ھڪ سال سخت پليگ پئي، تنھن ۾ مبتلا ٿي گذاريو ويو
۽ اٺن ڏينھن جي اندر منھنجي ماءُ بھ ساڳي بيماريءَ
۾ جھلجي راھھ رباني ورتي.
مرڻ کان اڳي جيجل ماءُ ڳوڙھا ڳاڙيندي وصيت ڪئي تھ ابا قادر!
آمنا جو خيال رکجانءِ. ھوءَ ننڍي نيٽي آھي نياڻي
آھي ھن کي ڪنھن قسمجي تڪليف نھ ٿئي، ڪنھن چڱي
خاندان ۾ پرڻائي ڇڏجانس، جتي سک سان حياتي گذاري ۽
ياد رکجانءِ. جيسين ھن جي شادي نھ ٿئي، تون پنھنجي
شادي نھ ڪجانءِ. مون پنھنجي ماءُ کي روئندي يقين
ڏياريو تھ ھن جي وصيت جي ھڪ ھڪ اکر کي پورو ڪندس،
منھنجي ائين خاطري ڏيارڻ تي منھنجي ماءُ مرڪندي
پنھنجي جان ڏني.
ڏٺم تھ ڳالھائيندي ڳالھائيندي رحمو فقير جي اکين ۾ ڳوڙھا تري
آيا ۽ ھن جو آواز غم کان ٿورو گھگھو ٿي ويو، ھن ھڪ
ڳاڙھي وڏي رومال سان اکيون اگھندي ۽ ٿوري دير ساھي
کڻندي، مون ڏانھن نھاري وري پنھنجو بيان شروع ڪيو:
آمنت مون کان ٽي سال ننڍي ھئي، ماءُ پيءُ جي اک
بند ٿيندي ئي بک ۽ لنگھڻ ۾ ھئاسين، ٿورو گھڻو گھر
۾ جيڪي ھو سو ماءُ پيءُ جي دوا دارون تي ۽ پوءِ ڪف
ن دفن ۾ خرچ ٿي ويو.
مائٽن ۾ اھڙو ڪير ھو، جو اسان غريب ڀاءُ ڀيڻ جي مٿي تي اھڙي
مصيبت جي وقت ۾ ھٿ رکي ۽ اجھو ڏئي ھا؟ سڀ چوڻ لاءِ
مائٽ ھئا، پر ڪو ويجھو ڪين آيو، ھن خود غرض ۽
مطلبي دنيا ۾ ڪير ڪنھن جو آھي؟ پر مون ھمت نھ
ھاري، بيشڪ مون کي تعليم بند ڪرڻي پئي نوڪري جي
تلاش ۾ ھوس پر نوڪري ڪٿي. نيٺ محنت ۽ مزدوري بھ
ڪرڻي پيم. دل ۾ اھو خيال آندم تھ پيرن ۽ پيغمبرن
بھ مزدوريون ڪيون آھن، آئون ڪير ھوس جو ان کان
ڪيٻايان؟ نيٺ بھ پنھنجو ۽ پنھنجي ڀيڻ جو پيٽ
پالڻو ھو، ھروڀرو ڪنھن جو احسان ڇو کڻان ھا،
منھنجي شان وٽان ڪين ھو، جو ڪنھن جي اڳيان ھٿ
ڊگھيريان ھا، خدا بھ ڪنھن کي نٿو ڇڏي.
ستت ئي امپريل بئنڪ ۾ نوڪري ملي وئي، مون کي پنھنجي ڀيڻ کان
سواءِ ان وقت ڪنھن سان محبت نھ ھئي، جيڪا پگھار
ملندي ھئي سا پنھنجي ڀيڻ جي ھٿ تي آڻي ڏيندو ھوس.
آمنت جي عمر ھاڻي ارڙھن سال ٿي چڪي ھئي. مون کي ھن
جي شاديءَ جو خيال ڳاري رھيو ھو، اھڙو سٺو ماڻھو
شايد ڪو ملي جھڙو منھنجي ماءُ وصيت ڪري وئي ھئي.
ٻيو تھ ڏوڪڊر بھ ڪين ھئا، جو ھي ڪم جلدي ڪري ڇڏجي
ھا، اھڙو ڪير ھو، جو ھڪ غريب ڀاءُ جي يتيم ڀيڻ سان
بنا ڏوڪڙ جي شادي ڪري ھا! مان پنھنجو ذاتي ۽ گھر
جو خرچ گھٽائي ٽي سئو روپيا کن گڏ ڪري سگھيو ھوس.
اتفاق سان ھڪ شريف پڙھيل زميندار ملي ويو، جنھن
سان آمنت جي شاديءَ جي ڳالھھ ٻولھھ پڪي ٿي وئي پر
شان ۽ شوڪت سان پنھنجي ڀيڻ کي زميندار سان پرڻائين
لاءِ مون کي ٽن ھزارن روپين جي گھرج ھئي، تاڪھ
ساھرن ۾ وڃي آمنت عزت سان زندگي گذاري سگھي، پر
منھنجي لاءِ سوال ھو تھ ايتري رقم ڪٿان اچي؟ ايتري
رقم قرض بھ تھ نٿي ملي سگھي، رات ڏينھن انھيءَ
خيال مون کي جھوري وڌو ھو ۽ دوست احباب پڇڻ لڳا تھ
مون کي ڇا ٿيو آھي. ڪا بيماري اٿم؟ دل تي اھا خوشي
ڪانھ ھئي، ڪلارڪي کان سواءِ ھڪ ٻھ ٽيوشن بھ ڏيندو
ھوس، پر انھيءَ مان شاديءَ جي پورائي ٿي نٿي سگھي.
