سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :5

جمعدارڻ ھاڻ ڪجھھ اطمينان سان مون کي جواب ڏيندي چيو تھ ”ھائو صاحب! آئون پاڻ اچرج ۾ آھيان تھ گنگا ائين ڇو ڪيو؟ اوھان کي پاڻ خبر آھي تھ ھوءَ برابر بڪ شڪ ڪندي آھي، پر وڙھڻ يا ڪپڙا ڦاڙڻ اڄ ڏينھن سوڌو ھن ڪڏھن نھ ڪيو آھي.“

اھو ٻڌي آئون بھ ڏاڍي ويچار ۾ پئجي ويس تھ گنگا ائين ڇو ڪيو، نيٺ ڪجھھ وڌيڪ معومات حاصل ڪرڻ جي خيال سان جمعدار کان پڇڻ لڳس تھ: ”تنھنجو چوڻ ٺيڪ آھي، پر گنگا ھن مھل ڪٿي ھئي؟ ۽ ڇا ويٺي ڪيائين؟“

جمعدارڻ جواب ڏنو تھ ”گنگا ھميشھ وانگر ٻير جي وڻ ھيٺ   ڇانو ۾ بيٺي ھئي، باقي ڇا ٿيو سو مون کي وڌيڪ خبر نھ آھي جو آئون چڻا ۽ ريوڙيون ورھائڻ ۾ مشغول ھيس.“

اتي ٺاڪر جي زال چيو تھ ”دادا! مون ڏٺو تھ سڀ چريون جمعدارڻ وٽ چڻا ۽ ريوڙيون وٺڻ لاءِ ڊوڙي ويون، پر ھوءَ ويچاري وڻ جي ھيٺ بيٺي ھئي ۽ ھٿ مٿي ڪري اڀ ڏانھن نھاري ڳالھائي رھي ھئي..... آئون اڳتي وڌي ھن ڏانھن ويس ۽ اچرج مان ھن کي ٻڌڻ جي ڪوشش پئي ڪيم تھ ڇا چئي رھي آھي ......... تھ منھنجي ڪن تي پڙلاءُ.....صاف پيو تھ ........ ”گنھگھور گھٽائون ڇو نٿيون اچو! آڪاش  ڇو نٿو ڦاٽي پوين! ڪڪر...... طوفاني ڪڪر ..... اچو.... اچو ڇو نٿا وسو..... ورکاڪو ڪريو .... ٻوڏان ڪريو...... ۽ ھن فريبي سنسار کي ٻوڙي وجھو.... ڪڪر! ڪڙڪو ڪري انھن جا ڪامي ڪن ٻوڙا ڪري ڇڏيو!.... چمڪو ۽ انھن جون خوبصورت اکيون انڌيون ڪري ڇڏيو! وڄون ڪيترائي انھن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو!.... وسو .... زور سان وسو.... طوفافي درٻار ۾ ٻوڙي ڇڏيو...... وسو خوب وسو.....“

پوءِ اچي کلڻ لڳي، تنھنڪري افسوس ڪندي ۽ ھمدردي جي خيال سان ھن جي ويجھو وڃي چيم تھ ”ڇا تون مٺا ڀڳڙا نھ وٺندينءَ؟“ منھنجي انھيءَ چوڻ تي ھوءَ مون کي غور سان ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ منھنجي ڦيرائي جمعدارڻ، جتي بيٺي ڀڳڙا ورھايا ان طرف ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ يڪدم مون تي الر ڪري ائي ۽ منھنجو پھراڻ ٻانھن کان جھلي ڦاڙي وڌائين، ان وقت ڊپ کان منھنجي وات مان رڙ نڪري وئي.“

اتي ٺاڪر مون کي گھڻي ويچار ۽ پريشاني ۾ ڏسي چوڻ لڳو تھ ”آئون سمجھي نٿو سگھان تھ تون ڇو ايترو فڪر ۾ پئجي ويو آھين؟ ڇا ٿيو جي ھڪ چريءَ کڻي چولول ڦاڙيو! ٺيھو ڳالھھ گذري، اسان کي بھ چرين جي اسپتال جو ھي واقعو گھڻا ڏينھن ياد رھندو.“

ھن جي اھا منوتي سمجھندي ۽ چپن ۾ مرڪندي مون کيس وراڻيو تھ ”ٺاڪر! ائين ڪونھي، مون کي چرين جي آئندھ سنڀال ۽ حفاظت جو خيال آھي، ممڪن آھي تھ اڄ توھان سان ائين ٿيو آھي، پر سڀاڻي ھيترن سارن چرين سان الائي ڇا ٿئي؟ اڄ ڳالھھ ڪپڙن ڦاڙڻ جي نوبت تي وڃي پھتي آھي، پر سڀاڻي الائي ڪٿي وڃي دنگ ڪري، تنھنڪري انھن چرين جي اھڙين حرڪتن مان اسين سندن اندر جو حال ۽ طبيعتن ۾ ڦير گھير ۽ بيماري جي لڪل سببن جو پتو ڳولي ڪڍندا آھيون، تاڪھ نھ رڳو ٻين چرين جي حفاظت ٿئي، بلڪھ خود انھن چرين جي علاج ڪرڻ ۾ بھ سھولت حاصل ٿئي.“

انھيءَ تي ٺاڪر جي زال دلچسپي ڏيکاري پڇيو تھ ”چڱو دادا؟ ڀلا انھيءَ طوفان ۽ وچ ۽ سنسار کي ٻوڙڻ مان چريءَ جو ڇا مطلب ھو؟“

موم کلندي کيس جواب ڏنو تھ ”گھڻو ئي ڪجھھ مطلب ھو، پر اھا ڳالھھ اوھان ماڻھن جي سمجھھ کان پري آھي، ڇاڪاڻ تھ ان جو لاڳاپو ھن جي زندگي جي گذريل ڳالھين سان آھي.“

ٺاڪر جي زال جو اشتياق منھنجي ٻڌائڻ کان پوءِ گھڻو وڌي ويو ۽ ھوءَ زور ڪري ڀڇڻ لڳي:

”دادا! اسان کي ان بابت ڪجھھ ٻڌايو.“

مون نھايت سنجيدگي سان چيو، ڇا ٻڌڻ گھرين ٿي؟ دل مضبوط ڪري پوءِ ٻڌڻو پوندو!

انھيءَ تي ٺاڪرداس وراڻيو تھ ”ھا يار! ڪجھھ اسان کي بھ تھ ٻڌاءِ ۽ سمجھاءِ. چرين بابت ڪيتريون ڳالھيون پيا ٻڌون، پر تو جھڙي کان ٻڌون تھ پڪ ٿئي.“

مون کين گنگا چريءَ جو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو، تيتر جمعدارڻ کي چانھھ وٺي اچڻ جو حڪم ڏنو.

