! اھا سڀ خبر اٿم، ڳالھھ کي ڊگھو ڇو ٿي ڪرين، اصل
ڳالھھ ڇو نٿي ٻڌائين.
ليلان: ڌيرج ڌر، سڀ ڪجھھ ٿي ٻڌايان، جڏھن انھن وٽان ٿي آيو تھ
ماتا سان سڄي ڳالھھ اوريائين ۽ پڇاڙيءَ ۾ چيائين
تھ، ماتا! ڏاڍي اچرج جي ڳالھھ آھي تھ راڌا جو
مھانڊو منھنجي اڳين استري شيلان سان گھڻو ملي ٿو.
۽ ماتا چيس: ”ڪندن توکي شايد خبر نھ آھي تھ راڌا شيلا جي
چاچي جي ڌيءَ ٿئي، تنھنڪري انھن جي شڪل ھڪ جھڙي
ھجڻ ۾ اچرج ڇا جو آھي.“
۽ پوءِ ڪندن: ماتا کي چيو: ماتا! جيڪڏھن شام نارائڻ راضي ٿي
پوي تھ آئون تيار آھيان.
۽ ماتا چيس: ”شام نارائڻ تھ ھڪ پير تي بيٺو آھي رڳو منھنجي چوڻ
جي دير آھي، پر تون جو بھاري لال کان پھرين ٿي
آيو آھين تنھنڪري ھن کي ڪو.
تھ ڪندي چيس: ”مون انھن کي چيو ھو تھ ماتا کي موڪليندس،
تنھنڪري تون رڳو شام نارائڻ وٽ ئي وڃج.“
پوءِ تھماتا شام نارائڻ کان راڌا جو سڱ گھريو ۽ ھو تيار ٿي ويو،
اھا اٿئي سڄي خبر، ھي ٻڌندي ئي منھنجيون وايون
بتال ٿي ويون، تقدير جي چڪر مون سان
................ جنھن ڇوڪريءَ کي مون وچن ڏنو ھو
تنھن کي منھنجو ڀاءُ پرڻجڻ لاءِ تيار ٿي ويو، آئون
مجبور ھوس، ھاڻي ڇا ٿي ڪري سگھيس، ھن ڀاءُ کي جنھن
جي ڪرپا سان اڄ آئون سندر لال آھيان.
ھي عجيب و غريب داستان ٻڌي آئون حيران رھجي ويس، پر مون کي
سندر لال تي نفسياتي اثر وجھڻ جو سھڻو موقعو ملي
ويو.
مان: سندر لال! وڏي افسوس جي ڳالھھ آھي تھ ھڪ ڀاءُ جنھن پنھنجو
تن من ڌن سڀ ڪجھھ توتي قربان ڪري ڇڏيو، تنھن کي جي
شروعات ۾ خبر پوي ھا تھ اھو بھ توتان قربان ڪري
ڇڏي ھا، پر حقيقت ۾ اوھان سڀني ھن تي زور آندو تھ
شادي ڪري. ھاڻي جيڪڏھن ھن کي اصل معاملي جي خبر
پئجي وئي تھ ھو دل شڪستو ٿي پوندو، تنھنڪري توکي
کپي تھ ھمت کان ڪم وٺي پنھنجي ڀاءُ تي قربان ٿي
وڃ. ڇوڪريون دنيا ۾ ھڪ کان ھڪ سٺيون سلڇڻيون پيون
آھن، پنھنجي داستان ۾ تو خود مون کي ٻڌايو تھ
تنھنجي دوست ھرڪشن لاھور واري جي ڀيڻ بھ توسان چڱا
پير ڀريا ھئا. تنھنجو ڀاءُ ۽ تون ڪوشش ڪندا تھ اھو
سڱ تنھنجي لاءِ نھايت سٺو ثابت ٿيندو، باقي ياد رک
تھ پنھنجي ڀاءُ سان انھيءَ بابت ڪڏھن ڀڻڪو بھ نھ
ڪڍج. ھاڻي مون کي پنھنجي ڀاءُ جو پتو ڏي تھ آئون
ھن کي ھتي گھرائي سڄو معاملو درست ڪري ڇڏيندس.
ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ ھن مون کي اجازت ڏني، مون تار ڏيئي ڪندن
لال کي گھرائي ورتو، تار پھچندي ڪندن لال ھن جي
ننڍي ڀيڻ ۽ ماءُ ھڪدم اسپتال اچي پھتا. مون انھن
کي ٻڌايو تھ ڪيئن مغز خراب ھئڻ سبب سندر ڪوئٽيا
وڃي نڪتو ھو ۽ ڪيئن ھتي داخل ٿيو ھو، ۽ ڪيئن ھن
کان ئي سندس پتو وٺي کين ھتي گھرايو اٿم. مون انھن
کي ٻڌايو تھ سندرلال ڊڪ ڊوڙ ۾ پنھنجي زھني طاقت
وچائي چڪو ھو تنھنڪري سندس مغز خراب ٿي پيو ھو.
مون کين اشاري سان ٻڌايو تھ ھرڪشن لاھور واري جي
ڀيڻ سان سندس شادي ٿي پوي تھ آئنده لاءِ ھن جو
دماغي توازن ھميشھ ٺيڪ رھندو.
ناحق
کيچمند کي مون وٽ چرين جي اسپتال ۾ آئي قريب قريب ھڪ مھينو اچي
ٿيو ھو ۽ آئون ھن بابت گھڻو پريشان ھوس، ڇاڪاڻ تھ
جڏھن مون شروعات ۾ ھن کي تپاسيو ھو تھ ھو مون کي
ڏاڍو اداس ۽ فڪر مند نظر پئي آيو، سوال جواب ڏيڻ
مھل ھن مون کي پوري طرح جواب ڪونھ ٿي ڏنا. ھن جي
اداسيءَ فڪرمندي ۽ پوري طرح جواب نھ ڏيڻ مون کي
ڀنڀلائي وڌو ۽ حقيقت ۾ مون کان تشخيص ۾ غلطي ٿي
ھئي، مون ھن کي برابر چريو سمجھيو ھو، پر جيئن
ڏينھن گذرندا ويا، مون کي خود پنھنجي تشخيص ۾ شڪ
پيدا ٿيڻ لڳو.
کيچمند ذات جو گجراتي لوھاڻو ھو، لوھاڻي ذات جا ماڻھو گھڻو ڪري
ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ گھڻا رھندا آھن، ھن کي ڪراچي جي
ھڪ مئجسٽريٽ، پوليس جي چوڻ تي سنئون سڌو چريو ثابت
ڪري ڏياري موڪليو ھو، مون کي انھيءَ ڳالھھ تي ئي
شڪ ڪرڻ کپندو ھو، پر مٿين علامتن مون کي ڌوڪي ۾
وجھي ڇڏيو ھو، ھن کي ٽئين درجي جي عام وارڊ ۾ داخل
ڪيو ويو ھو.
کيچمند جي عمر اٽڪل چوويھن سالن جي ھئي ۽ ھڪ سھڻو ڳڀرو جوان نظر
ٿي آيو جيتوڻيڪ غريب ھو پر ڏاڍو صاف ۽ سٿرو رھندو
ھو، افسوس تھ اھو آھي جو انھيءَ ڳالھھ بھ منھنجو
ھن طرف ڌيان نھ ڇڪايو تھ چريا عام طرح صاف صاف ۽
سٿرا نھ رھندا آھن.
پھريائين تھ جڏھن کي پوليس ڪراچي مان آڻي ھتي ڇڏي وئي تھ ھن کي
چرين جي اسپتال ۽ ماڻھن جو ڏاڍو ھراس ۽ ڊپ ھو،
انھيءَ ڊپ کان ھن کي رات جو ننڊ بھ ڪين ايندي ھئي،
انھن سڀني اطلاعن گڏجي اھڙو نقشو پيش ڪيو ھو، جو
مون جھڙو بيدار شخص بھ ڌوڪو کائي ويو، پر جيئن
وقت گذرندو ويو تھ ھن کي بھ آٿت ۽ سڪون ايندو ويو،
اسپتال جي ماڻھن کان آھستھ آھستھ ڪئو کائڻ بھ ڇڏي
ڏنائين.