جڏھن مان جيل مان ڇٽي نڪتس تھ ڏاڍو خوش ھوس تھ ٽي ھزار روپيا
بئنڪ جا چوري ڪري جيل نھ ڪاٽيم، پر پنھنجي ڀيڻ جي
شادي چڱي ھنڌ ڪريم ڇڏيم، ھوءَ وڃي ساھرن ۾ سکي ٿي.
پنھنجي ماءُ جي وصيت تھ پوري ڪري ڇڏيم.
شادي ٿي وڃڻ کي ڪو عرصو گذري ويو، نيٺ چوريءَ جي خبر مئنيجر کي
پئي، مون ھن سان اڪيلي ۾ پنھنجو ڏوه قبوليو، پر
پنھنجي مجبوري بھ ھن کي ٻڌايم تھ ڇو مون چوري ڪئي،
ھن سان وعدو ڪيم تھ جيڪڏھن ھو مون کي معاف ڪري
ڇڏيندو تھ پنھنجي پگھار جو ٽيون حصو ھر مھيني
ڪٽائي پيو ڀريندس، جيسين بئنڪ جو سمورو قرض ڏيئي
پورو ڪريان، جيڪڏھن ھو گھرندو تھ ان تي وياج بھ
ڀرڻ لاءِ تيار آھيان، پر ظالم مئنيجر ان تي تيار
نھ ٿيو ۽ مون کي پوليس جي حوالي ڪرڻ لاءِ آماده
ٿي ويو. مون بھ پوءِ وڌيڪ پرواه نھ ڪئي ۽ جيڪي ٿي
گذريو سو دنيا ڏٺو. مان جيل مان نڪتس تھ منھنجي
ڏاڙھي تمام وڏي ٿي وئي ھئي ۽ وار بھ ڊگھا ٿي ويا
ھئا، جھڙيون ڪنھن سنياسي دوريش جون جٽائون. ھن
حالت ۾ مون ڀانيو تھ مون کي ڪو ڪين سڃاڻندو، پر ھڪ
ڏينھن بازار مان لنگھي رھيو ھوس تھ الائي ڪيئن ھٽ
واري مون کي سڃاڻي ورتو ۽ وڏي سڏ ٻئي کي ٻڌايائين
تھ سڃاڻين ٿو تھ اھو ڊگھيءَ ڏاڙھيءَ وارو ڪير آھي؟
اھو ساڳيو قادر بخش، جو بئنڪھ جا پئسا کٽائي جيل ۾ پيو ھو، ڏسجي
ٿو تھ ڇٽي آيو آھي، ھاڻي ڏسجي تھ ٻيو ڪھڙو ٿو کاٽ
ھڻي. ضرور ڪا نھ ڪا ٺڳي ڪندو، اھڙا ماڻھو ڪٿي ٿا
رھي سگھن، مون ھن ڏانھن ڌيان نھ ڏنو پر سجي ڳالھھ
ٻڌي ورتم س۽ مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو، سمجھيم تھ
دنيا ۾ انھن ماڻھن جي لاءِ جڳھھ ئي ڪانھي، جيڪي
ٻين لاءِ ايثار ۽ قرباني ڪري سگھن. مون کي اميد
ھئي تھ منھنجي انھيءَ جذبي جو ماڻھو قدر ڪندا، تھ
جيڪڏھن مون بي ايماني بھ ڪئي ھئي، تھ پنھنجي لاءِ
نھ، بلڪھ ڪنھن ڇوري ڇني جي زندگي بنائڻ لاءِ پر
ھاءِ زمانھ! مون کي ھر طرف کان چور ۽ ڌاڙيل جا لقب
ملي رھيا ھئا، سچ آھي سماج ڪنھن بي ايمان ۽ خطادار
جي عزت ڇو ڪري؟ ھو نيت کي نيت نٿي ڏسي پر ظاھر
عملن تي نظر نٿي رکي، ويچار ڪيم تھ منھنجي حالت
خراب ٿي رھي آھي، ھڙ ۾ ڏوڪڙ نھ آھن نھ بدن تي ڪپڙا
آھن، اھڙي حالت ۾ ڀيڻ وٽ ڪيئن وڃان. ھو وڏن ماڻھن
۾ پرڻجي وئي آھي، متان ھن جي بي عزتي ٿئي، سو نيٺ
اھو سوچي تھ ھت ماڻھو مون کي سڃاڻن ٿا تنھنڪري ھلي
ٻھراڙي ۾ ڪجھھ ڪمائجي. جڏھن چار پئسا ٿيندا ۽ ڪجھھ
حيثيت بڻجي پوندي تھ ڀيڻ وٽ ويندس.