غريب گنگا جي ڪھاڻي ڏاڍي دردناڪ آھي ۽ پوري ڏکن سان ڀريل آھي، ھوءَ ھميشھ ائين چري نھ ھوندي آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن سال ٻن ۾ جڏھن ھوش ۾ اچي ويندي آھي تھ پوءِ چڱي طرح ڳالھائيندي ٻولھائيندي آھي، ھڪ ڀيرو جڏھن پوري ھوش ۾ ھئي تھ مون کي پنھنجو درد ڀريل داستان ٻڌايائين جو ٻڌي آئون حيران رھجي ويس تھ ھن فريبي ۽ مڪار دنيا ۾ ڇا ڇا نھ ٿيندو آھي. جنوني حالت ۾ ھوءَ جيڪا بڪ شڪ ڪندي آھي تنھنجو گھڻو لاڳاپو انھن ڳالھين سان آھي جو سموري قصي ٻڌڻ کان پوءِ اوھين پاڻ پروڙي وٺندا تھ ھن جي حياتيءَ ۾ ڇا ڇا ٿي گذريو ھو.

ھن ٻڌايو ھو، ھڪ رات اونداھي رات ھئي، چئني پاسن کان ڪڪر گجگوڙ ڪري اچي گڏ ٿيا ھئا، ڄڻ تھ آڪاش تي ديوتائن ۽ راڪشن ۾ وڏي پڌ لڳي رھي ھئي، ڪڪرن جو گجگوڙ نھ ھو پر رتن جي ھلڻ ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائڻ جو آواز ھو. بجليون ڪين ٿي چمڪيون پر جوڌن جو تلوارون ھلي رھيون ھيون. ايتري ۾ منھنجو پتي آيو ڏٺم تھ جھڙي طرح رات پريشان ۽ وياڪل ھئي اھڙي طرح ھو بھ گھٻرايل ھو. مون پڇيومانس تھ ”ڇا ڳالھھ آھي؟ پر ڪجھھ نھ ٻڌايائين، نيٺ ٿوري دير کان پوءِ مون کي چيائين تھ ”گنگا ڀلا جيڪڏھن اسين ھڪٻئي کان ڌار ٿي پئون تھ؟ ....... ھميشھ جي لاءِ ڌار......“

ڏٺم  تھ پراڻ ناٿ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ھو پر ھن جون نظرو پري ڪنھن ڳوڙھي خيال ۾ گم ھيون، مون کيس گنڀير آواز ۾ جواب ڏنو تھ ”سدائين اھڙيون اجايون ڳالھيون ڪندا آھيو، پراڻ ناٿ! اوھان کي ٻيو ڪي چوڻ اچي ٿو يانھ؟“ مون ھڪ ڳالھھ جاچي تھ منھنجو پتي مون سان ڳالھائيندي ڳالھائيندي  ھر گھڙي دروازي ڏانھن پيو نھاري...... ٿوري دير کان پوءِ مون کي ياد اھي تھ ڪي پوليس وارا آيا ۽ منھنجي پتيءَ کي گھران وٺي ھليا ويا. آئون ھڪ ٻالي ڀولي ننڍي نيٽي پرديسياڻي جنھن کي پرڻئي سال مس ٿيو ھو. اوچتي آپڌا تي منجھي پيس، روئڻ ڌاران ٻيو ڪي ڪين سمجھيو، مون ڏاڍو رنو. ھا! تمام گھڻو رنو؟ شايد روئندي بيھوش ٿي وئي ھيس، ٻئي ڏينھن خبر پيم تھ سيٺ ڇانگي مل جي حساب ڪتاب ۾ گھوٻي ھئڻ ڪري، ھن شڪ ۾ منھنجي پتيءَ کي قيد ڪرائي ڇڏيو ھو.  چئن ڏينھن کان پوءِ مون ھن کي جيل ۾ وڃي ڏٺو، چئن ڏينھن جي اندر ڪنول جي گلا وانگر سندس چھرو ڪومائجي ويو ھو، ڇا جيلن جي اندر اھڙي حالت ڪندا آھن؟ ھن کي ڏسي آئون سھي نھ سگھيس، منھنجين اکين جي اندر پاڻي ڀرجي آيو، مون کي ملوم ڏسي ھن بھ روئي ڏنو، چوڻ لڳو تھ ”مون تھ توکي آنند سان رکڻ ٿي گھريو ۽ پر ايشور جي اڇا شايد ائين نھ ھئي.“ ۽ پوءِ ٻارن جيان سڏڪا ڀرڻ لڳو. مون پنھنجا لڙڪ اگھي ھن کي آٿت ڏني، طبيعت کي روڪي پاڻ نھ رنم، جڏھن گھر موٽي آيس تھ پاڻ کي جھلي نھ سگھيس، ڏک وچان ايترو رنم جو وري بيھوش ٿي ھنڌ تي ڪري پيس.

ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ وري طوفان آيو ساڳئي نموني جي اونداھي ھئي، جڏھن منھنجو تي جيل ويو ھو در تي کڙڪو ٿيو، در پٽي ڏٺم تھ اھو ساڳيو سيٺ ڇاڱو مل، جنھن منھنجي پتيءَ کي جيل اماڻيو ھو، سو بيٺو آھي. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آھي، پر مون ڌيرج کان ڪم ورتو ۽ گھنڊ پائي پڇيم تھ ”ڇا آھي؟“

چيائين تھ، ”گنگا! توسان ھڪ ضروري ڳالھھ ڪرڻ آيو آھيان.“

مون بيپراھي سان چيو تھ، ”ٻڌاءِ“

چيائين تھ ، ”ٻاھر نھ اندر ھل تھ ٻڌايانءِ.“

مان اندر آيس تھ ھو مئو اندر لنگھي آيو ۽ مون ۾ اکيون وجھي گھوري چوڻ لڳو؛ ”گنگا! مان تنھنجي انھن مرگھھ جھڙن نيڻ جو شڪار آھيان.“

مان مٿي کان وٺي پيرن تائين باھھ ٿي ويس ۽ ڪڇيم ڪجھھ ڪين. انھيءَ تي شايد ھن جو من وڌي ويو ھو وري چوڻ لڳو تھ، ”گنگا! منھنجا ھزارين روپيا منھنجيون ڪيتريون جايون جيڪي آھن، سي سڀ تنھنجيون ٿي سگھن ٿيون.“

مون سندس ڪوملتا ڏانھن ڪو ڌيان نھ ڏيندي خارن ۾ کانئس پڇيو تھ: تو وٽ ھزارين روپيا آھن؟ کلي چيائين تھ ”لکين روپيا اٿم!“

ٽوڪ ھڻندي چيومانس تھ ”ھيترن پئسن ھوندي بھ ٿورن ڏوڪڙن لاءِ ھڪ غريب کي قيد ۾ ڇو وڌو؟“

ھٻڪندي جواب ڏنائين تھ، ”اھا .... اھا..... وھنوار جي ڳالھھ ھئي..... ھن  ٺڳي ڪئي ھئي.“

مون ٿورو تکو ٿي چيو تھ ”سيٺ! جڏھن تو وٽ لکين روپيا پيا آھن تھ ھڪ غريب کان ٿورا سو وٺي ڇا ڪرين ھا؟“

ڦڪو ٿي چوڻ لڳو تھ ”اھڙي طرح سئو سئو مان لک ٺھن ٿا، پر جي ائين نھ ڪريان ھا تھ توسان ڪيئن ملي سگھان ھا.“