منھنجو اسپتال ۾ ھميشھ ھي دستور رھيو آھي تھ ڪنھن بھ بيمار جي
داخل ٿيڻ شرط علاج شروع نھ ڪندو ھوس، بلڪھ ڪجھھ
ڏينھن جاچي پوري نقيش ڪري بيماري مقرر ڪري پوءِ
علاج شروع ڪندو ھوس، کيچمند جي حالت ۾ بھ ائين
ڪرڻو پيو، نقيش ڪندي ئي ڪيترن ڳالھين جي پاڻ مرادو
خبر پوندي وئي.
جڏھن ھن جي دل تان اسپتال جو ھراس لھي ويو تھ ٻڌڻ ۾ آيو تھ ھاڻي
ھن کي ننڊ بھ چڱي طرح اچي رھي آھي ۽ پڇڻ تي ھر
ڪنھن ڳالھھ جو پورو پورو جواب بھ ڏئي ٿو.
ھڪڙي ڏينھن مون کي اچي چيائين تھ ھو ھندو لوھاڻو آھي، تنھنڪري
پڪو وئشنو آھي، ھن کي کاڌي ۾ ماس ۽ مڇي نھ ڏيڻ ۾
اچي تھ وڏي مھرباني ٿيندي.
مون جڏھن پھرين ڀيري ٻڌو تھ ھو ھندو لوھاڻو آھي مون ھن سان
گجراتيءَ ۾ ڳالھايو، مون کي گجراتي ٻولي بلڪل
گجراتين وانگر ڳالھائڻ ايندي ھئي، مون کي گجراتي
ڳالھائيندي ٻڌي، ھن کي ڏاڍي ھمت آئي ۽ اچي مون سان
کليو.
ڊاڪٽر صاحب! آئون چريو ڪين آھيان، مون سان ڏاڍو ويڌن ۽ جٺ ٿي
آھي، مون تي ڏاڍو ظلم ڪيو ويو آھي ھوند وارن ھڪ
غريب مسڪين مزدور کي منصوبو ٺاھي ھتي ڦاسائي
موڪليو آھي.
ھن جو اھو چوڻ مون کي يڪدم شڪ جاڳيو تھ متان وھم جون علامتون نھ
ھجن، پر ھن يڪدم منھنجو شڪ دور ڪرڻ شروع ڪيو.
”ڊاڪٽر صاحب! مون کي پوليس وارن وڏن ماڻھن جي چوڻ تي خواه
مخواه ماريو آھي.“
تنھن تون مون کيس چيو تھ مئجسٽريٽ جي رپورٽ ۾ آھي تھ چريائي جي
حالت ۾ پاڻ کي خود ڌڪ ھنيا آھن، انھيءَ چوڻ تي ھن
يڪدم قميص لاھي مون کي پٺا ڏيکاري چيو: ”ڊاڪٽر
صاحب! ڇا مون پنھنجن پٺن تي بھ خود ڌڪ ھنيا آھن.“
مون ڏٺو تھ حقيقت ۾ ھن جي پٺن تي ڌڪن جا نشان بيٺا ھئا جو سڀ
ڪجھھ ھن لاءِ ناممڪن ھو تھ پنھنجن ھٿن سان آھي تھ
پٺيءَ تي پاڻ کي پاڻ ڌڪ ھنا ھوندائين.
مون کي شروعات ۾ ئي ھن جي ھتي موڪلڻ جي طريقي ۾ ئي شڪ ھو، اھو
شڪ آقي باقي مضبوط ٿيندو ويو، مون مئجسٽريٽ جي
موڪليل جي ڪاغذن کي چتائي پڙھيو ۽ کيس مخاطب ٿي
چيو: ”مئجسٽريٽ توکي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ڏانھن
موڪليو ھو.“
کيچمند: سائين ھائو! پر پوليس جنھن مون کي ماريو ھو، تنھن
ڊاڪٽر کي منھنجا ٻاھريان ڌڪ ڏيکاري اطمينان
ڏياريو تھ مون خود پاڻ کي اھي ڌڪ ھنيا آھن.