ٻھراڙي ۾ وڃي رھيس، نالو رحمو کڻي بدلايم، ان سان گڏ پنھنجي سڄي
رھڻي ڪھڻي بھ بدلائي ڇڏيم، ھاڻي اتي ڪير چئي ٿي
سگھيو تھ آئون ھڪ انگريزي ڄاڻندڙ شخص ھو. ھڪ
زميندار ترس کائي ٿورو زمين جو ٽڪرو پوکڻ لاءِ
ڏنو، محنت کان فارغ ٿي خلق جي خدمت ۾ لڳي ويندو
ھوس. رنن زالن جي مدد ڪندو ھوس، يتيمن جي پرگھور
لھندو ھوس، بيمارن جي ٽھل ڪندو ھوس، ٿورن ڏينھن ۾
ڳوٺ جا ماڻھو مون کي چاھڻ لڳا، ننڍو وڏو عزت ڏيڻ
لڳو. ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس منھنجي حيثيت ھڪ خدا رسيده
بزرگ جھڙي ٿي وئي ۽ سچ پچ تھ منھنجي دل ۾ بھ ڪا
ڪڌائي نھ ھئي.
زميندار بھ خوش ٿي زمين جو وڏو ٽڪرو منھنجي حوالي ڪيو آئون محنت
۽ جفاڪشيءَ سان گڏ خلق جي خدمت بھ ڪندو رھيس تھ
پنھنجي پالڻھار کي بھ ياد ڪندو رھيس، نماز ۽ روزي
جو بھ ڏاڍو پابند ٿي ويس، ماڻھو ھاڻي مون کي رحمو
فقير يا درويش سڏڻ لڳا. ٻنيءَ جو ڪم ڪار بھ سڀ ٻيا
ڪرڻ لڳا ۽ آئون وڌيڪ خلق جي خدمت ۾ مصروف ٿي ويس،
زماني جي گردش مون کي وقت کان اڳي پوڙھو ڪري ڇڏيو
۽ آئون ايترو بدلجي ويس جو منھنجا اڳيان واقف ڪار
مون کي سڃاڻي ڪين سگھندا ھئا، ڳوٺ ۾ قادر بخش جي
بداعمالن جا افسانا اڃا تائين منھنجن ڪنن تي
پھچندا ھئا، جن کي ٻڌي منھنجي دل ڇڄي پوندي ھئي ۽
غور ڪندو ھوس تھ سماج جي حالت اھڙي آھي جو اھا
ڪنھن جي قربانين کي چڱين نظرن سان ڏسڻ لاءِ تيار
نھ آھي. مون پنھنجي ڀيڻ کي ڏسڻ لاءِ ان وٽ وڃڻ تي
گھريو. رات ڏينھن ھن جي شڪل منھنجي اڳيان ٿي ڦري،
پر وري اھو ڊپ ٿي ٿيو تھ متان منھنجو وڃڻ ھن جي
رسوائي ۽ شرمندگي جو سبب بڻجي، تنھنڪري پاڻ کي
روڪي وڌم. مون کي آمنت جي محبت ۾ پورو ڀروسو ھو.
مون کي يقين ھو تھ کڻي سماج جي نظرن ۾ آئون ڪيترو
ئي ذليل ۽ خوار ڇو نھ ھجان، پر آمنت مون سان اڃا
بھ محبت ڪندي ھوندي، ۽ ھن ڳالھھ جو قدر ڪندي تھ
پنھنجي ڀيڻ جي زندگي ڪامياب بنائڻ جي خاطر ھن جي
ڀاءُ پنھنجي زندگيءَ جون سڀ خوشيون قربان ڪري
ڇڏيون. ھڪڙي ڏينھن مون کان رھيو نھ ٿيو ۽ مون آمنت
ڏانھن خط لکيو تھ قيد کان ڇٽي نڪتو آھيان ۽ فراشن
جي ڳوٺ ۾ ٽڪيو پيو آھيان ۽ جلدي توسان اچي ملاقات
ڪندس. خط پڙھندي ئي آمنت جي پيرن ھيٺان زمين نڪري
وئي ۽ ھن جو رت سڪي ويو. سوچڻ لڳي تھ قادر بخش
جنھن ٽن سالن جي سزا، پئسن کائڻ جي ڏوھھ ۾ ڪاٽي
آھي، سو جيڪڏھن وٽس ايندو تھ ڇا ٿيندو؟ منھنجي گھر
واري جي عزت خاڪ ۾ ملي ويندي! ماڻھو الائي ڪھڙيون
ڪھڙيون ڳالھيون ڪندا! خبر نھ آھي تھ منھنجي پڇاڙي
ڇا ٿيندي؟
آمنت پنھنجي ساھرن مان ڪنھن عزيز کي ساڻ وٺي ۽ مڙس سان بھانو
ڪري، پڇائيندي فراشن جي ڳوٺ ۾ اچي نڪتي، ڀلا قادر
بخش کي ڪير سڃاني؟ ھو تھ رحمو فقير بڻجي چڪو ھو.