مون سمجھي ورتو تھ سيٺ ڪام ديو جو شڪار ٿي منھنجي پتيءَ کي جيل اماڻيو ھو ۽ اھڙي طرح پنھنجي لاءِ رستو صاف ڪري ھاڻي مون وٽ آيو ھو اوچتو مون کي ھڪڙو خيال دل ۾ آيو ۽ مون ھن کي چيو تھ ”تڏھن مون سان ملڻ لاءِ، منھنجي پتيءَ کي جيل موڪليو اٿو، ڌڪار آھي اوھان جي جيون تي، چئبو تھ ھي ٺڳي ڪرڻ جي ڳالھھ ۽ حساب ڪتاب ۾ گھوٻي بھ سڀ جڙتو ڳالھيون ھيون.“

ڏٺم تھ منھنجو اھو ڌڪو صحيح نڪتو، ڇاڪاڻ تھ سيٺ جي منھن جو پنو ئي لھي ويو، ترت منھنجي شڪ کي ھٽائڻ جي بھاني سان ھن پنھنجو پيار ڏيکارڻ شروع ڪيو، ”پر گنگا! منھنجي پريم ترشنا مٽائڻ جي ڳالھھ جو جواب تھ ڏي.“ آئون پنھنجي ڪاوڙ کي ھاڻي روڪي نھ سگھيس، دال گھوٽڻ وارو وڏو دال مھٽڻو کڻندي ئي ٺڪا ڪيو مانس مٿي ۾، ”اجھو انھيءَ ڀوت لاھڻ جو دارون! ھتان وڃي ٿو يا نھ؟ باقي تنھنجي ڳالھھ جو جواب ھندو جاتي اخبار ۾ پڙھي وٺجانءِ.

ڌڪ لڳندي ئي سيٺ دروازي ڏانھن ڀڳو ۽ ڪجھھ دير سھڪندي ۽ گھٻرائيندي مون ڏانھن ڏسي چوڻ لڳو  تھ ”تون ..... تون..... ڇا اڄوڪي ڳالھھ..... اخبار ۾ آڻيندينءَ؟“ مون ھٿ سان مٿي دال مھٽڻو الاريندي کيس ڌڪار سان جواب ڏنو تھ ”ھا! ضرور!“

کلندي پر غضبناڪ اکين سان مون کي ڏسندي چيائين تھ، چڱو آئون بھ ڏسي رھندس.“

ٻئي ڏينھن ھندو جاتي اخبار جي آفيس ۾ وڃي سمپاد ڪ کي سڀ ڪجھھ ٻڌائي آيس ھن وچن ڏنو تھ ”اھڙي بدمعاش کي ڏسجانءِ تھ ڪيئن ٿا خوار خراب ڪريون، تون ڪو الڪو نھ ڪر! مان آسري ۾ ھلي آيس ٻئي ڏينھن ھندو جاتي اخبار منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين پڙھي، پر ان ۾ منھنجي ڳالھھ ڪٿي بھ لکيل ڪين ڏٺم، البتھ ٻئي صفحي تي ٿلھن اکرن ۾ لکيل ھو.

”سيٺ ڇاڱي مل جي سخاوت“

وڌوا سھائڪ سڀا کي ھڪ ھزار روپين جو دان- آئون حيران رھجي ويس، نيٺ سمجھيم تھ پئسن سان سڀ ڪجھھ خريد ڪري سگھجي ٿو، اخبارن جا ايڊيٽر بھ!

مقدمو ھلڻ کان ھڪ ڏينھن اڳي وري ڏاڍو زوردار طوفان آيو، سخت مينھن پيو ڪسيون ندين وانگر وھي ھليون، شھر ۾ ٻوڏان ٻوڏ ٿي وئي، ٻئي ڏينھن ڪنھن ماڻھوءَ خط آڻي ڏنو، جنھن ۾ لکيل ھو تھ جيل خاني ۾ جيلر سان منھنجي پتيءَ جو جھڳڙو ٿي پيو ھو تنھنڪري کيس ڏسي وڃان. مان ويس ۽ سندس حالت ڏسي لڙڪن کي روڪي نھ سگھيس، منھنجي وات مان دانھن نڪري وئي جو سڄو بدن ڦٽيو پيو ھوس، سندس جسم جي ذري ذري مان پونءِ نڪري رھي ھئي ۽ ھن جون اکيون ڏرا ڏيئي آيون ھيون، رنگ سڄو نيرو ٿي ويو ھوس، پر پاڻ سانت ۾ ھو، مون کي روئندي ۽ رڙندو ڏسي چوڻ لڳو تھ ”ڇو ٿي روئين؟ گھٻرائڻ جي ڪا ڳالھھ ڪانھي، ٻڌ ڪوشش ڪري وليراڻي ايم، ايل اي کي ضرور ڏسجانءِ، ۽ ھن کي چئجانءِ تھ مون بابت ڪائونسل ۾ سوال ڪري، مون سندس اليڪشن ۾ ڏاڍي مدد ڪئي ھئي. تنھنڪري ھو اسان جي واھر ڪندو تھ جيلر برخاست ٿي ويندو. منھنجو ڪو ڏوھ ڪونھ ھو، جيلر مون کي گار ڏني تھ ايترو چيومانس تھ گار نھ ڏي. بس منھنجو رڳو ايترو قصور ھو مون کي انھيءَ تان مار ڪڍائي اٿس، تون اھا ڳالھھ ضرور وڃي وليراڻي سان ڪجانءِ تھ ڪائونسل ۾ ضرور اھڙو سوال پڇي.....“ جيل مان موٽندي سڌو وليراڻي جي جاءِ تي پھتس، ھن کي سربستي ڳالھھ ڪري ٻڌايم، جنھن کي ٻڌي چيائين تھ، ”ڏاڍي خراب ڳالھھ آھي، پر تون فڪر نھ ڪر، آئون ضرور سوال پڇندس انصاف ضرور ٿيندو.“

پر ڪيترائي ڏينھن گذري ويا جو سوال پڇڻ ۾ نھ آيو، ھڪ ڏينھن ھندو جاتي اخبار ۾ ٿلھن اکرن ۾ لکيل پڙھيم تھ، ”وليراڻي ھوم منسٽر مقرر ٿيو“ مون سمجھي ورتو تھ ھڪ غريب ھڪ غريب جي لاءِ ڪائونسل ۾ سوال پڇي پنھنجي وزرات تان ھٿ ڌوئڻ نٿي گھريائين.

