سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آگسٽ  2025ع

باب:

صفحو:3 

جواد الله انصاري /هالا نوان

حديث مبارڪ

عبدالله بن سلام رضه بيان ڪن ٿا، ته جڏهن رسول الله صلي الله عليھ وسلم  جن مديني شريف آيا ته مون پاڻ صلي الله عليھ وسلم جن کان سڀ کان پھرين ڳالھه ٻُڌي اُها هيءَ هئي، اي انسانو! اسلام کي عام ڪريو يعني ڦھلايو کاڌو کارايو، صله رحمي ڪريو يعني مٽي مائٽي جوڙيو ۽ رات جو اُن وقت نماز پڙهندا ڪريو جڏهن ماڻھو سُتل هجن. جيڪڏهن اهي ڪم ڪندا ته جنت ۾ سلامتي سان داخل ٿي ويندا. (سنن ابن ماجه 1334)

فاطمه ملاح ڪنڊيارو

شيخ سعديرح جا حڪمت ڀريا ٻول

·گھڻي ڪاوڙ ڪرڻ سان نفرتون وڌنديون آهن ۽ گھڻي نرمائي رعب وڃائي ويھندي آهي. ان ڪري ايترو سخت نه ٿيءُ جو ماڻھو توکان بيزار ۽ باغي ٿي پوَنِ ۽ ايترو نرم به نه ٿيءُ جو ماڻھو تنھنجي مٿي تي چڙهي وڃن. سياڻن سچ چيو آهي ته سختي ۽ نرمي ٻئي گڏ هجن، جيئن طبيب ڦَٽ کي ٽُڪو به ڏيندو آهي، ته ملَمُ به رکندو آهي.

       ·ٻه ماڻھو ملڪ ۽ دين جا دُشمن آهن، هڪ اهو بادشاهه جيڪو بردبار نه هجي ۽ ٻيو اهو بزرگ جنھن کي علم نه هجي.

       ·برقعي پاتل عورت کي هر هر نه نھار، متان اُن ۾ تنھنجي ماءُ جي به ماءُ هجي.

       ·جيڪو ماڻھو ڪنھن سوال جو جواب سوچي ويچاري نه ڏيندو ان کان غلطيون گھڻيون ٿينديون.

 

ڊاڪٽر رشيده ڀٽي

ڄامشورو

اسڪول جون موڪلون ڪيئن گذارجن

اسلام عليڪم پيارا ٻارؤ! اميد ته جڏهن توھان هي مضمون پڙھي رهيا هوندؤ، ته توهان گرمين جون موڪلون ماڻي رهيا هوندا. توھان سان ان اهم موضوع تي گفتگو ڪندم. ڪجھه پراڻي زماني ۾ گذاريل گرمين جي موڪلن جو احوال ٻُڌايان ٿي ۽ اهم نڪتن تي روشني وجھون ٿا.

پيارا ٻارؤ! دراصل موڪلن جو ٻُڌي، نه صرف ٻار، اُستاد ۽ والدين خوش ٿيندا آھن، پر مِٽ مائٽَ، دوست، ساٿي ۽ سنگت پروگرام ترتيب ڏيندا آھن، ته ڪيئن گڏجي ملاقات ڪجي ۽ ڪيئن گڏجي گھمجي ڦِرجي. اسڪول ۽ اُستادن جي حوالي سان اسان کي پنھنجي ننڍپڻ جو اسڪولي زمانو ضرور ياد ايندو آھي. اسان جي اُستاد صاحبان پڙھايل نصاب جي ڪورس منجھان ڪجھه ضروري ڪم ڪار جي صورت ۾ ضرور ڏيندا هئا. ان ڪم جي لاءِ الڳ الڳ ڪاپيون وٺبيون هيون ۽ انھن تي الڳ الڳ تاريخ لڳائي ڪم ڪيو ويندو هو. ان ڪم ڪرڻ سان ٻارن ۽ والدين کي ڪو اعتراض نه ٿيندو هو. ڇو ته ائين گھمڻ ڦرڻ جي پروگرام کان پوءِ گھر ۾ ڪجھه وقت پڙھائي کي ڏيڻ لازمي هوندو هو. جنھن کي اڄ جي ترقي يافته دؤر ۾ بلڪل صحي به سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته ائين ڪرڻ سان فائدو گھڻو ۽ نقصان به نه هو. روزانو هڪ صفحو صورتخطي لکڻ سان، اکر نه صرف سُٺا ۽ سُھڻا ٿيندا هئا پر گڏوگڏ ڪجھه جملا ۽ اصطلاح به نصيحت آميز ياد ٿي ويندا هئا.