کيس ڳوٺ ۾ قادر بخش جو ڏس ڪنھن بھ نھ ڏنو، نيٺ
ماڻھن ھن کي صلاح ڏني تھ رحمو فقير وٽ لنگھي وڃ،
ان وٽ گھڻا ئي ٿا اچن، توکي ھن وٽان ئي ڏس پتو
ملندو. آمنت کي اھا ڳالھھ وڻي سا منھنجي جھوپڙي ۾
لنگھي آئي. شام جو وقت ھو سج اڃا مس لٿو ھو، چئني
پاسي اونداھي، ڇانئجي وئي ھئي، فقير جي جھوپڙي ۾
مٽيءَ جو ڏيو ٻري رھيو ھو، ھن وٽ شمعدان ڪٿان آيا،
جو شھر جي گھر وانگر جھوپڙي روشن ڪن، ڏئي جي روشني
ڀلا جھوپڙي کي ڪٿي ٿي ايترو روشن ڪري سگھي؟ جھڪي
روشنيءَ ۾ آمنت ڏٺو تھ ھڪ درويش جنھن جي ڏاڙھي دل
تائين آيل ھئي ۽ جنھن جو جٽائون نانگن وانگر ڪلھن
تي لھرا ڏيئي رھيون ھيون، جنھن جي شڪل مان ديانت
جو رنگ بکي رھيو ھو، شام جي نماز پڙھي تسبيح کنيو
وظيفي ۾ مصروف ھو، ٻھ، ٽي ماڻھو ھن جي ساجي ۽ کاٻي
پاسي نھايت ادب سان ويٺا ھئا، ڪنھن زال جي پيرن جي
آھٽ ٻڌي مون پنھنجون اکيون کولي ڇڏيون، ٽمڪندڙ
ڏئي جي روشنيءَ ۾ شايد ٻيا ماڻھو نھ سڃاڻي سگھيا
ھجن، پر منھنجن اکين آمنت جي صورت سڃاڻي ورتي ۽
اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيون، مون گھريو ٿي تھ اتي
پنھنجي پياري ڀيڻ کي، جنھن لاءِ مون پنھنجي عزت بھ
قربان ڪري ڇڏي ھئي ڀاڪر پائي گڏجان، پر وري ڪجھھ
ويچار ڪري خاموش رھيس ۽ آھستھ آواز ۾ کانئس پڇيم،
”ڌيءَ تون ڪٿان آئي آھين؟“
دولت سان کيڏڻ واري آمنت شايد پنھنجي مفلس ڀاءُ جو آواز بھ ڀلجي
وئي ھئي، جواب ڏنائين، ”ٽنڊي کان اچان پئي.“
مون کانئس وڌيڪ پڇيو، ”ڌيءَ ڪھڙو ڪم اٿئي؟“
چيائين ”مون کي ھڪ ماڻھو قادر بخش سان گڏجڻو آھي، مون ٻڌو آھي
تھ ھن ڳوٺ ۾ ٽڪيل آھي، تنھنڪري اوھان کان ھن جو ڏس
پڇڻ لاءِ آئي آھيان، جو اوھان وٽ ھر قسم جا ماڻھو
اچن ٿا.“
مون وري پڇيومانس، ”ڪجھھ تھ ٻڌائي تھ ھو ڪھڙو آھي؟ پوڙھو آھي يا
جوان؟“
آمنت: بابا ھن جي عمر پنجويھھ ڇويھھ ورھيھ ھوندي، ڏاڙھي مڇون
ڪوڙائيندو آھي.
مان: تنھنجو ھن سان ڪھڙو واسطو!
آمنت ھو منھنجو مائٽ ٿئي.
منھنجي دل ۾ محبت جي باھھ ھڪ ڀيرو وري ڀڙڪو ڏيئي اٿي، مون
سمجھيو تھ شايد آمنت محبت جي جوش ۾ مجبور ٿي، مون
کي ملڻ ڪاڻ فراشن جي ڳوٺ ھلي آئي آھي،آئون پنھنجو
راز فاش ڪرڻ تي ھوس پر وري ڪنھن خيال روڪي وڌو ۽
سوچي چوڻ لڳس، ”ڇا توکي قادر بخش سان ايتري حب آھي
جو ٽنڊي مان ھلي ھتي آئي آھين؟
آمنت: بيپرواھي سان، باب حب ڇا جي؟ عزت جو معاملو آھي، تنھنڪري
ھن سان رڳو چار ڳالھيون ڪرڻ لاءِ آئي ھيس، منھنجو
چھرو زرد پئجي ويو طبيعت تي گھڻو زور ڏيئي ۽ ضبط
کان ڪم وٺي چيم:
ڌيءَ! قادر بخش مون وٽ ايندو ضرور آھي، پر ھو ھن وقت شھر ويل
آھي، آڌي رات جو شايد موٽي اچي، جيڪڏھن تون ھن جي
لاءِ ترسڻ گھرين تھ تنھنجي لاءِ رات جي ٽڪڻ جو ڪو
بندوبست ڪريان؟
آمنت: بابا! مون کي ترسي ڇا ڪرڻو آھي، ھن کي رڳو ھڪ نياپو ڏيڻو
ھو، وقت بھ تمام ٿورو آھي، مان ھينئر ئي ٽنڊي وڃڻ
ٿي گھران.