ھڪ رات وري ڏاڍي زور سان برسات پوڻ لڳي، مون کي ھر ھر ڊپ پئي ٿيو تھ الائي اڄ وري ڇا ٿيندو؟ مون سان اڳي ائين ڪڏھن ڪين ٿيو ھو. ايتري ۾ دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز آيو ۽ مون در کولي ليو پائي ٻاھر ڏٺو تھ سامھون ڇٽيءَ سان ھڪ خاڪي ورديءَ وارو بيٺو ھو، مون کي ڏسندي چيائين تھ ”ڇا تنھنجو نالو گنگا آھي؟“

پوليس واري کي در تي بيٺل ڏسي، مون کي ڪيترا انومان اپتن ٿيڻ لڳا. اڳي جڏھن پوليس وارو آيو ھو تھ منھنجي پتيءَ کي وٺي ويو ھو، ھاڻي الائي ڪھڙو ويڌن ٿيندو، ھاءِ پرماتما! تون ئي رکيالو آھين! خير ڪجانءِ! مون پوليس واري ڏانھن ڏاڍي اوني مان نھاري چيو تھ ”ھا! مان گنگا آھيان! ڇا آھي؟ ھن ناھيت نرم آواز ۾ آھستھ چيو تھ ”جيل ۾ اڄ تنھنجو مڙس گذاري ويو آھي.“ ايترو چئي ھو ھليو ويو. پراڻ ناٿ سڌاري ويو! چڱو ٿيو! غريب جي لاءِ ھن دنيا ۾ جيئرو رھڻ مرڻ جي برابر آھي! پوءِ مري بک کان ڇو نھ بچي...... پر .....پر ھي سنسار ڇا جيئري رھڻ جي لائق آھي. ڇاڱو مل جيئري رھڻ جي لائق آھي..... ھا ھا ھا ...... ھا ھا ھا ...... جيل خاني جو جيلر زندھ رھڻ جي لائق آھي؟ ...... ھا ھا ھا ...... ھا ھا ھا ..... ھا ھا ھا گنھگھور گھٽائون ڇو نٿيون  اچو آڪاش ڇو نٿو ڦاٽي پوين! ڪڪر.... طوفاني ڪڪر.... اچو.... اچو...... ڇو نٿا وسو..... ورکا ڪريو!..... ٻوڏا ٻوڏ ڪريو..... ۽ ھن فريبي سنسار کي ٻوڙي وجھو، ڪڪرو ڪڙڪو ڪري انھن جا ڪامي ڪن ٻوڙا ڪري ڇڏيو...... چمڪو ۽ انھن جون خوبصورت اکين انڌيون ڪري ڇڏيو..... وڄون ڪيرائي انھن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو..... وسو..... زور سان وسو..... طوفافي ديائ ۾ ٻوڙي ڇڏيو...... وسو خوب وسو!

مون ڏٺو تھ منھنجو دوست ٺاڪرداس ۽ ھن جي زال نھايت گنڀير ٿيو خاموش ويٺا ھئا ۽ ھنن جي چھري ۽ اکين مان حيرت نظر اچي رھي ھئي.

عاشق

رات پنھنجي اڌ منزل پوري ڪري چڪي ھئي، سڄي ڪائنات تي ھڪ گھري خاموش ڇانيل ھئي، تارن جي درفشاني نمودار ھئي، چنڊ پنھنجي پوري رعنائي سان آڪاش جي سطح تي جھلڪو ڏيکاري رھيو ھو، ڪيترا ماڻھو ننڊ جي سرور ۾ غرق نظر اچي رھيا ھئا. آئون بھ ھميشھ جي دستور موجب پنھنجو ٿورو گھڻو ادبي ڪم پوري ڪري، سمھڻ جي تياري ڪري رھيو ھوس تھ اوچتو ٽيلفون جي گھنٽي وڳي، جنھن مون کي ڇرڪائي ڇڏيو.

بي وقتي گھنٽي جي آواز عين سمھڻ مھل منھنجي احساسات جي دنيا ۾ باھھ لڳائي ڇڏي.

لاچار ٽيلفون ڪنن سان لڳائي پڇيم، ھيلو! ھيلو! مان! ڪير آھي؟ ڇا چرين جي اسپتال؟ ڇو؟ سخت بيمار آھي! حالت نازڪ آھي! چڱو مان اچان ٿو! دروازي تي ماڻھو بيٺو رھي! اجھو ٿو پھچان!

طبيلي مان موٽر ڪڍي آئون سڌو چرين جي اسپتال ڏانھن روانو ٿي ويس، زناني وارڊ ۾ ھڪ زال کي مرگھي جي سخت حالت وارو دورو ٿيو ھو. مون پنھنجي اسسٽنٽ کان پڇيو تھ، ”انھيءَ حالت کي ڪيتري دير گذري آھي ۽ ڪيتري ڪيتري دير کان پوءِ دورو ٿو پوي؟“ ھن مون کي ٻڌايو تھ، ”چار ڪلاڪ کن ٿي ويا آھن جو دورو پھريائين شروع ٿيو ھو ۽ برابر ويھن منٽن ۾ دورو پوري ٿو. لاچار اوھان کي سڏڻو پوي.“ منھنجي ھوندي بھ ھڪ دورو پيو، گھڙيال ڏسي ڪجھھ وقت ترسيس، برابر وري ويھن منٽن کان پوءِ ٻيو دورو پيو، مون سئي ھڻڻ جي تياري ڪئي، جنھن جي لڳڻ کان اڌ ڪلاڪ پوءِ دورو پيو. وري ٻي سئي ھنيم، ڪلاڪ کن تائين وري دورو نھ پيو، ٻاھر آرام سان ڪرسي رکرائي ويھي رھيس، ٻيا ماڻھو بھ منھنجي آسپتا ڪرسيون رکائي ويھي رھيا.

ايتري ۾ ھڪ آواز پري کان ٻڌڻ ۾ آيو، جنھن مون کي تڙپائي ڇڏيو، آواز ڇا ھو ڪو جادو ھو، سحر ھو، جو راڳ جي بي انتھا لطافتن ۽ درد جي بيحد گداز ۽ سوز جي پوري اثر سان منھنجي روح تي طاري ٿيندو ويو. مون ڏٺو تھ ساڳيو اثر ٻين تي بھ پئجي رھيو ھو، ڪيتري وقت تائين تھ مان خود بھ سمجھي نھ سگھيس تھ اھو آواز ڪنھن جو ھو ۽ ڪٿان پئي آيو. جڏھن وري اھو ھوشربا آواز فضا ۾ لھرون ڏيندو منھنجي دماغ ۾ گونجڻ لڳو تھ ائين ئي محسوس ٿيو، ڄڻ تھ ڪو محبت جو ماريل پنھنجي آتش نوائي سان باھھ دکائي رھيو آھي.

منھنجي طبيعت فطرتا درد مند ۽ سوز پسند واقع ٿي آھي، تنھنڪري مان ويچار ڪرڻ لڳس تھ ڳائڻ وارو ڇا آلاپي رھيو آھي، تيز ھوا جا جھوٽا ھاڻي گھٽ ٿي چڪا ھئا، تنھنڪري آواز صاف ۽ چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ڳائيندڙ الاڇي رھيو ھو تھ:

ھم کيسڍ جئيڻ بنسي والڍ

بنسي والي ھم کيسڍ جئيڻ

پيلو جي دردناڪ ۽ اثر انگيز لئي ۾ ھن نغمي منھنجي دل تي ايڏو تھ زبردست اثر ڪيو جو آئون بيتاب ٿي ويس ۽ ڳائڻ وارو ويو ڳائيندو، پر منھنجو اضطراب برابر وڌندو ٿي ويو ۽ اندر ۾ ڄڻ باھھ ٻري رھي ھئي ۽  چانڊوڪي ۾ ڄڻ شعلا ڀڙڪندا نظر پئي آيا. آئون جنھن ڪم سان آيو ھوس سو صفا وسري ويو ھو، پر دائي اچي ٻڌايو تھ مرگھيءَ واري مائيءَ کي وري دورو نھ پيو آھي ۽ گھري ننڊ ۾ ستي پئي آھي، مون جمعدار ڏي مخاطب ٿي ڪري پڇيو تھ ھي ڳائڻ جو آواز ڇا ٽئين نمبر وارڊ مان اچي رھيو آھي؟؟“ جمعدار جواب ڏنو تھ ”ھائو سائين! ٽئين نمبر وارڊ مان آھي.“

مان: ڪير ڳائي رھيو آھي؟ ڏاڍو سريلو ٿو ڳائي ھن جي آواز ۾ ڪيترو نھ درد ڀريل آھي!

