سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آگسٽ  2025ع

باب:

صفحو:2 

محمد ياسين ڪنڀر

سلطانپور/پنوعاقل

محنت

محنت محنت محنت محنت،

محنت ۾ ئي آھي عظمت.

 

محنت سان ئي منزل ملندي،

محنت سان ئي ملندي عزت.

 

محنت ۾ تسڪين رکيل آ،

محنت ۾ آ دل راحت فرحت.

 

ٻارو اڄ سڀ محنت ڪريو،

پوءِ نه ملندي اھڙي مُھلت.

 

محنت جو ڦل وڻندو آھي،

محنت مٽائي ٿي غُربت.

 

محنت سان ٿئي حاصل دولت،

محنت سان پئي رزق ۾ برڪت.

 

محنت ڪر ياسين سدائين،

محنت ۾ آ ربّ جي رحمت.

***


 

محمد سليم فراش

هالا نوان

گيت

سنڌ منھنجي امان توتان صدقي وڃان،

سر ساهه پنھنجو، توتان گھوري ڇڏيان.

 

تون صديون سدائين وسندي رهين،

ڏکيا ڏينھن نه اچن، تون کلندي رهين.

سنڌو وھندو رهي تنھنجي سيني مان،

سِر ساهه پنھنجو، توتان گھوري ڇڏيان.

 

تنھنجا مارُو مٺا خوشحال رهن،

توتي مينھن وسن ۽ گاهه ڦُٽن.

پيا مور نچن ڪارونجھر مٿان،

سرساهه پنھنجو توتان گھوري ڇڏيان.

 

قربان ٿيان تنھنجي ٻوليءَ تان،

جيڪا امڙ ڏني، اُن لوليءَ تان.

سليم فراش ٿو اهو ٻول ڪيان،

سر ساهه پنھنجو توتان گھوري ڇڏيان.


 

اُستاد گُل دايو

لاڙڪاڻو

اُضحيءَ جو ڍڳو

ڍڳو اُضحيءَ! لاءِ بابا آندو،

جنھن لاءِ منھنجو من آ ماندو،

ھن جا آھن سڱ موچارا،

لسڙا لسڙا چُھنبن وارا.

 

مون ھن کي وھنجاريو آھي،

کيس ڏاڍو سينگاريو آھي،

ھن کي روز ٿو ٻاھر گھمايان،

مٽر چڻا ٿو خوب کارايان،

 

ڍڳي ڏسڻ لاءِ ٻار آھن آتا،

ٻول ٿا ٻولن ٻاتا ٻاتا،

جڏھن ٻارن جي رش ڏسي ٿو،

مستيءَ ۾ ھي ٽاڏُون ڏي ٿو.

 

ڪنھن کي ٿو ھي ٽڪر اولاري،

ڪنھن کي ٿو پيو اکيون ڏيکاري،

ھن کان ڪي ڪي ٻار ٿا ڇرڪن،

ڪي ڪي ٻار ڏسي ٿا مُرڪن،

 

اُضحي! جي جانور جي ٻارو،

جيڪو خدمت خوب ڪري ٿو،

پڪ سان ان جي، مالڪ سائين،

قرباني منظور ڪري ٿو.

***

محمد پناھه بروهي

شڪارپور

بيت

گُل ڦُل وانگي ننڍڙا ٻِار،

پيءُ ۽ ماءُ لاءِ اکين ٺار.

 

ٻاتا ٻول ۽ ٽھڪ مخول،

سڀ جو آهي تن سان پيار.

 

هڪڙي جھٽ ۾ پرچي رُسن،

رهن سدائين باغ بھار.

 

دوستن دشمن نڪي آ ڄاڻ،

وقت جا راجا سڀ سنسار.

 

پنھنجي پنھنجي ٻولي ڪن،

هڪ ٿي کيڏن گڏجي ٻار.

 

تعليم پرائي هر فن ٿي،

بڻجي وڏا ٿين ديس آڌار.

 

هر گھر جا هي بُلبل ٿي،

مٺڙا تِن جا آهن گفتار.

 

ماڻھن مُلڪن نعمت ربّ،

بروهي پناھه لاءِ سڀ سينگار.

