سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آگسٽ 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

 

 [01]

وَڃَن مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺِ جي پَرکَڻا

اَيهَرُ پائي اَکيينِ، لَهنِ سَڀَڪَنهِن سارَ

موتِيءَ جي مزاجَ جو قَدرُ مَنجِهه ڪِنارَ

صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِيي.

سمجھاڻي: شل ائين نه ٿئي جو آبدار موتين جا پارکو ختم يا (ناپيد) ٿي وڃن. اهي موتين جا پارکو خاص قسم جو شيشو (عينڪ) اک تي لڳائي هر قسم جي موتين جي پرک ڪندا هئا ۽ ان جي اصليت (توڻي گولائيءَ واري چمڪ جي) ڪَٿ ڪندا هئا. هاڻي انهن پارکن ۽ ڄاڻن کان سواءِ (ڄڻڪ) ماڻڪ موتي شرمندا پيا ٿين! (صحيح قدر قيمت ڪٿڻ وارا اڻ لڀ جو ٿي ويا آهن).

[02]

اَمُلُ آڇ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِنِ مَٺِ

جِتِ گَڏِجيئِي جوهَرِي ماڻِڪُ تِتهِين مَٽِ

جَنِي سونَ سِين سَٽِ، تَنِ هَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.

سمجھاڻي: اهي (املهه) موتي اهڙن پارکن کي نه ڏيکار جن وٽ مٺ (هٿراڌو ملاوٽ) جي سڃاڻپ به ڪانهي. بلڪ ماڻڪ موتي انهن جوهرين کي ڏيکاريا انهن وٽ کڻي وڃ، جيڪي (واقعي) انهن جي شناس ۾ مهارت رکن ٿا. (توکي خبر آهي ته) جيڪي سون جي سڃاڻپ ڪري ڄاڻن ٿا، اهي (ڪسوٽيءَ جي آڌار تي) ڪوڙي چانديءَ (کوٽ) کي (فوري طور سڃاڻي) رد ڪري ڇڏين ٿا.

[03]

سونارا صَرافُ ٿِيءُ، هَڏِ مَ ڪُوڙُ ڪَماءِ

مَتـــــان تـــو هَٿاءِ، وڃــــي وِڄا وِسَرِي.

سمجھاڻي: اي سونارا، تون صراف ٿيءُ (سچ کي پرکڻ وارو ٿيءُ)، هرگز ڪوڙ جي ويجهو نه وڃ (ڪڏهن به کوٽ نه ملاءِ، سونارن جي باري ۾ عام شڪايت). متان ائين نه ٿئي جو (کوٽ ملائيندي ملائيندي) توکان اصلي ڄاڻ ۽ پرک وسري وڃي.

[04]

سينڌو هُئين صرافَ سِين، ته هُوندَ نه ٿِئين هِيئَن

جيڪُس جوهَرِينِ سيِن ڪيِن گُذاريَئِه ڏِينهَن

جَبَلَ مَنجهاَ جِيئَن، سوجهي ڪَڍَيائون سونَ کي.

سمجھاڻي: جيڪڏهن تون سچن صرافن جو واقف ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارو هجين ها ته تنهنجا اهي حال نه ٿين ها، جيڪي هاڻي آهن (توکي سچ ۽ ڪوڙ جي خبر ئي ڪانه آهي). شايد اهي جوهري جيڪي قيمتي ڌاتن جا پارکو آهن، تن سان تو ڪو وقت ئي ڪونه گذاريو آهي (انهن کان تو ڪجهه نه پرايو). اهي جبلن (جي کاڻين) منجهان سون (ڪيڏي وڏي محنت ۽ ڳولا سان) هٿ ڪند اآهن.

شاهه جو رسالو

]سُر سري راڳ داستان چوٿون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ:  سنڌي ادبي بورڊ[

 

 

 

رحيم بخش قمر

خالق خلقيا

گُل ڦُل نيارا، خالق خلقيا،

وڻ ٽڻ سارا، خالق خلقيا.

 

ڪوئل، بلبل، ڀنؤر، ڀنڀوريون،

پوپٽ پيارا، خالق خلقيا.

 

سمنڊ، درياءُ، ڏونگر ۽ ٻيلا،

ٻنيون ۽ ٻارا، خالق خلقيا.