جمعدار مشڪندي جواب ڏنو تھ ”برابر سائين! ھي اھو چريو آھي، جيڪو پاڻ کي ”عاشق“ سڏائيندو آھي.“

ٻئي ڏينھن صبح جو جڏھن آئون دستور موجب چرين جي اسپتال پھتس تھ پھريون ڪم ھي ڪيم تھ جمعدار کي چيم تھ ”عاشق“ جو فائل کڻي اچي، جمعدار ٿوري وقت کان پوءِ ڳولي اھو فائل کڻي آيو آئون ٺھي ٺڪي فائل ڏسڻ ويٺس، تيتر جمعدار کي چيم تھ عاشق کي سندس وارڊ مان گھرائي وٺي. فائل جو ٻاھريون ڪور ڏٺم تھ لکيل ھو ھو نامعلوم پٽ نامعلوم جو. اسان جي اسپتال ۾ ڪيترا اھڙا بھ چريا ٿين، جن جي نالي نشان جي اسان کي خبر نھ ھوندي آھي، ڇاڪاڻ تھ ھو شروعات ۾ جڏھن رلندي پوليس کي ھٿ ايندا آھن تھ مئجسٽريٽ وٽ بيان ڏيڻ وقت يا تھ اصل ڳالھائيندا ڪين آھن يا چريائيءَ جي جوش ۾ پنھنجو نالو غلط ٻڌائيندا آھن، علاج ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏھن چڱا ڀلا ٿي پوندا آھن تھ انھن جي اصلي نالي جي خبر پوندي آھي پر ڪڏھن ڪڏھن تھ چڱي ڀلي نھ ٿيڻ جي حالت ۾ صاف خبر ئي نھ پوندي آھي تھ ڪير آھن، ڪٿان آيا آھن، اھڙي حالت ۾ انھن جي سڃاڻپ لاءِ اسين انھن کي آل ڏيئي يا ڪنھن فرضي نالي يا لقب سان سڏيندا آھيون تھ خبر پوي تھ فلاڻو آھي. اھڙي طرح مٿين نامعلوم چرئي کي عاشق سڏبو ھو. اھو نالو مٿس ڇو پيو سو اڳتي ھلي معلوم ٿيندو.

عاشق کي مون اڳي بھ ڏٺو ھو پر ھن کان اڳي ان ۾ مون ايتري دلچسپي ڪڏھن نھ ورتي ھئي جيتري اڄ.

ھن کي جڏھن مون وٽ اندر آندو ويو تھ مون نھن کان وٺي چوٽي تائين ھن تي گھري نظر وڌي ۽ ڪيتري دير تائين کيس خوب چتائي ڏٺم. ھن جي خال ۽ خط مان معلوم ٿي ٿيو تھ ڪنھن اعليٰ خاندان جو فرد آھي. شڪل شبيھھ مان نھايت شريف انسان نظر پئي آيو. البتھ جڏھن اکين تي نظر وڌم تھ ان مان وحشت جا آثار صاف نظر اچي رھيا ھئا، عمر بھ ڪا وڌيڪ نھ ھيس بالڪل نوجوان معلوم پئي ٿيو، پر چھري جي افسردگي ۽ اکين جي غمناڪي ڏيکاري رھي ھئي تھ جواني جي بھار اچڻ کان اڳي ڪنھن جانڪاه صدمي کان ھن جي دل ڪومائجي چڪي ھئي، ھن جي چھري تي ايتري اداسي ڇانيل ھئي. شڪل ايتري مايوس ۽ سو سان ڀريل ھئي، جنھن کي ڏسي پنھنجي طبيعت کي ڏک ٿي ٿيو. آئون ھن جو ضرورت کي پنھنجي ناقدانھ نگاھن سان پرکي رھيو ھوس ۽ ھو ڪنڌ ھيٺ ڪيو، بي پرواه ٿيو خاموش ويٺو ھو. ھن کي چڱي طرح جاچڻ کان پوءِ مخاطب ٿي کيس چيم تھ: ”توکي ڳائڻ ۾ ڏاڍو ڪمال حاصل آھي!“ منھنجي آواز تي ھو ڄڻ ڪنھن خواب مان بيدار ٿيو ھجي، مون ڏانھن نھاريندي جواب ڏنائين.

عاشق: ڳائڻ ۾ ڪمال! ڪمال تھ وڏي شيءِ آھي، مان تھ ڳائڻ بھ نٿو جاڻان.

مان: ايتري سادگي ۽ انڪساري بيڪار آھي، ڀلا، تنھنجو نالو ڇا آھي؟

عاشق: (ڏاڍي حيرت سان مون کي تڪيندي) نالو! منھنجو نالو ڪڏھن ڪجھھ ھو، پر ھاڻي تھ ڪجھھ بھ نھ آھي ھاڻي تھ آئون خاڪ جو ھڪ ڍير آھيان، جنھن کي ھڪ ڏينھن فنا جي ھوا ڪلھن تي کڻي اڏائي پکيڙي ڇڏيندي.

مان: ھائو! ھر ڪنھن سان ھڪ ڏينھن ائين ٿيڻو آھي! پر نالو تھ ضرور تنھنجو بھ ڪجھھ ھوندو، نيٺ آئون توکي ڪھڙي نالي سان سڏيان؟

عاشق: چڱو! انھيءَ لاءِ ٿا منھنجو نالو دريافت ڪريو؟ تمام چڱو! آئون پنھنجو نالو ٻڌايان ٿو، مون  کي ”عاشق“ چون ٿا.

مان: عاشق! نالو تھ ڏاڍو سٺو آھي، چڱو! ھاڻي عاشق، مون کي تون وري ھڪ ڀيرو اھو راتوڪو پريم راڳ ٻڌائيندين؟

عاشق؛ (نھايت مايوسيءَ جي حالت ۾) پريم راڳ!ڇا توھان منھنجي ڏک ڀريل صدا کي پريم راڳ سان تعبير ڪريو ٿا؟ غل آھي! بلڪل غلط! جيڪڏھن منھنجون صدائون پريم راڳ جو درجو حاصل ڪري سگھن ھا تھ جوابي پريم رس ۾ رڱيل ھجي ھا ۽ زندگي موت کان اڳي زنده لاش نھ بڻجي وڃي ھا.