مان: ڇا تو ڊاڪٽر کي پنھنجي پٺن وارا ڌڪ نھ ڏيکاريا، جيئن ھتي
تو مون کي ڏيکاريا آھن؟
کيچمند: نھ سائين پوليس جي مار کان آئون اڳي ئي اڌ مئو ٿيو پيو
ھوس، مون کي ھوش ئي نھ رھيو جو اھي ڌڪ ڏيکاريان.
ٻيو سائين......
مان: ھٻڪين ڇو ٿو؟ ٻڌائين ڇو نٿو؟
کيچمند: سائين! ڊاڪٽر صاحب کي ھڪ ٻئي ماڻھوءَ بھ ڪن ۾ اچي ڪجھھ
چيو، ھو بھ انھن ماڻھن جو طرفدار ٿي بيٺو.
مان: صاف صاف ڇو نٿو ٻڌائين تھ ڇا ٿيو ھو؟
کيچمند: ڊاڪٽر صاحب ڳالھھ ٿوري ڊگھي آھي متان اوھان تي بھ زور
آندو وڃي ۽ ٻيو تھ ڳالھھ ڪجھھ اھڙي آھي! متان
اوھان بھ ناراض نھ ٿي وڃو!
مان: بابا ڏس! مان ڪنھن جي ڳالھين ۾ اچڻ وارو نھ آھيان،
جيستائين مون کي سربستو احوال ڪين ٻڌائيندين تھ
مان تنھجي مدد ڪيئن ڪري سگھندس، ھن کان سواءِ
تنھنجو ڇوٽڪارو آھي ئي ڪونھ.
ڏٺم تھ کيچمند ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو، نيٺ ھڪ ٿڌو ساه ڀري چيائين:
”سائين! اڄ ڇڏيو سڀاڻي ٻڌائيندس.“
مون ڏٺو تھ بھتري انھيءَ ۾ آھي تھ ھن کي پنھنجي مرضي تي ڇڏي
ڏجي، ٻئي ڏينھن کيچمند کي گھرايم، ايندي شرط
منھنجي پيرن تي ڪري پيو ۽ روئي ڏنائين.
کيچمند: ڊاڪٽر صاحب! آئون ھٿ گاڏي تي پتل، ٽامي ۽ چينيءَ جا
باسڻ ڦيري ڪري وڪڻندو آھيان، محنت مزوري ڪري چار
پئسا پيٽ پالڻ لاءِ ڪمائيندو آھيان، ھڪ ڏينھن
آئون ھڪ بنگلي ۾، جو ھڪ ڪانگريسي ليڊر آيو آھي،
باسڻ وڪڻڻ لاءِ ويس، انھيءَ جا چار ٻچا سڀ نڪري
آيا ۽ مون کان گھڻا ٿانو خريد ڪيائون، ٻئي ڏينھن
بھ آئون ھتان لانگھائو ٿيس. انھيءَ ڏينھن بھ
انھيءَ ليڊر جي ھڪ ڌيءَ نڪري آئي ۽ ٿانو ورتائين،
آئون مسڪين ماڻھو، مون ڀانيو تھ منھنجو ڌنڌو پيو
ٿئي، پر مون کي ڪجھھ شڪ گذريو ڇوتھ جيڪو اگھھ
چوندو ھوس سو ڏيندي ھئي ۽ ھر ڏينھن ڇوڪري ڪجھ نھ
ڪجھھ خريد ڪري وٺندي ھئي، ھاڻي آئون ڊڄڻ لڳس ۽
اتان جلدي نڪري وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس، پر ڇوڪري
سڏ ڪري بيھاري ڪجھھ نھ ڪجھھ خريد ڪري وٺندي ھئي،
ھڪڙي ڏينھن ڇوڪريءَ مون کان پڇيو تھ آئون گجراتي
لکي پڙھي. مون ھا ڪئي، ٻئي ڏينھن بھ ڇوڪريءَ مون
کي سڏي ڪجھھ ورتو ۽ ھڪ چٺي منھنجي ھٿ ۾ ڏنائين
جنھن ۾ پنھنجو عشق ڏيکاريائين، آئون نٽائيندو گھڻو
ئي ھوس، پر ڇوڪري منھنجي گلي پئجي وئي. نيٺ آئون
بھ انسان ھوس، دولاب ۾ اچي ويس، ڇوڪريءَ جي مائٽن
کي خبر پئجي وئي. سو ھڪ ڏانھن باسڻ خريد ڪرڻ جي
بھاني سان گھرائي مون سان اگھھ تي جھيڙو ڪري
وڌائون. پوليس اچي وئي، نڪا ھم نڪا تم، لٺين جو
وسڪارو منھنجي مٿان پئجي ويو ۽ مون کي ٿاڻي گھلي
ويا، جتي مون کي خوب ماريائون ۽ پوءِ مئجسٽريٽ وٽ
وٺي آيا، جتان ڪجھھ ڪاغذ وٺي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويا،
جنھن سرٽيفڪيٽ ڏنو، ۽ پوءِ ٻئي ڏينھن مئجسٽريٽ کان
حڪم نامو وٺي ھتي کڻي آيا.