اُستاد صاحبان پڙھائي سان گڏوگڏ ڪجھه غير نصابي ڪم، جھڙوڪ مٽيءَ منجھان ننڍڙا ننڍڙا ٿانوَ، ميوا، ڀاڄيون، ننڍڙا ننڍڙا گھر، جن کي سُڪائڻ بعد رنگ ڪيو ويندو هو. ساڳيءَ ريت ڇوڪرين کي هٿ جي  هنر ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ ڪجھه سُئيءَ سڳي جو ڪم، جھڙوڪ بٽڻ لڳائڻ ۽ ڀرت ڀرڻ وغيره. ننڍڙا ننڍڙا ڪپڙا سبڻ جو ڪم جنھن کي باقائده طور تي ڪاپيءَ منجھه لڳائي، اُستاد کي ڏيکاريو ويندو هو. اھڙا ڪم هوم اڪنامڪس جي پيرڊ ۾ ڇوڪرين کان ڪرايا ويندا هئا. گڏوگڏ مصوري سان چاھه وڌرائڻ لاءِ پڻ ننڍيون ننڍيون تصويرون ٺاھڻ ۽ رنگ ڪرڻ وغيره به شامل هونديون هيون.

پيارا ٻارؤ! ان اسڪولي ڪم سان گڏوگڏ ننڍڙا ٻارڙا، والدين سان گڏ گھمڻ ڦرڻ جو پروگرام ترتيب ڏيندا هئا. اسان پاڻ پنھنجي امڙ سان گڏجي ناناڻي ۽ ماسيءَ جن وٽ مھيني کن لاءِ گھمڻ ويندا هئاسين. ٻارؤ! نه صرف گھمڻ ڦرڻ جا پروگرام ٺاھيو، پر گڏوگڏ ڪجھه وقت باغباني کي به ڏيڻ گھرجي. جيڪڏهن گھر اندر ننڍڙو باغيچو آھي، ته ان ۾ ڪجھه گُلن ۽ ٻُوٽن جي سار سنڀال لھڻ گھرجي. نه ته پوءِ اسان ڪونڊيون وٺي، انھن ۾ گُل ٻُوٽا پوکي انھن جي سار سنڀال لھي سگھون ٿا.