مان: (مايوس ٿي) جيڪڏھن توکي ڪو عذر نھ ھجي تھ نياپو مون کي
ٻڌائي وڃ، تھ مان قادر بخش جي موٽي اچڻ تي تنھنجو
نياپو کيس پھچائي ڏيندس.
آمنت: بابا! ھن کي ھي چئجو تھ ھو منھنجي گھر ھرگز اچڻ جي تڪليف
نھ ڪري نھ تھ ھن لاءِ ٺيڪ نھ ٿيندو.
نياپو ٻڌڻ شرط منھنجي دل ڀرجي آئي ۽ اکين ۾ پاڻي اچي ويو،
پنھنجي نا اميدي، پريشاني ۽ دل جو راز لڪائڻ لاءِ
مون پنھنجو چھرو ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيو ۽ ھڪ ڪتاب
جا پنا ورائيندي پڇيم:
ڇو؟
آمنت: انھيءَ لاءِ تھ ھن چوري ڪري، تي سال جيل ۾ سزا ڪاٽي
پنھنجي عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏي آھي، ھاڻي منھنجو مڙس
ھڪ بدمعاش چور سان ڪو واسطو رکڻ نٿو گھري، ھن جي
اچڻ ڪري منھنجي ۽ منھنجي ساھرن جي سخت بدنامي
ٿيندي.
مان: تنھنجو مڙس شايد ڪنھن چور يا بدمعاش سان واسطو رکڻ نھ
گھرندو ھجي پر ڇا تون بھ عزازت ترڪ ڪرڻ گھرين ٿي؟
آمنت: آئون بھ ساڻس ملڻ نٿي گھران، اھڙي بدمعاش سان جنھن کي
پنھنجي ۽ پنھنجي خاندان جي عزت جي بھ پرواھھ نھ
ھئي، ڪير ملي؟ اھڙي سزا کاڌل چور سان ملي آئون
ڪيئن ذلت برداشت ڪندس؟ مون پنھنجي دل جي جذبي کي
لڪائيندي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو:
ڌيءَ! ٺيڪ آھي، قادر بخش کي تنھنجو نياپو ضرور پھچائيندس، ھو
منھنجي ھر ڪا ڳالھھ مڃيندو آھي، آئون ھن کي منع
ڪندس تھ تو وٽ نھ اچي. مون کي اميد آھي تھ ھو ڪڏھن
بھ تنھنجي گھر نھ ايندو.
آمنت: بابا! توھين مون تي اھو وڏو احسان ڪندا، آئون اوھان کي
عرض ٿي ڪريان تھ اوھين زوردار اکن ۾ ھن کي چئجو تھ
ھو منھنجي گھر ڪڏھن نھ اچي، نھ تھ ھن جي لاءِ چڱو
نھ ٿيندو.
آمنت مون کي سلام ڪري ھلي وئي، منھنجي دل ڀرجي آئي مون اتي جيڪا
ماڻھو ويٺل ھئا تن کي وڃڻ جي اجازت ڏني سڀني جي
وڃڻ کان پوءِ آئون ٻارن وانگر اوڇنگارون ڏيئي روئڻ
لڳس.
اميد جو پويون ترور بھ غائب ٿي ويو ۽ ھاڻي منھنجي حياتيءَ ۾ ھر
طرف اونده محسوس ٿيڻ لڳي، ھاءِ! اھا ڀيڻ بھ مون کي
منھن تي چور ۽ بدمعاش ٿي سڏي ۽ منھنجي شڪل ڏسڻ کان
بھ بيزار آھي، ۽ مون سان گڏجڻ بھ نٿي گھري، جنھن
جي زندگي سڌارڻ ۽ جنھن کي آرام ڏيڻ لاءِ مون چوري
ڪئي ۽ پنھنجي عزت جي قرباني ڏنم. جڏھن پنھنجن جو
ئي خون سفيد ٿي چڪو ھجي تھ اھڙي خود غرض دنيا،
فريبي دنيا ۾ رھي ڇا ڪجي، مون کي آپگھات ڪرڻ جو
خيال آھيو، پر اھو اسلام ۾ جائز نھ آھي ۽ مائٽن
جيڪا ننڍپڻ ۾ مذھبي تعليم ڏني ھئي سا ڪم آئي، تنھن
اھڙي ڪني ڪم ڪرڻ کان روڪيو، تنھن کان سواءِ اھو
خيال بھ آيو تھ زماني کي مون تي کلڻ ۽ ٺٺولي ڪرڻ
جو موقعو ملي ويندو. ڪنھن کي اھڙو وجھھ ئي ڇو
ڏيان. انھن خيالن مون کي ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ اھڙو
ڌونڌاڙيو جو منھنجو دماغ خراب ٿيڻ لڳو. آئون راتو
واھ منھن ڏيئي ڪنھن پاسي نڪري ويس، مون کي خبر
ناھي تھ ڪٿي ويس، ڪيترا ڏينھن رليس، پر جڏھن ھوش ۾
آيس تھ پاڻ کي چرين جي اسپتال ۾ ڏٺم، ھاڻي ھتي خلق
جي خدمت ڪرڻ ٿو گھران، ھاڻي صاحب سڀ ڪجھھ اوھان تي
منحصر آھي.