***


 

صديق سومرو

لاڙڪاڻو

غزل

گھٽيءَ ۾ گوڙ ٻارن جو،

وڏو آ جوڙ ٻارن جو!

 

توھان لئه مون لئه ڏکيو،

سکيو هر موڙ ٻارن جو!

 

اٿوَ معصوم دل وارا،

ڪجو نه ٽوڙ ٻارن جو!

 

ٺڪر جون ديڳڙيون چمچا،

وٽِين ۾ ٻوڙ ٻارن جو!

 

وڏي طاقت لڳائي پر،

ڇڪيو نه نوڙ ٻارن جو!


 

تنوير علي عباسي/خيرپور

وڏن جو ننڍپڻ

 

ننڍپڻ سڀني کي پيارو ھوندو آھي. پر ننڍي ھوندي سڀني جي دل چوندي آھي، ته اڃان وڏو ٿيان، ٻي درجي مان ٽئين درجي ۾ وڃان. اسڪول مان ڪاليج ۾ پھچان. ڏاڙھي ڄمي پر جڏھن اسان وڏا ٿي ويندا آھيون، ته پوءِ ننڍپڻ واريون ڳالھيون ياد ڪري سوچيندا آھيون، ته جيڪر ننڍا ئي هجون ها وڏا نه ٿيون ھا ته چڱو ھو. اسان جي وڏي ٿيڻ سان اسان جون مشڪلاتون ۽ جوابداريون پڻ وڏيون ٿين ٿيون. ننڍپڻ ۾ نڪا جوابداري نڪو فڪر. گلن ڦلن وانگر پاڪ نرمل حياتي هوندي آھي. جنھن ۾ رڳو مرڪ ۽ معصوميت ھوندي آھي. سڀني جو ننڍپڻ اھڙو ھوندو آھي. ننڍپڻ  ماڪ ڦڙي وانگر پاڪ ھوندو آھي. منھنجو ننڍپڻ به اھڙو ھو، ننڍي هوندي جي ڳالھين مون تي اثر ڪيو ۽ جيڪي منھنجي هاڻوڪي حياتيءَ ۾ ڪن عادتن لاءِ جوابدار آھن اهي اوهان کي ٻڌائيندس.