ھاڻي مون کي ڪجھھ سمجھھ ۾ آيو تھ ھي محبت جو ستايل ھو، ھن جي ڳالھين منھنجي دل ۾ ڏاڍي دلچپسي پيدا ڪئي، ايترو ڄاڻڻ کان پوءِ سڀاويڪ منھنجي دل ۾ خيال پيدا ٿيو تھ ھن جو وڌيڪ حاصل معلوم ڪرڻ گھرجي، تنھنڪري ھن کي چيم تھ، ”ٻيو ڀيرو راڳ ٻڌائڻ تنھن کان اڳي تون پنھنجو احوال ٻڌائي سگھندين؟ مون کي تنھنجي احوال ٻڌڻ جي ڏاڍي خواھش آھي.“

عاشق: احوال! منھنجو احوال ئي ڇا آھي؟ دنيا ۾ پيدا ٿيس، ماءُ جي ھنج ۾ پرورش پاتم، ننڍپڻ جون منزلون طئي ڪيم، جواني کان واقف ٿيس ۽ دل جي ڪومل ڪنول ڦٽڻ کان اڳي ھڪ موتمار حادثي سبب تباھ ٿي ويس.

مان: (دلچسپي ڏيکاريندي) آئون انھيءَ موتمار حادثي جو تفصيل تنھنجي واتان ٻڌڻ گھران ٿو!

عاشق: (ڪنھن ڳوڙھي ويچار ۾ پئجي) اھو ڏاڍو مشڪل آھي، ايترو چئي ھو ڪنھن جذبي جي اثر ھيٺ اچي روئڻ لڳو. مون ڏٺو تھ ھن جي اکين مان بيڪسي جھلي رھي ھئي، جنھن کي ھر حالت ۾ زنده عبرت سان تعبير ڪري سگھجي ٿو.

ايتري ۾ منھنجو پٽيوالو چانھھ تيار ڪري کڻي آيو، مون ھڪ ڪوپ چانھھ عاشق کي بھ ڏني، جا ھن ڏاڍي خوشيءَ سان پيتي. اسين عام طرح چرين کي اسپتال ۾ چانھھ ڪونھ ڏيندا آھيون، جيتري وقت تائين عاشق آھستھ آھستھ چانھھ پئي پيتي، مون ماٺ ڪري اوترو وقت ھن جو چھرو پئي جاچيو ۽ تاذي ورتم تھ ھو سڀاءُ جو اٽل ھو. جيڪڏھن وڌيڪ ڪجھھ پڇندس تھ ڪڏھن ڪين ٻڌائيندو، تنھنڪري سڀاڻي وري اچڻ جو چئي مون ھن کي وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي، چرين جي نفسيات کي سمجھڻ ايترو سولو نھ آھي، تنھنڪري تڪڙ تڪڙ ۾ ڪابھ ڳالھھ پڇڻ سان ھو سولائي سان تھ ٻڌائيندا آھن، بلڪھ نٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، جيسين ھو پنھنجي موج ۽ رنگ ۾ نھ ھوندا آھن، تنھنڪري ھنن کي پنھنجي پوري مزاج ۾ آڻي پوءِ جيڪي پڇيو تھ سنئون سڌو ٻڌائي ڇڏيندا آھن. عاشق بھ انھيءَ قسم جي چرين مان ھو، ٻي ڏينھن ھن کي گھرايم، ھتي ھتي جون ڳالھيوم ڪيم- پر ڏٺم تھ ھو ڳالھائڻ جي حالت ۾ نھ ھو تمام اداس ھو، جيتوڻيڪ ھن جي دل جوئي ۽ دلنوازي ڪرڻ ۾ مون گھٽايو ڪين. اھو سڀ ڪجھھ ڪيم جو ھڪ ھمدرد ۽ سوزپسند انسان کي ڪرڻ کپندو ھو، پر ھو مون کي پاڻ بابت ڪجھھ بھ ٻڌائڻ لاءِ تيار نھ ٿيو، ھن جو انداز گفتگو اھڙو ھو جو ھر وقت دل پي گھريو تھ ھن سان ڳالھائيندو رھجي تھ روح کي آٿت محسوس ٿئي، نيٺ ھفتي کن کان پوءِ آئون پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيس.

ھڪڙي ڏينھن جيئـن ھن کي مون وٽ وٺي آيا تھ ڏٺم تھ ھن کي تمام گھڻي بيچيني ۽ بيقراري ھئي، ھن جون اکيون ڳاڙھيون ۽ سڄيل ھيون، ڄڻ تھ سڄي رات ستو ئي ڪونھي، شايد ويھي فقط رنو اٿس، مان خاموشيءَ سان ھن جو مطالعو ڪري رھيو ھوس ۽ ان وقت جي حالت ڏسي، اھو نٿي گھريم تھ ھن کي ڪنھن بھ ڳالھھ لاءِ زوري مجبور ڪريان. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺم تھ ھن جي چپن تي مرڪ ھئي، سمجھي ورتم تھ ھاني ھن جي دل اضطراب جي ڪشمڪش کان آزاد ھئي، ھو مون کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو:

صاحب! بزرگن جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن ڪنھن جي دل تي ڪو بار ھجي تھ ڪنھن ٻئي سان دل جو سمورو احوال سلي، طبيعت کي ھلڪو ڪرڻ گھرجي، اوھان منھنجو احوال ڄاڻڻ لاءِ خواھش ڏيکاري، منھنجي پريشان طبيعت ۾ عجيب ھلچل پيدا ڪري ڇڏي آھي، نھ جاءِ رفتن نھ پاءِ ماندن. ھيترو وقت مون کي ھتي گذري ويو آھي جو اڳي ڪنھن اھڙي ڪوشش اڄڏينھن سوڌو نھ ورتي آھي الائي اوھان کي اھڙو خيال ڇو پيدا ٿيو آھي، ڇا ھميشھ ائين ڪندا آھيو؟

مان: (کلي) تنھنجي اندروني ۽ نفسياتي  حالات ڄاڻڻ کان پوءِ شايد آئون تنھنجي علاج ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان.

عاشق: صاحب! اھڙي ڪوشش ڪرڻ بي سود آھي، آئون جنھن حالت ۾ آھيان نھايت خوش آھيان، مون کي منھنجي حال تي ڇڏي ڏيو، شايد منھنجي احوال ٻڌڻ کان پوءِ اھڙو خيال لاھي ڇڏيو.

مانءِ چڱو پھريائين پنھنجو احوال تھ ٻڌاءِ، پوءِ آئندھ لاءِ ڏٺو ويندو.

آئون ھميشھ تن گوش ٿي ھن جي ڪھاڻي لاءِ تيار ٿي ويٺس ھن ھڪ ٻھ ٿڌا ساھھ کڻي، ڪمري ۾ حسرت سان نظر ڦيرائي چوڻ شروع ڪيو.

عاشق: اوھان چنڊ تھ ڏٺو آھي، پر غور ڪيو اٿو تھ ان ۾ ڪير ويٺو آھي، شايد اھو خيال ڪڏھن بھ نھ ڪيو اٿو، تعجب ۽ حيرت جي ڳالھھ آھي تھ ان ۾ ڪو ويٺو ضرور آھي، آئون ھميشھ، جڏھن چنڊ نڪرندو آھي تھ پنھنجي زندگيءَ جي چنڊ کي ماھ جي آرسيءَ ۾ جلوه گر ڏسندو آھيان.