رحمو فقير اسپتال ۾ گھڻا سال جيئرو رھيو، ھڪ ڏينھن مون وٽ آيو
چوڻ لڳو تھ صاحب! ھاڻي اسان جي موڪلاڻي اٿو، ڪنھن
ڪنھن وقت اھڙيون ڳالھيون ڪندو ھو، مون کلي ھميشھ
وانگر ماٺ ڪئي، ٻئي ڏينھن جڏھن اسپتال پھتس تھ خبر
پيم تھ رات رحمو فقير گذاري ويو.
ھندو وڏو ڪلرڪ لاش ميڊيڪل اسڪول موڪلڻ جي تياريءَ ۾ ھو، ڇاڪاڻ
تھ جيڪي بنا وارث ھوندا ھئا، تن جا لاشا وڍ ڪٽ
لاءِ اسڪول ۾ سکڻ لاءِ موڪليا ويندا ھئا. مسلمانن
جو سڄو عملو منھنجي ڊپ کان ڪڇي نٿ سگھيو، پر سڀئي
انتظار جي نظر سان مون کي ڏسي رھيا ھئا، مون حڪم
ڏنو تھ فقير جو لاش اسڪول نھ موڪليو وڃي، بلڪھ
سندس ڪفن دفن جو بندوبست منھنجي طرفان ڪيو وڃي ۽
ھن کي اسپتال جي ڀر واري قبرستان ۾ پوريو وڃي.
پچڪاري
منھنجو دستور ھوندو ھو تھ اسپتال ۾ اچڻ شرط پھريائين نوان آيل
بيمار تپاسيندو ھوس، انھن جو ڪم پورو ڪري ٿورا
ٿورا پراڻا ڪيس ڏسندو ھوس. جيئن ھڪ نئين آيل
بيمار جو احوال قلبمند ڪري، رھيو ھوس تھ ڪمري کان
ٻاھر گھمسان ۽ گوڙ ٻڌم. ايتري ۾ ڪنھن شيءِ جي ڪرڻ
جو آواز آيو ۽ پوءِ زور سان ڪنھن ماڻھوءَ جي ڪرڻ
جو آواز ۽ پوءِ ڪو ڏاڍيان رڙ ڪري چئي رھيو ھو تھ
ڇڏيو مون کي نھ تھ خون ڪري ڇڏيندس، منھنجا ھٿ کولي
ڇڏيو؛ ھي پچڪاري مون کي ڏيو، پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو
تھ مينگھو چريو مستيءَ ۾ آھي. مون کي ڏيکارڻ لاءِ
ھن کي وٺي آيا ھئا ۽ منھنجي آفيس جي سامھون ھڪ
بينچ تي ھن کي وھاريو ھيائين. ھن جا ھٿ پٺيان
نوڙيءَ سان ٻڌي ڇڏيا ھئايون، ڇاڪاڻ تھ تھ ھو
خطرناڪ چريو ھو. جيئن ھو بينچ تي ويٺو ھو تھ
ڪمپائونڊر ھڪ ٽري ۾، ڪنن جي پچڪاري ۽ ٻيو سامان
کنيو مينگھي جي ڀرسان لنگھيو، تھ ٽري ان جي ھٿ ۾
ڏسي لت ھڻي ڪيرائي وڌائين ۽ پوءِ پاڻ پٽ تي ڪري
ڏندن سان پچڪاري جھلڻ جي ڪوشش ڪيائين، تھ اسپتال
جي سپاھيءَ کڻي جھليس، تنھن تان ئي ھي ايترو گوڙ
۽ گھمسان ھو، مينگھي کي اندر گھرائي ڪرسيءَ تي
ويھڻ لاءِ چيم، پر ھن جي رڙ پئي تھ منھنجا ھٿ
کوليو. ڀڳوان جي واسطي مون کي پچڪاري ڏيو، آئون
ڏاڍي حيرت ۾ مينگھي کي جاچي رھيو ھوس، مون جمعدار
کي چيو تھ مينگھي جا ھٿ کولي ڇڏي، پر جمعدار وائڙو
ٿي مون کي چوڻ لڳو، ”سائين! ھي مينگھو ڌاڙيل آھي
جنھن ٻھ خون ڪيا آھن، ماڻھن سان وڙھي بھ ٿو ۽ ڌڪ
بھ ھڻي ٿو. ھن کي گھڻو ڪري انھن ئي مھينن ۾ دورو
پوندو آھي ۽ پوءِ ڪنھن کي جھل نھ ڏيندو آھي،
تنھنڪري ھن جا ھٿ ٻڌي ڇڏيندا آھيون تھ لچائي نھ
ڪري سگھي.“
مان: وڏا نالائق آھيو مون ڪيترا ڀيرا اوھان کي سمجھايو آھي تھ
ائين ھٿ نھ ٻڌندا ڪريو، پر اوھين ڪڏھن ڪين
سمجھندا، مون کي پڪ آھي تھ مينگھي جا ھٿ ڇوڙي ڇڏڻ
تي ھو ڪڏھن ڪين وڙھندو.
