|




فردوس علوي ڪلاس
گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول هالا نيو
پاڪستان زنده آباد
14 آگسٽ پاڪستان جي
آزاديءَ جو ڏينهن
سريش لال ڪلاس ڇهون
شاهه مردان شاهه پبلڪ اسڪول سنڌڙي/ميرپورخاص
سُٺو شاگرد
هڪ ڳوٺ ۾ گلاب نالي هڪ ڇوڪرو رهندو هو، جيڪو نائين
درجي ۾ پڙهندو هو. گلاب پنھنجي مٽن مائٽن ۽ وڏڙن
جي گھڻي عزت ڪندو ھو ۽ ننڍڙن ٻارڙن سان بي پناھ
پيار ڪندو ھو. گلاب پنھنجي ھر ڪم کي نئين انداز
سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. سندس اھا ڳالھه سڀني کي
وڻندي هئي. الله پاڪ کيس انيڪ خوبين سان نوازيو
هو. هڪ ڏينھن گلاب اسڪول نه آيو، جڏهن ٻيو ڏينھن
ٿيو ۽ ھو اسڪول پھتو، ته سڀني شاگردن کيس سلام
ڪيو، حال احوال ڪندي سندس ڪلاس جي شاگردن گلاب کان
پڇيو، ته گلاب اوهان ڪالھه اسڪول نه آيا؟
گلاب ڪوبه جواب نه ڏنو. ته ٻارڙن پنھنجي ڳالھه
ٻيھر ورجائيندي پڇيو،
”گلاب
توکي خبر آهي ته، سائين خالد اسان کي ڪالھه کوڙ
ساريون نصحيت ڀريون ڳالھيون ٻُڌايون، ۽ اسان تي
انھن ڳالھين جو وڏو اثر ٿيو آهي.“
گلاب سڀني ٻارن جي منھن ۾ نھاريو ۽ پوءِ پنھنجي
دوست ڪيلاش کان پڇا ڪيائين، ڪيلاش ۽ گلاب هڪ ئي
ڪلاس جا شاگرد ۽ پاڻ ۾ سُٺا دوست به ھئا.
”ڪيلاش
ڇا ڪالھه اوهان به ڪلاس ۾ موجود هئا؟ ۽ توھان
سائين خالد جون ڳالھيون ٻڌيون“
ڪيلاش ڪنڌ لوڏيندي چيو،
”ها
گلاب، مون کان ته سائين خالد جون ٻُڌايل ڳالھيون
اڃان نٿيون وسرن، اهي ته هر گھڙيءَ دماغ ۾ پيون
هلن!“
اڇا! گلاب غور سان ڪلاس جي ٻين شاگردن ڏانھن
نھاريندي چيو،
”ڀلا
سائين خالد جي ڳالھين جو موضوع ڪھڙو هو؟“
گلاب جو اهو سوال سڀني ٻارن کي اهم لڳو. پر ان جو
ڪنھن به جواب نه ڏنو ۽ سڀئي ٻار گلاب کي ڪالھوڪي
موڪل تي کيس تنگ ڪرڻ لڳا، پوءِ ڪلاس جي هڪ ذهين
شاگردياڻي نمرتا چيو،
”سائين
خالد نصيحتن ڀريون جيڪي ڳالھيون ٻُڌايون، ان مان
ٻولي ۽ آرٽ اهم موضوع هئا. سائين ٻين جي خدمت جھڙي
عظيم جذبي ۽ جديد
”سائنسي
علم“
ان کان سواءِ جنھن موضوع کي عنوان طور سائين خالد
بورڊ تي لکيو، سو ته هو،
”سٺو
شاگرد“
سائين چيو، ته هڪ سٺو شاگرد ڪيئن ھئڻ گھرجي؟“
شاگردن جون پاڻ ۾ ڳالھيون اڃان هلي رهيون هيون،
تيستائين اوچتو اسڪول جي اسيمبليءَ جو گھنڊ وڳو ۽
سڀئي شاگرد اسيمبليءَ لاءِ روانا ٿيا. پوءِ
اسيمبلي جيئن ختم ٿي، ته هر هڪ ڪلاس جا شاگرد قطار
ٺاهي، پنھنجي پنھنجي
ڪلاسن