کيچمند جي ڳالھھ ٻڌندي آئون سڄو معاملو سمجھي ويس تھ ڪيئن پوليس
ھن کي ڏاڍي چالاڪيءَ سان ڦاسائي وڌو، پر ھن ۾ شڪ
نھ آھي تھ کيچمند جو ھن ۾ وڏو قصور ھو جو عشق جو
ھو شڪار ٿي ويو، کيس وڌيڪ آزمائڻ لاءِ مون چيو.
مان: کيچمند! تون رڳو اھو ڪو بدمعاش ٿو ڏسجين، توکي شرم ڪونھ
آيو تھ تو ڪن شريفن جي عزت ۾ ھٿ وڌو.
کيچمند: سائين! ھن ۾ منھنجو ڏوھ ئي ڪين آھي، مون گھڻو ئي نٽايو
پر ڇوڪري منھنجي جند ئي نھ ڇڏي، اھو اڄڪلھھ جي
تعليم جو نتيجو آھي، آئون ھڪ مزرو ماڻھو ڪٿي اھڙا
ڪم ڪري ٿو سگھان!
مان: ھاڻي جڏھن ابتو ڪم ڪيو اٿئي تھ ويٺو بھ لوڙ اھو ٻڌندي
اوڇنگاروڻ ڏيئي روئڻ لڳو.
کيچمند! سائين! ائين نھ چئو، ڀڳوان ٿو ڄاڻي، ھن کي اندر جي سڀ
ڪجھھ خبر آھي، آئون مفت مارجي ويو آھيان، ھٿ
گاڏيءَ ۾ پنجن سون جو مال ھو سو سڀ ويو، ھاڻي سيٺ
کي پئسا ڪٿان ڏيندس. مون ھن وٽ اٺ سئو روپيا
روڪڙا رکيا ھئا، تڏھن پنجن سون جو مال ڏنو
ھيائين، ھڪڙي ٻڍڙي ماءُ اٿم ۽ ھڪ وڏي ڀيڻ، جنھن کي
پرڻائڻ لاءِ اھي پئسا گڏ ڪيا ھئم. جنھن سان واپار
ٿي ڪيم ۽ ھڪڙو ننڍڙو ڀاءُ جو اسڪول پڙھندو آھي.
انھن کي خبر ئي ڪانھ آھي تھ مون سان ڇا ٿيو آھي،
اھي تھ روئي روئي ساڻا ٿي پيا ھوندا. جتي رھان ٿو
پاڙي وارن کان پڇي ڏسو تھ آئون اشراف آھيان يا
بدمعاش. سائين مون تي ديا ڪريو، منھنجو سھارو ھاڻي
رڳو اوھان آھيو. منھنجي ٻڍڙي ماءُ، جوان ڀيڻ ۽
ننڍي ڀاءُ جو سماءُ ڪير وٺندو. ھنن کي ڪير
پاليندو. ڊاڪٽر صاحب آئون اڳي پاگل نھ ھوس، پر
مون سان جيڪي ٿيو آھي، ڀانيان ٿو تھ ھاڻي پاگل ٿي
ويندس. مون تي ڪرپا ڪريو، خدا اوھان جي ٻچن تي ديا
ڪندو.