اڄ جي جديد دؤر ۾ پڻ دنيا ۾ ھر جڳھه تي اسڪولن ۾ اُستاد شاگردن کي باغباني جي سمجھاڻي ڏيڻ لاءِ ذاتي مشاھدو ڪرڻ خاطر انھن کي ڪجھه ڏينھن اسڪول ۾ گرمين جا ڪلاس (Summer Classes) مرتب ڏيڻ لاءِ ٻارن کي اسڪول ۾ گھرائي مشاھدو ڪرائين ٿا ۽ کين خود پنھنجي هٿن سان ڪم ڪرڻ جي سکيا ۽ ترغيب ڏين ٿا. نه صرف باغباني جو شوق وڌي ٿو، پر ٻارن جي ذھني صلاحيتن سان گڏوگڏ جسماني ورزش  به ٿي وڃي ٿي. ٻار پنھنجو ڪم پاڻ ڪرڻ سان پنھنجي پاڻ کي چُست ۽ چاق و چوبند رکي سگھن ٿا. موڪلن جا ڪجھه ڏينھن ٻارن کي اسڪول ۾ گھرائي ڪجھه نه ڪجھه ضرور سيکارڻ گھرجي. باغبانيءَ سان گڏوگڏ اسڪول لائبريري ۾ وڃي ڪتابن جي صاف سُٿرائي واري ڪم سان گڏوگڏ ٻارن کي ڪتابن  جي  اُٿلائڻ پٿلائڻ سان کين  خبر پوندي، ته ڪھڙو ڪتاب ڪٿي رکيل آھي ۽ ڪھڙو ڪتاب سندن مزاج مطابق آھي. ائين ڪرڻ سان منجھن ڪتاب پڙھڻ جي دلچسپي ۽ شوق وڌندو. هر مختلف ڪم ڪرڻ لاءِ ٿورو ٿورو وقت مھيا ڪري ڏيڻ سان ٻارن جي دلچسپي به برقرار رھي ٿي. ٻارن کي نون جديد سائنسي اوزارن جي ڄاڻ ملي ٿي. والدين ۽ اُستادن جو اهو فرض آھي، ته پنھنجن ٻارن سان پنھنجو وقت سُٺي ۽ سُھڻي طريقي سان اھڙي نموني گذارين، جيئن ٻار اڄ جي موجوده حالات سان پڻ واقف ٿي سگھن. نيون نيون ايجادون ٻارن جي زندگيءَ ۾ اھڙي ته مثبت طريقي سان شامل ڪجن، ته جيئن ننڍڙا ٻارڙا انھن منجھان سُٺو فائدو حاصل ڪري سگھن. مثال طور، اسڪولن ۾ سائنسي ليباريٽري ان سلسلي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي. ته وري گھر ۾ اڄ ڪلھه جي تقاضا موجب ڪمپيوٽر ۽ ٻيا نيٽورڪ سان لاڳاپيل جديد ٽيبليٽ ۽ سمارٽ فون وغيره. مطلب ته هر ايجاد جو ڪو نه ڪو مثبت پھلو ضرور هوندو آھي ۽ اسان کي گھرجي، ته وڏن جي چوڻ جي مطابق روز مرهه  جي زندگيءَ کي گذاريون ۽ ڪاميابين ڏانھن قدم وڌايون. حاصل مطلب اهو آھي، ته ننڍڙن ٻارن توڙي،  اھي پرائمري جا هجن يا هاءِ اسڪول جا يا وري ڪاليج ۾ پڙھندڙ ھجن، ھر ٻار لاءِ لازم آھي، ته اھي پنھنجي زندگيءَ کي ڪجھه ضروري اصولن تحت گذارين جن مان ڪجھه هيٺ ڏجن ٿا.

اهم نڪتا

       ·ٻارن کي باغباني جي ترغيب ڏيڻ.

       ·نون جديد اوزارن ۽ نئين مشينن سان متعارف ڪرائڻ.

       ·نوان نوان هنر سيکارڻ، گڏوگڏ پراڻي هنر مان روزانو ڪجھه سکيا ڏيڻ.

       ·والدين ۽ اُستادن کي ٻارن سان گڏ ڪجھه وقت گذارڻ.

       ·کيڏڻ ڪُڏڻ لاءِ ڪجھه وقت مقرر ڪرڻ ۽ ان ۾ مدد ڪرڻ.

       ·ٻارڙن کي صحتمند رکڻ لاءِ صحت بخش غذا مھيا ڪرڻ.

               ·انھن کي ڪجھه وقت ذھني ڪم جي لاءِ ڏجي ته وري ڪجھه وقت جسماني ورزش وغيره ڪرائڻ لاءِ.

       ·جيڪڏھن گھر ۾ فارغ ويھن، ته ان وقت گذريل ڏينھن جي روئداد، جيڪو وهيو واپريو تنھن کي پنھنجي نقطهء نظر مطابق هڪ اهڙي جنرل بڪ تي ويھي قلمبند ڪرڻ، جيئن اهي ڳالھيون سندن لاءِ يادداشت جو ڪم ادا ڪري سگھن. ائين ڪرڻ سان ٻارن ۾ نثر ۾ مضمون نويسي جي عادت به پوندي ۽ سندن يادداشت به مضبوط ٿيندي

       ·جتي گھمڻ ڦرڻ وڃن اتان جو مختصر ۽ ڪڏهن ڪڏهن تفصيلي احوال قلمبند ڪرڻ جي عادت ضرور هجڻ گھرجي.

پيارا ٻارؤ! اڄ ڪلھه جي دنيا جديد ٽيڪنالاجيءَ تي مشتمل آھي. روزاني جي بنياد تي سائنسي ايجادات سان گڏ، ڪمپيوٽر، نيٽورڪ ۽ ڊجيٽل نيٽورڪ تمام تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آھي. ان لاءِ ٻارڙن جي ذھني نشونما به سائنسي بنيادن تي ڪرڻ تمام لازمي بڻجي ويو آهي.