ايترو چئي ھو مون کي چتائي ڏسڻ لڳو، آئون سمجھي ويس تھ ھن جي دل محبوب جي احساسات ۽ محبوب جي ياد سان ڏاڍي ٽمتار آھي، تنھنڪري حوصلھ افزائي کي پيش نظر رکندي چيم:

مان: عاشق! تون جيڪي چنڊ ۾ ڏسي سگھين ٿو سو آئون ڪيئن ٿو ڏسين سگھان؟ چڱو! توکي چنڊ ۾ انھيءَ نظر اچڻ واري جو قسم آھي تھ مون کان ڪجھھ بھ نھ لڪاءِ، بلڪھ پنھنجو سربستو احوال ٻڌاءِ. عاشق جو ايتري ۾ ڪنھن دور خيال دنيا ۾ وڃي چڪو ھو، تنھن پاڻ سنڀاليندي چيو:

عاشق: مون اوھان سان انجام ڪيو آھي، اھو ضرور پاڙيندس، چڱو ھاڻي ٻڌو:

زندگيءَ جا خوشگوار ڏينھن منھنجي ڀاڪر ۾ خوشي بڻجي منھنجي دل ۽ دماغ تي ڇانيل ھئا، ۽ ڏاڍي اطمينان سان زندگي گذاري رھيو ھوس، آئون پنھنجو اصل نالو ۽ خاندان جو نالو ڄاڻي واڻي نھ ٻڌائيندس تھ حياتيءَ ۾ انقلاب اچڻ کان اڳ ۾، آئون پنھنجن ڏينھن ۾ ھڪ شاعر ۽ ھڪ انسان ھوس. منھنجي قابليت جو ھر ڪو قائل ھو، منھنجا افسانھ زندگيءَ جو لطف پيدا ڪندا ھئا. منھنجا نظم وجداني ڪيفيت جا حامل ھئا ۽ منھنجا غزل موج ۾ ڀرجي پڙھيا ويندا ھئا، پر افسوس! ھاڻي اھي سڀ ھڪ ڌوڪو، ھڪ فريب ۽ ھڪ رڃ بڻجي چڪا آھن. ھا! مون کي اھي ڏينھن ياد آھن، جڏھن مان جواني جي قيد ۾ داخل ٿي ھوس، حسن جي رنگين زنجيرن منھنجي ھستيءَ کي شباب جو پابند ڪيو ۽ ھڪ حسن جي راڻي جي قدمن تي مون پنھنجي دل قربان ڪري ڇڏي ھئي؟ ھن جو نالو ڇا ھو؟ سمجھھ کڻي ”عائشھ“ آه عائشھ! جا پنھنجي زماني جي عجيب و غريب حسينا ۽ پنھنجي وقت جي ڪامياب ڪلاوت ھئي، ھن جي سونھن ھڪ آرسي ھئي، اھڙي آرسي جنھن جو تجلو سج، چنڊ تارن ۽ ڪائنات جي آئينھ خاني کان بھ وڌيڪ ھو. جوان ھن تي بھار بڻجي ڇانيل ھئي، بلڪل اھڙي گداز ۽ جاذب جيئن چمن ۾ گنچا، ڳائڻ ۾ ھن کي ايترو ڪمال حاصل ھو، ايترو علم ھو ۽ ايترو عبور ھو جو ھوءَ نغمھ گري جو معراج جي حدن کان گھڻو اڳتي وڌيل ھئي.

مون ھن کي سڀ کان پھريائين ھڪ مخصوص جلسي ۾ ڏٺو ھو، جتي ھن جو ڳائڻ ٻڌو ھوم ۽ انھيءَ وقت کان وٺي پنھنجي دل وڃائي ويٺو ھوس، مون کي ھن سان محبت ٿي وئي ھئي پر منھنجي محبت پاڪ ھئي. ايترو پاڪ جو پاڪيزدگي مون کي انھيءَ محنت جو داد ڏيئي رھي ھئي. مون کي ھن جي راڳ ۾ ايتري لطافت محسوس ٿيندي ھئي. ايترو سڪون حاصل ٿيندو ھو جو نغمن جي اثر کان آئون مدھوش ٿي ويندو ھوس ۽ اھائي غير فاني لذت ھئي، جا منھنجي محبت جي زنجيرن کي وڌيڪ کان وڌيڪ مضبوط ڪري رھي ھئي، منھنجي محبت ڏينھون ڏينھن وڌندي وئي. مان ھن شراب کي روح ۽ دل ۾ برابر جذب ڪندو رھيس، وقت ويو گذرندو پر محبت بھ وئي وڌندي، ڪڏھن گھٽي ڪين، ۽ ھڪ طويل عرصو گذري ويو، جو محبت جو جنتي نشو ساھھ جي اچڻ وڃڻ تي قابو پائو چڪو ھو ۽ آئون محبت جي ھڪ اھڙي منزل تي ھوس، جنھن کي ھن سلسلي جي پوئين منزل چيو وڃي ٿو.

عائشھ کي سڌ ھئي تھ آئون ھن سان محبت ڪريان ٿو، پر مون ڪڏھن بھ پنھجي محبت جو اظھار نھ ڪيو ھو، انھيءَ ڪري اظھار نھ ڪيو ھوم تھ محبت ڪٿي نٿي وڃي، پر ٿي وڃي ٿي. منھنجي زندگي ڏاڍي خوشگوار ھئي، اھڙي خوشگوار جي سڄي دنيا جي بھادر گڏجي بھ ان جي اڳيان تڇ ھئا.

پر افسوس! جو فطرت کي منھنجو اھو خوشيءَ جو دور نھ آئڙيو، آسمان ڪج روش جون گردشون منھنجو قرار ۽ سڪون کي ڏسي نھ سگھيون ۽ آئون  ھڪ روح فرسا انقلاب جي ھٿن ۾ تباه ٿي ويس. عائشھ تي دولمند جو عرصي کان گھيرو ھو، مون کي اھو سڀ ڪجھھ معلوم ھو ۽ آئون خاموشيءَ سان سڀ ڪجھھ ماٺ ڪري ڏسي رھيو ھوس. مون کي پنھنجي پاڪيزه محبت تي ناز ھو ۽ منھنجي دعويٰ ھئي تھ جيتري عائشھ سان منھنجي محبت ھئي، ان جو مثال ملڻ ناممڪن ھو، اھوئي ھڪڙو آٿت جو ذريعو ھو، جنھن دولت جي ڌڻين جي حملن  ۽ خطرن کان بي نياز ڪري ڇڏيو ھو. پر فطرت کي ٻيو ڪجھھ منظور ھو جو منھنجي محبت ڪامياب ٿيڻ جي بدران ناڪامي جي پيرن ھيٺان لتاڙجي وئي ۽ عائشھ ھڪ دولتمند سان شادي ڪري ورتي.