 

اُڀ ڌرتي، عرش ۽ ڪُرسي،

چنڊ ستارا، خالق خلقيا.

 

باغن منجھه بھار ٿو آڻي،

سانوڻ سيارا، خالق خلقيا.

 

سرسُ قمر ۽ شمس ڪيائين،

روشن تارا، خالق خلقيا.


 

وفا مولا بخش

حيدرآباد

نعت

مڙن کان  مٿانھان مديني جا سائين،

اسان تي عنايت ڪرين تون سدائين.

 

زماني ۾ جن جو نه ڪو واهرو آ،

وسيلو تنين جو فقط تون ئي آهين.

 

جتي ڪير ڪنھن جو سھارو نه هوندو،

اسان کي اُتي شال پنھنجو بڻائين.

 

اندر ۾ اها آس سانڍيو وتان ٿو،

حياتيءَ ۾ روضو پرين تون پَسائين!

 

وفا! تنھنجي رحمت مان مايوس ناهي،

ڪڏهن مھر جو مينھن تنھن تي وسائين.

***


 

امداد سروري

آراضي/ سيوهڻ

پيارو پاڪستان

وطن منھنجو پيارو پاڪستان آ،

سبز پرچم ان جو عاليشان آ.

چنڊ تارو اُن مٿان سُھڻو،

دشمن جي دل ۾ تير ۽ ڪمان آ.

ڪيئن هوا ۾ جھومي ٿو ڏس ناز سان،

پر چمن جي سونھن منھنجي جان آ.

وطن جو هر ٻچو ۽ پير و جوان،

سبز پرچم تان سدا قربان آ.

جھومي ٿو هر شھر ۾ اڄ جوش مان،

جشن آزاديءَ جو اُٿيو طوفان آ.

وطن جو کائي وڙهي جو وطن سان،

وطن جو غدار آ سو مروان آ.

دشمن کي مارينداسون ملڪ ۾،

هٿن ۾ جھنڊو اهو اعلان آ.

بدنظر توکي نه ڪنھنجي ڪا لڳي،

توکي چاهيون ٿا اهو ايمان آ.

قوم جو وقار، هن سان پيار آ،

ملڪ جو امداد پرچم شان آ.

***

نويد ناز ڀٽي

مراد واهڻ /لاڙڪاڻو

پوپٽ

باغ ۾ هو بادامي پوپٽ،

گُلڙن جو هو سلامِي پوپٽ.

 

صبح جي ٿڌڙِي هِيرَ نِھاريو،

باغ ۾ هو آرامِي پوپٽ.

 

مون ڀنڀُوري پڪڙي ڳاڙهي،

پڪڙيو آيو ڪامِي پوپٽ.

 

نفرت جي ڪائِي باهه نه ٻارِيو،

ويندو سارو کامِي پوپٽ.

 

تازي تازي لامَ گُلن جي،

آيو ناز اُڏامي پوپٽ.

 


 

 

شفيق عاصم منگي

شڪارپور

ڇا ڄاڻن

تَڪبر ٻارو غالب جن تي،

نِياز نِوڙت سي ڇا ڄاڻن.

مَيٺ مُحبت مُرڪ جَنين جو،

ڪِينُو غَفلت سي ڇا ڄاڻن.

سوچ اُتم ڪردار به اعليٰ،

حَسدُ نَفرت سي ڇا ڄاڻن.

سِينا جن جا سُپر سدائين،

دَهشت وَحشتَ سي ڇا ڄاڻن.

رونق راحت جِيوَن ۾ جن،

اهنجَ اذيت سي ڇا ڄاڻن.

حق سچ جا پڻ داعي جيڪي،

ڪُوڙ جي خَصلت سي ڇا ڄاڻن.

بخت جَنِين جو بُلند ۽ بالا،

کوٽِي قسمتَ سي ڇا ڄاڻن.

غَفلتَ ۾ جي گھارن گھڙيُون،

ڪاھلُ محنت سي ڇا ڄاڻن.

هر سَاعَتَ ڄڻ مُلھه مھانگِي،

وقت جي قيمت سي ڇا ڄاڻن.

چاهه علم سان سرسُ رکن جي،

عاصم غَفلَتَ سي ڇا ڄاڻن.