مٿي ڏنل تصوير ان وقت جي آهي جڏهن مان ستن سالن جو ٿي ويو هئس. بابو سائين ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿي ويو هو.  ڪراچي ويس ته عقل ئي  چرخ ٿي ويو. پھرين ڏينھن وياسين گانڌي پارڪ گھمڻ. گھرباغ جي ڀرسان ئي مليو هو باغ ۾ ويس ته واڇ ئي ٽڙي وئي. ڀولڙا، چيتا، شينھن، مڇيون، وغيره سڀ ھئا. جڏھن اڇو مور ڏٺم، ته اچرج وٺي ويم. ويتر  جو  ٻُڌم ته مور ناچ ڪندو آھي سو اتي بيھي رھيم ته ڏسان ته ڪيئن ٿو پڇ ٽيڙي ناچ ڪري. خبر ئي ڪانه پئي ته ٻيا منھنجا ڀائر ۽ گھر جا ماڻھو ھليا ويا. جان جو کڻي نظر ڪيان ته مار پھر ئي نه لڀي.  رنم ڪونه باقي دل ڀرجي آئي، اڪيلو ڇوڪر ھيڏي وڏي شھر ۾ گھر  ڪيئن ڳوليندس. مس مس بابي سائين جن جي خدمتگارن ڳولي لڌو. پوءِ اچي ھريس روز صبح جو باغ ۾ وڃي مورن جا ناچ ڏسندو ھيس ۽ ڇٻر تي ليٿڙيون قلابازيون ڏيندو هئس. اسڪول ۾ داخل ٿيس. اسڪول هئو ساڌو ھيرانند نولراءِ جي اڪيڊمي اسڪول جون ڳالھيون ٻڌو ته جيڪر سڀ ڀانيو ته اھڙي اسڪول ۾ پڙھون. داديون پڙھائينديون هيون. دادي پدما، دادي ديوي، دادي سيتا، ان سان گڏ ڊرائنگ ۽ ميوزڪ لاءِ ماستر ھوندا ھئا. پھرئين ڏينھن اسڪول ويس ته داديءَ کي ڏسي عجب وٺي ويم دل ۾ چيم ته ھتي زالون به گوڏ ٿيون ٻڌن. گھر اچڻ سان امان کي چيم، امان! امان! اسان جي دادي گوڏ ٻڌي آئي ھئي. پوءِ امان سمجھايو ته اھا ساڙھي ھوندي آھي. اسڪول جون داديون ڏاڍيون سُٺيون ھونديون هيون. اسان سڀني ٻارن کي ڏاڍو پيار ڪنديون هيون. سڄي ڪلاس ۾ ھڪڙو مان ئي مسلمان شاگرد هئس. پر دادي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مون سان اھڙو ته سٺو سلوڪ ڪنديون هيون، جو پاڻ کي هنن کان ڌار ئي ڪونه سمجھندو هوس. وڏو ٿي خبر پئي آھي، ته اھو سڀ انھي سنت ۽ ساڌ ساڌو هيرانند جي تعليم جو اثر هو. جنھن جي آڏو هندو مسلم  ڪرستان ۽ پارسي سڀ هڪ جھڙا هئا. وڏي ھوندي ان شخص جي لاءِ ايڏي ته عزت ٿي اٿم، جو اڃان تائين سندس نالو ادب سان وٺندو آھيان ۽ سڄي عمر وٺندو رھندس. سمجھندو آھيان، ته جيڪي چڱايون مون ۾ آھن، اهي بابا سائين ۽ ساڌو ھيرانند جي ڪري آھن ۽ جيڪي بُرايون سکيو آھيان، سي پنھنجو پاڻ انھن ٻنھي شخصيتن جي تعليم کان ٻاھر رھي سکيو آھيان! اسڪول ۾ دادي پھرين پُڇندي ھئي، اڄ ڪير وھنجي آيا آھن. پوءِ جيڪو وھنجي نه آيو هوندو هو، سو اُٿي بيھندو هو ۽ سڄي ڪلاس آڏو لڄي ٿيندو هو. جمعي جي ڏينھن دادي ٻارن جا هٿ  ڏسندي هئي، ته ننھن ڪير ڪونه ڪتري آيو آھي. ڪنھن کي بُوٽ جا ڌاڳا ٻڌڻ ڪونه ايندا هئا. ته اهي سيکاريندي هئي. ايڏي ته صفائي ۽ سٺائيءَ جي سکيا هوندي هئي، جو صفائيءَ ۽ سٺائيءَ رکندي فخر محسوس ڪندا هئاسين. جڏھن پڙھي ٿڪبا هئاسين، ته داديون اسڪول جي اعوان ۾ وٺي اينديون هيون ۽ پوءِڦر ڦر سئونٽو ۽ منڊڪ منڊيءَ جون رانديون ڪندا هئاسين ۽ وري ميوزڪ جو ڪلاس شروع ٿيندو هو. ماستر باجو وڄائيندو هو. اسين سڀ ڳائيندا هئاسين. بيماري يا ٻئي سببان اسڪول نه وڃي سگھندا هئاسين، ته ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. ايڏي ڪشش ھئي اسڪول جي ماحول ۾. ۽ داديون به اسان کي ڏاڍو گھرنديون هيون. جي ڪاوڙ لڳندي هين، ته آھستي سان فوٽِي هٿ تي هڻي ڪڍنديون هيون.