مون کي ھيءَ خبر ان مھل پئي جڏھن آئون ھڪ عجيب و غريب نظم مشرق جي ڳائڻي،  جي نالي سان لکي رھيو ھوس. ھاڻي آئون اوھان کي ڇا ٻڌايان تھ ھن خبر مون تي ڪھڙو اثر ڪيو. غم جي اثر کان مري وڃڻ حياتي جي معراج کان گھٽ نھ ھو ۽ پاڳل ٿي پوڻ بھ ناممڪن نھ ھو، پر مون کي موت نھ آيو ۽ نھ وري مان پاڳل ٿيس. انھن ٻنھي حالتن کان جدا منھنجي ھڪ عجيب حالت ٿي وئي، مون کي ائين پئي معلوم ٿيو تھ ڪنھن چئني پاسن کان منھنجي اندر ۾ باھھ دکائي ڇڏي آھي، ڪيترن ڏينھن تائين مون تي ھڪ اھڙي عبرتناڪ حالت ڇانئجي وئي، جنھن کي منھنجي گھر جا ڀاتي برداشت نھ ڪري سگھيا ۽ منھنجو گھر ڄڻ ھڪ ماتم ڪده بڻجي ويو، ڪيترا ڀيرا ائين پئي سمجھيو ويو تھ آئون مري ويندس، پر آه! مون کي موت نھ آيو.

انھيءَ عرصي ۾ ڪيترا ڀيرا مون کي عائشھ جو نياپو آيو پر مان مجبوريءَ سبب وڃي نھ سگھيس، جو اٿڻ جي قابل ئي نھ ھوس، ھن کي شايد منھنجي حالت جي خبر پئجي چڪي ھئي، ھڪڙي ڏينھن معلوم ٿيم تھ ھوءَ مون کي ڏسڻ جي ارادي سان منھنجي گھر اچڻ ٿي گھري. جيسين ھمدردي ۽ انسانيت جو واسطو ۽ تقاضا ھئي تيسين ھن جو ھي جذبو تحسين جوڳو ھو، پر جيڪو انقلاب ھن جي زندگيءَ ۾ پيدا ٿي چڪو ھو، مون نٿي گھريو تھ ھوءَ  منھنجي سامھون اچي.

منھنجي حالت ڪجھھ قرار ۾ ايندي پئي وئي ۽ ھاڻي اميد ٿي وئي تھ ھئي تھ موت جي چنبي مان بچي نڪرندس، ليڪن حقيت ۾ منھنجي اندر جي حالت اور ھئي ۽ منھنجي جذبات جي دنيا ۾ کورو ٻري رھيو ھو، تنھن مون کي مجبور ڪيو تھ مان ھميشھ ھميشھ جي لاءِ پنھنجو اباڻو وطن، محبوب جو ديار ۽ محبت جي مرڪز کي خيرآباد ڪري ڇڏيان.

ھڪڙي ڏينھن جڏھن عائشھ  منھنجي تصور ۾  جھلڪا ڏيئي رھي ھئي، آئون پنھنجي تاريڪ ايڪانت مان نڪري، پنھنجي محبت جو سمورو ادبي سرمايو يا ساري ڄمار جو الھامي ذخيرو پاڻ ساڻ کڻي ھڪ پاسي منھن ڏيئي نڪري ويس. گھر کي خيرآباد چوڻ کان پوءِ پھريون ڪم جو مون ڪيو سو ھي جو اھو سمورو مجموعو درياءَ جي موجن جي سپرد ڪري ڇڏيم، انھيءَ ڏينھن کان وٺي اڄ سوڌو عائشھ جي تصور سان پنھنجي پيار جي باھھ کي روشن رکندو اچان. ڪڏھن ڪٿي تھ ڪڏھن ڪٿي. اھڙي طرح رولاڪ ۽ بيڪسيءَ واري زندگي گذاريندو رھيس. مون کي ڪجھھ معلوم نھ آھي تھ ھاڻي عائشھ ڪٿي ۽ ڪھڙي طرح زندگي پئي گذاري، پنھنجي سچي عاشق جي کيس يادگيري بھ اچي ٿي يانھ. باقي مون کي ڪنھن ڪنھن وقت ھن جي ياد اچي ستائيندي آھي تھ بي قابو ٿي پوندو آھيان. ھڪڙي ڏينھن ائين ٿيو جو آئون پنھنجي حال ۾ نھ ھوس تھ پوليس جھلي وئي ۽ مئجسٽريٽ ھتي ڏياري موڪليو. اوھان کان اڳي جو ڊاڪٽر ھو تنھن مون کي چريو سمجھيو، ھن مئجسٽريٽ کي لکي موڪليو ۽ آئون ھاڻي اتي رکيو ويو آھيان. ايترو ضرور آھي تھ رلڻ ۽ ڀٽڪڻ جي زندگيءَ کان ھتي آئون وڌيڪ خوش آھيان ڪو چوڻ وارو ڪونھي، ھر ڪو ھمدردي ۽ محبت سان پيش ٿو اچي ۽ زندگي جا ڏينھن گذرندا ٿا وڃن. باقي غم ھڪ مستقل ناسور وانگر مون کي ھميشھ ٽڪيندو رھي ٿو ۽ کائيندو وڃي ٿو ۽ آئون محبت جي جذبي سان تحليل ٿيندو پيو وڃان. چئي نٿو سگھان تھ منھنجو پڇاڙي پا ٿيندي. اھو آھي منھنجي ھن موتمار حادثي جو تفصيل، جو ھيترن ڏينھن کان پوءِ اڄ پھريون ڀيرو  اوھان کي ٻڌائي رھيون آھيان. ڇاڪاڻ تھ مون ڏٺو تھ اوھين نھ رڳو ھمدرد آھيو پر درد ڀري دل بھ رکو ٿا، تنھنڪري ڪنھن جي رنج ۽ غم کي چڱي طرح محسوس ڪري سگھندؤ.

ايترو چئي عاشق خاموش ٿي ويو ۽ ھن جي شڪل مان مون کي ھڪ نوراني ڪيفيت جي جھلڪ نظر اچي رھي ھئي، ھن جي عشق ۽ محبت جي ڏک ڀريل بيان مون تي ڏاڍو گھرو اثر ڪيو ۽ آئون ٽٻي ۾ پئجي سوچڻ لڳس تھ عبرت جو مقام آھي تھ ھن اسپتال ۾ اھڙا اھڙا درويش طبيعت انسان بھ اچن ٿا، ذري گھٽ منھنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ھو ۽ منھنجي دل سوز ۽ درد سان ڀرجي وئي ھئي. ايتري ۾ ڏاڍي سوز ۽ درد سان عاشق ساڳيو راڳ ڇيڙيو تھ:

ھم کيسڍ جئيڻ بنسي والڍ

بنسي والي ھم کيسڍ جئيڻ

راڳ مون کي تڙپائي ڇڏيو. آئون ضبط کان ڪم وٺي خاموش ٻڌندو رھيس. عاشق ڪرسي تان اٿي راڳ ڳائيندو پنھنجي وارڊ ڏانھن ھليو ويو ۽ آئون محو حيرت ۾ ويٺو رھيس، مون کي دنيا و مافيھا جي خبر ئي نھ رھي، تان جو جمعدار جي آواز ڇرڪائي  ڇڏيو تھ ”صاحب! عاشق ھليو ويو آھي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com