 

ذلفي ڪوثر سوز

هالا نوان

نظم

پکِي اُڏاڻا صبح ٿيو آ،

ويڙهيو وڇاڻا صبح ٿيو آ.

 

رات جو هاڻي سفر ٿيو پورو،

چنڊ تارن جو ذڪر ٿيو پورو،

ڏيئا اُجھاڻا صبح ٿيو آ.

 

پاڻ به ڪڏهن پڙهڻ هلياسين،

هٿ ۾ هٿ ڏئي گھمڻ هلياسين،

ساٿي پُراڻا صبح ٿيو آ.

 

گلاب وانگر ٽِڙيو پون ٿا،

مُرڪيو مُرڪيو ائين چون ٿا،

ٻول ٻاراڻا صبح ٿيو آ.

 

وڻ وطن جا هجن سلامت،

لفظ وچن جا هجن سلامت،

سمجُھه سِياڻا صبح ٿيو آ.

 

علم جي اک سان ڏسڻ جُڳائي،

رکڻي آهي جوت جَلائي،

ننڍڙا راڻا صبح ٿيو  آ.


 

اُستاد بخاري

دادو

او ابا مون کي به انور جيان پڙهاءِ!!

او ابا مون کي به انور جيان پڙهاءِ!

اڻ پڙهيو انڌو نه مون کي تون بناءِ!

او ابا مون کي به انور جيان پڙهاءِ!

 

صبح جو اسڪول ۾ ڳائن ٿا ٻار،

منھنجي دل هر روز هرکائن ٿا ٻار،

مان به مٺڙو گيت ڳايان، هاءِ هاءِ!

او ابا مون کي به انور جيان پڙهاءِ!

 

ٻڪريون چاچو اڌيريون ٿو گھري،

يا کڻي ياروءَ کي چاراڻيءَ تي ڏي،

يا اُڪيون لھريون، لپيون، ليڙيون کپاءِ!

او ابا مون کي به انور جيان پڙهاءِ!

 

مان پڙهي، آخر وڌي ٿيندس جوان،

ديس جي خدمت ڪندس ايمان سان،

مان چوان ٿو مون کي هيڪر آزماءِ!

او ابا مون کي به انور جيان پڙهاءِ!

***


 

عزير احمد عزير علوي

شڪارپور

نظم

ننڍڙي مٺڙي ڀولِي آهي،

پاتل هن کي چولي آهي.

رسڙي پاڻ ٻَڌي ڳچيءَ ۾،

مقصد لاءِ هن رولي آهي.

ننڍڙي آهي سنھڙي آهي،

مٺڙي هن جي ٻولي آهي.

ٻارن سان هو راند ڪري ٿي،

راند ڪندي پڻ سولي آهي.

اڳيان گُھمندي رھندي ڀولي،

ٻارن جي ڪڍ ٽولي آهي.

ڀوليءَ جي آرام ڪرڻ لاءِ،

من مھڻي کٽولي آهي.

پاڻ ڪندو آ، ڀولي خاطر،

معصومن کان وصولي آهي.

ڀولي واري نظم ۾ ڪئي آ،

ڳالھه عزير اصولي آهي.

***


 

اويس ساگر

سکر

نظم

خدايا سنڌوءَ کي آباد ڪر،

سر سبز ۽ شاداب ڪر!

 

پاڻي اسان لاءِ آب حيات آ،

وردُ سنڌوءَ جو ڏينهَن رات آ،

اسان کان اسان جو سنڌو نه ڌار ڪر!

 

خدايا سنڌوءَ کي آباد ڪر،

سر سبز ۽ شاداب ڪر!

 

سنڌوءَ سان آهي جيئڻ اسانجو،

سنڌوءَ سان آهي مرڻ اسانجو،

مولا سنڌ سڄيءَ کي سُڪار ڪر!

 

خدايا سنڌوءَ کي آباد ڪر،

سرسبز ۽ شاداب ڪر!

 

جُڳن کان جُڙيل سنگم آهي،

پاڻي اسان لاءِ زم زم آهي،

اسان جي پُٺيءَ تي نه وار ڪر!

 

خدايا سنڌوءَ کي آباد ڪر،

سرسبز ۽ شاداب ڪر!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org