ھڪ ڏينھن اسڪول مان موٽندي لاٽُو لڌم. گھر کڻي اچي ڦيرائڻ شروع ڪيم. بابا سائين پڇيو ته اھو لاٽُو ڪٿان آندو اٿئي؟ مون سچي ڳالھه ڪري ٻڌائيمانس. بابا سمجھايو ته اهو ويچارو ڇوڪرو جنھن جو لاٽُو وڃائجي ويو هوندو،  ان کي ڪيڏو نه ڏک ٿيو هوندو. مون کي ايڏي شرمندگي ٿي، جو لاٽُو کڻي ساڳي جاءِ تي ڦِٽِي ڪري آيس جتان کڻي آيو هوس! پھريون پھريون ڀيرو تقرير به ان ھيرانند اڪيڊمي ۾ ڪرڻ سکيس. ان کان پوءِ جڏھن  انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس، ته اتي راندين سان گڏ ننڍا ننڍا ڊراما ٺاھي پاڻ پيش ڪندو هئس. ان ڪري ھڪ دفعو انعام پڻ مليو هئم. اسڪول جي پڙھائيءَ ۾ چڱو هوندو هئس. پڙھڻ ۾ دل به لڳندي هئي. ڀلا ڇو نه لڳي، ڪم جي وقت ڪم سيکاريندا هئا ۽ راند جي وقت راند روند به ڪرائيندا هئا. ھڪ ٻه دفعو اسڪول ۾ نمبر پڻ کنيم. انعام ۾ ملندڙ سرٽيفڪيٽ اڃان تائين سانڍيو اچان. جڏھن پاڪستان ٺھيو، ته اھي اسڪول به بند ٿي ويا، ته اھي دوست به ھليا ويا. جن سان منڊڪ منڊي ڦر ڦر  سئونٽو ۽ ڪرڪيٽ کيڏندو هئس. نيوٽائون ۾ رھندا هئاسين. روز شام جو ميدان ۾ اسٽمون کوڙي ستَ کلَي بال سان ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسون. اوچتو هڪ ڏينھن موهن ڪونه آيو، چيائون ته لڏي ڀارت ويو، ٻئي ڏينھن  اجيت، ٽئي ڏينھن لال، آهستي آهستي سڀ هليا ويا، نه ڪنھن خبر ڏني نه چار، اسان جو پاڙو ويچارو ويڳاڻو ٿي ويو، ڪرڪيٽ بند ٿي وئي. جيڪي نوان ٻار آيا، نه اهي مون سان راند کيڏيا نه وري پاڻ ئي ڪا راند مچايائون پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو رهيس. ملڪ جي ورهاڱي کان ٿورو اڳ ڪراچي جي، اين. جي. وي. هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس . اتي اصل شيطان ٿي پيس. ماسترن سان مذاق ڪندو هئس. ڇوڪرا جڏهن پڙهي پڙهي ٿڪجي پوندا هئا ته پوءِ مون کي چرچ ڏيندا هئا، مان ڪا نه ڪا اهڙي حرڪت ڪندو هيس جو ماستر جو ڌيان پڙهائڻ مان هٽي ويندو هو.  سڀ ماستر منھنجي لاءِ چوندا هئا ته سڀني کان هوشيار ۽ سڀني کان حرڪتي ڇوڪرو آهي. هڪ ڏينھن هڪ ماستر جي ڪوٽ تي جنھنجو نالو هرڻي لکيو هئم، اچي بگڙيو، پر ڪنھن ٻُڌايس ڪونه، ته اهو ڪم ڪنھنجو هو. شاعريءَ جو شوق به اسڪول جي زماني کان ٿيو. ننڍي هوندي رشيد آخوند ۽ مان گڏجي جاسوسي ناول ۽ ڏيپلائي جا ڪتاب پڙهندا هئاسون. مان شعر جا ڪتاب چاهه سان پڙهندو هئس. ميٽرڪ تائين، سنڌي ۾ سُٺيون مارڪون کڻندو آيس. سڀ سنڌي ديوان اسڪول ۾ پڙهي ڇڏيم. پھريون دفعو منھنجو شعر تڏهن ڇپيو جڏهن مان ڇھين درجي ۾ هئس.  ان کان پوءِ ايڏو ته خوش ٿيس جو ان زماني ۾ ئي ديوان پورو ڪري ڇڏيم. پھرين شعر روايتي فارسي غزل نموني لکندو هئس. پر جڏهن بيوس جو شير بن شعر پڙهيم ته ڏاڍو وڻيو، ان جا ڪيترا شعر به تڏهن پڙهيم جن ڏاڍو گھرو اثر ڪيو. ان ڪري مان شاعريءَ ۾ سلوڻائي ۽ اصليت جو قائل ٿي ويس.

هاڻي وڏو ٿي ويو آهيان  پر جڏهن به ٻاراڻو زمانو ياد ايندو اٿم، ته دل چوندي آهي ته  هڪ دفعو وري ٻار ٿي پوان، توهان جيترو ٻار  ۽ توهان سان گڏ منڊڪ منڊي، ناني ڍُڪي ۽ ڦر ڦر سونٽو کيڏان!.