منھنجي چوڻ تي مينگھي جا ھٿ کوليا ويا، ھو ماٺ ڪري ڪجھھ وقت
تائين ويٺو رھيو، پوءِ جوش ۾ اچي مون کي چوڻ لڳو،
تھ مون کي پچڪاري ڏيو، پچڪاري ڏيو. آئون ھن جي
حرڪت کان حيران ھوس تھ ڇو ھو بار بار پچڪاري گھري
رھيو آھي؟
مون ان جي نفسياتي پھلوءَ تي گھڻو ئي سوچڻ ڪوشش ڪئي، پر ان وقت
مون کي ڪجھھ بھ سمجھھ ۾ ڪين آيو نيٺ فيصلو ڪيم تھ
ان جي جذبات تي پچڪاري جو اثر ڏسجي، تنھنڪري
پچڪاري گھرائي ھن کي ڏنم ۽ جاچڻ لڳس تھ ھو ڇا ٿو
ڪري، پچڪاري ملڻ تي ان کي کڻي ڏاڍو خوش نظر آيو.
ھيڏانھن ھوڏانھن اکيون ڦيرائي ڏاڍي غضبناڪ نموني
سان ڏسڻ لڳو؛ جمعدار ۽ ٻيو سپاھي ڊڄي ويو، پر آئون
ھن جو حرڪات ۽ سڪنات ڏسي مشڪڻ لڳس، منھنجو چھرو
ڏسي ھن جي ھمت ڪجھھ وڌي ۽ اوچتو ڏاڍي ڦرتيءَ سان
منھنجي ميز وٽ پھچي ويو ۽ ڳاڙھي مس جي ڪپڙي جا اتي
پيل ھئي، تنھن کي کڻي پتل جو جيڪو پاڻيءَ سان ڀريل
ڪٽورو اتي رکيو ھو، تنھن ۾ کڻي ان کي ھاريو، پر
مون ڏٺو تھ ھن بھ بجليءَ جي تيزي وانگر ميز تي جو
سرڪاري چاقو پيو ھو سو کڻي ورتو، ھاڻي آئون بھ ڊڄي
ويس ۽ رڙ ڪري جمعدار کي چيم تھ پري ھٽي بيھو، ڏٺم
تھ مينگھو ڏاڍي جوش ۾ ھو ۽ ممڪن ھو تھ ھو ڪجھھ ڪري
وجھي ھا، پر مون کلي ھن کي چيو تھ، ”ھي شرافت آھي،
تنھنجو ڪم آھي پچڪاري سان، جا مون توکي ڏني مون کي
ڏي چاقو؟“ ھن خاموشيءَ سان چاقو منھنجي ھٿ ۾ ڏيئي
ڇڏيو ۽ پوءِ ماٺ ڪري پتل جي ڪٽوري سان، جو مس جي
ڪري ڳاڙھو ٿي ويو ھو، تنھن مان پچڪاري ڀرڻ لڳو ۽
مون ڏانھن شڪي نظرن سان نھارڻ لڳو. آئون ھاڻي ھن
جو مطلب سمجھندي مشڪڻ لڳس، مون کي مرڪندي ڏسي ھن
کي اطمينان ٿيو ۽ سندس ھمت وڌي. تنھنڪري سڄي
پچڪاري ڳاڙھي ٿيل پاڻيءَ سان ڀري، وري وڃي ڪرسي تي
ويھي رھيو ۽ ٻنھي ھٿن سان پچڪاري جھلي چپن کي چورڻ
لڳو. ڄڻ ڪنھن سان ڳالھائي رھيو ھو مون کي ھاڻي
ڪجھھ ڪجھھ سمجھھ ۾ اچي رھيو ھو، پر چپن چورڻ واري
پوئين حرڪت اصل سمجھھ ۾ ڪين آئي. ڪيتري دير تائين
ھو پچڪاري ائين ھٿن ۾ جھليو سڪون جي حالت ۾ ويٺو
رھيو، نيٺ مون ھن کي چيو تھ ”مينگھو تون ھي پچڪاري
کڻي ڀلي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ ھليو وڃ، ڏٺم تھ ھو ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ ماٺ ڪري ڪرسيءَ تان اٿي پنھنجي وارڊ
ڏانھن پچڪاري کڻي ھليو ويو.“
(2)
مينگھي جي آتم ڪھاڻي ڏاڍي درد ڀريل آھي، جنھن کي ٻڌي لڱ
ڪانڊارجو وڃن، ھن جي حرڪتن جي ھنن جي آتم ڪھاڻي
ٻڌڻ کان پوءِ ڀلي ڀت خبر پئجي ٿي سگھي. ھن جي
چريائي جي وقت جون حرڪتون جھڙوڪھ پچڪاري گھرڻ يا
ماڻھن سان وڙھڻ يا ڪنھن خاص مند ۾ دورا پوڻ ۽ انھن