مستقيم محمد علي ڪوريجو

ڪراچي

سنڌي ادب جا مختصر سوال جواب

سوال: شاھ صاحب ڪھڙي دؤر جو شاعر هو؟

جواب: ڪلھوڙن جي دؤر جو.

سوال: قاضي قادن ڪڏهن ڄائو؟

جواب:1445ع ۽ 870هه بکر ۾ ڄائو.

سوال: شاھه عبدالڪريم جي والد جو نالو ڇا هو؟

جواب: سيد لعل محمد شاھه.

سوال: لھر لھر دريا ڪنھن  جي شاعري جو مجموعو آهي؟

جواب: استاد بخاري.

سوال:  شاھه جو گنج ڪنھن ترتيب ڏنو؟

جواب: محمد قاسم راهمون.

سوال: شاھه سائين ڪيتري ڄمار ۾ وفات ڪئي؟

جواب: 63 ورهين هي ڄمار ۾.

سوال: شاھه جي رسالي جو سڀ کان پھريان اردو ترجمو ڪنھن ڪيو؟

جواب: شيخ اياز 16 جنوري 1962ع ۾.

سوال: جنت السند ڪنھن لکيو؟

جواب: رحيمداد خان مولائي شيدائي.

سوال: سچل سرمست ڪڏهن وفات ڪري ويو؟

جواب: 11 اپريل 1927ع مطابق 14 رمضان المبارڪ 1242هه ۾.

سوال: مير معصوم شاھه جو اصل نالو ڇا هو؟

جواب:  سيد نظام الدين.


 

سنڌ اها خوشنصيب ڌرتي آهي، جيڪا هميشه عظيم ماڻھن کي جنم ڏيندي رهي ٿي. انھن مان اڪبر جسڪاڻي به هڪ آهي. جنھن پنھنجي زندگي سنڌ جي ٻارن جي نانءُ ڪري ڇڏي. هن هر موڙ تي ٻالڪن جي حقن جي ڳالھه چئي. ٻارن جون دليون کٽي ورتيون. اڪبر جسڪاڻي سڌو سنئون، سادو ۽ دل جو صاف ماڻھو هو. ان کي ڪوڙ ڳالھائڻ ايندو ئي ڪونه هو. هن جي سُھڻين سُھڻين لکڻين ۾ سچائي جا عڪس نظر اچن ٿا. هن سنڌي ٻاراڻي ادب کي سگھارو بنائڻ لاءِ سڄي عمر ٻارن لاءِ خوب لکيو. اڪبر جسڪاڻي ماهوار گُل ڦُل رسالي کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ گُل ڦُل رسالي ۾ نوان گل، رنگ چٽي ۽ ان کي خوبصورت بڻائي، سنڌ جي ٻارن تائين پھچايو. هن هميشه حق سچ لکيو ۽ پنھنجي ضمير جي سوديبازي ڪڏهن به نه ڪئي. تڏهن ته سنڌ جي پياري شاعر ابراهيم منشي اڪبر جسڪاڻي جھڙن عظيم ڪردارن لاءِ لکي ٿو ته،

جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو،

هرڪو پنھنجي اگھه اگھاڻو،

جيڪو ماڻھو ڪِين وڪاڻو،

سوئي ماڻھو موتي داڻو.

(ابراهيم منشي)