 

مقبول احمد عباسي (ڪنڊيارو)

چڱائي ڪرڻ

شيخ سعديرح گلستان ڪتاب ۾ واقعو ذڪر ڪيو آهي، ته ڪن بزرگن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سفر پئي ڪيم. اسان جي پُٺيان ايندڙ هڪڙي ڍونڍي (ننڍڙي ٻيڙي) اونڌي ٿي پئي. ان ۾ چڙهيل ٻه ڀائر هڪڙي ڪُن ۾ وڃي پيا. اسان جي ساٿين مان هڪڙي بزرگ ملاح کي چيو، ته هنن ٻنھي کي سلامت ڪڍي اچُ، ته توکي هرهڪ جي عيوض پنجاھه دينار ڏيندس. ملاح پاڻيءَ ۾ ٽُپي پيو ۽ هنن ٻن مان هڪڙي کي سلامت ڪڍي آيو. ايتري ۾ ٻيو ويچارو ٻُڏي ويو. اُتي مون (سعدي) ملاح کي چيو، ته هن ويچاري جا ڏينھن پُڄي آيا هئا، وڌيڪ عمر نه هيس. ان ڪري تو ان جي ڪڍڻ ۾ دير ڪئي ۽ هن کي اڳ ۾ ئي ڪڍي آئين. ملاح کليو ۽ چيائين، ته توهان جيڪي چيو اهو به صحيح آهي. پر اڃان ٻيو سبب هيو. پڇيومانس اهو ڪھڙو؟ هن چيو، ته هن کي بچائڻ لاءِ منھنجي دل گھڻي ڇڪَ کاڌي. ڇوجو هڪڙي ڀيري ڪنھن رڻ پٽ ۾ پنڌ ڪندي ٿڪجي پيو هوس  ته هي مون کي پنھنجي اُٺ تي چاڙهي وٺي آيو ۽ ٻئي جي هٿان ننڍي هوندي چھبڪُ کاڌو هيم. ملاح جو اهو گفتو  ٻُڌي هيءَ آيت پڙهيم. ترجمو: جيڪو ڪا چڱائي ڪري ٿو، ته پنھنجي لاءِ ٿو ڪري  ۽ ڪا بُرائي ٿو ڪري ته به پنھنجي لاءِ ٿو ڪري.

سياڻن سچ چيو آهي، ته ڪنھن جي دل نه ڏُکاءِ، نه ته تون به ڏُکيو ٿيندين. تون ڪنھن ضرورتمند جي ڪم ايندين، ته سڀاڻي ٻيا به توکي ضرورت وقت ڪم اچي سگھندا. (گلستان)

حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنھ جن جي ولادت 03 شعبان 04 ھجري جنوري 624ع مديني پاڪ ۾ ٿي. ڄمڻ وقت سندن ڪنَ ۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن آذان ۽ اقامت چئي ۽ پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وآله وسلم  سندن نالو حسين رکيو. پاڻ جنت جي نوجوانن جا سردار ۽ عبدالله ڪنيت آھي. حضرت امام حسين رضي الله عنھ ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم ۽ حضرت بيبي فاطمه الزھريٰ رضي الله عنھ ۽ حضرت علي ڪرم الله وجھھ جي پاڪ ھنج ۾ پليا.  حضور اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي ٻنھي شھزادن حضرت امام حسن ۽ حسين رضي الله تعاليٰ عنھما سان تمام گھڻي محبت ھوندي ھئي. سندن باري ۾ ڪيتريون ئي حديثون آھن، جن مان چند ھن ريت پيش ڪجن ٿيون.

1. امام حسن ۽ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنھما جنتي جوانن جا سردار آھن. (ترمذي شريف)

2. حضرت محمّد صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو، ته جيڪو مون سان ۽ ھن ٻنھي (حسن ۽ حسين رضي الله تعاليٰ عنھما) ۽ انھن جي والد حضرت علي ڪرم الله وجھھ سان محبت ڪندو، اھو قيامت جي ڏينھن مون سان گڏ ھوندو ۽ جنت جي ان درجي ۾ ھوندو، جتي مان رھندس. (حديث)

3. جيڪو شخص (حسن، حسين رضي الله تعاليٰ عنھما ۽ حضرت علي ڪرم الله وجھھ)  سان بغض رکندو اھو منافق آھي.