مون کيچمند جي ٻن ڳالھين ڏاڍو نفساني اثر ڪيو، ھڪ تھ سندس پوڙھي
ماءُ، ننڍو ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو آسرو فقط ھو ئي ھو، ۽
انھن ڳالھين جو مٿس خراب اثر پوي ھا ۽ ممڪن آھي
تھ سچ پچ چريو ٿي پوي. تنھنڪري مون اھي ڳالھيون
ڪميٽيءَ جي اڳيان رکيون ۽ ڪميٽيءَ ھن کي گھر وڃڻ
جي اجازت ڏئي ڇڏي.
جيتوڻيڪ کيچمند ايترو پڙھيل ڪين ھو، تڏھن بھ ھڪ ڳالھھ واه جي
ڪري ويو آھي تھ موجوده معاشري جو اھوئي قصور آھي،
تنھن جا ئي اھڙا اگرا نتيجا پيا نڪرن.
سلڇڻي
انسان جي زندگيءَ ۾ ھميشھ عجيب و غريب واقعات ٿيندا رھندا آھن ۽
ھن جي اھا ڪوشش رھندي آھي تھ جيتري قدر ٿي سگھي
انھن کي وساري ڇڏجي. پر ڪنھن وقت ڪو اھڙو بھ واقعو
ٿي ويندو آھي جو ھن جي لاءِ وسارڻ ناممڪن ٿي پوندو
آھي، منھنجي حياتيءَ ۾ بھ ھڪ اھڙو واقعو پيش آيو،
جنھن منھنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو. منھنجي
خواب ۽ خيال ۾ بھ ڪين ھو تھ اھڙو ڦيرو ڪو منھنجي
زندگيءَ ۾ اچي ويندو.
ڇھھ مھينا مس ٿيا ھئا جو ولايت مان بي اي بعد ايم، اي انگريزيءَ
۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ کان حاصل ڪيو ويٺو ھوس،
جيتوڻيڪ پئسن جي مون کي ڪاڻ ڪانھ ھئي، جو
زمينداريءَ سان گڏ بئنڪ ۾ بابو ڪافي رقم ڇڏي مئو
ھو، پر مون کي انھن ٻنھي کان نفرت ھئي، ڇاڪاڻ تھ
مون اھا ناجائز ڪمائي ٿي سمجھي.
منھنجي پيءُ انجنيئري کاتي ۾ وڏي عھدي تان پينشن ورتي ھئي ۽ مون
تي ڏاڍو زور ڀريندو رھيو تھ آئون بھ انجنيئري جو
امتحان پاس ڪري ولايت مان ڪا وڏي ڊگري وٺي اچان.
پر بابي جا ناجائز ڪمائي ڏسي مون کي انجنيئريءَ
کان نفرت ٿي پئي، اڪثر ائين بھ ٿيندو آھي تھ پٽ
پيءُ وارو پيشو اختيار نھ ڪندو آھي، مون سان بھ
ائين ٿيو، مون کي ادبيات سان گھڻي رغبت ھئي،
تنھنڪري ايم، اي پاس ڪيم، پھريائين ڪجھھ تڪليف ٿي،
پر نيٺ ڪامياب ٿي موٽي آيس.
سکر ۾ زندگيءَ جا ڏھاڙا گذارڻ مشڪل ٿي پيم، جدا جدا ڪاليجن کي
چئني طرفن درخواستون موڪليم تھ من ڪا انگريزيءَ
جي پروفيسري ملي. چار مھينا درخواستون ڪرڻ کان
پوءِ حيدرآباد ڪاليج مان ملاقات جي لاءِ سڏ ٿيو.
سھي سنڀري حيدرآباد روانو ٿيسن.
اڄ سخت گرمي ھئي، اسٽيشن تي ماڻھو ڏاڍا پريشان ھئا، ۽ ھميشھ کان
وڌيڪ پليٽ فارم تي مسافر نظر پئي آيا گاڏي ڇٽڻ جو
وقت بھ ڀريو بيٺو ھو، مسافرن جي ڀيڙ مان لنگھي
گاڏيءَ ۾ گھڙڻ بھ منھنجي لاءِ وڏو مسئلو بڻجي پيو.