اڪبر جسڪاڻي پيار، پريت ۽ سونھن جو پوئلڳ هو. اهو سنڌي ٻاراڻي ادب جو اڪيڊمي هو. هن سنڌ جي ٻارن جي جياپي لاءِ پنھنجي زندگي ارپي ڇڏي. اڪبر جسڪاڻي جيڪي ٻارن لاءِ گيت، نظم ۽ بيت لکيا آهن. اهي اڄ به سنڌ جي جھرجھنگ ۾ گُونجي رهيا آهن. جڏهن ته ڪاڇي جي مشھور شاعر طالب لغاري جو اڪبر جسڪاڻي بابت چوڻ آهي، ته اڪبر فقيري طبيعت جو مالڪ هو. جنھن ۾ وڙ وڪڙ ڪونه هئا. هو ڪاڇي سان گڏ جوهي جي به سُڃاڻ هو. ان سنڌ ۽ ڪاڇي جي ٻارن ۾ علمي ۽ ادبي شعور آندو. ان جا فڪري شاگرد اڄ به سٺو لکن ٿا. هو سنڌ جي سمورن ماڻھن کي ڏاڍو پيارو هو. جنھن کي هن وقت به ٻار ياد ڪن ٿا. اڪبر جسڪاڻي کي پنھنجي ڌرتيءَ سان بيحد محبت هئي. انھيءَ سنڌي قوم جي مظلوم ٻارن جا ڏک ۽ درد پنھنجا سمجھي پنھنجن لکڻين ۾ انھن ڏکن، دردن کي چٽو ڪيو. تڏهن ته هڪ هنڌ سنڌ جي عوامي شاعر اُستاد بخاري اڪبر جسڪاڻي جھڙن قوم سان محبت ڪندڙ ماڻھن لاءِ لکي ٿو ته،

جو قوم جيئاري اهو جيئندو رهندو،

جو عام اُجاري اهو جيئندو رهندو،

مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،

جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.

 (اُستاد بخاري)

اڪبر جسڪاڻي جي ٻاراڻين ڪھاڻين ۾ حقيقت سمايل آهي. هو سنڌي ٻارن جو سرواڻ هو، جنھن ڪافي ٻارن جي ادبي تربيت ڪري انھن کي ادبي دنيا ۾ آندو. هن سنڌي ٻاراڻي ادب جي تحفظ لاءِ تمام گھڻي جدوجھد ڪندي، الائي ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪيون. اڪبر کي تاريخ ڪڏهن به وساريندي ڪانه. هو اڄ به سنڌ جي هزارن ٻارن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ رهندو. اڪبر جسڪاڻي انسان دوست ۽ امن پسند تخليقار هو. سندس ڏات ۽ ڏانءُ سان ٻار اڳتي وڌي سگھن ٿا. هن جي دوستي صرف سادڙن ۽ پيرن اُگھاڙن ٻالڪن سان هوندي هئي. هو هميشه ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو هو. جنھن کي اسين ڪڏهن به وساري نٿا سگھون. اڪبر جسڪاڻي جي هن وقت سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ کوٽ محسوس ٿئي ٿي. اهو راتيون ويھي ٿر، ڪاڇي، لاڙ، اُتر جي ٻالڪن لاءِ اصلاحي ڪھاڻيون، مضمون ۽ شاعري لکندو هو. اڄ تاريخ 13 آگسٽ 2025ع تي ماهوار گُل ڦُل رسالي جي اڳوڻي ايڊيٽر اڪبر جسڪاڻي جي ’26 هين ورسي جي مناسبت سان سندس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هي مضمون لکيو آهي.

محمد باسط ٽاٽڙي

شاهين پبلڪ اسڪول ٽاٽڙي لاڙڪاڻو

سياڻن سچ چيو آهي

       ·حڪمران جڏھن پنھنجي جان جي حفاظت کي ترجيح ڏيڻ لڳن، ته اھي ملڪ ۽ قوم جي آبروءَ جي حفاظت جي قابل ناهن رهندا.

(سلطان صلاح الدين ايوبي)

       ·مان سڀ ڪنھن کي راضي ڪري سگھان ٿو، پر حاسد کي نه. ڇو ته ان کي خدا جي تقسيم تي اعتراض ھوندو آھي.

(شيخ سعدي رح)

       ·مون کي ڪابه پرواھه ناهي، توھان جي الزامن جي يا توھان جي مڃتا جي. منھنجي زندگيءَ جو مقصد فقط منھنجو وطن ۽ وطن واسين کي غلامي مان نجات ڏيارڻ آھي. آءٌ غلط يا صحي آھيان، ان جو فيصلو تاريخ ڪندي.

(فيڊرل ڪاسترو)

       ·توھان جو ايترو چوڻ ڪافي ناهي هوندو، ته آءٌ توهان جو ڀاءُ آھيان. ايترو به ٻڌائيندا ڪريو ته ڪھڙو ڀاءُ....... ھابيل يا قابيل.

(ترڪيءَ جي چوڻي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org