4. حسن ۽ حسين رضي الله تعاليٰ عنھما ٻئي منھنجا پٽ ۽ منھنجا ڏوھٽا آھن ۽ منھنجي لاءِ خوشبوءِ مثل آھن.

5. حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ، يا الله عزوجل مان ھنن ٻنھي (حسن ۽ حسين رضي الله تعاليٰ عنھما سان محبت ڪريان ٿو، تون به انھن سان محبت ڪر ۽ جيڪو انھن سان محبت ڪري. انھن سان به محبت ڪر.

7. ھڪ دفعي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وآلھ وسلم ٻنھي شھزادن کي پنھنجي ڪُلھن مبارڪن تي کڻي وڃي رھيا ھئا، ته رستي تي کين حضرت ابوبڪر (صديقِ اڪبر) رضي الله عنھ مليو ۽ چيائين سبحان الله ڇا ته شاندار سواري آھي، پاڻ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو، اي ابوبڪر سوار به ته ڏس نه، جنھن ھنن سان محبت رکي، اُن مون سان محبت رکي ۽ جنھن انھن سان بغض رکيو، ڄڻ انھن مون سان بغض رکيو.  (ابنِ ماجه حديث 143)

8. ھڪ دفعي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم نماز پڙھي رھيا ھئا، ته ننڍڙو  حسين رضي الله عنھ حضور صلي الله عليھ وسلم جن جي پُٺيءَ مبارڪ تي سوار ٿي ويھي رھيا. پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن ايستائين سجدي مان پنھنجو سِر مبارڪ نه کنيو، جيسين حسين رضي الله عنھ پنھنجي رضا سان ھيٺ نه لٿو.

9. ھڪ دفعي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جڏھن حضرت علي ڪرم الله وجھھ جي گھر آيا ته ڏٺائون، بيبي فاطمه رضي الله تعاليٰ عنھا کي فرمايائون، حسين رضي الله عنھ کي روئڻ نه ڏيندي ڪر. ان سان مون کي تڪليف پھچي ٿي ۽ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم اُن کي کنيائون ۽ پيار ڪيو. حضور صلي الله عليه وآله وسلم  جن پنھنجو لُعاب (دھن) مبارڪ حضرت امام حسين رضي الله عنھ جي وات مبارڪ ۾ ڏئي فرمايائون، ته منھنجي ٻچڙي کي ڪربلا ۾ پياسو شھيد ڪيو ويندو.

حضرت امام حسين رضي الله عنھ اعليٰ نسب ھوندي به بيحد رحم دل ۽ سخي ھئا، ھڪ دفعي پاڻ غريبن سان ماني کائي فرمايائون، بيشڪ الله عزوجل تڪبر وارن کي پسند نٿو ڪري. پاڻ ٻئي ڀيري انھن کي دعوت ڏيئي گھرايو ۽ گھر ۾ جيڪو به کائڻ جو سامان پيل ھو سڀ انھن مسڪينن جي اڳيان رکيو. حسين رضي الله عنھ غريبن ۽ فقيرن سان سُھڻو سلوڪ ڪندا ھئا، غلامن کي آزاد ڪندا ھئا. حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنھ فصاحت ۽ بلاغت، علم ۽ حڪمت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھئا.