ماڻھو ھتي ھتي ھڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيئي دٻي ۾گھڙن جي
ڪوشش ۾ لڳا پيا ھئا، غريب ماڻھن جي ھٿن ۾ ھنڌ ۽
مبغل ۾ ننڍڙيون ڳٺڙيون ھيون ۽ ڀڄ ڊڪ ۾ ھئا، آئون
بھ ڌڪن ڌوڻن ۾ ھڪ فرسٽ ڪلاس دٻي ۾ وڃي ويٺس. ڀڳوان
جي ڪرپا ٿي جو دٻي ۾ ڪونھ ڪو ھو. ٺھي ٺھي دري کولي
ويھي رھيس ۽ ماڻھن جي گپا گيھھ جو تماشو ڏيڻ لڳس،
مس ٻھ ٽي منٽ گذريا ھوندا تھ گارڊ سيٽي وڄائي،
سائي جھنڊي لوڏي رھيو ھو تھ انجڻ گھوگھٽ وڄائي
خبر ڏني تھ گاڏي ڇڏڻ تي آھي. گاڏي آھستي آھستي ھلڻ
لڳي تھ ڇا ڏسان تھ ھڪڙي سھڻي نوجوان ڇوڪري، ڊڪندي،
ماڻھن جي ڀيڙ کي چيريندي ھلندڙ ٽرين طرف ڊوڙندي
آئي، دٻن کي ڏسندي ٿي وئي، شايد ڪنھن خاص دٻي ۾
چڙھڻ جو خيال ھوس، پر ٽرين جي رفتار تيز ٿيندي پئي
وئي، ٻي واه نھ ڏسي لاچار منھنجي دبي ۾ گھڙي آئي.
ڪاڙھي تيز ھجڻ ڪري ڇوڪري پگھر ۾ شل ھئي، سندس ڪپڙا پگھر سان
پسيل ھئا، مھانڊو پگھڙ جي ڦڙن سان ڀريل، گرميءَ
جي روشنيءَ ۾ موتين جيا، پي چلڪيو، ڊوڙي گاڏي
جھلڻ تڪڙو تڪڙو ساھ کڻي رھي ھئي. مون کيس چتائي
ڏٺو ۽ سندس شڪل مان ڳالھيون معلوم ڪيم. مون کي
اھڙي گھوريدنو ڏسي ڇوڪري پھريائين خوفائتي ٿي، پر
پوءِ جلدي ھڪ پاسي سولي ٿي ويٺي شايد منھنجي چھري
مان کيس ڊپ نھ ٿيو. مون ڏٺو تھ ڇوڪري موضوع ھئي،
سندس چھري مان معصوميت پئي بکي. ڪپڙا اڇا پھريل
ھئس، جن جي سادگيءَ مان ئي پئي ثابت ٿيو تھ ڇوڪري
ڪنھن وچولي درجي جي گھراڻي جي ھئي، باوجود بدن تي
ڪنھن بھ قسم جي زيور پھريل ھجڻ جي بھ سندس سوڀيا
انسان کي اچرج ۾ ٿي وڌو. ھوءَ پنھنجي شڪل ۽ صورت
مان ذھين ۽ پڙھيل معلوم پئي ٿي. پر ھڪ ڳالھھ جو
مون کي نظر آئي سا ھئي، سندس چھري تي گھٻراھٽ.