دورن جي رت ۾ پچڪاري جي طلب ڪرڻ ۾ ھڪ خاص مقصد لڪل
ھو. ديوانگي جي وقت جون حرڪتون، جوش ۾ اچڻ کان
پوءِ جون حرڪتون ۽ سانتيڪائي جي مھل ان حالت ۾ ھن
تي جيڪو خون جو ڪيس ھليو ھو، تنھن جي سموري
ڪاروائي جي مختلف ٽڪرن کي ملائي جانچڻ مان مينگھي
جي سڄي آتم ڪھاڻي، بلڪل چٽي طرح اسان جي سامھون
اچيو وڃي، ۽ ھڪ افسانو بڻجيو پوي، ڪھڙوسبب ھو جو
مينگھو ھڪ ڊڄڻيءَ ذات ھوندي بھ خون ڪرڻ تي لھي
آيو؟ ڪھڙو سبب ھو جو پوءِ پوليس جي ھٿ چڙھي ويو؟
مينگھو ذات جو ڪولھي ھو ۽ عمرڪوٽ شھر جو رھندڙ ھو، ھوليءَ جا
ڏينھن ھئا، چئني پاسي ڳوٺن ۾ ڏينھن رات ڦاڳ پئي
ڳايائون ۽ گھر گھر خوشيون ملھائي رھيا ھئا، ٿر جي
ھن پاسي ڪافي ھندو رھندا ھئا، مينگھو پنھنجي ڀونگي
جي باھر ڇنل کٽ تي چلم ويٺي پيتي ۽ ٿورو پرتي
ڪيترائي ٻارڙا راند ڪري رھيا ھئا. انھن مان ھڪ
ڇوڪري جي ھٿ ۾ رنگ سان ڀريل پچڪاري ھئي، جو ھو
سڀني کي ان سان رنگ ھڻي رھيو ھو، ايتري ۾ ھڪ ننڍو
ڇوڪرو ڊوڙندو مينگھي وٽ آيو ۽ اچي چيائين تھ بابا!
مون کي بھ اھڙي پچڪاري وٺي ڏي.
مينگھي ھن کي گھڻو سمجھايو تھ ٻچا ھو ٺاڪر صاحب جو پٽ آھي، تون
ھن جي برابري ڪيئن ڪري سگھندين؟
پر ھن مينگھي جي ڳالھھ نھ ٻڌي؛ وپو ضد ڪيو نيٺ بھ ننڍو بار تھ
ھو، ھن کي ڀلا ڪھڙي خبر تھ ٺاڪر جو ننيگر وڏي
ماڻھوءَ جو پٽ آھي، ۽ ھو ھڪ غريب مسڪين ڪولھيءَ جو
ٻار آھي، نيٺ ضد ڪندي روئڻ ۾ اچي پيو. لاچار
مينگھي کي چوڻو پيو تھ چڱو! توکي سڀاڻي پچڪاري آڻي
ڏيندس، انھيءَ تي مس مس ڇوڪري وڃي ماٺ ڪئي، پٽ کي
ماٺ ڪرائڻ لاءِ مينگھو چئي تھ ويٺو پر اندر
جھوپڙيءَ ۾ وڃڻ تي معلوم ٿيس تھ گھر ۾ ھڪ پائي بھ
نھ آھي، مينگھو ڏاڍو سڌو ماڻھو ھو، پگھر وھائي
ڏوڪڙ ڪمائيندو ھو، جيترو ملندو ھوس اوتري مان
گذران ڪندو ھو، نھايت ايماندار ماڻھو، بڇڙين ڳالھ
کان سدائين پري رھندو ھو.
ڪيترا ڀيرا گھر ۾ ان داڻا نھ ھئڻ جي ڪري ٻھ ٻھ ٽي ٽي ڏينھن
لنگھڻ ڪاٽڻو پوندو ھوس تھ بھ ڪڏھن دل ۾ برا خيال
پيدا ٿيڻ نھ ڏيندو ھو، ڏوھھ ڪرڻ جي نالي کان ھو
ڏڪي ويندو ھو.
ھن جي زال بھ اھڙي ئي صبر واري ھئي ۽ مڙس جي چئي ۾ ھوندي ھئي،
اڄ مينگھو پئسن جي سخت ضرورت محسوس ڪري رھيو ھو جو
ھن پنھنجي سڪيلڌي پٽ کي ٻين ٻارن ۾ ائين چوندو ٻڌو
ھو تھ ”ٻچو! منھنجو بابو مون کي بھ پچڪاري آڻي
ڏيندو.“ مينگھي جي اکين ۾ ھن ٻچي جي آس سان ڀريل
صورت نچي رھي ھئي، ھن جي دماغ ۾ طرحين طرحين خيال
گھمي رھيا ھئا تھ جيڪڏھن سڀاڻي کيس پچڪاري نھ آڻي
ڏيئي سگھيس تھ معصوم ٻار جي اميدن تي پاڻي ڦري
ويندو ۽ ھو ڪيترو ضدي آھي، روئي روئي صبح ڪري
ڇڏيندو ۽ اھو مان سھي ڪونھ سگھندس. |