حضرت (حسن ۽ حسين رضي الله تعاليٰ عنھما  جي شادي حضرت عمر فاروق رضي الله عنھ خلافت جي دوران ايران جي شھزادين سان ڪرائي ھئي. ٻئي امام، حضرت عثمان رضي الله عنھ جي باغين کان حفاظت جي لاءِ حضرت علي ڪرم الله وجھھ مقرر فرمايا ھئا. امام حسين رضي الله عنھ پنھنجي پيءُ وانگر بھادريءَ ۾ سرِفھرست ھئا. اھا عاشوري 61 ھجريءَ جي قرباني آھي. اسلامي سال جو آخري مھينو به قربانيءَ ۽ پھريون مھينو محرم الحرام به قربانيءَ جو مھينو آھي. حضرت امام حسين رضي الله عنھ  اسلام جي ارتقا کي پنھنجي مبارڪ اکين سان ڏٺو. اسلامي تاريخ جا سمورا شروعاتي واقعه سندن  سامھون ٿيا. 56 ھجريءَ ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي. جڏھن يزيد جھڙي کي ولي عھد بنايو ويو! جيڪو خلافت جي بلڪل لائق اميدوار نه ھو. حضرت امام حسين رضي الله عنھ يزيد جي ھٿ تي بيعت کان انڪار ڪيو ۽ حضورصلي الله عليھ وآلھ وسلم جي مديني کي خون کان بچائڻ لاءِ آلين اکين سان موڪلائي، پنھنجي اھلبيت سان  مديني کان مڪي ڏانھن ھجرت ڪيائون. مڪي ۾ کين ڪوفين جا تقريبن 1200 خط موصول ٿيا ۽ اچڻ جي کين دعوت ڏني. شاھه صاحب فرمايو،

تـــــــون ئـــــــــــي اســــــــان جــــــو شـــــاھه،

ھيڪر ھيڏي آءُ ته تخت تابع تنھنجي.

امام حسين رضي الله عنھ صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ حضرت مسلم بن عقيل رضي الله عنھ پنھنجي سؤٽ کي موڪليو، جنھن سان پھرين ڪوفين گڏجڻ جو وچن ڪيو. پر يزيد جي چتاءَ کان پوءِ ھن کي اڪيلو ڇڏي ڏنائون، ابنِ زياد کين بيدرديءَ سان شھيد ڪرائي ڇڏيو. 02 محرم الحرام 61 ھجريءَ تي امام حسين رضي الله عنھ ڪربلا پھتا. پاڻ فرمايائون، ته ڪوفين جي پيغامن تي ھتي آيو آھيان. پر انھن غداري ڪئي! ھاڻ مون کي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. ابنِ زياد يزيد جي بيعت لاءِ زور ڀريو. جنھن جو امام حسين رضي الله عنھ صاف لفظن ۾ انڪار ڪري ڇڏيو. امام حسين رضي الله عنھ جيڪا امن جي ڪوشش ڪئي، ان کي ظالمن نه قبوليو ۽ حملي جي لاءِ تياري ڪيائون. فرات ندي تي لشڪر بيھاريائون، ته جيئن امامن تائين پاڻي نه پھچي!  09 محرم الحرام تي شمر حملي جو حڪم ڏنو. امام حسين رضي الله عنھ ھڪ رات جي مھلت گُھري ۽ سڄي رات اھلبيت سميت عبادت ۾ گذاريائون. حُر جي شھادت کان پوءِ امام علي اڪبر رضي الله عنھ کان وٺي علي اصغر رضي الله عنھ تائين سڀني ٽن ڏينھن جي اُڃ ۽ بُک برداشت ڪري شھادت جو جام پيتو. امام حسين رضي الله عنھ جو آخر ۾ جڏھن وارو آيو، ته بُکايل شينھن جيان يزيدي لشڪر کي جھنم واصل ڪندا رھيا. نيٺ وچينءَ ويل زخمن کان چُور ٿي زمين تي ڪِري پيا ۽ خداوند جي بارگاھه ۾ سر بسجود ٿيا. شمر جي ھشيءَ تي سندن سِر مبارڪ ڌَڙَ کان ڌار ڪيو ويو.

حضرت امام حسين رضي الله عنھ پنھنجي ناني محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو دين بچايو ۽ حق ۽ باطل جي سڃاڻپ لاءِ جيڪا قرباني ڏني، دنيا جي تاريخ اڄ تائين اھڙي ايثار جو مثال پيش نه ڪري سگھي ۽ نه سگھندي. ڇو ته جيڪڏھن امام حسين رضي الله عنھ اھا قرباني نه ڏين ھا، ته اسلام جي نالي وٺڻ وارو ڪو باقي نه رھي ھا. علامه اقبال فرمايو،

قتل حسین اصل میں مرگ یزید ہے،

اسلام زندہ ہوتا ہے ہرکربلا کے بعد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org