ڏاڍي منجھيل منجھيل نظر پئي آئي. ايتري ۾ ڇوڪريءَ
دريءَ مان جھاتي پائي ٻاھر ڏٺو ۽ ڏسي گھٻرائجي
يڪدم مٿو اندر ڪري ورتو ائين ۽ پوءِ تڪڙو ڪاڪوس ۾
گھڙي وئي. ايتري ۾ ھلندڙ گاڏيءَ ۾ ھڪ ٽڪيٽ
تپاسيندڙ گھڙي آيو. منھنجي ٽڪيٽ تپاسي ان تي صحيح
ڪري ڪاڪوس جي طرف نھارڻ لڳو. ان وقت ھڪ خيال
بجليءَ وانگر منھنجي دماغ ۾ ڊوڙي ويو. گاڏي اسٽيشن
تان ڇٽڻ کان وٺي ٽڪيٽ تپاسيندڙ جي گاڏي ۾ گھڙي اچڻ
تائين جيڪي ننڍا وڏا واقعا ٿي گذريا، تن منھنجو
ڌيان ڇڪايو ۽ آئون انھيءَ ڇوڪريءَ جي گھٻراھٽ جو
سبب سمجھي ويس، ھڪڙو تھ عين گاڏي ڇٽڻ جي وقت ڇوڪري
تڪڙو تڪڙو اسٽيشن تي پھتي ھئي، تنھنڪري ممڪن آھي
تھ ھن کي ايترو وقت مليو ئي ڪين ھوندو جو ٽڪيٽ
خريد ڪري سگھي، ٻيو تھ ڇوڪري جڏھن دٻي ۾ چڙھي آئي
تھ ساڻس سامان سڙو ھو ئي ڪونھ، جنھن ڳالھھ پڪ
ڏياريم تھ اھڙي طرح روانو ٿيڻ ھن جي پريشانيءَ جو
ھڪ وڏو سبب ٿي سگھي ٿو، دريءَ مان جھاتي پائڻ شرط
يڪدم مٿو اندر ڪري وٺڻ پوءِ تڪڙو تڪڙو ڪاڪوس ۾
گھڙي وڃڻ ۽ ٽڪيٽ تپاسيندڙ جي اندر اچڻ، ثابت ڪيو
تھ ڇوڪري بابوءَ کي ڏسي ڊڄي ڪاڪوس ۾ لنگھي وئي
ھئي.
سندس انھيءَ حرڪت مان صاف ظاھر ھو تھ ڇوڪري بنا ٽڪيٽ ھئي، ٽڪيٽ
تپاسيندڙ ڇوڪريءَ کي ڏسي ورتو ھو ۽ ھن گاڏو خالي
ڏسي سمجھي ورتو ھوندو تھ ڇوڪري اندر ڪاڪوس ۾ آھي،
انھيءَ ڪري ئي منھنجي ٽڪيٽ تپاسڻ کان پوءِ ھن
سمجھيو ھوندو تھ اھا ڇوڪري جدا مسافر آھي نھ تھ
جيڪڏھن مون سان گڏ ھجي ھا تھ آئون ٻھ ٽڪيٽون ڏيان
ھا، پوءِ ممڪن آھي تھ جھڙي طرح ھو اندر آيو ھو تھ
ترسي ئي ڪين ھا، بلڪھ ٻئي پاسي ھليو وڃي ھا. پر ھن
ائين نھ ڪيو ۽ ڇوڪريءَ جي اچڻ تائين ترسي پيو.
ڇوڪري بھ نڪرڻ ۾ دير ڪئي، ۽ جڏھن ٻاھر نڪتي تھ
ٽڪيٽ تپاسيندڙ کي ڏسندي ئي ھن جي منھن جو پنو لھي
ويو، پر ھمت کان ڪم ورتائين.
بابو ھن کان ٽڪيٽ گھري تھ ڇوڪريءَ چيو تھ آئون ڀل ۾ دٻي ۾ چڙھي
ويٺي آھيان، حقيقت ۾ گاڏي ڇٽي چڪي ھئي، تنھنڪري
ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جو وقت ڪونھ مليو، ھلندي گاڏيءَ ۾
مجبور ٿي ھن دٻي ۾ چڙھڻو پيو. اڳين اسٽيشن تي لھي
آئون ٽڪيٽ خريد ڪري ٻئي دٻي ۾ويھندس،
مون ڏٺو تھ ڇوڪري سچ چئي رھي آھي، تنھنڪري مون بھ
بابوءَ کي چيو تھ گاڏي ڇٽي چڪي ھئي ان ۾ شڪ نھ آھي
تھ ھن کي مجبورا ھن دٻي ۾ چڙھڻو پيو ھو. |