ڏانھن ھليا ويا، جڏھن سائين خالد ڪلاس ۾ پھتو ته،
سڀني شاگردن سائينءَ کي سلام ڪيو، استاد ٻارن کي
ويھڻ لاءِ چيو پر گلاب پنھنجي جاءِ تي نه ويٺو،
گلاب پنھنجي استاد خالد کي مخاطب ٿيندي چيو، ته
سائين ڪالھه اوهان ڪلاس ۾ ڪھڙيون ڳالھيون ٻُڌايون
آهن؟ سائين خالد جي نظر جيئن گلاب تي پئي، ته
سائين خالد چيو، گلاب بابا اهو ڇڏ تون پاڻ ٻڌاءِ
ته ڪالھه اسڪول ڇو نه آئين؟ گلاب آهستگيءَ سان ۽
ادب وچان وراڻيو،
”سائين
آئون ڪالھه صبح اسڪول ئي اچي رهيو هئس ته، مون ڏٺو
هڪ ٻارڙي کي رستو پار ڪندي گاڏي لڳي وئي، ۽ ان جو
چڱو ڀلو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو هو.“
اڇا! سائين خالد افسوس منجھان چيو!
”جي
ها سائين. هن جو رت جام هلي چڪو هو. مون ڪجھه
ماڻھن جي مدد سان کيس ڀر واري اسپتال ۾ پھچايو ۽
پوءِ ان ڇوڪري جا والدين اسپتال ۾ اچي ويا، جن مون
کي جام ساريون دعائون ڏنيون. اھو ئي سبب ھو،
جنھنڪري آئون ڪالھه اسڪول نه اچي سگھيس.“
گلاب جيئن ئي پنھنجي ڳالھه ختم ڪئي، ته سائين خالد
گلاب کي ڪلاس جي سڀني ٻارن جي سامھون گھرائي چيو،
ان کي ئي ته چئبو آهي
”سٺو
شاگرد“
۽ پوءِ سموري ڪلاس ۾ ڪافي دير تاڙين جا آواز
گُونجندا رھيا.
***
محمد ياسين
همت بندا مددِ خدا
هي ڪھاڻي ٻن دوستن جي آهي. جنھن مان هڪ دوست جو
نالو سجاد ۽ ٻئي جو نالو ساجد هو. هڪ دوست محنتي
هو، ته وري ٻيو دوست سُست هوندو هو. ساجد گھڻي
محنت ڪندو هو پر سجاد ان جي برڳڪس هو. هڪ ڏنھن ٻئي
اسڪول مان نڪري گھر وڦي رهيا هئا ساجد سجاد کي چيو
ته ڏي خڀر تون پڙهندو آهين يا نه. سجاد وراڻو ڏيئي
چوي ٿو ته اڇان ته هفتو پيو آهي پيپرن ۾ . دراصل
هنن جا پڪا پيپر هئا. ساجد جڏهن به چوندو هو ته ڇا
تون پيپرن جي تياري ڪرين پيو. ته سجاد جو جواب
هوندو ههو ته اڃا ڪجھه ڏينھن پيا آهن پيپرن ۾. نيٺ
آخرڪار پيپرن جو ڏينھن به اچي ويو ته ساجد سجاد
کان پڇي ٿو ته پيپر ياد اٿئي؟
سجاد شرمندو ٿي ڪري جواب ۾ چئي ٿو ته نه. ساجد چوي
ٿو، ته جيڪو ٿيو سو ٿيو هاڻي کان پاڻ ٻيئي گڏ محنت
ڪريون ٿا. اهو ٻُڌي سجاد خوش ٿي وڃي ٿو۽ ٻئي دوست
گڏ محنت ڪري پڙهندا لکندا هئا.
پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو
ته اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ڇڏڻ نه گھرجي ۽ سُستي نه ڪرڻ
گھرجي. محنت ڪري پڙهڻ ۽ لکڻ گھرجي ته ڪاميابي ربّ
پاڻھي عطا فرمائيندو.
|